سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:20

قديمي پيغمبرن جيئن حضرت موسيٰؑ ۽ حضرت عيسيٰ ؑ جي پيغامن جي ٻين وڏن ۽ غير معمولي ماڻهن طرفان پڻ تصدق ڪئي وئي هئي ۽ ﷴ ﷺ جن کي مڪي ۽ مديني جي ماڻهن طرفان زور ڀريو ويو ته ٻين پيغمبرن جيان هو به ڪي معجزا ڏيکاري: جيئن آسمان مان فرشتن يا مٿس نازل ٿيل وحي کي زمين تي لاهي ماڻهن کي ڏيکاري، يا بيابان ۾ ڪو باغ پيدا ڪري ڏيکاري، يا وري پنهنجي ئي شهر ۾ ڪو باهه جو ڀنڀٽ ٻاري ڏيکاري، وغيره. جيئن قريشن جو مٿس بار وڌندو رهيو، ته پاڻ پنهنجي اندر جي روشني ۽ غيب جي ڳالهين تي فخر ڪندا رهيا ۽ پنهنجن ڏنل اصولن جي ثابتين جو ذڪر ڪندا رهيا ۽ پاڻ کي رب العزت جي مهربانين جي ڇپر ڇانوَ ۾ محفوظ سمجهندا رهيا جيڪو اهڙين نشانين تي ناراض ٿئي ٿو ۽ ان مذهب جي صداقت کي به شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو پر اهڙن ڪرتبن کي لادينيت جي زمري ۾ آڻي ٿو. نرم يا ناراضگي واري لهجي ۾ پنهنجي حفاظت ڪرڻ تي ويتر کين رنجايو ويو ۽ مخالفن جي بدناميءَ جهڙن بيهودن جملن ويتر بغير ڪنهن شڪ شبهه جي قرآن پاڪ جي سچائيءَ کي صاف ثابت ڪري ڇڏيو(96). سندن معجزن جي طاقت کان چڱيءَ طرح واقف آهن ۽ سندن اعتماد ۽ ويساهه تيئن ويتر وڌي ٿو وڃي جيئن هو سندن روحاني قد بت کان پري ٿين ٿا. سندن پڪو عقيدو آهي ته وڻن اڳتي وڃي سندن استقبال ڪيو هو، پٿرن سندن سلامي ڏني هئي، ۽ سندن آڱرين مان پاڻي ڦوهارا ڏئي وهي هليو هو، ته هو بکين کي کارائيندو هو، بيمارن کي شفا ڏياريندو هو ۽ مئلن کي جياريندو هو، کين خبر هئي ته ڪاٺ جي هڪ ٿڙ ساڻن ڳالهايو هو، هڪ اُٺ ساڻن شڪايت ڪئي هئي، ۽ گوشت جي هڪ ٽڪري مخالفن طرفان زهر ڏيڻ بابت اڳواٽ کين ٻڌايو هو ۽ خوشي توڙي مايوسي واريون ٻئي فطري ڪيفيتون الله جي پيغمبر جي مرضي موجب وهنوار ڪنديون هيون(97). سندن معراج واري مسافري کي سندن سچو جسماني سفر ٻڌايو ويو آهي. هڪ پراسرار جانور براق کين ڪعبي مان کڻي جيروسلم ويو ۽ پنهنجي ساٿي جبرائيلؑ سان گڏ پاڻ ستن آسمانن تائين پرواز ڪندا رهيا ۽ مختلف جڳهن تي بزرگن، پيغمبرن ۽ فرشتن طرفان سندن مرحبا ڪئي وئي. ستين آسمان کان، فقط ﷴ ﷺ جن کي اڳتي وڃڻ جي اجازت ملي، هو ميلاپ جي حدن کان اڳتي وڌي عرش مقدس جي صفا ويجهو وڃي پهتا ۽ پنهنجي جسم ۾ سخت ٿڌڪار محسوس ڪيائون جنهن جو اثر سندن دل تائين هليو ويو ۽ ان دوران سندن ڪُلهي تي ربي هٿَ جو ڇُهاءُ محسوس ٿيو. رب العزت سان(*) همڪلام ٿيڻ بعد(†)، هو ٻيهر براق تي سوار ٿي جيروسلم واپس آيا جتان وري مڪي پهچي ويا ۽ هي هزار سالن جو سفر هڪ رات جي فقط ڏهين حصي ۾ طئي ڪيائون(98). هڪ ٻي روايت موجب، پيغمبرؐ پنهنجي قوم جي ماڻهن ۾ ويهي قريشن جي للڪار کي قبول ڪندي هڪ ٻيو معجزو ڏيکاريو هو. سندن هڪ لفظ چَوڻ سان چنڊ ٻه اَڌ ٿي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويو هو، هي سَيارو آسمان تي پنهنجي جڳهه کان هٽيو، هيٺ لٿو ۽ ڪعبة الله جي چؤگرد ستَ چڪر ڪاٽيائين ۽ پوءِ اوچتو پنهنجي ماپ کي گهٽائيندي پيغمبر جي قميص(99) جي ڪالر کي ڇُهندي سندن ٻانهن مان نڪري آسمان تي پنهنجي مقرر ٿيل مدار تي هليو ويو. جاهل ماڻهو ته اهڙن قصن تي حيرت جو اظهار ڪندي پاڻ کي وندرائين ٿا پر جيڪي عقيدت مند مسلمان آهن اُهي پنهنجي مالڪ جي چيل هر ڳالهه تي ’آمنا صدقنا، چون ٿا ۽ پنهنجي عقيدي ۽ ايمان کي وڌيڪ پختو ڪن ٿا(100). اُهي ظاهري طرح اهو دليل ڏين ٿا ته مذهب جي پرچار ڪرڻ ۾ فطرت جي قانون کي اورانگهڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته اسلام ڪنهن به قسم جي شڪن ۽ گمانن کان مٿاهون مذهب آهي جنهن ۾ معجزا نه به ڏيکارجن ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ۽ اُهي چون ٿا ته  طاقتور نه آهي.

گهڻن خدائن کي مڃيندڙ، مختلف وهمن وسوسن کي ڏسندي حيران پريشان ٿي وڃي ٿو: مثال طور مصر ۾ هزار قسمن جون رسمون ۽ رواج هيا جن جو تعلق حضرت موسيٰ ؑ جي مذهب سان هيو، ۽ انجيل جو روح ڪليسا مان ڪڏوهڪو اُڏامي ويو هو. مڪي جي پيغمبر، پاليسي يا وري حب الوطني جي خيال کان عربن جي رسمن رواجن کي مقدس بنائڻ ٿي چاهيو جنهن ۾ ڪعبي ۾ نصب ٿيل پاڪ پٿر (حجر اَسوَد) ڏانهن وڃي ڏسيل رسمون ادا ڪرڻ بيحد ضروري هو. پر ﷴ ﷺ جن جا فرمان نهايت ئي سادگي وارا ۽ قومي پرهيزگاري وارا هيا: نماز، روزو ۽ زڪوات، هر مسلمان جي مذهبي ذميدارين ۾ شامل هيا ۽ هر مسلمان اُميد ٿو رکي ته فقط نماز ئي کيس الله تائين پهچڻ جي اڌ رستي تائين پهچائي ڇڏيندي، روزو کيس رب العزت جي گهرَ جي ويجهو پهچائي ڇڏيندو ۽ زڪوات کيس ان گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندي(101). (I) معراج جي سفر ۾، الله تعاليٰ سان گفتگو دوران، ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. پر پوءِ حضرت موسيٰ ؑ جي مشوري تي، پاڻ رعايت جي درخواست ڪيائون ته پنجاهه نمازون شايد برداشت کان وڌيڪ بار ٿي وڃي، تنهن ڪري ان تعداد کي گهٽائي پنج ڪيو ويو جنهن ۾ ڌنڌي ڌاڙي، خوشين ۽ تقريبن، وقت يا جڳهه جو ڪوبه قيد ڪونه هو، بس عقيدت مندن لاءِ صبح، ٻيپهري، عصر، مغرب ۽ عشا جا وقت نماز ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا، ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ جڏهن مذهبي جوش جذبا ختم ٿيندا پيا وڃن، ته اسان جا مسافر ترڪن ۽ فارسين جي عجز ۽ نياز جي جذبن کان متاثر ٿي پاڻ کي اخلاقي طور سنوارن ٿا. نماز ادا ڪرڻ لاءِ صفائي بيحد ضروري آهي؛ پهرين هٿن ۽ مُنهن کي ڌوئبو آهي، پوءِ جسم کي ۽ هي هونئن به عربن جو پراڻو دستور هوندو هو جنهن لاءِ قرآن ۾ پڻ صفائي رکڻ جو تاڪيد ڪيل آهي؛ ۽ جيڪڏهن پاڻيءَ جي اڻاٺ هجي ته واري يا مٽيءَ سان وضو ڪري سگهجي ٿو. عبادت جو طريقو ڪوئي به اختيار ڪري سگهجي ٿو، بيهي يا ويهي ۽ سجدي ادا ڪرڻ سان عبادت ڪجي ٿي، پر نماز آواز ڪڍڻ سان مختصر نموني به ادا ٿئي ٿي ۽ جوش جذبي جي هروڀرو اها تقاضا نه هوندي آهي ته عبادت کي ڊگهو ڪيو وڃي ۽ هر مسلمان کي عبادت ڪرڻ ۾ اُهو حق ڏنو ويو آهي جيڪو عيسائيت ۾ هڪ پادري کي حاصل هوندو آهي. جيڪي هڪ خدا ۾ يقين رکن ٿا يا وحدانيت جا قائل آهن ۽ جيڪي بت پرستي کي روڪن ٿا، اُنهن لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته پنهنجن خيالن ۽ تصور کي هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ کان روڪن ۽ پنهنجن نظرن توڙي خيالن جي رُخ کي قِبلي طرف موڙي ڇڏين، پوءِ هو توڙي دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ هجن. اسلام جو پيغمبر شروع ۾ جيروسلم ڏانهن متوجهه هيو پر پوءِ شايد فطري صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلو بدلايائون ۽ هاڻي آسٽراڪن هجي، توڙي فيض يا دهلي هجن، مسلمانن جون نظرون توڙي پيشانيون مڪي ۾ قائم ڪعبة الله ڏانهن پنج دفعا جهُڪن ٿيون. ان جي باوجود الله جي راهه ۾ زمين جي هر حصي کي پاڪ سمجهيو ويو آهي ۽ مسلمان پنهنجي پنهنجي طريقي سان پنهنجن گهرن توڙي گهٽين ۾ به نماز ادا ڪن ٿا. يهودين ۽ عيسائين کان صفا مختلف نموني ۾، هر هفتي ۾ جمعي جي ڏينهن کي باجماعت نماز ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ماڻهو هن ڏينهن تي وڏي تعداد ۾ مسجدن ۾ گڏ ٿين ٿا، امام ۽ ڪجھ معزز بزرگ ممبر تي مٿي چڙهن ٿا ۽ تقرير ڪن ٿا. ان کان پوءِ امام اڳتي وڃي نماز پڙهائي ٿو. پر اسلام ۾ پادريت يا قرباني ڪانهي ۽ جنونيت جو روح وري وهمن وسوسن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. (II) گوشه نشين نفس ماريندڙن جي پاڻمرادي توبهه(102) يا پڇتاءُ ذريعي پنهنجي زندگي ۾ روحاني مٿڀرائي حاصل ڪرڻ جو عمل پيغمبر جي نظر ۾ بڇان ڏياريندڙ هيو جنهن پنهنجن پوئلڳن کي گوشت، عورتن ۽ آرام کان پري رهڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي ۽ سڀني تي واضح ڪيو ته هو پنهنجي مذهب ۾ ويراڳين يا سنياسين کي برداشت نه ڪندو(103). ان جي باوجود هنن هر سال ٽيهن روزن رکڻ جي اداري کي قائم ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي سختيءَ سان تلقين ڪئي: سندن فرمان موجب هي نظم ۽ ضبط جو اهڙو منظم طريقو هو جيڪو روح کي پاڪ ۽ جسم جي خواهشن کي ختم ٿو ڪري ۽ هن سرشتي ذريعي الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن جي ڀرپور فرمانبرداري به ٿئي ٿي. رمضان جي مهيني ۾ سج اڀرڻ کان وٺي ان جي لهڻ تائين مسلمان کائڻ پيئڻ ۽ عورتن جي ويجهو وڃڻ کان پري رهن ٿا، هر ان غذا کان پري رهن ٿا جيڪا سندن جسمن کي قوت پهچائي، ۽ هر خوشي ۽ لذت حاصل ڪرڻ کان دور رهن ٿا جيڪا سندن حواسن کي تازو توانو ڪري. چنڊ جي سال جي ڦيرن ۾ رمضان جو مهينو ڪڏهن سياري ته ڪڏهن اونهاري جي گرمين ۾ اچي ٿو ۽ صبر ڪندڙ، پنهنجي اُڃ کي پاڻيءَ جي هڪ قطري سان اُجهائڻ جي بجاءِ، ڊگهي ۽ سخت گرم ڏينهن جي گذرڻ جو شدت سان انتظار ڪري ٿو. شراب نوشيءَ کي جنهن جي لاءِ ڪن پادرين يا ويراڳين جا حڪم موجود آهن، ﷴ ﷺ جن هڪ مثبت ۽ عام قانون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو(104)، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو دنيا جي گولي تي بيشمار ماڻهن، سندن حڪم جي تعميل ڪندي هن خطرناڪ عادت کي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙن ڏکين منع نامن ۽ بندشن کي فقط ڇڙواڳ ۽ عياش ماڻهن طرفان ٽوڙيو وڃي ٿو ۽ منافقن طرفان حڪم جي تعميل ڪرڻ کان نٽايو وڃي ٿو پر جنهن قانون ساز انهن اصولن کي نافذ ڪيو آهي، ان تي ماڻهن طرفان ٻين ڇڙواڳين يا جنسي لاڳاپن قائم ڪرڻ جو الزام نٿو مڙهي سگهجي. (III) مسلمانن جي خير خيرات جانورن جي تخليق تائين هلي ٿي وڃي، ۽ قرآن ۾ ڪيئي ڀيرا محتاجن، بيواهن ۽ بدنصيب ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو تاڪيد، فرض سمجهي ڪيو ويو آهي.  جنهن خيرات ڏيڻ کي باقاعدگيءَ سان لاڳو ڪيو ۽ ان جي لاءِ اصول ۽ ماپا ٺاهيا، ۽ اهي معيار ملڪيت جي حد کي ڏسندي مختلف ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته خير پئسن، اَن، مال، ميوَن ۽ وڻج واپار مان اُپت جي حساب سان ڏئي سگهجي ٿو، ۽ ڪو به مسلمان تيستائين شريعت جي پابندي نٿو ڪري جيستائين اُهو پنهنجي بچت جو ڏهون حصو خيرات ۾ نٿو ڏئي، ۽ جيڪڏهن سندس دل مطمئن نه آهي يا هن کان ڪا ڀل ٿي آهي يا ڪنهن سان ڪو ڌوڪو ڪيو اٿائين ته پوءِ ڏهين حصي واري خيرات هاڻي پنجين حصي تي وڃي بيهندي(105). خير خواهي انصاف جو بنياد آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي سختي سان اُنهن ماڻهن کي تڪليف پهچائڻ جي منع ڪئي وئي آهي، جن جي اسان کي مدد ڪرڻي آهي. هڪڙو پيغمبر ڀلي ماڻهن کي بهشت يا ايندڙ وقت جا احوال ٻڌائي پر هو پنهنجن اخلاقي اصولن ۾ فقط اهي سبق دهرائيندو جيڪي اسان جي دلين جي ترجماني ڪندا.

اسلام ۾ مذهب جا ٻه بنيادي نقطا ۽ چار لازمي ڪم آهن جن تي انعام ۽ سزائون ٻئي آهن ۽ هر مسلمان جو پڪو عقيدو آهي ته قيامت ضرور برپا ٿيندي جتي ماڻهن جا فيصلا ڪيا ويندا. ﷴ ﷺ جن ان ڏينهن، جڏهن تڏا ويڙهه ٿيندي، جو پنهنجي طرفان ڪو وقت مقرر نه ڪيو آهي پر بهشت ۽ زمين بابت اهڙا اشارا ۽ نشانيون ضرور ٻڌايون آهن جيڪي قيامت کان اڳ ظاهر ٿينديون جڏهن زندگي جو سمورو ڪاروبار ختم ٿي ويندو ۽ تخليق جو عمل اوائلي ڌُنڌ ۽ مونجهاري جي نذر ٿي ويندو. جڏهن صُور ڦوڪيو ويندو ته نوان جهانَ وجود ۾ ايندا، فرشتا، جِنَ(*) ۽ انسان قبرن مان اُٿندا ۽ انساني روحَ ٻيهر جسمن ۾ هليا ويندا. ٻيهر زندهه ٿيڻ جو فلسفو پهريون ڀيرو مصر جي ماڻهن شروع ڪيو هو جڏهن اُنهن پنهنجين مَمين کي دوائون ۽ خوشبوئون لڳائي محفوظ ڪيو هو، پيرامِڊ يا اهرام تعمير ڪيا ويا ته جيئن روح جي قديمي محل کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ سڄو ڪم ٽن هزار سالن دوران ٿيو هو. پر هيءَ ڪوشش اڌوري ۽ نامڪمل هئي، پر ﷴ ﷺ انهن ڪوششن ۾ فلسفي جو روح ڀريو ۽ پنهنجي خالق تي ڀاڙيو جيڪو سڀني تي قادر ۽ سڀني کان وڌيڪ طاقتور ۽ قدرت رکڻ وارو هو جنهن جو هڪڙو لفظ بيجان مِٽيءَ کي قوت بخشي جاندار بنائي سگهي ٿو ۽ اُنهن وکريل ۽ ٽڙيل پکڙيل جُزن کي گڏ ڪري اُنهن کي ٻيهر روپ ۽ رنگ ڏئي زندهه ڪري سگهي ٿو(107). روح جي وِچين حالت بابت فيصلو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي ۽ اُهي جيڪي ان جي غير مادي فطرت ۾ پڪو يقين رکن ٿا ته اُهي خود اهو نٿا سمجهي سگهن ته اُهو احساس جي عضون يا ڪنهن ذريعي جي بغير سوچي يا عمل ڪيئن ٿو ڪري سگهي.

جسم ۽ روح جي ٻيهر ملي هڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ انسان ذات بابت فيصلو ٿيندو، ۽ پيغمبر پنهنجي عقيدي موجب فيصلي جي ڪاروائي جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ آهستي ۽ لڳاتار عمل جو ڏَس ڏنو ويو آهي. قرآن جي لفظن ۾(108) الله پاڪ ۽ ﷴ ﷺ جن تي اعتقاد ۽ عقيدي کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سُٺا ۽ رب کي پسنديده عمل اُهي ئي آهن جن جو پيغمبر حڪم ڏنو آهي ۽ ٻه خاصيتون يا لياقتون اسلام جي مذهب جي تشريح ڪن ٿيون، جنهن طرف سڀني قومن ۽ سڀني مذهبي فرقن کي عام دعوت ڏني وئي آهي. سندن (ٻين فرقن جي) روحاني نابينائي کي، توڙي جو سندن جهالت سبب معاف ڪيو ويو آهي پر سندن اخلاق سبب ان جو ازالو به ڪيو ويو آهي. جيڪي ماڻهو بُرا ڪم ڪندا ۽ توبہ تائب نه ٿيندا ته اُنهن کي تڪليفون به اينديون ۽ سزائون به ملنديون ۽ ﷴ ﷺ جن، پنهنجي عادت جي خلاف جيڪي پنهنجي والده جي تربت مٿان بيهي ڳوڙها ڳاڙيا هيا، ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته پنهنجي بلند ترين روحاني مرتبي جي باوجود، هو انساني فطرت جي گهُرجن جي برخلاف نه هيا. (109) (*). ڪافرن ۽ لامذهبن جي بدقسمتي عام ڳالهه آهي، سندن ڏوهه ۽ ان تي آيل سزا جو دارومدار شاهدين تي هوندو، جن کي فقط ان ڪري رد ڪيو ويو هو ته سندن غلطين ۽ خطائن جو تعداد گهڻو وڌي ويو هو ۽ جيڪي دائمي محل عيسائين، يهودين،  بت پرستن ۽ مجوسين ٺاهيا هيا، اُهي وڏي ۽ عميق پاتال ۾ هڪ ٻئي جي هيٺان مٿان غرق ٿي ويا آهن ۽ اُنهن لادينن، مڪارن ۽ منافقن لاءِ هيٺئين ۾ هيٺيون دوزخ تيار ڪيو ويو آهي جيڪي مذهب جو ويس پائي بڇڙايون ڪندا هيا. جڏهن انسان ذات جي وڏي تعداد کي سندن غلط عقيدن ۽ عملن جي ڪري ننديو ۽ رد ڪيو ويو هوندو ته ان وقت سچن عقيدت مندن کي به سندن عملن ذريعي پرکيو ويندو. هر مسلمان جي نيڪي ۽ بدي کي سچي يا وري تمثيلي تارازيءَ ۾ توريو ويندو، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن کي تڪليفون پهچايون هونديون ان جو ازالو هينئن ڪيو ويندو: تڪليف پهچائيندڙ جيڪڏهن ڪي چڱا ڪم ڪيا هوندا ته هو پنهنجون اوتريون نيڪيون ان شخص کي موٽائي ڏيندو جيتري هن ساڻس زيادتي ڪئي هوندي، پر جيڪڏهن هن جي کاتي ۾ ڪا نيڪي هوندي ئي ڪانه ته پوءِ، سندس گناهن کي، ان شخص جي براين سان توريو ويندو جنهن کي هن تڪليف پهچائي هئي. اهڙيءَ طرح گناهن توڙي ثوابن مان جيڪو به وڌيڪ وزني ٿيو ته فيصلو انهيءَ مطابق ڪيو ويندو، ۽ پوءِ سڀئي ماڻهو نيڪ توڙي گناهگار پلصراط تان گذرندا جيڪا ترار کان به تِکي ۽ خطرناڪ هوندي ۽ ان جي هيٺان آڙاهه ٻريل هوندو، پر جيڪي نيڪ ۽ معصوم هوندا، اُهي ﷴ ﷺ جن جي قدمن سان پنهنجا قدم ملائيندا، شان ۽ مان سان بهشت جي دروازن تي پهچي ويندا ۽ جيڪي گنهگار هوندا اُهي ستن دوزخن مان پهرئين ۽ ڪجھ ماٺيڻي دوزخ ۾ وڃي ڪرندا. سزا جي ڪفاري ادا ڪرڻ جو وقت نـَو سؤ سالن کان ستن هزار سالن تائين هوندو، پر عظيم پيغمبر پنهنجن ماڻهن سان هڪ مانائتو واعدو ڪيو آهي ته جيڪي به سندس اُمتي آهن، پوءِ اُنهن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا به گناهه کڻي ڇو نه هجن، اُنهن کي سندن عقيدي ۽ سندن سفارش تي دوزخ جي باهه ۽ دائمي ذلت کان بچايو ويندو. هتي ممڪن آهي ته وهمن وسوسن جا پوئلڳ پنهنجي ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ تيز ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته انساني تصور، ايندڙ زندگي جي تصوير، سُکن ۽ نعمتن جي وسڪاري جي بجاءِ، ڏکن ۽ تڪليفن واري وڌيڪ محنت سان ٺاهي سگهندو. فقط ٻن عنصرن يعني انڌاري ۽ باهه سان اسان فقط درد جي احساس کي تخليق ڪري سگهون ٿا جيڪو خبر ناهي اڳتي هلي اڃا ڪيتري شدت ۽ سختي اختيار ڪندو. ڇاڪاڻ ته ان تڪليف جي مدت الائي ڪيتري ڊگهي ۽ اينگهائيندڙ هجي، ڪا خبر ڪانهي. پر ساڳيو تصور هتي مخالف رُخ ڏانهن ٿو وڃي يعني دائمي خوشيءَ ڏانهن، ۽ اسان جي خوشيءَ جي ان وقت ڪا حد ئي نٿي رهي جڏهن اسان کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي خوشخبري ملي ٿي يا وري براين جي ڀيٽ ڪرڻ سان شايد سڪون ملي ٿو. اها ڳالهه فطري آهي ته عرب جي رسول محبت جي خمار ۾ وڻن جي جهڳٽن، پاڻيءَ جي چشمن ۽ جنت جي ندين ۽ باغن جو ذڪر ڪيو هجي، پر رحمت جي پاڇن ۾ رهندڙ رهواسين کي همه آهنگي ۽ سائنس جي خوبين، هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ دوستي وڌائڻ جي طريقن بابت کين اتساهڻ جي بجاءِ ﷴ ﷺ جن، فقط هيرن، جواهرن، ريشمي پوشاڪن، شرابن، خوشين ۽ مسرتن، بيشمار نوڪرن ۽ خادمن، ۽ دنياوي خوشين ۽ عياشين جو ذڪر ڪري کين خوش ٿا ڪري ڇڏين، ۽ اُهي خوشيون، هن فاني زندگي جي ٿورڙي عرصي ۾ خود مالڪ کي به ڄڻ ڦِڪيون ۽ ٻاڙيون ٿيون لڳن. ٻاهتر حورون يا ڪارين ڪجلين اکين واريون دوشيزائون جن جو حسن تجلي ڏيندڙ هوندو، ڦوهه جواني هوندي، ڪنواريون هونديون ۽ منجهن شاندار نزاڪت نفاست هوندي، گهٽ ۾ گهٽ درجي واري مسلمان جي استعمال لاءِ به کين مهيا ڪيو ويندو، ۽ اهڙين خوشين ۽ مسرتن جو دؤر هزار سالن تائين هوندو ۽ سندس صلاحيتن کي سؤ حصا وڌيڪ وڌايو ويندو ته جيئن هو خوشين ۽ شادمانن جو ڀرپور حظ حاصل ڪري سگهي. انساني تعصب جي جذبن جي باوجود بهشت جا دروازا ٻنهي جِنسن يعني مردن ۽ عورتن لاءِ کوليا ويندا پر ﷴ ﷺ جن اها وضاحت نه ڪئي آهي ته چونڊيل عورت جو ساٿي مرد ڪير هوندو ته متان ان عورت جو اڳيون مڙس حسد ۽ ساڙ ۾ مبتلا نه ٿي وڃي يا وري سندن خوشي ۽ شادمانن ۾، دائمي شاديءَ جي شڪ ذريعي، خلل نه پيدا ٿي پوي. هن نفساني جنت جي تصور سبب ويراڳين سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پر جيڪي سنجيدا ۽ قابل ماڻهو آهن اُهي بغير ڪنهن شرمساريءَ جي قرآن جي لغوي ۽ لفظي معنيٰ جي تشريح ڪندي ٻڌائين ٿا ته جسم جو ٻيهر جيئرو ٿيڻ تيستائين فضول ۽ اجايو هوندو جيستائين ان سان لاڳاپيل سڀئي صلاحيتون پوريءَ طرح واپس نٿيون ٿين تنهن ڪري نفساني ۽ ذهني قوتن ۽ صلاحيتن جو ميلاپ ئي حقيقت ۾ هن ٻِيڻي جانور، جنهن کي انسان چَون ٿا، جي خوشين لاءِ بيحد ضروري آهي. وارو نه هوندو، ڇاڪاڻ ته اسلام جي پيغمبر صاف ۽ واضح لفظن ۾ چيو آهي ته جنت ۾ سڀ خراب خواهشون ترڪ ڪيون وينديون ۽ الله جا ٻانها ۽ شهيد ڪنهن به ڪِريل خوشيءَ جي خواهش نه ڪندا ۽ اهڙا ئي پاڪيزگي رکندڙ عقيدتمند الله جي خوبصورت جلون ۽ جنسار وارن هنڌن ۾ داخل ڪيا ويندا(110).

 (111) ۾ سندن احترام لائق گهر واري، سندن نوڪر، سندن شاگرد ۽ سندن دوست(112) شامل هيا جن اڳيان هنن پنهنجي پاڻ کي پيغمبر ڪري پيش ڪيو ۽ اُهي سڀئي ڇاڪاڻ ته کين وڌيڪ ويجها هيا ته کين پيغمبر جي طبيعت ۽ روزمرهه جي معمول جي سڄي خبر هئي. بيبي خديجه مٿن پورو ويساهه ڪندي هئي تنهن ڪري سندن پيغمبر ٿيڻ تي به هڪدم ايمان آندائين، زيد کين پيارو هو جن کي پاڻ آزاد ڪرايو هئائون، حضرت عليؓ، جيڪو حضرت ابوطالب جو پٽ هو، هڪدم اسلام قبولي ورتو، هو پيغمبر جو سئوٽ ۽ کين بيحد پيارو هو، ۽ حضرت ابوبڪرؓ پڻ بنا دير ﷴ ﷺ جن جو پيغام قبول ڪري مذهب ۾ داخل ٿي ويو، هو دولت، اعتدال پسندي ۽ پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ سبب مشهور هو ۽ کيس ﷴ ﷺ جن جو جانشين بنجڻو هو. سندس ئي ڪوششن ۽ قائل ڪرڻ تي مڪي جا ڏهه نهايت ئي معزز ماڻهو مذهب قبول ڪري اسلام جي خانگي درس تدريس ۾ شامل ٿي ويا، ۽ اُنهن دليلن ۽ جذبن جي آواز کي غور سان ٻڌو، هنن ايمان جي بنيادي نقطن کي دهرايو: ’الله فقط هڪ آهي ۽ ﷴ ﷺ ان جو رسول آهي- يعني اُنهن چيو:

لاالہ الا الله، محّمدُ الرّسول الله) ايمان قبول ڪرڻ کان پوءِ هن دنيا ۾ ئي کين قدرت طرفان وڏا انعام اڪرام ۽ وڏا رتبا نصيب ٿيا، ڪن کي فوجن جي ڪمان ملي ۽ ڪن کي وري ٻين بادشاهتن ۾ حڪومتن جي واڳ سونپي وئي. ٽن سالن تائين خاموشيءَ سان ماڻهن تائين پيغام پهچندو رهيو ۽ جن چوڏهن ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو، اُنهن جو هڪ ٻئي سان گهرو رابطو رهندو آيو، چوٿين سال ۾ پاڻ پيغمبري کي محدود حلقي مان ڪڍي کليل پرچار ڪرڻ طرف توجهه ڏنائون. شروعاتي مرحلي ۾ فقط پنهنجي خاندان کي دعوت ڏنائون ته جيئن خدائي روشني وٽن پهچي، هن سلسلي ۾ هڪ دعوت جو انتظام ڪيو ويو، هڪ گهَٽو ذبح ڪري، کير جو به انتظام ڪيو ويو ته جيئن بنو هاشم جي چاليهن مهمانن کي کارائڻ جو انتظام ٿي سگهي. ’دوستو ۽ منهنجا عزيزو‘،: ’آءٌ اوهان کي هڪ آڇ ڪريان ٿو ۽ فقط آءٌ ئي اوهان کي ڪجھ تحفن ڏيڻ جي آڇ ڪري سگهان ٿو، ۽ اُها آڇ هن دنيا توڙي ايندڙ وقت جي دنيا جا خزانا آهن جيڪي آءٌ اوهان کي آڇڻ چاهيان ٿو. الله تعاليٰ مون کي حڪم ڏنو آهي ته آءٌ اوهان کي سندس اطاعت ڪرڻ لاءِ سڏيان. اوهان منجهان ڪير آهي جيڪو هن بار کڻڻ ۾ مون سان همراهي ٿيندو؟ اوهان منجهان ڪير آهي جيڪو منهنجو ساٿي ٿيڻ چاهيندو ۽ منهنجو وزير ٿيندو(113)؟، ڪٿان به جڏهن ڪو جواب نه آيو ته حيرت، شڪ ۽ نفرت جهڙي هن خاموشيءَ کي حضرت عليؓ جي جرئت وڃي ٽوڙيو جيڪو ان وقت صرف چوڏهن سالن جي عمر جو نوجوان هو. ’اي پيغمبر! آءٌ جو توهان سان گڏ آهيان، جيڪو به اوهان جي خلاف اٿندو، آءٌ ان جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس، ان جون اکيون ڪڍي ڇڏيندس، ان جون ٽنگون ڀڃيندس ۽ سندس پيٽ ڦاڙي ڇڏيندس. اي پيغمبر هنن جي بجاءِ آءٌ ئي اوهان جو وزير ٿيندس‘. ﷴ ﷺ جن خوشي مان حضرت عليؓ جي آڇ قبولي ۽ ابوطالب تي زور ڀريو ويو ته هو پنهنجي پٽ جي عزت، عظمت ۽ جرئت جي پاسداري ڪري جنهن جو هن وڏي بهادريءَ سان مظاهرو ڪيو هو. پر سختيءَ جو مظاهرو ڪندي حضرت عليؓ جي پيءُ پنهنجي ڀائيٽي کي تنبيهه ڪندي چيو ته هو پنهنجي غير منطقي ۽ عمل ۾ نه ايندڙ پروگرام کي ختم ڪري ڇڏي. ’جيڪڏهن هو سج منهنجي ساڄي هٿ تي آڻي رکن ۽ چنڊ کاٻي هٿ تي، تڏهن به هو مون کي سچ ۽ حق جي تبليغ ڪرڻ کان روڪي نه سگهندا‘. پاڻ ڏهن سالن تائين ماڻهن تائين اسلام ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت پهچائيندا رهيا ۽ سندن مذهب اوڀر توڙي اولهه جي ملڪن ۾ ڦهلجي ويو، اها ٻي ڳالهه آهي ته خود مڪي ۾ ان جو ڦهلاءُ ڪافي سُست رهيو. بهرحال ﷴ ﷺ جن کي خوشي ۽ اطمينان هيو ته هڪ الله کي مڃيندڙن جا اجتماع ٿيندا رهيا ۽ ڪاميابيون به ملنديون رهيون. اسلام ۾ داخل ٿيندڙ، پيغمبر سان بيحد عقيدت رکندا هيا ۽ اُنهن جو پُرخلوص احترام ڪندا هيا ۽ اُهي ئي نوان داخل ٿيندڙ قرآن مان به رهبري حاصل ڪندا رهندا هيا. اسلام قبول ڪندڙن جي تعداد مان(*) ٽياسي مرد ۽ اسي عورتون مڪي مان غير حاضر ٿي ويون ڇاڪاڻ ته انهن کي ستين سال ۾ حبش ڏانهن هجرت ڪرڻي پئي،  حمزو اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ خطرناڪ ۽ هٺيلو عُمر (حضرت عمرؓ) به مذهب جي دائري ۾ اچي ويو، ۽ هن اچڻ شرط ئي اسلام جي واڌاري لاءِ ساڳيو جوش جذبو ڏيکاريو جيڪو اڳ هن، انجي تباهه ڪرڻ لاءِ ڏيکاريو هو.  يا مڪي جي شهر تائين محدود نه هئي، پر جيڪي مقدس موقعا يا گڏجاڻيون ٿينديون هيون يا حج جو موقعو ايندو هو ته پيغمبر پاڻ ڪيئي ڀيرا ڪعبي ۾ ويندا هيا، هر قبيلي ۽ هر قوم جي ماڻهن سان آمهون سامهون ٿيندا هيا، ۽ خانگي ملاقات توڙي عوامي ميڙن ۾ هو ماڻهن کي هڪ ۽ واحد خدا کي مڃڻ ۽ ان جي عبادت ڪرڻ جي تلقين ۽ تبليغ ڪندا هيا. پاڻ پنهنجن اثرائتن دليلن کان چڱيءَ طرح واقف هيا، پر تنهن هوندي به هنن ضمير جي آزاديءَ لاءِ زور ڀريو ۽ مذهب جي پرچار ڪرڻ لاءِ زور زبردستيءَ جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي(114)، پر عربن کي پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ وندرائڻ واري لهجي ۾ کين ياد ڏياريو ته هو عاد ۽ ثمود جي قديم بت پرستن کي ياد ڪن جن کي ربي انصاف واري فيصلي ذريعي زمين تان سندن نالي نشان کي به مٽايو ويو هو(115).

مڪي جا ماڻهو پنهنجي ڪفر ۾ سخت هٺيلا ۽ وهمن وسوسن ۾ اعتبار ڪندا هيا. شهر جي وڏڙن توڙي پيغمبر جي چاچن ماڻهن کي اهو تاثر ڏنو هو ته هو هڪ يتيم جي مذهبي ارادن کان بُڇان ڪندڙ هيا، اُهو يتيم جيڪو سندن ملڪ جو سماج سڌارڪ ۽ قانون ساز بنجي آيو هو، ﷴ ﷺ جن جي ڪعبي ۾ تقريرن جو جواب سندن چاچو ابوطالب ڏيندو هو، ’مڪي جا رهواسيو ۽ حجاج صاحبان! جيڪو اوهان کي هِرکائي ٿو ان کي نه ٻڌو، ۽ هو جيڪي لادينيت وارا گفتا ڪڍي ٿو انهن تي ڌيان ئي نه ڌريو؛ بس اوهان فقط ’لات‘ ۽ ’عُزا‘ جي عبادت ڪندا رهو‘. ان جي باوجود عبدالله جو پٽ پنهنجي پيرسن چاچي کي ڏاڍو پيارو هو ۽ هو پنهنجي ڀائيٽي جي ذات توڙي سندن شهرت کي قريش جي دشمني کان بچائيندو رهيو، جيڪي هونئن ئي بنو هاشم جي خانداني عظمت سان حسد ڪندا هيا. مذهب جي آڙ ۾ سندن ڪدورتون اڃا وڌي ويون هيون، حضرت ايوبؑ جي وقت ۾، لادينيت جي ڏوهه تي عرب مئجسٽريٽ طرفان سزا ڏني ويندي هئي(116)، ۽ ﷴ ﷺ جن جو ڏوهه اهو هو ته سندن قومي ديوتائن جي اهميت کي ختم ڪندي کين برباد ڪيو ويو هو. پر مڪي وارن جي هلت چلت ايڏي ته اڍنگي هئي جو پنهنجي مجرم تي الزام هڻڻ بجاءِ هنن کين قائل ڪرڻ يا وري زور آزمائڻ جو طريقو اختيار ڪيو هو. هنن ابوطالب سان مخاطب ٿيندي پهريون کيس طعنا ۽ مهڻا ڏنا ۽ پوءِ کيس ڌمڪيون ڏنائون. ’تنهنجو ڀائٽيو اسان جي مذهب کي بُرو ٿو چوي ۽ ان خلاف ڳالهائي ٿو، هو اسان جي داناءَ ابن ڏاڏن کي به جاهل يا غلطي تي سمجهي ٿو، کيس جلدي خاموش ڪري ڇڏ ان کان اڳ ۾ جو مبادا سڄي شهر ۾ فساد ۽ جهڳڙن جي باهه ڀڙڪي اُٿي. پر جيڪڏهن روڪڻ جي باوجود به هو نٿو مُڙي ۽ پنهنجي تبليغ کي جاري ٿو رکي ته اسان پنهنجون ترارون سندس خلاف ۽ ان جي حمايتين خلاف مياڻن مان ڪڍنداسون، ۽ پوءِ تون ئي پنهنجي شهر جي عزيزن ۽ ڀائرن جي رت وهائڻ جو ذميوار هوندين. پر حضرت ابوطالب جي شهر ۾ هڪ وڏي ۽ مانائتي حيثيت هئي ۽ ٻيو ته سندس اعتدال پسنديءَ سبب شهر ۾ مذهبي خون خرابيءَ جو خطرو ٽري ويو؛ پر جيڪي ڪمزور قسم جا مسلمان هيا اُهي سڀئي حبش ڏانهن هجرت ڪري هليا ويا ۽ هاڻي پيغمبر پاڻ کي اُنهن هنڌن تي منتقل ڪيو جتي کين وڌيڪ تقويت ۽ طاقت جو سهارو مليو. جيئن ته کين اڃا تائين پنهنجي خاندان جي حمايت حاصل هئي، ته قريشن جي باقي بچيل سڀني قبيلن گڏجي فيصلو ڪيو ته هاشمي خاندان سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان وٺي هر قسم جي رابطي کي ختم ڪيو ويندو؛ نه اُنهن کي ڪا شيءَ وڪري ۾ ڏبي ۽ نه اُنهن کان ڪجھ خريد ڪيو ويندو؛ نه اُنهن مان ڪا شادي ڪبي ۽ نه وري اُنهن ۾ ٻيو ڪو سڱ ڪندو، ۽ ساڻن دشمني جي فضا کي تيستائين وڌيڪ سخت ۽ تيز ڪيو ويندو،  فيصو صادر ڪن. انهن فيصلن کي لکي ڪعبي جي ديوارن تي ٽنگيو ويو(*) جنهن ۾ سندن سڀئي وڏڙا ۽ بزرگ موجود هيا؛ ۽ هاڻي قريشن جي ماڻهن آفريڪا ۾ وڃي مسلمانن جو پيڇو ڪيو، هنن پيغمبر جو گهيرو ڪيو ته ساڳي وقت سندن جانثار مسلمانن تي به حملا ڪيا، سندن پاڻي بند ڪيو ويو، ۽ پنهنجي دشمنيءَ کي ان حد تائين وڌايائون جو سندن سخت بيعزتيون ڪرڻ ۽ ساڻن وڙهڻ لڳا. ان دوران ڌرين جي وچ ۾ هڪ عارضي امن قائم ڪرڻ جو معاهدو وجود ۾ آيو ۽ ظاهري طرح ميل ميلاپ واري فضا قائم ٿي وئي، پر اوچتو حضرت ابوطالب گذاري ويو ۽ ﷴ ﷺ جن کي قريشن جي دشمني جي حوالي اهڙي وقت ڪري ويو جڏهن سندن وفادار گهر واري ۽ سخي عورت بيبي خديجه به لاڏاڻو ڪري وئي هئي. ابو سفيان جيڪو اُميه خاندان جو سردار هو، مڪي شهر جي هڪ سرڪاري عهدي تي وڃي ويٺو. هو ديوتائن جو وڏي ۾ وڏو ۽ جوشيلو شيدائي، ۽ بنو هاشم قبيلي جو جاني دشمن هو، هن قريش جي سڀني قبيلن ۽ سندن اتحادين جو هڪ وڏو اجلاس سڏرايو ته جيئن پيغمبر جي باري ۾ ڪو آخري فيصلو ڪري سگهن. يڪراءِ ٿي اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن کين قيد ڪيو ويندو ته مبادا ڪن قبيلن جا جذبات ڀڙڪي اُٿن، ۽ جيڪڏهن کين جلاوطن ڪيو ويو مبادا هو پنهنجن اثرائتن لفظن ذريعي ماڻهن کي قائل ڪري وڃي ۽ عربستان جي صوبن ۾ نوان فتنا نه شروع ٿي وڃن. تنهن ڪري مٿي ذڪر ڪيل تجويزن کي رد ڪندي فقط کين مارڻ ۽ هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هر قبيلي طرفان هڪ ترار يا خنجر سندن سيني ۾ لاٿو ويندو ته جيئن سندن خون جي ڏوهه کي قبيلن ۾ ورهائي سگهجي ۽ ساڳي وقت هاشمي خاندان جي انتقام وٺڻ کي به هو ڌوڪو ڏئي ويندا ته خبر ناهي ته ڪنهن جي ترار يا خنجر سان سندن موت ٿيو هو. فرشتي يا وري ڪنهن همدرد ان موتمار سازش جي خبر کين پهچائي ڇڏي تنهن ڪري (117). رات جي انڌاري ۾ پنهنجي ساٿي حضرت ابوبڪرؓ سان گڏجي خاموشيءَ سان پنهنجي گهران نڪتا، قاتلن جي دروازي تي نظر هئي، پر کين حيرت لڳي جڏهن پيغمبر جي جڳهه تي کين حضرت عليؓ جن نظر آيا. جيڪي پنهنجي بستري تي ستل هيا ۽ ﷴ ﷺ جن جي سائي چادر کين ويڙهيل هئي. قريش هن نوجوان جي نيڪين کان متاثر هيا ۽ سندس عزت ڪندا هيا، پر حضرت عليؓ جا ڪجھ شعر جيڪي هن وقت تائين موجود آهن، اُهي سندس انتظار جي ڪيفيت، سندس نانڪ مزاجي ۽ سندس مذهبي اعتماد ۽ ڪامل يقين جي منظر ڪشي ڪن ٿا.  تائين غار ثور ۾ لڪل رهيا، جيڪا مڪي کان فقط ٽن ميلن جي مفاصلي تي هئي ۽ هر شام جو حضرت ابوبڪرؓ جو پٽ ۽ سندس نياڻي کاڌي پهچائڻ سان گڏ کين مڪي وارن جون خبرون چارون به پيا پهچائيندا هيا. قريش هر طرف ڳولا ۾ لڳي ويا ۽ مڪي شهر جي اوسي پاسي هر ان جڳهه تي ويا جتي کين پيغمبر جي هئڻ جو شڪ هو. نيٺ هو غار ثور جي لنگهه تائين به پهتا پر الله جي حڪم سان غار جي مُهڙ وٽ ڪوريئڙي پنهنجو ڄار ٺاهي ڇڏيو هو ته ساڳي وقت ڪبوتر جو آکيرو به ٺهيل هو، اهو منظر ڏسي قريشن کي يقين ٿي ويو ته غار جي اندر ڪوبه موجود ڪونه هو. ’اسان فقط ٻه آهيون‘، حضرت ابوبڪرؓ ڪجهه پريشان ٿيندي چيو. ’ٽيون به اسان سان گڏ آهي‘، پيغمبر اعتماد سان وراڻيو، ’۽ اُهو ٽيون الله پاڪ خود آهي جيڪو اسان وٽ موجود ۽ اسان سان گڏ آهي‘. جيئن ئي قريش هليا ويا ته ٻئي غار مان نڪتا ۽ پنهنجن اُٺن تي سوار ٿيا، مديني ڏانهن ويندي، کين قريشن پاران موڪليل ماڻهن رستي تي اچي ورايو. پاڻ ٻيهر دعا گهريائون ۽ معجزاتي طور بچي ويا. هن اهم موقعي تي عربن جو هڪ نيزو شايد تاريخ جي رخ کي تبديل ڪري ڇڏي ها. اسلام جي پيغمبر جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت کي هجري سال قرار ڏنو ويو(118)، جيڪو ٻارهن صدين گذرڻ جي خاتمي تي به دنيا جي مسلمانن طرفان اسلامي يا چنڊ جي سال طور سڃاتو وڃي ٿو(119).

اسلام جو نئون مذهب شايد شروعات ۾ ئي ختم ٿي وڃي ها جيڪڏهن مدينو پوري عقيدت ۽ احترام سان مڪي وارن کي محبت وارا ڀاڪر پائي پنهنجو نه ڪري ها. مدينو يا شهر، جيڪو اڳ يثرب جي نالي سان مشهور هو پر پيغمبر جي داخل ٿيڻ شرط اهو شهر مديني جي نالي سان سڏجڻ لڳو، خزرج ۽ اؤس جي قبيلن ۾ ورهايل هو جن جا هڪ ٻئي سان موروثي جهيڙا جهڳڙا هلندا ٿي آيا ۽ اُهي ٿورين ٿورين ڳالهين تان ٻيهر ڀڙڪي ٿي اٿيا. يهودين جون ٻه ڪالونيون، جن پاڻ کي مشائخن جي ذات يا طبقي سان ظاهر ڪري فخر ٿي ڪيو، دراصل سندن اتحادي هيون، ۽ عربن کي پنهنجي مذهب ڏانهن بدلائڻ جي بجاءِ، هنن مذهب ۽ سائنس جي تعليم کي پاڻ ۾ ملايو جنهن مديني کي ڪتاب جي شهر جي صورت ۾ پيش ڪري نمايان ڪري ڇڏيو. مديني جا ڪيترائي معزز شهري ڪعبي ڏانهن حج جي ارادي سان ويندي ﷴ ﷺ جن جي تبليغ ڪرڻ سان مسلمان ٿي ويا هيا، پنهنجي واپسيءَ تي هنن به تبليغ شروع ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو نئين مذهب ۾ داخل ٿي ويا ۽ ساڻن لاڳاپيل ٻين ماڻهن رات جي وقت مڪي جي ڀرسان هڪ ننڍي شهر جي پهاڙ تي چڙهي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري ڪجھ مخفي معاهدا ڪري ڇڏيا. پهرئين معاهدي ۾ خزرج قبيلي جي ڏهن ۽ اؤس جي ٻن ماڻهن خلوص مان نئين عقيدي کي قبول ڪيو ۽ احتجاج(*) ڪيائون ته سندن زالون، سندن ٻار ۽ سندن برادريءَ جا بيشمار ماڻهو غير حاضر هيا ۽ اُهي به هجن ها ته بنا دير اسلام قبول ڪن ها، پر هو واعدو ڪن ٿا ته هو هميشه واسطي قرآن جي فرمانن جي پابندي ڪندا رهندا. ٻيو معاهدو هڪ سياسي تنظيم بابت هو جيڪو مسلمانن جي شهنشاهت جو هڪ بنيادي ۽ طاقتور مرحلو هو(120). مديني جي ٽيهتر مردن ۽ ٻن عورتن، ﷴ ﷺ، سندن عزيزن ۽ ٻين پوئلڳن سان نيڪ نيتي واري هڪ باضابطه گڏجاڻي ڪئي ۽ هڪ ٻئي سان وفادار رهڻ جا قسم کنيا ويا. هنن پنهنجي شهر جو قسم کڻي واعدو ڪيو ته، جيڪڏهن خدا نخواسته ﷴ ﷺ جن کي شهر بدر ڪيو وڃي ته هو سندن اتحادي جي حيثيت ۾ سندن پُرجوش آڌرڀاءُ ڪندا، پنهنجي رهبر جي حيثيت ۾ سندن هر حڪم مڃيندا، ۽ آخري حد تائين وڃي به سندن اهڙيءَ طرح حفاظت ڪندا جيئن هو پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي ڪندا آهن. ’پر جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي ملڪ وارا واپس پاڻ وٽ گهرائي ٿا وٺن‘، اُنهن پيغمبر سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي پر ڪجھ فڪرمند ٿيندي کانئُن پڇيو، ’ته توهان پنهنجن نوَن اتحادين کي ڇڏي ته نه ويندا؟‘، ’سڀ ڳالهيون‘، مرڪندي ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن وراڻيو، ’اسان ۾ هاڻي گڏيل آهن، توهان جو رت، منهنجو رت آهي، توهان جي بربادي منهنجي بربادي آهي. اسان هاڻي هڪ ٻئي سان عزت، وقار ۽ ساڳين راهُن جي رشتن ۾ جڪڙجي چڪا آهيون. مان اوهان جو دوست آهيان ۽ اوهان جي دشمنن جو دشمن آهيان‘. ’پر جيڪڏهن اسان اوهان جي خدمت ڪندي مري وڃون‘، مديني جي معزز ماڻهن تعجب مان پڇيو، ’ته پوءِ اسان جي لاءِ ڪهڙو معاوضو يا انعام هوندو؟‘ ’جنت‘، پيغمبر وراڻيو. ’اوهان پنهنجا هٿ اڳتي وڌايو‘. پاڻ پنهنجا هٿ اڳتي وڌايائون ۽ اُتي موجود مديني جي سڀني ماڻهن وفاداري ۽ فرمانبرداريءَ جو قسم کنيو. هن معاهدي جي عام ماڻهن طرفان به پٺڀرائي ڪئي وئي ۽ اُنهن وڏي تعداد ۾ اسلام قبول ڪري ورتو، هنن پيغمبر جي جلاوطني کي الله طرفان بهتري سمجهندي ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو پر ساڳئي وقت سندن سلامتيءَ جو به کين فڪر لڳل هيو ۽ بي صبريءَ مان سندن واپسيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا. سمنڊ جي ڪنارن سان تڪڙي ۽ خطرناڪ مسافري ڪندي پاڻ قبا وٽ رُڪيا جيڪو هنڌ شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي هيو، ۽ مڪي کان هجرت ڪرڻ کان سورهن ڏينهن پوءِ مديني ۾ وڏي شان سان داخل ٿيا. مديني جي پنج سؤ معزز شهرين اڳتي وڃي سندن آڌرڀاءُ ڪيو، عقيدت ۽ محبت مان کين مرحبا چيو؛ شهر پهچڻ تي ماڻهن تاڙيون وڄائي ۽ شادمانا ڪندي سندن پرجوش آجيان ۽ استقبال ڪيو ۽ کين پنهنجي عقيدت ۽ وفادارين جو يقين ڏياريو، ﷴ ﷺ جن ڏاچيءَ تي سوار هيا، سندن مٿي تي هڪ ڇٽيءَ ذريعي ڇانوَ ڪئي وئي هئي، ۽ جهنڊي جي ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ، سندن آڏو هڪ پَٽڪو کولي رکيو ويو هو. سندن بهادر جانثار، جيڪي طوفان لڳڻ ڪري هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويا هيا، هڪدم گڏ ٿي ويا ۽ پيغمبرؑ آڏو پنهنجي محبت ۽ عقيدت جا نذرانا پيش ڪرڻ لڳا ۽ مهاجرن توڙي انصارن ۽ مديني جي ٻين طبقن پڻ مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي خوشي ۽ جانثاريءَ جو اظهار ڪيو. مهاجر ۽ انصار ۾ ڪنهن به حسد جي امڪان کي ختم ڪندي ﷴ ﷺ جن وڏي دانشمنديءَ سان پنهنجن خاص معتقدن کي جوڙن ۾ ورهائي ڇڏيو جنهن ۾ ڀائرن جي حقن ۽ اُنهن جي فرضن جو هر لحاظ سان تحفظ ڪيو ويو ۽ جڏهن حضرت عليؓ بغير ڪنهن ساٿيءَ جي پاڻ کي اڪيلو ڏٺو ته اسلام جي پيغمبرؓ نرمي ۽ شفقت سان اعلان ڪيو ته هو پاڻ هن باوقار نوجوان جو ساٿي ۽ ڀاءُ هوندو. ڀائري جي هن سرشتي قائم ڪرڻ ۾ مسلمانن کي بيحد ڪاميابي ٿي، ۽ هيءَ نئين برادري امن توڙي جنگ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهي ۽ ٻئي ڌريون جرئت، وفاداري ۽ فرض شناسي ۾ هڪ ٻئي سان صحتمند مقابلي ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويون. فقط هڪ ڀيرو اهڙي اتحاد کي هڪ اتفاقي جهڳڙي سبب ٿورو جهٽڪو لڳو هو جنهن ۾ مديني جي هڪ شخص، ڪجھ ڌارين تي گستاخي جو الزام لڳايو هو، پر سندن نيڪاليءَ جي اشاري کي نفرت جي نظر سان ڏٺو ويو ۽ سندس پٽ پيغمبرؑ جي پيرن ۾ وڃي ڪريو ۽ پنهنجي پيءُ جي سِرَ حاضر ڪرڻ جي آڇ ڪيائين.

مديني ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ ﷴ ﷺ جن شاهي ۽ حڪمراني طريقي سان رهڻ لڳا، ۽ ان عظيم شخص کي عرض يا اپيل ڪرڻ لادينيت وارو ڪم هو جيڪو اهڙو جج هو جنهن جا فرمان خدائي مرضي ۽ ڏاهپ سان لاڳاپيل هوندا هيا. پيغمبرؑ هڪڙو زمين جو ننڍو ٽڪرو هٿ ڪيو جيڪو يا ته کين تحفي ۾ ڏنو ويو هو يا وري شايد پاڻ خريد ڪيو هئائون(121)، انهيءَ زمين تي پاڻ پنهنجو گهر ۽ هڪ مسجد تعمير ڪرايائون، پر سادگيءَ مان ٺهيل اهي عمارتون، اسيريا جي خليفن جي وڏن محلن ۽ مندرن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ شانائتيون هيون. سون يا چانديءَ مان ٺهرايل سندن مُهر تي پيغمبر جو لقب نقش ڪرايو ويو هو، جڏهن هو نماز پڙهندا هيا يا جمعي جي نماز تي خطبو ڏيندا هيا ته هو تاڙيءَ جي وڻ جي ٿُڙ طرف جهڪي بيهندا هيا، ۽ اهو ڪافي بعد ۾ ٿيو جو پاڻ ممبر تي ويهڻ لڳا ۽ کَهُري ڪاٺ جي ڪرسي جو استعمال ڪرڻ لڳا(122). ڇهن سالن کان پوءِ پندرهن سؤ مسلمانن جن وٽ هٿيار هيا ۽ جنگ جي ميدان تي وڃڻ لاءِ پڻ تيار بيٺا هيا، پنهنجي وفاداري ۽ فرض شناسيءَ جو قسم کنيو ۽ پيغمبرؑ پنهنجي طرفان کين مڪمل حفاظت جو يقين ڏياريو ۽ اهو اتحاد جو سلسلو ٻي ڌر جي آخري ماڻهوءَ جي مرڻ تائين هليو. ساڳي جڳهه تي مڪي جي هڪ منهندار کي ان ڳالهه تي بنهه حيرت وٺي وئي ته ﷴ ﷺ جن جي هر ڳالهه ۽ هر اشاري تي ڪيئن نه سندن عقيدتمندن لبيڪ ٿي چيو ۽ ڪيئن اُنهن سندن ٿُڪ اڇلائڻ توڙي وارَ هيٺ ڪرڻ کي پاڻ وٽ هٿيڪو يا وري سندن پاڪائيءَ واري پاڻي کي پاڻ وٽ جمع ٿي ڪيو، ڄڻ اُنهن خود پيغمبري وصفن ۾ پاڻ شرڪت ٿي ڪئي. عقيدت جو اهو لقاءُ ڏسي مُنهندار چيو: ’مون فارس جا خسرو ۽ روم جا قيصر ڏٺا آهن پر مون پنهنجي ڄمار ۾ سندن رعيت جي ماڻهن ۾ اهڙي ڪنهن بادشاهه کي ائين نه ڏٺو آهي جيئن مون ﷴ ﷺ جن کي پنهنجن ساٿين ۽ عقيدتمندن ۾ ڏٺو آهي‘. جيڪي سندن جانثار آهن، اُنهن جي جوش ۽ عقيدت ۾ خلوص ۽ سچائي آهي پر منجهن محلن ۾ رهندڙن جي ذلت واري مصنوعي خوشامد هرگز موجود ناهي.

هر ماڻهوءَ کي اهو فطري حق آهي ته پنهنجي حفاظت ڪري، ضرورت پوڻ تي پنهنجي حفاظت لاءِ زور آزمائي يا هٿيارن جو استعمال ڪري ته جيئن پاڻ کي توڙي پنهنجي مال ملڪيت کي بچائي سگهي ۽ پنهنجن دشمن کي ٻاهر ڌِڪي ۽ تڙي ڇڏي يا کين حملي ڪرڻ کان روڪي ۽ اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي اطمينان مطابق ڀلي پنهنجي دشمنيءَ جي دائري کي به وڌائي ۽ غير جي دشمنيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي. عربن جي آزاد معاشري ۾، رعيت توڙي شهرين طرفان دشمن خلاف ڪمزور دفاع ڪيو ويندو هو، ۽ ﷴ ﷺ جن جڏهن امن ۽  ڀائيچاري جي مقصدن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هيا ته عين ان وقت ساڻن زيادتي ۽ ناانصافي ڪندي سندن ئي ملڪ جي ماڻهن کين ملڪ بدري لاءِ مجبور ڪيو. خودمختيار ماڻهن جي مرضيءَ مطابق مڪي مان هجرت ڪندڙ کي مديني ۾ حاڪم بڻايو ويو هو ۽ کين پورا اختيار ڏنا ويا هيا ته ماڻهن يا قومن سان اتحاد قائم ڪري ته جيئن بچاءَ توڙي اڳرائيءَ وارين جنگين ۾ شريڪ ٿي سگهجي. انساني حقن جي اڻپورائيءَ کي خدائي طاقت جي زياده مقدار اڃا اڳڀرو ڪري ڇڏيو هو. مديني جي پيغمبر، شايد پنهنجي وحي جي نوَن پيغامن ذريعي پنهنجي روَيي کي تمام سخت ڪري ڇڏيو هو. (123) ائين ٿي لڳو ته ڄڻ الله پاڪ طرفان کين حڪم ڪيو ويو هو ته هاڻي کين پنهنجي مذهب جو پرچار ترار ذريعي ڪرڻو هو، بت پرستي جي منارن کي تباهه ڪرڻو هو ۽ لامذهب قومن سان جهاد ڪرڻو هو. جنهن ۾ جيڪڏهن مخالفن طرفان ڪجهه مقدس ڏينهن ۽ مهينن ۾ به جنگ جاري رکي وئي ته انجو ته ڀرپور مقابلو ڪرڻو هو. قرآن، انجيل جي پهرين پنجن ڪتابن ۽ خود انجيل جي مصنف موجب، جهاد جي مثالن ۽ فرمانن سان ڀريو پيو آهي. پر انجيل جو نرم لهجو شايد مشڪوڪ تحرير جي وضاحت ڪري سگهي ته زمين جي خطي تي امن امان حضرت عيسيٰؑ جي ڪري نه پر ترار جي طاقت ذريعي آيو هو. سندس صبر ۽ نرمائي جي پروقار ڪردار کي بادشاهن ۽ پادرين جي اَسهپ وارن جنوني روَين سان هرگز نه ملايو وڃي جن سندس پوئلڳن جي نالي کي به بيعزتو ڪري ڇڏيو آهي. جنگ جي سلسلي ۾ حضرت ﷴ ﷺ جن جو مثال ڪافي مناسبت سان حضرت موسيٰؑ جي ججن ۽ اسرائيل جي بادشاهن سان ٿو وڃي ملي. يهودين جا فوجي قانون عرب جي قانونساز جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت آهن(124). اهڙيءَ طرح ڪنعان جي ستن قومن کي تباهه ڪيو ويو هو، نه سندن پڇتاءُ ۽ نه اُنهن طرفان مذهب تبديل ڪرڻ جي قرباني ڏيڻ کين ڪم اچي سگهي هئي يا سندن بچاءُ ڪري سگهي هئي ڇو ته هنن عزم ڪيو هو ته جتي جتي سندن حڪم انحرافي ڪئي وئي هئي، اُنهن سڀني مان ڪنهن هڪ کي به زنده نه ڇڏيو ويندو. پر ان جي مقابلي ۾ حضرت ﷴ ﷺ جن جي دشمنن کي پنهنجي مرضيءَ جا موقعا ڏنا ويا هيا. مثال طور دوستي، آڻ مڃڻ يا پوءِ جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. جيڪڏهن هنن اسلام قبول ڪيو ته پوءِ کين خودبخود اُهي دنياوي توڙي روحاني فائدا ملي ويندا هيا جيڪي پراڻن مسلمانن کي حاصل هيا ۽ اُهي به پوءِ ساڳئي جهنڊي هيٺ هلندا هيا ته جيئن ان مذهب کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهن جيڪو اُنهن اختيار ڪيو هو. اسلام جي پيغمبر جي رحمدلي يا نرمي مثالي هوندي هئي ۽ اهڙو ڪوبه مثال نٿو ملي جو پاڻ ڪنهن ڪمزور دشمن تي ڪڏهن به ڪو وار ڪيو هوندو، پر اهو واعدو ڪندا هيا ته مخالفن مان جيڪڏهن ڪو جزيو (ٽئڪس) ادا ڪري ٿو ته جيڪي گهٽ ۾ گهٽ قصور وار هوندا، اُنهن کي سندن مذهب مطابق عبادت به ڪرڻ ڏني ويندي. سندن حڪومت جي پهرئين مهيني ۾ پيغمبرؑ مقدس جنگ جي سبقن جي مشق ڪئي ۽ پنهنجي اڇي جهنڊي کي مديني جي گيٽن وٽ ڦڙڪايو، بهادر پيغمبرؑ نوَن جنگين ۽ گهيرن ۾(125) پاڻ پنهنجي سر حصو ورتو ۽ فقط ڏهن سالن جي عرصي ۾ پنجاهه وڏا معرڪا پاڻ يا وري سندن ٻين ساٿين طرفان طئي ڪيا ويا. عربن، اسلام کان اڳ واپار ۽ ڦُرلُٽ جي ڪاروبار کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو هو، ۽ سندن ننڍا سير سفر، جيڪي پنهنجي حفاظت يا وري قافلن کي لُٽڻ لاءِ ڪيا ويندا هيا، اُهي اندروني طور ڄڻ پنهنجي فوجن کي سڄي عربستان کي فتح ڪرڻ جي تياري ڪرائڻ لاءِ ڪيا ويندا هيا. پر اسلام جي پيغمبر مالِ غنيمت کي خدائي قانون(126) موجب ورهائڻ تي زور ڏنو، پهريون ته ان کي هڪڙي جڳهه تي ڪٺو ڪيو ويندو هو، سون ۽ چانديءَ جو پنجون حصو، قيدي ۽ چوپايو مال منتقل يا غير منتقل ڪرڻ واري ملڪيت پيغمبرؑ طرفان خاص طور نيڪ، پرهيزگارن ۽ خيراتي ڪمن واسطي رکي ويندي هئي باقي بچيل مال زر هڪ جيترائي جي حساب سان اُنهن مجاهدن ۽ فوجين ۾ ورهايو ويندو هو جن دشمنن خلاف فتح حاصل ڪئي هئي، يا وري شهر جو بچاءُ ڪيو هئائون، جيڪي شهيد ٿيا هيا، اُنهن جو معاوضو سندن بيواهن يا يتيمن کي ڏنو ويندو هو، ۽ گهوڙيسوار فوج کي گهوڙن ۽ ماڻهن جو ٻيڻو حصو ڏئي همٿايو ويندو هو. رُلندڙ ڀٽڪندڙ عربن کي هر طرف کان مذهب ۽ جنگين جي مالِ غنيمت طرف لالچايو ويندو هو، پيغمبرؑ جنگ ۾ قيد ٿيل عورتن کي مسلمانن جي زالن بنجڻ لاءِ مذهب ۾ اهڙي گنجائش رکي ڇڏي هئي، ۽ دولت ۽ حسن(*) جا مزا ماڻڻ جي مسلمانن کي هن دنيا ۾ ضرورت ڪانه هئي ڇاڪاڻ ته سندن مذهب جي تعليم مطابق جنگ ۾ شهيد ٿيل مجاهدن لاءِ ٻي دنيا ۾ بهشت موجود هو جتي کين هر شيءِ ميسر ڪري ڏني ويندي. ’ترار‘، حضرت ﷴ ﷺ جن فرمائن ٿا، جنت يا دوزخ جي ڪُنجي آهي، الله جي راهه ۾ رت جو وهايل هڪ قطرو يا هڪ رات به سندس خوشنوديءَ خاطر جيڪا جنگ ۾ گذارجي ٿي، اهي ٻئي اعزاز ٻن مهينن جي روزن ۽ نمازن کان وڌيڪ افضل آهن، ۽ جيڪو به جنگ ۾ شهيد ٿئي ٿو، ان جا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا، ۽ قيامت جي ڏينهن سندس زخم سُندور جيان ڳاڙها ۽ سهڻا لڳندا ۽ مُشڪ وانگر خوشبودار هوندا ۽ جيڪي به سندس عضوا جنگ ۾ شهيد ڪيا ويا هوندا، اُنهن جي جڳهه تي کين فرشتن ۽ پرين جا پر لڳايا ويندا.‘ عربن جي بهادريءَ واري روح ۾ ڄڻ عقيدت ۽ جذبن جي باهه ڀڙڪيل هئي، اڻ ڏٺل دنيا جي تصوير بيحد خوبصورتيءَ سان سندن ذهنن تي اُڪريل هئي، ۽ موت، جنهن کان سدائين هو نفرت ڪندا رهندا هيا يا ان کي ڪا اهميت ئي نه ڏيندا هيا، هاڻي سندن خواهش ۽ اُميد جو ڪرڻو بڻجي ويو. قرآن صاف لفظن ۾ ايمان يا مقدر جي ڳالهين بابت واضح اصول بيان ڪيا آهن پوءِ جيڪڏهن اُنهن اصولن جي بجاءِ اندازي لڳائڻ واري ايمان تي عمل ڪيو ويندو ته پوءِ سڀ چڱا عمل به ضايع ٿي ويندا. پر ان جي باوجود اُنهن جو اثر هر دؤر ۾ وڏو رهيو آهي، جنهن باعث عرب توڙي ترڪ مسلمانن جي همت ۽ بهادري مٿانهين رهي آهي. حضرت ﷴ ﷺ جن جا پهريان ساٿي بنا خوف خطري جي ۽ وڏي اعتماد سان ڪُڏندا ۽ ڪاهيندا ويا؛ اُتي خطرو بلڪل ڪونهي جتي ڪو موقعو ئي ڪونهي، تنهنڪري کين واضح طور ٻڌايو ويو هو ته يا پنهنجن بسترن ۾ سمهندي مري وڃن يا وري اُهي دشمنن جي تيرن ۽ نيزن اڳيان بي ڊپا هليا وڃن جتي هو وڌيڪ محفوظ ۽ اَجيت رهندا(127).

جيڪڏهن قريشن کي هڪ دشمن جي انتقام وٺڻ ذريعي ڪاوڙايو نه وڃي ها جيڪو سندن واپار جي قافلن کي مديني جي رستي تي ايندي ويندي پيو روڪيندو ۽ تنگ ڪندو هو ته  خود ابوسفيان، جنهن سان فقط ٽيهه يا چاليهه ساٿي گڏ هيا، واپار جي هڪ وڏي قافلي جي اڳواڻي ڪندي جنهن ۾ هزار اُٺ هيا، مديني جي ڀرپاسي کان گذريو هو پر سندس خوش قسمتي يا وري اڳتي وڌڻ جي سندس هوشياري هئي جو هو پيغمبرؑ جي ماڻهن جي حملي کان بچي ويا، پر ساڳي وقت قريشن جي سردار کي اطلاع ڏنو ويو ته مسلمان لٽيرا سندن تاڙ ۾ ويٺل هيا ۽ جيئن ئي هو واپس ٿيندا ته مٿن حملو ڪيو ويندو. سندن سردار پنهنجي مڪي جي برادري وارن ڏانهن پيغام موڪليو ته کين انديشو هو ته سندن وڻج واپار جو سڄو مال ۽ جيڪو به سندن کاڌي خوراڪ جو سامان هيو، ان جي لُٽجڻ جو خطرو هو، تنهنڪري بنا دير مددگار ماڻهو ۽ فوج موڪلي وڃي ته جيئن قافلن کي حفاظت سان واپس آڻي سگهجي. هن موقعي  جيڪي مڪي کان هجرت ڪري آيا هيا ۽ ٻيا مددگار هيا، اُهي واري واري سان ستر اُٺن تي سوار ٿيندا ويا (يثرب جا اُٺ جنگ ۾ ڏاڍا خطرناڪ هوندا هيا) پر پهرين عقيدتمندن جي غريبيءَ جو اهو حال هو جو گهوڙن تي فقط ٻه ماڻهو کين ملي سگهيا جيڪي مٿن سوار ٿي جنگ جي ميدان تي پهتا(128). سرسبز ۽ آبادي واري بدر جي(129) واديءَ ۾ جيڪا مديني کان ٽن منزلن جي مفاصلي تي هئي، پيغمبرؑ کي پنهنجي قافلي جي ڪجهه نوجوانن ڪو اطلاع پهچايو ۽ اُهي سڀئي هڪ طرف هيا، قريشن طرفان سؤ گهوڙا ۽ اَٺ سؤ پنجاهه پيادل فوجي ٻي طرف کان ڌوڪيندا اڳتي وڌيا. ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ، حضرت ﷴ ﷺ جن عزت ۽ وقار جي مقابلي ۾ دولت حاصل ڪرڻ جي خواهش کي قربان ڪيو ۽ ٿوري مورچه بندي ڪئي ويئي ته جيئن فوجن جو بچاءُ ڪري سگهجي، ان کان سواءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ کي به يقيني بڻايو ويو. ’اي الله! پاڻ تڏهن پڪاريائون جڏهن قريشن جي بيشمار لشڪر کي پهاڙن تان لهندي ڏٺائون. ’اي منهنجا الله پاڪ! جيڪڏهن اسان جي طرف وارا اڄ تباهه ٿي ويا ته پوءِ ڪير وڃي باقي بچندو جيڪو تنهنجي عبادت ڪندو؟‘ ’همت ڪيو منهنجا ٻچا پنهنجين صفن کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪندا وڃو، تيرَ هڻو ۽ اوهان يقيناً سوڀارا ٿيندا.‘ هي لفظ چئي، پاڻ هڪ ممبر تي چڙهي (130) حضرت ابوبڪرؓ جي ويجهو ٿيا ۽ هڪدم جبرائيل ۽ ٽن هزار فرشتن جي مدد جي گهُر ڪيائون. سندن نظرون جنگ جي ميدان تي کُپيل هيون، وڙهندي وڙهندي مسلمان بيهوش ٿي ويا(*) ۽ ٿورا هيسجي ويا، اهڙي اهم ۽ فيصلي واري گهڙيءَ ۾ پاڻ پنهنجي مسند تان اُٿيا، گهوڙي تي چڙهيا ۽ واريءَ مان پنهنجي مُٺ ڀري هوا ۾ اُڇلايائون. ’ڀلي سندن منهن تي واري اچي وڃي ۽ سندن حوصلا خطا ٿي وڃن.‘ ٻنهي فوجن سندن گجگوڙ ڪندڙ آواز ٻڌي ورتو ۽ مسلمانن کي محسوس ٿيو ته ويڙهاڪ فرشتا سندن مدد لاءِ پهچي چڪا هيا(131). قريش بزدل ٿي پيا، ڏڪڻ لڳا ۽ جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا، سندن ستر بهادر ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ ستر ماڻهن کي قيد ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح مسلمانن کي اسلام جي پهرين جنگ ۾ شاندار فتح حاصل ٿي. قريشن جي جنگ ۾ گرفتار ڪيل ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويون. ٻن شڪي قسم جي قيدين کي موت جي سزا ڏني وئي، ۽ ٻين کي هرهڪ لاءِ چار هزار درهم جي رقم وٺڻ جي عيوض ڇڏيو ويو. پر ان جي باوجود ابوسفيان جي اُٺن جي قافلي برپٽ جو ٻيو رستو اختيار ڪيو جيڪو فرات ندي جي ڪنارن سان گڏ هيو، مسلمانن سندن رستو روڪيو پر دولتمند تي ڏنڊ رکيو ويو جيڪو ويهه هزار درهم جو هو جنهن جو پنجون حصو() پيغمبر لاءِ رکيو ويو جيڪو غريبن جي خيرخيرات لاءِ رکيو ويندو هو. ذاتي توڙي عوامي نقصان ٿيڻ تي ابوسفيان سخت جوش ۾ اچي ٽن هزار ماڻهن جي فوج تيار ڪئي، جن منجهان ست سؤ ماڻهو اهڙا هيا جن کي سيني تي بچاءَ جون شيلڊون ٻڌل هيون، سندن ٻه سؤ ماڻهو گهوڙن تي سوار هيا، ان کان سواءِ فوج ۾ ٽي هزار اُٺ به شامل هيا ۽ سندس زال هِندا جنهن سان گڏ مڪي جون پندرهن ٻيون عورتون به گڏ هيون، جن پنهنجا تنبورا (‡) وڄائڻ شروع ڪيا ته جيئن پنهنجن فوجن ۾ جوش پيدا ڪن ۽ حبل جي عظمت کي مٿانهون ڪن جيڪو سندن هڪ وڏو ديوتا هو جنهن کي ڪعبي ۾ سجايو ويو هو. ٻي طرف الله ۽ ﷴ ﷺ جن جي جهنڊي هيٺ فقط نو سؤ پنجاهه ماڻهو هيا، قريشن جي تمام وڏي فوج جي مقابلي ۾ مسلمانن جو تعداد گهٽ ته هيو پر بدر ۾ سندن تعداد جي ڀيٽ ڪجي ته ايترو گهٽ به نه هيو، پر سندن سوڀ جو اندازو ڄڻ قدرت جي مرضي ۽ پيغمبر جي سوچ مطابق نه هيو. ٻي جنگ اُحد جبل تي وڙهي وئي جيڪو مديني کان ڇهه ميل اُتر طرف آهي،(132) قريشن جو قافلو گول دائري جيان اڳتي وڌيو ۽ گهوڙيسوار فوج جي ساڄي حصي جي رستي جي ڪمان خالد (خالد بن وليد) ڪري رهيو هو جيڪو عربن ۾ سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڪامياب ويڙهاڪ هيو. حضرت ﷴﷺ جن جون فوجون جبل تي تمام عقلمندي ۽ فوجي حڪمت عملي تحت بيهاريون ويون هيون ۽ پٺئين پاسي کان پنجاهه تير انداز پنهنجي فوج جي حفاظت لاءِ بيهاريا ويا هيا. مسلمانن اهڙي ته بهادريءَ سان مقابلو ڪيو جو بت پرستن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ سندي مرڪزي فوج جو گهيرو به ٽُٽي ويو، پر پوءِ مسلمان تير اندازن پنهنجي جڳهه کي ڇڏي ڏنو نتيجي ۾ خالي پيل ميدان دشمنن کي ملي ويو، مسلمان ڀڄي ويل ڪافرن جي مال ميڙڻ ۾ لڳي ويا، پنهنجي عظيم سپهه سالار جي نافرماني ڪيائون ۽ نتيجي ۾ سندن صفن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. بهادر خالد پنهنجي گهوڙيسوار فوج کي ساڄي کاٻي ۽ پوئين طرف ڌڪيندي، وڏي آواز مان رڙ ڪئي ته ﷴ ﷺ جن کي قتل ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ کين مُنهن ۾ نيزي جو ڌڪ لڳو هر ۽ سندن ٻه ڏندَ پڻ هڪ پٿر لڳڻ سان شهيد ٿي ويا هيا، تنهن هوندي به اهڙي گوڙ گهمسان ۽ افراتفري جي حالت ۾ به پاڻ حوصلو نه هاريائون ۽ ڪافرن کي مسلمانن جي پيغمبر کي مارڻ جي ڪوڙ ڳالهائڻ تي طعنا ڏنائون ۽ ان غمخوار دوست کي دعائون ڏنائون جنهن سندن زخم جو رت بند ڪيو هو ۽ کين سهارو ڏئي محفوظ هنڌ تي پهچايو هو. مسلمانن جا ستر جوڌا جوان، سندن ئي ماڻهن جي غلطيءَ سبب شهيد ٿي ويا، اُهي اهڙي طرح جوڙا جوڙا ٿي مرندا ويا جهڙي طرح پاڻ سندن جوڙا ٺاهيا هيائون ۽ هڪ ٻئي تان ڄڻ صدقي ٿيندا ويا(133)، مڪي جي وحشي عورتن پاران سندن جسمن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري مُڃَ جيان ڪيو ويو ۽ ابوسفيان جي زال هِندا، پيغمبرؑ جي چاچي حضرت امير حمزيؓ، جيڪو هن جنگ  ۾ شهيد ٿيو هو، جا آنڊا ڪڍي کاڌا هيا. ڪافرن خوشيون ملهايون ۽ پنهنجي انتقام جي باهه کي ڪجهه ٿڌو ڪيو هو، پر مسلمان ٻيهر جنگ جي ميدان تي موجود هيا ۽ هاڻي قريشن کي همت ۽ وڌيڪ طاقت جي ضرورت هئي ته مسلمانن سان مقابلو ڪن، قريشن طرفان فقط هڪ سال کان پوءِ مديني تي ٻيو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ سندن ڏهه هزار ماڻهو موجود هيا ۽ سندن اڳواڻ ساڳيوئي ابوسفيان هو، مسلمانن طرفان هڪ وڏي کاهي يا کڏ کوٽي شهر جي حفاظت جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ دشمنن جي ڏهه هزار فوج جي مقابلي ۾ مسلمانن جو تعداد فقط ٽي هزار هيو، حضرت ﷴ ﷺ جن دورانديشي ڪندي عام جنگ کان پاسو ڪيو ۽ شروعات ۾ هڪ جي مقابلي ۾ هڪ جا دوبدو مقابلا ٿيا جنهن ۾ حضرت عليؓ پنهنجا بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جنگ ويهن ڏينهن تائين هلندي رهي، تانجو دشمن اتحادي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. اوچتو سخت طوفاني هوائون گهُليون ۽ تيز مينهن ۽ ڳڙو وسي پيو جنهنڪري ڪافرن جا تنبو پٽجي ۽ اُکڙي وڃي پري ڪِريا، سندن ئي هڪ دشمن اُنهن جي وچ ۾ ذاتي جهيڙا جهڳڙا شروع ڪرائي ڇڏيا ۽ قريش، جن کان سندن اتحادي اڳيئي جدا ٿي ويا هيا، نراس ٿي ويا ۽ پيغمبرؑ جي تخت کي اونڌو ڪرڻ سندن وَس جي ڳالهه نٿي لڳي ۽ اهو به کين ناممڪن نظر ٿي آيو ته جنهن شخص کي هنن پنهنجي شهر مان جلاوطن ڪيو هو، انجي سوڀن کي هاڻي روڪڻ جي کين مجال ڪانه هئي(134).

جيروسلم ۾ بيت المقدس عبادت جو قبلئه اول هو(*) جنهن کي شايد حضرت ﷴ ﷺ جن دائمي عبادت لاءِ چونڊي چڏن ها ۽ اهو فيصلو يهودين جي حق ۾ هجي ها ۽ سندن دلچسپين ۽ دنياوي فائدن لاءِ به اهو بهتر رهي ها، جيڪڏهن کين ان عظيم عربي رسول ۾ اسرائيل جو بخت ۽ پنهنجو مسيحا، جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو هو، نظر اچي ها، پر سندن هٺ ۽ غرور، سندن دوستي جي جذبن کي هنن لاءِ سخت نفرت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جنهن سبب پيغمبرؑ پوءِ پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين به سندن پيڇو ڪندا رهيا ڇو ته هاڻي سندن ٻه لقب هيا: هڪ پيغمبر ته ٻيو فاتح ۽ يهودين جي اذيتن کي ٻنهي جهانن تائين پهچايو ويو هو(135). ڪئنوڪا مديني ۾ رهندو هو، ۽ کيس ان شهر جي حفاظت مليل هئي؛ هڪ موقعي جو فائدو وٺندي هن هڪ فساد برپا ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي سڏيائين ته يا سندس مذهب اختيار ڪن يا ساڻس جنگ ڪن. ’افسوس!‘ يهودين ڏڪندي کيس چيو، اسان کي جنگي هٿيارن کي استعمال ڪرڻ نه ايندو آهي، پر اسان پنهنجن ابن ڏاڏن جي مذهب تي قائم آهيون، پر تون اسان کي ڇو ٿو مجبور ڪرين ته اسان تنهنجي ڪري پنهنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محتاط ۽ مجبور ٿي وڃون؟‘ غير برابري واري جهڙپ پندرهن ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي ۽ وڏي ناراضگيءَ مان حضرت ﷴ ﷺ جن سندن ايلازن ۽ منٿن کي مڃيو ۽ سندن قيدين جون زندگيون بچايون. پر سندن مال ملڪيت کي ضبط ڪيو ويو ۽ سندن هٿيارن کي مسلمانن پنهنجي قبضي ۾ ورتو ۽ اُهي اُنهن لاءِ ڏاڍا ڪارآمد ثابت ٿيا، ۽ سندن ست سؤ بدبخت ماڻهن کي سندن زالن ۽ ٻارن سميت ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي جن شام جي سرحد تي پهچي پنهنجا خيما وڃي کوڙيا ۽ درخواست ڪيائون ته کين امن امان سان رهڻ ڏنو وڃي. نظيري فرقي جا ماڻهو قصور وار نڪتا ڇاڪاڻ ته اُنهن اسلام جي پيغمبرؑ کي قتل ڪرڻ ٿي چاهيو. هنن مديني کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي سندن قلعي جو گهيرو ڪيو، پر سندن يقيني حفاظت سبب هنن مشروط آڻ مڃي، ۽ فوجين جي جٿي کي، جن توتارا ۽ دهل ٿي وڄايا، عزت سان ٻاهر نڪرڻ ۽ وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو. يهودين پنهنجو اتحاد قريشن سان ڪري ڇڏيو هو ۽ جنگ ڪرڻ ۾ به ساڻن ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جيئن ئي فوجين خندق جي جنگ کان واپسي ڪئي ۽ حضرت ﷴ ﷺ جن پنهنجي اڃا زره به نه لاٿي هئي ته ساڳئي ڏينهن تي اڳتي قدم وڌائيندي دشمنن جي قوم کي فتح ڪرڻ جو عزم ڪيائون جن جو اڳواڻ قوريضا هيو. پنجويهن ڏينهن جي مزاحمت کان پوءِ دشمنن هٿيار ڦِٽا ڪيا، پر جنهن ۾ سندن مرضي به شامل هئي. هنن مديني جي پنهنجن پراڻن ساٿين جي ڳالهين ٻولهين ۽ سفارشن کي مڃيو ڇاڪاڻ جو کين احساس هو ته مذهبي جذبا آخرڪار سرخرو ۽ سرفراز ٿيندا آهن. ست سؤ يهودين کي زنجيرن ۾ جڪڙي شهر جي بازار ۾ آندو ويو ۽ قتل ڪري کين قبرن ۾ دفن ڪيو ويو. سندن رڍن ۽ اُٺن کي مسلمانن پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، ٽي سؤ سيني جي حفاظت ڪرڻ جون شيلڊون، پنج سؤ ڀالا، هڪ هزار نيزا وغيره مسلمانن کي مالِ غنيمت طور مليا. مديني جي اُتر- اوڀر طرف ڇَهن ڏينهن جي پنڌ تي خيبر جو قديمي دولتمند شهر آباد هو جيڪو عربستان ۾ يهودين جي طاقت سبب مشهور هو، هن بيابان ۾ هي هنڌ سرسبز، آبادي وارو ۽ خوشحال هو ۽ سڄي خطي ۾ گل ٻوٽا لڳل هيا، وٽن چوپايو مال به جام هو، ۽ هن شهر کي اٺن قلعن جي حفاظت مليل هئي جن مان ڪجهه قلعن کي اَجيت ڄاڻايو ويو هو. حضرت ﷴ ﷺ جن جي فوج ۾ ٻه سؤ گهوڙا، ۽ چوڏهن سؤ پيادل فوجي هيا. اَٺن مسلسل ڏکين گهيرن ڪرڻ کان پوءِ کين خطرو محسوس ٿي رهيو هو، ان کانسواءِ ٿَڪ ۽ بُک به کين بيحال ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڪي بهادر اڳواڻ هيا اُهي به ڄڻ نراس ٿي پيا هيا. پيغمبرؑ سندن اُميدن کي ٻيهر تڏهن جياري ڇڏيو جڏهن پاڻ واڳ حضرت عليؓ جي بهادريءَ جي سپرد ڪيائون جن کي هنن ’شيرِ خدا‘ جو خطاب عطا ڪيو هو، شايد سندن ئي خنجر يا ترار سان هڪ يهودي بهادر شخص جي سيني کي چيريو ويو هو. پر سندس بهادري واري ان عشق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جو هن خيبر قلعي جي وڏي گيٽ کي انجيسُن کان اُکيڙي ڇڏيو جڏهن ته پاڻ کاٻي هٿ ۾ ڍال کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو هو(136). قلعن جي ڊهڻ کان پوءِ خيبر جي شهر جي  ماڻهن پنهنجي مات قبول ڪئي. يهودين جي سردار کي حضرت ﷴ ﷺ جن جي موجودگيءَ ۾ اذيتون ڏنيون ويون ته جيئن هو پنهنجن لڪل خزانن کي ظاهر ڪري، سندن هارين ۽ ريڍارن جي پيشي کي به مجبوريءَ ۾ برداشت ڪيو ويو ۽ اُنهن کي ان پيشي جي اجازت فقط تيستائين ڏني وئي جيستائين مسلمانن جو فاتح چاهيندو، ۽ هو پنهنجي مال ملڪيت جي حصن ۾ واڌارو ڪندا ويندا ته جيئن فاتحن جا توڙي پنهنجا حصا ڪجهه بهتر ڪري سگهن. حضرت عمرؓ جي خلافت جي دؤر ۾ خيبر جي يهودين کي شام موڪليو ويو ۽ خليفي پنهنجي سخت نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ سان هن خطي جو نظام ڪاميابيءَ سان هلايو. 137

حضرت ﷴ ﷺ جن جي پيشاني توڙي اکيون ڏينهن ۾ پنج دفعا مڪي جو رُخ ڪنديون هيون (پنج وقت نماز ڏانهن اشارو آهي) ۽ کين تمام پارسا ۽ طاقتور ماڻهن طرفان تاڪيد ڪيو ويو هو ته فاتح جي حيثيت ۾ هڪ ڀيرو هو شهر توڙي ڪعبي کي ڏسڻ ضرور وڃن جتان کين ملڪ بدر ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو هو. ننڊ ۾ توڙي جاڳ ۾ کين ڪعبي جو تصور ذهن ۾ رهندو هو. سندن هڪ خواب کي ڪشف ۽ پيغمبري جو روپ ملي چڪو هو، پاڻ ڪعبي جي غلاف کي ڦڙڪايائون، ۽ ڪاميابي ۽ ڪامراني جا لفظ هڪ واعدي جي صورت ۾ اوچتو سندن زبان مبارڪ مان نڪري ويا. مديني کان مڪي تائين جو سفر پُرامن، مانائتو ۽ شانائتو هو ڇاڪاڻ ته حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جو سندن ارادو هيو. هن سلسلي ۾ ستر اُٺن کي قرباني ڪرڻ خاطر چونڊي سينگاريو ويو هو، سڄي خطي کي بيحد پروقار بڻايو ويو هو، ۽ سڀني قيدين سان نرم دلي ۽ شفقت جو ورتاءُ ڪندي، بغير ڪنهن معاوضي وٺڻ جي کين آزاد ڪيو ويو هو. پر جيئن ئي حضرت ﷴ ﷺ جن هڪ جڳهه تي پنهنجي اُٺ کان هيٺ لٿا، هي هنڌ مڪي کان فقط هڪ ڏينهن جي مسافريءَ جي پنڌ جيترو هو ته پاڻ اوچتو هڪ انڪشاف ڪيائون، ’هنن پنهنجي مٿان چيتي شينهن جون کلون پائي ڇڏيون آهن‘. قريشن جي وڏي تعداد سبب سندن نيتون ۽ ارادا پيغمبرؑ جي سخت خلات هيا، ۽ ان ڳالهه جو به امڪان هو ته صحرا جا رلندڙ ڀٽڪندڙ عرب شايد کين ڇڏي وڃن ۽ ساڻن ڌوڪو ڪن جن سان هو گڏجي فقط ان اُميد تي آيا هجن ته کين ججهو مالِ غنيمت ملندو. بهادر پيغمبرؑ جيڪي پاڻ هڪ ڪامياب سياستدان به هيا، دورانديشي ڪندي ان صلحنامي جي دستاويز مان ’الله جو پيغمبر‘ جا لفظ ڪڍي ڇڏيا، جيڪو اڳ قريشن ۽ سندن اتحادين سان طئي ٿيو هو جنهن ۾ ساڻن ڏهن سالن جو معاهدو ڪيو ويو هو جنهن مطابق اهو طئي ٿيو هو ته جيڪي ماڻهو مڪي کان مديني هجرت ڪري ويندا ۽ مسلمان ٿي ويندا انهن کي مڪي واپس موڪليو ويندو، ۽ ٻيو ته مسلمان هن سال واپس هليا ويندا ۽ حج لاءِ وري ٻي سال ايندا ۽ مڪي ۾ ماٺ ميٺ ۾ فقط ٽي ڏينهن رهندا ته جيئن حج جا ارڪان پورا ڪري سگهن. بغير حج ڪرڻ جي مسلمانن جي مديني واپسي هنن لاءِ ڏکوئيندڙ ۽ شرمائيندر هئي ۽ سندن مايوسي شايد کين پنهنجي پيغمبرؑ تي ناڪاميءَ جو الزام هڻي جن اڳ کين ڪاميابيءَ جي بشارت ڏني هئي. پر مڪي جي صورتحال ڏسي مسلمانن جي دلين ۾ اُميدن ۽ ايمان جا ڏيئا ٻيهر روشن ٿي ويا، هنن پنهنجون ترارون مياڻ ۾ وجهي ڇڏيون، ۽ حضرت ﷴﷺ جن جي پويان هلندي ست دفعا ڪعبہ الله جو طواف ڪيو، قريش خوف مان پهاڙن ۽ جبلن ۾ وڃي لِڪا ۽ پيغمبرؑ دستور موجب قرباني ڪري چوٿين ڏينهن تي شهر کي خالي ڪرايو. سندن عقيدت ۽ اعليٰ ڪردار سبب ماڻهو پنهنجي پاڻ کي سنواريندا ۽ سڌاريندا رهيا سندن دشمن ۽ انهن جا سرواڻ توڙي سردار هر طرف کان حضرت ﷴ ﷺ جي ڪامرانين کي ڏسي هيسجي ۽ پاڻ ۾ به ورهائجي ويا هيا، ۽ خالد بن وليد ۽ عمرو بن سعد، جيڪي اڳتي هلي شام ۽ مصر جا فاتح بڻيا، صحيح وقت تي بت پرستن جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي طوفان جي حوالي ڪري اسلام ۾ داخل ٿي ويا. عربن جي مختلف قبيلن طرفان آڻ مڃڻ تي حضرت ﷴ ﷺ جن جا اختيار بيحد وڌي ويا ۽ مڪي جي فتح لاءِ هاڻي وٽن ڏهه هزار سر قربان ڪندڙ عقيدت مند موجود هيا، ۽ ڪافرن کي، جيڪي هاڻي ڪمزور ڌُر هيا، معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سزا ڏني وئي. مسلمانن جي نظم ۽ ضبط توڙي سندن جوش جذبن مديني کان مڪي جي سفر ۾ هڪ اُميد افزا روح ڀري ڇڏيو هو ۽ هڪ راز کي به مخفي رکيو ويو هو تانجو هر طرف کان ڏهه هزار باهين جا مَچ ٻري پيا جن قريشن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، جن کي هاڻي پڪ ٿي وئي هئي ته سندن دشمنن جي رِٿن، سندن ڪاهي اچڻ ۽ سندن بي پناهه طاقت جو مقابلو ڪرڻ هاڻي سندن وَسَ ۾ ڪونه هو. آڻ نه مڃيندڙ ۽ ضِدي ابو سفيان خود شهر جون چاٻيون ِ کين داد ڏنائين ۽ چيائين ته عبدالله جو پٽ هاڻي هڪ وڏي بادشاهت جو مالڪ هو ۽ حضرت عمرؓ جي اثر هيٺ اسلام قبول ڪندي تسليم ڪيائين ته ﷴ ﷺ جن، ۽ سندن ساٿين کي قريشن طرفان سخت اذيتون رسائڻ جي باوجود، پاڻ سڳورا کانئن انتقام وٺڻ لاءِ هرگز آماده نه هيا، ڇو ته هُو هڪ ۽ سچي خدا جا رسول هيا. ماريَس(*) ۽ سُلا() جي واپسي رومين جي رت سان رڱيل هئي،  اُهي خود هاڻي پنهنجن دشمنن جي قتل عام لاءِ تيار نه هيا، بجاءِ پاڻ يا پنهنجن ساٿين پاران جذباتي فيصلي ڪرڻ جي(139)، اسلام جي سوڀاري پيغمبرؑ سندن قصور ۽ خطائون درگذر ڪندي اُنهن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ مختلف قبيلن کي متحد ڪري ڇڏيو. فوجن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو جن مڪي شهر جو گشت لڳايو، اٺاويهن ڄڻن کي خالد بن وليد پنهنجي ترار سان قتل ڪري ڇڏيو، يارهن مردن ۽ ڇَهن عورتن کي حضرت ﷴ ﷺ جن واجب القتل هئڻ جي سزا ٻڌائي. پر پاڻ پنهنجن ئي ماڻهن کي قصور وار ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن تي رحمدلي ۽ شفقت جو هٿ ڦيريندي پيغمبرؑ کين معاف ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته انهن جي خلاف ڪي واضح ثبوت يا شاهديون نه مليون هيون. قريشن جا سردار ۽ سرواڻ الله جي پيغمبرؑ جي قدمن ۾ ڪِريل هيا. ’اوهان ان ماڻهوءَ مان رحم جي ڪهڙي اُميد ٿا رکو جنهن سان توهان تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون هيون؟‘ ’اسان کي اوهان جي ڀلاين ۽ سخا ۾ پورو اعتماد آهي‘. ’اوهان جي اعتماد کي آءٌ سچو ثابت ڪندس، سمجهو ته سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو، اوهان اڄ کان محفوظ ۽ آزاد آهيو‘. مڪي جي ماڻهن اسلام جهڙي مذهب کان معافي لهڻي(‡) هئي ۽ ستن سالن جي جلاوطني کان پوءِ، ملڪ بدر مبلغ ۽ پر چارڪ کي پنهنجي ئي اباڻي شهر ۽ ملڪ جو شهزادو ۽ پيغمبر تسليم ڪيو ويو(140). ڪعبي ۾ رکيل ٽي سؤ سٺ بُتن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويو ۽ الله جي گهر کي پاڪ ڪري سينگاريو سنواريو ويو، ۽ آئينده لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو ويو جنهن کي پيغمبرؑ هڪ حاجيءَ طور هڪ دائمي قانون ذريعي لاڳو ڪيو ته ڪوبه ڪافر يا غير مذهب هاڻي هن مقدس شهر ۾ داخل نه ٿي سگهندو.(144)

مڪي جي فتح، عرب قبيلن جي مذهب توڙي فرمانبرداريءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو(142)، جن قسمت جي لاهن چاڙهن کي ڏسندي پيغمبرؑ جي حڪمن يا سندن طاقت کي تسليم ڪيو هو يا وري ان جي انحرافي ڪئي هئي. رسمن رواجن توڙي ڪن نظرين ۾ بدوي قبيلا اڃا تائين به مختلف خيالن جا آهن ۽ ٻين ڳالهين ۾ به سندن نظريا تابعداري جي بجاءِ ائين ئي پنهنجي مرضيءَ جا مختيار رهيا آهن جيئن قرآن جي تعليم ۽ اصولن بابت سندن روَيو رهندو آيو آهي. تنهن هوندي به ڪي هٺيلا عرب اهڙا به آهن جن پنهنجن ابن ڏاڏن جي مذهب کي نه ڇڏيو هو، هن سلسلي ۾ حُنين جي جنگ جو ته نالو ئي بُتن تان کنيو ويو هو جن جي لاءِ حضرت ﷴ ﷺ جن کين تباهه ڪرڻ جو وچن ڪيو هو پر طائف جي مخالف اتحادين اُنهن جي حفاظت ڪرڻ جو عزم ڪيو هو(143). چئن هزار سپاهين تي مشتمل دشمنن جي فوج لڪي حملو ڪيو ته جيئن پيغمبرؑ توڙي سندن ساٿين کي پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جو گهڻو موقعو نه ملي، اُنهن قريشن جي لاغرضيءَ تي طنز ڪندي کانئن نفرت جو اظهار ڪيو پر اُنهن گهڻو ڪري اُنهن ماڻهن جي خواهش ۽ مدد تي ٿي ڀاڙيو جن بعد ۾ بتن جي پوڄا کي ڇڏي ڏنو هو ۽ سندن دشمن جي اثر هيٺ اچي ويا هئا. پيغمبرؑ مڪي ۽ مديني جا جهنڊا مٿي اُڀا ڪري ظاهر ڪيا ڪيترائي بدوي به ساڻن شامل ٿي ويا تنهنڪري فوج جو تعداد توڙي طاقت وڌي وئي ۽ ٻارهن هزار مسلمان پنهنجي طاقت کي ڏسي شايد ڦُونڊ ۾ اچي ويا ته کين هاڻي ڪوبه مات نٿو ڏئي سگهي. اُهي بغير ڪنهن احتياط  يا پنهنجي بچاءَ جي تدبيرن ڪرڻ جي پهاڙن تان حُنين جي واديءَ ۾ هيٺ لٿا ۽ پهاڙن جي چوٽين تي دشمنن جا تير انداز ۽ غُليل باز موقعي جي تلاش ۾ ويٺا هيا، پر سندن تعداد هيسيل هو، سندن نظم ۽ ضبط منجهيل ۽ ويڳاڻو ۽ سندن همت مايوس ڪندڙ هئي، ۽ قريش سندن مقدر ۾ لکيل تباهيءَ تي مرڪي رهيا هئا. پيغمبرؑ پنهنجي اڇي گهوڙي تي سوار هيا جن کي هر طرف کان دشمن وڪوڙي ويا هيا، پهريون ته پاڻ ڪوشش ڪيائون ته سندن نيزن ۽ تيرن جي وچ ۾ هلي وڃي مقابلو ڪن ۽ شاندار طريقي سان موت کي قبول ڪن پر سندن ڏهه وفادار ساٿي اوچتو ظاهر ٿيا جن پنهنجا هٿيار ڪڍيا ۽ سينا پيش ڪيا، ٽي ساٿي مٿن قربان ٿي سندن پيرن تي وڃي ڪِريا. ’اي منهنجا ڀائرو! پاڻ وڏي آواز ڏک ۽ ڪاوڙ مان پڪاريائون، ’آءٌ عبدالله جو پٽ آهيان ۽ سچ حق جو پيغمبر آهيان. منهنجا ساٿيو پنهنجي عقيدي تي قائم رهجو. اي الله جلد پنهنجي مدد موڪلي ڏي!‘ سندن چاچو عباس جيڪو هومر جي سپوتن جيان، پنهنجي وڏي ۽ زوردار آواز ۾ سڀني کان اڳرو هو، سڄي وادي سندس آواز سان گونجي اُٿي ۽ هن الله جا واعدا ماڻهن کي ياد ڏياريا. جيڪي مسلمان اڳ دل شڪسته ٿي ڀاڄ جي تيارين ۾ هيا، اُهي واپس ٿي اسلام جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويا ۽  سندن بيمثال رهبري، لاجواب همت ۽ بهادريءَ جي مثال سبب مسلمانن جا جوش ۽ جذبا تيز ٿي ويا ۽ پاڻ پنهنجن ساٿين کي همت ڏياريندي حڪم ڪيائون ته دشمن کي ذلت آميز شڪست ڏين، جن اڳ کين شرمائڻ ٿي چاهيو. حُنين ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو بنا دير طائف جي گهيري ڏانهن روانا ٿيا، هي شهر مڪي کان سٺ ميل ڏکڻ- اوڀر طرف هو ۽ جيڪو هڪ مضبوط قلعو هو ۽ جتان جون زمينون عربستان جي صحرا ۾ به شام جي لاءِ ميوا پيدا ڪنديون آهن. هڪ دوست قبيلي (مون کي خبر ناهي ته ڪيئن) گهيرن ڪرڻ جي فن جي سلسلي ۾ هدايت ڏني ۽ پري مار ڪندڙ مشينون ۽ فوجي انجڻون به کين تحفي ۾ ڏنيون جن سان گڏ اُنهن مشينن کي هلائڻ وارا هڪ سؤ ماڻهو به کين ڏنا ويا. پر جيئن ته پاڻ طائف جي غلامن کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائون ته فوجي انجڻن ڏيڻ جو ڪم اجايو ثابت ٿيو. نتيجو اهو نڪتو ته اُتي اها زمين کاڻين جي لاءِ کوٽي وئي(*) ۽ جيڪو خال پيدا ٿيو اُتي فوجين قبضو ڪري ورتو هو. ويهن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ پيغمبرؑ واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو، پر هو واپس ورڻ وقت سوڀ جي اعزاز حاصل ڪرڻ تي بيحد خوش هيا، ۽ ويندي ويندي هن لادين شهر لاءِ دعا گهريائون. هن بخت واري معرڪي ۾ جيڪو مال غنيمت مسلمانن کي مليو اُنهن ۾ ڇهه هزار قيدي، چوويهه هزار اُٺ، چاليهه هزار رڍون، ۽ چانديءَ جا چار هزار آئونس پڻ مليا، هڪ قبيلو جيڪو حنين جي جنگ ۾ وڙهيو هو، پنهنجن بتن کي ڀڃي پنهنجن قيدين جي آزادي حاصل ڪئي هئي؛ حضرت ﷴﷺ جن پنهنجن ساٿين کي مال غنيمت جو پنجون حصو ڏنو هو ته هو پنهنجي بهبود ۽ بهتري لاءِ استعمال ڪن ۽ پنهنجن ساٿين کي خوش ٿيندي ٻڌايائون ته وٽن مال جا ايترا ته سِرَ هيا جيترا  تهاما جي صوبي ۾ وڻ موجود هيا. قريشن جي ناراضگيءَ کي سزا ڏيڻ جي بجاءِ پاڻ ڪوشش ڪيائون ته سندن زبان بند ڪئي وڃي ۽ سندن وابستگيءَ کي سخا جي بلند ڪردار ذريعي حاصل ڪجي؛ فقط ابو سفيان کي ئي ٽي سؤ اُٺ ۽ چانديءَ جا ويهه آئونس ڏنا ويا ۽ مڪو، قرآن پاڪ جو هڪ فائدي مند ۽ سکيو ستابو مذهبي مرڪز بڻجي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org