سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :14

 

باب ٻارهون

 

سنڌ ۾ خلجين جي حڪومت

689 هه (91 ـ 1290ع) کان 720 هه (21 ــ 1320ع)

 

سلطان جلال الدين فيروز شاهه:

سلطان معزالدين ڪيقباد کان پوءِ 689 هه ۾ سلطنت جي اميرن وزيرن جڏهن ڏٺو ته سلطان بلبن سلطان التمش ۽ سلطان ايبڪ جي اولاد مان ڪوئي ڪرسي تي ويهڻ جي لائق ناهي ته سامانه جي نائب ناظم، ستر ورهين جي تجربيڪار خلجي خاندان جي امير ملڪ جلال الدين فيرو شاهه کي حڪومت جون واڳون هٿ ۾ ڏنيون. هندستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن خلجي فرد جي مٿي تي تاج پيو ۽ ايڪٽيهن سالن تائين اهو تاج خلجين جي مٿي تي سجندو رهيو. انهن بادشاهن جي فهرست ڪجهه هن طرح آهي.

جلال الدين فيروز               689 هه کان 695هه

ابراهيم رڪن الدين            695 هه کان 695هه

محمد علاؤالدين               695 هه کان 715هه

عمر شهاب الدين              715 هه کان 716هه

مبارڪ قطب الدين            716 هه کان 720هه

خسرو ناصر الدين              720 هه کان 720هه

سلطان جلال الدين تمام نيڪ ۽ خدا ترس انسان هو. بهادريءَ ۾ ته هو بادشاهه ٿيڻ کان پهريائين مغلن سان وڙهي نالو ڪمائي چڪو هو ۽ تاج پائڻ کان پوءِ ماڻهن تي اهڙا احسان ڪيائين جو مٿان سڀ سر ڏيڻ لاءِ آتا هئا.

 

سنڌ ۾ جلال الدين دؤر جا گورنر

 

ارڪلي خان ۽ نصرت خان:

97 ــ 1296ع تي سلطان جلال الدين لاهور پهچي ڪري پنهنجي وچين پٽ ارڪلي خان کي ملتان ۽ اچ تي گورنر مقرر ڪيو ۽ نصرت خان کي سنڌ جي حڪومت ڏني پر ارڪلي خان جي نگرانيءَ ۾. ارڪلي خان ڏاڍو کل مک ۽ دلير انسان هو، پنهنجي دؤر ۾ هو ٻه ڀيرا سنڌ آيو ۽ باغين کي ماري مڃائي سنڌ جون سرحدون وڌايائين.

تاريخ مبارڪ شاهي ۾ آهي ته سلطان جلال الدين جي حڪومت جي ٻي سال املڪ ڇجو (ڪشلي خان) کي هندو صلاحڪارن برغلايو ته خاندان بلبني مان هجڻ ڪري تخت جا مالڪ توهان آهيو، خلجي ڪير ٿيندا آهن اوهان جي حق تي ڌاڙو هڻڻ وارا!؟ اها ڳالهه ملڪ ڇجو جي دل ۾ کپي ويئي. هيڏانهن اودهه جو صوبيدار حاتم خان به ملڪ ڇجو جو هم خيال ٿي بيٺو. ملڪ ڇجو ڪڙه ۾ شاهي تاج پنهنجي مٿي تي رکي مغيث الدين لقب اختيار ڪري پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو ۽ اودهه جي علائقي ڪڙهه ۾ پنهنجو سڪو ۽ خطبو جاري ڪيائين. 92 ــ 1291ع ۾ هو هندن جو وڏو ڪٽڪ وٺي دهلي ڏانهن وڌيو. هيڏانهن سلطان جلال الدين به پٽ ارڪلي خان سوڌي شاهي لشڪر سان دهلي مان مقابلي لاءِ نڪتو ۽ پٽ کي جوانن جو جٿو ڏئي ڪري ويهه ٻاويهه ميل اڳيان هلڻ لاءِ چيائين. بدايون کان اڳي ملڪ ڇجو، ارڪلي خان سان وڙهڻ جي همت ساري نه سگهيو ۽ ڀڄي وڃي ڪنهن ڀرسان واري ڳوٺ ۾ لڪيو اتان جي سردار کيس پڪڙي ڪري سلطان جلال الدين جي خدمت ۾ پيش ڪيو. سلطان ملڪ ڇجو کي ملتان موڪلي حڪم ڏنو ته هن کي نظربنديءَ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏني وڃي.

سلطان جلال الدين جي شهادت:

سلطان جلال الدين ملڪ ڇجو کان پوءِ ڪڙهه جي صوبيداري پنهنجي ڀائٽيي ۽ ڄاٽي علاؤ الدين خلجي کي ڏني. علاؤ الدين پنهنجي زال ۽ سس کان بيزار رهندو هو ۽ خاص ڪري سس کان ته ڏاڍو چڙيل هوندو هو. هو جڏهن ڪڙهه ۾ پهتو ته ساڳيائي هندو سردار جن ملڪ ڇجو کي برغلايو هو هن جي ويجهو ٿيڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته انهن کي علاؤ الدين جي زال ۽ سس کان بيزاريءَ جي خبر پئجي چُڪي هئي. انهن علاؤ الدين کي يقين ڏياريو ته ملڪ ڇجو وٽ مال ۽ مڻيا نه هئا، جنهن جي ڪري ناڪام ٿيو، پر هو اقتدار آسانيءَ سان ماڻي سگهي ٿو. نيٺ اهي پنهنجي اٽڪل ۾ ڪامياب ويا. 96 ــ 1291ع علاؤ الدين ديوگري (دکن)  جو گهيرو ڪري راجا رام ديو کان ڇهه سؤ مڻ سون، هڪ هزار مڻ چاندي، ست مڻ موتي، ٻه مڻ مڻيا، چار هزار ريشمي ڪپڙن جا ٿان ۽ رياست مان ايلجپور جو علائقو وصول ڪيو پر ان مان شاهي خزاني جو ڀاڱو نه موڪليائين. سلطان جلال الدين کي جڏهن ديوگريءَ جي سوڀ جي خبر پيئي ته پاڻ علاؤ الدين سان ملڻ لاءِ نڪتو. 17 رمضان 695هه (1296ع) تي جڏهن ڪڙهه ۽ مانڪپور جي وچ ۾ گنگا درياءُ جي ڪپ پهتو ته سندس ڀائٽي علاؤ الدين خلجي حملو ڪري ماري وڌو.


 

جلال الدين دؤر جا سنڌي سردار:

سلطان جلال الدين جي دؤر  ۾ جيڪي عالم ۽ فاضل مختلف عهدن تي هئا تن ۾ اسان کي سنڌ جي هڪ عالم جلال الدين بکري جو نالو به ملي ٿو جيڪو مستوفي الممالڪ هو.

 

سلطان علاؤ الدين خلجي

695 هه (96 ــ 1295ع) کان 716 هه (17 ــ 1316ع)

سلطان علاؤ الدين خلجي پنهنجي چاچي کي مارڻ ۽ دهلي جو تخت حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ٻڏتر ۾ هو. ڇاڪاڻ ته سلطان جلال الدين جو پٽ ارڪلي خان ان وقت ملتان جو گورنر هو ۽ مغلن کي روڪڻ خاطر اتي ئي ترسيل هوندو هو. علاؤ الدين لاءِ ان جو مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو.

ٿيو ائين جو سلطان جلال الدين جي شهادت جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ سندس گهر واري، ارڪلي خان کي ملتان کان گهرائڻ بدران پنهنجي ننڍي پٽ رڪن الدين ابراهيم جيڪو اڃا الڙ هو کي دهلي جي تخت تي ويهاريو. ارڪلي خان جڏهن ملتان ۾ اها خبر ٻڌي ته ماءُ کان ڪاوڙجي اتي ويهي رهيو. ان وچ ۾ احمد چپ وزير به لشڪر سوڌي دهلي موٽي آيو. جنهن کي سلطان جلال الدين ڪنهن مهم تي موڪليو هو. علاؤ الدين کي جڏهن اها ڄاڻ ملي ته ارڪلي خان ماءُ کان ڪاوڙجي دهلي نٿو اچي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ صفر 695 هه (1295ع)  ۾ وڏي ڪٽڪ سان ڪڙهه کان دهلي ڏانهن وڌيو، رستي ۾ جيڪي ڳوٺ آيا اتي ماڻهن ۾ خوب پئسا ورهايائين ۽ سخاوت ذريعي انهن جون دليون کٽيائين. تاريخ مبارڪ شاهي ۾ آهي ته ماڻهن جا منهن بدليل ڏسي سلطنت جي سردارن ڳجهو قاصد موڪلي علاؤ الدين جي اطاعت ڪئي. آخر ۾ اها حالت ٿي جو  روزانو ٻه ٽي سردار ٽُٽي ڪري وڃي علاؤالدين سان ملندا هئا. سلطان رڪن الدين جڏهن اهڙي حالت ڏٺي ۽ پاڻ ۾ مقابلي جي سگهه به نه سمجهيائين ته پنهنجي ماءُ ۽ همدرد سردارن کي ساڻ وٺي ڀاءُ ارڪلي خان وٽ ملتان پهتو. سلطان علاؤ الدين هيڏانهن 96 ــ 1295ع تي دهلي جي بادشاهت جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي پنهنجي ڀاءُ الماس بيگ کي الغ خان ۽ ملڪ نصرت جليسري کي نصرت خان جو خطاب ڏنو.

ملتان تي فوجي چڙهائي:

انهيءَ سال سلطان علاؤ الدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان ۽ هڪ سردار ظفر خان (الب خان) کي لشڪر سان گڏ ارڪلي خان جي مقابلي لاءِ ملتان موڪليو.ملتان پهچي انهن قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ ٻه مهينا سانڌي ويٺا رهيا. آخر شهر وارن ۽ ملتان جي ڪوتوال مجبور ٿي صلح جي درخواست ڪئي. سلطان جلال الدين جي ٻنهي پٽن ارڪلي خان ۽ رڪن الدين کي گرفتار ڪري دهلي روانو ڪيو ويو، اڃا ابوهر وٽ پهتا ته سلطان علاؤ الدين جو حڪم پهتو ته ٻنهي ڀائرن جي اکين ۾ گرم سرائي ڦيري وڃي. الب خان ٻنهي ڀائرن کي هانسي ڪوتوال حوالي ڪري پاڻ دهلي آيو. اهڙي طرح ٻنهي ڀائرن ۽ سلطان رڪن الدين جي سردارن احمد چپ ۽ الغوزي جي اکين ۾ به گرم سرائي ڦيري انڌو ڪري گواليار قلعي جي جيل خاني موڪليو ويو. ازانسواءِ ارڪلي خان جي اميرن ۽ سردرن کي به انڌو ڪري ڪهرام اماڻيو ويو.

 

علاؤ الدين جي عهد ۾ سنڌ جا گورنر

ملڪ هرنمار:

ارڪلي خان ۽ رڪن الدين جي جيل ڀيڙي ٿيڻ کان پوءِ ملتان جي حڪومت ملڪ هرنمار جي حوالي ٿي پر ٿورن ڏينهن اندر ان کي به دهلي گهرايو ويو ۽ کيس انڌو ڪري اچ موڪليو ويو.

الب خان:

ان کان پوءِ ملتان جو گورنر (ظفر خان) الب خان کي ڪيو ويو.

سنڌ تي مغلن جي ڪاهه:

انهيءَ سال 97 ــ 1296ع مغلن سنڌو درياءُ اورانگهي اچي هندستان تي حملو ڪيو. علاؤ الدين انهن کي روڪڻ لاءِ الغ خان ۽ ظفر خان کي فوج ڏئي موڪليو، جيڪي جالنڌر ويجهو اچي مغلن سان ٽڪريا ۽ کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. اهڙيءَ طرح علاؤ الدين جي بادشاهي وڌيڪ پختي ٿي ويئي.

نصرت خان:

ان کان پوءِ علاؤ الدين، نصرت خان کي ڏهه هزار سوارن سان ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽  ٺٽي اماڻيو ۽ حڪم ڏنو ته باغين جي پاڙ پٽي اتي پنهنجا اعتماد وارا ماڻهو مقرر ڪري.

سيوستان جي مهم:

99 ـ 1298ع ۾ سيوستان جيڪو سنڌ جو هڪ ڀاڱو هو، جي راجا صلدي يا ڇلديو مغلن کان مدد وٺي خود مختيار ٿي ويٺو.سلطان علاؤ الدين، الب خان کي  لشڪر سان گڏ راجا کي ڪچلڻ لاءِ موڪليو. الب خان سيوستان جو اچي گهيرو ڪيو پر اندر ويٺل راجا صلدي جي ڀاءُ ۽ ٻين مغلن اهڙا تير وسايا جو قلعي ويجهو ڪنهن پکي جو اچڻ به مشڪل هو، تنهن هوندي به ظفر خان (الب خان) مڙسي سان قلعو فتح ڪري ورتو ۽ راجا  صلدي، سندس ڀاءُ ۽ ٻين مغلن کي گرفتار ڪري دهلي اماڻيو.

تاج الملڪ ڪافوري:

تاريخ فيروز شاهي ۾ آهي سلطان علاؤ الدين محفلن ۽ ڪچهرين ۾ هميشه پڇندو هو ته مون کي ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن سان منهنجو نالو قيامت تائين زندهه رهي. هاڻي مونوٽ دولت جام جمع ٿي ويئي آهي ۽ چاهيان ٿو ته دهلي کي ڪنهن جي حوالي ڪري سڪندر وانگر دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان. هڪ ڏينهن دهلي جي ڪوتوال علاؤ الملڪ سان به ساڳي ڳالهه ڪري سڀ کان اهم مهمن جي باري ۾ پڇيائينس. علاؤ الملڪ چيو منهنجي راءِ آهي  سڀ کان اڳ ۾ ته توهان کي هندستان جي سڀني صوبن کي فتح ڪري پنهنجي حڪم جو مطيع بڻائڻ گهرجي ۽ ڪنهن به باغيءَ جو نالو نشان نه ڇڏجي. ٻي جيڪا پهرين کان به اهم آهي سا مغلن جو رستو بند ڪرڻ آهي، جيڪي ملتان کان بار بار ڪاهه ڪن ٿا.

شايد ان کان پوءِ سلطان علاؤ الدين گجرات تي الغ خان ۽ ملتان ۽ سيوستان جي گورنريءَ تي تاج الملڪ ڪافوري کي ويهاريو.

ملڪ غازي تغلق:

05 ــ 1204ع ۾ سلطان علاؤ الدين مغلن کي ڪچلڻ واسطي پنهنجي تجربيڪار سپه سالار ملڪ غازي تغلق کي ڏهه هزار سوارن سان ديبالپور تي مقرر ڪيو ۽ ملتان، اچ ۽ سنڌ  جو سڄو علائقو سندس هٿ هيٺ ڏئي ڇڏيو. ملڪ غازي مغلن جي حملن کان بچاءُ لاءِ ملتان ۽ ديبالپور ۾ مضبوط قلعا جوڙايا.

مغلن جو حملو:

6 ــ 1205ع ۾ ڪيڪ ۽ اقبال مند مغل سردارن سٺ هزار مغل سپاهين سان گڏ ملتان تي پنهنجي ٻن سردارن محمد علي ترتق ۽ علي بيگ کي ڇڏائڻ لاءِ حملو ڪيو. ملڪ غازي خان مڙسي سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ صرف چئن هزار سپاهين کان سواءِ باقي سڀ مغل تلوارن جو کاڄ بڻيا. ڪيڪ کي گرفتار ڪري دهلي موڪليو ويو جتي کيس هاٿي جي هيٺان چيڀاٽيو ويو.

اهڙي شڪست کان پوءِ مغلن ملڪ غازي خان جي ڊپ کان گهڻي عرصي تائين هندستان تي حملو نه ڪيو.

سلطان علاؤ الدين جي وفات:

8 ــ 1307ع ۾ علاؤ الدين وفات ڪئي. اهو به مشهور آهي ته ملڪ ڪافور کيس زهر ڏيئي ماريو. سلطان علاؤ الدين جي وڇوڙي کان پوءِ ان جي سڀ کان ننڍي فرزند پنجن سالن جي شهاب الدين کي ملڪ ڪافور جي مدد سان تخت تي ويهاريو ويو. پندرهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ملڪ ڪافور قتل ٿي ويو ته سردارن علاؤ الدين جي ٻي پٽ مبارڪ شاهه خلجي جي مٿي تي بادشاهت جو ڇٽ رکيو ۽ هو سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه جي لقب سان سڏجڻ لڳو.

 

سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه خلجي

717 هه (18 ــ 1317ع) کان 721 هه (22 ــ 1321ع)

سلطان قطب الدين مبارڪ پنهنجي بادشاهت جي ٻي سال خسرو خان کي دڪن جو وزير بڻايو. خسرو خان اهو هندو  ٻار هو جيڪو ننڍپڻ ۾ مالوه جي جنگ ۾ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مسلمانن جي هٿ آيو ۽ سلطان علاؤ الدين جي سردار ملڪ شادي خان انهن جي پرورش ڪري هڪ تي حسام الدين ۽ ٻي تي حسن خان نالو رکي خسرو خان جو خطاب ڏنو.

خسرو خان سان گڏ سندس ٻي ڀاءُ حسام الدين کي به الغ خان جي جاءِ تي جيڪو ملڪ ڪافور جي غلط شڪايتن تي ماريو ويو. گجرات جو گورنر ڪيو ويو.

اهڙيءَ طرح انهن ٻنهي هندو ڀائرن حڪمرانيءَ جا مزا ماڻي هندن کي رعايتون ڏيئي پنهنجو بڻايو ۽ خودمختياري جا خواب ڏسڻ لڳا. ضيا برني تاريخ فيروز شاهي ۾ خسرو خان بابت لکيو آهي.

”شبها ملس خلوت مي ساخت، وبناۓ هندي خود باچند بلغا کي از ياران ملک نائب که مجرم خود گردنيده بود انديشه بلغا کي (بغاوت) ميکرد ”گجرات ۽ دڪن ۾ هندن جي ٻيهر حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ صلاحون ٿي رهيون هيون. هوڏانهن سلطان قطب الدين روزو، نماز ڇڏي ڪري شراب ۽ شباب ۾ وقت گذارڻ لڳو. سلطان قطب الدين کي همدرد وزيرن جڏهن خسرو خان جي اهڙن ڪرتوتن جي خبر ڏني ته ان کي دهلي جي درٻار ۾ گهرايو ويو پر ڪوئي به خسرو اڳيان ڪڇي نه سگهيو. آخر ٿيو ائين جو خسرو خان پنهنجي سازشن ۾ ڪامياب ويو ۽ سلطان قطب الدين کي 5 ربيع الاول 721 هه (1321ع) تي جاهر يا برادو جي هٿان مارائي ڇڏيائين، جيڪو سلطان جي تمام ويجهو هو.

 

خسرو خان

720هه (1320ع)

خسرو خان شاهي تاج پائڻ کان پوءِ پاڻ کي ناصر الدين جي خطاب سان سڏرائڻ لڳو. حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ هن کي سڀ کان وڌيڪ ڊپ ديبالپور جي گورنر ملڪ غازي تغلق کان ٿيندو هو جنهن مغلن کي به ٽوٽا چٻايا هئا. تنهن ڪري ملڪ غازي جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پٽ فخر الدين ملڪ جونا خان تي مهربانيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ شاهي اصطبل جو نگران ڪري رکيائينس. اهو ملڪ جونا پوءِ دهلي جي تخت تي ويٺو ۽ پاڻ کي سلطان محمد تغلق سڏرايائين. خسرو خان پنهنجي ڀاءُ حسام الدين کي خان خانان جو خطاب ڏنو ۽ جاهر يا برادو جنهن سلطان قطب الدين جو قتل ڪيو هو، کي سون، چاندي ۽ موتين ۾ توريائين، خسرو خان وڏو چالاڪ انسان هو، بادشاهه ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجو اسلامي نالو نه مٽايائين، جيئن مسلمان هن ملڪ کي هندو سلطنت ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه وجهن. پر ڳالهه ان حد تائين وڃي پهتي جو هندن ڏاڍائي ڪري مسلمانن کان مسجدون کسي ڪري انهن جا محراب ڊاهي مسجدن ۾ بت رکيا ويا. اسلامي شعائر کي نقصان پهچايو ويو.

ملڪ جونا خان جي اسلامي غيرت:

ملڪ فخرالدين جونا خان ڪجهه ڏينهن ته هندن جي ان ٻه اکيائي کي برداشت ڪندو رهيو پر پوءِ پنهنجي پيءُ ڏانهن ديبالپور هليو ويو. پويان خسرو خان جا ماڻهو ڪڍ لڳس، پر کيس پهچي نه سگهيا. ملڪ جونا خان ديبالپور پهچي سڄي حقيقت پنهنجي پيءُ کي ڪئي. ملڪ غازي خان، سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

سلطنت جي سردارن ۽ اميرن ڏانهن ملڪ غازي خان جا خط:

ملڪ غازي خان علاؤ الدين عهد جي سردارن ملڪ بهرام ايبا، ملڪ مغلطي، امير ملتان ملڪ عين الملڪ شهاب ملتاني، سيوستان جي سردار جي پٽ محمد شاهه ۽ سامانه جي سردار ملڪ بڪ لکي ڏي خط لکي کين خسرو خان جي ڏاڍاين ۽ سلطان قطب الدين جي قتل جو احسان ڏياري خسرو خان سان جنگ ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني.

ملتان جي امير مغلطي جواب ۾ لکيو ته مان هڪ ننڍو سردار آهيان ۽ ڪجهه هزار سوارن ۽ سپاهين سان اسان دهلي جي بادشاهه سان ڪيئن مهاڏو اٽڪائي سگهنداسين، ان ڪري اهڙو خيال دل مان ڪڍي ماٺ ڪري ويهي رهو. ملڪ غازي اهو جواب ملندي ملڪ بهرام ايبا کي ڳجهو نياپو موڪليائين ته ملتان جو امير تمام ڊڄڻو آهي، توهان ان تي ڪاهه ڪري حڪومت پنهنجي قبضي ۾ ڪري فوج وٺي مون وٽ هليا اچو. ملڪ بهرام ملتان جي امير کي قتل ڪري اچي ديبالپور پهتو.

سيوستان جي حاڪم جو جواب:

سيوستان جي حاڪم جو پٽ محمد شاهه ملڪ غازي جو خط پهچڻ کان اڳ ۾ ئي سيوستانين هٿان قيد ٿي ويو. خط جڏهن اتي پهتو ته سيوستاني اهو خط کڻي محمد شاهه وٽ ويا ۽ چيائونس ته جيڪڏهن تون ملڪ غازي خان جي مدد ڪندين ته پوءِ توکي آزاد ڪنداسين. هن واعدو ڪيو ۽ آزادي ماڻي.

ملڪ عين الملڪ ملتاني جو جواب:

ملڪ عين الملڪ کي ملڪ  غازي جو خط دهلي جي سفر ۾ مليو. پاڻ جواب ۾ لکيائين ته مان غير جانبدار رهندس ۽ جيڪو دهلي فتح ڪندو مان ان جي حڪم جو تابعدار ٿيندس.

ملتان ۽ سيوستان جي ڍل جي ڦر:

انهيءَ زماني ۾ ملڪ غازي کي خبر پئي ته ملتان ۽ سيوستان جي ڍل دهلي وڃي ٿي، جنهن ۾ گهوڙا به شامل آهن ته هڪ جٿو انهيءَ قافلي کي لٽڻ لاءِ موڪليائين. فوجي جٿي اتي پهچي سمورو سامان ۽ گهوڙا قافلي کان ڦري ورتا.

خسرو خان جو انت:

غازي ملڪ لشڪر وٺي دهلي ڏانهن اڳتي وڌيو. هوڏانهن خسرو سندس مقابلي لاءِ پنهنجي ڀاءُ کي موڪليو. ٻئي لشڪر سرستي ڀرسان هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا پر خسرو جي فوج جا پير اککڙي ويا ۽ ميدان مان ڀاڄ کاڌائون. غازي الملڪ اندرپت وٽ اچي پنهنجا تنبو اڏيا. خسرو خان کي جڏهن خبر پئي ته دهلي کان وڏو ڪٽڪ وٺي نڪتو ۽ غازي ملڪ جي معمولي فوج تي اچي ڪڙڪيو پر غازي ملڪ جي بهادر جوانن خسرو خان جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ کين رت ۾ رنگي ڇڏيو. خسرو خان هار کائي وڃي ملڪ شادي خان جي مقبري ۾ لڪو، جتان کيس گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. اهڙي طرح خسرو خان جي چئن مهينن واري بدترين بادشاهي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

ملڪ غازي خان دهلي پهچي ارادو ڪيو ته خلجي خاندان جي ڪنهن به فرد کي تخت تي ويهاري پنهنجو فرض ادا ڪجي پر خسرو خان، خلجي خاندان جو سڄو ڪٽنب ناس ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري سڀني سردارن کي گڏ ڪري چيائين ته ”مان سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه جو بدلو وٺي فرض نڀايو، هاڻي توهان جي مرضي جنهن تي بادشاهي جو ڇٽ رکو.“ سڀني ملڪ غازي خان کي پنهنجو بادشاهه مڃيو، اهڙي طرح دهلي جي تخت کي غياث الدين تغلق جي نالي سان رونق بخشيائين.

 

خلجين جي دؤر جو جائزو

 

خلجي بادشاهن جي ڪوششن سان سنڌ مغلن کان محفوظ رهي. انهن جي ٻن سپه سالارن ملڪ نصرت خان ۽ ملڪ ظفر خان سنڌ ۾ مغلن کي اچڻ نه ڏنو، نصرت خان سنڌ ۾ قاضي ۽ امير مقرر ڪري جوڳا اُپاءَ ورتا. علاؤ الدين خلجي سنڌي لشڪر جي مدد سان گجرات ۽ ملڪ غازي خان دهلي فتح ڪيو، جنهن ۾ پنجابي سپاهي به شامل هئا. خلجين جي دؤر ۾ سنڌ جي واپار کي به وڏي هٿي ملي ۽ عدن ۽ آفريقا سان تجارت ٿيڻ لڳي. سلطان علاؤ الدين سڄي ملڪ مان شراب ختم ڪري ڳجهي پوليس اداري جو بنياد وڌو، تپيدار رکي ڪري زميندارن کان روڪ ڍل ورتي ويئي.

ملڪ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، چوري ڪرڻ ۽ ڌاڙي ۽ ڦر تي سخت سزائون رکيون ويون، جنهن جي ڪري سنڌ ۽ پنجاب جا روڊ رستا ۽ وستيون واهڻ محفوظ ٿي ويا ۽ هر طرف خوشحالي پکڙجي ويئي. هڪ روپئي ۾ پوڻا ڇهه مڻ ڪڻڪ ملڻ لڳي.

خلجين جي دؤر ۾ علمي ترقي به ذڪر جوڳي ٿي. سلطان جلال الدين علم سان وڏو چاهه رکندڙ هو. ضياءَ برني تاريخ فيروز شاهي ۾ سلطان جلال الدين جي دؤر جي عالمن ۽ ڏاهن جي ڊگهي فهرست ڏني آهي، جنهن ۾ ملڪ قطب الدين علوي، ملڪ تاج الدين ڪهرامي، ملڪ مريد جاجرمي، ملڪ سعد الدين امير بحر، خواجه جلال الدين، مولانا جلال الدين بکري مستوفي ملڪ شامل آهن. ضيا برني لکي ٿو ته اهي سڀ اهم عهدن تي رکيل هئا ۽ سندن ڪوئي ڪم يا فيصلو شريعت جي خلاف نه هوندو هو.

امير خسرو پنهنجو مشهور پنجڪڙو (پنجن سٽن واري نظم) ان دؤر ۾ لکيو.

سلطان علاؤ الدين جيتوڻيڪ پاڻ پڙهيل ڳڙهيل نه هو پر پوءِ به علم ۽ الله وارن جو قدر ڪندو هو ۽ کانئن صلاح وٺندو هو. سندس درٻار ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪثرت ۽ اهميت هوندي هئي. ضياءُ برني انهن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته انهن مان ڪي ته غزالي ۽ رازي جي قد جيترا عالم به هئا، جيئن قاضي فخر الدين ناقلا، قاضي شرف الدين سرياهي، مولانا نصيرالدين غني، مولانا تاج الدين مقدم، مولانا ظهير الدين لنگ، قاضي مغيث الدين بيانا، مولانا رڪن الدين سنامي، مولانا تاج الدين ڪلاهي ۽ مولانا ظهير الدين بکري وغيره.

علاؤ الدين جي عهد ۾ ضياءُ برني حضرت شيخ رڪن الدين ملتاني جو خاص ذڪر ڪيو آهي. هو شيخ صدرالدين جا فرزند ۽ حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا جا پوٽا هئا ۽ انهن کان ئي علم ۽ روحاني فيض وٺي ماڻهن ۾ ورهايائون. سلطان علاؤ الدين به سندن عقيدت مندن مان هو.

هڪ ڀيري جڏهن حضرت شيخ رڪن الدين ملتان کان دهلي آيا ته سلطان علاؤ الدين دهلي ٻاهران سندن استقبال ڪيو ۽ وڏي ادب ۽ احترام سان پيش اچي انهن جي خدمت ۾ ست لک روپيا رکيائين، شيخ صاحب اها سڄي رقم دهلي جي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ۽ فرمايائون ته دهلي مان صرف حضرت نظام الدين جي محبت ۾ ايندو آهيان.

سلطان علاؤ الدين خلجي کان پوءِ ان جي پٽ قطب الدين مبارڪ شاهي ڪرسي سنڀالي، جنهن شيخ نظام الدين سان ذاتي رنجش هجڻ ڪري ٻين بزرگن سان ويجهڙائپ رکي. سندس دعوت تي حضرت رڪن الدين ملتان کان دهلي ڪهي آيا ته پاڻ ان جو استقبال ڪرڻ ويو ۽ حضرت صاحب کان پڇيائين ته سڀ کان اڳ توهان جو استقبال ڪرڻ ڪير آيو؟ ته پاڻ اها خبرهوندي به ته سلطان قطب الدين جو حضرت نظام الدين سان ٺاهه ناهي، فرمايائون ته ان جيڪو هن شهر جو سڀ کان نيڪ انسان آهي يعني خواجه نظام الدين اولياءَ.

حضرت شيخ رڪن الدين ملتاني جي اها عادت مبارڪ هوندي هئي ته جڏهن به سلطان قطب الدين سان ملڻ ويندا هئا ته ماڻهو پنهنجون درخواستون سندن سواري  ۾ وجهندا ويندا هئا ۽ کين زباني به پنهنجا مسئلا ٻڌائيندا هئا. جيڪي وڃي شيخ صاحب سلطان قطب الدين سان ونڊيندا هئا ۽ سلطان هڪ هڪ درخواست کي چڱي طرح پڙهي انهيءَ مهل حڪم جاري ڪندو هو.

سلطان غياث الدين تغلق جا به حضرت شيخ رڪن الدين سان ويجها واسطا هئا. بنگالا جي مهم کان موٽي سلطان غياث الدين، شيخ صاحب کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ افغان پور تائين ويو ۽ اتي جڏهن ماني کائي رهيا هئا ته شيخ صاحب کي ڪشف ذريعي ڇت ڪرڻ جي خبر پئجي ويئي ۽ ٻاهر نڪري آيا پر سلطان غياث الدين ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هيٺان اچي دٻجي الله کي پيارو ٿي ويو.

سلطان غياث الدين کان پوءِ سلطان محمد تغلق جا  به شيخ صاحب سان تمام سٺا لاڳاپا رهيا. 16 رجب 735هه (1335ع) تي شيخ صاحب هن فاني دنيا کي ڇڏي پنهنجي رب سان وڃي مليا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org