سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 18

(٩٢)

مير شير محمد خان جو فوجي مدد لاءِ قنڌار وڃڻ ۽ ناڪام ٿي واپس اچڻ:

سنڌ ۾ انگريزن ھٿان شڪست کائڻ کان پوءِ مير شير محمد خان ١٢٥٩ھھ (١٨٤٣ع) ۾ قنڌار ھليو ويو. احمد خان لغاري پنھنجي ماڻھن سميت ڪوھستان وڃي مري بلوچن وٽ رھيو. مير شير محمد خان قنڌار پھتو تھ سردارن ھن جي ڏاڍي پذيرائي ڪئي ۽ کيس وڏو مان ڏنائون.(1)

مير صاحب لشڪر جي مدد لاءِ قنڌار جي سردارن سان بروقت ڪوئيٽھ پھچڻ تي ٻن ٽن لکن رپين ڏيڻ جي آڇ ڪئي.

سردارن اھا سڄي حقيقت امير دوست محمد خان ڏانھن لکي موڪلي ۽ کانئس صلاح ورتائون تھ مير صاحب کي پنھنجي پاران منھن ڏيڻ لاءِ اوھان جو ڪھڙو خيال آھي؟

امير دوست محمد خان جواب ڏنو تھ: اوھان کي ان ڳالھھ کان باز اچڻ کپي، ڇو تھ ڪن سببن ڪري اوھان جي اھا مدد مناسب ڪانھ ٿيندي، وڌيڪ اوھان جي رضا ۽ راءِ تي ڇڏيل آھي. امير دوست محمد خان جي انھيءَ چتاءُ کان پوءِ سردارن فوجي مدد کان لنوائڻ جي ڪئي، پر مير صاحب کي ظاھري طرح آسري ۾ رکندا آيا، انھيءَ ارادي سان تھ جيئن مير صاحب وٽان ڏوڪڙ ھٿ ڪري پنھنجو ار ڀرين! آخرڪار  سردار ڪھندل خان جي پٽ کي ٿورو لشڪر ڏئي ڪوئيٽھ روانو ڪيو ويو، انھيءَ آسري تي تھ جيڪڏھن واقعي مير شير محمد خان کان ڏوڪڙن جو بندوبست ٿيو تھ لشڪر گڏ ڪري ڏانھس موڪليو ويندو.

سردار ڪھندل خان جو پٽ پشين پھتو تھ وري اچي بارش پوڻ لڳي. اھڙو زور ڏيکاريائين، جو ڪوئيٽھ تائين وڃڻ جي واھھ ڪانھ رھي(1). ھيءُ ڪيترا ڏينھن اتي رھي پيو، پر مير صاحب وٽان ڏوڪڙن اچڻ جو ڪو امڪان ڏسڻ ۾ نھ آيو.

نيٺ اچي تنگ ٿيو ۽ پنھنجي پيءُ سردار ڪھندل خان ڏانھن پيغام موڪليائين تھ مير شير محمد خان جو ڪو پار پتو نٿو ملي، نھ وري اھڙي حالت ۾ پئسن ملڻ جو ڪو آسرو سجھي ٿو، ھاڻ ڇا ڪرڻ کپي؟ سردار ڪھندل خان خط لکي پٽ کي پشين مان واپس گھرائي ورتو. مير شير محمد خان کاڻ جي قلعي مان روانو ٿي، اڇٽ ۽ ڦلجي پاسي ويو، جتي وري لشڪر گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھتي سردار سمندر خان جو پٽ محمد صديق خان اچي ساڻس گڏيو. ھاڻ ھنن صلاح ڪئي تھ خانڳڙھھ (جيڪب آباد) پھچي، انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي ڪاھھ ڪجي. انھيءَ دوران بجار خان ڊومبڪيءَ جو پٽ وزير خان پنج سو سوارن سان تاريخ ٢٨- جمادي الاول ١٢٦٠ھھ مطابق ١٦- جون ١٨٤٤ع تي پنھنجي منھن خانڳڙھھ جي پسگردائي ۾ پھچي، فوج جي گاھين (گھوڙن لاءِ گاھھ لڻندڙن) ۽ سوارن کي، جيڪي گاھھ پٺي لڻڻ جي سانگي نڪتل ھئا، تين سڀني (ستر ڄڻن) کي قتل ڪري سندن گھوڙا ۽ ٻيو سامان قبضي ڪري آيو.

انگريزن جي فوج، جيڪا خانڳڙھھ (جيڪب آباد) جي ڇانوڻيءَ ۾ موجود ھئي، تنھن بجار خان ڊومبڪيءَ جو پيڇو ڪونھ ڪيو، پر اھو ڪم دلمراد خان کوسي تي رکيائون، جنھن وڃي انگريزن جي فوجين جا لاش دفنايا.

انھيءَ واقعي کان پوءِ وري ساڳي جمادي الثاني جي چوڏھين تاريخ پنج سو بلوچن جو لشڪر اچي محال روپاھھ ۾ پيو، جن ميانجي ڳوٺ کان وڍي ٺل تائين ساري آبادي جي غريبن کان مال متاع لٽي ڦري ويچارن کي ڀينگ ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن ھمت ڪري پاڻ ۾ گڏجي، ڦورن جو پيڇو ڪيو ۽ ٿورو گھڻو مال (ڍور ڍڳا) انھن کان واپس ڪرائي آيا. واٽ تي انگريزن جا فوجي اچي ھنن جي مٿان پيا، جن لٽيو – لٽيو جا واڪا ڪندي غريبن کي قتل ڪيو ۽ سندن مال ڪاھي ويا. پوءِ پتو پيو تھ ٻھ سو ويھھ غريب ماڻھو انگريزن جي فوج ماري ڇڏيا آھن.

غريبن ويچارن کي ھڪ پاسي پنھنجي ملڪي لٽيرن ڦريو ماريو تھ ٻئي طرف وري انگريز فوجين کين قتل ڪري سندن مال لٽي ڦري، پنھنجي عدل انصاف جو ثبوت پيش ڪيو. انگريزن بھادر اھا واھھ جي بھادري ۽ غريب پروري ڪري ڏيکاري.

ان لاءِ سکر جي عدالت ۾ مقدمو پيش ڪيو. پر غريبن کي ڪجھھ بھ پلي نھ پيو، ويچارا ڪڙمي ڪاسبي مفت ۾ ضايع ٿي ويا.(1) مير شير محمد خان ڪي ڏھاڙا ڇٽ ۽ ڦلجي ۾ رھي اندازو لڳايو تھ ھن حالت ۾ فوج جي قلت ۽ ڏوڪڙن جي اڻ ھوندي جي ڪري جنگ جو سوال پيدا ٿيڻ مشڪل آھي، ان ڪري واپس کاڻ جي قلعي ۾ آيو. ڪو وقت اتي ترسي پيو. ايتري ۾ مير صاحب جي ڀاءُ مير شاھھ محمد خان، جيڪو بمبئي ۾ نظر بند ھو، تنھن کي انگريزن آزاد ڪري ڇڏيو. مير صاحب لاھور وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.

احمد خان لغاري ڪوھستان مان نڪري بھاولپور جي والي نواب بھاول خان جي حد ۾ داخل ٿيو. مير صاحب کي ڏاڍيون تڪليفون درپيش آيون. ٻھ دفعا سندس سامان ساڙيو ويو. سندس دربدرائي الڳ ٿي. پڇاڙيءَ ۾ سڀ آس پلي، انگريزن کي عريضيون لکي سنڌ ۾ رھڻ جي اجازت وٺي گوشھ نشين ٿي ويو.

سنڌ جا ٻيا مير، جيڪي اڃا انگريزن وٽ نظر بند ھئا، تن بھ وطن واپس ورڻ لاءِ حيلا ھلايا تھ جيئن نظربنديءَ مان نڪري سرڪاري وظيفن تي پنھنجي ماڳ پھچي وقت گذارين، پر اڃا تائين تھ ڪجھھ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ماڻھن ۾ ڪيئي ھاواڻا (افواھھ) پيا ملن تھ خبر ناھي ميرن کي اڃا ڇو نظربند ڪري رکيو ويو آھي.(1)

*


 

(٩٣)

مير علي مراد خان پاران انگريز سرڪار جون خدمتون سرانجام ڏيڻ، ان جي بدلي ۾ اھوئي کيس حاصل ٿيڻ تھ: جنھن ظالم جي مدد ڪئي، خدا تنھن ظالم کي ان تي ئي مڙھيو:

انگريزن جڏھن خراسان /افغانستان فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اچي پير پاتو تھ مير علي مراد خان ساڻس پنھنجي دوستي ۽ وفاداري ثابت ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو. سندن لاءِ ھر قسم جي رضا جوئي ۽ خيرانديشي جا جتن ڪندو رھيو. اھا ڳالھھ بلوچ اميرن ۽ رئيسن کي ڪانھ ٿي وڻي، جنھن ڪري ھو ان تي ناراض ٿيندا پئي رھيا.(1) ڪيترن تھ ان تي اعتراض بھ ٿي ڪيو تھ انگريزن جي دوستيءَ جا گل بيوفائي جي خزان کان خالي نھ آھن.

مير صاحب انھن کي گھڻو ئي سمجھايو تھ انگريزن سان دوستي رکڻ ڪري فتنا فساد ختم ٿي ويندا، انھيءَ ۾ ئي پنھنجي ڀلائي آھي تھ انگريزن سان رھائڻ کپي، جيئن ڪوبھ اندريون يا ٻاھريون وڳوڙ پيدا نھ ٿي سگھي، پر جي ڪا اھڙي ڳالھھ ٿئي بھ تھ انگريزن جي مدد سان انھيءَ کي منھن ڏئي سگھجي. پر ھنن تي انھيءَ صلاح ۽ نصيحت جو ڪو خاص اثر نھ ٿيو.

آخرڪار انگريزن جي دوستي پڌري ٿي پئي ۽ ميرن کي اھي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا، جن جو ڪو تصور ئي ڪري نٿي سگھيو. ھنن مان ڪي جنگ ۾ شڪست کائي ڀڳا تھ ڪن کي قيد ڪري سنڌ کان ٻاھر ڪڍي پرديس ۾ نظربند ڪيو ويو، جتي ھو سنڌ جي وڻن ڏسڻ لاءِ سڪندا رھيا. مير علي مراد خان پنھنجي عادت کان مجبور انگريزن جي خدمت چاڪري ڪندو آيو، جيئن اھي ھر حال ۾ راضي رھندا اچن. ھن پھريان اھو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو، جو مير شير محمد خان جڏھن انگريزن سان نئين سر جنگ جوٽڻ لاءِ لشڪر گڏائي رھيو ھو. جيتوڻيڪ کيس ڪاميابيءَ جي ڪا اميد نھ ھئي تھ بھ سندس ھمت تي آفرين ھجي جو وري بھ انگريز جھڙي جبل سان ٽڪر کائڻ جا سانباھا ڪندو رھيو! پر مير علي مراد خان پنھنجي حرفت سان انگريزن جي وفاداري جو قسم کڻي وڃي، مير شير محمد خان جي ڏاڏي مير احمد خان سان مليو. ان جي وسيلي جيڪي جنگي جوڌا مير شير محمد خان جا ساٿاري ھئا، تن کي عھدن ۽ ملازمتن جي آسري پاڻ ڏانھن ڪري وڌائين. مير شير محمد خان جڏھن اھا صورتحال ڏٺي تھ پنھنجن جي سورن کان جنگ جي پچر ڇڏي فرار ٿيڻ  تي مجبور ٿيو.

مير شير محمد خان کي مات ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي تھ محمد علي خان اوڀر ۾ اڀي(1) واري علائقي طرف شورش ڪري اٿيو آھي ۽ سنڌ ڏانھن اچڻ جي ڪوشش پيو ڪري، تھ جيئن انگريزن جي خلاف نئين سر ڪو طوفان کڙو ڪيو وڃي.

مير علي مراد خان جو عام مختار شيخ علي حسن، جيڪو اڀي ۾ ھن جي پاران مامور ھو، محمد علي خان جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو. ٻنھي پاسن کان چڪري لڳي، جنھن ۾ ڪيئي ماڻھو قتل ٿي ويا. مير علي مراد خان سان خبر پوڻ تي پنھنجي سر اڀي ڏانھن ڪاھي ويو ۽ وڃي محمد علي خان مقابلو ڪيائين ۽ اتان فتحمند ٿي واپس وريو. اھڙيءَ ريت مير موصوف ھر ھنڌ ڪامياب ٿيندو رھيو. محمد علي خان اتان فرار ٿي درياھھ پار ڪري وڃي، روجھاڻ مزاري جو پاسو ورتو ۽ مير رستم خان جي پٽ مير محمد حسن خان سان مليو. اڃا اھا شورش ڍري ٿي تھ ٻئي پاسي کان وڏيري ولي محمد خان چانڊڪا پرڳڻي جي سربراھھ بلوچن جو ٻارھن ھزارن جو لشڪر وٺي انگريزن تي ڪاھڻ جو ارادو ڪيو. اھو اڳيئي انگريزن مٿان ڏمريل ھو ۽ موقعي جي ڳولا ۾ پئي رھيو. ان جو ايڏو تھ ڏھڪاءُ پيل ھو، جو خود انگريز بھ کانئس ڪنبيا ٿي.

مير علي مراد خان جڏھن ان جي ارادي کان واقف ٿيو تھ وڃي چانڊڪا پھتو. اتي وڏيري ولي محمد خان کي سمجھائي انگريزن جي فرمانبرداري ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين، پر ھو اھا ڳالھھ مڃڻ لاءِ تيار نھ ٿيو. نيٺ ان سان جنگ ڪري کيس ٻڌي انگريزن وٽ آندائين. پڇاڙيءَ ۾ اھو بھ انگريزن جو مطيع ٿي انعام اڪرام وٺي وڃي پنھنجي گھر ويٺو.

اھڙيءَ طرح جنھن بھ انگريزن سان سرڪشي ٿي ڪئي، تنھن کي مير صاحب ڪن مھٽ ڪري يا لالچ تي انگريزن جي تابعدار ٿي بڻايو.جيڪي سندس حڪم تي نٿي ھليا، تن لاءِ نادري حڪم صادر ڪري ڇڏيائين، تھ انھن کي جتي بھ ڏسو قتل ڪري ڇڏيو. انھيءَ سختيءَ کان ڪيترا سرڪش ڪر ُ نٿي کڻي سگھيا. ليڪن ڪوھستان جي علائقن ۾ رھندڙ بيباڪ بلوچن تي مير صاحب جي ڪنھن بھ حڪم جو ڪو خاص اثر نھ پئي ٿيو. مير علي مراد خان اھا سڄي ڇتڪتائي پراين جي پٺ وٺي پنھنجن مٿان شروع ڪري ڏني ھئي، جو اھي (انگريز) کيس ھر ڪنھن مھم سر ڪرڻ تي خلعتن سان نوازيندا ۽ سندس چاڪريءَ واري گادي بحال رکندا ٿي آيا.

خدا شل نھ ڪنھن کي اھڙو خوار خراب ڪري جو پڇ لٽڪائيندو، ڌارين جي ٽڪر تي ائين بي مروتي ۽ بي حجابيءَ سان پنھنجن کي انھن جي ظلم ستم جي سرڪڻ ڦاھيءَ  ۾ ڦاسائيندو ۽ بي درديءَ سان سندن سر کڻائيندو رھي!

انھيءَ بڇڙي روش ۽ رفتار اختيار ڪرڻ ۾ ھن کي نقلي مذھبن جي دعويدارن، يھودين، مجوسين توڙي نصارن سان سنمک ٿيڻ لاءِ جيڪي جتن ۽ وچن ڪرڻا ٿا پون، تن تي شيطان بھ شرمندو ٿو رھي. اھا ڀلا ڪھڙي شريف قوم، معزز قبيلي، ڪھڙي ماڳ ۽ ڪھڙن ماڻھن جي چڱ مڙسي ٿي سگھي ٿي!

افسوس آھي جو،

زماني مان مھر محبت ھلي وئي،

پنھنجي پرائي جي ڪنھن کي بھ تميز نھ رھي.

دنيا مان عدل انصاف موڪلائي ويو، حاڪمن بھ لاھي پاھي ظلم تي سندرو ٻڌو.

*


 

(٩٤)

مير علي مراد خان مٿان، دشمنن پاران قرآن تي لکيل عھدنامي جو ورق ڦاڙي غائب ڪرڻ جو الزام، انھيءَ الزام جي آڌار تي انگريزن کي بانور ڪرائڻ- شيخ علي حسن جي ظاھر ظھور نمڪ حرامي، جنھن تي مير صاحب جون ھميشه مھربانيون ٿينديون پئي رھيون:

ھن کان اڳ بيان ٿي آيل حقيقتن موجب اھا ڳالھھ واضح ٿي چڪي تھ خيرپور جي حڪمران مير علي مراد خان ٽالپور سنڌ ھٿ ڪرڻ ڀيري انگريز سرڪار سان ڪيڏا قرب ۽ احسان ڪيا ۽ کين مٿانھون ڪرڻ لاءِ پنھنجن کي بھ پوئتي رھائي ڇڏيائين. ھوڏانھن بھ ھن جون دوستداريون ۽ وفاداريون ساريندي کيس ھر طرح جي عنايت ۽ نوازشن سان پئي مانائتو ڪيو ويو.ٻنھي جو اھو اتساھھ ان ڪري ھڪ ٻئي سان ھلندو ٿي آيو، جو ھوڏانھن انگريزن لاءِ ھن ڌارئي ملڪ (سنڌ) ۾ مير صاحب جھڙن چاڪرن جي ضرورت ھئي تھ ھيڏانھن مير کي بھ پنھنجي ملڪ ۾ اوپرو ثابت ٿيڻ تي انگريزن جي اوٽ گھربُل ھئي. ائين ٻئي ھڪ ٻئي کان سڌيءَ اڻ سڌيءَ طرح ڪم ڪڍندا ٿي آيا.

مير علي مراد خان جي انگريزن وٽ وڏي عزت ھئي. پاڻ جڏھن بھ وٽن ملاقات لاءِ ٿي ويو تھ کيس مان ڏيڻ لاءِ توبن جي سلامي ڏني ٿي ويئي. نيپئـر صاحب ھن کي پنھنجي دسترخاني تي پاڻ سان گڏ وھاري ماني کارائيندو ھو.

جڏھن بجار خان ڊومبڪيءَ ۽ جکراڻي قبيلي وارن ڪوھستان ۾ انگريزن خلاف بغاوت ۽ بلوي واريون خطرناڪ حالتون پيدا ڪيون تھ ان کان اڳ جو انگريز بھادر بذات خود ڪو قدم کڻي، مير علي مراد خان پنھنجو کاڌو پيتو حرام ڪري وڃي ڪوھستان رسيو ۽ انھن کي پنھنجي سورھيائي سان ويڙھھ ۾ ھارائي، گرفتار ڪري انگريزن آڏو حيدرآباد موڪلي ڏنائين. انگريزن وري ان کي مير علي مراد خان ڏانھن خيرپور اماڻي سندس عزت افزائي ڪندي کيس اھو محسوس ڪرايو تھ ملڪ جا والي اڪيلا اسان ڪين آھيون، پر ان ۾ اوھان جو بھ حق آھي.

مير صاحب کلي خوش ٿي جکراڻين کي پنھنجي سفارش ۽ ذميواري تي انگريزن وٽ نوڪريون وٺرائي ڏنيون، ڇو تھ سندن جھڳڙو ھو ئي ان لاءِ! تڏھن تھ ھڪدم ھٿيار ڦٽا ڪيائون. باقي بجار خان ڊومبڪي کي مير صاحب ڪو وقت خيرپور ۾ پاڻ وٽ نظربند رکي، ٿوري عرصي گذرڻ تي کيس گذر بسر لاءِ انعام ۽ جاگيرون ڏئي: خوب خوش ڪيو. جيڪو پوءِ پنھنجي موت مري ويو. سندس موت کان پوءِ پوين کي مير صاحب رضامنديءَ سان انگريزن کان معافي وٺرائي ڏني، جيڪي پنھنجي ٿاڪن تي وڃي ٿانيڪا ٿيا.

ان کان علاوه بھ مير صاحب انگريز سرڪار جون جيڪي دلئون جانئون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سندن ٻيون چيٺيون چاڪريون ڪيون، تن جي تفصيل لاءِ پورو ڪتاب گھرجي.

ٻيو تھ چور چڪار يا لچ لونبڙ چوريون ۽ ٻيون بڇڙايون ڪري مير علي مراد خان جي رياست ۾ حد ٽپي اچي لڪندا ھئا تھ انگريز انھن جا ڏنڊ ڏوھھ بھ مير صاحب جي ماڻھن کان سندس اطلاع يا اجازت کان سواءِ ڀرائي وٺندا ھئا يا انھن کي قيد ڪري وٺي ويندا ھئا. ان جي ھوندي بھ مير صاحب ڪڏھن منھن ۾ گھنج نھ وڌو ۽ انگريزن جي رضامنديءَ جو خيال ڪندي خاموش رھندو آيو.

مير صاحب جي ملاقات لاءِ جيڪڏھن انگريزن پاران وٽس ڪو ھلي ٿي آيو تھ ان جي وڏي عزت سان آجيان ڪري سندس مھمانيون ڪرڻ ۾ اينديون ھيون. انگريزن جيڪي بندوقون، تمنچا ۽ ڀلا گھوڙا مير صاحب کي تحفي ۾ ٿي ڏنا، ان کان وڌيڪ قيمتي سوکڙيون مير صاحب موٽ ۾ کين سندن مان مرتبي موجب ڏيندو ھو. خاص ڪري جڏھن ھندستان مان وائسراءِ سکر جي ڇانوڻيءَ ۾ آيو تھ مير علي مراد خان سندس حضور ۾ پھچي کيس لکن روپين جا زيور، ھٿيار (سون ۽ جواھرات سان جڙيل)پيش ڪيا، جن کي ڏسي حاضرين جون اکيون جھانورا کائڻ ٿي لڳيون. انھن کان علاوه ولايتي عربي گھوڙا ۽ ڀلئون ڀل اٺ، جن جي قيمت بھ مني لک تائين ليکجي، مير صاحب پاران صاحب بھادر جي نذر ڪيا ويا.

مير صاحب جنھن دليريءَ ۽ دلاوريءَ سان ڪوھستان ۾ رھندڙ سرڪش بلوچن کي زير ڪيو، تنھن بابت شاعرن قصيدا لکي کيس ھن ريت خراج تحسين پيش ڪئي:

”اھي ماڻھو، جيڪي ڏاڍا سرڪش ۽ خونخوار ھئا،

خيبر جي يھودين وانگي انھن کي ڪنھن جو بھ ڊپ نھ ھو.

اھي چور، ڌاڙيل، ڪاٽڪو، شاھينگ ۽ ڇا ڇا نھ ھئا،

انھن جوڌنڌو ئي، لٽ ڦر، قتل ۽ غارت گري ھو.

انھن جي آزار کان رعيت تھ ھميشه عذاب ۾ ٿي رھي،

پر خود حڪومت بھ انھن کان ڪنبندي رھندي ھئي.

پر نيٺ سندن راھون رد ٿينديون ويون!

۽ فتني فساد جون پاڙون پٽجي ويون

اھي ڪوھستاني ايڏا تھ زور ۽ خطرناڪ ھئا،

جو دراني ۽ نادري دور کان ارڏايون ڪندا ٿي آيا.

انگريز سرڪار پنھنجي فوج ۽ ھٿيارن جي قوت تي،

جنھن جي سربراھيءَ مير علي مراد خان ٿي ڪئي.

جڏھن وڃي ڪوھستاني وحشين تي ڪاھھ ڪئي،

تھ انھن جا حوصلائي خطا ٿيندا ويا جنگ ۾.

ھي بھ گھڻو ڪجھھ ھئا، پر مير علي مراد خان وڌيڪ ھو،

جنھن ٻيلا ئي شينھن وانگي گجندي للڪارون ٿي ڪيون.

ھيءُ جيڏو بھادر ھو، تيڏو ئي خدا کيس عقلمند بڻايو ھو،

ايڏو ئي ھن جو مان مرتبو ۽ ملڪ ۾ دٻدٻو ھو.

ھن جي طاقت ۽ حشمت، عقل ۽ ھمت طفيل،

ڪوھستاني سرڪشن کي آخر شڪست نصيب ٿي.

ھيءُ اسلامي حڪمران، حيدري حمايت سان،

فتح مند ٿيو جيئن خيبر ۾ مسلمان فتحياب ٿيا ھئا.

ھن جي مردانگي، سورھيائي ۽ اورچائي تي،

انگريزن بھ دل کوکي پنھنجي زبان سان داد ڏنو.

----

ايڏي وڏي مھم سرانجام ڏيڻ کانپوءِ انگريز ھيڪاري وڌيڪ مير صاحب جي عزت ڪندا رھيا ۽ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيڻ لڳا!

بيشڪ ڳالھھ بھ اھڙي ھئي، جنھن جو ھر حالت ۾ قدر ڪرڻ کپندو ھو. ليڪن اوچتو مير صاحب جي ڪن نمڪ حرام ماڻھن جي ڪن ڀرڻ تي انگريز پرمتڙيا ٿي پيا ۽ مير صاحب کي پنھنجي دل تان لاھي، نظرن کان ڪيرائي ڇڏيائون- جيڪو داستان الڳ درج ڪجي ٿو.

ماڻھن کي جڏھن انھيءَ سازش جي خبر پئي تھ ھر ڪو حيرت ۾ پئجي ويو ڇو تھ اھا ڳالھھ ئي اھڙي اڻائي ھئي ۽ ايڏانھن ڪنھن جو گمان ئي ڪونھ ھو تھ ڪو ائين بھ ٿي سگھي ٿو؟!

مير صاحب جو خاص ماڻھو، شيخ علي حسن پھريان ڇا ھو ۽ پوءِ ڇا ٿيو؟ اھا مير صاحب جي مھر ھئي، جنھن سان وڃي وڏي مان مرتبي تي پھتو، ايتري قدر جو سڄي ملڪ تي ڄڻ سندس ئي ڌاڪ ھئي، جنھن جي زور تي پنھنجي الڳ حڪومت پئي ھلايائين. ھن جو ايڏو تھ مٿو اچي ڦريو جو پنھنجي ڳوٺ ٻٻرلوءِ ۾ داخل ٿيندو ھو تھ سندس حڪم تي توبون ڇوڙيون وينديون ھيون، جن جو آواز سکر جي ڇانوڻيءَ تائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.

انھيءَ ھٺ ۽ ھوڙھيائي کان ھن نمڪ حرامي جو رويو اختيار ڪيو: مير علي مراد خان، جيڪو انگريزن سان عھدنامو ڪيو ھو، اھو قرآن مجيد جي پوين (اڇن) ورقن تي لکرايل ھو. علي حسن ان مان ھڪ پنو وچ مان ڦاڙي ان جي جاءِ تي ٻيو پنو لکي اتي ھڻي ڇڏيائين، جنھن ۾ ڦيرگھير ڪيل ڪئي.

انھيءَ خيال سان تھ جيئن انگريزن کي بانور ڪرائي سگھجي تھ قرآن مجيد جي ورقن تي لکيل عھدنامي سان خود مير صاحب ھٿ چراند ڪئي آھي. جيڪڏھن واقعي مير صاحب اھوڪڌو ڪم پاڻ ئي ڪيو ھجي ھا تھ پوءِ اتان نڪتل پنو بھ پنھنجي ھٿن سان ڦاڙي ساڙي گم شم ڪري ڇڏي ھا. جيڪا عقلمندي جي تقاضا ھئي ۽ مير صاحب پاڻ وڏو ھوشيار، زماني شناس، داناءُ شخص ھو. ان کان ڪيئن ٿي اھڙي خطا ٿي سگھي ٿي،جوعھدنامي وارو اصل پنوبدلائي اھو ساڳيو پنو ڪنھن ٻئي جي ھٿ ۾ ڏي ھا- ائين تھ ممڪن ئي نھ ھو.

ٻئي طرف مير صاحب جھڙي بلند ناموس ۽ شان شوڪت واري حڪمران کي اھڙي خسيس ڪم ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي، اھا ڳالھھ ڪوبھ سياڻو سيبتو قبول نٿو ڪري سگھي. اھو سڄو ڪڌائپ ڀريو ڪارنامو شيخ علي حسن جو ئي ھو، جنھن نمڪ حرامي کان پنھنجو ائين ڪارو منھن ڪيو.

جيڪڏھن اھا حقيقت ائين نھ ھجي ھا تھ اڳتي ھلي، جڏھن انھيءَ سازش جي الزام ۾ مير صاحب تي مصيبت نازل ٿي تھ ان وقت اھي نمڪ حلال ڪيڏانھن غائب ٿي ويا، جن تي ھن جا ايڏا احسان ھئا!

انگريزن مير صاحب جي بدخواھن پاران ڪيل سازش تي ڏمرجي مير علي مراد خان کي رياست جي عھدي تان برطرف ڪري ڇڏيو- جا ڪيڏي نھ عبرت ۽ افسوس جي ڳالھھ آھي!! مير صاحب جيتوڻيڪ اڪيلو رياست مان نھ پئي کاڌو، پر ان مان انگريزن جو پيٽ بھ ڀريندو ٿي آيو- تڏھن بھ انھن ائين ڪيو! جيڪو سندن شان وٽان نھ ھو.

آخر اھو ڪھڙي انصاف، مذھب ۽ ملت جو دستور ليکجي!

 

 

 

 

(٩٥)

شيخ علي حسن جي نمڪ حرامي ۽ مير علي مراد خان جون مٿس مھربانيون:

شيخ علي حسن (نڀاڳو ۽ چنڊو) اصل ھندستان جو رھاڪو ھو،جتان اسڪندر خان خاگواني سان گڏ آيو، ۽ مير علي مراد خان وٽ ملازم ٿيو. سندس ڪم بارگيري (گھوڙن جي چيٺ ڪرڻ) ھو. کيس ڇھھ ست رپيا پگھار ملندي ھئي. ھيءُ اھڙو شيطان ماڻھو ھو جو ابليس کي بھ دنگ ڪري ٿي ڇڏيائين.

مير علي مراد خان ھن جو مان مرتبو وڌائيندو ويو ۽ کيس مٿاھين درجي تي رسايائين، تان جو وڃي مير صاحب جي سرڪار جو مدارالمھام ٿيو. ھن کي پگھار کان سواءِ وقت بھ وقت انعام اڪرام ملندا رھيا ٿي. انھن عنايتن ۽ نوازشن جي باوجود مير صاحب اڃا وڌيڪ سندس عزت ڪندو ٿي رھيو، جيئن چوندا آھن تھ: جيڪو جھڙو ھوندو، آخر تھڙو ئي ثابت ٿيندو، بڇڙو انت بڇڙو ٿيندو، ۽ چڱو نيٺ چڱو ٿيندو. جيڪو بھ شانائتو ماڻھو، ڪنھن ڪميڻي ماڻھوءَ کي اکيون ٻوٽي مان ڏيندو ۽ مٿس اعتبار ڪندو رھندو تھ اھو پڇاڙيءَ کيس نقصان ضرور رسائيندو ۽ ان مان ڪابھ چڱائي حاصل نھ ٿيندي. زماني جي دانائن انھيءَ قسم جا رايا ڪيترن تجربن ۽ مشاھدن کانپوءِ ٻين جي سبق سکڻ لاءِ اھي عام اڳيان آندا آھن.

شيخ علي حسن، جنھن جي بنياد ۾ ئي ڪا چڱائي ڪانھ ھئي، ايڏي مان مرتبي ھوندي، جيڪو مير صاحب طرفان کيس عطا ٿيل ھو، انھن سڀني نيڪين ۽ نعمتن توڙي نوازشن کي فراموش ڪري سنئون سڌو نمڪ حرام ٿي، مير صاحب جھڙي ولي نعمت سان اندروني نموني دشمني رکڻ لڳو: ”لئيم ماڻھن مان مروت جي اميد رکڻ ائين آھي،جيئن رات جي پيٽ ۾ سج جي ڳولا ڪئي وڃي.“

ان لاءِ ھن باب ۾ بھرام گور جو قصو بيان ڪجي ٿو.

بھرام گور، عجم جي بادشاھن مان ھڪ بادشاھھ ھو. ھيءُ جوانيءَ جي مستيءَ ۾ عيش عشرت ڪندو ٿي رھيو ۽ شڪار جو ڏاڍوشوقين ھو، ان ڪري گھڻو وقت ان ۾ گذرندو ھئس. انھيءَ مصروفيت جي ڪري حڪومت جو ڪاروبار پنھنجي وزير جي حوالي ڪري ڇڏيو ھئائين.

اھو وزير ڏاڍو نالائق ۽ نادان ھو، ان ڪري بھرام گور جي حڪومت ڏينھون ڏينھن زوال پذير ٿيڻ لڳي. وزير جي انھيءَ نالائقي ۽ ناداني کي ڏسندي بھرام گور جي ھڪ مخالف ساڻس جنگ جو فيصلو ڪيو.

اھا خبر جڏھن بھرام گور کي پئي تھ غفلت مان سجاڳ ٿي، وزير کي گھرائي کانئس پڇا ڪيائين تھ ھي ڇا ماجرا آھي؟ ھاڻي بنا ڪنھن  دير جي دشمن سان مقابلي جي تياري ڪرڻ کپي. وزير جواب ۾ عرض ڪيو: خزاني جون سموريون پيتيون خالي ٿي چڪيون آھن، دشمن سان مقابلي لاءِ ناڻي جي گھرج پوي ٿي، خالي ھٿين تھ مقابلو ڪرڻ بلڪل محال آھي.

بھرام گور، وزير جو اھو جواب ٻڌي، ڪو وقت ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي چيائين: اھا سڄي خطا منھنجي آھي، جو تو جھڙي نالائق ماڻھوءَ کي پنھنجو وزير ڪريم رکيم، ۽ حڪومت جي واڳ تنھنجي ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيم. پنھنجي ڪئي جو ڪوبھ علاج نھ آھي- ائين چئي گھوڙي تي چڙھي شڪار تي ھليوويو. جڏھن شڪار ڪري موٽيو تھ واٽ تي ھڪ ڌنار کي ڏٺائين، جيڪو ڪتي کي وڻ ۾ تنگي ماري رھيو ھو.

بھرام گور اھو لقاءُ ڏسي گھوڙي جي واڳ ورائي ڌنار وٽ آيو، ۽ ھن کان پڇيائين تھ: ڪتي ڪھڙو ڏوھھ ڪيو آھي، جو تون ان کي مارين پيو؟ ڌنار ادب سان  وراڻيو تھ عالم پناھھ!

”ڪميني کي اختيار حوالي ڪرڻ ائين ئي آھي. جيئن نانگ پنھنجي جھوليءَ ۾ نپايو وڃي.“

بزرگن جو چوڻ آھي تھ ڪميني تي اعتبار نھ ڪيووڃي. مون ھن ڪتي تي بانور ڪيو ۽ پنھنجي رڍن جو ڌڻ ھن جي حوالي ڪري ڪم سان نڪري ٿي ويس. مون کي پڪ ھئي تھ ھيءَ نمڪ حلال ٿي رھندو، ۽ ڌڻ جي چڱيءَ طرح حفاظت پيو ڪندو، پر ڏٺم تھ منھنجو ڌڻ روز بروز گھٽبو ٿي ويو. مون سوچ ڪئي، پر ڪجھھ سمجھي نھ سگھيس، تھ آخر ڪھڙي مصيبت جي ڪري ائين ٿي رھيو آھي- ايتري ۾ خبر تڏھن پيم، جڏھن سڄو ڌڻ ئي تلف ٿي ويو. اڄ ڇا ڪيم جو ڌڻ مان باقي بچيل رڍن کي ھن ڪتي جي حوالي ڪري پاڻ پاسو وٺي لڪي ويھي رھيس.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇا ڏسان تھ بگھڙ جي مادي پريان ڦرندي ويجھو آئي ۽ ڪتي سان گانڊرجي پئي. ڪم لھڻ کان پوءِ ھن پنھنجي مرضيءَ تي ھڪ رڍ کي ورتو ۽ کيس گھلندي جھنگ ۾ غائب ٿي ويئي. ھاڻي آءٌ انھيءَ ڏوھھ ۾ ڪتي کي ماري رھيو آھيان.

بھرام گور جڏھن ڌنار جو قصو ٻڌو تھ دل ۾ چوڻ لڳو: ھيءُ ڌنار ۽ ڪتي وارو قصو، ھوبھو منھنجي ۽ وزير جي قصي سان ملي ٿو! اھو سوچي جيئن جاءِ تي پھتو تھ وزير کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ھو گرفتار ٿي آيو تھ کيس قيد ۾ وڌائين ۽ سندس سموري ملڪيت سپاھھ ۾ ورھائي ڇڏيائين، تنھن کان پوءِ جاچ ڪرايائين تھ وزير جا ڪي خط ھٿ آيس، جيڪي ھن دشمن کي لکيا  ھئا، اھو ساڳيو ئي شخص ھو، جنھن بھرام گور سان جنگ ڪرڻ ٿي چاھي.

رياست ۽ حڪومت جي والين ۽ سربراھن تي واجب آھي تھ ڪنھن بھ نالائق ۽ نادان ماڻھوءَ تي ڪو اعتبار نھ ڪن ۽ انھن کي پنھنجي اختيار ۽ اقتدار جي واڳ نھ سونپين، ڇو تھ ان مان ڪا چڱائي ٿيڻي ناھي، ۽ اتان ئي فتنا فساد پيدا ٿين ٿا. شيخ علي حسن پنھنجي نيت بد رکڻ ۽ نمڪ حرامي ڪرڻ سبب مير علي مراد خان جي نظرن ۾ ڪري پيو ۽ کيس اتان نيڪالي ملي ويئي. پوءِ در در رلندو، ڌڪا ڌوما کائيندو، اچي سکر نڪتو. جتي بھ قرار نھ آيس. اتان وري ملتان ۽ لاھور ويو، پر ڪٿي بھ ڪو چاڙھو نھ ڏٺائين.

*


 

(٩٦)

انگريزن طرفان ڪلام مجيد جي ورق بدلائڻ تي مير علي مراد خان خلاف جاچ:

مير علي مراد خان خلاف جيڪي خفيھ سازشون ٿينديون ھيون، تن جو نتيجو آخر اھو نڪتو، جو مير علي مراد خان خلاف انگريزن سکر ۾ ھڪ ڪميشن ويھاري، جنھن ۾ باقاعدي مقدمو داخل ڪيو ويو. انھيءَ مقدمي ۾ مير صاحب پاڻ حاضر ٿي عدالتي سوالن جوابن جو نظارو ڪيو.مير موصوف ڪڏھن اھڙو واقعو نھ ڏٺو ھو، پر سرڪار آڏولاچار ٿي پيو، انھيءَ خوف کان تھ متان ڪٿي ٻي ڪا مصيبت نازل نھ ٿئي!

مير صاحب جي مھر، جيڪا عھدنامي لاءِ ڪم آندي ٿي ويئي، ريزيڊنٽ صاحب جي دور ۾ گم ٿي چڪي ھئي، جنھن لاءِ مير صاحب پاران سرڪار کي اطلاع بھ ڏنل ھو. اھا مھر شيخ علي حسن ھٿ ڪري لڪائي رکي ھئي، ۽ جيڪي بھ جعلي ڪاغذ مقدمي جي ثبوت ۾ تيار پئي ڪيا ويا، تن تي اھا مھر ڪتب آندي ٿي ويئي. اھا ڄاڻ انگريزن کي بھ ھئي، پر ان تي ڌيان نٿي ڏنائون، ڇو تھ ھنن کي ھر حال ۾ ڪوڙي ڪارروائي ڪرڻي ھئي.

مير صاحب مقدمي جي جوابدھي لاءِ عدالت ۾ آيو، تھ کانئس ارڙھن ھزار رپين جي گھر ڪئي ويئي، پر پاڻ انڪار ڪيائين. ڪو وقت اھو رڳڙو ھلندو رھيو. مير صاحب جي حريفن نيٺ اھي پئسا ادا ڪري ڇڏيا، جيئن مير صاحب چڱيءَ طرح اڙجي وڃي.

ڪميشن جي بيٺڪ پوري ٿي. مير صاحب ڪيترو وقت پنھنجي موروثي ملڪيتن تي قابض رھيو. ان دوران ليوڪس صاحب سکر کان ھندستان ھليو ويو. اھو مقدمو گھڻو وقت التوا ۾ رھيو، ان جي لاءِ ھندستان مان بھ ڪا باز پرس نھ ٿي.

نيٺ جيڪو فيصلو ٿيڻو ھو، سو ئي ٿيو. انگريزن، مير صاحب جون اھي ملڪيتون پنھنجي قبضي ڪيون، جيڪي ان جون پنھنجون ھيون ۽ مرحوم مير سھراب خان (مير علي مراد خان جي والد) پنھنجي وصيت نامي ۾ بھ لکيون ھيون، انھن جا نقل بھ عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. انگريزن ڇا ڪيو جو انھن مان جيڪي گھٽ پيدائش واريون زمينون ھيون، اھي مير صاحب جي حوالي ڪري باقي پاڻ ڦٻائي ڇڏيائون. مير صاحب ويچارو مجبوريءَ کان ڪڇي نھ سگھيو، ۽ چپ چٽيندو رھيو. مير سھراب خان جي وصيت ھن ريت ھئي:

”رياست جي پڳداريءَ لاءِ پھريون حق مير رستم خان جوھوندو، ان کان پوءِ مير مبارڪ خان ان جو حقدار ليکجڻ ۾ ايندو، تنھن کان پوءِ مير علي مراد خان جي حق جو وارو ايندو.“

انھيءَ وصيت مطابق جڏھن مير رستم خان وغيره ڪونھ رھيا تھ رياست ۽ ملڪ جي پڳداري جو حقدار سنئون سڌو مير علي مراد خان ھو، پر انگريزن ان جي ابتڙ  عدل انصاف ڪيو.

انھيءَ عدل تي ڇونھ روئجي، ۽ دنيا جي روش تي ڇو نھ کلجي.(1)


 

(1) ڷښكۑ ب ۾ ێۑ جڢڜۑڵ ڊڷڵ آێۑ:

ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ڤڷډإڎ ضۑ ښڎڈإڎڷ ڦۑ غۆڊێڷ صڷڈڎێڷ ێڐإڎڷ ضۆڷ ښۆڦڏۑۆڷ ڊڷۑۆڷ، ښڎڈإڎڷ بێ إڷ ضۑ ڠۑۆڝ ڶۑڎ ڜإقب ڦۑ غۆۆۑێڷ ێڐإڎڷ ضإ جقڢإ صۑڛ ڥۑإ. ڶۑڎ ڜإقب ڢۆضۑ إڶڈإڈ ڵإ٭ ښڎڈإڎڷ ښإڷ کإڵێێ ڥیۑ جێ ڤښڶج إښإڷ ضۑ إیۑڷ ێیۑ، ێإڼ إۆێإڷ ضۑ إڶۑڈ جێ ێۑڊإڷێڷ إغڼ حۑۆ آێۑ.

ښڎڈإڎڷ ضۆإب ۾ غۑۆ: إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ڶڤإبڵۑ ڵإ٭ ڧێڼۆ ڥضێێ حۆ ڧێڎضۑ. إښإڷ ۆخ ضۑڥۆ غیڷ صڷضڷ ێڐإڎڷ ضۆ ڵڛڥڎ آێۑ، ښۆإ٭ ڥڷێڷ صڧێإڎ ضۑ قإڝڎ ڥڎڼ ۾ إۑڷڈۆ، ۆډۑڥ ڝڎۆڎج صیۑ جێ صڷێڷضإ ڥصڏإ ۆڥڼۑ بێ جۆێإڷ ضۑ صۆڎج ڥڷڈإښۑڷ، ڵۑڥڷ ڵڛڥڎ ڧڊ ڥڎڼ ڵإ٭ كڎغ ڦإڷ ښۆإ٭ غإڏێۆ ڷێ حۑڷڈۆ، كإڜ ڥڎۑ ضۑښجإیۑڷ كڎإښإڷ إڢڡإڷښجإڷ ضۑ ڤبۑڵڷ ڦۑ ڛإڶڵ ڷێ ڥبۆ جێ إڷڧڎۑڐڷ ښإڷ ڶڤإبڵۆ ڶڶڥڷ ڷێ حۑڷڈۆ. إښإڷ ۆخ ضۑڥۆ غیڷ صڷضڷ ێڐإڎڷ ضۆ ڵڛڥڎ آێۑ، ښۆ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ جۆبڷ ضۑ ێڥ تڷ قڶڵڷ ۾ صۆڎۆ حۑ ۆۑڷڈۆ. ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ غۑۆ: ضڊێڷ ښڎڈإڎڷ ضۆ ڵڛڥڎ ڶۆڷ ښإڷ ڧڊضۑ ێجإڷ ێڵۑۆ جێ ڥۆیۑخێ صێغۑ إجۑ تێ ڵڦ ڎصۑإ صۑڛ ڥۑإ ۆۑڷڈإ، ۆڎۑ ڌإڌڎ صێغۑ ێڥ ڵڦ تۑۆ إجۑ ڊۑڼ ۾ إۑڷڈۆ، صفإڏۑ٪ ڥفۑ ۾ صێغڼ جۑ ښطۑ ڵڛڥڎ ضۑ صڧێإڎ ۽ تۑۆ كڎغ إڈإ ڥڷڈښ، إێإ ښطۑ ڍڶۑڈإڎۑ ڶڷێڷضۑ ێۆڷڈۑ.

ښڎڈإڎڷ ڶۑڎ ڜإقب ضۑ إڷضإڶ جۑ ڎڝإڶڷڈۑ ڊۑڦإڎۑ، ښڎڈإڎ ڶۑڎ إڢڝڵ كإڷ ڦۑ ڥۆیۑخێ جإیۑڷ ۆعڼ ڵإ٭ ڶڤڎڎ ڥۑإیۆڷ، ضۑیڷ إجۑ صێغۑ ڶۑڎ ڜإقب ڦإڷ ڊۆڥڏ ۆسۑ إغۑ، ڢۑڜڵۆ حۑۆ جێ ڶۑڎ إڢڝڵ كإڷ ضۑ إڷێۑ٪ ڎڤڶ آڼۑ ڊۑڼ ڦإڷ صۆ٭ ڤڷډإڎ ڶإڷ ڢۆضۆڷ ۆسۑ ڥۆیۑخإ صێغڼ ضۑ ڥیۑ ۆۑڷڈۑ. إڢڝڵ كإڷ ضڊێڷ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ښإڷ ڧڊضۑ ڥۆیۑخإ صێجۆ جێ إجۑ إغإڷڥ إێڏۑ بڎښإج ڛڎۆڠ حۑ ۆۑیۑ، ضۆ ڥڊێڷ ڥإڷێ صیۑ ێیۑ! إڷێۑ٪ إڵإێۑ آڢج ضۑ ڥڎۑ ێڷڷ ڦۑ ێڥ ڶێۑڷۑ جإیۑڷ صڛۑڷ ۾ ڎێڼۆ صۑۆ. إڢڝڵ كإڷ ڊۆڥڏڷ ضۆ إڷجڟإڎ ڥڷڈۆ ڎێۑۆ، صڎ ڶۑڎ ڜإقب ڦۑ ڥۆیۑخێ ۾ ڥۆ صیښۆ ڥۆڷێ ڶڵۑۆ، ڶۑڎ ڜإقب ۆڎۑ ۆڠڈۆ ڥۑۆ  جێ ڌإڌڎ ێڵۑ صیښڷ ضۑ کڼ ڥیۑ ۆۑڷڈۑ. إڢڝڵ كإڷ إێإ قڤۑڤج ڤڷډإڎ ضۑ ښڎڈإڎڷ ڊإڷێڷ ڵڦۑ ڶۆڥڵۑ.

ښڎڈإڎڷ ڦۑښ ضۆإب إّڶإڼۑۆ جێ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ڦۑ إكجۑإڎ آێۑ، ضۑڥڊێڷ ۆإصښ ڤڷډإڎ آۑۆ جێ إښإڷ ۆخ ضۑڥۑ ڥضێێ آێۑ، ڦإڷیښ ڷێ ڎڦڷڈإښۑڷ. صڎ ضۑڥڊێڷ ڥڷێڷ تیۑ صإښۑ ۆعڼ ضۆ إڎإڈۆ ڎڦۑ حۆ جێ بێ ۆښ ۆإڎۆ آێۑ. إۑجڎۑ ۾ ښڎڈإڎڷ ڦۑ ێڎإج ضۆ ڶښیڵۆ ڈڎصۑڛ آۑۆ. إڢڝڵ كإڷ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ۆخ صڷێڷضإ تێ غإڎ ڶڠجبڎ ڶإڼێۆ فڊۑ صإڼ ۆإصښ ڤڷډإڎ ڊإڷێڷ ۆڎۑۆ.

ڌإڌڎ صێغڼ ڦإڷ صۆ٭ ڶۑڎ ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ ڦۑ ڥضێێ صیښإ ڶڵۑ ۆۑإ، ښۆ ڎإج ۆغ ۾ إجإڷ ڷڥڎۑ ڦإڼ ۆإڎۑ ڤڵڠۑ ۾ آۑۆ، ضجۑ إقڶڈ كإڷ ڵڡإڎۑ بێ غإڷڋۑڷ ضۑ ڥۆێښجإڷ ڶإڷ تإڎ تغإ ۆسۑ إغۑ ښإڼښ ڧڊۑۆ.

(1) صڛۑڷ: صڷضإۏ ڶۑڵڷ جۑ ڥۆیۑخێ ڦإڷ صڎۑ إجڎ صإښۑ آێۑ، ضجإڷ ڤڷډإڎ ڊإڷێڷ ڎښجۆ ۆعۑ حۆ. إڷ ضۑ صفإڏۑ٪ ۾ ڥۆڏڥ ضبڵ آێۑ.

(1) إڷ ڵخ ڣڎ ۾ ڶۑإڷ ڠبڈإڵقڥۑڶ ڦۑ ڣڎۑۆ ۆۑۆ، ۽ ښس ښجڎ ڶإڼێۆ ڶإڎضۑ ۆۑإ، ڶڎقۆڶ ڶقڶڈ ڤإښڶ ڠڵۑێ إڵڎقڶج إڷێۑ٪ ڡڶ ۾ ڎقڵج ڥڎۑ ۆۑۆ. ێۑ۝ ۆإڤڠۑ ڎبۑڠ إڵشإڷۑ ١٢٦٠ێێ (١٨٤٣ڠ) ډإڎۑ صۑڛ آۑۆ.

(1) ښڷډ ڶإڷ خإڵصۆڎڷ ضۑ قڥۆڶج كجڶ حۑڼ ڦإڷ صۆ٭ قإڥڶڷ ڶإڷ ضۑڥۑ ۆڊۑ إشڎ ۆإڎإ ێیإ، جڷ ڦۑ إڷڧڎۑڐڷ ڤۑڈ ڥڎۑ صێڎۑإڷ بڶبیۑ صۆ٭ ڥڵڥجۑ ۾ ڷڟڎبڷڈ ڥڎۑ ڎڦۑۆ، ضۑڥۑ آكڎ إجۑ یۑ ۆڢإج ڥڎۑ ۆۑإ. إڷێڷ ڶإڷ: ڶۑڎ ڷڜۑڎ كإڷ ١٢٦١ێێ (١٨٤٥ڠ)، ڶۑڎ ڜۆبڈإڎ كإڷ ١٢٦٢ێێ (١٨٤٦ڠ) ۽ ڶۑڎ ڛێڈإڈ كإڷ ۆڵڈ ڶۑڎ ڷۆڎ ڶقڶڈ كإڷ ١٢٧٤ێێ (١٨٥١ڠ) ډإڎۑ ڢۆج حۑ ۆۑإ. ڥضێێ ښإڵڷ ڦإڷ صۆ٭ ښڷڈڷ ڵإڛ إجإڷ آڼۑ صڷێڷضۑ ۆڞڷ ۾ ڈڢڷإۑإ ۆۑإ- ڶجڎضڶ.

(إڵۆقۑڈ ښڷډ آڐإڈ ڷڶبڎ ١٠٩، ١٦- ضۆڷ ١٩٣٦ڠ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ)

ڶۑڎ ڎښجڶ كإڷ ۆڵڈ ڶۑڎ ښێڎإب كإڷ ١٨٢٠ڠ ۾ ښڷډ ضۑ كۑڎصۆڎ ۆإڎۑ ڧإڈۑ٪ جۑ ۆۑسۆ. ١٨٤٣ڠ ۾ كۑڎصۆڎ فڊۑ، قۑڈڎآبإڈ آۑۆ، ضجإڷ إڷڧڎۑڐ ڦۑښ ڤۑڈ ڥڎۑ صۆڷۑ ۆسۑ ۆۑإ، ضجۑ ښإڵ ـ١٨٤٦ڠ ۾ ۆڢإج ڥۑإیۑڷ.

ضڷڧ ڷإڶۆ ڶۑإڼۑ، ڶڎڐإ ڧڵ قښڷ إقښڷ ڥڎبڵإیۑ، ڶێڎإڼ ١-٢-١٩٥٧ڠ.

(1) ڶۑڎ ڤۆڶۑ ڠڜبۑج ضۑ ڥڎۑ بڵۆغڷ ڦۑ ښڷډۑڷ ڦإڷ ۆډۑڥ ڧێڎڷڈإ ێیإ، إڷ ڵإ٭ ڢڎڷڧۑ ڥڶصڷۑ ضۑ ڋإیڎۑڥخڎڷ إڷڧڵڷڋ ڊإڷێڷ ڎصۆڎخ ڶۆڥڵۑ ێیۑ جێ خإڵصۆڎ ډإڎۑإ آێڷ، ښڷڈڷ ڟڵڶڷ ضۑ ڥڎۑ ښڷډۑ ڎڠإۑإ جڷڧ آێۑ. (ضڷج إڵښڷډ ڶۆڵإیۑ ڛۑڈإیۑ، ڜ ٦٧١)

(1) بێإۆڵصۆڎ ضۑ ێۑسۑڷ ڶحۑڷ إۑڎإڝۑ ڦۑ إّثۆ- ڵڶۆ ښڊۑۆ ۆۑڷڈۆ آێۑ. ڶجڎضڶ.

(1) كۑڎصۆڎ ضۆ قڥڶڎإڷ ڶۑڎ ښێڎإب كإڷ خإڵصۆڎ ٢٧- ڜڢڎ ١٢٤٦ێێ ڶڞإبڤ ١٨٣٠ڠ ٩٠ ښإڵڷ ضۑ طڶإڎ ۾ ڵإڊإڼۆ ڥۑۆ. ښڷڈښ ضإ٭ جۑ ڶۑڎ ڎښجڶ كإڷ قڥۆڶج ۽ ڎۑإښج ضۑ ۆإک ۆڎجۑ، صڎ حۆڎۑ ڠڎڜۑ ڦإڷ صۆ٭ ڶۑڎ ڠڵۑ ڶڎإڈ كإڷ إڷڧڎۑڐڷ ښإڷ ڶڵۑ، ڶۑڎ ڎښجڶ كإڷ ڦۑ ێخإیۑ صإڼ ڎۑإښج ضۆ ۆإڵۑ حۑ ۆۑسۆ، ضۑیڷ بۑإڷ حۑ غڥۆ آێۑ.- ڶجڎضڶ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org