سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :18

 

 (18) ڄام نظام الدين (ٻيو المعروف ڄام نندو

25 ربيع الاول 866هه (1461ع) کان 914هه (9 ــ 1508ع)

ڄام سنجر جي وفات کان پوءِ سڀني اميرن وزيرن ۽ فوجي عملدارن ڄام نندي کي گادي تي ويهاريو، ڄام نندي جو ننڍپڻ ڪتابن ۽ ڪتب خانن، عالمن ۽ درويشن سان گذريو هو، جنهن جي ڪري هو اعليٰ صفتن سان سينگاريل هو. سندس دؤر ۾ خانقاهون ۽ مسجدون ڀريون پيون هونديون هيون ۽ هر پاسي سک ۽ سرهائي هئي، تخت تي ويهڻ کان پوءِ هو وڏو لشڪر ساڻ ڪري بکر آيو ۽ هتان جي چورن ۽ ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏئي امن امان قائم ڪيائين. ڄام نندي هڪ سال بکر ۾ رهي قلعي کي سامان سان ٽٻٽار ڪيو ۽ پنهنجي غلام شاد کي بکر جو ناظم بڻائي ٺٽي موٽي آيو. هاڻي ڄام نندي سڄي سنڌ تي ڌيان ڏنو ۽ واپارين ۽ سياحن کي سهولتون ڏنيون، جنهن سان سڄو ملڪ سکيو ستابو ٿي ويو.

راشدي صاحب مڪيل نامي جي حاشيي ۾ ڄام نندي جي سيرت ۽ ڪردر جي باري ۾ لکي ٿو.

”ڄام نندي جي پاڪبازي، زهد ۽ پرهيزگاريءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مشهور آهن،  قاضي عبدالله جي جنازي نماز وقت جڏهن اهو سوال پيدا ٿيو ته اهو پڙهائي جيڪو سڄي زندگي وضو ۾رهيو هجي! پر ڪوئي اڳتي نه آيو توڙي ان وقت ٺٽي ۾ ڪيترائي عالم ۽ صوفي موجود هئا، ڄام نندو ئي هو جيڪو نماز لاءِ اڳتي وڌيو ۽ جنازو پڙهايائين. هڪ روايت مطابق سنڌ جي مشهور بزرگ پير مرزاد شيرازي جي جنازي نماز ڄام نندي پڙهائي.

هيٺين رباعي سندس اعليٰ اخلاق ۽ ڪردر جو ثبوت آهي.

اي ان کہ ترا نظام الدين مي خوانند،

تو مفتخري کہ، مرزاچنين مي مي خوانند،

گر در ره دين ازتو، خطائي رفتہ،

شڪ نيست کہ ترا کافر لعين مي خوانند.

سڀني مؤرخن کيس ساراهيو آهي، تاريخ معصومي ۾ آهي ته ڄام نندو علم جي طلب ڪندو هو، مدرسن ۽ خانقاهن ۾ گذاريندو هو ۽ نهايت نهٺو خليق ۽ وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن وارو هو. ڪمال درجي جو زاهد ۽ عابد هو، سندس فضيلت ۽ حالت ان کان وڌيڪ آهي.

ماثر رحيمي جو ليکڪ چوي ٿو ته سنڌ ۾ ڇا پر پوري هندستان ۾ هن جهڙو ديندار، متقي ۽ فضيلت وارو ڪوئي نه هو.

اڳي هلي ڪري سنت جي ڦهلائڻ ۽ مدرسن سان هن جي محبت جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو.

احياءِ سنن و  رواج مدارس بنوعي درسند مقرر بود کہ زبان قلم از تحرير آن عاجز است.

مير علي شير قانع سندس تعريف تحفة الڪرام ۾ هن طرح ڪئي آهي.

. . . . در زمانش علما و سادات و صلحا و عموم خلق الله براحت کلي، گز رانيده، احياي سنن بنوعي شيوع يافت کہ احدي بدون صوم و صلوات نبودي.

مطلب ته سڀني مؤرخن ۽ محققن ڄام نندي جي ساراهه ڪئي آهي ۽ ڄام نندي جي دؤر ۾ سنڌ ڏاڍي ترقي ڪئي. هر طرف امن امان هو ۽ هر ماڻهو سک سان جي رهيو هو، پري پري کان عالم هتي پنهنجي علم جو فيض عام ڪري رهيا هئا. ايران خراسان ۽ ماوراءِ النهر جا علمي گهراڻا جڏهن هتي آيا ته ڄام نظام الدين (نندي) انهن لاءِ الڳ پاڙا ٺهرايا.

هي اهو دؤر هو جڏهن وچ ايشيا ۾ بدامني ۽ طوائفلملوڪي پکڙيل هئي ۽ عالم فاضل اتان لڏپلاڻ ڪري سنڌ اچي رهيا هئا، جن ۾ مولانا عبدالعزيز اڀري سندن پٽ مولانا اثير الدين، علامه جلال الدين دواني جا ٻه شاگرد مير شمس الدين ۽ مير معين شامل آهن.

ڄام نندي کي جنگ ۽ مسلمانن جو خون وهائڻ کان ڏاڍي نفرت هئي، هو هر هفتي پنهنجي اصطبل ۾ وڃي گهوڙن جي پيشاني تي هٿ ڦيرائي چوندو هو ته ”مان نٿو چاهيان ته جهاد کانسواءِ توهان تي سواري ڪجي، ڇو ته چئني پاسن تي خدا جي فضل سان مسلمان حاڪم ويٺا آهن، دعا ڪريو ته بنا ڪنهن شرعي حڪم ۽ حملي کانسواءِ ڪنهن تي چڙهي نه وڃان، نه ته قيامت ڏينهن مسلمانن جو خون وهائڻ تي ڏاڍو شرمسار هوندس.“

ڄام نندي جي دين دوستي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪري سڄو ملڪ عبادت ۽ رياضت ڏانهن راغب هو.

ٺٽي جو بنياد:

”لب تاريخ  سنڌ“ ۾ آهي ته ڄام نندي جي گهڻي عرصي کان خواهش هئي ته ڪو خوبصورت شهر اڏائي، ان ڪري هڪ ڏينهن نجومين کي گهرائي شهر لاءِ برڪت ڀري جڳهه جو پڇيائين. نجومين عرض ڪيو ته جيڪڏهن مڪلي ٽڪرين مٿان اڏايو ويندو ته هتان جا ماڻهو سخت دل، جاهل ۽ جنگجو پيدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن هيٺان ٺهرايو ويندو ته شهر جا رهاڪو نرم دل، نازڪ ۽ ڏاها هوندا، جن کان بادشاهن کي به خطرو هوندو.

انهيءَ صلاح کان پوءِ ڄام 900 هه جي آخر ۾ مڪلي ٽڪرين کان هيٺ هڪ شهر جو بنياد رکيو جيڪو هيٺاهون هجڻ ڪري تهه تهه سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ ڌيري ڌيري ٺٽو مشهور ٿي ويو ۽ ان علم، هنر ۽ واپار ۾ اهڙي ترقي ڪئي جو ايشيا جو انمول شهر بڻجي ويو. ڄام نندي جي علم دوستي ڪري ايران ۽ خراسان کان شاعر، عالم ۽ ڏاها هتي اچي رهڻ لڳا ۽ هي شهر قرطبه ۽ بغداد جي برابري ڪرڻ لڳو.

هن شهر جو بنياد ڄام نظام وڌو ان ڳالهه سان اسان سهمت ناهيون، ڇاڪاڻ ته ٺٽي شهر جو نالو محمد شاهه تغلق جي دؤر 751هه ۾ به ملي ٿو. ان ڪري ٺٽو ڄام نظام  کان اڳ آباد ٿيل هو، ها ان  شهر کي وڌيڪ خوبصورت ۽ ان ۾ واڌارو ڄام نظام ئي آندو، جنهن جي ڪري هي شهر ان سان منسوب ٿي ويو.

ڄام نظام  عالمن جو وڏو قدردان هو ۽ انهن سان عقيدت رکندو هو. مولانا جلال  الدين دواني جڏهن شيراز کان سنڌ اچي رهڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ ٻن شاگردن مير شمس الدين ۽ مير معين الدين کي هيڏانهن موڪليو ته ڄام انهن کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ ڪرايا ڀاڙا ڏئي مولانا صاحب کي وٺڻ لاءِ موڪليو ۽ ٺٽي ۾ انهن لاءِ خاص انتظام ڪيو، پر هو هتي اچڻ کان اڳ ۾ ئي آخرت جي سفر تي روانا ٿي ويا.

شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي پهرين ڪاهه:

تاريخ فرشته ۾ آهي ته 86 ـ 1485ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان قلعي سيوي تي جيڪو ڄام نندي جي هڪ سردار امير بهادر خان جي هٿ هيٺ هو، اچي ڪاهه ڪيائين ۽ اتان جي حڪومت پنهنجي ننڍي ڀاءُ سلطان محمد کي ڏئي پاڻ قنڌار هليو ويو. ڄام نندي سلطان محمد جي مقابلي لاءِ بهادر سردار امير مبارڪ خان کي وڏو لشڪر ڏئي موڪليو، جانبين ۾ ڪيترائي ڀيرا ميدان مچيو ۽ نيٺ سلطان محمد مارجي ويو ۽ ڄام نظام ٻيهر سيوي تي حڪم هلائڻ لڳو. شاهه بيگ کي جڏهن ان جي خبر پئي ته مرزا عيسيٰ ترخان کي وڏي تيارين ۽ سامان سان موڪليائين. هيڏانهن ڄام طرفان مبارڪ خان سرحد تي مقابلي لاءِ پهتو ۽ ٻنهي لشڪرن جون تلوارون پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ لڳيون. مرزا عيسيٰ جي سپاهين هٿان ڪيترائي سما سردار موت جو کاڄ بڻيا ۽ مبارڪ خان به زخمي ٿي ڪري بکر ڀڳو، جتي ڄام طرفان قاضي قاضن حاڪم هو. شاهه بيگ لشڪر وٺي اچي بکر مٿان حملو ڪيو ۽ قاضي قاضن گهڻن ڏينهن تائين منهن ڏيندو رهيو، پر پوءِ ڄام طرفان ڪائي مدد نه پهچڻ تي قلعو شاهه بيگ جي حوالي ڪري پناهه ورتائين. شاهه بيگ بکر ۾ فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي ويهاري پاڻ سيوهڻ مٿان اچي ڪڙڪيو. سيوهڻ مان سوڀارو ٿي ۽ اتي خواجا بيگ کي حاڪم ڪري پاڻ قنڌار موٽي آيو.

ڄام نظام سيوي قلعو بچائڻ خاطر جهجو ناڻو خرچ  ڪيو پر سنڌي سپاهي مغلن کان ڏاڍا ڊنل هئا. هڪ  مغل سپاهي جي گهوڙي جو سنج ٽٽي پيو ۽ ٺاهڻ لاءِ هيٺ لٿو، ايتري ۾ چاليهه سنڌي سپاهي مٿان اچي ويا،پر جيئن ئي مغل گهوڙي تي لانگ ورائي ته سڀئي سنڌي سپاهي ڀڄڻ لڳا.

ڄام نظام الدين ٻاهٺ سال حڪومت ڪري 923 هه (18 ــ1517ع) ۾ وفات ڪئي، سندس وفات جو ڪارڻ اها هار هئي، جيڪا مغلن هٿان نصيب ٿي.

ڄام نظام جي دؤر کي ختم ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ان جي اهم وزير دريا خان جي بهادريءَ کي بيان ڪجي، جنهن آخري دؤر ۾ سمن کي بچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ۽ اهم ڪار گذاريون ڏيکاريون جن جو ذڪر اڳتي هلي ايندو.

دريا خان:

دريا خان جو اصل نالو قبوليو هو ۽ ڄام نظام جي ديوان لکيدير يا (الڪسير) جو ٻانهون هو. تحفة الڪرام مطابق قبوليو سيد هو ۽ جڏهن قيد ٿي هتي آيو ته لکدير ئي ان کي خريد ڪري آبداري (پاڻي پيارڻ) جي خدمت تي رکيو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري تيز گرمي ۾ ڄام نندو شڪار تي نڪتو، موٽندي ڏاڍي اُڃ لڳس ته واٽ ۾ لکديرئي جي گهر اچي لٿو ۽ جلدي پاڻي گهرائڻ لاءِ چيائينس. لکديرئي پنهنجي ڇوڪراٽ آبدار قبولئي کي پاڻي آڻن لاءِ چيو. قبوليو عمر ۾ ته ننڍو هو پر عقل م سڀني کان سرس هو، تنهن ڪري پاڻيءَ ۾ ڪجهه  ڪک وجهي اچي پيالو ڄام اڳيان رکيائين. ڄام ڏٺو ته پاڻي ۾ ڪک پيا ترن ٿا، هي ڪهڙو حشر آهي! سو  قبولئي کي چيائين پاڻي ۾ آخر ڪکن وجهڻ جو مطلب ڪهڙو؟ قبولئي ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، سائين سدا سلامت هجو! جڏهن توهان پاڻي گهريو ته منهنجي ڪهڙي مجال هئي جو پاڻي توهان کي نه ڏيان ها، پر مون کي خيال ٿيو ته توهان تڪڙ ۾ آيا آهيو ۽ ايڏي ڏوگهه ۾ پاڻي جلدي پي ويئو ته پوءِ طبيعت نه خراب ٿي پوي، تنهنڪري مون  ان ۾ ڪک وجهڻ ئي مناسب سمجهيا جيئن توهان پاڻي ڌيري ڌيري پيئو. ڄام نظام کي ڇوڪري جي سياڻپ تي اچرج آيو ۽ ”دريا خان“ جو خطاب ڏئي پنهنجي محل ۾ گهرايائينس، ڄام دريا خان کي چڱي طريقي سان تعليم ڏياري ۽ ان جي خاص تربيت ڪرائي جنهن سان ان جون  خوبيون وڌيڪ اڀريون ۽ وڏو ٿي ڪري ڄام جي وزير تفوق کان اڳ کٽي مدارلمهام (وزيراعظم) جي عهدي تائين وڃي پهتو. اڳتي هلي امير الامرزا ٿي ڪري ”مبارڪ خان“ خطاب ماڻيائين.

جنهن دؤر ۾ سيد مهدي جونپوري ٺٽي آيا ته عالمن جي تحريڪ متعلق ڄام نظام سان سندس اختلاف ٿيا پر پاڻ اتي به بردباريءَ جو مظاهرو ڪيائون.

دريا خان 926 هه ۾ شاه بيگ ارغون سان مقابلو ڪندي ٺٽي ۾ پنهنجو سر ڏنو.

 

(19) ناصر الدين ابو الفتح سلطان فيروز شاهه

916 هه (9 ــ 1508ع) کان 926هه (20 ــ1519ع)

ڄام نندي جي وڃڻ کان پوءِ سندس الڙ پٽ ڄام فيروز کي امير وزيرن ۽ خاص طور تي دريا خان ۽ سارنگ خان تخت تي ويهاريو پر ان وقت ڄام نندي جي ويجهي مائٽ ۽ ڄام سنجر جي ڏوهٽي ڄام صلاح الدين جي دل ۾ شاهي ڇٽ حاصل ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو پر جڏهن دال نه ڳريس ته گجرات پنهنجي سؤٽ ڏي هليو ويو ۽ ان جي مڙس سلطان مظفر گجراتي کي مدد ڪرڻ لاءِ چيائين.

هيڏانهن ڄام فيروز هر وقت  راڳ رنگ، ناچ نخري ۽ مسخرن جي محفل ٻڌڻ ۾ گذارڻ لڳو ته سندس مائٽ سمن، تر ۾ باهه ٻاري ڏني ۽ غريبن مسڪينن کي ستائڻ لڳا. ماڻهو ڄام فيروز کان تنگ ٿيڻ لڳا ۽ دريا خان به سلطنت کي سڌارڻ جون سڀ ڪوششون ڪري هاڻي ٿڪجي پيو هو، تنهن ڪري مايوس ٿي پنهنجي جاگير ڪاهان ۾ وڃي رهڻ لڳو.

ڄام صلاح الدين جو ٺٽي تي قبضو:

ڄام صلاح الدين کي جڏهن ڄام فيروز جي اهڙن پرڪارن ۽ دريا خان جي کيس ڇڏي وڃڻ جي خبر پئي ته اهي ڳالهيون ۽ ٺٽي جي آزاريل عوام جا خط کڻي وڃي سلطان مظفر گجراتي کي ڏيکاريا ۽ کانئس مدد طلب ڪئي. سلطان وڏو لشڪر کيس ڏنو، جنهن کي وٺي هو سنڌو درياءَ اورانگهي اچي ٺٽي مٿان ڪڙڪيو. ڄام فيروز مقابلي جي همت نه ڪري سگهيو ۽ اتان ڀڄي نڪتو.

ڄام صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪري پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو.

ڄام فيروز جو ٻيهر ٺٽي تي قبضو:

ڄام فيروز هار کائي پنهنجي ماءُ سان گڏ وڃي ڪاهان پهتو ۽ دريا خان کي مدد لاءِ ايلاز منٿون ڪيائين، ماڻس به دريا خان کي پنهنجي مڙس جا پراڻا احسان ياد ڏياري مدد طلب ڪئي. دريا خان جڏهن ڏٺو ته ڄام فيروز کي پنهنجن ڪڌن ڪمن جو احساس ٿي چڪو آهي ۽ شرمسار به آهي ته بکر ۽ سيوستان کان وڏو لشڪر وٺي وڙهڻ لاءِ نڪتو، ڄام صلاح الدين کي جڏهن ان جي خبر پئي ته حاجي وزير کي فوج ۽ سامان ڏئي وڙهڻ لاءِ موڪليو، ٻئي هڪٻئي سامهون ٿيا ۽ تيز جنگي شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ درياءَ خان شڪست کائي پوئتي ڀڳو.

حاجي وزير اها خوشخبري هڪ خط ۾ ڄام صلاح الدين کي لکي پر خط واٽ تي ئي دريا خان جي هٿ چڙهي ويو ۽ اهو ڦاڙي ڪري ٻيو لکيائين ته ”افسوس ته دريا خان جون فوجي تياريون وڌيڪ هيون جنهن جي ڪري اسان سندس مقابلو نه ڪري سگهياسين، هاڻي چڱائي ان ۾ آهي ته توهان پنهنجي خاندان کي وٺي جلدي ٺٽي مان نڪري وڃو ۽ مون سان چاچڪان ۾ اچي ملو.“ دريا خان قاصد کي جهجو انعام ڏيئي راز فاش نه ڪرڻ لاءِ چيو ۽ وڌيڪ لالچ به ڏنائينس، قاصد خط کڻي ڄام صلاح الدين وٽ پهتو ۽ ڄام خط پڙهندي ئي ٺٽي مان نڪري ويو. دريا خان، ڄام فيروز کي عيد ڏينهن وٺي اچي ٺٽي پهتو ۽ وري ٻيهر ٺٽي تي ڄام فيروز جو قبضو ٿي ويو.

ڄام صلاح الدين جڏهن ٺٽي مان نڪري وڃي حاجي وزير سان مليو ته هن کي وڏي حيرت ٿي ۽ کانئس هتي اچڻ جو سبب پڇڻ لڳو، جنهن تي ڄام اهو خط ڏيکاريس. حاجي وزير چيو بخدا هي خط مون ناهي لکيو. آخر ڀانڊو ڦاٽي پيو ۽ ٻنهي کي دريا خان جي چال جي خبر پئجي ويئي، پر هاڻي حسرت ۽ افسوس کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا پئي.

تاريخ فرشته ۽ طبقات اڪبري ۾ آهي ته ڄام صلاح الدين جڏهن مظفر گجراتي کان مدد وٺي  لشڪر سوڌي ٺٽي پهتو ته دريا خان جيڪو اتان جي اڇي ڪاري جو مالڪ هو، ڄام صلاح الدين جي ڀر وٺي بيهي رهيو ۽ ڄام فيروز چپ ڪري پنهنجي عروج جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڄام صلاح الدين تخت تي ته ويٺو پر سلطنت جي سڄي راند دريا خان ئي کيڏي رهيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڄام فيروز تي وري مهربان ٿيو ۽ تاج سندس سر تي رکايائين، ڄام صلاح الدين گجرات وڃي افسوس جا ڏينهن گهارڻ لڳو ته مٿس مظفر گجراتي کي رحم اچي ويو ۽ وڏو لشڪر ڏئي 926 هه ۾ ٺٽي روانو ڪيائينس. ڄام صلاح ٺٽي تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضو ڪري ورتو ۽ اتان ڄام فيروز کي تڙي ڪڍيائين، ڄام فيروز شاهه بيگ ارغون کان مدد گهري، جنهن پنهنجي غلام سنبل خان کي فوج ڏئي ڄام فيروز جي مدد لاءِ سنڌ موڪليو، لشڪر سان گڏ ڄام فيروز وڃي صلاح الدين مٿان ڪڙڪيو ۽ ان جي پٽ هيبت خان کي ماري ٺٽي جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ڪيائين.

ڄام فيروز ڪيترن سالن تائين حڪومت هلائيندو رهيو ۽ پوءِ 926 هه ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان اچي سنڌ تي قبضو ڪري ارغون خاندان جي حڪومت جي بنياد رکيو ۽ سما پنهنجي پڄاڻي تي پهتا.

تاريخ طاهري ۾ سما خاندان جي زوال جو سبب خود ڄام فيروز سندس ماءُ ۽ اهي امير وزير ٻڌايا ويا آهن، جن بي وفائي ڪري سما حڪومت کي ڪمزور ڪيو. انهيءَ تاريخ ۾ آهي ته دريا خان جي وفاداري ۽ لئي کان ٻيا وزير سڙندا هئا. ڄام فيروز کي ڪيترائي ڀيرا انهن برغلايو ته توهان کي دريا خان کنگهي ئي نٿو ۽ سردار به ان جو ئي حڪم مڃن ٿا، پر ڄام فيروز کي دريا خان کي هٽائڻ جي همت نٿي. تنهن ڪري اهي وزير وڌيڪ ڀڄي ڇتا ٿي پيا ۽ ڄام فيروز جي ماءُ وٽ ويا ۽ ان کي چيائون ته دريا خان ڄام فيروز کي پنهنجي اشارن تي هلائي ٿو ۽  ان کي جيل ڀيڙو ڪرڻ جون سٽون ويٺو سٽي پيو، تنهنڪري ان کي اقتدار تان لاهڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته ارغونن کي هتي اچڻ جي ڪوٺ ڏجي ۽ هو دريا خان کان اسان جي جند ڇڏائي، ملڪ اسانجي حوال ڪن، جيڪڏهن ملڪ نه به ڇڏين تڏهن به دريا خان جي ذلت کان انهن جي غلامي بهتر آهي. ناسمجهه عورت ساڳين ماڻهن جي هٿ 922 هه قنڌار شاهه بيگ کي فوجون سنڌ ڪاهي اچڻ جي ڪوٺ ڏني ۽ شاهه بيگ رغون باغبان ضلعي کان سيوهڻ ٿيندو سيوهڻ رستي ٺٽي ڀرسان ”خانواه“ واهه جي ڪنڊ ۾ لٿو جنهن کي دريا خان سانڪوره ضلعي جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ کوٽايو هو. جيئن ئي جنگ جو بغل وڳو دريا خان ڄام فيروز کي چيو ته هي مصيبت منهنجي لاءِ نه توهان پنهنجي لاءِ آندي آهي ۽ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي وهائي آهي، پر هاڻي اچو ته گڏجي ان مصيبت کي  ٽاريون ۽ ملڪ بچايون. ڄام فيروز ڪن لاٽار ڪري ساٿين سميت گهر ۾ ويهي رهيو ۽ دريا خان اڪيلو لشڪر سان گڏ مغلن سان وڙهندي وڙهندي 926 هه ۾ شهيد ٿي ويو.

سمن جي دؤر جو جائزو:

ارغون عهد شروع ٿيڻ کان اڳ ضروري آهي ته سمن جي حڪومت جو سرسري جائزو وٺون، جيئن ان دؤر جي حالتن جي خبر پئجي سگهي.

فوجي ۽ واپاري سرگرميون:

سمن جو دؤر سنڌ لاءِ خوشحالي کڻي آيو، چورن ۽ ڌاڙيلن جي پاڙ پٽجي ويئي ۽ پراڻو لٽيل سامان به انهن کي هٿ ڪري اصل مالڪن ۽ سندن وارثن تائين پهچايو ويو. شين جي اگهن جي نگراني ڪرڻ لاءِ  هر شهر ۾ هڪ ناظم مقرر ڪيو ويو.

سمن فوج کي جاگيرون ڏيئي وڌيڪ سگهارو ڪيو. ماڻهن ۾ به ملڪ لاءِ وڙهڻ جو جذبو جاڳيو. ان ڪري جنهن وقت ارغون وڙهڻ آيا ان وقت هندو سوڍا ۽ راڻا سمن فوج سان گڏجي قطارن ۾ بيٺا. سمن اهڙو عسڪري شوق پيدا ڪيو هو جو مخدوم بلاول جهڙو بزرگ صوفي به سمن سان گڏجي ارغونن سان وڙهيو.

سمن جي دؤر جون مذهبي حالتون:

سما شريعت جا پابند ۽  حنفي هئا. اڄ جا گيلاني، بخاري ۽ سهروردي مشائخ سندن مرشد هئا. سمن جي دؤر ۾ سنڌ علم سان مالا مال هئي ۽ ”عرب صغير“ ۽ ”باب الاسلام“ جي نالي سان هندستان ۾ سڏي ويندي هئي.

علمي ڪاوشون:

سمن کان اڳ سنڌ ۾ مدرسا مسجدن سان گڏ هئا پر انهن جي دؤر ۾ مدرسن لاءِ الڳ عمارتون  ٺهيون. صرف ٺٽي ۾ ئي هڪ هزار جي لڳ ڀڳ مدرسا هئا، ان کانسواءِ بکر، سيوهڻ ۽ ڪاهان به  علمي مرڪز هئا.

سنڌي زبان ۽ شاعريءَ جي شروعات:

سنڌي زبان جي ابتدا ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي ٻئي باب ۾ ان موضوع تي روشني وجهندي لکن ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جو بنياد راءِ برهمڻ ۽ عرب دؤر ۾ پيو ۽ ان دؤر کي ڇهين کان يارهين صدي عيسوي سمجهڻ گهرجي. انهيءَ دؤر ۾ سنڌي ٻولي هڪ خاص صورت اختيار ڪئي ۽ ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جو ڪو پختو ڏس نٿو ملي. (ص: 20)

خبر پوي ٿي زبان جي تشڪيل گهڻو مفرد لفظن سان ٿي آهي، اڄوڪي دؤر جي حرفن جي حساب سان فعل جملي جي ربط ۽ ارتباط ۽ ترڪيب جا لازمي جزو نه ٺهيا هئا. (ص ؛ 22)

سنڌي جيئن ته خام زبان هئي، ان ڪري سڀ نحوي خاصيتون جهڙوڪ ضمير، فعل، فاعلي، اسم، مفعولي اسم وغيره عربي زبان کان سنڌي ۾ آيا. سنڌي ۾ ضمير متڪلم ”ا، ءَ“ عربي جي ”انا“ مان آيو. (ص : 40)

عربي صيغي مفعول مان ”ل“ کڻي سنڌي زبان پنهنجا سڀئي مفعولي اسم ٺاهيا، ڇاڪاڻ ته انهن جو آخري حرف ”ل“ ئي هوندو آهي. (ص : 41)

مجموعي طور تي ڊاڪٽر صاحب سنڌي زبان کي عربي النسل ٻڌايو آهي ۽ سنڌي کي سامي لڏي جي زبان قرار ڏنو آهي. سندن چوڻ آهي ته سنڌي زبان عربن جي فتح کان اڳ الڙ، ڪچي ۽ بنا قاعدن جي هئي. عربي اچڻ سان سنڌي کي نئون روح مليو ۽ هڪ مڪمل زبان جي صورت ۾ اڀري. (1)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ان اڳ جي ٻولي ڄاڻڻ جو سنڌي زبان بابت نظريو هي آهي.

سنڌي زبان هند ۽ يورپي زبانن جي لڏي جي ڪائي زبان آهي ۽ ان جو اصل سنسڪرت ۽ اپڀرنش آهي، تنهن ڪري هندستاني زبانن جي ڀاڱابندي ڪندو مشهور لسانياتي ماهر سرگريئرس ان کي وارچ ڊاپ ڀرنش سان ڳنڍيل قرار ڏنو آهي. وارچڊ جي معنيٰ بگڙيل زبان آهي.

ٽرمپ ۽ گولڊ سمٿ جي تنقيد جي باوجود به اوڻيهه صدي کان وٺي اڄ تائين اهو ئي نظريو هلندو پيو آيو. ٽرمپ پنهنجي گرامر ۾ سنڌي زبان تي چڱو خاصو بحث ڪيو آهي، سندس اهو نظريو آهي ته هندستاني زبانن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو  ته ڪن لساني خاصيتن ڪري سنڌي، سنسڪرت جي گهڻو ويجهو آهي، تنهنڪري ان کي وارچڊ اپ ڀرنش چوڻ صحيح ناهي.

تنهن هوندي به سرگريئرسن جو نظريو ايترن مضبوطن اعتراضن جي باوجود به لساني دنيا ۾  مشهور ۽ مقبول سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي زبان جي  بڻ بنياد تي سڀني کان سگهارو ڪتاب جناب ڀيرو مل جي ”سنڌي ٻولي“ کي سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي خوبين تي جامع گفتگو ڪئي ويئي آهي، پر ڀيرومل جو نظريو به ساڳيو ئي آهي، جيڪو سرگريئسن جو آهي.

ويجهڙ ۾ سنڌ جي نوجوان اديب سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پوين سڀني نظرين کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ خاص طور تي بلوچ صاحب جي نظرئي کي ته خاص تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سندس چوڻ آهي ته جيستائين موئن جي دڙي جي زبان جو پتو نه لڳائبو ايستائين اهو چوڻ غلط ٿيندو ته قديم سنڌي زبان سامي  يا ڪنهن ٻئي نسل جي آهي. هو اڳي لکي ٿو ته بلوچ  صاحب جو ڏنل خاڪو صرف ذهني ۽ تصوري آهي، جيڪو هن مهل تائين ڪنهن عالم بيان ناهي ڪيو، تنهن ڪري ان بنياد تي سنڌي کي سامي نسل جي زبان چوڻ حقيقت جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته سامي النسل زبانن جا مادا گهڻو ڪري ته حرفي آهن، مثال طور فعل قتل وغيره. ان جي ابتڙ سنڌي مادا هڪ حرفي يا ٻه حرفي آهن ۽ اهو هڪ وڏو فرق آهي، هند يورپي زبانن ۽ سامي زبانن ۾. ص 46 ــ 45 تي اڳتي هلي سراج بلوچ صاحب جي ان نظرئي ”سنڌي جي عرب دؤر ۾ تشڪيل ٿي“ کي ٿڏيندي لکي ٿو ته:

”پاڻ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب ”فتح نامه سنڌ“ ۾ سنڌي جا استعمال شده لفظ استعمال ڪيا آهن، جيڪي اڄ به انهيءَ طرح استعمال ٿين ٿا ۽ ان زبان جي مڪمل هجڻ ۽ پختگي جو ثبوت آهن. انهن لفظن ۾ فاعلي اسم به آهي ۽ مفعولي به. انهن ئي لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي صوتيات جو نظام عربن کان اڳ اهو ئي هو جيڪو اڄ آهي، تنهن ڪري سنڌي زبان جي تشڪيل ۽ تڪميل  عربن جي اچڻ کان گهڻو اڳ  ٿي،“

سراج، ڊاڪٽر صاحب جي ان نظرئي کي به رد ڪيو آهي ته سنڌي زبان ۾ نحوي ۽ صرفي طور تي جملا فعلن کان سواءِ ٺهندا هئا ۽ سنڌي لفظ صحيح حرفن جو ميڙ هو. هو لکي ٿو ته:

ڪنهن زبان جو ڪوئي لفظ علت جي حرفن کانسواءِ نٿو ٺهي سگهي ۽ نه ڳالهائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته لسانيات جو اهو اهم نڪتو آهي ۽ زبانن جا شروعاتي لفظ فعل ئي ٿيندا آهن.

ان کانسواءِ سراج صاحب پنهنجو الڳ نظريو پيش ڪندي لکي ٿو ته سنڌي زبان هن علائقي جي تمام پراڻي زبان آهي ۽ ان کي ڪنهن ٻاهرين زبان جو ڦوڳ چوڻ غلط آهي ۽ ان عام نظرئي جي به خلاف آهي ته.

سنڌي، سنسڪرت جي ڪنهن پراڪرت جي يا ڪنهن اپ ڀرنش جي هڪ خاص نوعيت وارچڊ مان پيدا ٿي. سندن هڪ انوکو نظريو جنهن کي گهڻو مدلل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن اهو هي آهي ته سنسڪرت هتان جي ئي ڪا مقامي زبان آهي ۽ ان لفظ جي معنيٰ تهذيب واري آهي، سنسڪرت کيس ان ڪري چيو ويو جو اها ڪيترين ٻين زبانن جي ميلاپ سان ٺهي، جيئن سوا ٻه سؤ سال اڳ اردو وجود ۾ آئي. هو سنسڪرت جو گرامر، ان جا مادا ۽ ان جي سڀني شين جو ماخذ سنڌي زبان کي چوي ٿو ۽ سنڌي مادن کي سنسڪرت جي مادن کان آڳاٽو ليکي ٿو.

هي آهن اهي نظريا جيڪي سنڌي زبان جي بڻ بڻياد ۽ واڌ ويجهه بابت پيش ڪييا ويا آهن،  پر اها  هڪ حقيقت آهي ته عربن جي عهد ۾ به هي زبان رائج هئي، پر اها ڪهڙي طريقي جي هئي ۽ ان  قديم سنڌي ۽ اڄوڪي سنڌي ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ ان وقت سندس رسم الخط ڪهڙو هو؟ اهي ڳالهيون اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيون آهن. ان کان علواه عشقيه آکاڻين جو بنياد وري سومرن جي دؤر ۾ پيو سنڌي زبان کي بيان جي ادائگيءَ جو نئون ڏانءُ مليو.

جيستائين سنڌي  شاعريءَ جو واسطو آهي ته ان جي باري ۾  صرف ايتري ڄاڻ ملي  ٿي ته سومرن جي دؤر ۾ صوفين سڳورن جي محفلن ۾ شعر و شاعريء ۽ سماع جو دؤر هلندو هو پر اهي شاعر ۽ شعر ڪهڙا هئا ڪا خبر نٿي پوي!، باقي سمن جو دؤر (1520ع ـ 1350ع) سنڌي زبان ۽ علم ادب لاءِ سڪاراتو ثابت ٿيو ۽ ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ٿي، سڀ کان پهريان انهن جي دؤر جا ئي ستن درويشن جا شعر ملن ٿا، جيڪي انهن ڄام تماچي جي دؤر ۾ اڳڪٿي طور چيا ۽ ماموئي يا ساموئي جي نالي سان مشهور ٿيا. ماموئي  لفظ معما جي بگڙيل صورت آهي ۽ شايد اهو معمائي ان ماموئي ٿي ويو. هر درويش پنهنجي شعر ۾ ڄام تماچي کان ڪاوڙجي مستقبل جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن وقت کين ڄام تماچي مارڻ جو حڪم ڏنو.

پهريون درويش:

 

 

ٻيو درويش:

 

 

ٽيون درويش:

 

 

چوٿون درويش:

 

 

پنجون درويش:

 

 

ڇهون درويش:

 

 

 

ستون درويش:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌاروڙ،

بهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.

 

وسي وسن آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،

تڏهن ٻارو چاڻو ٻار، پنجين درمي وڪبو.

 

ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،

مر مچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

 

مر مچي ماري، مر مچي ڪهڙا پار؟

هيٺين ڪاريون پوتيون، نه مٿين ڪارا وار.

 

لڳندي لاڙان، سو نڪو ٿيندو سري ۾،

جڏهين ڪڏهن سنڌڙي آڳاڻن وڻاهه،

 

نيرا گهوڙا، ڏٻرا، اتر کان ايندا،

گهاگهريون گسن تي، ورهائي ويندا،

تهان پوءِ ٿيندا طبل تاجاڻين جا.

 

اچي ويجها ماڙهئا! ننگر جي آڌار،

پراڻا پرار، نون م اڏج نجهڙا.

ستن ئي درويشن جا شعر خالص سنڌي دوها آهن، عربي ۽ فارسيءَ جو اثر تمام گهٽ آهي. ان کانپوءِ جيڪو سنڌي شاعر ملي ٿو اهو 1500ع جو شيخ حماد ٺٽوي آهي، جنهن کي ”گجي وارو پير“ به چيو ويندو آهي، پر هن مهل تائين ان جي شاعريءَ جو ڪو نمونو نه ملي سگهيو آهي.

سما دؤر جي سنڌي شاعرن ۾ درويش نوح، پير صدرالدين، پير حسن ڪبير الدين، پير مرزاد شيرازي، مير سيد علي ثاني شيرازي، مخدوم احمد ڀٽي، اسحاق آهنگر، قاضي قاضن جا نالا ملن ٿا.

سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سورهين صدي عيسوي کان ٿي ۽ ان دؤر جو سڀ کان وڏو شاعر قاضي قاضن (وفات ــ 1551ع) هو، جيڪو سمن جي آخري دؤر ۽ ارغونن جي شروعاتي دؤر ۾ هو. سندس ڪجهه شعر شاهه عبدالڪريم بلڙي جي ”رسالي ڪريمي“ مان مليا آهن.

شاهه عبدالڪريم، شاهه ڀٽائي جو ڏاڏو ۽ وڏو شاعر ۽ صوفي هو. 1536ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1633ع تي وفات ڪيائين. سندس شاعري رسالي ڪريمي جي نالي سان موجود آهي.

سنڌي عربي رسم الخط جي ابتدا:

سنڌي عربي رسم الخط جي شروعات عربن جي حڪومت کان ٿي، البيروني ”ڪتاب الهند“ ۾ لکيو آهي ته سنڌي، عربي ۽ ناگري انهيءَ خط ۾ لکي  وڃي ٿي.

مولانا ابوالحسن سنڌي ڏهين صدي عيسوي جي شروعات ۽ يارهين جي پڇاڙي ۾ ”مقدمه الصلوات“ پهريون سنڌي درسي ڪتاب لکيو ۽ ٻارن جي تعليم اڳ ۾ سنڌي ۽ پوءِ عربي ۽ فارسي ۾ ٿيڻ لڳي اهو ابوالحسن سنڌي جو وڏو ڪارنامو ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ دستاويز ثابت ٿيو. ابوالحسن لڳ ڀڳ پنجاهه کن ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ان رسم الخط ۾ ڏنا، جن کي اڄ ڪلهه پڙهڻ ڏکيو آهي.

سمن جي دؤر ۾ انهن جي پنهنجن سڪن کانسواءِ ٻين حڪومتن جهڙوڪ دهلي، تيموري اشرفيون ۽ روپيا، محمود بيگري جون سنهري اشرفيون ۽ روپيا، گجراتي روپيا جن کي سنڌ ۾ ”لاڙي“ چيو ويندو هو. گوالڪنڊه بيچاپور جون اشرفيون (يگوڊا) واپار ۽ ڏيتي ليتي ۾ ڪتب آنديون وينديون هيون.

بهرحال سمن جو دؤر سنڌ لاءِ سڀائتو ثابت ٿيو ۽ واپار، علم ادب ۽ ٻين شعبن ۾ وڏي ترقي ٿي جنهن جي ڪري سنڌ هيڪاندي خوشحال ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org