سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :35

 

 

ميان سرفراز خان ڪلهوڙو

 

1186هه (1772ع) کان 1189هه (76ــ 1775ع)

 

سنڌ جي حڪمراني:

ميان غلام شاهه جي وڇوڙي جي ٽين ڏينهن ميان سرفراز خان تخت تي ويٺو ٻن مهينن کان پوءِ احمد شاهه ابدالي به گذاري ويو ۽ سندس پٽ تيمور شاهه جي هٿ ۾ ملڪ جون واڳون آيون. سنڌ جيئن ته ان وقت افغانستان جي هٿ هيٺ هئي،  تنهن ڪري ميان سرفراز خان مير بهرام ٽالپر کي تعزيت لاءِ قنڌار موڪليو، تيمور شاهه ميان سرفراز لاءِ سنڌ جي حڪمراني جي سند، سهڻي سروپاءِ ۽ خدا يار خان جو خطاب اماڻيو.

ديرن جي حڪومت:

ديرن جي حڪومت به ميان سرفراز خان کي ملي هئي، تنهن ڪري انهن جي سار سنڀال لاءِ مارچ 1773ع تي اوڏانهن ويو ۽ چار مهينا رهي ڪري حيدرآباد موٽي آيو.

ڪڇ تي ڪاهه:

ميان سرفراز خان ڪڇ تي ٻه ڀيرا ڪاهه ڪئي. پهريون حملو آڪٽوبر 1774ع ۾ کادڙي ۽ سمراسر رستي کان ڪيو جيڪو ڪيترائي مهينا هليو ۽ جڏهن لشڪر ڪنٽي ڪوٽ پهتو ته ميان سرفراز خان اتان جي  ٺاڪر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. راءِ ڪڇ مجبور ٿي ڪري ميان سرفراز  جي آڌرڀاءَ لاءِ نڪتو ۽ هن سڀئي علائقا راءِ جي قبضي ۾ ئي رهڻ ڏنا. ان کانپوءِ گجرات ۽ پارڪر کان ٿيندو رستي ۾ ايندڙ سردارن کي پنهنجو فرمانبردار ڪندو حيدرآباد واپس پهتو. ٻي حملي جي تفصيل تاريخ ۾ نٿي ملي.

 

ٽالپرن جي ڪلهوڙن جي درٻار ۾ حيثيت

مير بهرام کان بدظن ٿيڻ:

ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ٽالپرن کي  وڏي اهميت حاصل هئي، سڀ کان پهريائين مير شهداد خان (وفات 18 نومبر 1734ع) کي ميان يار محمد تمام گهڻو ڀائيندو هو. مير شهداد جي وفات کان پوءِ سندس پٽن مير ڄام نندو، مير چاڪر ۽ خاص طور تي مير بهرام ڪلهوڙن جي درٻار ۾ پاڻ مڃايو. مير بهرام کي ميان غلام شاهه جو وڏو اعتماد حاصل هو، ان ڪري ئي سرفراز خان جي درٻار ۾ به وڏي مان ۽ مرتبي سان ڏٺو ويندو هو، جنهن جي ڪري ٻيا سردار مٿس سڙندا هئا.  راجا ليکو هميشه ڪلهوڙن اڳيان سندس عزت گهٽائڻ ۽ پت وڃائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو هو. ميان غلام شاهه کي جڏهن نه مڃائي سگهيو ته ميان سرفراز جي تخت تي ويهڻ شرط ان جا ڪن ڀرڻ لڳو ته مير بهرام توهان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ۽ ان لاءِ هن مون کي به سازش ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي،  تنهن ڪري جلدي سان سندس ڪو بلو ڪيو نه ته هڻي هنڌ ڪندو.

ميان سرفراز کي مير بهرام جي فرمانبرداريءَ ۽ وفادريءَ تي وڏو ناز هو پر لڳي ٿو ته هو  راجا ليکي جي ڳالهين ۾ اچي مير بهرام جي باري ۾ بدظن ٿي ويٺو.

ديوان گدومل جي صلاح:

ديوان گدي مل جيڪو ڪلهوڙن جو وڏو وفادار ۽ اعتماد وارو شخص هو. اهڙي حالت ڏٺي ته ميان سرفراز خان کي سمجهائيندي چيائين ته توهان کي ڏڦيڙ وجهندڙ ماڻهن جي ڳالهين ۾ نه اچڻ گهرجي، اهي ملڪ جا ۽ اوهان جا وفادار ناهن، ٽالپرن کي پنهنجو مخالف بڻائڻ سان نئون فتنو پيدا ٿيندو. جيڪڏهن مير بهرام مان اوهان کي اهڙي اميد آهي ته  پوءِ مٿس ڪو وڏو احسان ڪري سندس ڪنڌ جهڪائي ڇڏيوس، باقي انهيءَ خلاف ٿيندڙ سازشون ملڪ لاءِ سازگار ناهن.

لڳي ٿو ته ديوان جي انهن نصيحتن جو مييان سرفراز تي ڪو اثر نه ٿيو.

مير بهرام جي وفاداري:

مير بهرام ميان سرفراز جي نيت کي سمجهي ويو ۽ پنهنجي ٻنهي پٽن مير بجار ۽ مير صوبيدار کي گهرائي سڄي صورتحال بيان ڪري چيائين ته هاڻي اسان جي قسمت ۾ جيڪو لکيل هوندو اهو ٿيندو پر  ميان سرفراز سان ساٿ نه ڇڏبو، پوءِ کڻي ڇا به ٿي پوي، ان ڪري مان توهان کي پاڻ کي اڪيلو ڇڏڻ جو حڪم ڏيان ٿو ۽ ڏسو قسمت جو ڪرشمو!؟

مير بجار ان حڪم کانپوءِ حج تي هليو ويو پر مير صوبدار چيو ته منهنجي آرزو آهي ته پنهنجي جان توهان جي قدمن ۾ قربان ڪريان ۽ دعا ڪريو ته منهنجي اها خواهش پوري ٿي.

مير بحرام جي شهادت:

ميان سرفراز خان راجا ليکي جي ڳالهين ۾ اچي مير بهرام ۽ سندس پٽ صوبدار کي مارڻ جو پڪو پهه ڪري چڪو هو پر وجهه وٺڻ جي انتظار ۾ هو، ايستائين هو مير بهرام سان سهڻي طريقي سان هلندو رهيو. فتح نامي ۾ مير عظيم الدين، مير بهرام جي قتل جي باري ۾ لکي ٿو ته هڪ خاص ڪچهري گهرائي وئي، جنهن ۾ اهم سردار ويٺا هئا. ميان سرفراز هڪ خط مير بهرام کي ڏيندي چيو ته هي صوبدار خان جو آهي. مير بهرام عينڪ پائي خط پڙهڻ لڳو ته پويان بيٺل حسين نالي واري ماڻهو تلوار  سان سندس سسي لاهي ڇڏي. فرير نامي ۾ آهي ته ٻئي پيءُ پٽ درٻار جي دروازي وٽ پهتا ته حڪم ملين تلوارون رکي اندر اچو. مير بهرام تلوار هڪ ڇوڪري کي ڏئي اندر هليو ويو ۽ مير صوبدار در وٽ ئي راجا لاکي جي پٽ الله بخش سان ڳالهائڻ بيهجي ويو ۽ ان وچ ۾ مير بهرام کي ماريو ويو.

عبدالمجيد جوکئي پنهنجي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي ته مير صوبدار پنهنجي پيءُ کي وڙهڻ جو مشورو ڏنو پر هن نه مڃيو. 13 آگسٽ 1775ع تي ٻئي پيءُ پٽ سلام لاءِ درٻار ۾ حاضر ٿيا ته ميان سرفراز اٿي ڪري وڃي راجا ليکي، الله بخش جهنجڻ ۽ ڄام فيروز کي اڪيلائي ۾ وٺي صلاح ڪئي ۽ اتي مير بهرام کي به گهرايو ويو. مير بهرام جيئن ئي اندر آيو ته هڪ نوڪر تلوار جو وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اها خبر جڏهن مير صوبدار کي پئي ته هن چاقو سان الله بخش ليکي جو پيٽ ڦاڙي کيس ماري ڇڏيو، اتي بيٺل سڀئي مير صوبدار مٿان ڪڙڪي پيا ۽ رتورت ڪري ڇڏيائونس.

مير بهرام جي خون جو اثر:

بي قصور مير بهرام جي خون ڪرڻ تي ميان سرفراز جي  هٿن مان حڪومت به وئي ته قيد به ٿيو. پر ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن جي برباديءَ جو سامان به اتان ئي پيدا ٿيو.

اهڙي ڪڌي ڪم تي عوام ميان سرفراز خان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو ۽ مير بهرام جا مٽ مائٽ مٿس ڏمرجي پيا ۽ بدلي لاءِ مير بهرام جي سؤٽ مير فتح خان جي اڳواڻيءَ ۾ بلوچن سان گڏ خدا آباد تي چڙهي آيا.

فتح نامي ۾ آهي ته ان حملي ۾ ميان سرفراز هوش وڃائي وٺي ڀڳو ۽ مير فتح خان قلعي تي قبضو ڪري ورتو. حيدرآباد ۾ اچي به ميان سرفراز کي سڪون نصيب نه ٿيو ۽ ڏينهن ڏٺي جو به ڇرڪ ڀرڻ لڳو. راجا ليکو، الله بخش ۽ محراب جتوئي به سندس ساٿ ڇڏي وڃي مير فتح خان سان مليا.

 

ميان محمود خان ڪلهوڙي جو تخت تي ويهڻ

1189هه (76ــ 1775ع)

فتح نامي ۾ آهي ته مير فتح خان، ميان سرفراز جي ننڍي ڀاءَ ميان محمود خان کي سندس جاءِ تي تخت تي ويهاريو  ۽ پنهنجو هڪ ماڻهو نائب جي صورت ۾ ڏئي حيدرآباد پهتو ۽ حيدرآباد کي ستن ڏينهن اندر فتح ڪري ورتائين.ميان سرفراز جڏهن قلعي کان ٻاهر نڪتو ته راجا ليکي کي چيائين ته تون ڪهڙي گهٽيا نسل جو ڪتو آهين! مونکان اهڙو وفادار امير مارائي وڌئي، جنهن جي پٽ پاراتي سان اڄ آسمان کان زمين تي اچي ڪريو آهيان. ڪاش تنهنجي انهيءَ مڪاريءَ کي سڃاڻان ها ۽ پنهنجي سچي ساٿي کي ناحق نه ماريان ها.

تير ڪمان مان نڪري چڪو هو، ان ڪري هاڻي انهن ڳالهين مان ڇا هڙ حاصل ٿئي ها. مير عظيم الدين فتح نامي ۾ ان واقعي کي شاعريءَ ۾ هن طرح قلمبند ڪيو آهي.

برون آمد از قلعہ و آن قلعگي،

همي گفت کہ اي راجہ تو بدسگي،

چہ گفتي مراوچہ کردي بمن،

سزايت دهد کردگار ز من،

بچرخ برين مي رساندم کلاه،

بمکرت نشستم بخاڪ سياه،

چو نشنا ختم چون تو مکار را،

بنا حق بکشتم وفادار را،

همي گفت  بر راجہ نفرين بسي،

همي کرد  بر مير تحسين بسي.

نيٺ ميان سرفراز کي قيد ڪيو ويو ۽ قلعي جون  چاٻيون مير فتح خان اڳيان آنديون ويون ته هن چيو، مان اهو ڪم دولت ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو آهي پر بدلي جي باهه ٿڌي ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. هنن چاٻين تي مير بجار جو حق آهي، جيڪو ڀلي پار کان اچي سنڀاليندو. فرير نامي ۾ آهي ته:

راجہ ليکهي و الله بخش جهنجن کليد خزانہ پيش مير فتح خان  حاضر کردند. مير صاحب موصوف گفت کہ من برائي خزاين دود مان کلهوڙه نيامده ام، بلکہ خون خواهي شهيدان خود آمده ام الحمدلله که اميد بہ کام رسيد، حالا مير بجار خان کہ سردار تمامي بلوچان و مايان است، و مختار کل جزو کل امورات سنده است درين جا از حرمين شريفين زادهما الله شرفا و تعظيما مراجعت خواهند فرمود، هرچہ خواهش او خواهد بود خواهد کرد.

راجا ليکي جڏهن ڏٺو ته مير فتح خان قلعي ۽ خزاني جون چاٻيون نٿو وٺي ته دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو. جلد ۾ پنهنجي پٽ تاجي کي ميان محمود جي درٻار ۾ مدار المهامي جي ڪرسي وٺي ڏنائين ۽ پنهنجي ساٿين الله بخش جهنجڻ، پيروز پتافي ۽ کوسن ۾ خوب پيسو لٽايائين. مير فتح خان خاموشيءَ سان راجا ليکي جون حرڪتون ڏسندو رهيو پر صرف مير بجار جي اچڻ جي انتظار ۾ هو. راجا ليکو به مير بجار جي اچڻ کانپوءِ پنهنجي جان کي خطرو محسوس ڪري رهيو هو، تنهن ڪري هڪ نئين سياسي چال جو سوچي رهيو هو، جنهن سان ٽالپرن ۽ بلوچن سامهون جوڻيجا اچن ته جيئن انهن جو زور ٽٽي. ان لاءِ هن محمود خان سان صلاح ڪري ڪلهوڙا خاندان جي ميان عبدالنبي جو نالو سوچيو جنهن جا جوڻيجا ناناڻا هئا.

ميان سرفراز ڪجهه مهينن کانپوءِ ڪلهوڙا خاندان جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي هٿان قتل ٿيو ۽ ان خاندان جي ٻين فردن کي به ماريو جنهن جي تفصيل اڳي هلي ميان عبدالنبي جي حالات ۾ ايندي.

 

ميان غلام نبي ڪلهوڙي جو حڪومت سنڀالڻ

1189هه (76 ــ 1775ع) کان 1190هه (1776ع)

راجا ليکي ڪنهن طريقي سان ميان محمود جي جاءِ تي في الحال ميان غلام نبي کي سنڌ جي حڪومت ڏياري. ميان غلام نبي جي باري ۾ مير عظيم الدين ٺٽوي لکي ٿو ته هو وڏو هوشيار، ڏاهو، سيدن جو خادم، مسافر نواز ۽ فقير صفت انسان هو. خراب ماڻهن کان نفرت ڪندو هو، جيئن راجا ليکي کي ڏسي دل ۾ ته لاحول  پڙهندو هو پر سامهون چپ رهندو هو.

مير بجار جي اچڻ جي خبر:

انهن ئي ڏينهن ۾ مير بجار جي اچڻ جي خبر پهتي ته راجا ليکو صدمي ۾ گذاري ويو، ڪي چون ٿا ته هن اها خبر ٻڌي زهر کاڌو.

راجا ليکو مئو ته سندس پٽ تاجو  ساماڻو، جيڪو جاهل هجڻ جي باوجود به دوکي ۽ دغابازي ۾ عظيم ٺٽوي مطابق ابليس کان گهٽ نه هو. ميان غلام نبي کي کانئس ڏاڍي نفرت ايندي هئي ۽ چوندو هو ته مونکي هن مان خون جي ڌپ اچي ٿي، تنهن ڪري ضروري ڪم کانسواءِ تاجي کي ڪڏهن به نه گهرائيندو هو.

مير بجار قلات ۾:

مير بجار حج کان موٽي جهاز تي اچي ڪراچي لٿو، جيڪو ان وقت قلات ۾ هو. قلات جي حاڪم خان محمد نصير خان مير بجار جو شاندار استقبال ڪيو.  محبت جو رشتو وڌيڪ مضبوط ڪرڻ خاطر پنهنجا پٽڪا بدلايائون ۽ نصير خان سندس مدد لاءِ وڏي فوج تيار ڪئي، پر مير بجار چيو، مون کي صرف الله جل شانه ۽ ان جي پياري پيغمبر محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي مدد ۽ خوشنودي گهرجي. منهنجي لاءِ اها شرم جهڙي ڳالهه آهي جو پنهنجي ملڪ مٿان لشڪر چاڙهي وڃان، مان ائين ئي ويندس جيڪڏهن رب پاڪ جي رضا رهي ته مان ضرور سوڀارو ٿيندس نه ته چپڙي ڪري ويهي رهندس.

محمد نصير خان مير  بجار کي روئيندي رخصت ڪيو ۽ چيائين ته مان مير بهرام جيڪو منهنجي پيءُ وانگر هو، جو بدلو وٺڻ لاءِ توهان جو انتظار ڪيو پر هاڻي اوهان جي اڪيلي وڃڻ تي ڏاڍو ڏک پيو ٿئيم. مير بجار چيو توهان منهنجي لاءِ صرف دعا ڪريو پنجتن پاڪ منهنجا مددگار آهن.

مير بجار جو سنڌ ۾ پهچڻ:

مير بجار سنڌ پهتو ته سندس پٽ مير عبدالله خان ۽ ٻيا مير فتح علي، مير فتح خان، مير غلام علي، مير سهراب، مير محمود، مير اله يار ۽ مير ٺارو خان استقبال لاءِ آيا ۽ ڪلهوڙن جي ظلمن جا قصا ٻڌائي حملي ڪرڻ لاءِ چيائون.

مير بجار جو جنگ ۾ دير ڪرڻ:

مير  بجار تمام نيڪ انسان ۽ آخرت جو فڪر رکندڙ هو سو جوش ۾ اچي ڪري جنگ ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو، توڙي بلوچ سردارن به گهڻو ئي چيس پر هو حيدرآباد کان ڇهه ڪوهه اوري تنبو هڻي ويهي رهيو.

ميان غلام نبي مير بجار سان صلح جو خواهشمند هو پر تاجي، الله بخش جهنجڻ، محراب جتوئي، پيروز پتافي ۽ ٻين جي زور رکڻ ڪري جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳو.

مير بجار جي نالي ميان غلام نبي جو خط:

انهن سڀني ميان غلام نبي کان مير بجار ڏانهن خط لکرايو ته تنهنجو هتي اچي ٽڪڻ جو مقصد ڇا هي؟ جيڪڏهن جنگ جو ارادو رکين ٿو ته بسم الله نه ته پنهنجو رستو وٺ.

مير بجار جو ردعمل:

اهڙي خط کان پوءِ مير بجار ۾ به جنگ جو جوش پيدا ٿيڻ لڳو پر پوءِ به پنهنجي ماٺيڻي طبيعت ڪري ماڻهن کي وڙهڻ کان روڪيندو رهيو. بهرحال ٻي ڏينهن تنبو اکيڙي عمرڪوٽ قلعي پهتو جتان کوسا ڀئو کان ڀڄي ويا.  تاجي کي خبر پئي ته ميان غلام نبي کي لشڪر سان وٺي عمرڪوٽ پهتو ۽ اتي هڪ نئين اٽڪل سجيس.

تاجي جي هڪ نئين مڪاري:

تاجي، الله بخش جهنجڻ کي لکائي پڙهائي مير بجار وٽ موڪليو. مير بجار وٽ پهچي چوڻ لڳو: تاجو تمام خراب قسم جو انسان آهي، ان جي ڪري ئي هي سڄو ڏڦيڙ پيو آهي ۽ اسان کي گڏجي کيس ختم ڪرڻو پوندو، باقي اسان جي آقا ميان غلام نبي ڏانهن اوهان کي اهڙو جواب نه موڪلڻ گهرجي ها. هاڻي به جيڪڏهن قلعي مان ٻاهر نڪري سندس آڌرڀاءُ ڪيو ته ڪم ٺهي سگهي ٿو. مٿي فتح نامي جو حوالو گذري چڪو آهي ته مير بجار خط جو جواب ئي نه ڏنو هو پر هتي وري فتح نامي جو ليکڪ جواب جو ذڪر ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو ته مير بجار رستي مان ڪو جواب موڪليو هجي، جنهن جي باري ۾ الله بخش چيو.

مير بجار الله بخش جي ڳالهين ۾ اچي قلعي کان ٻاهر نڪري آيو ۽ تاجي جا ٻه هزار سپاهي قلعي اندر داخل ٿي ويا.

مير بجار ٻن مهينن تائين ڳالهين جي انتظار ۾ ويٺو رهيو پر  پوءِ سندن نيت سمجهي ويو ۽ للڪاريندي جنگ جي ڪوٺ ڏنائين، ميان غلام نبي  جي جنگ ڪرڻ جي نيت نه هئي، پر ٻين زوريءَ تياريون ڪرڻ شروع ڪيون.

لانياري جي جنگ:

شهدادپور جي علائقي لانياري ۾ ميان عبدالنبي جي ٽيهه هزار فوج  ۽ مير بجار جي ڇهه هزار سپاهين ۾ خونريز جنگ لڳي، جنهن کي فريرنامي ۽ فتح نامي ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي پر هتي ان کي ڇڏي ڪري اڳتي وڌون ٿا.

ميان غلام نبي جي شهادت:

ميان غلام نبي پنهنجي لشڪر جو برو حشر ڏسي مير بجار ڏانهن پنهنجي ماڻهوءَ کي قرآن ڏئي نياپو موڪليو ته مان انهيءَ جنگ جي حق ۾ نه هيس، انهن زوريءَ مون تي مڙهي آهي، خدا جي واسطي مون وٽ جلدي پهچي انهن جي چنگل مان ڇڏايو.

نياپو پهچائڻ وارو ماڻهو تاجي ليکي هٿان پڪڙجي پيو تاجو ماڻهو وٺي اچي ميان غلام نبي وٽ پهتو ۽ تلوار سان سندس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيائين.

چو بگريخت آن خر پرست شقي،

دلم گفت سالش شکست شقي.

1190هه

تاجي ليکي جو ڀڄڻ:

ميان غلام نبي کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ تاجو پنهنجي ماڻهن سان گڏ درياءُ رستي شاهه ڳڙهه ڀڄي ويو.

مير بجار جو دشمنن سان سهڻو سلوڪ:

مير بجار کي ميان غلام نبي جي شهادت جي خبر پئي ته انهيءَ مهل لاش وٽ پهتو ۽ افسوس ڪندي تابوت کي اهتمام سان تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. جڏهن تابوت تيار ٿي ويو ته ان کي حيدرآباد اماڻي قاتلن جي ڪڍ به ماڻهو موڪليائين.

ان وچ ۾ الله بخش ۽ محراب جتوئي مير بجار اڳيان حاضر ٿي معافي گهريائون ۽ مير صاحب کين معاف ڪري ڇڏيو.

مير سرفراز ۽ ميان غلام نبي جي حڪومت:

سنڌ جا سڀ مؤرخ ميان سرفراز کي عالم، شاعر ۽ علم ادب دوست چون ٿا، هن جي درٻار مشهور شاعرن ۽ عالمن سان ڀريل رهندي هئي، پاڻ وڏو سخي ۽ سڀني کي نوازيندڙ هو. فرير نامي ۾ آهي ته:

محمد سرفراز خان حاکمي بود دانش مند و فضيلت پرور در علم و شعر فهمي يکتائي روزگار بود، و قدر شعراء و علماء کما ينبغي بجامي آورد.

سنڌ جي شهور بزرگ عالم ۽ درويش فقير الله علوي صاحب جي خطن مان خبر پوي ٿي ته هو علوي صاحب کان مختلف موضوعن تي ڪي علمي  سوال ڪندو هو. هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شاهه صاحب کان، دعوتن ۽ بي جا تصرفات متعلق سوال ڪيو هو.

سنڌ جو ناليوارو مؤرخ مير علي شير قانع به ميان سرفراز جو وڏو قدردان هو، سندس علمي ڪارنامن تي ڪافي قصيدا لکيا اٿائين. هڪڙي هنڌ چوي ٿو ته:

ز قدر داني آن بحر فضل و کان کرم،

رواج يافتہ جنس سخن کہ داشت کساد،

ز درگهت کہ بود مرجع ذوي الافهام،

برائي اهل کمال است بس خجستہ معاد.

تذڪري نگار چون ٿا ته هو سٺو شاعر ۽ خاص طور تي سنڌي زبان جو ته وڏو شاعر هو ۽ سنڌي ۾ نعت ۽ منقبت پهريون ڀيرو ان ئي چئي هئي. ميان سرفراز جا ڪجهه شعر هتي ڏجن ٿا.

بستي موهوم در دنيا سراي بيش نيست،

وين طلسم زندگاني هم حبابي بيش نيست،

اسپ و فيل و تاج و تخت و اعتبار اين جهان،

محي نمايد  هرچہ در چشم تو خوابي بيش نيست،

در جهان از شوق دل سامان آبادي مخواه،

بي گمان معموره او جز خرابي بيش نيست.

 

آسيان بستم ز ناداني برنگ عندليب،

اي خوشا ! باد سحرگہ کز چمن آزداد رفت.

خوش آن گروه کہ باد حق هم آغوش اند،

برنگ پيکر تصوير جملہ خاموش اند،

بعقل کل همہ دانائي جلوه ذات اند،

بچشم مردم ظاهر اگرچہ بي هوش اند.

 

گفتم که صبح وصال نمايان شود نشد،

شام دراز هجر بپايان شود نشد،

با سرفراز نالہ چو قمري کند نکرد،

يا آن قد چو سرو خرامان شود نشد.

تو اي مرغ چمن دل شاد مي کن،

بمرغان قفس هم ياد مي کن،

تو چون باگل نشيني هم نگاهي،

بدام افتاده، صياد مي کن،

تو چون بر شاخ گل باشي نوا سنج،

بياد ما دمي فرياد مي کن،

تو چون پرواز گيري در گلستان،

ز بال بستہ، من ياد مي کن،

تغاقل چند اي سرو سرفراز،

ز بندم پا بلطف آزاد مي کن.

سر افراز از اهل سندهه کسي شعرت نمي فهمد،

بہ بند ابن دستہ، گل را بر اهل صفاهان بر.

دوش ديدم خجستہ دختر کي،

ايستاده بناز در بر کي،

دست بگرفتمش بہ هندي گفت،

ڇهوڙ دي هاتھ چوريان کرکي.

انهن سڀني خوبين سان گڏ انگريزن کي سنڌ مان تڙڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار آهي. پاڻ زراعت کي وڏي هٿي وٺرايائين ۽ حيدراباد جو ”سرفراز“ واهه به انهيءَ جو کوٽايل آهي. اهڙي ڪردار ۽ ڪارنامن جي باوجود سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن راجا ليکي جي ڳالهين ۾ اچي مير بحرام جهڙي وفادار انسان کي ڪيئن قتل ڪيو!؟ ان کانسواءِ ڇا ٿو چئي سگهجي.

قدم پست و بلند دهر مين تهرا هي جاتا هي،

چلي بچ کر کوئي کتنا هي ٺھوکر کها هي جاتا هي.

ميان غلام نبي جي حيثيت ته صرف چاٻي واري کيڏوڻي جيتري هئي، باقي ڪردار جي لحاظ کان پيءُ ميان نور محمد تي ويو هو. ٻين جي اڳيان مجبور هوندي به هن ڪجهه ڪوششون ورتيون پر ساڀيان نه ٿي سگهيون.

فرير نامي ۾ آهي ته:

غلام نبي صاحبي بود باحلم و کرم، بصورت معنوي و ظاهري پيراستہ واز فتنہ هائي راجو ليکهي بيزار، هرگاه راجا ليکهي شکايت مير صاحبان کردي ازآن روي تافتي.

مير عظيم الدين ٺٽوي سندس خوبيون بيان ڪندي لکي ٿو:

غلام نبي جونکہ دستار بست،

بخلق و بخوبي پدر کار بست،

همہ لطف و فررزانگي پيشہ کرد،

بهر امر خوش فکر وانديشہ کرد،

جواني خرمند پير آشنا،

مسافر پرست و فقير آشنا،

کرم پيشہ و قابل و قدردان،

بال نبي  چون پدر مهر بار.

سنڌ جي مؤرخ مير عل شير قانع به پنهنجي قصيدن ۾ سندس ساراهه ڪئي آهي، لکي ٿو ته:

گزيده دوحہء عباس و زيب نامہ عز،

بہ خلق و خلق نہ ديده مثال اودوران،

سرير سند بہ ذاتش چنان منورشد،

کز انفعال شده ماه تير در سرطان،

کسي که شد بو جود شہ غلام نبي،

گزيده باد بالطاف ايزد منان،

فروغ نور محمد بلِ ز جبهہء او،

بہ چشم دهرز روز الست بود عيان،

منم غلام علي شير قانع از لطفش،

توئي غلام نبي اي گزيده، رحمان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org