سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو:4

جيئن ته هالڪنڊي جي نالي پوڻ کان اڳ هتي جيڪو ڳوٺ هو اهو ٽوڙي سڏيو ويندو هو. ۽ پوءِ جڏهن نئون ڳوٺ ٻڌو ويو ته ان جو نالو هاله ڪنڊي مشهور ٿيو، پر اڃا اها ڳالهه واضح نه ٿي سگھي آهي ته اهو هالا ڪنڊي نالو ڪيئن پيو ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن. هن لاءِ مختلف روايتون آهن ۽ انهن سڀني جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن حقيقت معلوم ڪري سگھجي.

درگاهه مخدوم سرور نوح عليه رحمة جي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم محمد زمان طالب  الموليٰ جن ٻڌايو ته کيس مرحوم محمود ڀٽيءَ ٻڌايو هو ته هالن پراڻن جي ڀرسان هڪ قبرستان کڏي کٿوري جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو ڳوٺ جي الهندي پاسي آهي. ٿي سگھي ٿو ته هالا ڪنڊي نالو هالا کڏي هجي، جيڪو پوءِ وقت سان گڏ بدلجندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. هالا ڪنڊي جي قديم رهاڪو سانوڻي ملن مان مولوي محمود صاحب جو خيال آهي ته هن علائقي ۾ ڪنڊي جا وڻ تمام گھڻا هوندا هئا، ان سبب ڪري هالا ڪنڊي نالو پئجي ويو.

هالن پراڻن جي رهاڪو قاضي غلام محمد صاحب جن جو چوڻ آهي ته ڪند قديم مشرقي ايراني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ڳوٺ. روسي ترڪستان ۾ تاشقند ۽ سمرقند نالن جھڙا ڪافي شهر آهن، هالا ڪنڊي جو آخري لفظ ڪنڊي اصل ڪند تان ورتل آهي. سنڌ جي مشهور محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته هتي هالي سمي جو ڳوٺ هو، جنهن جي ڀرسان هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ هوندو هو جنهن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو هالڪنڊي پئجي ويو.  

منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هيءَ آبادي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم ٿي، جڏهن ته اهو واضح آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ انهن جو ڳوٺ به قائم هو، ان ڪري کين ڪنڌيءَ وارا هالا ڪري سڏيندا هجن ۽ اهوئي نالو هالا ڪنڌيءَ مان ڦرندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. بهرحال هن باري ۾ ڪا ڳالهه پڪ سان نٿي چئي سگھجي ته ڪهڙي راءِ صحيح آهي البته هن تي سڀ متفق آهي ته هالا نالو هالا ذات تان پيو آهي، جن جي هتي زمينداري هوندي هئي.

هالا ڪنڊي بابت ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ ڪا ڳالهه واضح نه آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. پر عام طرح ماڻهن ۾ اهو مشهور آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ گھڻا هوندا هئا ان ڪري هن ڳوٺ تي هالا ڪنڊي  نالو پيو.

هالا ڪنڊي نه صرف هڪ نالي وارو شهر آهي پر الله وارن جي آرام گاهه به آهي. قديم زماني کان هتي ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن. پر هن خطي ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو صديقي خاندان جي حضرت مخدوم نوح عليه رحمة کي حاصل ٿيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

سندن شجرو مبارڪ اميرالمومنين حضرت ابوبڪر صديق ﷦ جن سان وڃيو ملي. سندن اصل خاندان عرب جو رهاڪو هو، جتان شيخ ابوالقاسم رحمة الله عليه پهريائين حجاج بن يوسف جي ظلم ڪري هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو، جتان پوءِ سهرورد ۾ مقيم ٿيا. سندن خاندان سهرورد کان علاوه مروند ۽ شيراز ۾ پڻ پکڙي ويو. مخدوم سرور عليه رحمة پنهنجي خاندان جو شجرو پنهنجي هڪ فرزند کي هن طرح قلمبند ڪرايو.

مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح رح ابن مخدوم نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم فخرالدين صغير (هي بزرگ هن خاندان جو پهريون فرد هو جو هالڪنڊي ۾ سير و سياحت جي خيال سان آيو پر ماڻهن جي پر زور منٿن تي هميشه لاءِ هتي رهي پيو. سندن مقبرو هالا ڪنڊي جي ڏکڻ طرف آهي.) بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ڪبير (پاڻ پنجاب جي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهندا هئا اتان لڏي اچي بوبڪن ۾ رهيا، وڏا عالم ڪامل ۽ عارف هئا، بوبڪ ۾ ئي وفات ڪيائون، جتي سندن مزار مبارڪ آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته سندن قبر قلندر شهبار جي ڀر ۾ آهي. ڪوٽ ڪروڙ ديري غازي خان جو مشهور شهر آهي، جيڪو قديم زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هو) ابن ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اساعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصر الدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ خيرالدين بن ابي عاصم بن شيخ محمد بن شيخ وحيدالدين بن شيخ مسعود بن ابوالقاسم بن محمد بن عبدالرحمان بن ابي بڪرالصديق رضي الله عنه. حضرت غوث الحق مخدوم نوح جن جمع جي رات ۲۷  رمضان المبارڪ ۹۱۱هه ۾ ٽوڙي ڳوٺ ۾ تولد ٿيا. سندن نالو لطف الله رکيو ويو پر پاڻ پوءِ نوح جي نالي سان مشهور ٿيا. پاڻ ستن ورهين جي ڄمار ۾ ان وقت جي عارف مخدوم عربي عرف مخدوم شاهه ڏني وٽ پڙهڻ ويٺا. پاڻ فقط پنجويهه پارا  قرآن حڪيم جا پڙهيائون، پهريان ڏهه پارا ۽ پويان پنڌرهن پارا. ٻي روايت آهي ته قرآن ڪريم جا ٻه پارا ۽ ٻه ٽي فقہ جا ڪتاب پڙهيائون. فقير بهاؤالدين گودڙيو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا هئاسون ته مخدوم صاحب فرمايو ته حضرت ابوبڪر ﷦ ۽ حضرت علي رضه اچي لنگھيا. حضرت علي رضه جن تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ توکي محمد رسول الله جن سڏين ٿا. حضرت ابوبڪر رضـه جن آهستي اچي رهيا هئا. حڪم موجب روانو ٿيس. ائين محسوس ٿيو ته لڪيءَ جي جبل تي چڙهي رهيو هجان. جڏهن مجلس ۾ پهتس ته حضرت عيسيٰ کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل فرهي هٿ ۾ ملي ۽ نبي سائين جن تي نظر پيم پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا هئا. مون مٿس نظر ڪري توجه سان سبق پڙهيو. حضرت ابو بڪر رضه جن فرمايو ته يا رسول الله هي منهنجو اولاد آهي.

ٻي روايت آهي ته مخدوم نوح رح جن ڪنهن وقت ٺٽي ۾ آيا. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجھه پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن جي معنيٰ چڱي طرح بيان ڪري ٿو، سو گڏجي ڏسڻ ويا، مخدوم صاحب جن هڪڙي آيت جي تفسير ۾ مشغول هئا، راوي چوي ٿو ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس، جڏهن ماٺ ڪيائون ته ڪل اسي داڻا ٿيا هئا. مخدوم صاحب جن بهترين عادتن ۽ بي انداز ڪرامتن جا مالڪ هئا، سندن جاري ڪيل فيض مان خلق خدا کي بي انتها فائدو رسيو ۽ سندن صحبت ۾ رهي ڪيترا پنهنجي من جي مير لاهي الله وارا ٿي ويا.

پاڻ خميس جي ڏينهن ۲۷ ذي القعد ۹۹۸ هه ۾ هن جھان مان لاڏاڻو ڪري دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا. ان وقت سندن عمر ۸۷ ورهيه هئي. پر کانئن پوءِ به سندن جاري ڪيل فيض جو درياهه جاري رهيو، سندن خاندان مان نالي وارا بزرگ ٿيندا رهيا، جيڪي پنهنجي علم ۽ بزرگي ۾ بيمثال ٿي گذريا آهن.

هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ ڀاڻوٺ، کانوٺ، ڀٽ شاهه، جھيجا، کيبر، انڙپور ۽ بوهري مشهور ڳوٺ آهن، جيڪي پڻ الله وارن بزرگن جي آرامگاهه آهن. مخدوم نوح عليه رحمة جن کان سواءِ ٻيا به ڪافي بزرگ، عالم ۽ اديب هن خطي ۾ پيدا  ٿيا آهن، يا جن هالا ڪنڊي جي بزرگن مان فيض پرايو آهي، انهن جو به هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

        عبدالسميع خان سانوڻي ۱۱۲۶هه ۾ نواب سيف الله خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو، سندس پاران هاله ڪنڊي جي سانوڻي قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءُ عبدالسميع خان سانوڻي سندس پاران نائب ٿي ٺٽي آيو.

شاهه خير الله هي سيد احمد بغدادي جو پٽ هو، پاڻ هاله ڪنڊي ۾ مخدوم نوح رح جن جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان ئي فيض ۽ هدايت پرايائين. سندس مقبرو پراڻي سکر ۾ آهي. سيد ابوالحسن هي سيد محمد جو ٻيو نمبر پٽ هو، مخدوم نوح رح جي سلسلي جو مريد هو ۽ سندس اڪثر هاله ڪنڊي اچڻ ٿيندو هو.

مخدوم جعفر بوبڪائي ولد مخدوم ميران مخدوم نوح رح جن جو همعصر وڏي ڪمال وارو، جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليه رحمة جن فرمايو ته مون خدا تعاليٰ کي هن اکين سان ڏٺو آهي مخدوم جعفر جن فرمايو ته توهان هنن اکين سان ڪونه ڏٺو هوندو، توهان تي جڏهن به اهڙي حالت طاري ٿي ته پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيو، پوءِ به جيڪڏهن رب جو ديدار قائم آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اها اک ظاهري اک ۽ اهو ديدار رواجي ديدار نه آهي. مخدوم نوح عليه رحمة هن تجربي کان پوءِ فرمايو ته ”جي نه هجي ها جعفر ته نوح  ٿئي ها ڪافر“. مخدوم جعفر ۹۲۰هه کان پوءِ گذريو آهي. سندس تصنيفون عجلته الطالبين، حل العقود في طلاق السنود، القطانہ في مرمہ الخزانة، خرانہ الروايات ۽ ٻيا ڪيترا آهن.

___ نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي جھوني ڳوٺ ڪاتيار جي بزرگ ميرڻ ڪاتيار کي سيد عبدالڪريم مخدوم نوح عليه رحمة جي خدمت ۾ وٺي ويو، جتان معرفت ۽ مرتبو مليس.

___ چاچڪن جي سرڪار جي ناليري شهر جوڻ پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ درويش حاجي سورو به مخدوم نوح رح جو صحبتي ۽ کانئس فيض پرايل هو.

___ درويش بهاؤالدين گودڙيو به پهريائين جوڻ جي آس پاس رهندڙ درويش موسيٰ جو مريد هو تنهن کان پوءِ مخدوم نوح رح جي خدمت مان فيض پرايائين.

___ ونگي ولهار جي سرزمين ۾ ڪو ڇو مشهور ڳوٺ آهي، اتي جو سيد ساجن سوائي اصل مٽيارين جو، مخدوم نوح رح جو مريد ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي.

__ درويش لڌو بهار به مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر هو.

__ دوريش قطب به مخدوم نوح رح جو مريد هو، هي بزرگ مخدوم جعفر بوبڪائي سان به مليو هو.

__ بنوري پر ڳڻي جي ڳوٺ هٽڙي جو بزرگ درويش صابر سومرو به مخدوم نوح رح جي فيض نظر جو نوازيل هو ۽ ڪمال جو صاحب هو.

__ بلڙي جو شاهه عبدالڪريم مٽياري سيدن مان هو سندس ولادت ۹۴۴هه ۾ ٿي. پاڻ وڏو بزرگ ۽ الله وارو هو. سندس لکيل ڪتاب بيان العارفين ۽ تنبيه الغافلين آهن. مخدوم نوح رح جي صحبت مان فيض پرائي وڏو فائدو حاصل ڪيائين ۽ سندس اشاري موجب وڃي بلڙي ۾ رهيو، جتي ۱۰۲۰هه ۾ سندس وفات ٿي.

__ نيرون ڪوٽ جو هڪ ڳوٺ ناياهو آهي. اتي جو درويش بادو مخدوم نوح رح جو مريد هو جڏهن پهريائين مخدوم نوح عليه رحمة جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته فرمايائينس ڪلمو پڙهه. ڪلمي پڙهڻ سان مڇي وانگر ڦٿڪي، ڏڪي بيهوش ٿي ڪري پيو، مخدوم نوح جي حڪم سان کيس حجري ۾ کڻي ويا، جتي ٽي ڏينهن بي خبر پيو هو، پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو.

__ مخدوم ابو مصطفيٰ هڪ زبردست عالم مخدوم نوح جو معاصر، سندس مريد ۽ شاگرد هو، هو وقت جي ولي سيد الله جي نياڻيءَ مان هو، سندس رهڻ جي جاءِ پير شيخ عالي جي ڀرسان آهي. سندس پٽ مخدوم بايزيد به وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.

__ شيخ عبدالعزيز اصل ڳوٺ هاله ڪنڊي جو رهندڙ هو، مرد قابل ۽ هوشيار هو. نواب امير خان جي خدمت ۾ مقرر هو، پوئين عمر ۾ هالن مان لڏي وڃي ٺٽي ۾ رهيو، هن کي شيخ عبدالهادي ۽ شيخ عبدالسلام نالي ٻه پٽ هئا، عبدالهادي کي اولاد نه ٿيو. عبدالسلام هندستان وڃي لاهور جي خالصي جي ديوان تي سرفراز ٿيو. سندس پٽ مغليه دور ۽ پوءِ نادر شاه جي وقت ۾ وڏن سرڪاري عهدن تي رهندا آيا. سندس اولاد مان محمد اعظم تحفةالطاهرين نالي ڪتاب لکيو.

__ مڪليءَ تي آراميل اولياءَ الله مان ميان مٺو فقير مخدوم نوح جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو. اڪر ۾ سندس هجرو مشهور آهي. پير آسات جي ڏاڪن هيٺيان دفن ٿيل آهي.

__ فقير بهاؤالدين گودڙيو مخدوم نوح رح جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهري ڪرامتن ۾ مشهور آهي. سندس مزار مٺي فقير جي ڀرسان مڪلي ۾ آهي.

__ سلطان کمر مخدوم نوح جي مريدن مان هڪ فقير آهي ۽ مڪلي ۾ آرامي آهي.

__ سيد علي ثاني شيرازي، دوريش آچر جو مريد هو ۽ ان مان فيض پرايائين پر پوين ڏينهن ۾ مخدوم نوح رح جو مريد هو. سيد علي شيرازي درويش ڀرڪيي لنگ جي زيارت تي ويو ته هن ٻين وانگر هن کي خدمت جي تڪليف ڏني مخدوم نوح دل ڪوسي ڪئي. نتيجي ۾ مرزا باقي درويش ڀرڪئي کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.

__ مخدوم عربي هاله ڪنڊي حال ۽ مقامات جو صاحب هو.

__ مخدوم رح مولانا ابو بڪر بن دائود بريد جي صحبت ۾ رهي حال جو صاحب ۽ اولياءَالله ٿيو.

__ صاحب بلاغت ۽ فصاحت آخوند احمد پٽ آخوند عبدالعليم پٽ آخوند رحمت الله، الله انهن تي رحم ڪري، سندس تخلص احمدي هو، سندس مذهب حنفي ۽ طريقو قادري هو، هي سانوڻي هالا جا رهندڙ هئا. هي وڏو عالم ۽ قرآن پاڪ جو حافظ هو. نظم ۽ نثر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ٽالپرن جي حڪومت جي شروعات کان پوءِ ان کان به اڳ ٽالپر مير صاحبان جي استاد هجڻ جو فخر حاصل هئس. ڏکين بيتن جي حل ۾ بي مثل هو. سندس عمر ۸۰ سال هئي. پاڻ نثر ۽ نظم جو استاد هو. پاڻ لطيفي سجاده نشين مرحوم سيد الله بخش شاهه جي انتقال تي بيت چيائين.

فارسي:  زنور لطيفي جمال علي، چراغ الله بخش شد منجلي

ترجمو: علي جي جمال ۽ لطيفي نور کان، الله بخش جو ڏيئو روشن ٿيو.

هن گھراڻي جو پهريون سجادو سيد جمال شاه هو انهيءَ لاءِ چيائين.

        فرزين و بيذق آمد صد مهره شطرئج، ليڪن بوقت بازي رخ هردو سوئي شاه است.

آخوند احمد هڪ فارسي ڪتاب تحفة السلاطين لکيو هو. جنهن جي آخر ۾ لکيو اٿس ته ۱۰ ربيع الاول ۱۲۷۰ هه مصنف احمد پٽ آخوند عبدالعليم پٽ آخوند رحمت الله پٽ آخوند الله بخش رهندڙ هالا مدرس خاص سلاطيني قديم. آخوند اميد علي سها جو دوست هو. سيد غلام محمد شاهه گدا ديني علم ۾ سندس شاگرد هو. سندس طريقو قادري هو. پاڻ سيد علي گوهر پٽ صبغت الله پٽ سيد محمد راشد عليه رحمة جو مريد هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ٻئي مير نصير خان ٽالپر جا پٽ به سندس شاگردن مان آهن. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ شعر چيل آهن. پاڻ ۱۲۱۷هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هالا جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. سئو سالن کان وڌيڪ زنده رهيو. “ (بياض مولوي دين محمد وفائي)

        آخوند اميد علي پٽ حاجي عبدالله پٽ حافظ نور محمد قريشي، عقيلي هالائي مشهور سانوڻي آخوند جي خاندان مان هو سندس تخلص سها هو. پاڻ نظم ۽ نثر جو ڄاڻ، حافظ قرآن ۽ سٺو لکندڙ هو. شاهه عبدالقيوم مجددي (۱۲۲۰ ھ ۱۲۷۱ ھ ) جي بعيت ڪيائين (مونس المخلصين ص۲۲) آخوند صاحب ڪاتب ۽ سٺو لکندڙ هو. سندس ڪيترا لکيل ڪتاب ڪتب خانه مجديه ٽنڊي سائينداد ۾ موجود آهن. جيئن ته مڪتوبات معصومي، عمده المقامات ۽ ٻيا. علم جعفر ۽ عمليات جي مهارت هئس. هڪڙو ڪتاب لکيائين جيڪو فارسي شعر ۽ تاريخ ڪڍڻ بابت سندس دور ۾ مشهور هو. مير حسين علي ٽالپر کيس  تمام گھڻو چاهيندو هو، ۽ گھڻو ڪري آخوند صاحب حيدرآباد ۾ مير صاحب جي صحبت ۾ گذاريندو هو، سندس”ديوان“ ، ”انشا“، ”سفرنامہ ڪلڪة“ ”رسالہ در علم تڪثير“ کان سواءِ قصيده برده کي فارسي شعر ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ٻيا ڪتاب ”قدسيات قيوميه“ جيڪو، سندس مرشد شاهه قيوم جي حالات بابت لکيائين ۽ انجي آخر ۾ ساراهيه قصيدا مرثيه، مرشد جي لاڏاڻي جون تاريخون گھڻيون ڏنيون اٿس. جن مان هڪ هي آهي.

ظهر الهدي بنعاليه رفــــع التقا بخصـــــــــــالہٖ

شرح الصدور بقالہٖ ، ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ

ڪانت سينن و وصالہٖ ، بلغ العلي بڪمالہٖ

۲۷۱ ھ مــــونس المخلصين ص ۳۹.

سندن تعليم مان هدايت ظاهر ٿي. خصلتن مان تقوي بلند ٿي.

کليا سينا سندس گفتگو سان حسن سان اوندهه ۾ روشني ٿي.

سندن گذارڻ جا سال هئا، ”بلندي کي پهتو ڪـــــــــــــمال سان،“

هڪ ڀيري پنهنجي خاص دوست بهادر جي تعريف ۾ هڪ رباعي چيائين ته:

بهادر چادر سيت پاکيزه اي، نه باشد چنين گوهري در صدف

شهر جوهري قدر او را شناخت، بهان گران رامده باخذف

بهادر پاڪ موتي مثل آهي، سڀ ۾ اهڙو موتي نه هونـدو

هر جوهري هن جو قدر نه سڃاڻي سگھنـ‎دو

ڳري قيمت واري کي ٺڪر تي نه ڏي.

آخوند احمد هالائي (وفات ۱۲۱۷هه) جيڪو مشهور شاعر ۽ هن جو دوست هو، هن جواب ۾ هيءَ رباعي چئي.

بهادر نه دريست پاکيزه اي، زخم مهر مهره ارزان برابر خذف

چه شعراءِ تابع غواگفہ حق، تو داناي هستي مفرما قـــــــــــــــــذف

بهادر پاڪ موتي نه آهي ، ڪوڏي کان سستو ٺڪر برابـر آهي

شاعرن جھڙو حق چوڻ کان گمراه تون داناءِ آهين ڄاڻي واڻي ڪوڙ نه چئه

هن بابت ٻيا به ڪيترا ڏي وٺ جا شعر ٻنهي طرفان چيا ويا هئا. مونس المحبين جو لکندڙ سندس تاريخ وفات ۱۱ رجب ۱۲۱۲ هه لکي آهي. مولانا دين محمد وفائي پنهنجين يادگيرين ۾ ۱۵ ربيع الاول ۱۲۲۸هه لکي آهي. ٻي تاريخ ” وهو دخل بجنة السلام“ مونس المفلصين واري لکيو آهي ته لا خيال بودلي جي مقبري ۾ هالا ۾ دفن ٿيل آهي.

        قاضي ميان عبدالقوي صاحب هاله ڪنڊي جو رهندڙ هو، سندس تخلص پهريائين شريف هو پر پوءِ ملتجي تخلص ٿيس نظم ۽ نثر جو ڄاڻو هو. پاڻ نازڪ خيال ۽ شيرين مقال هو ۽ علم وارن جو قدر دان پڻ قاضي صاحب درگاهه حضرت مخدوم نوح قدس سره جو مريد هو. سندن انتقال جي تاريخ قاضي صاحب هن طرح لکي آهي.

فيض حق فياض عالم حضرت مخدوم نوح

”آنکہ از دست يدالله يا فتة تلقين بحـــــــــــق

زين سبب کز شاه دين بيواسطہ تعليم يافت

درد بستان ولايت ز اوليا برده سبـــــــــــــــــــــــق

چونگہ فيض مطلق امد ذات پاڪش در جھان

گفت هاتف سال تاريخ وصالش ” فيض حق “

حضرت مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم الحق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم فخرالدين سهروردي صديق هالائي ۹۱۱ هجري ۾ پيدا ٿيا ۽ وفات ۲۷ ذوالقعد ۹۹۸ هجري ۾ ڪيائون جنهن تي ملا قاسم هڪ قطعو تاريخ جو چيو.

بود آنکہ نهصد و هم يازده بوده فـــــــزون

سال تاريخ ولادت ان ولايت کيـــــــــــش دان

مدتي عمر گراي آن گرامي مـــــــــايـــــــــد را

جملہ همشتا دو همفت سال بود اندر جھان

سال فوت آن غوث حق پر سيد چون از خود

از سر حسرت فغان برداشت آنکه گفت هان

از سنہ نهصر و هشتاد هڙ ده زفت صبــــــح

بيست هفتپم درشب پنجسلبہ ذي قـــعد دان

                                                (دليل الذاڪرين)

حافظ غلام محمد سانوڻ هالا جو رهندڙ هو سندس تخلص غلام هو. عربي ۽ فارسي تي عبور هوس پاڻ آخوند احمد صاحب جو پٽ ۽ مير سيد غلام محمد ”گدا“ جو استاد هو. افسوس جو پاڻ جواني ۾ ئي گذاري ويو (۱۲۹۸هه ۾.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org