سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :47

 

آزاديءَ جا پروانا:

ٽالپرن  طرفان سنڌ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ وارن ۾ تاريخ تازه نواءِ معارڪ ۾ هيٺيان اهم نالا اچن ٿا، حاجي خدا بخش، مراد علي خان چانگ، غلام محمد خان ٽالپور ۽ فهيم خان مري.

نيپئر مياڻيءَ جي ميدان ۾:

جنگ جوڀن تي هئي ته نيپئر ميجر ويڊنگٽن سان گڏ ٽوپي هٿ ۾ ڪري ميدان ۾ آيو، هڪ بلوچ کيس ڏسندي ئي مٿس حملو ڪرڻ لاءِ وڌيو. نيپئر جي ٻانهن هڪ اٺ واري کي مارڻ جي ڪري اڳ ۾ ئي زخمي هئي ان ڪري ليفٽيننٽ مارسن نيپئر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ڌڪجي پيو، انگريز سپاهين اڳي وڌي ڪري بلوچ کي پيٽ ۾ سنگين وهائي ڪڍي.

جنگ جي اهڙي نازڪ مرحلي تي نائين بنگال بٽالين کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ويو، جن ڦليلي ۾ هچي ڪري بلوچن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ٻي پاسي کان جيڪب  پنهنجي جوانن سان سنڌ فوجي ڪيمپ تي دٻاءُ وڌايو پر سنڌي جوڌا بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهيا هئا. نيٺ سنڌ هارس جي بندوقن جو هڪ هڪ ٿي ڪري نشانو ٿيندا رهيا ۽ سڀني پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.

ٽالپرن جي هار جون آخري گهڙيون:

مير نصير خان جي ڪيمپ ۽ جهنڊو انگريزن جي هٿ لڳڻ کان پوءِ ٻيا بلوچ جنهن ۾ چار هزار رزرو سوار شهزادن جي ڪمنان ۾ هئا، هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، گراب جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪندڙ قبيلا به ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. درياءَ جي پاسي کان حملو ٿيو ۽ هر ڪو همت هاري ويٺو.

سلطان شاهه ڳوٺ جو خالي ڪرائڻ:

سلطان شاهه ڳوٺ جيتوڻيڪ انگريزن خالي ڪرئي ورتو هو پر کين ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي.  ڪپتان ڪڪشن (Cooksion) مارجي ويو ۽ ٽڪر (Tuker) کي پنج ڌڪ لڳا.

مير نصير ۽ مير شهداد جي حيدرآباد موٽ:

جڏهن مير نصير ۽ مير شهداد ڏٺو ته هاڻي هار ئي اسان جي نصيب ۾ آهي ته پوءِ حيدرآباد ڏانهن وريا.

ليمبرڪ جو بيان:

ليمبرڪ لکي ٿو ته هار کانپوءِ به بلوچن همت نه هاري ۽ ميدان مان ڀڄڻ بجاءِ آهستي آهستي موٽي رهيا هئا. هو وڃڻ وقت دشمن کي گهوريندي چوڻ لڳا ”اچو هاڻي به هڪ ٻک وڌيڪ ٿي وڃي.“ بلوچن جو ساڄو پاسو اڃا تائين طاقت ۾ هو ۽ سلطان شاهه ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ چاهي پيو. ان لاءِ فائرنگ ڪري ڪيائون پر گراب جي گولين انهن کي اڌ مئو ڪري وڌو. مير هاڻي همت  هاري ويٺا هئا، پر بلوچن جي مستي اڃا قائم هئي.

انگريزن جو نقصان:

مياڻي ۾ انگريزن جي 256 زخمين مان 62 فوجي مري چڪا هئا،

بلوچن جو نقصان:

بلوچن جا ٻه هزار ماڻهو ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي ان جنگ ۾ شهيد ٿيا.

نيپئر پنهنجي ڪيمپ مير نصير جي ڪيمپ ويجهو هنئي هئي ۽ مير نصير جي ڪيمپ کي آخر ۾ لٽيو ويو.

نيپئر جو مياڻيءَ جي ميدان کي ڏسڻ:

شام جو نيپئر مياڻي جي ميدان کي ڏسڻ لاءِ نڪتو ته بلوچن جا هزارين لاش ميدان ۾ بنا ڪفن جي رت سان رنگيل پيا هئا.

ضمير جو جهنجهوڙڻ:

نيپئر کي شايد ضمير جهنجهوڙيو ۽ اهو منظر ڏسي چوڻ لڳو، ڇا هن هيڏي ظلم جو ذمينوار مان آهيان؟ پر ڀرسان جواب مليس ته نه اهو سڄو قصور ميرن جو آهي، جيڪي ماڻهن کي ڀڙڪائي هتي وٺي آيا. ان جواب کان پوءِ نيپئر مطمئن ٿي مٺي ننڊ سمهي پيو ۽ صبح جو آؤٽرام ميرن جو شڪارگاهون ساڙي موٽي آيو ته کيس مشڪل سان اٿاري سگهيو.

مياڻيءَ جي هار کان پوءِ:

مير نصير خان جا هار کاڌل سپاهي ۽ ٻيا بلوچ قبيلا وري سندس چوڌاري حيدرآباد جي حفاظت لاءِ گڏ ٿيا. ڏهه هزارن جو لشڪر تيار بيٺو هو. ريزيڊنسي تي حملي ڪرڻ واري سردار احمد لغاريءَ جي راءِ هئي ته درياءُ ٽپي ٻيهر جنگ ڪجي پر مرزا حسين چيو ته مير محمد ۽ مير صوبدار سان اڳ ۾ صلاح ڪرڻ ضروري آهي.

هيڏانهن مير صوبدار انگريزن جو وفادار ٿي کانئن فائدو وٺڻ پئي چاهيو. 18 فيبروري تي هن جڏهن پنهنجي وزير کي نيپئر ڏانهن موڪليو ته نيپئر پيغام اماڻيس ته هو سڀني ميرن کي منجهند کان اڳ هت وٺي اچي ۽ سڀئي هٿيار اچي ڦٽا ڪن نه ته پوءِ حيدرآباد تي حملو ڪيو ويندو.

حيدرآباد:

مياڻيءَ کان پوءِ چارلس نيپئر فيصلو ڪيو ته حيدرآباد جو قلعو مير صوبدار جي قبضي مان ضرور ڇڏائبو. جيتوڻيڪ مير صوبدار سندن وفادار به هو پر پوءِ انگريزن کي اهو ڀئو هو ته حيدرآباد قلعي ۾ مير گڏ ٿي وري ٻيهر جنگ جوٽيندا ۽ هٿيار ته اتي اڳ ۾ ئي گڏ آهن. مير صوبدار انگريزن جي انهيءَ اٽڪل کي نه سمجهي سگهيو ۽ جيئن ئي ميرن کي وٺي ٻاهر نڪتو نيپئر انهيءَ مهل پنهنجا فوجي دستا اندر موڪليا ۽ قلعي مٿان يونين جيڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي سڀني پبلڪ ۽ پرائيويٽ عمارتن تي قبضو ڪري ورتو.

خزاني جي ڳولها ــــ نيپئر جو خط:

انهيءَ ڏينهن نيپئر (گورنر جنرل) لارڊ ايلن برو ڏانهن خط لکيو ته مون کي شڪ آهي ته محل جي زناني حصي ۾ ڪو وڏو خزانو لڪيل آهي پر عورتن جي معاملي ڪري اسان مجبور آهيون ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي، تنهن ڪري اوهان ان باري ۾ صاف ۽  کليل حڪم جاري ڪيو ته مون تي ٿورو ٿيندو.

ان خط جي آخر ۾ نيپئر لکيو ته مان ٻڌو آهي ته ان خزاني ۾ جام سون ۽ هيرا موتي موجود آهن، انهن ماڻهن خزانو گڏ ئي  زناني ۾ ڪيو آهي ۽ بهانو اهو اٿن ته اهي زيور عورتن جا آهن.

مان في الحال عورتن ۽ ان خزاني جي سخت سنڀال ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

مير صوبدار جنرل نيپئر جي نظر ۾:

ان خط ۾ نيپئر لکيو آهي ته: مان مير صوبدار کي قيد ناهي ڪيو، جيتوڻيڪ مياڻيءَ جي جنگ ۾ هن جا سپاهي موجود هئا، پر اهي سندس مرضيءَ خلاف آيا هئا. هو ڊڄڻو  انسان آهي ۽ کيس پنهنجي بلوچن کان ئي جان جو خطرو اٿس.

نيپئر جو ٻيو خط:

ٻن ڏينهن کان پوءِ نيپئر گورنر جنرل کي ٻي خط ۾ لکيو ته هاڻي مان مير صوبدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ته مياڻيءَ جي ميدان کان هو پاڻ ته پري رهيو پر سندس پنج هزار سپاهي وڙهيا.

آخر نيپئر مير صوبدار کان منهن ڇو ڦيريو؟ ڇاڪاڻ جو نيپئر کي ان لکت جي باري ۾ پتو پئجي ويو هو، جنهن ۾ مير صوبدار مير نصير سان جنگ ۾ حصي وٺڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ سندس ماڻهن جنگ ۾ پوري طرح حصو به ورتو پر پاڻ قلعي ۾ رهيو.

مير صوبدار جي گرفتاري:

23 فيبروري 1843ع ۾ مير صوبدار کي گرفتار ڪري باغ ۾ آندو ويو. مير صوبدار جي وزير اوتاري جو چوڻ آهي ته هو نيپئر جي منشي علي اڪبر وٽ ويو جنهن  نيپئر وٽ مير صوبدار جي سفارش ڪرڻ لاءِ پيسا گهريا، اوتاري وٽ جيڪي پيسا هئا، اهي منشي علي اڪبر کي ڏنائين.

مير صوبدار خلاف شهادت:

23 فيبروري 1843ع تي مير صوبدار خلاف شهادت پيش ڪئي وئي ته 14 فيبروري 1843ع تي نصير جي آفيسرن سان گڏ مير صوبدار جا سپاهي به گڏ هئا.

هاڻي قلعي ۾ صرف مير حسين علي ۽ ٻيا ٻالڪ شهزادا عورتن سان گڏ بچيا هئا. انگريزن جي قبضي کانپوءِ قلعي ۽ حيدرآباد جي عوام سان جيڪي ڪلور  ٿيا اهي هن ڪتاب جي جلد ٻين ۾ اچي چُڪا آهن، هتي ورجائڻ جي ضرورت ناهي.

انگريزن جي علائقي ۾ ڪراچي جو شامل ٿيڻ:

16 فيبروري 1843ع تي ڪراچي کان اطلاع آيو ته جوکين ۽ نهمردين کي پنهنجي سردارن انگريزن جي ڇانوڻين تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. انگريزن جي ديسي ايجنٽ سيٺ ناؤمل ميرن جو نالو مشڪوڪ لسٽ ۾ ڏئي اها  لاڳاپيل انگريز آفيسرن جي حوالي ڪئي، پريڊي طاقت جو مظاهرو ڪندي بنا ڪنهن خون خرابي جي ڪراچي کي انگريزن جي قبضي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪري ورتو.

ڪراچي جو مشهور پريڊي روڊ اڄ به انگريز جي انهيءَ ڏاڍائي جي ياد ڏياري ٿو.

 سنڌ تي انگريزن جي قبضي جو اعلان:

ليمبرڪ لکي ٿو ته حيدرآباد جي قلعي تي قبضي کان پوءِ ٽالپرن جي سڀني ملازمن جي تلاشي ورتي وئي. زائفن جي تلاشي هڪ پراڻي رنڊي وٺندي هئي، جيڪا هاڻي ليفٽيننٽ ليسن (Leeson) جي سريت هئي. اها تلاشي وٺڻ۾ ڏاڍي سخت هئي. ميرن جا تقريباً سڀ ماڻهو گرفتار ٿي چُڪا هئا.

قلعي مان هٿ آيل گهريلو سامان، قالين، ريشمي ڪپڙا ۽ آرائشي سامان کي ٻاهر نيلام ڪيو ويو  پر ڪنهن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي.

فيبروري 1843ع ۾ لارڊ ايلن برو جي حڪم تحت سون، اناج ۽ هٿيارن کان سواءِ ميرن جو سڀ  ڪجهه وڪڻيو ويو ۽  تاريخ تازه نواءِ معارڪ مطابق شهر ۾ پڙو گهمايو ويو ته سنڌ هاڻي انگريزن جي قبضي هيٺ آهي ۽ هتي برطانيا سرڪار جو حڪم هلندو.

دنيا ۾ اهو اصول رهيو آهي ته فاتحن کي ان علائقي جي عورتن ۽ ٻارن جي ذاتي سامان سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي، پر انگريزن ڪو سامان نه ڇڏيو. انهيءَ حرڪت  جي دانهن اعليٰ اختيارين تائين پهچائي وئي ته انهن جاچ لاءِ ساڳين ماڻهن کي مقرر ڪيو، جن جي خلاف شڪايتون ڪيون ويون هيون، قلعي کانسواءِ هر جاءِ تي لٽ ڦر ٿيندي رهي.

سنڌ وارن جي انگريزن جي باري ۾ راءِ:

سنڌ سان برطانيه جو رويو انهيءَ بدمعاش وانگر هو جنهن کي ٻاهر روڊ تي ڪوئي ماري ته هو  گهر اچي پنهنجي گهر واريءَ کي ڪٽڪو ڏي.

(ماؤنٽ اسٽوارٽ الفنسٽن،حوالو ” سر چارلس نيپئر اينڊ سنڌ“ ليکڪ، ليمبرڪ) 

افسوس هاڻي سنڌ هٿن مان وئي، ڇو جو انگريزن درياءَ جو رستو ڏسي ورتو، جيڪو ان جي فتح جو رستو هو. (عبرت ڪده سنڌ)

نڀاڳ ٿي چڪو، ڇاڪاڻ جو توهان (انگريزن) اسان جو ملڪ ڏسي ورتو. (عبرت ڪده سنڌ ــ ص، 209)

جنهن ملڪ ۾ هڪ انگريز اچي وڃي ان کي هڪ نه سمجهو، ڇاڪاڻ ته هو هزار ياجوج ماجوج پاڻ سان ساڻ گهمائيندو آهي.

افسوس جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي انگريزن جي اٽڪلن ۽ چالبازين جي سڌ ناهي، ايترن گهڻن انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ ڪنهن خطري کان خالي ناهي. (تاريخ تازه نواءِ معارڪ ــــ ص، 611، 613)

شير سنڌ مير شير محمد خان:

هاڻي بلوچن جو آخري سهارو مير شير محمد خان هو، مير حيدرآباد جي ٽالپرن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کان چڱي طرح واقف هو. جنگجو بلوچن جا ٽولن جا ٽولا هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيڻ لڳا.

3 مارچ 1843ع تي مير شير محمد خان کي جنرل نيپئر جو هيٺيون خط مليو ته:

تون هارايل سپاهين کي گڏ پيو ڪرين ۽ تو وٽ وڏو لشڪر تيار ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن حيدرآباد اچي اسان جي ڪيمپ ۾ پنهنجي صفائي نه پيش ڪيئي ته پوءِ توتي حملو ڪري سخت سزا ڏيندا سئي.

مير شير محمد هاڻي وطن لاءِ وڙهڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ۽ مير نور محمد جي گهر واري کان جنگي تيارين لاءِ ٽي لک اوڌارا ورتا، بلوچ ۽ ڳوٺن جا ٻيا ماڻهو مير شير محمد وٽ اچڻ لڳا.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نيپئر کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته مير شير محمد پاڻ وٽ ٽيهه هزار ماڻهو گڏ ڪري ورتا آهن ته ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ مهل فيروزپور مان فوجي جٿا ۽ توپخانو گهرائي ورتو. اهڙو اطلاع ٻڌي ايلن برو به کيس تيار رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ بمبئي جي حڪومت کي ڪوئلي ۽ ڪارتوسن سان ڀريل ٻه اسٽيمر موڪلڻ لاءِ چيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايلن برو ڪيترو ڌيان ڏنيون ويٺو هو.

وري اطلاع آيو ته بلوچن سنڌ جي ڪنارن تي قائم ڪاٺي ۽ ڪلوئلن جي گودامن کي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ بمبئي کان ڪڇ جي ٽپال واري رستي ۽ ڪراچيءَ واري رستي ۾ رنڊڪ وجهي ڇڏي آهي. رستي کولڻ لاءِ 130 انگريز سوار جهرڪ پهتا ته بلوچن انهن مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ هو مشڪل سان اتان جان بچائي نڪتا.

نيپئر جي حالت:

نيپئر جي ان وقت حالت ڏاڍي خراب هئي، حيدرآباد ۾ گهٽ فوج هجڻ ڪري قلعو پوري طرح محفوظ نه هو ان ڪري نيپئر کي سکر ۽ ڪراچي مان ڪٽڪ پهچڻ جو انتظار هو. ليمبرڪ جو خيال آهي ته ان وقت بلوچ هٿ سان وڙهڻ کانسواءِ ٻيا فن به ڄاڻن ها ته نيپئر کي نهايت ڳنڀير صورتحال سان منهن ڏيڻو پوي ها.

گرمي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي ۽ نيپئر مير شير محمد جي خزاني خالي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو.

مير شير محمد جو نياپو:

8 مارچ 1843ع تي ايڪيهين پيادل بٽالين 600 فوجين سان گڏ نيپئر جي مدد لاءِ پهتي،

15 مارچ تائين مير شير محمد شهر کان 15 ڪلوميٽر ويجهو اچي پهتو ته نيپئر ڏانهن قاصد ذريعي پيغام موڪليائين ته جيڪڏهن هو سڀني قيدين کي آزاد ڪري خزانو واپس ڏي ته ساڻس ٺاهه ٿي سگهي ٿو. قاصد پهچڻ مهل شام ٿي چڪي هئي ۽ ان وقت هڪ توپ هلي ته نيپئر قاصد کي چيو اهو ٿئي جواب.

نيپئر جو ٽالپر قيدين نالي خط:

هيڏانهن نيپئر کي ٽالپر قيدين جون شڪايتون ملي رهيون هيون ته هوڏانهن مير شير محمد جي جنگي تيارين جون خبرون اچي رهيون هيون، جن نيپئر کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. 18 مارچ 1843ع ۾ نيپئر نظربند ميرن جي نالي خط ۾ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار هن طرح ڪري ٿو:

مونکي اوهان جو خط مليو، مير شير محمد سان توهان جي سازش ۽ مون کي تنگ ڪرڻ جو اهو طريقو جاري رهيو ته پوءِ اوهان کي جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيندس. هاڻي نظر بند آهيو، مان توهان کي مارائيندس ته نه جيئن اوهان پنهنجي ماڻهن کان انگريزن کي مارايو آهي، پر ڪڙيون هڻي جهاز تي روانو ڪندوسانءِ. شهزادؤ! توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته قيدين جو فاتح خلاف سازش ڪرڻ پنهنجو پاڻ کي ڏچي ۾ وجهڻ آهي. چپ ٿي وڃو نه ته انهيءَ حماقت جا ڏاڍا خراب نتيجا  ڀوڳڻا پوندؤ. مان آئنده اوهان جي خطن جو جواب نه ڏيندس جيڪي ڪوڙ سان ڀريل هوندا آهن.

اسان ليمبرڪ جي لکتن تي آخر ۾ تبصرو ڪنداسين پر هتي نيپئر جي خطن ۾ اهڙن جملن کي پڙهي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، جيڪي ميرن جي شان وٽان نه هئا. ڇاڪاڻ ڪنهن فاتح جو پنهنجي مفتوح سان اهڙو ورتاءُ هوندو آهي!؟ ۽ نيپئر کي ميرن سان اهڙيون تاديون ڪرڻ سونهن پيون!؟

نيپئر جو معائنو ڪرڻ:

18 مارچ 1843ع تي نيپئر سنڌ هارس ۽ بنگال سوار فوج جو معائنو ڪيو، جنهن جو مقصد مير شير محمد مٿان پنهنجو روب ويهارڻ هو.

دٻي واري جنگ (24 مارچ 1843ع)

ڏهن ميلن تي ڦهليل دٻي جو ميدان ٽنڊو ڄام ۽ حيدرآباد جي اوڀاري پاسي کان آهي.

نيپئر معائني کان موٽڻ بعد سپاهين کي حڪم ڏنو ته هو مياڻيءَ جي ميدان ۾ ميرن  جي 27000 هزار سپاهين جي مقابلي ۾  صرف 6 هزار جوانن ۽ 15 توپن سان گڏ سوڀ ماڻي چُڪا آهن، جڏهن ته هاڻي 24 مارچ 1843ع تي ڇهه هزار سپاهي صرف پندرهن هزارن سان مقابلو ڪندا. مان توهان کي اهو نه چوندس ته دليري ڏيکاريو، ڇو ته توهان دلير ته آهيو ئي! پر مان چوان ٿو ته جنگ ۾ فوجي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو ۽ قطار ۾ رهي ڪري حڪم ملڻ وقت  فائر ڪيو. ڪنڌ ڪنڌ سان ملائي ڪري مقابلو ڪيئو ته ڪاميابي ضرور توهان جا قدم چمندي.

جنگ جون تياريون:

ميجر اسٽيڪ هڪ ننڍي برگيڊ وٺي  حيدرآباد اچي پيو ته واٽ تي خبر مليس ته چاليهه هزار ماڻهو مٿس حملو ڪرڻ وارا آهن. نيپئر، ميڪ مرڊ کي هڪ اسڪوارڊن وٺي ساڻس مٽياري وڃي ملڻ لاءِ چيو. 21 مارچ تي ميڪ اسهيو.

نيپئر وٽ جڏهن ان ڏينهن سکر کان لشڪر پهتو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو

22 مارچ تي اسٽيڪ مياڻي ويجهو پهتو ته سندس ٽڪر ڪجهه بلوچن سان ٿيو پر ڪپتان لسيلي توپون هلائي بلوچن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ نيٺ اسٽيڪ حيدرآباد اچي نڪتو، نيپئر ٻاهر اچي سندس ڀليڪار ڪيو.

نيپئر جي دٻي جي محاذ لاءِ حڪمت عملي:

23 مارچ نيپئر پنهنجي فوج کي آرام ڪرايو ۽ دٻي جي محاذ لاءِ حڪمت عملي جوڙي جنهن ۾ ڪيمپ جي حفاظت رنگروٽن، ملاحن ۽ مير علي مراد جي بچيل ماڻهن جي حوالي ڪيائين، جيڪي ٽوٽل اٺ سؤ هئا. نيپئر وٽ 11 سؤ سوارن سان گڏ مڪمل سپاهي 5 هزار هئا، جن جون جايون مقرر ڪيائين.

مير شير محمد جي وڪيلن جو اچڻ:

ان مهل ئي مير شير محمد جا وڪيل آيا ۽ نيپئر کي چيائون ته مير شيير محمد اوهان ڏانهن پيغام موڪليو آهي ته پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪريو ٻي صورت ۾ نتيجو  سٺو نه نڪرندو. جنرل نيپئر مير جي وڪيلن کي پنهنجي فوجين جون قطارون ڏيکاريندي چيو ته ”جنرل ميدان ۾ آيو ته مير شير محمد پاڻ ئي هٿيار ڦٽا ڪندو.“

هاڻي ٻنهي پاسن کان جنگ جون تياريون شروع ٿي ويون ۽ جنرل 23 مارچ تي شام جو مدراس سيپرز، ٻه پيادل رجمينٽون ۽ ٻه توپون ڦليلي موڪلي ڇڏيون ۽ پاڻ به 24 مارچ تي پرهه ڦٽيءَ کان اڳ  ئي اتي پهچي ويو.

گورنر جنرل جو خط ـــ سنڌ کي برطانيا جي علائقي ۾ شامل ڪيو ويو:

ان وقت لارڊ ايلن برو جو خط به نيپئر کي مليو، جنهن  ۾ سنڌ کي برطانيا جي ڪالوني ڄاڻايو ويو. نيپئر سڀني فوجين کي مبارڪباد ڏني ۽ مياڻيءَ جي سوڀ تي سڀني لاءِ انعام جو اعلان ڪيو.

جنگ جو ميدان:

24 مارچ 1843ع تي انگريزن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. سڀ کان اڳ ۾ سنڌ هارس ۽ ان جي پويان مدراس سيپرز جو توپخانو هو جيڪو  واهن ڀرسان رستو ٺاهيندو وڃي پيو. انگريزن کي مير شير محمد جي باري ۾ شڪ هيو ته هوسڙي، دٻي يا ٽنڊو ڄام ۾ آهي.

دٻي جي جنگ:

جنرل نيپئر پڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ هارس کي موڪليو، جيڪي دٻي وٽ اڃا پهتا مس ته بلوچن سندن مٿان يارهن توپن سان گولا وهائڻ شروع ڪيا پر سنڌ هارس انهن جي سٽ جهلي ورتي، ايتري ۾ پويان سڄو لشڪر به اچي ويو. جنگ لاءِ بلوچن کان ٻارهن سؤ گز پري ٽي قطارون ٻڌيون ويون، نيپئر توپن کي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انگريز فوج جي کاٻي پاسي کان ڦليلي واهه ۽ ان جي پريان گهاٽو ٻيلو هو. جڏهن ته سامهون ساڄي پاسي کان مٽيءَ جو هڪ دڙو هو، جنهن مان بلوچن جا سر ۽ سندن بندوقن جو دونهون نظر اچي رهيو هو. کاٻي پاسي ڀرسان هڪ باغ هو، جنهن تي بلوچن جي قبضي جو شڪ هو.

نيپئر فوجين جي چڪاس ڪري رهيو هو ته هڪ گولي سندس منهن وٽان گذري وڃي هڪ انگريز سپاهيءَ کي لڳي، جنهن تي نيپئر ان مهل ئي تڙ تڪڙ ۾ فائرنگ جو حڪم ڏنو پر وار ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيو. ان ڪري هاڻي توپن کي پنج سؤ گز اڳتي ڪري گولا وسائڻ جو چيائين ۽ جنهن جي ڪري گولا بلوچن جي بارود ۾ ڪرڻ ڪري سندن جسم جو  چٿڙيون هوا ۾ اڏامندي نظر اچي رهيون هيون.

ڦليلي جي گهاٽي ٻيلي ۾ بلوچن جي ڳولها:

نيپئر فوج کي حڪم ڏنو ته فائرنگ ڪندا وڃي ٻيلي ۾ بلوچن مٿان ڇاپو هڻو.

نيپئر ڏانهن اطلاع آيو ته ساڄي پاسي کان انگريز فوج اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي اڳواڻي ميجر اسٽڪ ڪري رهيو هيو ۽ جان جيڪب ۽ ڪپتان ڊيلامين جهڙا تجربيڪار آفيسر ساڻس گڏ هئا، پر خبر ناهي ته نيپئر جي حڪم کانسواءِ ٽنهي مان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪنهن جو هو.

نيپئر انهيءَ اطلاع تي جلدي ۾ گهوڙو ڀڄائيندي اتي پهتو ۽ ڌٺائين ته ڊيلامين پنهنجي ڪمپني سوڌي مير شير محمد جي کاٻي ساسي کان وڃي پويان پهتو.

هيڏانهن ٻي ڪمپنيء سامهون بلوچن تي حملو ڪرڻ شروع ڪيو ته ليفٽيننٽ اسمٿ وري اهي جايون وڃي ڳولهي لڌيون جتي توپون رکي بلوچن مٿان گولا وسائي سگهجن پيا، پر اسمٿ ويچارو مارجي ويو.

نيپئر ساڄي پاسي کان ٻيهر گهوڙو ڀڄائي ميجر پول وٽ اچي نڪتو. ميجر پول۽ بلوچن ۾ تيزي سان ويڙهه جاري هئي، بلوچ چاليهه گز پري خندقن مان حملا ڪري رهيا هئا.

هٽ جي ڪمان ۾ پنجويهين ريجمينٽ جي توپخاني مير شير محمد جي ريزرو سپاهين تي ويجهڙ کان گولا وسائي کين وڏو نقصان رسايو. ۽ انگريز سپاهي دڙي تي ساڳين تختن ذريعي چڙهي ويا، جيڪي بلوچن هنيا هئا.

جنگ ۾ وقفو:

مير شير محمد ٻي ڏينهن لاءِ هوش محمد قنبراڻي جي صلاح تي جنگ روڪي ڇڏي. جيتوڻيڪ هوشو وڏي بهادريءَ سان ميدان ۾ وڙهندو رهيو پر آخر ۾ شهيد ٿي ويو.

هيڏانهن جنگ هلندي رهي ۽ جنرل پنهنجي فوجين کي ڳوٺن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ چيو. ڇو ته ناريجو ڳوٺ اڃان تائين قبضي ۾ نه اچي سگهيو هو ۽ قبائلي اتان گوليون وسائي رهيا هئا.

مير شير محمد جي فوج جو ٻن حصن ۾ ورهائجڻ:

پنجويهن ريجمنٽ جي زوردار حملي مير شير محمد جي لشڪر کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هاڻي کاٻي پاسي انگريز فوج آسانيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳي پر ساڄي پاسي کان سامهون برطانوي سوار هجڻ ڪري فائر نه پئي ڪري سگهي.

ڳوٺ ۾ ٻائيتال مچي ويو مير جي ڀرسان ميگزين ڦاٽڻ ڪري انگريز سپاهي ان جي زد ۾ اچي ويا.نيپئر محفوظ رهيو.

نارجن جو گهيرو ـــ بلوچن جو پکڙجڻ:

ٻاويهين ريجمينٽ ناريجن جو گهيرو ڪري ورتو ۽ بلوچ ڀڄڻ لڳا. نيپئر سندن پيڇو ڪيو پر پنهنجو نقصان ڪري موٽي آيو. نيپئر جي موٽڻ بعد ”ٿري چيرز“ جي نعري سان سندس استقبال ڪيو ويو ۽ هرڪو سپاهي هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳو.

ان جنگ ۾ انگريزن جي ويهين ريجمنٽ کي وڏو نقصان رسيو، ان جا اوڻيتاليهه سپاهي مارجي ويا ۽ ٽيويهه زخمي ٿي پيا. بلوچن جا ٻه هزار ماڻهو دٻي واري جنگ ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويا.

27 مارچ 1843ع تي جنرل نيپئر مير شير محمد جي گادي واري هنڌ تي قبضو ڪري ورتو پر مير شير محمد وڌيڪ ڪا ڪوشش نه ڪئي.

ميرن جي نظربندي ۽ کين بمبئي موڪلڻ:

15 مارچ 1843ع تي نيپئر کي گورنر جنرل جو خط مليو ته هو ٽالپرن کي بمبئي اماڻي، تنهن ڪري نيپئر مير حسين علي، مير صوبدار ۽ مير نصير کي چئني پٽن سان گڏ قلعي مان ڪڍي جهاز تي موڪلي ڇڏيو. اسان انهن قيدين جو تفصيلي احوال گذريل صفحن ۾ لکي چُڪا آهيون. اسٽيمر هلڻ کان اڳ حسين علي خان ٽالپور جي جواني ۽ سندس ماءُ تي نيپئر کي ترس اچي ويو ۽ پنج روپيا روڪ ڏنائينس.

فوجي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ:

فوجي حڪومت قائم ٿيڻ بعد نيپئر سردارن ۽ زميندارن کي حڪم ڏنو ته هو اچي ڪري انگريزن سان وفاداريءَ جو اعلان ڪن ۽ پنهنجون زمينون واپس وٺن.

جيڪي ماڻهو اڃا تائين وڙهي رهيا هئا، انهن ۾ جوکين جو سردار ڄام به هو، جنهن انگريزن کي ٽوٽا چٻايا ۽ سندن جهرڪ واري ڪيمپ به تباهه ڪئي. ڄام جو بندوبست ڪرڻ لاءِ نيپئر ڪراچي جي ڪمانڊر کي چيو ۽ رستو ڏيکارڻ لاءِ سيٺ ناؤمل گائيڊ ڏنو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڄام ۽ سندس ساٿين هٿيار ڦٽا ڪيا.

مير شير محمد جو وطن لاءِ وڙهڻ:

مير شير محمد انگريزن اڳيان جهڪڻ وارو نه هيو، هو وڏو دلير ۽ همت وارو نوجوان هو، ان ڪري انگريزن خلاف جدوجهد جاري رکيائين. انگريز عمرڪوٽ فتح ڪري چُڪا هئا ۽ جيڪب ناؤ ڪوٽ ڏانهن وڌڻ چاهي پيو پر نيپئر گهڻي گرمي ۽ ٻوڏ ڪري لنوائيندو رهيو.

مير شير محمد جي گرفتاري لاءِ نيپئر جو نئون منصوبو:

جنرل چارلس نيپئر هاڻي مير شير محمد کي ڇاپا مارن جي ذريعي گرفتار ڪرڻ جو منصوبوجوڙيو. 1 مئي 1843ع تي مير شير محمد 10 هزار ماڻهن سان گڏ ڪونهرو ۾ هو، جيڪب کي خطرو هو ته ڪٿي درياءُ جي اولهندي ڪپ تي آباد چانڊيا قبيلا نه درياءُ پار ڪري مير سان ملي وڃن. چانڊين جو سردار ولي محمد مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ پنهنجي ماڻهن سان گڏ نيپئر کي مارڻ جي ڪڍ هو پر خيرپور جي والي مير علي مراد کيس گرفتار ڪرائي نيپئر ڏانهن موڪليو، نيپئر مٿس رحم کائي معاف ڪري ڇڏيو. ولي محمد پنهنجي علائقي ۾ پهچي قسم کنيو ته ان احسان جو بدلو ضرور ڇڪائيندس.

شاهه محمد جو ڪوڙو خط:

مير شير محمد جي ڀاءُ شاهه محمد، نيپئر ڏانهن خط لکيو ته هو پنهنجي ڀاءُ شير محمد کي مارائڻ لاءِ تيار آهي. حقيقت ۾ اهو خط ڪوڙو هو، ڇاڪاڻ ته مير شير محمد پنهنجي ڀاءُ کي خاندان جي ذمينواري سونپي هئي ۽ هو لڪي جي ٽڪرين ۾ ٽالپرن جي ٽيهه سال اڳ جوڙيل قلعي علي آباد (راني ڪوٽ) ۾ لڪيل هو.

نيپئر ٻنهي ڀائرن ۾ دشمني وجهڻ لاءِ اهو ڪوڙو خط مير شير محمد ڏانهن موڪلي کيس همدردي جتائي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان هوشيار رهي.

مئي مهيني جي شروعات ۾ نيپئر ليفٽيننٽ ڪرنل رابرٽس کي سکر کان سيوهڻ موڪليو ۽ اسٽيمر تي ڪپتان ناٽ کي ڇڏيو، جيئن هو درياءَ کان بلوچن کي ٽپڻ نه ڏئي، ڇو ته کيس لڪي ڀرسان بلوچن جي ٻيڙين گڏ ڪرڻ جي خبر ملي هئس.

انڊرسن به ان خبر کان پوءِ لڪي ويجهو پهتو ته 27 مئي تي ٽن سؤ بلوچن مٿس حملو ڪري ڏنو ۽ ٻيڙي جو ڪمانڊر ملر زخمي ٿي پيو پر انگريز سپاهين بلوچن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ سندن چڱو خاصو نقصان به ڪيو.

شاهه محمد جون ڪارروايون:

نيپئر پهرين جون 1843ع جي روزنامچي ۾ لکيو آهي ته شاهه محمد هن ڏانهن معافي لاءِ هڪ خط لکيو هو.

7 جون 1843ع تي شاهه محمد پيرآري ويجهو تنبو لڳايون ويٺو هو. انگريزن جي يار وفادار مير علي مراد جي ماڻهن سان به سندس جهڙپون ٿي چڪيون هيون. نيپئر 7، 8 جون جي رات جو توپخاني ۽ 900 فوجين سان حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

والٽر کي حڪم:

رابرٽس، ڪپتان والٽر کي حڪم ڏنو ته هو کاٻي پاسي کان وڃي بلوچن جو دڳ بند ڪري ۽ ٿي سگهي ته انهن کي ساڄي  پاسي تي ڌڪي جيئن توپن جي پهچ ۾ اچن.

والٽر ان حڪم ملڻ کان پوءِ تيزيءَ سان وڃي بلوچن مٿان ڪڙڪيو ۽ 80 بلوچن کي ڪيرائي وڌائين.

ساڄي پاسي کان توپخانو به اڳتي وڌيو ۽ باغ جي تلاشي ورتي وئي.

شاهه محمد هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا:

شاهه محمد انگريزن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ رابرٽس کيس 17 ٻين قيدن ٻن توپن ۽ هڪ جهنڊي سان گڏ  سيوهڻ وٺي آيو. ليمبرڪ مطابق ان جهڙپ ۾ ڪپتان لنڪاسٽر مارجي ويو، ٻه حوالدار ۽ 6 سپاهي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 90 بلوچ مارجي ويا.

مير شير محمد تڏهن به همت نه هاري:

سنڌ جي اولهندي قبيلن جي هيڻائي ڪري نيپئر ڏاڍو خوش هو پر مير شير محمد پوءِ به همت نه هاري ۽ وڙهڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪري رهيو هو.

مير شير محمد جي ڪڍ انگريز فوج:

تيز گرميءَ ۾ مير شير محمد ميرپور کان 25 ميل پري اتر طرف ماڻهو ۽ اناج گڏ ڪري رهيو هو ته نيپئر جيڪب کي سندس پويان موڪليو. 4 جون تي مينهڳي واريون هوائون به هلڻ لڳيون ۽ انهيءَ تاريخ تي نيپئر طرفان مير شير محمد کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارو ڏنل وقت به ختم ٿي رهيو هو.

ڏکڻ کان مير شير محمد جو اڳ وٺڻ لاءِ نيپئر پاڻ نڪتو. 9 جون تي نيپئر پنهنجي روزنامچي ۾ لکي ٿو ته  رابرٽس ۽ جيڪب ملي ڪري مير شير محمد کي پڪڙي سگهن ٿا.

10 جون 1843ع تي جيڪب ميرپور کان هليو ۽ 13 جون تي شهدادپور پهتو. انهيءَ شام جنرل نيپئر اٺاويهين ريجينٽ وٺي حيدرآباد کان نڪتو. کيس خبر پئي ته شير محمد سڪرنڊ جي ڏکڻ طرف وڃي مير علي مراد کي قلعي بند ڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته رابرٽس درياءُ پار ڪري چڪو هو ۽ مير شير محمد مطابق رابرٽس کي روڪڻ لاءِ شهدادپور کان وڌيڪ مناسب ٻي ڪا جاءِ ناهي.

13 جون 1843ع تي رات جو 11 بجي مير شير محمد جي هڪ برهمڻ ملازم جيڪب کي ڪيمپ ۾ اچي اطلاع ڏنو ته مير اٺ ڏهه هزار ماڻهن سان حملو ڪرڻ وارو آهي.

جيڪب ۽ مير شير محمد وچ ۾ مقابلو:

3 بجي صبح جو جيڪب ڪجهه ماڻهو ڪيمپ جي نگراني لاءِ ڇڏي اٺ سؤ ماڻهو کڻي مير جي مقابلي لاءِ نڪتو. بلوچن کي خبر پئي ته اتي ئي هڪ واهه جي اوٽ وٺي انگريزن مٿان ٽن توپن سان گولا وسائڻ شروع ڪيا. جيڪب به جوابي حملو ڪيو ۽ ٻنهي ۾ زوردار جنگ شروع ٿي ويئي. ان وچ ۾ بلوچن جي لشڪر ۾ جڏهن اها افواهه ڦهلي ته ٻئي پاسي کان به انگريزن جو لشڪر حملو ڪرڻ اچي پيو، جنهن تي سڀ بلوچ ڀؤ کان پنهنجي جاءِ ڇڏي ڀرسان واري جهنگ  ۽ واريءَ جي دڙن ڏانهن ڀڄڻ لڳا، انگريز سپاهين ڦڙتيءَ سان اڳي وڌي ڪري نج ڇهه بلوچن کي ماري وڌو ۽ باقي جان بچائي ڀڄي ويا.

ميرن جي انهيءَ لشڪر ۾ شير محمد جو ڀاءُ مير خان محمد، مير رستم جو پٽ مير محمد ۽ نصير خان جو ڀيڻيئو (يا سالو) هو.

جيڪب جو خيال هو ته مير شير محمد پهريون  رني ڪوٽ ويندو پر هو اتر طرف ويو.

گرميءَ جو جوڀن:

هوڏانهن رابرٽس اڃا درياءُ نه اورانگهي سگهيو هو، گرميءَ جي ڪري سندس فوج جو خراب حشر هو. نيپئر به جيڪب جي مدد لاءِ وڃڻ جا سانباهه ڪري رهيو هو پر جهولو لڳڻ ڪري بيمار ٿي پيو. انهيءَ بيماريءَ ۾ جيڪب طرفان خوشخبريءَ جو خط پهچڻ تي نيپئر کي سڪون ملي ويو ۽ سندس چوڻ آهي ته جيڪب جي انهيءَ خوشخبريءَ کيس ايترو آٿت ڏنو  جيترو ڊاڪٽر گين جي دوا.

اٺاويهين ريجمنٽ جا  31 سپاهي ۽ هڪ آفيسر ڏينهن لڳڻ ڪري مري چُڪا هئا ۽ نيپئر پاڻ پالڪي ۾ چڙهي هلندو هو.

انگريز فوج جي جديد تنظيم:

انگريز فوج جي نون بنيادن تي تنظيم ڪئي وئي ۽ ڪراچيءَ سان تڪڙي رابطي جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو. هاڻي بلوچ هيڪڙ ٻيڪڙ کانسواءِ سڀ هيسجي چُڪا هئا ۽ مير علي مراد جي علائقي کانسواءِ پوري سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ اچي چُڪي هئي.

باهه جو آخري ڀڙڪو:

مير مبارڪ علي جي پٽ مير محمد علي روهڙيءَ کان پنجويهه ميل اتر اوڀر واري علائقي تي اچي  قبضو ڪيو ۽ مير علي مراد جي ماڻهن کي اتان تڙي ڪڍيو. سندس پينشن ۽ سنڌ ۾ رهڻ جو مطالبو هو، پر نيپئر نه مڃيو. سکر جو ڪمانڊر به درياءَ جي چڙهڻ ڪري اوڏانهن نه وڃي سگهيو پر جولاءِ ۾ مير علي مراد جي ماڻهن حملو ڪري مير  محمد علي کي اتان ڀڄائي ڪڍيو.

لارڊ ايلن برو جو حڪم:

انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ ايلن برو جو حڪم پهتو ته جنگ ۾ هٿ آيل سڄو سامان سپاهين ۾ ورهايو وڃي. انهيءَ حڪم مطابق پنجاهه هزار پائونڊن جو سامان فوج ۾ ورهايو ويو.

چارلس نيپئر لکي ٿو ته ايتري وڏي انعام جو  مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ۽ مان گهڻن ڏينهن تائين اچرج ۾ رهيس.

سنڌ سڄي انگريزن جي قبضي ۾:

مياڻيءَ واري جنگ جي پنجن مهينن کانپوءِ سڄي سنڌ پوري طرح انگريزن جي قبضي ۾ اچي چُڪي هئي. لارڊ ايلن برو ۽ سندس ڪائونسل جا ميمبر ڏاڍا خوش هئا، جڏهن ته مير ويچارا وطن کان پري  انگريزن جون سختيون برداشت ڪري رهيا هئا ۽ سندن شاهي عورتون دربدرائيءَ واري زندگي گذاري رهيون هيون.

سنڌ جي سوڀ کانپوءِ نيپئر جو هڪ خط:

جنرل چارلس نيپئر سنڌ تي پوري طرح قبضو ڄمائڻ کان پوءِ لارڊ ايلن برو کي هڪ خط ۾ لکيو ته: يوئر ايڪسيلنسي!

آئنده گهڻي وقت تائين چڱي طرح خيال رکڻ ۽ فوج ۾ گهٽتائي نه آڻن جي ضرورت آهي، حفاظت ۽ فوجي طاقت يوئر ايڪسيلنسي جون اهم ضرورتون آهن، جيئن صوبو ساڳين حالتن ۾ موٽي اچي.

اسان کي اميد آهي ته توهان سنڌ ۾ سول حڪومت جي قيام لاءِ اها ئي ڦڙتي ۽ تيزي ڏيکاريندؤ جيڪا ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان وٺي جاري رکي اٿئو. توهان کي جلد اهو اطمينان بخش احساس ٿي ويندو ته سڄي عوام جي خوشحالي ئي انهيءَ سوڀن جو اعليٰ ثمر آهي، جيڪا توهان حاصل ڪئي آهي.

ليمبرڪ ۽ منشي عطا محمد:

گذريل صفحن ۾ اسان منشي عطا محمد شڪارپوري جي ڪتاب ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ مان مياڻي ۽ دٻي واري جنگ جو احوال ڏنو هيوسين. جڏهن ته هاڻي ليمبرڪ جي ڪتاب ”چارلس نيپئر اينڊ سنڌ“ جي صفحي 131 کان 135 مان انهن جنگين جي باري ۾ بيان پيش ڪياسين. جنهن جو مقصد اهو هو ته اوڀر ۽ اولهه ٻنهي پاسن جي مؤرخن جو انهن جنگين جي باري ۾  نقطه نظر پڙهندڙن جي سامهون اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي جنگيون انگريزن جي سنڌ تي قبضي ۾ اهم جڳهه والارين ٿيون.

جڏهن اسان مٿين ٻنهي مؤرخن جي لکڻين جو نچوڙ ڪڍون ٿا ته اسان کي ٽالپرن جي زوال ۽ انگريزن جي عروج جا هيٺيا ڪارڻ نظر اچن ٿا.

سڀ کان پهريان ته انگريزن کي ننڍي کنڊ ۾ اقتدار جي لالچ هئي. ٻيو انهن کي خراسان تي حملي ڪرڻ لاءِ بري ۽ بحري رستي جي ضرورت هئي، جيڪا سنڌ کي حاصل ڪرڻ سان ئي پوري پئي ٿي سگهي، جنهن جي ڪري انهن سنڌ تي قبضو ڄمايو ۽ هتان جي اصلوڪن حڪمران ٽالپرن کي جديد هٿيارن جي زور تي ڪچليو.

انگريز شروع ۾ واپارين جو روپ وٺي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ تجارتي مفادن جي آڙ ۾ آهستي آهستي پوري سنڌ تي قبضو ڄمايو.

ٽالپرن جي زوال ۾ انهن جو پنهنجو به وڏو هٿ آهي.

شروعات ۾ ٽالپورن جي ٽنهي حڪومتن ۾ اتحاد هو ۽ ڪنهن علائقي تي قبضو ڪرڻ وقت پاڻ ۾ ٽئي ورهائي کڻندا هئا ۽ دشمن سان به گڏجي ڪري مقابلو ڪندا هئا.

جيستائين هو متحد رهيا ڪوئي انهن ڏانهن اک به نه کڻي سگهيو پر جڏهن انگريزن ڏڦيڙ وجهو حڪومت ڪريو جي پاليسي تحت کين لالچ ڏئي سندن وچ ۾ اختلاف وڌايا ته پوءِ ميرن جي طاقت ختم ٿي وئي ۽ انگريزن کي آسانيءَ سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو موقعو مليو. مير ڪرم علي، مير مراد علي (حيدرآباد) ۽ خيرپور جو والي مير سهراب تجربيڪار هجڻ ڪري انگريزن جي اٽڪلن کي ناڪام بڻائيندا رهيا پر انهن جي پوين ذاتي حرص ۽ لالچ ۾ اچي ديس ۽ ديس ڌڻين کي وساري ڇڏيو ۽ آزادي لاءِ پتوڙيندڙن اڳيان به ڪنڊا وڇائيندا رهيا.

مياڻيء ۽ دٻي واري جنگ ۾ به ٽالپرن جي هار جا ٽي وڏا ڪارڻ نظر اچن ٿا. هڪ ته انهن آسان شرطن تي وڏين سهوليتن سان انگريزن کي پنهنجي ملڪ مان گذرڻ ڏنو. ٻيو سبب انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه نه هجڻ آهي، جنهن جو انگريزن پورو پورو فائدو ورتو. ٽيون وڏو ڪارڻ هي هو ته ٽالپر وڏا دلير ۽ همت وارا  هئا ۽ انهن کي تلوار سان آمهون سامهون وڙهڻ جو تجربو ۽ ڏانءُ به هو، پر  جديد هٿيارن سان وڙهڻ جي سندن تربيت ۽ ٽريننگ نه ٿيل هئي، جنهن جي ڪري هو انگريزن کان گهڻا هجڻ جي باوجود به مار کائي ويا.

مياڻي ۽ دٻي واري جنگ کانپوءِ:

گذريل صفحن ۾ اسان لکي آيا آهيون ته انگريزن سنڌ تي قبضي ڄمائڻ کان پوءِ سنڌ جي حڪمرانن سان ڪهڙيون تاديون ڪيون، پهريون انهن کي بمبئي ۽ پوءِ ڪلڪتي ۾ قيد ڪيو، سندن گهر وارين تي ظلم ڪيا، حيدرآباد جو ٻن ڪروڙن ٽيهه لکن جو خزانو لٽيو، قيمتي سامان، زيور، هٿيار ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، ويندي مهينن تائين سنڌ ۾ اهڙي افرا تفريح رهي، جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org