سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو :1

احمد شاھھ ابدالي ڏانھن شاھھ ولي الله جو خط:

”اسلامي بادشاھھ جو وجود خدا جي نعمت ليکجي ٿو! ھندستان ھڪ وسيع ملڪ آھي، قديم اسلامي بادشاھھ مختلف وقتن تي جدوجھد ڪري ھي ملڪ فتح ڪندا پئي رھيا. دھلي شھر کان علاوه جيڪو وڏن بادشاھن جي گاديءَ جو ھنڌ رھندو اچي ٿو، ٻيا جيڪي علائقا گجرات، احمد آباد، ٺٽو (سنڌ) وغيره آھن تن جا بھ الڳ بادشاھھ ھئا. اھڙي طرح بينگال ۽ اوڌ جا بھ جدا بادشاھھ ھئا. ٻئي پاسي دکن ۾ پنج بادشاھتون، برار، برھانپور، اورنگ آباد، حيدرآباد ۽ بيجاپور ھيون، جن مان ھر ھڪ جو الڳ بادشاھھ ھو.

انھن مان ھر بادشاھھ پنھنجي ملڪ ۾ مسجدون ٺھرايون ۽ مدرسا قائم ڪيا، جتي عرب عجم جا مسلمان پنھنجا ملڪ ڇڏي اچي آباد ٿيا، ان ڪري اسلام جو ھتي واڌارو ٿيندو ويو ۽ اڄ تائين انھن جا پويان اسلام جي اصولن تي ھلندا اچن ٿا. انھن کان سواءِ ھڪ ٻيو ملڪ بھ آھي جيڪو ڪڏھن بھ ڪنھن اسلامي بادشاھھ جي قبضي ۾ نھ آيو آھي. اھو ملڪ خالص غير اسلامي نموني ھلندو رھيو پر ايترو ضرور ٿيو تھ بادشاھھ اتان جي راجائن کان ڍل وصول ڪندا آيا، اھو ملڪ راجپوتانھ آھي. جيڪو ڊيگھھ ۾ ٺٽي (سنڌ) کان بينگال ۽ بھار تائين چاليھن منزلن تي آھي ۽ موڪر ۾ دھلي، آگري کان ٿيندو گجرات ۽ اجين جي حد تائين ويھن منزلن تي ٿيندو. ھي اھو وڏو ۽ ويڪرو ملڪ آھي، جو ڪڏھن بھ اسلامي بادشاھن جي ڌاڪ ھيٺ نھ آيو.

مغل بادشاھن راجپوتن سان معاھدو ڪيو ۽ انھن کي ماتحت ٺھرائي سندن مخالفت کان امن ۾ رھيا؛ جنھن لاءِ تاريخدان تفصيلي واقعا بيان ڪري ٻڌائيندا. ٻي غير مسلم مرھٽن جي قوم آھي جنھن ڪيتري عرصي کان دکن جي اوسي پاسي ڪر کڻي سڄي ھندستان تي پنھنجو اثر وجھڻ شروع ڪري ڏنو آھي. مغل بادشاھن مان ڪيترن بادشاھن جيڪي انھن کان پوءِ آيا پنھنجي غفلت ۽ اختلاف جي بنياد تي گجرات جو ملڪ مرھٽن جي حوالي ڪيو ۽ انھيءَ حالت ۾ غفلت مان مالو وارو علائقو بھ کين ڏئي ڇڏيائون، جيڪي انھن جي پاران اتي صوبن جا نواب آھن، ھوريان ڏاڍيان مرھٽن جي قوم طاقتور ٿيندي وئي، جنھن ڪيترن مرھٽن مسلم علائقن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتان جي رھاڪن ھندن، مسلمانن کان ڍل وٺڻ شروع ڪيائون، جنھن کي ”چوٽ يعني آمدني جو چوٿون حصو“ بھ سڏيو وڃي ٿو.

دھلي ۽ ان جي آس پاس ۾ مرھٽن جو ڌاڪو ان ڪري نھ ڄمي سگھيو جو ھتان جا رئيس قديم بادشاھن جي اولاد ۽ ھتان جا وزير امير اڳوڻن اميرن وزيرن جي خاندان مان آھن.مرھٽن ٻيو چارو نھ ڏسي انھن سان مروت وارو رويو اختيار ڪيو ۽ ساڻن رواداري جو سلوڪ روا رکندي، انھن کي پنھنجي طرفان امن امان جو يقين ڏياري، ڇڏي ڏنو. ھوڏانھن دکن ۾ بھ مرھٽا ان ڪري قبضي ڪرڻ کان رھجي ويا، جو نظام الملڪ جي پوين حيلا ھلائي ڪڏھن مرھٽن ۾ ڦوٽ وڌي تھ ڪڏھن انگريزن سان ملي، انھن جي واسطيداري سان اھي برھانپور، اورنگ آباد ۽ بيجاپور جھڙن وڏن شھرن تي قابض رھندا آيا. البتھ انھن علائقن جون پسگردايون، نظام الملڪ جي پونيرن مرھٽن لاءِ ڇڏي ڏنيون.

ھن وقت دھلي ۽ دکن کان سواءِ ھر ھنڌ مرھٽن جو راڄ اھي، جن کي شڪست ڏيڻ ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھي، بشرطيڪ اسلام جا غازي ھمت ڪري سندرو ٻڌي اڳيان وڌي اچن. حقيقت ۾ مرھٽن جي قوم ايڏي وڏي قوم ناھي ليڪن ھڪ وڏو گروھھ انھن سان مليل آھي، جنھن مان جيڪڏھن صرف ھڪڙي ٽوليءَ کي ھيٺ مٿي ڪيو وڃي تھ ٻياپاڻھي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ اصل (مرھٽن جي) قوم ازخود لانجھي ٿي پوندي ڇو تھ انھي قوم ۾ ايترو دم ڪونھي جو پير کوڙي بيھي سگھي. ھن سڄي مھم سر ڪرڻ لاءِ ايتري فوج کپي جيڪا ماڪڙ ۽ ماڪوڙن کان بھ وڌيڪ ھجي. مرھٽن توڙي انھن جي ساٿيارين وٽ جنگي سامان جي اڻاٺ آھي تنھنڪري پوريءَ طرح منھن ڪونھ ڏئي سگھندا.

مطلب تھ مرھٽن جو فتنو: ھندستان ۾ ھڪ وڏو فتنو آھي، خدا ان شخص جو ڀلو ڪري، جيڪو ھتي اچي انھيءَ فتني کي دٻائي ڇڏي.

ھڪ ٻي غير مسلم (جاٽن جي) قوم بھ آھي جيڪا دھلي ۽ آگري جي وچاڳ ۾ رھي ٿي، اھي ٻئي شھر بادشاھن جي لاءِ حويلين وانگي ھئا. مغل بادشاھھ ڪڏھن آگري ۾ رھندا ھئا، جيئن راجپوتانھ تي انھن جو رعب ۽ دٻدٻو رھي تھ وري ڪڏھن دھلي ۾ سندن رھڻ ٿيندو ھو،جيئن سندن شھرت ۽ ھيبت سرھند ۽ ان جي آس پاس تائين رھندي اچي. اھا جاٽ قوم دھلي ۽ آگري جي وچاڳ ۾ پوکي راھي جو ڪم ڪندي ھئي. شاھھ جھان بادشاھھ جي زماني ۾ انھن لاءِ حڪم ٿيل ھو تھ ھي گھوڙي تي سواري نھ ڪندا، پاڻ وٽ بندوق نھ رکندا ۽ پنھنجي رھائش لاءِ خاص ڳڙھھ اڏڻ جي نھ ڪندا. ليڪن پوين بادشاھن جي غفلت جي ڪري انھيءَ قوم کي وجھھ ملي ويو ۽ پنھنجا قلعا تيار ڪيائين تنھن کان پوءِ پاڻ بندوق بھ رکڻ لڳي.

اورنگزيب جڏھن دکن ۾ بيجاپور ۽ حيدرآباد فتح ڪرڻ ۾ مشغول ھو تھ اتان انھيءَ جاٽ قوم جي سيکت لاءِ پنھنجي پوٽي جي سربراھي ۾ فوج رواني ڪيائين. ان تان راجپوتن مخالفت شروع ڪئي ۽ لشڪر ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. آخر جاٽن جي ميڙ منٿ تي شاھي فوج واپس ھلي وئي.

فرخ سير جي دور ۾ انھيءَ قوم ۾ وري جوش جاڳيو، جنھن تي قطب الملڪ وزير وڏي فوج ڏياري موڪلي. ان قوم جو سردار ورامن جنگ کان پوءِ صلح تي تيار ٿيو، جنھن کي بادشاھھ وٽ آڻي معافي ڏياري وئي، اھو ڪم بھ ائين مصلحت جي خلاف عمل ۾ آيو.

اڳتي ھلي محمد شاھھ جي زماني ۾ انھي قوم وري سرڪشي ڪئي، چورامن جو سوٽ سورج مل، ان قوم جو سردار ٿيو ۽ سنئون سڌو فساد ۾ منھن وڌائين. شھر بيانھ جيڪو اسلام جو قديم شھر ھو، جتي علماء ۽ مشائخ ست سو سالن کان مقيم ھئا، ان شھر تي جاٽن قھر ۽ جبر سان قبضو ڪري مسلمانن کي خواري ۽ ذلت سان اتان تڙي ڪڍيو، تنھن کان پوءِ سر ڪشي ويتر وڌندي وئي. بادشاھن ۽ اميرن جي غفلت ۽ اختلافن سبب ان پاسي ڪوبھ ڌيان نھ ڏنو ويو. اڄ ڪلھھ وڃي اھا حالت رھي آھي تھ جيڪڏھن ڪو ھڪ امير بھ سيکت جو ارادو ڪري ٿو تھ سورج مل جا ماڻھو ٻين اميرن وٽ ٿا وڃن جيڪي بادشاھھ جا ڪن ڀري ڳالھھ ھيٺ مٿي ڪرائي ٿا ڇڏين.

محمد شاھھ جي پٽ جو زمانو آيو تھ صفدر جنگ ايراني سورج مل سان ملي پراڻي دھليءَ تي حملو ڪيو ۽ شھر جي قديم باشندن کي لٽي ڦري ڀينگ ڪيائين. پڇاڙيءَ ڇا ٿيو جو محمد شاھھ جي پٽ شھر جا دروازا بند ڪرائي توب خاني جي جنگ شروع ڪئي تھ صفدر جنگ ۽ سورج مل ٽن مھينن جي ناڪامي کان پوءِ واپس ٿيا ۽ صلح جو بنياد پيو.

بادشاھھ جا ماڻھو جيئن تھ جنگ کان بيزار ٿي چڪا ھئا، ان ڪري انھن صلح کي غنيمت سمجھيو، ٿوري وقت اندر سورج مل جو دٻدٻو اوج تي آيو. دھلي کان ٻن ڪوھن جي فاصلي کان آگري جي پڇاڙيءَ تائين (ڊيگھھ ۾) ۽ ميوات کان فيروز آباد، شڪوھھ آباد تائين (ويڪر ۾) سورج مل قابض ٿي ويو، ھاڻ ڪنھن جي بھ مجال ناھي جو اتي اذان ۽ نماز جاري رکي سگھي. ھڪ سال ٿيو جو الور جو قلعو، جيڪو ميوات جي خبر چار لھڻ لاءِ مٿاھين جڳھھ جو ڪم ڏيندو ھو، تنھن کي بھ سورج مل پنھنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. بادشاھي ڪارندن مان ڪنھن کي طاقت ناھي جو سورج مل کي روڪي سگھي.

ھندستان جا محصول ستن اٺن ڪروڙن کان گھٽ نھ آھن، پر ان صورت ۾ جڏھن ڪو وصول ڪرڻ وارو ھجي، نھ تھ ھڪ ڪوڏي بھ ملڻ مشڪل آھي، جيئن ھن وقت ڏٺو وڃي ٿو. جنھن علائقي تي جاٽن جو قبضو آھي، اتان ھڪ ڪروڙ محصول وصول ڪري سگھجي ٿو. اھڙيءَ ريت راجپوتانھ وارو علائقو وڏي ھئڻ ڪري ٻن ڪروڙن جي آمدني ڏئي ٿو سگھي. ھوڏانھن بينگال مان سالياني ھڪ ڪروڙ رپين جي آمدني ھئي. جنھن دور ۾ سعادت خان ايراني، ان کان پوءِ سندس نياڻو صفدر اوڏ جي صوبي تي ھئا تھ ٻھ ڪروڙ وصول ڪندا ھئا، ان مان ھڪ ڪروڙ خرچ ۾ تھ ھڪ ڪروڙ بچت ۾ ويندو ھو.

مرھٽن وانگي جاٽ قوم کي بھ ختم ڪري ٿو سگھجي. انھن جن علائقن تي قبضو ڪيو آھي، سي انھن جا نھ بلڪ ٻين جا آھن، جن جا مالڪ اڃا سوڌا جيئرا ويٺا آھن. جيڪڏھن ڪو عادل بادشاھھ انھن تي ھٿ ڦيري تھ اھي سورج مل سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندا.

ھيءُ جيڪي بيان ٿي چڪو، سو غير مسلم طبقي بابت ھو. مسلمانن جو وري اھو حال آھي، جو شاھي نوڪر جيڪي ھڪ لک کان مٿي ھئا، جن ۾ پيادا، سوار، شاھوڪار، جاگيردار وغيره اچي وڃن ٿا، بادشاھن جي غفلت سبب سموري آمدني رڪجي وئي ۽ بادشاھي خزانا خالي ٿي ويا تھ آخر نوڪر چاڪر پني منگي گذاريو ڪرڻ لڳا، جڏھن شاھي نوڪرن جو اھو حال وڃي ٿيو تھ ٻين ويچارن جي ڪھڙي حالت ٿي ھوندي، جن ۾ وظيفي خور، سوداگر ۽ ڪاريگر شامل آھن.

ھن وقت اھي سڀ ظلم ۽ بيروزگاري ۾ گرفتار آھن، علاوه انھيءَ تنگي ۽ مفلسي جي، جيڪا سورج مل جي قوم صفدر جنگ سان ملي، دھلي جي پراڻي شھر تي چڙھائي ڪري سندن دربدري جي صورت ۾ مٿن مڙھي ڇڏي. ھاڻي ڳالھھ وڃي اتي پھتي آھي، جو لاڳيتي ڏڪار سبب مسلمان قوم جي حالت رحم جوڳي وڃي رھي آھي. ھن وقت بادشاھي معاملن ۾ صرف ھندن جو عمل دخل آھي ۽ ھر قسم جي دولت انھن جي گھرن ۾ ڏٺي وڃي ٿي. مسلمان اھو ئي مفلسي جي مصيبت ۾ مبتلا رھي ٿو.

ھندستان ۾ غير مسلم طبقي جي غلبي جي نوعيت اھا آھي، جيڪا مٿي بيان ڪرڻ ۾ آئي ۽ مسلمانن جي ڪمزوري ان حد تائين آھي، جنھن بابت ذڪر ڪيو ويو.

ھن زماني ۾ اھڙو بادشاھھ، جيڪو شان شوڪت وارو ۽ مخالفن جي لشڪر کي شڪست ڏيندڙ دور انديش ۽ جنگي سورمو سواءِ اوھان جي ٻيو ڪو نھ ٿو سجھي، يقيني طور اوھان تي اھو عين فرض آھي، ھندستان ڪھي اچڻ، مرھٽن جو زور ڀڃڻ، ۽ مسلمانن کي غير مسلم طبقي جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ. ٻي حالت ۾ جيڪڏھن مسلمانن تي غير مسلم طبقي (ڪافرن) جو انھيءَ نموني غلبو ھلندو رھيو تھ (خدا جي پناھھ) مسلمان اسلام کي صفا وساري ڇڏيندا ۽ ٿوري وقت کان پوءِ مسلمان قوم اھڙي قوم ٿي پوندي جو اسلام ۽ غير اسلام ۾ ڪوبھ فرق باقي نھ رھندو. ھيءُ ھڪ وڏي مصيبت آھي، جنھن کي ٽارڻ جي قوت خدا جي فضل سان اوھان کان سواءِ ڪنھن ٻي ۾ نظر نٿي اچي.

اسان خدا جا ٻانھا حضرت محمد ' جن کي پنھنجو شفيع ڪري ٿا مڃون، اوھان کي خدا جي نالي منٿ ٿا ڪريون تھ پنھنجي ھمت مبارڪ کي ھن پاسي متوجھھ فرمائي مخالفن سان اچي جنگ جوٽيو، جيئن خدا جي دفتر ۾ اھو اجر عظيم اوھان جي نالي لکيو وڃي.

”آءٌ (ھن باري ۾) خدا کان پناھھ ٿو گھران، انھيءَ ڳالھھ کان تھ وري نادر شاھھ جو عمل نھ دھرايو وڃي، جنھن مسلمانن کي زير و زير ڪري ڇڏيو، ليڪن مرھٽن ۽ جاٽن کي صحيح سلامت ڇڏي ويندو رھيو. نادر شاھھ کان پوءِ مخالف وڌيڪ زور وٺي ويا ۽ اسلامي لشڪر انتشار جو شڪار ٿي ويو.

جيڪڏھن ڪافر انھيءَ حال ۾رھيا ۽ مسلمان ڪمزور ٿي پيا تھ، اسلام جو ڪٿي بھ نالو نھ رھندو.

خداوند ڪريم مجاھدن جي صفت ۾ فرمائي ٿو: محمد ' جن خدا جو رسول آھي ۽ جيڪي ساڻس گڏ آھن اھي ڪافرن لاءِ ڪات ڪھاڙا ثابت ٿين ٿا، پر پاڻ ۾ کير کنڊ آھن!“(1)

ھي خط تمام وڏو ھو، جنھن ڪري ھتي اختصار کان ڪم وٺي ڪي خاص نڪتا پيش ڪيا ويا آھن؛ غرض تھ: احمد شاھھ ابدالي جھڙي مسلمان حڪمران جي اچڻ کان پوءِ ھند سنڌ جي جيڪا بدترين حالت ٿي سا حضرت شاھھ ولي الله جي زباني اڳواٽ بيان ڪئي وئي تھ:

”احمد شاھھ دراني کي پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ جيڪي دشواريون درپيش اچن ٿيون تن جو وبال ظلم اھو ئي سمجھيو وڃي، جيڪو ھن شھرن تي ڪيو آھي.“

شاھھ ولي الله دھلوي بادشاھن جي خلاف ھوندي احمد شاھھ ابدالي کي ھندستان اچڻ لاءِ جيڪا التجا ڪئي، سا رھي پنھنجي ماڳ! باقي جن ٻين خاص ڪري حڪومتي اھل ڪارن نظام الملڪ آصف جاھھ، حافظ رحمت الله خان ۽ نجيب الدولھ بھ پنھنجي پاران احمد شاھھ کي جيڪي زور ڀريا تن جو اھو ئي مقصد ھو تھ انھيءَ وسيلي اسلامي اقتدار جي حصول کان پوءِ سرڪاري عھدن جا حقدار ٿيندا، ساڳيو خيال جاگيردارن ۽ سردارن جو ھو جيڪي پنھنجي مفاد خاطر ھڪ ٻي سان ملي ھڪ ٿيا ھئا، جيڪو دنيا جو دستور آھي.

احمد شاھھ ابدالي جا شڪارپور ۾ مقرر ڪيل حاڪم:

احمد شاھھ ابدالي جي دور ١١٦٠ھھ/١٧٤٧ع – ١١٨٧ھھ/١٧٧٣ع ۾ سندس پاران شڪارپور تي ھيٺيان حاڪم مقرر ٿي آيا:

١. بوغرا خان نورورئي: ھن جي عمر ٦٤ ورھيھ ھئي. شڪارپور تي پنج سال حاڪم ٿي رھيو. ھيءُ بھادر ۽ سياسي سمجھھ وارو ھو. ماڻھن لاءِ بھتر ثابت ٿيو. مقدمن جا فيصلا غير جانبداري سان ڪندو رھيو، شرپسندن ۽ غلط ذھنيت وارن سان ڪانھ پوندي ھيس.

٢. رحمان خان نوروزئي پنجاھھ ورھين جي ڄمار ۾ حاڪم ٿي آيو. عام ماڻھن کي انصاف مھيا ڪرڻ، سندن ضرورتن مطابق انتطام رکڻ ۾ بي پرواھھ ۽ ظالمن کي ناس ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو. شڪارپور تي پورا پنج سال حڪم ھلايائين.

٣. عبدالرحيم خان باميزئي: ھي شخص ٦٤ ورھين جي عمر ۾ حاڪم ٿي آيو ۽ ست سال حڪومت ڪيائين.

٤. محراب خان بارڪزئي خلزئي: ھن ماڻھوءَ جي حاڪم ٿيڻ وقت ڄمار ٤٥ ورھيھ ھئي، جڏھن شڪارپور تي حاڪم مقرر ٿي آيو. ھن بھ ست سال عھدو ماڻيو(1).

------

ڪلھوڙن جو خاندان:

ڪلھوڙا توڙي دائودپوٽا حقيقت ۾ عباسي آھن، ظاھري طرح ھنن کي بلوچ ڪوٺيو وڃي ٿو. شروعات ۾ ھي فقيري ۽ درويشي وارا ھئا، ان کان پوءِ سنڌ ۾ اچي حڪمران ٿيا. ھيٺ سندن شجرو ڏجي ٿو:

ھن خاندان جو وڏو آدم شاھھ ھو، جيڪو آدم شاھھ جي ٽڪري تي ٩٦٢ھھ/ ١٥٥٠ع (دراصل، ١٠٠٩ھھ/١٦٠٠ع) دفن ٿيل آھي. ھو ميان ڪجن نور شاھھ ٩٢٧ھھ/١٥٢٠ع جو پٽ. اھو ميان صاحبڏني ٨٨٢ھھ/١٤٧٧ع جو پٽ، اھو ميان خان ٨٤٨ھھ/١٤٤٤ع جو پٽ. اھو ميان طاھر ٨١٣ھھ/١٤١٠ع جو پٽ، اھو ميان راڻي ٧٧٧ھھ/١٣٧٥ع جو پٽ، اھو ميان شاھل محمد ٧٤١ھھ/١٣٤٠ع جو پٽ، اھو ميان ابراھيم ڪلھوڙي ٧٠٠ھھ/١٣٠٠ع جو پٽ، اھو ميان محمد مھدي ٦٥٩ھھ/١٢٦٠ع جو پٽ ۽ اھو ڄام چيني ٦١٧ھھ/١٢٢٠ع جو پٽ ھو!

ڪلھوڙا حڪمرانن بابت سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:

ڪلھوڙن جي خاندان جو بنياد وجھندڙ ميان آدم شاھھ آھي، جنھن جا وڏا پھريان ڪڇ مان آيا پوءِ ملتان وڃي رھيا، آدم شاھھ مير محمد جونپوري جو مريد ھو. ھن ھٽڙي جي ڳوٺ ۾ جو ھن وقت ڏوڪري (لاڙڪاڻي) تعلقي ۾ آھي، اتي رھي مھدوي تحريڪ کي گھڻو زور وٺايو. کٻڙ نالي ابڙو اوائل ۾ سندس مريد ٿيو ۽ سندس خدمت ۾ اچي رھيو.

ھي انھن ڏينھن جي ڳالھھ آھي جڏھن عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي ڪاھھ ڪري آيو ھو.اھو (مردود) جڏھن لاڙڪاڻي وٽان لنگھيو تھ کيس ميان آدم شاھھ جو ڏس مليو، جنھن وٽ دعا گرھڻ لاءِ لنگھي ويو. ان موقعي تي کٻڙ ابڙي وجھھ وٺي خان خانان کي چانڊڪا پرڳڻي جي زمين ڏيارڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ خان خانان سندس عرض اگھائي فقيرن جي گذر بسر جي لاءِ اھا زمين کيس جاگير طور ڏيڻ قبول ڪئي.

ميان آدم شاھھ جا مريد (انھيءَ جاگير جي زور تي) وڌيڪ زور وٺندا ويا، آسپاس جي زميندارن کي ھيسائي سندن (زمينن تي قبضو ڪندا آيا، آخرڪار ماڻھو تنگ ٿي ملتان جي گورنر آقا شاھھ محمد وٽ دانھن کڻي ويا، جنھن ميان آدم شاھ کي گھرائي پاڻ وٽ نظربند ڪري رکيو، اتي ئي ھو وفات ڪري ويو، سندس لاش سکر آڻي ٽڪريءَ تي دفنايو ويو جيڪا اڄ تائين مشھور آھي.(1)

ميان دائود ولد ميان آدم شاھھ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو ۽ پيري مريدي جو سلسلو ساڳي نموني جاري رکيائين، پر اھڙو ڪو خاص ڪم ڪونھ ڪيائين، جو تاريخ ۾ نظر اچي.

ان کان پوءِ ميان الياس ولد ميان دائود، گادي ڌڻي ٿيو، ھن مريدن ۾ تمام گھڻو واڌارو ڪيو ۽ طاقت ۾ اچڻ لڳو، پر ستت ئي وفات ڪري ويو. سندس مقبرو ڏوڪري تعلقي ۾ انڙ آباد لڳ مشھور زيارت گاھھ جي صورت ۾ آھي.

ميان شاھل محمد ولد ميان دائود پنھنجي ڀاءُ ميان الياس جي جاءِ تي ويٺو، ھن جي وقت ۾ فقيرن ڏاڍو زور ورتو، زمينداري بھ گھڻي وڌي وئي، گھاڙ واھھ جيڪو لاڙڪاڻي مان لنگھي ٿو، سو انھي شاھل محمد کوٽايو ھو. ميان شاھل محمد گھاڙ واھھ جي ٻنھي پاسن واري زمين جيڪا سندس مريدن (ابڙن) جي ھئي، تنھن تي قبضو ڪري، پنھنجي عزيزن کي ورھائي ڏني. ھن جي انھي قدم کان ابڙا لاچار ٿي پيا ۽ مريدي جو ننگ ڇڏي بکر جي مغلن پاران مقرر ڪيل گورنر وڏيري جلال خان ابڙي ڏانھن دانھين ٿي ويا، جنھن کان مدد وٺي ميان شاھل محمد سان جنگ جوٽيائون.انھيءَ جنگ ۾ ميان شاھل محمدشھيد ٿي ويو. کيس گھاڙ واھھ جي ڪناري دفن ڪيو ويو. ان کان پوءِ ميان نصير محمدولد ميان الياس ١٠٦٨ھھ/١٦٥٧ع ڌاري پنھنجي وڏن جي جاءِ والاري، ميان نصير محمد جي فقيري جي چوڌاري ھاڪ ٿي وئي، جنھن ڪري آسپاس جا زميندار ھن سان وڙھڻ لڳا ۽ بکر مان مغلن جو ڪٽڪ ساڻ ڪري ميان تي ڪاھي آيا. جنھن ڪري راتو رات پنھنجي مريدن سميت ريگستان جي پاسي نڪري ويو. ليڪن گذران جي تنگيءَ سبب ھن کي اتان موٽ کائڻي پئي، واپس اچڻ تي پنھورن جي پرڳڻي ھاڻوڪي دادو تعلقي تائين پھتو تھ پنھورن پنھنجي زمين ڦرجڻ جي ڊپ کان فقيرن جي مقابلي لاءِ بکر جي مغل حاڪم کان مدد وٺي مقابلو ڪيو، جنھن ۾ سرڪار سان سبي جو حاڪم مير خان بھ شامل ھو. مير خان پڇاڙيءَ ميان نصير محمد سان صلح ڪري پنھنجي چاچي محبت خان سان گڏ کيس دھلي جي بادشاھھ اورنگزيب عالمگير ڏانھن اماڻيو جتي کيس نظربند ڪري رکيو ويو.

ڪيترن سالن کان پوءِ ميان نصير محمد آخر اورنگزيب جي قيدخاني مان ڀڄي سنڌ ۾ آيو. سندس مريد جيڪي ھن جي پرپٺ ڏاڍا ڏکيا ٿي چڪا ھئا، سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ پنھورن جي پرڳڻي ۾ پنھنجو ڳوٺ اڏي ويھي رھيا. ٻئي پاسي ميان نصير محمد چانڊڪا واري جاگير ۾ پنھنجي آبادي سان وڏي طاقت حاصل ڪئي. انھي طاقت تي بکر جي مغل حاڪم مير يعقوب خان (١٠٨١ھھ) کي جنگ ۾ زبردست شڪست ڏنائين.ان کان پوءِ وڌيڪ زور وٺندو ويو ۽ ساھتي جو سڄو پرڳڻو ھٿ ڪري ورتائين.پوءِ ھن سيوھڻ جو وڏو حصو ٺيڪي تي کنيو. ھن جا مريد پنھنجي وس آھر ھيڏانھن ھوڏانھن پير کوڙيندا ويا، نوشھروفيروز سندس ھڪ فقير فيروز نالي ٻڌايو. آخر پنجٽيھن ورھين تائين پنھنجن فقيرن تي ھڪڙي قسم جي حڪومت ھلائي، ميان نصير محمد ١١٠٣ھھ/١٦٩٦ع ۾ ھي جھان ڇڏي ويندو رھيو. سندس مقبرو جو ھي تعلقي ۾ مشھور معروف آھي.

ميان نصير محمد جو پٽ ميان دين محمد گاديءَ تي ويٺو تھ سندس فقير سرائي سڏائڻ لڳا ۽ اڳي کان اڳرا ٿي ويا. ھنن پنھورن جي ھڪ بنيادي شھر فتح پور تي قبضو ڪيو، جنھن تان پنھور دادرسي لاءِ دھلي دانھن کڻي ويو. اتان سرڪاري حڪم تي شيخ جھان نالي ھڪڙو امير سنڌ مٿان ڪاھھ ڪري آيو، ڳيريلي وٽ سخت جنگ لڳي، جنھن ۾ شيخ جھان مارجي ويو ۽ سرائين جي سوڀ ٿي.

بکر جو گورنر الھيار خان سرائين جي وڌندڙ طاقت ڏسي قنبر خان جي فوج وٺي سرائين سان چڪري ڏني پر ٿوري ڏي وٺ کان پوءِ ٻنھي ڌرين جو صلح ٿي ويو. انھيءَ وچ ۾ ميان دين محمد جي زور وٺڻ جو اطلاع شھزادي معز الدين ولد اورنگزيب عالمگير کي لاھور ۾ پھتو، جتان شھزادو پنھنجي سر سنڌ تي چڙھي آيو.

ميان دين محمد شھزادي جي اچڻ جي خبر ٻڌي پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي شھزادي جي آجيان لاءِ بکر ڏياري موڪليو، جنھن شھزادي جي تابعداري ڪري کيس راضي ڪيو، شھزادو اتان ئي واپس ھليو ويو. ميان دين محمد جي ھڪ مريد فقير مقصودي ڇا ڪيو جو ميان جي سڏ ڏيڻ کان سواءِ ماٿيلي کان وٺي جو ڦرلٽ شروع ڪيائين تھ وڃي اچ تائين پھتو. ان ڳالھھ تي شھزادي معزالدين کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي سو لاھور ڏانھن ويندي رستي تان ئي موٽي آيو. ميان دين محمد شھزادي جي واپسي جو ٻڌي ملڪ ڇڏي ھليو ويو، پوئتان شھزادي ڇا ڪيو جو ميان جي سموري پرڳڻي کي سڃ ڪري ڇڏيائين. انھي لٽ ڦر ۾ شھزادو ڇھھ مھينا سنڌ ۾ ھو، ميان دين محمد لاچار ٿي سيوھڻ پھچي کيس پيش پيو، کيس شھزادو پاڻ سان ملتان وٺي ويو جتي ١١١١ھھ /١٧٠٠ع ڌاري لاڏاڻو ڪيائين.

ميان دين محمد جو ڀاءُ ميان يار محمد، ميان دين محمد گرفتاري کان پوءِ (جنھن کي شھزادو معزالدين ملتان وٺي ويو ھو). پنھنجي راڄ ڀاڳ ۽ فقيرن سوڌو پوئتي پئجي چڪو ھو، سو ٻيو چارو نھ ڏسي قلات ڏانھن ھليو ويو. ھن جي پٺيان سبيءَ جي حاڪم بختيار خان کي موقعو ملي ويو، جنھن سندس علائقي ۽ جاگير تي قبضو ڪري ورتو. ميان يار محمد بروقت ان جو ڪو تدارڪ نھ ڪري سگھيو، پر ٻن سالن کان پوءِ دل ٻڌي حوصلو ڌاري قلات مان بروھين جي ڪٽڪ سان وطن واپس آيو ۽ ھتي اچڻ کان پوءِ راڄو ليکي جيڪو سندس خاندان جو خاص مريد ھو اچي ساڻس مليو، جنھن سان وڏي جماعت ساڻ ھئي.

ميان يار محمد ھوريان ڏاڍيان ڪاھيندو منڇر ڍنڍ کان وٺي خداآباد تائين پنھورن جي علائقي تي قبضو ڪري ورتو پوءِ چانڊڪا پرڳڻي ۾ وڃي اتان بختيار خان پٺاڻ کي تڙي ڪڍيائين.بختيار خان ملتان وڃي شھزادي معزالدين کي دانھن ڏني، شھزادي وري سنڌ تي ڪاھيو. رستي ۾ بختيار ان جو شھزادي سان اختلاف ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ کيس (بختيار خان) کي قتل ڪرايو ويو.

ميان يار محمد درٻيلي ۾ اچي شھزادي اڳيان پيش پيو جنھن ڪري مٿس نوازشون ٿيون ۽ ھي فقير مان بدلجي امير ٿي پيو. اھو ئي شخص سنڌ ۾ ڌارين جي زور تي اقتدار حاصل ڪري جاگيردار جي صورت ۾ سنڌ اندر اڀريو، جنھن اڳتي ھلي شاھھ عنايت جھوڪ واري سان رقابت رکندي کيس مغل حاڪم ھٿان قتل ڪرائي ڇڏيو، ھي پوءِ سنڌ ۾ وڌيڪ زور وٺندو ويو. ميان يار محمد کي عالمگير جي درٻار مان خدايار خان جو لقب عطا ٿيو.

پنھورن جي ھڪ ڳوٺ، شڪارپور کي ويران ڪرائي اتي خداآباد نالي شھر ٻڌايائين، جتي ان زماني جي ھڪ مسجد اڄ تائين مشھور آھي. ان کان پوءِ شڪارپور جي اوسي پاسي چڙھائي ڪري دائودپوٽن کان لکي ۽ ٻيا علائقا کسي پنھنجي قبضي ڪيائين. انھي دوران ديري غازي خان ۾ بغاوت شروع ٿي تھ ھن مير شھدادخان (ٽالپورن جي وڏي ڏاڏي) کي اوڏاھين اماڻي ٺاپر ڪرائي ڇڏي، ان ڪري دھلي درٻار ۾ وڌيڪ سرخرو ٿيو. ميان يار محمد باقاعدي ڪلھوڙا حڪومت جو بنياد رکي ارڙھن (١٨) ورھيھ حڪومت ھلائي. آچر ڏينھن ١٥ ذوالقعد سال ١١٣١ھھ/ مطابق ١٧١٨ع رحلت ڪئي.

ميان يار محمد کانپوءِ سندس پٽ ميان نور محمد جو وارو اچي ٿو، جنھن جو احوال ميان سرفراز جي دور تائين اچي چڪوآھي. ميان سرفراز تائين پھچندي ڪلھوڙا ايتري قدر ڪمزور ٿي چڪا ھئا، جو سندن حڪومت ڪنھن انتظام ھيٺ نھ اچي سگھي، تنھن ڪري ان جو جٽاءُ ڏکيو ٿي پيو. ميان سرفراز کانپوءِ سندس ھڪڙو ڀاءُ ميان محمد خان ١١٨٩ھھ/ ١٧٨٥ع تخت تي ويٺو بھ، تھ جلد ۾ لھي بھ ويو، مٿانس ميان نبي ولد ميان نور محمد ١١٨٩ھھ ۾ اقتدار حاصل ڪيو ۽ ١١٩٠ھھ/١٧٧٧ع ۾ ھليو ويو، پڇاڙيءَ ان جو ڀاءُ ميان عبدالنبي آيو جيڪو نھايت بزدل ۽ شڪي مزاج ھو، سو پنھنجن عزيزن کي مارائڻ کان بھ نھ مڙيو، ھن قنڌار ڏانھن ڍل موڪلڻ بند ڪري ڇڏي، جنھن تان مٿس چڙھائي ٿي، پر مير بجار خان ٽالپور جي مدد سان شڪارپور جي ٻاھران افغاني لشڪر کي شڪست ملي، جنھن جي احسان عيوض ميان عبدالنبي مير بجار خان کي ١١٩٤ھھ/١٧٨٠ع ۾ مارائي ڇڏيو. آخر ٽالپورن جي ڊپ کان ھي قلات ۽ قنڌار مان مدد حاصل ڪرڻ ويو، جنھن جي نتيجي ۾ مدد خان پٺاڻ، خان قلات ۽ بھاولپور جي نواب سندس ساٿ ڏنو(1) نيٺ مدد خان پٺاڻ ١١٩٤ھھ ۾ سنڌ سان گڏ ميان عبدالنبي کي بھ لوڏن ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ٽالپرن اڳتي وڌي کيس (ميان عبدالنبي کي) ماڳھين ملڪ مان تڙي سنڌ تي پنھنجي حڪومت قائم ڪري ورتي.

*


 

(٤)

بارڪزئي، سردار پائنده خان ۽ سندس اولاد:

بارڪزئي، ابدالين جي لڇ مان ھڪ قبيلو آھي، جيڪو ڏکڻ قنڌار کان فراھھ واري علائقي تائين رھي ٿو.(ڏسو سندن شجرو) انھيءَ قبيلي مان ١٠٠٠ھھ/١٥٩١ع ڌاري، قنڌار جي ڏکڻ اوڀر ارغسان جي ايراضيءَ ۾، محمد نالي ھڪ رئيس رھندوھو، جيڪو بارڪ خاندان مان چيو وڃي ٿو.ان جي اولاد بارڪزئي قبيلن جو قنڌار طرف رياست ھئي، جنھن جو مرڪز ھلمند جي ڪناري ڏکڻ گرشڪ ۾ ھو.

احمد شاھھ ابدالي بابت (جيئن تعليق ٣ ۾ ڄاڻايو ويو آھي). ١١٦٠ھھ ڌاري جڏھن شير سرخ (قنڌار) ۾ جرگو ڪوٺايو ويو تھ ان ۾ ٻين افغان رئيسن سان گڏ، رئيس محمد جي اولاد مان رئيس حاجي جمال خان ولد حاجي يوسف بھ شريڪ ٿيو ھو، جواڳتي ھلي احمد شاھي درٻار ۾وڏو معزز ٿيو ۽ قنڌار جي وڏن رئيسن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

رئيس جمال خان ١١٨٤ھھ ۾ فوت ٿيو. کيس قنڌار جي ڏکڻ طرف ذاڪر ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ رحيمداد خان ۽ سردار پائنده خان ھڪ ٻئي پٺيان بارڪزئي قبيلن جي رياست سنڀاليندا رھيا. سردار پائنده خان کي تيمور شاھھ جي زماني ۾ وڏو عھدو مليو. ھن، آزاد خان ڪشميري ۽ عبدالخالق خان سندوزئي جي وڳوڙ، ۽ تيمور شاھھ جي پٽ شھزادي عباس جي ڀاڄ ۽ مھمند لائل پوره ۾، تيمور شاھھ جو ساٿ ڏنو. ان ڪري ١١٨٦ھھ ۾ کيس سرفراز خان جو قلب ڏنوويو. ھيءُ ١١٩٠ھھ ۾ بنون ۽ ڪوئيٽھ (شال) جو حاڪم مقرر ٿيو. پوءِ وري ڪابل ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت ھرات ۽ بلخ ۾ رھيو ۽ اتان جي ماڻھن کي مطيع ڪري مرڪزي حڪومت ۾ آندائين.(1)

تيمور شاھھ جڏھن آچر ٧ شوال ١٢٠٧ھھ تي ڪابل ۾ فوت ٿي ويو ۽ سنددس پٽ شاھھ زمان گاديءَ تي ويٺو تھ ھن رحمت الله خان ولد فتح الله خان ڪامران خيلي سدوزئي کي معتمد الدوله جي خطاب ۽ وفادار خان جو لقب ڏئي، پنھنجو وزير مقرر ڪيو.(1) انھيءَ کانپوءِ پائنده خان شاھي درٻار کان پراھون ٿيندو ويو ۽ سندس رتبو بھ ساڳيو نھ رھيو. ھيءُ انھيءَ ڪروڌ ۾ ھلمند جي ڪناري ادي واري قلعي ۾ رھي، اندروني طور زمان شاھھ جي تختي اونڌي ڪرڻ لاءِ سٽون سٽيندو رھيو. زمان شاھھ جڏھن قنڌار آيو تھ سردار پائنده خان سازش ڪري درٻاري اميرن اسلام خان ضبط بيگي، حڪمت خان سرگاني، محمد عظيم خان ولد مير ھزار الڪوزئي، امير اصلاخان، جعفر خان جوان شير، يوسف خان خواجھ سرا، مرزا شريف منشي ۽ نور محمد خان بابريءَ کي پاڻ سان ملايو تھ جيئن شاھھ زمان کي قيد ڪري شھزادي شجاع الملڪ کي تخت تي ويھارجي ۽ وزير رحمت الله خان کي قتل ڪيو وڃي.(2)

انھن سازشين مان مرزا شريف منشي اڳواٽ وزير ۽ شاھھ زمان کي خبردار ڪيو، جنھن تان ھن انھن سڀني کي گھرائي ارگ (قنڌار) ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ١٣ رمضان ١٢١٤ھھ-١٧٩٩ع تي سردار پائنده خان جو لاش سندس پيءُ جي مقبري واقع ڳوٺ ذاڪر ڏکڻ قنڌار ۾ دفنايو ويو. ھن جي پٽ سردار مھردل خان مشرقي، انھيءَ حادثي جي تاريخ ھنن ٻن بيتن ۾ لکي، سندس مزار تي نصب ڪئي:

سرفراز جھان جڏھن پٽ تي ڪري پيو،

تھ سڀني افغان ۾ دانھوڙ مچي وئي،

مون جڏھن سندس وفات جي تاريخ ڪڍي،

جواب مليو، قلھم شھادت الرحمٰن.(1)

سردار پائنده خان جا ويھھ پٽ عھدي جا طلبگار ۽ نھايت طاقتور ھئا، جيڪي پيءُ جي قتل کان پوءِ افغانستان ۾وڏو گوڙ مچائيندا رھيا. ھيءُ سڀ انھيءَ سال ١٢١٤ھھ عيد جي ڏينھن ھلمند جي ڪناري ادي واري قلعي ۾ اچي ڪٺا ٿيا ۽ پنھنجي پيءُ جي بدلي وٺڻ جو پھھ ڪيائون. انھن جي ماءُ ”ادي“ کين جھانگيري جو درس ڏنو.

اصل ۾ شاھھ زمان اھا وڏي ڀل ڪئي جو وزير رحمت الله خان کي مٿي چاڙھيائين. آخرڪار انھيءَ جي ڪري سردار پائنده خان ۽ ٻين سردارن جي قتل کان پوءِ سندس بادشاھي بھ ھيٺ مٿي ٿي ويئي. انھن سردار زادن مان سردار پائنده خان جو وڏو پٽ فتح خان قنڌار مان نڪري سڌو ايران ھليو ويو، جتي شاھھ زمان جي فرار ٿيل ڀاءُ شھزادي محمود وٽ وڃي پناھھ ورتائين. زمان شاھھ ان وقت ھڪ لک لشڪر ھندستان تي چڙھائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ھو، جنھن مان انگريزن جا سياسي نمائندا خطرو محسوس ڪري رھيا ھئا تھ متان ڪٿي نيپولين کي نھ ڪو موقعو ملي وڃي. تنھن ڪري زمان شاھھ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا. انھن ڪوششن ۾ ھنن ايران جي قاچاري درٻار جي ساٿ سان فتح خان کي اوڏاھين موڪليو، جيئن ھو شاھھ زمان خلاف افغانستان تي چڙھائي ڪري. شاھھ زمان ان کان اڳ بھ پشاور کان ھندستان فتح ڪرڻ جو خيال ڪيو ھو ۽ وڏي فوج وٽس ھئي (٢٥- آڪٽوبر ١٧٩٨ع/١٢١٣ھھ). ھو لاھور ۾ رنجيت سنگھھ کي مطيع ڪري پنھنجو لشڪر تيار ڪري رھيو ھو. انھيءَ تان لارڊ ولزلي ھندستان جي گورنر جنرل جان ميلڪم کي سفير ڪري ايران جي درٻار ڏانھن اماڻيو، ۽ ١٠ جنوري ١٨٠١ع ۾ ايران جي بادشاھھ سان معاھدو ڪيائين. انھيءَ معاھدي موجب ايران جي شاھھ کي عھد ڪرڻو پيو تھ جيڪڏھن افغانستان جي بادشاھھ ھندستان تي حملو ڪيو تھ ايران وري افغانستان تي چڙھائي ڪندو.

ٻئي پاسي جيڪڏھن افغانستان جي بادشاھھ يا فرانس جي حڪومت ايران تي ڪاھيو يا ايران جي سامونڊي ڪنارن سان ھٿ چراند ڪيائين، تھ انگريزن جي حڪومت پنھنجون فوجون ايران جي مدد لاءِ ڏياري موڪليندي.

ٻئي پاسي جان مالڪم برطانيا جي سفير آقا محمد قاچار جي جانشين فتح علي شاھھ سان بھ خراسان ۽ ھرات تي لشڪر ڪشي جو معاھدو ڪيو ھو جيئن شاھھ زمان کي پٺيان جو خطرو رھندو اچي.

ولزلي جو اھو سياسي منصوبو ڪارگر ثابت ٿيو ۽ ھرات تي لشڪر چڙھي آيو، جنھن جو ٻڌي شاھھ زمان پشاور ۽ قنڌار کان ٿيندو ھرات ۾ آيو. ان کان فتح شاھھ جو مقصد بھ حل ٿيو تھ زمان شاھھ ھندستان فتح ڪرڻ کان رھجي ويو. ھن خراسان مان لشڪر واپس گھرائي ورتو.

ليڪن زمان شاھھ اڃا بھ ھندستان فتح ڪرڻ جي خيال ۾ ھو، جنھن لاءِ افغانن ۽ بلوچن جو لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، خاص ڪري پشاور ۾ وڏي پيماني تي تياري شروع ڪري ڏنائين. انگريز حڪمران، جيڪي زمان شاھھ جا وڏا رقيب ھئا ۽ ھن کي پنھنجو طاقتور حريف ٿي سمجھيائون، انھيءَ ڪوشش ۾ مصروف رھندا آيا تھ ھڪ پاسي شاھھ زمان جي ڀائرن کي تھ ٻئي طرف بارڪزئي سردار زادن کي انتقام لاءِ ڀڙڪائي پنھنجو ڪم ڪڍيو وڃي.

سردار پائنده خان جو پٽ فتح خان وڏو بھادر ۽ برجستو ماڻھو ھو. ھن کي پنھنجي قبيلن جي پشت پناھي بھ ھئي، جيڪي قنڌار کان فراھھ تائين تمام گھڻي تعداد ۾ موجود ھئا. ھيءُ انھن ۾ سربراھھ جي حيثيت رکندڙ ھو. سندس مقابلي ۾ شاھھ زمان جي وزير ۽ سلطنت جي مدارالمھام جي ڪا حيثيت نھ ھئي نھ وري کيس ڪا قبائلي قوت ھئي.

انگريزن زمان شاھھ جي انھيءَ زبردست دشمن کي چڱي طرح ٿي ڄاتو سڃاتو، جيڪو ھن جي حڪومت کان سخت ناراض ۽ ڪروڌ ۾ رھندو ٿي آيو ۽ ايران ۾ پناھھ ورتي ھيائين. ھنن موقعو ھٿ ڪري فتح خان کي شھزادي محمود سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ جيئن ٻئي ھيڪاندا ٿي سيستان ۽ فراھھ رستي افغانستان ۾ داخل ٿين. ھيءُ محمود شاھھ جمال خان جي نياڻي ۽ پائنده خان جي ڀيڻ مان پيدا ٿيل ھو، ان ڪري فتح خان کيس ويجھو بھ ھو.

آخري انگريزن جي مراد موجب ھيءُ بارڪزئي قبيلن جي مدد سان (جيڪي ايران جي سرحد وٽان پئي شروع ٿيا) پھرين چڪري ۾ سيستان، فراھھ ۽ قنڌار تي قابض ٿي ويا، پوءِ فتح خان جي سربراھي ۾ ڪابل تي چڙھائي ڪيائون. شاھھ زمان، جنھن پشاور ۾ لشڪر سنبرائي ھندستان ھٿ ڪرڻ جا سانباھا پئي ڪيا، اھا خبر ٻڌي ڪابل ھليو آيو ۽ پنھنجي ڀاءُ محمود ۽ فتح خان سان چڪري ڏيڻ لاءِ غزني وٽان لنگھي اڳتي وڌيو. ٻنھي ڀائرن جو لشڪر غزني ۽ قنڌار جي وچ تي تازي واري علائقي ۾ آمھون سامھون ٿيو. آخر زمان شاھھ کي شڪست نصيب ٿي. کيس گرفتار ڪري بنا ڪنھن دير جي اکين ۾ تتل لوھي سرايون گھمائي انڌو ڪيو ويو. سندس ڀاءُ محموداچي ڪابل جي تخت تي ويٺو. (١٢١٥ھھ/١٨٠٠ع) تنھن کان پوءِ فتح خان کي شاھھ دوست، اشرف الوزراءِ وزير ۽ سڄي ولايت جو مدار المھام مقرر ڪري شاھھ زمان جي وزير رحمت الله خان کي قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ بارڪزئي ڀائرن جي ڄڻ قسمت وري آئي ۽ اھي ١٢١٦ھھ/١٨٠١ع کان افغانستان جا حقيقي مالڪ بڻجي ويا.

ايڏي وڏي حادثي کان پوءِ انگريز وچان نڪري ويو. ٻئي طرف افغانستان ۾ ٻي دور تائين خانھ جنگي جي باھھ ڀڙڪي اٿي ۽ ھرڪو انھيءَ فڪر منديءَ ۾ رھجي ويو(1).

افسوس آھي جو شاھھ زمان ۽ بارڪزئي ڀائر جيڪي ڏاڍا ڪارائتا ۽ بھادر ھئا، سردار پائنده خان جي قتل کانپوءِ، نفاق ۾ وٺجي ويا، نھ تھ جيڪڏھن شاھي درٻار انھن تجربيڪار، دلير ۽ اثر رسوخ رکندڙ ڀائرن تي ھٿ رکي ھا تھ اھي ان کي وڏو ڪم ڏئي وڃن ھا. وزير فتح خان بابت ڏسو تعليق نمبر ١٦٠.

*


 

 

(1) ڈإښجإڷ كإڷۆإڈۏ ڶۆڵإڷإ إقڶڈ ڠڵۑ ڵإێۆڎۑ، ڠبڈإ^ ڶڵڥ، ڜ ١٠٣ ڦإڷ ١٠٩.

(1) ڶقجڎڶ ڷڤڛ ڷإۑإب ڶڷڧۑ، ڶڝڶۆڷ، ڷیۑڷ ڐڷڈڧۑ، ڷۆڶبڎ ١٩٨٧ڠ، ڜ. ٤٣.

(1) ڶۑإڷ آڈڶ ڛإێێ ڥڵێۆڏۆ (١٥٢٠ێێ/١٦٠٠ڠ)، ڶڡڵ ښصێێ ښإڵإڎ ڠبڈإڵڎقۑڶ كإڷ كإڷإڷ ضۑ ڞڎڢإڷ إڟێإڎٔ ڠڤۑڈج ۽ ضإڧۑڎ ضۑ ڷڍڎإڷۑ بڠڈ ښڷډ ۾ ڐۆڎ ۆڎجۆ. ۽ ڶڡڵ ښڎڥإڎ ڵإ٭ كڞڎۆ بڷضۑ ۆۑۆ ێۆ. (ڶڈۑڎ)

(1) إڵۆقۑڈ ښڷډ، آڐإڈ ڷڶبڎ، ١٦- ضۆڷ ١٩٣٦ڠ، ڜ ٩٦ ڦإڷ ٩٩.

(1) قۑإج إڢڡإڷۑ ٣٢٩. جإڎۑك قښۑڷۑ ڤڵڶۑ، ڶۆێڷ ڵإڵ ڐڷڈڧۑ إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ١-١٣.

(1) ښڎإض ٤٦، جإڎۑك قښۑڷۑ ڤڵڶۑ.

(2) جإڎۑك ښڵڞإڷۑ.

(1) ښڎإض ١- ٦٠.

(1) ښڎإض، ښڵڞإڷۑ، إڢڡإڷښجإڷ إښڵإڶ ڦإڷ صۆ٭ ۽ إڢڡإڷښجإڷ ١٩ ڈۆڎ ۾ ۆڡۑڎۏ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org