سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :17

 

باب پندرهون

 

سما راڄ

752 هه (1351ع) کان 923هه (1519ع)

سنڌ ۾ سومرن کانپوءِ سمن اقتدار سنڀاليو. سومرن جي بربادي جو ڪارڻ اسان اڳ ۾ ٻڌائي آيا آهيون ته انهن جي آخري بادشاهه ارميل ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هئي ۽ ماڻهو کانئس تنگ ٿي چُڪا هئا. انهيءَ ظلم خلاف آخر مڪران ۾ سما قوم اٿي کڙي ٿي ۽ سندن بغاوت اولهندي ۽ ڏاکڻي پاسي تائين پکڙجي ويئي. سومرن جي سردار ارميل کي ماري ڪري سمن سندن راڄڌاني محمد طور ۽ ٺٽي کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو هڪ نئون تختگاهه ساموئي جوڙايو.

سمن جي اصليت:

فارسي مؤرخن سمن کي جمع جي صورت ۾ سمگان لکيو آهي ۽ ڪن وري سماس به لکيو آهي، سندن مذهبي طرح هندو ۽ مسلمان هجڻ ۾ به اختلاف آهي، ڇو ته نالي ۾ عربي ۽ هندي لفظن جو ميلاپ آهي، پر اڪثر کين مسلمان چيو آهي. سما سرڪاري طرح ڄام جي خطاب سان سڏرائيندا هئا ۽ ٺٽي کي پنهنجو راڄڌاني بڻايو هئائون.

مؤرخ سما قبيلي تي به متفق ناهن ۽ ڪي انهن کي عربي نسل چئي سندن سلسلو عڪرمه بن عصام بن ابي جهل سان وڃي ملائن ٿا ۽ چون ٿا ته اهو قبيلو محمد بن قاسم جي وقت ۾ سنڌ آيو ۽ اسلام قبوليائين، ڪي وري انهن کي سام بن عمر بن هشام بن ابي لهب جي اولاد مان ٻڌائين ٿا.

تاريخ فرشته ۽ آئين اڪبري ۾ انهن کي ڄام جي لقب ڪري ايراني بادشاهه جمشيد جي اولاد مان ڳڻايو ويو آهي. يورپي مؤرخن ايلٽ، انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا ۽ انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جي مضمون لکندڙ کين نو مسلم راجپوت ڪوٺيو آهي.

چچنامي مطابق هو محمد بن قاسم کان اڳ سنڌ ۾ آباد هئا ۽ سندس اچڻ وقت راڳ ۽ باجن سان هن جو آڌرڀاءُ ڪيائون ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. محمد بن قاسم خريم کي انهن تي سردار مقرر ڪيو.

تاريخ طاهري ۾ آهي ته:

اهڙيءَ طرح اهو ملڪ جيڪو سمنڊ جي ڪپ تي آهي سمن سنڀاليو ۽ اڄ تائين آباد آهي. ڪڇ جا  راجا راءِ بهارو ۽ ڄام سهتو انهن سمن جي پيڙهي آهن.

تاريخ بلاذري (297هه) ۾ هڪ جاءِ تي آهي  ته:

پوءِ سنڌ جو والي داؤد بن يزيد بن حاتم ٿيو، جنهن سان سمي جو پيءُ (ابو الصمہ المنقلب اليوم) به ويو هو، جيڪو اڄ ڪلهه سنڌ تي قابض آهي. هو قبيلي ڪنده جو آزاد ڪيل غلام آهي.

علامه سيد سليمان ندي جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته هي سما انهيءَ ”صمي“ جو اولاد مان هجن ۽ بعد ۾ سما جي نالي سان مشهور ٿي ڪڇ ۾ وڃي رهيا هجن ۽ پوءِ 752هه (51 ــ 1350ع) ۾ اچي سومرن کان سنڌ کسيائون.

سما قوم جو مذهب:

اسان اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته هو مسلمان هئا پر ڪڏهن مسلمان ٿيا ۽ ڪهڙي فرقي سان لاڳاپيل هئا، تاريخ ان باري ۾ چپ آهي. فرشتي نالن جي بنياد تي اندازو لڳايو آهي ته عربي نالن وارا مسلمان ۽ هندي وارا هندو هئا، تنهن ڪري ان قبيلي جي پهرين چئن بادشاهن ڄام انڙ، ڄام ماني ۽ ڄام تماچي کي صرف نالن جي ڪري هندو سمجهيو اٿائين. هو لکي ٿو.

واز نام جماعت مذکور خصوصاً از نام تماچي،

ظاهر ميشود کہ آنها نار داد بودند.

پر اهو قياس حقيقت جي خلاف آهي، ڄام راءِ ڏتو جنهن جي باري ۾ تاريخ معصومي ۾ آهي ته جڏهن 857هه ۾ ڪڇ مان اچي ٺٽي کي زير ڪيائين ته چوڻ لڳو ”مان  ته هتي ان ڪري آيو آهيان جو مسلمانن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري سگهان.“

لڳي ائين ٿو ته مسلمان هجڻ جي باوجود به هو قومي نالا رکندا هئا. ان ڪري صرف هندي نالن  جي نسبت سان انهن کي هندو نٿو چئي سگهجي.

سيد سليمان ندوي ”عرب ۽ هند جا لاڳاپا“ ۾ سما قوم جي مذهب متعلق چوي ٿو ته جيڪڏهن هو عرب هئا ته شروع کان مسلمان هئا ۽  جي هندو هئا ته اقتدار ملڻ کان اڳ مسلمان ٿي چُڪا هئا ۽ سني هئا.

سيد سليمان مطابق آرنلڊ صاحب جو اندازو آهي ته  هو مسلمان واپارين جي وسيلي مسلمان ٿيا. پر منهنجي خيال  مطابق شيخ بهاءُ الدين زڪريا، سندن مريد حضرت جلال الدين جلال سرخ بخاري ۽ انهن جو پوٽو سيد جلال الدين حسين بخاري سندن اسلام آڻڻ جو ذريعو بڻيو. ملتان جو اهو سهروردي خاندان ئي سندن مرشد هو ۽ ان ڪري ئي اهل سنت سان تعلق ٿين.

سما بادشاهه:

سمن جي سنڌ ۾ حڪومت وقت دهلي ۾ مغل بادشاهه پنهنجو ديرو ڄمايون ويٺا هئا، تنهن ڪري سومرن جي نسبت سان سما حڪمرزانن جو دؤر ۽ انهن جا ڪارناما تاريخ ۾ چڱي طرح محفوظ آهن، تاريخ فرشته  ۾ آهي ته:

”سنڌ ۾ ٻن قسمن جا زميندار آهن، هڪ سومرزا ۽ ٻيا سما ــ سما پنهنجي وڏڙن کي ڄام جي لقب  سان ياد ڪن ٿا. شاهه محمد تغلق جي عهد ۾ مسلمانن جي ڪوشش ۽ مدد سان حڪومت سومرن کان کسجي، سمن جي هٿ ۾ آئي. جن جا اڪثر  سردار مسلمان هئا ۽ گهڻو ڪري دهلي جي بادشاهن اڳيان ڪنڌ ٽيڪيندڙ هئا پر  ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ ڦيرائيندا به هئا. هو پنهنجو پاڻ کي جمشيد سان به ڳنڍيندا هئا، جنهن جي ڪري پنهنجي سردارن کي ڄام جي لقب سان سڏيندا هئا.“

اسلام جي دؤر ۾ پهريون شخص جيڪو سنڌ جي تخت تي ويٺو اهو ڄام انڙ هو.


 

 

(1) فيروز الدين ڄام انڙ بن ٻانڀيڻو

751 هه (51 ــ 1350ع) کان 753 هه (53 ــ 1352ع)

همير سومري کي مارڻ کان پوءِ سمن ڄام انڙ کي سرداري جي پڳ پارائي سنڌ ۾ پنهنجو پهريون بادشاهه مقرر ڪيو. ان وقت سيوهڻ ۽ بکر تي مغلن جي حڪومت هلندي هئي ۽ انهن طرفان اتي ملڪ  رتن مقرر هو، جنهن تي ڄام انڙ هڪ وڏو لشڪر ڪاهي ويو. ملڪ رتن سيوستان جي قلعي مان لشڪر ڪڍي وڙهيو ۽ پهرين ويڙهه ۾ ڄام انڙ کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيائين، پر پوءِ ڄام همت ڪري اڳتي وڌيو ۽ ملڪ رتن جڏهن گهوڙي تان هيٺ لهي رهيو هو ته ڄام انڙ مٿس تلوار جو وار ڪري سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائينس ۽ سيوستان کي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. ان وقت ملڪ فيروز ۽ علي شاهه ترڪ جيڪي بکر جي اوسي پاسي ۾ هئا، کي جڏهن اها خبر پئي ته ڄام کي لکيائون توکي اهڙي همت ڪيئن ٿي. تنهن ڪري شاهي لشڪر جي مقابلي لاءِ هاڻي تيار ٿي. ڄام انڙ ان خط کان پوءِ ٿري موٽي ويو ۽ اتي بيمار ٿي گذاري ويو.

هڪ روايت ته اها به آهي ته ڄام انڙ سيوستان جي سوڀ کان پوءِ پنهنجي تختگاهه موٽي محفلن ۽ مئي نوشي ۾ مشغول ٿي ويو ۽ هڪ ڏينهن خبر پيس ته ڪو لشڪر مٿس حملو ڪرڻ اچي ٿو. باغين جي ان جماعت کي روڪڻ لاءِ پنهنجي فوجي عملدار ڪاهه بن تماچي کي موڪليائين، ڪاهه ان وقت نشي ۾ هو ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ باغين وٽ قيد ٿي ويو، ڄام انڙ عيش عشرت ۾ اهڙو غلطان هو جو پنهنجي عملدار کي ڇڏائڻ ڏانهن ڌيان ئي نه ڌريائين، جنهن جي ڪري ڪاهه جي دل ڄام انڙ کان کٽي ٿي پيئي. ڪاهه وجهه وٺي جيئن ئي قيد مان آزاد ٿيو سڌو بکر وڃي حاڪم علي شاهه ۽ ملڪ فيروز سان مليو، جيڪي مغلن طرفان سنڌ جي ڪنهن حصي تي مقرر هئا، ۽ کين راضي ڪري ڄام انڙ تي حملي لاءِ بهرام پور وٺي آيو. ٻنهي ملڪ رتن جو بدلو وٺي ڄام انڙ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ علي شاهه ترڪ، ملڪ فيروز کي اتان جو والي بڻائي موٽي آيو پر ٽن ڏينهن کان پوءِ سمن ڪاهه ۽ ملڪ فيروز کي ماري ڇڏيو.

ڄام انڙ ڪل ٽي ورهيه ڇهه مهينا حڪومت ڪئي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڄام انڙ جو عرصو 749 هه کان 753هه لکيو آهي.

 

(1) علاءُ الدين ڄام جوڻو

(753هه (53 ـ 1352ع) کان 768هه (67 ــ 1366ع)

ڄام انڙ کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ڄام جوڻو کي چونڊيو ويو. ڄام جوڻو ڪرسي سنڀاليندي ئي سڄي سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جا خواب ڏسڻ لڳو. پنهنجي حدن ۾ آيل علائقن تي پنهنجي مٽن مائٽن کي مقرر ڪيائين، جن رڻ ٻاري ڏنو ۽ ٽلٽي کان گذري، بکر جي ڀرسان وارن ڳوٺن کي ناس ڪري ڇڏيو. انهن جي بکر جي عملدارن سان جنگ به ٿي پر هو مات کائي اچ ڀچي ويا ۽ ڄام جوڻي بکر تي اچي قبضو ڪري ورتو. ڄام جوني ڪيترائي ورهه بي فڪريءَ سان حڪومت ڪندو رهيو ۽ پوءِ سلطان علاءُ الدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان جي مهم تي مقرر ڪيو. الغ خان، ملڪ تاج  ڪافوري ۽ تاتار خان کي ڄام جوڻي جي مقابلي لاءِ سنڌ موڪليو ۽ اڃا هو سنڌ پهتا ئي نه هئا ته ڄام جوڻو گذاري ويو. علاءُ الدين جي لشڪر سنڌ پهچي بکر تي قبضو ڪري ورتو ۽ سيوستان ڏانهن وڌيا. تاريخ معصومي مطابق ڄام جوڻي تيرهن ۽ فرشتي مطابق چوڏهن سال حڪومت ڪئي.

سنڌ جي مشهور محقق سيد حسام الدين راشدي مڪلي نامي جي حاشين ۾ لکيو آهي ته ڄام جوناهه پنهنجي ڌرتيءَ سان ڏاڍي حب رکندو هو ۽ دهلي جي بالادستي نه وڻندي هيس. هن ڪيترا ڀيرا دهلي جي علائقن تي حملو به ڪيو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڄام جوڻي جي حڪومت 753هه کان 768هه ٻڌائي آهي.

 

(3) ڄام تماچي بن انڙ

768 هه (67 ــ 1366ع) کان 777هه (76 ــ 1375ع)

ڄام جوڻي کان پوءِ ڄام انڙ جي پٽ ڄام تماچي کي تاج پارايو ويو، فرشتي ان جو نالو ڄام ماني ٻڌايو آهي.

سلطان علاءُ الدين جو لشڪر ڄام تماچي کي جنگ ۾ مات ڏيئي گهر ڀاتين سوڌو قيد ڪري دهلي وٺي ويو، جتي کيس ٻه پٽ ڄاوا. ڄام تماچي کان پوءِ ڄام انڙ جا ماڻهو پنهنجي علائقي تي قابض رهيا. ڪافي وقت کان پوءِ ڄام تماچي جو پٽ ملڪ خيرالدين سنڌ آيو ۽ حڪومت ڪرڻ لڳو.

(4) ڄام خير الدين تماچي

ڪجهه ڏينهن بعد سلطان محمد شاهه تغلق، طغي بي وفا جي ڪڍ گجرات کان سنڌ آيو ۽ اچي ڄام خيرالدين کي گهرايائين، پر ڄام کي دهلي ۾ قيد جون تڪليفون ياد هيون سو پرواهه ئي نه ڪيائين، ايتري ۾ سلطان محمد شاهه تغلق ٺٽي ڀرسان وفات ڪري ويو ۽ سندس وصيت مطابق سلطان فيروز شاهه سنڌو درياءَ ڪناري بادشاهت جو ڇٽ مٿي تي رکيو. ڄام خيرالدين جي سلطان فيروز شاهه سان اڻبڻت جاري رهي ۽ ان سان وڙهڻ لاءِ سندس پويان سيوهڻ ويجهو سن تائين ويو.

تاريخ معصومي ۾ آهي ته ڄام خيرالدين وڏو خدا ترس ۽ نيڪ بخت بادشاهه هو. هڪ ڀيري پنهنجي سردارن سان گڏ شڪار تي نڪتو ته رستي ۾ مئل ماڻهن جا هڏا نظر آيس، حسرت مان انهن کي ڏسندو رهيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ پنهنجي سردارن کي چوڻ لڳو ته توهان کي خبر آهي ته هي  هڏا مون کي ڇا چئي رهيا آهن؟ هي مون کان انصاف گهرن ٿا، ۽ پوءِ حڪم ڏنائين ته هتان جي ڪنهن وڏڙي کي وٺي اچو. جڏهن ڳوٺ جو هڪ ٻڍڙو شخص ڄام جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو ته ڄام هڏن ڏانهن اشارو ڪندي کانئس پڇيو ته ڇا تو کي انهن جي باري ۾ خبر آهي ته ڪيئن ماريا ويا؟ ٻڍڙي شخص عرض ڪيو ته ائين اڄ کان ست سال اڳ هتان گجرات جو هڪ قافلو گذريو، جنهن کي فلاڻن ڌاڙيلن ڦري ڪري سڀني ماڻهن کي موت جي منهن ۾ موڪليو.

ڄام خيرالدين اها ڳالهه ٻڌي تڙپندو رهيو ۽ انهن ڌاڙيلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ڌاڙيلن کي ٻٽن ڏينهن جي اندر پڪڙِ ڪري ڄام خيرالدين اڳيان پيش ڪيو ويو، جن کان ڦريل سامان وصول ڪري ڄام قصاص ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو گجرات وارثن ڏانهن موڪليائين.

 

(5) علاءُ الدين ڄام ٻانڀيڻو ٻيو

777هه (76 ــ 1375ع) کان 91 ــ 790هه (89 ــ 1388ع)

ڄام خيرالدين وفات ڪئي ته گادي تي سندس پٽ علاءُ الدين ڄام ٻانڀيڻو ٻيو ويٺو. هي اهو زمانو هو جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق سنڌ فتح ڪرڻ واسطي هندستان ۽ گجرات کان فوجون وٺي آيو ۽ سڄي سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڄام ٻانڀيڻي کي پاڻ سان گڏ دهلي وٺي ويو. دهليءَ ۾ ڄام ٻانڀيڻي سلطان فيروز سان پنهنجي محبت ۽ وفاداريءَ جو اهڙو مظاهرو ڪيو جو سلطان ٻيهر کيس سنڌ جي حڪومت سونپي  ڪيتري عرصي تائين ڄام ٻانڀيڻو ٻيو سنڌ تي حڪومت ڪندو رهيو.

گجي ۾ شيخ ترابي جي مزار تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، ان تي ڄام ٻانڀيڻي جو نالو ۽ سال 782 هه درج آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته انهيءَ سال تائين حڪومت ڪيائين. اهو سال هن جي دهليءَ کان موٽڻ کان پوءِ جو آهي. پر ڪائي تاريخي شهادت اهڙي نٿي ملي، جنهن مان خبر پئجي سگهي ته ٻيهر ان ڪيترو عرصو حڪومت ڪئي. اهو ڪتبو هي آهي:

بعد شهر يار سلطان داور (کذر)،

شهہ فيروز منصور و مظفر در صف شاهان،

با مر سرفراز هند خاص حضرت عالي،

کہ پائي قدر او اعلا زفر فرقد تابان،

ستوده جام جم سيرت علاء الدين دريا دل،

کہ از مهماتي لطفش جهان شد جملہ ابادان،

بر آمد اين چنين گنبد معلا کز صفا گوئي،

بسان بيت معمور آمده ست از بار اين ايوان،

مقام شيخ حاجي بو ترابي، آن ولي الله،

کہ بر درگاه او گردد روا حاجات خلق آسان،

بسال، هفتاد و هشتاد و دو از هجرت احمد،

زعون ايزد ذوالمن والافضال ولا حسان،

پڻاشد ثالث ماه صفر اين روضہ ميمون،

بسعي کمترين بندگاه موسي بن شهجان.

مولانا محمد شفيع (اورنٽيئل ڪاليج ميگزين 1935 ــ 2) ۾ لکيو آهي ته 3 صفر 782 هه ۾ سلطان فيروز شاهه جي دؤر ۾ ڄام علاءُ الدين جي حڪم ان موسيٰ بن شهجان اهو مقبرو ٺهرايو هو. هتي شهجان مان مرزاد شاهجان ئي آهي.

انهيءَ زماني ۾ ڄام ٻانڀيڻو، ڄام تماچي ۽ ان جي پٽ ام صلاح الدين ڄام انڙ (ٻئين) کي دهلي موڪليو. تحفة الڪرام مطابق جيڪو حديقته الاوليا کان  نقل ڪيل آهي ته جام جونا، جام تماچي و پسرش جام صلاح الدين رامقد به دهلي فرستاده، بود، وبه تصرف شيخ (حماد جمالي) نامبردها از قيد هند خلاص شده به سند رسيدندا.

 

(6) سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي ثاني

791 هه (1388ع) کان 795 هه (93 ــ 1392ع)

ڄام ٻانڀيڻي کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام تماچي گادي تي ويٺو پر سڄو  عرسو عيش عشرت ۽ دنوي رونقن ۾ گذاريائين ۽ تيرهن سال حڪومت ڪري طاعون وگهي مري ويو.

حديقة الاوليا جي ليکڪ عبدالقادر بن هاشم بن محمد، شيخ حماد جمالي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

ڄام تماچي ۽ ان جي پٽ ڄام صلاح  الدين جيڪي شيخ حماد جمالي جا مريد ۽ ان جي آستاني جي صفائي کي پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا هئا، کي ڪن شريرن جي چوڻ تي ڄام جوڻي قيد ڪري دهلي موڪليو، ته هو دل ۾ سنڌ جي حڪومت تاڙيون ويٺا آهن. شيخ حماد کي جڏهن  ان ڳالهه جي خبر پئي ته جوش ۾ اچي ويا ۽ سنڌ جو هڪ شعر پڙهيائون، جنهن ۾ ڄام تماچي سان ملڻ جو اشتياق ڏيکاريائون. ڄام جوڻي کي معلوم ٿيو ته سڌو شيخ صاحب وٽ آيو ۽ تيز لهجي ۾ چوڻ لڳو ته بزرگن ۽ درويشن کي حڪومتي ڪم ڪارين ۾ ٽنگ اڙائڻ نه گهرجي. شيخ صاحب جواب ڏنو ته هي زمين جو ٽڪرو منهنجي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ مان اهو خزانو ڄام تماچي جي هٿ ۾ ڏنو آهي. ڄام جوڻو اهي لفظ ٻڌي غمگين ٿي موٽي آيو. شيخ صاحب جي دعا سان ڄام تماچي ۽ سندس پٽ ڄام صلاح الدين ٻئي آزاد ٿي سنڌ آيا ۽ ڄام جوڻي کي هٽائي ڪري تخت پنهنجي هٿ ۾ ڪيو.

مڪلي نامه جي حاشين ۾ سيد حسام الدين  راشدي صاحب لکيو آهي ته اهو واقعو 93 ــ 792هه جو آهي ۽ هي اهو ئي چام تماچي آهي، جنهن کي نوري سان عشق هو، جيڪا ذات جي گندري ڪينجهر ڍنڍ جي هڪ ماڇي جي ڌيءَ هئي، ڄام تماچي ان کي پنهنجي راڻي بڻايو هو، ان لاءِ ڪينجهر ڪناري هڪ محل اڏايو هو، جنهن جا ڪجهه نشان باقي آهن. تحفة الڪرام جي حوالي سان راشدي صاحب لکن ٿا ته نوري ۽  تماچي جون قبرون مڪلي ۾ شيخ حماد جمالي جي گنبذ ڀرسان هڪ حجري ۾ موجود آهن.

 

(7) ڄام صلاح الدين

795 هه (93 ــ 1392ع) کان 806هه (4ــ 1403ع)

ڄام تماچي کان پوءِ جانشين سندس پٽ ڄام صلاح الدين ٿيو، تخت کي ويهڻ سٽ  ئي باغين ۽ بي چيني پکيڙيندڙن تي ڪڙڪي پيو. انهن کي سيکت ڏيڻ بعد ڪڇ تي ڪاهه ڪيائين ۽ گهڻو خزانو هٿ ڪري وطن موٽي اچي ملڪ سنوارڻ ۾ لڳي ويو. سندس حڪومت انصاف ڀري هئي ۽ سڀني سان سٺو سلوڪ هيس. يارهن ورهيه ڪرسي تي ويٺو رهيو.

 

(8) ڄام نظام الدين بن ڄام صلاح الدين

807 هه (5 ــ 1404ع) کان 809 هه (7 ــ 1406ع)

ڄام صلاح الدين جي وفات کان پوءِ ڄام نظام الدين جي هٿ ۾ حڪومت جون واڳون آيون ۽ تخت تي ويهندي ئي پنهنجي چئني چاچن ملڪ سڪندر، ڪرن، بهاءُ الدين ۽ عامر کي جيڪي ڪن سياسي معاملن جي آڌار تي واڙيل هئا، آزاد ڪري انتظآمي ڪم ڪار انهن کي سونپيائين ۽ پاڻ عيش عشرت بي فڪريءَ واري زندگي گذارڻ لڳو. هيڏانهن سندس چاچا بي وفا ٿي ڪري کيس مارڻ جون سٽون سٽڻ لڳا. هڪ رات اچي مٿس حملو ڪيو پر هو ڪي وفادار سپاهي ساڻ ڪري گجرات ڀڄي ويو ۽ هي چارئي سندس پويان لڳا ويا. ملڪ ۾ اهڙي هلچل ڏسي سردارن ڄام علي شير کي پويان پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو. هوڏانهن ڄام نظام الدين اڃا گجرات پهتو ئي نه هو ته رستي ۾ ئي دم ڏنائين، سندس چاچن جهنگ ۾ وڃي پناهه ورتي.

 

(9) ڄام علي شير بن ڄام تماچي

809 هه (7 ــ 1406ع) کان 815هه (13 ــ 1412ع)

هي تمام صالح ۽ سلجهيل انسان هو. پنهنجي انصاف، احسان ۽ ڏاهپ سان ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي آندائين ۽ سڀني ماڻهن جون دليون کٽي ورتائين.

هن فوجي ۽ عوامي سطح تي تمام گهڻا سڌارا آندا، جنهن جي ڪري هر طرف ساراهه ٿيڻ لڳي، سندس اها عادت هوندي هئي ته چنڊ وارين راتين ۾ سير سپاٽي تي نڪري ويندو هو. جڏهن اها خبر سڪندر، ڪرن، فتح خان ۽ ڄام تماچي جي پٽن کي پئي، جيڪي ڪيتري عرصي کان وٺي جهنگ ۾ زندگي گذاري رهيا هئا ۽ انهيءَ زندگيءَ کان تنگ ٿي چُڪا هئا، انهن ڇا ڪيو جو رات جو لڪي اچي شهر ۾ ڪن سرڪاري ڪارندن کي لالچ ڏئي پنهنجو ڪيو ۽ هڪڙي رات جڏهن ڄام علي شير شهر کان پري درياءَ جي سير تي نڪتو ته پويان هي ماڻهن سان گڏ شهر ٻاهران تلوارون اڀيون ڪري بيهي رهيا. ڄام علي شير پنهنجن ڪجهه سردارن سان جيئن ئي واپس موٽيو ته انهن مٿن حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ڄام علي شير مارجي ويو ۽ شهرين کي مجبور ٿي انهن ٽنهي جي اطاعت قبول ڪرڻي پيئي.

 

(10) ڄام ڪرن بن خيرالدين ڄام تماچي  بن علاءُ الدين ڄام جوڻو

816هه (14 ــ 1413ع)

ڄام علي شير جي شهادت کان پوءِ ڀائرن ڄام ڪرن کي حڪومت تي ويهاريو پر سرڪاري سردارن ۽ وڏيرن کان هو دل ئي دل ۾ سڙندو هو ڇاڪاڻ ته اهي کانئس ڄام علي شير جي قتل ڪري اندران ئي اندر ۾ نفرت ڪندا هئا. ڄام ڪرن انهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيا. هڪ ڏينهن پنهنجي درٻار ۾ گهرائي انهن جي ماني ڪيائين، تقرير ڪرڻ کان پوءِ جڏهن دستر خوان وڇايو ويو ۽ هو هٿ ڌوئڻ خاطر غسل خاني ويو ته فداين جي هڪ جماعت جنهن کي اڳ ۾ ئي سردارن تيار ڪري ڇڏيو هو، غسل خاني ۾ وڃي ڄام ڪرن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائونس ۽ سڀني متفق ٿي فتح خان بن سڪندر کي تخت تي ويهاريو، جيڪو ڪرن جي قتل ڪرائڻ ۾ مک هو.


 

 

(11) ڄام سڪندر شاهه صدرالدين بن خيرالدين ڄام تماچي بن علاءُ الدين ڄام جوڻو

816هه (1413ع)

تاريخ معصومي جي وضاحتن مطابق  ڄام سڪندر شاهه صدرالدين جي حڪومت صرف 816هه تائين آهي. ”ذڪر ڪرام“ جي مؤلف حفظ الرحمان بهاولپوري لکيو آهي ته ڄام سڪندر جي دؤر جو هڪ سرائيڪي ڪتبو (رحيم يار خان ضلعي جي ڳوٺ سنجرپور) مان هٿ آيو آهي، جنهن تي هي ٽي شعر اڪريل آهن.

سلان سل بند تهيان پهگيا نام نصير،

کهو کهڻايا پتر گيا نمن دي اونڻر نام حمير،

وقت سکندر بادشاهه ملڪ دهني پهلوان،

رعيت راضي ايهہ جهي چکيان تهيا کوه تمام،

تري سو بوڻي باغ دي رادهي انڙ جام.

ترجمو: سڪندر بادشاهه جنهن کان رعيت ڏاڍي راضي هئي، جي دؤر ۾ حمير انڙ کوهه کوٽايو جنهن ۾ هڪ لک سورهن سرون لڳيون ۽ پوءِ باغ ٺهرايو، جنهن ۾ ڄام انڙ ٽي سو وڻ رهايا.


 

 

(12) ڄام فتح خان بن صدرالدين سڪندر شاهه

816هه (14 ــ 1413ع) کان 831هه (1427ع)

ڄام فتح خان ڪرسي سنڀالڻ کان پوءِ حڪومتي ڪاروهنوار لاءِ نوان قانون جوڙيا ۽ وڏي حڪمت سان حڪومت ڪرڻ لڳو. پر بدقسمتيءَ سان ان زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي پوٽي مرزا پير محمد کي ملتان ۽ اچ موڪليائين، جيڪو سوڀ ماڻي ڪجهه ڏينهن ملتان ۾ ئي ترسي پيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪيترائي گهوڙا مري چُڪا هئا. جڏهن ان جي خبر امير تيمور کي پئي ته شاهي اصطبل مان ٽي هزار گهوڙا مرزا ڏانهن موڪليائين. هتي مرزا پير محمد سان ڀٽي ۽ واهڻ قوم مهاڏو اٽڪايو ته انهن کي  طاقت سان جلدي ۾ جهڪائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ پير محمد بکر تي مقرر دهلي جي ڪارندن کي پيش پوڻ جو حڪم ڏنائين، جيڪي بکر وارن کي اڪيلو ڇڏي جيسلمير ڀڄي ويا.

بکر جو بزرگ سيد ابوالغيث جيڪو وڏو متقي ۽ گهڻن مريدن وارو هو، مرزا سان ملڻ آيو ته مرزا وڏي مان ۽ مرتبي سان سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ واپسيءَ تي سوکڙين پاکڙين سان گڏ اروڙ پرڳڻو به سندن نالي ڪيائين.

تيمور ٻيانوي هزار فوجن سان گڏ خيبر وٽان پنجاب ۾ داخل ٿيو، جتي عادل خان ڀاءَ سارنگ خان حڪومت ڪندو هو. عادل خان وڏي بهادريءَ سان وڙهيو پر تيمور اڳيان ڪير ٿو بيهي سگهي! تيمور لاهور تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ پنجاب جي ڪن ضلعن تي شيخا گهکڙ کي ۽ تاريخ فرشتا جي لکندڙ محمد قاسم جي ڏاڏي هندو شاهه کي لاهور جي زمينواري سونپي ملتان ڏانهن وڌيو، جتي سندس  پوٽي جي حڪومت هئي. صفر 801 هه ۾ تيمور تلنبو کي برباد ڪندو ملتان پهتو، ملتان مان مرزا پير محمد کي وٺي اجوڌن (پاڪ پتن) آيو ۽ پوءِ ڀٽنير قلعي تي حملو ڪيائين ته اتان جي راجا راءِ جلجي هڪ شاهه جي ذريعي پناهه گهري پر واعدي مطابق حاضر نه ٿيو ته تيمور مٿس ڪڙڪيو. راءِ جلجي وري حضرت فريد الدين شڪر گنج کي ساڻ ڪري جيڪو ڪنهن ڪم سانگي قلعي اندر هو، اچي معافي جو طلبگار ٿيو، تيمور کيس معاف ڪري ڇڏيو. ان هوندي به راءِ جو ڀاءُ ۽ پٽ راضي نه ٿيا ۽ وڙهندا رهيا، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي تيمور قلعي کي ڊاهرائي پٽ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ تيمور فتح جا جهنڊا لهرائيندو فتح آباد، سامانا کي زير ڪندو اچي کيتل نڪتو ۽ اتان جمنا ندي ٽپي قلعي لوڻي تي قبضو ڪيائين، سامهون درياءِ اورانگهي اقبال خان ڀاءَ سارنگ خان سان 7 ربيع الاول 801 هه تي مهاڏو اٽڪايو پر اقبال ڀچي وڃي دهلي پهتو. دهلي جي بادشاهه ناصر الدين محمود اها حالت ڏسي راتو رات گجرات ڏانهن رخ ڪيو، اهڙيءَ طرح تيمور نعرن سان دهلي ۾ داخل ٿيو ۽ پندرهن ڏينهن تائين لٽ مار ڪندو رهيو ۽ دهلي کي اجاڙي ڇڏيائين. دهلي کان تيمور فيروز آباد آيو ۽ سندس خدمت ۾ ناهر ۽ خمز خان حاضر ٿيا. ناهر کي سيوات موڪليائين ۽ خضر کي پاڻ سان گڏ پاني پت وٺي ويو.

اتان امير شاهه ملڪ کي ميرٺ ڏانهن اماڻيائين. ميرٺ جي سردارن ملڪ الياس ۽ ملڪ صفي مقابلي جون تياريون ڪرڻ لڳا، جنهن جو امير شاهه، تيمور کي اطلاع ڏنو، تيمور پاڻ ميرٺ پهتو ۽ ٻنهي سردارن کي قتل ڪري قبضو ڪري ورتائين. ڪجهه ڏينهن اتي ترسي ڪوه سوا لڪ ۽ پوءِ ڄمون جي راجا کي پنهنجو فرمانبردار بڻايائين.

شيخا گکڙ تيمور جي ويندي ئي لاهور مان هندو شاهه کي تڙي پاڻ قبضو ڪري ورتائين، تيمور ڳچ فوج موڪلي شيخا کي گرفتار ڪرائي مارائي ڇڏيو ۽ لاهور، ملتان ۽ ديبالپور جي حڪومت خضر خان جي حوالي ڪئي، ۽ تيمور پاڻ وڃي سمرقند پهتو.

815 هه سلطان ناصر الدين محمود جي مرڻ سان تغلق حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ دولت خان لوڌي تخت تي ويٺو پر سال ۽ ڪجهه مهينا ئي حڪومت ڪري سگهيو.

اصل ۾ تيمور جي حملن سان ئي تغلق پورا ٿي چُڪا  هئا، ۽ صوبا پنهنجي منهن سان حڪومت ڪري رهيا هئا. دهلي ۾ ناصر الدين محمود نالي ماتر بادشاهه هو ۽ حڪومت لوڌين جي هٿ ۾ هئي. پندرهن سالن کان پوءِ سلطنت سادات جي بادشاهه خضر خان جي هٿ ۾ آئي ۽ 717 هه کان 855هه تائين حڪم هلائيندا رهيا پر سندن آخري بادشاهه علاءُ الدين پنجاب جي صوبيدار  بهلول خان کي دهلي جي حڪومت ڏئي پاڻ دنيا کان ڪناره ڪش ٿي ويو.

هندستان ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو پر سنڌ ابوالغيث بکري جي سفارش تي تيمور جي حملن کان محفوظ رهي. ڄام فتح خان پندرهن سالن تائين ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪندو رهيو ۽ مرڻ کان ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي ڀاءُ ڄام تغلق کي پنهنجو جانشين ڪيائين.


 

 

(13) ڄام تغلق شاهه (جوڻو) بن صدرالدين سڪندر شاهه

831هه (28 ـ1427ع) کان ربيع الاول 857هه (1453ع)

ڄام تغلق سلطنت جون واڳون سنڀاليندي ئي پنهنجي ڀائرن کي سيوستان ۽ سکر جي حڪومت ڏني، بلوچن جڏهن بغاوت پکيڙي ته انهن کي مات ڏئي ڪري هر شهر ۾ ٿاڻا ٺاهيائين.

مڪلي جي حاشين مطابق ڄام پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرشد محمد صديق ملتاني جي چوڻ تي ٻنهي ڌيئرن بي بي مغلي ۽ بي بي مرڪي جي شادي گجرات جي حاڪم سلطان محمد ۽ شاهه  عالم سان 48 ــ 847هه ۾ ڪرائي. بيبي مغلي جي بدن مان 849هه ۾ فتح خان پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي سلطان محمود بيگڙهه جي نالي سان گجرات جو بادشاهه بڻيو.

بي بي مرڪي مان جيڪا شاهه عالم جي زال هئي، ٻه ڌيئرون بي امان، بي بي وچين ۽ هڪ پٽ بيگ محمد عرف ڀيڪن ڄائو.

سلطان محمد جي مرڻ کان پوءِ بي بي مغلي شاهه عالم وٽ اچي رهي  ۽ شاهه عالم پنهنجي زال بي بي مرڪي جي وفات 58 ــ 857 هه کان پوءِ بي بي مغلي سان شادي ڪري ڇڏي.

بي بي مرڪي ۽ سندس پٽ شاهه ڀيڪن جي قبر ڄام جوڻي جي مقبري ۾ آهي، جيڪو احمد آباد کان ڏکڻ طرف سابر ندي جي ڪپ تي آهي.

اٺاويهن سالن کان پوءِ ڄام تغلق جا پساهه پورا ٿيا ۽ تاريخ معصومي مطابق سندس حڪومت 831 هه (28 ــ 1427ع) کان 857هه (54 ــ 1453ع) تائين رهي.

 

(14) ڄام بارڪ علي

857هه (54 ــ 1454ع)

تاريخ معصومي جي وضاحتن مطابق ڄام تغلق کان پوءِ سندس مائٽ ۽ ڇاڙتو ڄام مبارڪ تخت تي ويٺو. معصومي ۾ ان جو ذڪر ڄام سڪندر شاهه (ٻئي) جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي.

(15) ڄام سڪندر شاهه ٻيو ڄام محمد عرف انڙ بن ڄام فتح خان

857هه (54 ــ 1453ع) کان 6 جمادي الاول 858هه (1454ع)

ڄام تغلق کان پوءِ ڳڀرو جوان ڄام سڪندر جي مٿي تي ڇٽ رکيو ويو. ان زماني ۾ بکر ۽ سيوستان جي سردارن بغاوت ڪري وڌي، جنهن کي ڪچلڻ لاءِ ڄام سڪندر ٺٽي مان فوج وٺي نڪتو ۽ اڃان نصرپور تائين مس پهتو ته پويان محمد تغلق جي زماني جي دربان ڄام مبارڪ بغاوت ڪري تخت تي قبضو ڪري ورتو، پر ماڻهن سندس حڪومت کي نه مڃيو ۽ ٽن ڏينهن اندر ماري وڌائونس، ڄام سڪندر ٺٽي اچي حڪومت سنڀالي ۽ ڏيڍ سال تائين حڪومت ڪندو رهيو.

مڪلي نامه جي حاشيي ۾ راشدي صاحب لکيو آهي ته مولانا علاءُ الدين منگلوري پنهنجي ڪتاب ”الزبده“ ان جي نالي تي منسوب ڪيو، جيڪو قاضي اختر جونا ڳڙهي جي لائبريري ۾ موجود هو ۽ سندس وفات کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي. ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ انهيءَ ڄام جو نالو هن طرح درج آهي: الملڪ المعظم محمد المعروف انر بن فتح خان بن صدرالدين بن تماچي بن ڄام.

 

(16) سلطان صدرالدين شاه ڄام سنجر عرف رائڏنو بن سلطان صلاح الدين شاهه ڄام (انڙ) (نمبر 5)

858هه (1454ع) کان 866هه (62 ــ 1461ع)

ڄام رائڏنو ڄام تغلق جي زماني ۾ ڪڇ جي سرحد تي شايد حاڪم هو ۽ پنهنجي روب، دٻدٻي. انعام ۽ نوازشن سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري ورتو هائئين، ڄام رائڏنو کي جڏهن ڄام سڪندر جي مرڻ جي خبر پئي ته 6 جمادي الاول 858هه تي لشڪر سان گڏ اچي ٺٽي پهتو ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳو ته مان اقتدار جو بکيو ناهيان پر مون کي مسلمانن جي جان ۽ مال جو فڪر آهي، توهان جنهن کي وڻي پنهنجو بادشاهه ڪيو مان به انجو ئي حڪم مڃيندس. جڏهن ڪوئي به بادشاهي جو بار کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيو ته سڀني سمن راءِ ڏني جي سر تي ڇٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو. راءِ ڏني حڪومت سنڀاليندي ئي ڇهن مهينن اندر سمنڊ کان وٺي ڪاجزيلي ۽ ميرپور ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي دنگ ڪنڊيلي ڳوٺ تائين وارو علائقو سنڌ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هو تمام سٺي سڀاءُ وارو ماڻهو هو ۽ اٺ سال آرام سان حڪومت ڪيائين، پر پوءِ هڪڙي سردار ڄام سنجر شراب ۾ زهر ملائي ڏنس، جنهن جي پيئڻ سان ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو.

راشدي صاحب مڪلي نامه جي هاشيي ۾ ان جي مرڻ جي تاريخ 25 ربيع الاول 866هه (63 ــ 1461ع) کان هڪ اڌ ڏينهن اڳ ٻڌائي آهي.

 

(17) ڄام سنجر

سهڻو من موهڻو، ڳڀرو ڄام سنجر گادي تي ويٺو ته چون ٿا بنا پگهار جي ماڻهو ملازم ٿيا. معصومي جو چوڻ آهي ڄام سنجر اڃا جڏهن گادي تي نه ويٺو هو ته هڪ درويش وٽ ويو ۽ چيائين ته منهنجي خواهش آهي ته مان ٺٽي جو بادشاهه بڻجان، کڻي اٺن ڏينهن لاءِ ئي، درويش جيڪو مٿس مفتون هوندو هو. دعا ڪيس ته تون اٺ ڏينهن نه اٺ ورهيه ٺٽي تي حڪومت ڪندي.

ڄام سنجر سنڌ لاءِ جيڪا رونق ۽ خوشحالي کڻي آيو هو اها اڳ ۾ سنڌ ڪڏهن نه ڏٺي هئي. عوام ۽ فوج سکي ستابي هئي، درٻار ۾ عالمن ۽ درويشن جا ميلا متا پيا هوندا هئا ۽ انهن کي ڳرا وظيفا ملندا هئا، جمعي تي سڀني غريبن ۽ مسڪينن ۾ خيرات ورهائي ويندي هئي.

ڄام سنجر انصاف پسندي ۽ خدا ترسي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو ان کان اڳ ملازمن جي پگهار گهٽ هئڻ ڪري هو ظلم، نا انصافي ۽ رشوت جي راند رچايون ويٺا هئا. هڪ ڀيري بکر جي قاضي معروف جي شڪايت آئي  ته هو عدالت ۾ ٻنهي فريقن کان پيسا وٺندو آهي. ڄام سنجر قاضي کي  پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ رشوت وٺڻ جي باري ۾  پڇا ڪيائينس ته قاضي عرض ڪرڻ لڳو، برابر مان وٺندو آهيان ۽ وس پچي ته  شاهدن کان به وٺان، ڇو ته سڄو ڏينهن عدالت ۾ گذارڻ جي ڪري ٻيو ڪم به نٿو ڪري سگهان ۽ اتان جيڪو اجورو ملي ٿو ان مان ٻارن ٻچن جي پورت نٿي ٿئي. ڄام سنجر قاضي جي ان ڳالهه تي کلي ويٺو ۽ اچرج به ٿيس، ان مهل ئي قاضيءَ کي چڱو خاصو اجورو انعام ۾ ڏئي حڪم ڪيائين ته سڀني سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب واڌارو آندو وڃي.

ڄام سنجر اٺ سال حڪومت ڪري وفات ڪئي، معصومي سمن حڪمرزانن جي فهرست ۾ ڄام سنجر جو ذڪر ناهي ڪيو، بلڪه راءِ ڏني کانپوءِ ڄام نظام الدين نندي جو نالو ڏنو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org