سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 18

(٥٦)

سنڌ جي ميرن جا ھندستان جي برطانوي حڪومت سان معاھدا:

*

(١)

مير غلام علي خان ٽالپور سان معاھدو:

ايسٽ انڊيا ڪمپني جا تجارتي ناتا ڪلھوڙن جي دور کان ميان غلام شاھھ جي حڪم موجب ١٧٥٨ع ڌاري قائم ٿيا ھئا، جنھن مطابق انگريزن جون ڪي واپاري ڪوٺيون سنڌ ۾ وڌيون ويون، اھي ڪوٺيون ٺٽي ۽ شاھھ بندر ۾ ھيون.

انگريزن سان اھي تجارتي ناتا ٽالپور خاندان جي پھرين حڪمرانن پڻ قائم رکيا، جن مان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپارين وڏا فائدا حاصل ڪيا. انگريز واپارين جي اھا وڌڪار سنڌ ۾ زمان شاھھ ابدالي جي مفاد خلاف ھئي، ان ڪري شاھھ زمان سنڌ جي ميرن کي چيو تھ انگريزن سان اھي ناتا ٽوڙيا وڃن. جيئن سنڌ ۾ انگريزن جو وڌندڙ اثر جھڪو ٿي وڃي.(1)

جڏھن مير غلام علي خان ٽالپور حيدرآباد ۾ سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو تھ ١٨٠٣ع ۾ پنھنجي نمائندي کي بمبئي ڏانھن موڪليائين جيئن وري انگريز واپارين کي سنڌ ۾ آندو وڃي، پر بمبئي جي حاڪم اڳوڻي خساري (گھاٽي) جي تاوڻ جي گھر ڪئي ان ڪري ڪجھھ وقت ماٺ ٿي وئي.

اڳتي ھلي جڏھن انگريزن کي نيپولين جي حملي جو خطرو محسوس ٿيو ۽ کين خبر پئي تھ نيپولين جا زمان شاھھ ابدالي سان ڪي سياسي لاڳاپا ٿيندا پيا وڃن، تھ ھنن کي ھندستان جي اولاھين علائقن جي بچاءَ جو اونو ٿيو، ان لاءِ ڪپتان ڊيوٽ سٽن کي حيدرآباد ڏانھن مير غلام علي خان جي درٻار ۾ موڪليو ويو، جنھن مير غلام علي سان ھيٺيون معاھدو طي ڪيو.

١- انگريزن ۽ ميرن جون حڪومتون عھد ڪن ٿيون تھ ھي ٻئي پاڻ ۾ دوستي ڳنڍي ھڪ ٻي جي دوستن جو خيال رکنديون ۽ ساڳي وقت ھڪ ٻي جي دشمن کي دشمن ڪري سمجھنديون، اھو عھد ھميشھ لاءِ پڪو ليکيو ويندو.

٢- ضرورت پوڻ تي ٻئي حڪومتون ھڪ ٻي سان فوجي مدد ڪنديون رھنديون.

٣- جيڪڏھن ھڪ حڪومت جو مخالف ٻي حڪومت جي سرزمين ۾ پناھھ وٺڻ چاھيندو تھ ان کي پناھھ نھ ڏني ويندي.

٤- سنڌ جي حڪومت جو ڪوبھ واسطيدار جيڪڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني کان جنگي سامان خريد ڪندو تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني ان جي ضرور مدد ڪندي، انھيءَ شرط سان تھ ان سامان جي قيمت روڪڙ جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي.

٥- ڪمپني جي سرڪار جو ھڪ ماڻھو دوستاڻي ناتن جي سنڀال ۽ خيرخواھي لاءِ سنڌ جي درٻار ۾ رھايو ويندو.

٦- ٻنھي حڪومتن درميان ھن کان اڳ جيڪي تاوڻ واريون دعوائون ھيون اھي ھاڻ رد ڪيون وڃن ٿيون.

٧- انگريزن پاران صرف ٺٽي جي شھر ۾ ھڪ تجارتي ڪوٺي قائم ھوندي جيئن ھن کان اڳ ڪلھوڙن واري دور ۾ ھئي. ھيءُ معاھدو خدا جي فضل سان محڪم رھندو.

(٢٤ جولاءِ ١٨٠٨ع/١- جمادي الثاني ١٢٢٣ھھ.(1)

(٢)

ميرن جو، ن، ھھ. سمٿ سان، معاھدو

٢٢- آگسٽ ١٨٠٩ع:

١- انگريزن ۽ ميرن – مير غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي جي حڪومتن جي ھڪ ٻي سان دوستي قائم رھندي.

٢- ٻنھي حڪومتن درميان ڪابھ دشمني پيدا نھ ٿيندي.

٣- ٻنھي حڪومتن طرفان ھڪ ٻئي جي درٻار ۾ وڪيل (سفير) مقرر ڪرڻ ۾ ايندا.

٤- سنڌ جي حڪومت فرينچن کي پنھنجي ملڪ ۾ رھڻ جي اجازت نھ ڏيندي.(2)

(تاريخ: ١ رجب ١٢٢٤ھھ – ٢١ آگسٽ ١٨٠٩ع)

ھي معاھدو حقيقت ۾ نيپولين جو وڌندڙ خطري ۽ زمان شاھھ ابدالي جي خوف کي ڌيان ۾ رکندي سنڌ جي ميرن سان ڪيو ويو. انگريز حڪومت مٽڪاف کي لاھور ڏانھن رنجيت سنگھھ جي درٻار ۾، ايلفنسٽن کي ڪابل ۽ ميلڪم کي ايران موڪلي ڏنو، انھيءَ مقصد سان تھ اھي اتان جي حڪمرانن کي جون ١٨٠٧ع جي اتحادين نيپولين ۽ اليگزينڊر اول (روس جي بادشاھھ) خلاف انگريزن سان ٻڌيءَ ۾ اچڻ لاءِ انتظام ڪن. ساڳي مقصد لاءِ سمٿ کي سنڌ ڏانھن اماڻيو ويو جنھن اھو معاھدو طئي ڪيو.(1)

(٣)

ايلفنسٽن سان ميرن جو معاھدو، ٩ – نومبر ١٩٢٠ع:

انگريزن ۽ سنڌ جي حڪومت درميان دوستي جي ناتي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، ھن معاھدي طئي ٿيڻ ۾ سنڌ حڪومت طرفان مير اسماعيل شاھھ ۽ انگريزن جي حڪومت پاران بمبئي جي گورنر بھرو ورتو، جن کي اھڙا اختيار ڏنا ويا ھئا. معاھدي جا شرط ھي ھئا:

١- انگريزن ۽ مير ڪرم علي، مير مراد علي جا ھڪ ٻئي سان دوستاڻا ناتا قائم رھندا.

٢- ٻنھي حڪومتن طرفان ھڪ ٻئي جي درٻار ۾ وڪيل (سفير) مقرر ڪرڻ ۾ ايندا.

٣- سنڌ جا مير پنھنجي سر زمين ۾ ڪنھن بھ يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻھو کي رھڻ جي اجازت نھ ڏيندا. ليڪن ٻنھي حڪومتن جي رعايا مان جيڪڏھن ڪو شخص ھڪ ٻئي جي سرزمين تي امن ۽ اطاعت سان رھڻ چاھيندو تھ بلڪل رھي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو شخص مجرم ۽ سرڪش ھوندو تھ واسطيدار حڪومت کي اھو حق رھندو تھ ھو ان کي ملڪ مان تڙي ڪڍي يا کيس سزا ڏئي ڇڏي.

٤- سنڌ جا مير کوسن ۽ ٻين سرحدي قبيلن جي پنھنجي سرحد ۾ نگھباني ڪندا، جيئن اھي ڪا لٽ ڦر ڪري نھ سگھن. انھن کي انگريزن جي سرزمين ڏانھن وڃڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي.

٩ – نومبر ١٩٢٠ع مھر ايسٽ انڊيا ڪمپني.

ھي معاھدو مير اسماعيل شاھھ وڪيل مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان (رڪن الدولھ ۽ امير الدولھ) ۽ بمبئي جي گورنر ايلفنسٽن صاحب درميان صفر ١٢٣٦ھھ ۾ طئي ٿيو. خدا ڪندو تھ ان ۾ ڪا گھٽ وڌائي ڪانھ ٿيندي. (مھر اسماعيل شاھھ)

تاريخ: ١٠ فيبروري ١٨٢١ع تي ھندستان جي برطانوي حڪومت ھن معاھدي جي توثيق (تصديق) ڪئي.(1)

(٤)

خيرپور جي ميرن سان دوستي ۽ صلح جو معاھدو، ٤ – اپريل ١٨٣٢ع:

ھي معاھدو ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مير رستم خان ٽالپور خيرپور جي حڪمران درميان ليفٽيننٽ ڪرنل ھنري پاٽنجر وسيلي ٢- ذوالقعد ١٢٤٧ھھ ٤ اپريل ١٨٣٢ع تي طئي ٿيو ۽ تاريخ ١٩ جون ١٨٣٢ع تي شملي ۾ لارڊ بينٽڪ گورنر جنرل پاران ان جي تصديق ڪئي وئي. ھن معاھدي موجب:

١- ٻنھي حڪومتن درميان دوستي جا ناتا قائم رھندا.

٢- ٻئي حڪومتون ھڪ ٻئي سان اقرار ٿيون ڪن تھ پيڙھين کان پوءِ بھ ھڪ ٻئي جي اقتدار ۾ ڪوبھ خلل نھ وجھنديون.

٣- انگريز حڪومت جي خواھش موجب خيرپور جي حڪومت ھندستاني سوداگرن جي، سنڌ ۾ خشڪي توڙي درياھي رستي جي اچ وڃ ۾، انھن شرطن موجب جيڪي حيدرآبادي مير مراد علي خان ٽالپور قبول ڪري چڪو آھي – اجازت ڏئي ڇڏي.

٤- خيرپور جي حڪومت لکت ۾ ڄاڻايل محصولن جي فھرست موجب انھن سڀني شين تان جيڪي ھن ملڪ ۾ آنديون وينديون ھن معاھدي مطابق محصول اڳاڙيندي. خيرپور جي حڪومت اھو بھ قبول ڪري ٿي تھ واپاري معاملن ۾ ڪابھ ھٿ چراند نھ ٿيندي.(1)

مھر ايسٽ انڊيا ڪمپني، دستخط ڊبليو سي بينٽڪ ۽ مھر گورنر جنرل انگريزي ۽ اردو تان ترجمو ٿيل.

(٥)

مراد علي خان ٽالپور جو ھينري پاٽنجر سان معاھدو ٢٠ – اپريل ١٨٣٢ع:

ھي معاھدو حيدرآباد ۾ ١٨- ذوالقعد ١٢٤٧ھھ / ٢٠ اپريل ١٨٣٢ع تي، ليفٽيننٽ ڪرنل پاٽنجر انگريز حڪومت جي نمائندي ۽ مراد علي خان ٽالپور درميان، طئي ٿيو. تاريخ ١٩ جون ١٨٣٢ع تي شملي ۾ لارڊ بينٽڪ ھندستان جي گورنر جنرل پاران ان جي تصديق (توثيق) ڪرڻ ۾ آئي. ھن معاھدي مطابق:

١- ھن کان اڳ ٻنھي حڪومتن درميان دوستي جا جيڪي معاھدا طئي ٿيل ھئا اھي ساڳيءَ ريت بحال رکيا ويا آھن. ليڪن ھن وقت ليفٽيننٽ ڪرنل پاٽنجر انگريز سرڪار جي ايلچي جي ذريعي ٻيون ڪارائتيون ڳالھيون ان ۾ شامل ڪجن ٿيون جيئن ٻنھي حڪومتن جا ناتا ھڪ ٻي سان وڌيڪ مضبوط ٿين ۽ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچي وڃن. ٻيو تھ مير ڪرم علي خان جو خاندان ۽ سندس پويان پيڙھين کان پوءِ بھ ان جي پوئواري ڪندا رھن.

٢- ٻنھي ڌرين مان ڪابھ ھڪ ڌر ڪنھن جي بھ سرزمين ۾ ڪا لالچ واري نظر نھ رکندي.

٣- انگريز حڪومت جي خواھش آھي تھ ھندستان جي واپارين کي تجارتي سامان آڻڻ، نيڻ ۽ درياھي توڙي خشڪي واري رستي اچ وڃ ڪرڻ جي پوري اجازت ھجي تھ جيئن ھو سنڌ مان ڪنھن بھ پاسي پنھنجي مرضي سان اچي وڃي سگھن. سنڌ جي حڪومت انھيءَ مقصد کي ٽن شرطن سان قبول ڪري ٿي.

١- ڪنھن بھ شخص کي اھو حق نھ رھندو تھ انھن رستن کان جنگي ھٿيار آڻي.

٢- ساڳين رستن کان (خاص ڪري درياھي رستي) ھٿيارن سان ڀريل جھاز يا ٻيڙي آڻڻ جي منع ڪجي ٿي.

٣- انگريزن جي ڪنھن بھ ماڻھو کي سنڌ ۾ ھميشھ رھڻ جي اجازت نھ ھوندي، البتھ جيڪڏھن ڪو ڪنھن ضروري ڪم سان ايندو تھ ڪم لاھي، واپس ھندستان ھليو ويندو.

٤- جڏھن بھ ھندستاني واپاري سنڌ ۾ واپار لاءِ اچن تھ انھن وٽ ھندستان جي برطانوي حڪومت جو اجازت نامو ھجي. ان جو اڳواٽ اطلاع ڪڇ ۾ رھندڙ انگريزي ناظم اعليٰ جي ذريعي حيدرآباد جي حڪومت کي ڏيڻ ۾ اچي.

٥- حيدرآباد جي حڪومت مقرر ڪيل محصولن کي سڀني تجارتي شين تي مقرر ڪري ڇڏيو آھي جن ۾ ڪابھ گھٽ وڌائي ڪانھ ڪئي ويندي. اھڙيءَ طرح تجارتي معاملن ۾ بھ ڪا مزاحمت نھ ٿيندي. اھڙي ھدايت سنڌ جي واسطيدار کاتن کي ڪئي ويندي تھ ڪنھن بھ بھاني مٿي ڄاڻايل نون حڪمن مطابق سوداگرن جي ڪم ۾ ڪوبھ رخنو نھ وڌو وڃي. حيدرآباد جي حڪومت سڀني محصولن جي فھرست تيار ڪري اڳواٽ ھندستان جي حڪومت کي پيش ڪندي.

٦- اڳيان معاھدا جيڪي ٻنھي حڪومتن درميان طئي ۽ تصديق ٿيل آھن، تن ۾ نون معاھدن وسيلي ڪابھ ڦيرڦار ڪرڻ ۾ نھ ايندي.

٧- ھڪ ٻئي ڏانھن سفيرن موڪلڻ جو مسئلو بھ ٻنھي ڌرين جي دوستي ۽ صلح لاءِ برقرار رھندو.(1)

مھر ڪمپني دستخط ڊبليو سي بينٽڪ ۽ مھر گورنر جنرل انگريزي ۽ اردو تان ترجمو ٿيل.

(٦)

ذڪر ٿيل معاھدي نمبر (٥) جا ضميما:

معاھدي جا ھي ضميما: معاھدات اردو (٧- ٢٢) سنڌ ۾ انگريزن جي سياست ص ٦٩- تي اردو انگريزي ۾ درج ٿيل آھن، ليڪن پير حسام الدين راشدي جي ڪتبخاني ۾ فارسي ۾ لکيل معاھدات جو ھڪ بياض موجود آھي جيڪو ھڪ پراڻي نسخي تان اتاريل آھي. ان جو مالڪ مرزا غلام رسول، رھندڙ ٽنڊوآغا حيدرآباد آھي. جيئن تھ اسماعيل شاھھ ميرن جو سفير رھي چڪو ھو ان ڪري انھيءَ مسودي تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگھجي ٿو.

ھي معاھدو ٢٢ – اپريل ١٨٣٣ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ حيدرآباد جي ميرن درميان طئي ٿيو ھو، جنھن جا ضميما ھيٺينءَ ريت آھن:

قلم پھريون:

جيئن مٿين معاھدي ۾ ڄاڻايل آھي تھ مير صاحب پنھنجي ماڻھن ھٿان محصولن جي وچور لکرائي انگريزن جي حوالي ڪندو ۽ انھن جا ڪارندا پڙھي ڏسندا، جيڪڏھن اھي محصول مناسب ھوندا تھ انھن جي پوئواري ڪرڻ ۾ ايندي ٻي صورت ۾ انھيءَ فھرست کي مير صاحب ڏانھن واپس ڪيو ويندو، جيئن مير صاحب پاران ان ۾ درستي ڪئي وڃي اھو ڪم پاٽنجر صاحب جي وسيلي ڪراوي ويندو.

قلم ٻيو:

اھا ڳالھھ بلڪل پڌري آھي تھ پارڪر ۽ ٿر وغيره جي چورن کي سيکت ڏيڻ صرف ھڪڙي حڪومت جو ڪم نھ آھي. ان جي لاءِ ٻي حڪومت کي بھ ڌيان ڏيڻو پوندو، جيئن چور چڪار جي ھٿ چراند کان ملڪ امن امان ۾ رھي. ان بابت لکي ڏجي ٿو تھ برسات جي موسم شروع ٿيڻ شرط مير صاحب جي حڪومت طرفان اطلاع ملڻ کپي تھ جيئن انگريز حڪومت جوڌپور جو راجا ۽ خود سنڌ حڪومت خبردار ٿي پاڻ ۾ گڏجي چورن جي پاڙ پٽڻ جو انتظام ڪري رھن.

قلم ٽيون:

ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مير رستم خان خيرپور جي حڪمران درميان ٿيل معاھدي ۾ ھي مضمون لکرايل آھي تھ درياھي رستي کلڻ کان پوءِ اچ وڃ لاءِ جيڪي مير علي مراد خان انگريزن کي سھولتون ڏيڻيون ڪيون آھن اھي ئي سھولتون مير رستم خان کي قبول ڪرڻيون پونديون. انھيءَ لاءِ اھي سڀ نقل جيڪي معاھدي سان تعلق رکن ٿا حيدرآباد جي حڪومت ۽ انگريز پاران مير رستم خان ڏانھن اماڻيا ويندا. جيڪي نظر مان ڪڍي انھن تي کيس عمل ڪرڻو پوندو.(1)

ضميمو نمبر ٻيو تجارتي:

معاھدي جي پڪ بابت تھ، ان مطابق، سنڌ ۾ درياھي رستي واپارين جي مال جي آڻڻ نيڻ لاءِ سنڌ جي حڪومت ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي وچ ۾ ھيءَ صورتحال بحال رکي ويندي.(2)

٢٠ اپريل ١٨٣٢ع/ ١٨ ذوالقعد ١٣٣٧ھھ جي قلم نمبر پھرين ۾ ھيءَ ڳالھھ آندل آھي تھ، مير صاحب محصولن جي فھرست پنھنجي ماڻھن کان لکرائي انگريزن جي حوالي ڪندو جيڪا انھن جا ڪارندا نظر مان ڪڍندا. جيڪڏھن اھا فھرست کين قانون موجب درست ڏسڻ ۾ آئي تھ ان کي قبول ڪري مٿس عمل ڪرڻ ۾ ايندو، پر جي ان ۾ ڪا ھيٺ مٿائين ڏٺي وئي تھ پوءِ اھا فھرست پاٽنجر جي معرفت مير علي مراد خان کي موٽائي موڪلي ويندي جيڪو ان کي سڌاري ڏيندو. ليڪن ھن وقت اھا ڳالھھ ايستائين رھندي، اڳتي جي لاءِ جيڪا صلاح ٿي آھي ان جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.

قلم پھريون:

سنڌو ندي رستي جيڪو مال ۽ جيڪي جنسون آنديون وينديون ان جي محصول لاءِ مٿين معاھدي جي قلم نمبر پنجين ۾ جيڪي ڪجھھ لکيل آھي، ھن وقت ان جي عيوض درياھھ کان سمنڊ تائين في خرار ٺٽئي جي حساب سان اڻويھھ رپيا ٺٽئي محصول مقرر ڪيو ويو آھي. جنھن مان اٺ رپيا حيدرآباد جي ميرن ۽ مير رستم خان کي ملندا باقي يارھن رپيا واسطيدار حڪومت کي ڏيڻ ۾ ايندا، جن جو سرحدن سان تعلق آھي؛ جھڙوڪ بھاول جو نواب بھاول خان ۽ مھاراجا رنجيت سنگھھ تنھن سان گڏ ايسٽ انڊيا ڪمپني - !

قلم ٻيو:

واپارين کي رستي ۾ ڪابھ تڪليف نھ ڏني ويندي نھ وري ٻيڙين جي ماپ ڪٿ بابت ساڻن ڪو گوڙ گھمسان ڪيو ويندو.

ھي معاھدو تاريخ ٢ سيپٽمبر ١٨٣٤ع تي اوٽڪامنڊ ۾ گورنر جنرل جي توثيق سان مڪمل ٿيو. دستخط ڊبليو ايڇ مگساٽن سيڪريٽري ھندستان گورنمينٽ.

اھڙيءَ طرح اردو ۾. ترجمو ٿيل معاھدات جي ڪتاب ص ٤٦ تي ھڪ ٻيو تشريحي ضميمو ڏنل آھي، جنھن ۾ حيدرآباد جي حڪومت ۾ پاٽنجر درميان يارھن سوال جواب آھن، اھو ضميمو تاريخ ١٨ شعبان ١٢٥٢ھھ ٢٨ نومبر ١٨٣٦ع تي حيدرآباد ۾ لکيو ويو.

١- درياھي رستي ۾ رستي ۽ لنگر اندازي جون نشاندھيون.

٢- طوفان وغيره جي حالت ۾ ٻيڙين جي پناھھ گاھھ مقرر ڪرڻ.

٣- ھر ٻيڙي تان مٿي ڄاڻايل محصول کان سواءِ اٺ آنا وڌيڪ وٺڻا پوندا.

٤- گورنر جنرل جي ايجنٽ سيد عظيم الدين حسين لاءِ جيڪو بندرگاھن تي رکيل آھي، سھوليتون پيدا ڪيون وينديون.

٥- ڪڪر (ڪڪرالي) ۽ ٺٽي ۾ اناج جي گدامن جو انتظام ڪرڻ.

٦- ٺٽي ۾ سالياني ميلي جو انتظام ڪرڻ جنھن ۾ ھندستان، يورپ، خراسان، ترڪستان ۽ ڪابل جي تجارتي جنسن جي نمائش ۽ وڪري جو بندوبست ھوندو.

٧- مزاري قبيلن جي سيکت جو انتظام جيڪي سنڌوندي ۾ ايندڙ ٻيڙين سان کھاند ڪندا رھن ٿا.

٨- ڪشتي راني بابت حيدرآباد جي حڪومت جون ذميواريون.

٩- ميرن جي شڪار گاھھ کان سواءِ ٻيڙين لاءِ رستي صاف ڪرڻ جي خيال کان ضروري ھنڌن تي وڻ وڍي ڇڏڻ.

١٠- سنڌو ندي تي ھڪ انگريز سپرنٽينڊنٽ جي مقرري.

١١- ھن معاھدي جي تعميل لاءِ ابتدائي ڏکيائون دور ڪرڻ.(1)

(٧)

معاھدو ٢٠ اپريل ١٨٣٠ع:

سنڌ جي ميرن مير نور محمد خان، مير نصير محمد خان ۽ گورنر جنرل جي ايجنٽ ھنري پاٽنجر درميان.

١- جيئن تھ آڳاٽي زماني کان سنڌ جي ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ دوستي جا ناتا ھلندا اچن ٿا، ان ڪري ھندستان جي گورنر جنرل جو ارادو آھي تھ ميرن ۽ مھاراجا رنجيت سنگھھ جي درميان پيدا ٿيل اختلاف ختم ڪرڻ ۾ اچن، جيئن ٻئي حڪومتون امن صلح سان رھن.

٢- دوستي ۽ امن صلح جي ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪي سالن کان ٻنھي حڪومتن درميان قائم آھن، اھو تجويز ڪجي ٿو تھ انگريزن پاران ھڪ مختار وزير حيدرآباد جي درٻار ۾ مقرر ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سنڌ جي حڪومت بھ پنھنجو ھڪ وزير انگلئنڊجي درٻار ۾ ڏياري موڪلي.

انگريز وزير کي اھو حق ھوندو تھ جڏھن بھ گھري پنھنجي مرضيءَ موجب پنھنجو ماڳ بدلائي سگھي ٿو، جنھن جا محافظ سندس حڪومت پاران مناسب نموني مقرر ڪرڻ ۾ ايندا (انگريزي تان ورتل(2) شملھ ٢٠ اپريل ١٨٣٨ع – لارڊ آڪلينڊ گورنر جنرل پاران.

(٨)

معاھدو ١٠ جنوري ١٨٣٩ع خيرپور جي مير رستم خان سان:

١- ايسٽ انڊيا ڪمپني مير رستم خان ٽالپور انھيءَ جي وارثن توڙي جانشينن درميان پيڙھين تائين دوستيءَ جا ناتا بحال رھندا. ٻنھي مان ھڪ جو دوست ٻي جو دوست ۽ ھڪ جو دشمن ٻي جو دشمن ليکيو ويندو.

٢- ڪمپني جي حڪومت گادي جي ھنڌ خيرپور ۽ اتان جي سرزمين جي ھميشھ حفاظت ڪندي رھندي.

٣- مير رستم خان سندس وارث ۽ جانشين ھميشھ برطانوي حڪومت جي مرضي مطابق ھر ڪم ڪندا رھندا ۽ ان جي تابعداري ۾ ھوندا. اھي انگريز حڪومت جي راضپي کان سواءِ ڪنھن بھ ٻي حڪومت سان ڪوبھ لاڳاپو نھ رکندا.

٤- مير رستم خان ان جا وارث ۽ جانشين انگريزن جي منظوري کان سواءِ ڪنھن بھ ٻي حڪومت يا سردار وغيره سان ڪوبھ معاھدو نھ ڪري سگھندا. البتھ پنھنجن دوستن عزيزن سان لکپڙھھ ڪري سگھندا.

٥- انگريز سرڪار ضرورت پوڻ تي مير رستم خان سان فوجي مدد ڪندي جيئن سنڌ ۾ اوسي پاسي وارين حڪومتن ۾ امن امان جي فضا قائم رھي. انگريز حڪومت ڪڏھن بھ مير رستم خان جي قبضي ۾ رھندڙ ڪنھن ايراضيءَ يا درياھھ جي ٻنھي پاسن تي ڪوبھ قبضو نھ ڪندي نھ وري سندس واسطيدارن ۽ وارثن کان ڪابھ ايراضي خالي ڪرائيندي.

٦- مير رستم خان سندس وارث ۽ جانشين ڪنھن تي بھ ڪو ظلم نھ ڪندا، جيڪڏھن اتفاق سان ڪو رڳڙو پيدا ٿيو تھ ان جون نبيرو انگريزن جي حڪومت ڪندي.

٧- مير رستم خان ۽ سندس وارث توڙي جانشين پنھنجي ملڪ جا پاڻ حاڪم ھوندا. انگريزي ڪارندن جو مٿن ڪوبھ حڪم نھ ھلندو. نھ وري اھي ڪا مداخلت ڪندا. اھي مير رستم خان جي ڪنھن بھ نوڪر چاڪر، عزيز قريب يا رعايا جي ڪادانھن دونھن ڪونھ ٻڌندا.

٨- مير رستم خان سوداگرن جي اچ وڃ جي جيڪي سنڌو ندي مان ايندا ويندا تن لاءِ واعدو ٿو ڪري تھ سندن آرام ۽ واپاري سھولتن لاءِ ڪوشش ڪندو رھندو، جيڪا لازمي ھوندي.

٩- ٻنھي حڪومتن جي ناتن جي نگھباني ۽ دوستي محڪم رکڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ: ھڪ خود مختار وزير انگريز سرڪار پاران خيرپور جي درٻار ۾ رکيو ويندو. اھڙيءَ ريت مير رستم خان بھ پنھنجي پاران انگريزن جي حڪومت ۾ پنھنجو وڪيل مقرر ڪري سگھندو.

انگريز وزير کي اھو حق رھندو تھ ھو ڪنھن بھ وقت پنھنجي رھائش وارو ھنڌ بدلائي ھڪ کان ٻي جاءِ مقرر ڪري سگھندو، جنھن جي حفاظت لاءِ ھندستان جي برطانوي حڪومت پنھنجي مرضيءَ مطابق مناسب تعداد ۾ محافظ مقرر ڪندي.

دستخط ليفٽيننٽ ڪرنل سر اليگزينڊر برنس ايلچي جارج آڪلينڊ گورنر جنرل. تاريخ ٢٤ ڊسمبر ١٨٣٨ع – ٧ شوال ١٢٥٤ھھ. لشڪر گاھھ (ڀاگاپورانا) دستخط ايڇ ٽارنس ڪيفيل سيڪريٽري ھندستان گورنمينٽ ھمراھھ لشڪر گورنر جنر.

ضميمو

انگريز حڪومت جنھن صورت ۾ وعدو ڪيو آھي تھ خيرپور جي حڪومت کي ھر طرح دشمن قوتن کان ھاڻي توڙي آئينده تائين حفاظت ۾ رکيو وڃي ۽ درياھھ جي ٻنھي پاسن تي جيڪي قلعا آھن تن تي پنھنجو ڌاڪ نھ ڄمائي. انھيءَ بنياد تي مير رستم خان سندس اولاد اقرار ڪن ٿا تھ جيڪڏھن جنگ جي وقت ۾ گورنر جنرل بکر جي قلعي کي ھٿيارن پنھوارن ۽ خزاني وغيره جي نگھباني لاءِ پنھنجي قبضي ھيٺ آندو تھ مير صاحب کي ڪو بھ اعتراض نھ ھوندو(1). تصديق مير رستم خان والي خيرپور ۽ سر اليگزينڊر برنس ايلچي گورنر جنرل.

اقرار نامو/ تاريخ ٢٤ ڊسمبر ١٨٣٨ع / ٦ شوال ١٢٥٤ھھ

گورنر جنرل جي ايلچي اليگزينڊر برنس طرفان ھن معاھدي جو ضميمو پڻ موجود آھي جيڪو مير مبارڪ خان خيرپور جي والي سان طئي ٿيو ھو تھ:

ايسٽ انڊيا ڪمپني اقرار ٿي ڪري تھ قبضي ھيٺ آيل مالگذاري واري ايراضي تي مير مبارڪ خان جو حق رھندو جنھن ۾ ڪابھ لالچ ڪانھ رکي ويندي ۽ نھ وري ان جي انتظام ۾ ڪا مداخلت روا رھندي. اھو بھ اقرار ڪجي ٿو تھ انگريز سرڪار مير مبارڪ خان ۽ ان جي پوين سان ساڳيا لاڳاپا قائم رکندي جيڪي معاھدي جي زمري ۾ اچن ٿا.

دستخط برنس ٢٨ ڊسمبر ١٨٣٨ع/١ شوال ١٢٥٤ھھ خيرپور.

توثيق گورنر جنرل لشڪر گاھھ ڊنولھ ١٦ جنوري ١٨٢٩ع. (اردو تان)

نوٽ: اھڙائي اقرار نامن جا مضمون مير محمد خان ۽ مير علي داد خان کي ساڳي تاريخ موڪليا ويا.(1)

(٩)

ڪراچي کي انگريزن جي حڪومت جي حوالي ڪرڻ وارو معاھدو:

تاريخ ٣ – فيبروري ١٨٣٩ع تي، حاصل پٽ بچو خان گورنر ڪراچي (ڳوٺ) خير محمد ۽ سينا خان ملازم مير نور محمد خان. وليسي جي ٻيڙيءَ تي، سر فريڊرڪ ليوس مٽ لينڊ، ھندستان جي انگريزي لشڪر جي سپھھ سالار ۽ برگيڊيئر ولينٽ سنڌ ۾ رھندڙ انگريز لشڪر جي ڪمانڊر، درميان ھي معاھدو طئي ٿيو:

١- اڄ يا اڄ کان پوءِ جڏھن بھ ضرورت پئي تھ انگريز لشڪر برگيڊيئر ولينٽ جي ماتحتي ۾ ھن ڳوٺ (ڪراچي) کي ڪتب آڻي سگھندو، جنھن لاءِ سامان برداري جا وسيلا اٺ ٻيڙيون وغيره ڪرايو ڏئي سنڌ جي حڪومت کان ورتا ويندا. ساڳيءَ طرح سان خوراڪ جو سامان بھ مناسب قيمت تي وٺڻ ۾ ايندو.

جيڪڏھن ٽيھن خرارن واري ٻيڙي تي محصول مقرر ٿي چڪو آھي تھ ھر ننڍي وڏي ٻيڙيءَ تي ساڳيو محصول وٺڻ ۾ ايندو پر جي ٻيڙي پنجن توڙي ھڪ سو خرارن واري ھوندي تھ ان تي بھ ساڳيو محصول وٺڻو پوندو.

قلم ٽيون:

سنڌ جي سڀني سرحدن تي في ٻيڙي جي حساب سان پورا ٻھ سؤ چاليھھ رپيا محصول ٿئي ٿو جنھن جا پئسا قرض طور درياھھ کان سمنڊ تائين (جنھن بھ ننڍي وڏي ٻيڙي مان سامان لاٿو يا چاڙھيو ويندو)، ادا ڪرڻ ۾ ايندا ۽ حيدرآباد توڙي خيرپور جي حڪومت کي ان لاءِ پاڻ ۾ نبيرو ڪرڻو پوندو.

قلم چوٿون:

سنڌ جي حڪومت جي محصول بابت واپارين تي جيڪي مقرر ٿي چڪو آھي اھو جيئن جو تيئن ڏيڻ وٺڻ ۾ ايندو جيڪو دوستي ۽ لاڳاپن جي پائداري لاءِ لازمي آھي جھڙيءَ ريت ھن کان اڳ اھو دستور ھلندو ٿي آيو. اھڙيءَ طرح ڪوبھ شخص يا فوجي ھينري پاٽنجر جو تابع ۽ گورنر جو وڪيل ٿڏي تي موجود ھوندو پر اھو ڪنھن بھ تجارتي معاملي ۾ ڪوبھ رخنو نھ وجھندو نھ وري سنڌ جي حڪومت کي ڪو ملڪي يا مالي نقصان رسائيندو. ان باري ۾ جيڪا بھ ضروري ڳالھھ ٻولھھ ھوندي اھا صاحب بھادر جي ڌيان ٿي آڻڻي پوندي جيئن اھو ان جو ڪو اپاءُ ڪري سگھي. ان کان پوءِ اھو صاحب بھادر (ريزيڊنٽ) ڪڇ روانو ٿي ويندو.

قلم پنجون:

درياھھ رستي ايندڙ ويندڙ ڪنھن بھ قسم جو سامان جيڪڏھن ڪوبھ واپاري ڪنھن بھ ھنڌ ٻيڙين تان لاھي وڪڻڻ جي ڪندو تھ ان جو محصول واسطيدار حڪومت وصول ڪرڻ جي حقدار ھوندي. ليڪن ھن معاھدي ۾ لکيل محصول تي ڪوبھ اثر نھ پوندو جو ھي ان کان الڳ آھي. ذڪر ڪيل مٿيون محصول واپارين کان سرحدن جي حفاظت ۽ واپارين جي نگھباني لاءِ اڳاڙيو ويندو. اھو محصول مھري (مھر لڳل رپين جي ٿيلھي) جي صورت ۾ ھوندو باقي جيڪڏھن ڪو يورپي واپاري پنھنجو مال وڪڻڻ لاءِ آڻيندو تھ ان جو محصول انھيءَ ملڪ جي دستور مطابق اڳاڙڻ ۾ ايندو.

تاريخ ٢ – جولاءِ ١٨٣٤ع / ٢٤ صفر ١٢٥٠ھھ

معاھدي جي اردو ترجمي جي (ص ٤٥ جي ٧ معاھدات) ھيٺيان دستخط آھن. ڊبليو، سي بينٽڪ. فريڊرڪ آڊم. ڊبليو مارسن وغيره.

انھن شرطن جي بنياد تي انگريز حاڪم ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان عھد ٿا ڪن تھ قلعي جا رھاڪو ۽ ٻيو سامان سڀ سندن حفاظت ۾ امانت طور موجود ھوندا. قلعي ۾ رھندڙ ماڻھو اڳ وانگي پنھنجو ڪاروبار ڪندا رھندا. ساڳي وقت تجارتي جھاز ڪراچيءَ جي بندر تي پيا ايندا ويندا.

٣ فيبروري ١٨٣٩ع دستخط فرينڊرڪ ليوس مٽ لينڊ. ريئر ايڊمرل ۽ ڪمانڊر انچيف. دستخط تي ولينٽ برگيڊيئر خاص فوج (ھندستان) دستخط حاصل ولد بچو خان ۽ سينا خان. گواھھ خير محمد ۽ علي رکيو. (اردو ترجمو)

(١٠)

لارڊ آڪلينڊ ۽ حيدرآبادي ميرن درميان فوجي معاھدو ٥ فيبروري ١٨٣٩ع:

ھن معاھدي جو متن بھ معاھدات جي انھيءَ بياض تان نقل ڪيل آھي، جيڪو پير حسام الدين جي ڪتب خاني ۾ موجود ھو. ان جو اردو ترجمو نمبر (١٣) جلد ٧ ص ٥٩ تي اھي. انگريزي معاھدات ڪتاب سنڌ جي سياست ص ٧٦ تي درج آھن.

ھن کان اڳ ڪيئي معاھدا انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ ٿي چڪا آھن. ھن وقت زماني جي ضرورت مطابق ساڳين عھدنامن تي نظرثاني ڪري انھن کي سڌاريو وڃي ٿو. ھن کان علاوه ھڪ الڳ معاھدو مير رستم خان ۽ انگريز سرڪار درميان ٿيل ھو، جنھن کي ڇڏي ھيٺيون نيون ڳالھيون شامل ڪرڻ ۾ آيون جيڪي ٻنھي ڌرين جون قبول ٿيل آھن:

١- انگريزن ۽ حيدرآباد جي ميرن مير نور محمد خان، مير نصير محمد خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان جي وچ ۾ دوستي ۽ اتحاد جا ناتا قائم رھندا.

٢- سنڌ ۾ انگريزي فوج جون ڇانوڻيون تعمير ڪرايون وينديون. گورنر جنرل جي راءِ موجب اھي ڇانوڻيون ٺٽي شھر لڳ يا ڪنھن ٻئي ھنڌ سنڌونديءَ جي اولاھين پاسي قائم ٿينديون. فوج جو تعداد جيڪو پنجن ھزارن کان مٿي نھ ھوندو گورنر جنرل جي حڪم موجب مقرر ڪرڻ ۾ ايندو.

٣- مير نور محمد خان، مير نصير محمد خان، مير محمد خان سڀ اقرار ڪن ٿا تھ ھر ھڪ پورو ھڪ لک رپين جو ڪمپني يا تيموري سڪي جي صورت ۾(1) فوجي خرچن لاءِ ھر سال ادا ڪندا رھندا. ليڪن مير صوبدار خان جو انھن خرچن جي ادائگي سان ڪوبھ واسطو نھ رھندو.

٤- ڪمپني جي سرڪار توڙي حيدرآباد جا مير پنھنجي نفعي نقصان جا پاڻ ذميدار رھندا، جنھن کي چٽي چئجي ٿو.

٥- جيڪي مير ھن عھدنامي ۾ شريڪ آھن سي پنھنجن ملڪن جا پاڻ حاڪم ٿي رھندا. انگريز جي عدالت جو ان ۾ ڪوبھ دخل نھ رھندو. جيڪڏھن رعايا مان ڪنھن بھ ميرن مٿان پڪاريو يا ڪا دانھن ڪوڪ ڪئي تھ انگريز سرڪار ان کي پنھنجي ٻڌڻ لائق نھ سمجھندي.

٦- ھر ھڪ مير مٿين شرط (٥) موجب اقرار ٿو ڪري تھ پنھنجي حڪمراني ۾ محڪم رھڻ کان پوءِ، جيڪڏھن ڪنھن مير ٻئي مير تي ڪنھن بھ چٽي، نفعي نقصان جي فرياد ڪئي تھ اھا ريزيڊنٽ صاحب بھادر ڏانھن رجوع ڪرڻ ۾ ايندي، جيڪو گورنر جنرل جي منظوري موجب فيصلو ڪندو.

٧- اھڙي قسم جي چٽي نفعي نقصان جي صورت ۾، جيڪڏھن ھڪڙي مير جي رعايا ٻئي مير جي علائقي ۾ ڪابھ چرپر ڪئي تھ يا ڪا سرڪشي ۽ بغاوت واري حالت وجود ۾ آئي تھ ان جي ظاھر ٿيڻ کان پوءِ ڀري ڏيڻ لاءِ ريزيڊنٽ صاحب ان جي رپورٽ گورنر جنرل کي اماڻيندو جنھن کان پوءِ واسطيدار مير جي حق رسي ڪرڻ ۾ ايندي.

٨- انگريز سرڪار جي اجازت يا اطلاع کان سواءِ مير صاحبن مان ڪوبھ ڪنھن ٻي سرڪار يا سردارن سان ڪوبھ لھھ وچڙ نھ رکندو. ليڪن پنھنجن عزيزن ۽ دوستن سان پنھنجا واسطا رکندو تھ ان ۾ ڪوبھ اھم نھ ھوندو.

٩- جيستائين حفاظتي معاملن جو تعلق آھي ان لاءِ ميرن کي ھر طرح انگريزن جي اطاعت ۽ رفاقت ڪرڻي پوندي.

                انگريز سرڪار ضرورت پوڻ تي ٽن ھزارن پيادن سوارن جي سنڌ جي ميرن کان مدد وٺي سگھندي، جيڪي انگريزن جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندا. اھي ماڻھو جيڪڏھن انگريز سرڪار جي مرضيءَ تي ملڪ جي سرحدن کان ٻاھر موڪليا ويا تھ انھن جو خرچ انگريز سرڪار ڀريندي.

١٠- ڪمپني سرڪار جو رپيو تڪرو – بکر = باکرو جيڪو سموري سڪي برابر آھي ان جي جاري رھڻ ۾ ڪوبھ عذر نھ آھي پر جڏھن انگريز سرڪار جا اھلڪار ميرن جي ملڪ ۾ ضرب خانو قائم ڪندا ڇاڪاڻ تھ انگريز فوج جيڪا افغانستان ويل آھي تيموري سڪو ڪم آڻيندي تنھن ڪري انھيءَ جي ضرب جو محصول ميرن جي ملڪي دستور مطابق ٿيندو.

١١- اندران ٻاھران ايندڙ ويندڙ تجارتي ٻيڙي، جيڪا ميرن جي سرحد ۾ سمنڊ کان درياھھ تائين پئي ھلندي، جيڪڏھن اھا اتر پاسي وئي تھ ان تان ڪوبھ محصول نھ ورتو ويندو.

١٢- جيڪڏھن ڪوبھ واپاري تجارتي سامان رستي ۾ ٻيڙيءَ تان لاھي وڪرو ڪندو تھ ان کان معمولي محصول وٺڻ ۾ ايندو پر جي اتي انگريزن جو لشڪر گاھھ ھوندو تھ پوءِ ڪوبھ محصول ڪونھ اڳاڙيو ويندو.

١٣- موافق موسم ۾ واپاري پنھنجو سامان سنڌوندي جي ڇيڙي تي گھوڙا ٻاڙي وٽ آڻيندا ۽ اھو اتي لاھي رکندا. وري اھو سامان مناسب موسم موجب درياھھ تي آڻڻ جي ضرورت پوندي. جيڪڏھن واپاري انھيءَ دوران پنھنجو مال گھوڙا ٻاڙي يا ڪنھن ٻئي ھنڌ (جتي ڪا ڇانوڻي نھ ھوندي) لاھي وڪڻندو تھ ان جو محصول وڪري کان اڳ کيس ادا ڪرڻو پوندو.

١٤- ھن معاھدي جا شرط جيڪي ھندستان جي گورنر جنرل ۽ مير نور محمد خان، مير نصير محمد خان، مير محمد خان ۽ صوبدار خان وچ ۾ طئي ڪيا ويا آھن، اھي ھندستان جي آئنده گورنر جنرل ۽ مذڪوره ميرن جي وارثن تائين ھميشھ قائم رھندا. ياد رھي تھ انھيءَ سان گڏ اڳيان شرط جيڪي ميرن ۽ انگريزن سرڪار درميان طئي ٿيل آھن سي پڻ بحال رکيا ويندا. ھن معاھدي جا چوڏھن ئي فقرا تاريخ ١١ مارچ ١٨٣٩ع تي لبسي واري ھنڌ جناب گورنر جنرل لارڊ آڪلينڊ جي دستخطن سان مڪمل ٿيا. ھنن جون جدا جدا ڪاپيون ريزيڊنٽ حاجي جي دستخط سان ميرن کي ڏنيون وينديون.

(١١)

مير شير محمد خان ميرپورخاص واري سان طئي ٿيل معاھدو ١٨ – جون ١٨٤١ع:

ھن کان اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ حيدرآباد جي ميرن درميان دوستي جا معاھدا ٿي چڪا آھن. جن جي آڌار تي:

١٠- ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سڪو جڏھن تڪرو، بکرو يا تيموري سڪي جي برابر آھي ان ڪري ساڳيو ئي سڪو مير شير محمد خان جي راڄ ۾ رائج رھندو.

١١- سمنڊ ۽ درياھھ مان ايندڙ اھي ٻيڙيون جيڪي مير صاحب جي حد مان سنڌو ندي تان لنگھنديون انھن تان ڪوبھ محصول نھ اڳاڙيو ويندو.

١٢- جيڪڏھن انھيءَ درياھي رستي سان ايندڙ ٻيڙين مان سامان لاءِ وڪرو ڪرڻ ۾ ايندو تھ انھن مٿان محصول عائد رھندو. پر جيڪڏھن اتي انگريزن جي لشڪر گاھھ يا ڇانوڻي ھوندي تھ پوءِ ٻيڙين تان محصول وٺڻ ۾ ايندو.

١٣- سوداگرن کي اھو حق ھوندو تھ مناسب موسم ۾ پنھنجو سامان سنڌو ندي رستي آڻيندا رھندا. پوءِ جيڪڏھن انھن اھو سامان ٻي موافق موسم تائين گدامن يا گھرن ۾ سنڀالي رکيو ۽ وري اتان کڻي گھوڙا ٻاڙي يا ڪنھن ٻئي ھنڌ وڪرو ڪيائون تھ انھن تان معمولي محصول وٺڻ ۾ ايندو پر جي اتي ڪو لشڪر گاھھ ھوندو تھ محصول ڪونھ ورتو ويندو.

١٤- واضح رھي تھ ھي معاھدو يا عھدنامو گورنر جنرل ۽ مير شير محمد خان جي ڌرين وچ ۾ منظور ٿيل آھي جنھن تي ھندستان سرڪار جا ايندڙ عملدار ۽ مير شير محمد خان جا وارث توڙي جانشين عمل ڪرڻ لاءِ پابند رھندا.(1) (اردو تان ورتل)

لارڊ آڪلينڊ ٢٧ ربيع الاول ١٢٥٧ھھ / ١٨ جون ١٨٤١ع. ھي معاھدو ١٦ آگسٽ ١٨٤١ع تي فورٽ وليم بمبئي ۾ گورنر جنرل جي منظوري لاءِ پھتو.

ٽي ايڇ ميڊڪ سيڪريٽري، ھندستان گورنمينٽ.

(١٢)

معاھدو ١٨٤٢ع حيدرآباد جي ميرن سان:

١- حيدرآباد جي ميرن ھن کان اڳ گذريل معاھدن مطابق انگريز سرڪار کي جيڪي خرچ ادا ٿي ڪيا اھي جنوري ١٨٤٣ع کان پوءِ انھن تان معاف ڪيا وڃن ٿا.

٢- ١- جنوري ١٨٤٣ع کان پوءِ حيدرآبادي ميرن جي سموري راڄ ۾ صرف ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سڪو رائج رھندو.

٣- انگريز حڪومت ميرن لاءِ جيڪي سڪا تيار ڪندي انھن تي ھڪ طرف انگلنڊ جي بادشاھھ جي شڪل يا ڪا ٻي لکت (انگريز سرڪار پاران تجويز ڪيل) اڪريل ھوندي. ان جي ٻئي پاسي حيدرآباد جي ميرن جي لکت ڏيڻ ۾ ايندي.

٤- حيدرآباد جي ميرن لاءِ جيڪي سڪا تيار ڪيا ويندا، اھي وزن ۽ مال (چاندي) ۾ ڪمپني جي سڪن برابر ھوندا. اھي سڪا چاندي جي پھچ ۽ جاچ کان پوءِ چئن مھينن اندر انگريز سرڪار جي ضرب خاني مان تيار ڪرائي اماڻيا ويندا، ان لاءِ ميرن کان (سڪي سازي) جو ڪوبھ معاوضو وٺڻ ۾ نھ ايندو. اھو انگريز سرڪار جي ذمي (بلي) ھوندو.

٥- ھن معاھدي کان پوءِ ميرن کي سڪي تيار ڪرڻ جو حق ڪونھ رھندو.

٦- دونھيندار (دخاني) ٻيڙن جي گھرج لاءِ سنڌوندي جي ڪنارن تان ھرسو گزن (والن) جي مفاصلي تي ڪاٺيون وڍيون وينديون، پر جتي مير ڪاٺين وڍڻ لاءِ اعتراض ڪندا اتان ڪاٺيون نھ وڍيون وينديون.

٧- جيڪڏھن چارلس نيپئر ضروري ڄاتو تھ ڪراچي ۽ ٺٽي کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو ويندو. ان سان انگريزن جي ماڻھن کي اھو حق رھندو تھ ٺٽي ۽ ڪراچي تائين بنا ڪنھن روڪ جي ايندا ويندا رھندا ۽ انھن سرحدن ۾ جيڪي ميجر جنرل نيپئر مقرر ڪندو، انگريزي ڪارندن کي اتي حڪومت ڪرڻ جو حق ھوندو.

٨- سبزل ڪوٽ جي ايراضيءَ ۽ ھاڻوڪيون سرحدون بھاولپور کان روھڙيءَ تائين نواب بھاولپور جي تحويل ۾ رھنديون، جيڪو انگريز سرڪار جو پراڻو دوست آھي.

٩- مير صوبدار خان جيڪو سدائين انگريز سرڪار جو دوست رھندو اچي ٿو، تنھن کي ڪراچي جاگير عيوض پنج ھزار رپيا ۽ ساڳي مضمون سان ھڪ معاھدو ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مير شير محمد خان ميرپورخاص واري سان ھنن شرطن مطابق طي ڪرڻ ۾ آيو.

١- ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مير شير محمد خان جي وچ ۾ دوستي جو ناتو بحال رکيو ويندو.

٢- ھر سال پھرين فيبروري تي مير شير محمد خان پنجاھھ ھزار رپيا روڪ سنڌ ۾ رھندڙ لشڪر جي خرچ پکي لاءِ ڪمپني جي سڪي جي صورت ۾ انگريز سرڪار کي ادا ڪندو رھندو.

٣- انگريز سرڪار عھد ٿي ڪري تھ مير شير محمد خان جي قبضي ھيٺ آيل سرزمين جي ٻاھرين حملن کان حفاظت ڪئي ويندي.

٤- مير شير محمد خان پنھنجي ملڪ جو پاڻ حاڪم ھوندو، انگريز حڪومت ان ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪا دخل اندازي نھ ڪندي، نھ وري سندس رعايا جي ڪا شڪايت ٻڌڻ لائق سمجھندي.

٥- جيئن مٿي چيو ويو، مير شير محمد خان پنھنجي ملڪ جو پاڻ حاڪم ٿي رھندو، پر جيڪڏھن ان جو ٻين ميرن سان ڪوبھ اختلاف پيدا ٿي پيو تھ ان جو اطلاع سنڌ ۾ رھندڙ انگريز ريزيڊنٽ صاحب کي ڏنو ويندو، جيڪو گورنر جنرل جي منظوري کان پوءِ امين جي حيثيت ۾ انھيءَ جو نبيرو ڪندو.

٦- مير شير محمد خان جو جيئن تھ ھن وقت سنڌ جي ميرن سان ايراضي جي ورھاست بابت جھڳڙو ھلندڙ آھي، ان ڪري انھيءَ جو فيصلو بھ ريزيڊنٽ صاحب پاڻ ڪندو.

٧- جيڪڏھن ھڪڙي امير جي رعايا مان ڪنھن ماڻھو ٻئي امير جي رعايا جي ڪنھن ماڻھو تي ڪو الزام ڌريو تھ مير صاحب کي اھو حق نھ رھندو تھ ان کي ڪابھ سزا ڏئي سگھي، پوءِ کڻي اھو ڏوھي سرڪش ۽ باغي بھ ڇو نھ ھجي، ان لاءِ ريزيڊنٽ صاحب جي وسيلي گورنر جنرل کي خبردار ڪيو ويندو. پوءِ جيڪڏھن خود گورنر جنرل گھرندو تھ ان ڏوھي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ايندو.

٨- مير صاحب انگريز سرڪار جي اجازت ۽ اطلاع کان سواءِ ڪنھن بھ ٻي حڪومت يا سردار سان ڪوبھ معاھدو يا ڪا بھ لکپڙھھ نھ ڪندو باقي پنھنجن دوستن عزيزن سان جيڪڏھن ڪا لکپڙھھ يا ڪو لاڳاپو رکندو، تھ ان ۾ ڪابھ ڀئي (خطا) ڪانھي.

٩- مير شير محمد خان انگريز سرڪار جي صلاح سان امن امان لاءِ ڪوشش ڪندو رھندو، جيڪڏھن ضرورت ٿي تھ امن جي بحالي لاءِ پنھنجا ماڻھو بھ ڏيندو، پوءِ جيڪڏھن انگريز سرڪار انھن ماڻھن کي ملڪ جي سرحد کان ٻاھر ڏياري موڪليو تھ ان جو سڄو خرچ انگريز سرڪار تي ھوندو. مالگذاري جا حق ادا ڪيا ويندا.

١٠- ھن معاھدي جي تڪميل جي لاءِ جيڪو ڪمشنر مقرر ڪرڻ ۾ ايندو لازمي معاملن طي ڪرڻ کان پوءِ انھي جاگير جي ڪٿ (تعين) ڪندو.

١١- ھن معاھدي موجب جيڪا ايراضي ميرن کي ڏني وئي آھي سا ڇڙوڇڙ ھئي ۽ ان جي ڍل بھ ھڪ جھڙي نظر نٿي آئي ان ڪري ان جي ڪٿ بھ مٿيون ڪمشنر ڪندو تھ ان جي عيوض ٻي ڪھڙي ھيڪاندي ايراضي ھيترن ڏوڪڙن ۾ ميرن کي ڏيارڻ کپي. البتھ مير صاحب مھانگي ايراضي بدران گھٽ اگھھ واري زمين خريد نھ ڪندا.

١٢- جيڪڏھن زمين جي ڍل ان جي قيمت سان ڪا مناسبت رکندڙ نھ ھوندي تھ انگريز سرڪار ان جو نبيرو ڪندي، جنھن لاءِ ھن کي پنھنجي نفعي جو لحاظ نھ ڪرڻو پوندو.

شملھ ٤ – نومبر ١٨٤٢ع (اردو تان ترجمو ٿيل)(1).

(١٣)

معاھدو ٤ – نومبر ١٨٤٢ع خيرپور جي ميرن سان:

١- پرڳڻو، ڀونگ بھيرو، ھڪ ٽھائي، سبزل ڪوٽ، گھوٽڪي، ملادر، چونگو، دادولو، عزيزپور ۽ ٻي ايراضي جيڪا بھاولپور ۽ روھڙي جي ھاڻوڪين سرحدن درميان اچي ٿي، ھميشھ لاءِ بھاولپور جي نواب کي ڏني ٿي وڃي.

٢- سکر شھر، بکر جو ٻيٽ ۽ ٻيا ٻيٽ جيڪي روھڙي سان لاڳاپيل آھن، اھي سڀ چارلس نيپئر جي مرضي مطابق انگريز سرڪار سان ڳانڍاپيل ھوندا.

٣- ڪمشنر جيڪو ميجر جنرل سر چارلس نيپئر طرفان ھن ۽ ٻين معاھدن جي تفصيل لاءِ حيدرآباد جي ميرن سان ڪيل آھن، وڌيل ڍل کي گھٽائي يا ان ايراضي جي ڀيٽ ۾ ٻي ايراضي ڍل جي اندازي مطابق ڏيڻي ڪندو. اھڙيءَ ريت خيرپور جي ميرن رستم خان ۽ نصير خان کي بھ ھن معاھدي موجب ايراضي جي ورھاست ۾ سندن نفعي کي نظر ۾ رکندي گھٽ وڌائي جي پورائي ڪئي ويندي.

٤- خيرپور جا مير ٢٤ – ڊسمبر ١٨٣٨ع جي معاھدي مطابق واپارين جي آسائش، تجارتي ٻيڙين جي درياھي رستي اچ وڃ وغيره لاءِعھد ڪري چڪا آھن تھ واپاري سامان تان جيڪو انگريزن جي لشڪر گاھھ ۾ لاٿو ويندو ڪوبھ محصول وٺڻ ۾ نھ ايندو، ان ڪري مير صاحب ١٨٣٨ع واري معاھدي جي آڌار تي عمل ڪندا رھندا.

٥- خيرپور ۾ صرف ڪمپني جو يا ان کان پوءِ مقرر ٿيندڙ سڪو رائج رھندو.

٦- انگلئنڊ جي حڪومت ھر ڀيري خيرپور لاءِ سڪا تيار ڪندي جن جي ھڪ پاسي انگلئنڊ جي بادشاھھ جي شڪل ۽ ٻئي پاسي خيرپور جي ميرن جي لکت اڪيرائي ويندي.

٧- معاھدي نمبر ١٢ جي فقري (٤) مطابق

٨- معاھدي نمبر ١٢ جي فقري (٥) مطابق

٩- معاھدي نمبر ١٣ جي فقري (٦) مطابق

١٠- انگريز سرڪار انھن سڀني دعوائن کي نظر انداز ڪري ٿي جيڪي نذراني ۽ سالياني ڍل جي بقايائين جي صورت ۾ شاھھ شجاع ڀيري مير مبارڪ خان ۽ سندس پٽ نصير خان ۽ انھن جي پوين سان طي ٿيل ھئا.(1)

شملھ ٤ – نومبر ١٨٤٢ع (انگريزي ۽ اردو تان ورتل)


 

(1) ڶڠإێڈإج (إڎڈۆ). ض ٧، ڜ ٢.

(1) ڶڠإێڈإج (إڎڈۆ). ض ٧، ڜ ٤.

(2) ڶڠإێڈإج (إڎڈۆ). ض ٧، ڜ. ٤.

(1) ښڷډ ۾ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ښۑإښج إڐ ڥێۑڎإ فصۑڵ ڵإێۆڎ ١٩٤١ڠ، ڜ. ٦٦. ۽ ڶڠإێڈإج (إڎڈۆ) ض ٧، ڜ. ٣٧ ڶۆێڷ ڵإڵ ٢- ٦٦.

(1) ښڷډ ۾ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ښۑإښج، ڜ ٥.

(1) ڶڠإێڈإ ض ٧، ڜ. ٣٨، ښۑإښج ٦٧، ڶۆێڷ ڵإڵ ٢- ٦٧.

(1) ڶڠإێڈإج ٧- ٤٢. ښۑإښج ٦٩. ڶۆێڷ ڵإڵ ٢- ٧٠.

(1) ێڷ ضۑ إڜڵ ڶجڷ ڵإ٭ ڊښۆ ڶۆێڷ ڵإڵ ٢- ٧٣.

(2) ێڷ ڵإ٭ بێ ڊښۆ ڶۆێڷ ڵإڵ ٢ ٧٢.

(1) ڶڠإێڈإج. ڜ ٧- ٤٦.

(2) ښڷډ ضۑ ښۑإښج ٧١. ڶڠإێڈإج ض ٧ ڜ ٥١ ڶۆێڷ ڵإڵ ٢ ٧٥.

(1) ڶڠإێڈإج ٧ ٥٢. ښۑإښج ښڷډ ٧٤. ڶۆێڷ ڵإڵ ٢ ٨٤.

(1) ڶڠإێڈإج، ڜ ٧ ٥٦.

(1) ڶۆێڷ ڵإڵ إڷڧڎۑڐۑ ۾ ٢ ١٠١ إڷ ڦۑ بإڥڎۆ ۑإ بإڦڎۆ ڵڦۑۆ آێۑ.

(1) ڶڠإێڈإج إڎڈۆ ٧ - ٦٢.

(1) ڶڠإێڈإج ٧ ٦٧. ښڷډ ضۑ ښۑإښج ٧٦.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org