سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:33

(2)                             فلانڊرس جي نواب ڏي لکيل هڪ اصلي يا نقلي خط ۾، اليگزيس ڪليسا جي خطرن جي گهيري ۾ اچي ٿو وڃي ته ساڳئي وقت بزرگن جا تبرڪ به کيس وڪوڙي وڃن ٿا. (’خوبصورت عورتن جي ساٿ ۾ هو خوشيءَ ۾ سرشار ٿي ويو هو‘) ڄڻ ته، گبرٽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چوي ٿو، ’يونان جون عورتون، فرانس جي عورتن کان وڌيڪ هيون‘. (ڏسو باب، 57 جو 57هون حاشيو).

(‡)     (زمين، ڌرتي).

(3)                             اُنهن ماڻهن جي سهولتن جو اندازو لڳايو جيڪي صليبي جنگ ۾ شريڪ ٿيا هيا يعني قرض کان آجا، وياج معاف، ڌڪ ڦَٽ جو مفت علاج ۽ انصاف جي فوري فراهمي کين ميسر هئي ڇاڪاڻ ته وڏو پادري سندن دائمي محافظ هوندو هو. (ڊيوڪينج، ii,651,652).

(*)     (وڪڻي ڇڏيائين يا وڪامي ويو).

(4)                             گبرٽ (ص 481) جوش جذبن جي هڪ رنگين تصوير ٺاهي آهي. هو ان دؤر جي همعصر تاريخدانن منجهان هڪ وڏو ذهين شخص هو جنهن اهڙن حيرت ۾ وجهندڙ نظارن کي نه رڳو محسوس ڪيو پر اُنهن جو پنهنجين اکين سان ويهي پاڻ مشاهدو ڪيو.

(5)                              صليبين جي تذڪري ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجھ داغدار مثال ملن ٿا، (iii، ص 169 وغيره) جيڪي اهڙن ليکڪن بيان ڪيا آهن جن کي مون ڏٺو نه آهي.

(6)                             (البرٽ اڪئينسِس، I,31,196) جيڪڏهن هي ڪُڙمي يا هاري پنهنجي شهنشاهت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ها ته اُهي، مصر وانگر، جانورن جي پُوڄا کي پنهنجي شهنشاهت ۾ ضرور رائج ڪن ها ۽ پوءِ سندن ئي پوئلڳ فيلسوف اهڙي عمل کي شاندار چَوندي مثالن ۽ محاورن سان ان کي جائز قرار ڏئي ڇڏن ها.

(7)                             تُليدا جو بينجمن، ڪولون جي يهودي ڀائرن جي حالتن جو ذڪر ٿو ڪري جيڪي رائين جي ڪنارن تي رهندا هيا؛ اُهي شاهوڪار، سخي، پڙهيل لکيل ۽ مهمان نواز هيا ۽ سدائين هڪ مسيحا جي آمد جا منتظر رهندا هيا. (سامونڊي سفر، I,243-245 پار براٽيئَر) ستر سالن جي عرصي گذرڻ کان پوءِ، هو قتل جي وارداتن کان وڃي آجا ٿيا هيا. (هن هي سڀ ڪجھ 1170ع ۾ لکيو هو). 

(8)                             قتل ۽ ڦُرمار جون هي وراداتون، جيڪي يهودين مٿان مصيبتون ٿي ڪڙڪيون هيون، هر صليبي لڙائيءَ کان پوءِ نئين سر شروع ٿي وينديون هيون، پر اُنهن کي نرم لهجي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اها حقيقت آهي ته سينٽ برنارڊ موجب (تحرير، 363,I,329) (’يهودين کي نه ته قتل ڪيو وڃي ۽ نه وري کين اذيتون پهچايون وڃن‘). البت مخالفت جي هڪ فلسفي کي،  مخالف راهب طرفان پيش ڪيو ويو هو.

(*)     (135ع).

(9)                             هڪ همعصر تاريخدان طرفان هنگري جي تذڪري کي ’فِرسِنجِن جي اوٺو‘ ۾ ضرور پڙهجي (ii,31) جنهن کي مراتوري پيش ڪيو هو. (vi,665,666).

(10)                      هنگري جي قديمي ماڻهن کي، ٽورزيَس کان سواءِ، پهرين صليبي جنگ جي ڪا خبر ئي ڪانه هئي. ڪاٽونا، اسان وانگر، فقط فرانس جي ليکڪن جو حوالو ڏئي سگهي ٿو پر هو قديمي ۽ جديد جاگرافي جي ڀيٽ موجوده سائنس سان ٿو ڪري. (هنگري جو بيان، iii، صفحا 19-53).

(11)                        ائناڪمنينا (اليگزيَس، x,287) ان کي جبل چئي بيان ٿي ڪري جيڪو: ’پنهنجي اوچائي، اونهائي ۽ ويڪر جي ڪري تمام نمايان جبل آهي‘. نائيسيا جي گهيري ۾ فرئنڪن ان کي ديوار ٺاهڻ جي مراد طور استعمال ڪيو هو.

(12)                      وقت ۽ مفاصلن کي گهٽائڻ خاطر، آءٌ مختصر طور پهرين صليبي جنگ جي اهم واقعن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس.

(13)                      ’صليبي جنگين جا جذبا‘ جي مصنف شايد صليبي جنگ تي شڪ جو اظهار ڪيو هجي ۽ ان حقيقت کي مڃيو ئي نه هجي ته ساڳئي وقت بادشاهه سئينو جي دردناڪ موت کان به انڪاري ٿيو هجي جنهن سان گڏ 1500 کان 15،000 ڊينمارڪ جا ماڻهو گڏ هيا جن کي سلطان سليمان ڪپاڊوشيا ۾ شڪست ڏني هئي. پر جيڪو ٽاسوجي شاعريءَ ۾ اڃا تائين زندهه آهي. (iv,111-115) ٽارڪيٽو ٽاسو (1544-1595) جنهن جو نظم: ’جيروسلم جو ڇوٽڪارو) پهريون ڀيرو 1581ع ۾ ڇپيو.

(14)                      لوٿرنجيا يا لورين جي بادشاهن کي ٽڪرن ۾ ورهايو ويو پر ان کي خاص طرح ٻن ننڍين بادشاهتن ۾ ڀاڱا ڪيو ويو هو: هڪ موسيل ٻيو مِيوز، پهرين اڃا تائين قائم آهي جيڪا اڳتي هلي برئبنٽ جي نالي ۾ تبديل ٿي وئي (ويلز، صفحا 283-288).

(15)                       ڏسو ابي- ڊي لانگرو جو فرانس بابت احوال، ان کان سواءِ بولون جي مضمونن (I,54) برئبنٽ (ii,47,48) بولن، (ص 134) وغيره جو به مطالعو ڪجي. سندس رواني ٿيڻ وقت، گاڊفري بولن کي 1300 مارڪن عيوض وڪرو ڪري ڪليسا جي حوالي ڪري ڇڏيو.

(16)                      ٽائر جي وليمَ ۾ (ix,5-8) گاڊفري جي خانداني ڪردار بابت مطالعو ڪجي. سندس شروع وارن ارادن جن کي گبرٽ بيان ڪيو آهي (ص 485)، سندس بيماري ۽ برنارڊ ۾ سندس عزم کي واضح طور بيان ڪيو ويو آهي. ٿسارَئسيَس (باب 78).

(17)                      ائناڪمنينا هڪ اندازو ٿي لڳائي ته هو (Hugh) پنهنجي خانداني وقار، دولت ۽ طاقت تي وڏو فخر ڪندو هو. (x,288) آخري ٻه تحريرون وڌيڪ معنيٰ خيز آهن، پر هڪ ٻي شخص، ست سؤ سال اڳ جيڪو قسطنطنيہ جي محلات ۾ گهڻو مشهور هو، فرانس جي ڪئپشين خاندان جي قديمي وقار کي وڌيڪ ساراهيو آهي.

(18)                      وِل جيميٽيسينسِس vii,7,672,673، ڪيمڊن ۾) ۽ نارمئنيسِس. هن ننڍڙي بادشاهت کي، هاڻوڪي ناڻي جي ڀيٽ ۾ ان جي سوَين حصي ۾ گروي رکي ڇڏيو هو. ڏهه هزار مارڪ پنجن لکن لِورِس جي برابر وڃي ٿيندا ۽ نارمنڊي وارا هر سال 570 لک لِورِس بادشاهه کي نذراني طور ڏيندا هيا. (نيڪر، ناڻن جو انتظام، I,287).

(19)                      پنهنجي زال ڏانهن لکيل سندس اصل خط، ڊوم جي خانن ۾ محفوظ آهي، (ٽام، iv) جنهن کي صليبي جذبن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. (I,63)

(20)                    گبرٽ، جيڪو هميشه زندهه دل، دلچسپ ۽ خوش مزاج شخص هو. (ص 486).

(21)                      اها ڳالهه واضح آهي ته سينٽ گائيلز جو ريمنڊ جيڪو صليبي جنگين جو ٻيو اهم ڪردار هو،پر کيس يونانين پنهنجين تحريرن ۾ ان کي بيحد نمايان ڪري پهريون ڪردار ڪري ڇڏيو هو. (ائناڪمنينا، اليگزئڊ، x,xi).

(22)                    گائيلز جو ريمنڊ، (ص 144).

(23)                    سندس ڄَم يا پهرين پالنا جي شهر کي سينٽ ايجيڊيس جي نالي کي ارپيو ويو هو، جنهن جي نالي کي پهرين صليبي جنگ تائين فرينچن طرفان بگاڙي سينٽ گائيليز ڪيو ويو هو. اهو شهر لئنگئيڊاڪ جي ويجهو، نِسمِس ۽ رهون جي وچ تي آهي ۽ جنهن ۾ اڃا تائين هڪ عاليشان ڪليسا موجود آهي، جنهن جو بنياد ريمنڊ رکيو هو. (تاريخوار واقعا، xxxvii، ص 51).

(*)     (هن موضوع کي گبن ڇاونجاهين باب ۾ بيان ڪيو آهي).

(24)                    ٽئنڪريڊ جي ماءُ جو نالو ايما هيو، جيڪا رابرٽ گسڪارڊ جي ڀيڻ هئي، ۽ سندس پيءُ مارڪئس اوڊو هو جنهن کي عرف عام ۾ ’اوڊوسٺو‘ چيو ويندو هو. اها ڳالهه، بهرحال عجيب ٿي لڳي ته اهڙي مشهور ۽ نمايان شخص جي خاندان ۽ سندس ملڪ جي ڄاڻ کان ماڻهو بي خبر هجي، پر مراتوري ذري گهٽ يقيني اندازو ٿو لڳائي ته سندس تعلق اٽلي سان هيو ۽ سندن تعلق گهڻو ڪري مارڪئسِس جي قوم سان هو جيڪي پائيڊمانٽ جي ويجهو رهندا هيا. (v,281,282).

(25)                     ايسٽ جي خاندان جي ٻاراڻي ڦُونڊ ۽ آڪڙ کي خوش ڪرڻ خاطر، ٽاسو، پهرين صليبي جنگ بابت لکيل پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ بهادر ۽ عاشق مزاج رينالڊو کي ان ۾ شامل ڪري کيس ’جنگي جوڌي‘ جو لقب ڏئي ڇڏيو آهي. (x,75,xvii,66-96) هن پنهنجو نالو هڪ وڏي معتبر راينالڊو تان کنيو هو جيڪو روم جي ڪليسا جو ’جهنڊي بردار‘ (جهنڊو کڻي فوج جي اڳواڻي ڪرڻ وارو) هيو ۽ جنهن فريڊرڪ- I (جيڪو پنهنجي مشهور نالي باربروسا هيٺ سڃاتو وڃي ٿو ۽ جنهن 1152-1190ع تائين حڪمراني ڪئي هئي) کي شڪست ڏني هئي. (شاهي قصا ۽ رِڪوبالڊو جنهن کي مراتوري اٽلي جي هڪ ٻوليءَ ۾ لکيو. (ix,360) جنهن ۾ اريئوسٽو، آرلئنڊو فيوروسو، iii,30 به شامل آهن). پر… I ، ٻنهي رينالڊوئن جي جواني واري بهادري جي وچ ۾ سٺ سالن جو خال يا عرصو آهي جيڪو ٻنهي جي صحيح سڃاڻپ کي ختم ڪري ٿو ڇڏي، 2، ٻيو ته ’شاهي قصا‘ کي ڪلؤنٽ بئايرڊو ڪن ٻين ذريعن کان چورائي xv صدي عيسوي ۾ پنهنجي نالي ۾ ڇپرايو هو. (مراتوري، صفحا 281-289) هي رينالڊو توڙي سندس معرڪا ٽاسو جي جنگي جوڌي کان گهٽ فرضي يا غير حقيقي نه آهن. (مراتوري، I,350).

(26)                    ٽن لفظن ’جينٽائلِس، جينٽلهومي ۽ جيٽلمئن‘ منجهان ٻه اشتقاق ٺهن ٿا: (1) پنجين صدي جي بربرن کان ان جو مطلب سپاهي جو ٿو نڪري ۽ آخرڪار اُهو فاتح تائين هليو ٿو وڃي، جن کي پنهنجي ٻاهرئين وقار تي اجائي وڏائي هئي، ۽ (2) شهري جي نقطئه- نطر کان، ان جو مطلب (روم جا قانوندان) ٿو نڪري جيڪي جينٽائلِس کي ’ڄائي ڄم کان آزاد‘ شهري جو مطلب ڪڍن ٿا سيلڊن (هڪ انگريز جج، 1584-1654) پهرين ڳالهه کي تسليم ٿو ڪري، پر حقيقت اها آهي ته ٻي نمبر تي بيان ڪيل مطلب ۾ وڌيڪ سچو ۽ تسليم ڪرڻ جوڳو آهي.

(27)                    ٽئسيٽَس جرمئنيا، (سي 13) (’اُهي ڪنهن به نوجوان شخص کي نيزي ۽ بچاءَ جي شيلڊ سان سينگارِن ۽ سجائن ٿا‘).

(28)                    جسماني وزرشون ۽ خاص طرح باڪسنگ يا ٺنؤنشيبازي ۽ ڪُشتي کي، لِڪرگس، فِلوپومين ۽ گئلن طرفان نِنديو ويو هو جيڪي ڌار ڌار قانون ڏيندڙ، جنرل ۽ حڪيم هيا. سندن وزندار دليلن ۽ مڃيل روَين جي مقابلي ۾ پڙهندڙ ليوسيَن جي دفاع جو غور سان مطالعو ڪن. جيڪو سولن جي باب ۾ آندل آهي. اولمپڪ راندين جي حوالي سان ويسٽ جو پِندار ۾ مطالعو ڪيو (ii,86-96,245-248).

(*)     (آهستي هلندڙ گهوڙو).

(29)                    سورهيائي يا بهادري يا بهادرن جي خدمت جي سلسلي ۾ يا خانداني روايتن، سندن هٿيارن، جنگ جي سَڏَ، جهنڊن ۽ جنگي آزمائشن جي باري ۾ سيلڊن ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنل آهي. (اوپيرا، iii,1، وقار جا خطاب، ii,1,3,5,8) ڊوڪينج، (لاطيني زبان جا ڪتاب، iv,398-412 وغيره) جئائن  ِول جا مضمون ۽ مقالا I,vi-xii,127-142,165-222) ۽ ايم- ڊي پلايي- (بهادريءَ جون ڪجھ يادگيريون).

(30)                    ڊوڪينج جي خاندانن بابت ڏنل ڄاڻ اڻپوري ۽ اڌوري آهي، ڇاڪاڻ ته قومي تاريخدان هاڻوڪا ۽ ڪجھ عجيب آهن ۽ يونان جا مؤرخ وري پري جا ۽ ڪجھ غير ذميوار آهن. 1104ع ۾ ڪولومئن سامونڊي ملڪ کي ٽرائُو ۽ سالونا تائين فتح ڪري پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو هو. (ڪاٽونا، تنقيدي تاريخ، iii,195-207).

(31)                      لِوي، اسڪوڊرا کي، جينٽيَس جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هڪ قلعو ڄاڻايو آهي. جينٽيَس، اليريَنس جو بادشاهه هيو. ان کان پوءِ اسڪوڊرا، روم جي هڪ ڪالوني ۾ تبديل ٿي ويو. (سلئريَس، I,393,394) هاڻي ان کي اسڪوڊَر يا اسڪٽاري سڏيو وڃي ٿو. (ڊي- ائنوِل جي قديمي جاگرافي، I,164) سنجئڪ جيڪو هاڻي اسڪٽاري جو پاشا آهي، اُهو رومانيا جي بيگلر بيگ خاندان جو اٺون حڪمران هيو، جنهن 78,787 ڊالرن وٺڻ کان پوءِ پنهنجا 600 سپاهي جنگ ۾ موڪلي ڇڏيا. (مارسگلي، ترڪن جو فوجي انتظام، ص 128).

(32)                    (’پيلاگونيا ۾ هنن مذهبي فتني کي جنم ڏيندڙ قلعي کي تباهه ڪري ان کي ساڙي ڇڏيو، جنهن ۾ اتان جا رهواسي به سڙي رَکَ ٿي ويا. هن واقعي ۾، در حقيقت، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿي هئي ڇو ته سندن بدزباني جي وبا هر طرف پکڙبي ٿي وئي ۽ جنهن اڳ ۾ ئي پنهنجي زهريلن نظرين ذريعي اوسي پاسي جي علائقن کي متاثر ڪيو هو‘). (رابرٽ من، صفحا 36,37 آرام ۽ سڪون سان هي حقيقتون ٻڌائڻ کان پوءِ، وڏو پادري بالڊرڪ هڪ جملو ٿو چوي: (جيڪي سياح هتي سير سفر ڪرڻ خاطر اچن ٿا اُهي سڀني يعني يهودين، تفرقي بازن ۽ عرب مسلمانن کان نفرت جو اظهار ڪندي کين خدا جو دشمن ٿا ڪوٺين‘).

(33)                    (اليگزئڊ، x,288).

(34)                    ورمئنڊوز جي نواب ۾ مشرقي وَڏ ماڻهپائيءَ جو نماءُ اجايو ۽ واڌارو ٿو لڳي، پر محب وطن ڊوڪينج اطمينان سان مئٿيو پئرس 1254ع جي تحرير کي ورجائي ٿو. (اليگزئڊ، ص 352,353، مقالو xxvii جئائن وِل ص 315) هو فرائسرڊ (iv, 201) کي به ياد رکي ٿو جيڪو فرانس جي بادشاهه جي طرز تي هلندو هو.

(35)                     ائناڪمنينا پهرين ڊسمبر، 1083ع ۾ پيدا ٿي هئي، (اليگزئڊ، vi,166,167) تيرهن سالن جي عمر ۾ پهرين صليبي جنگ جي وقت هوءَ بالغ ٿي چڪي هئي ۽ شايد نوجوان نائيسفورَس برينيَس سان شادي رچائي هيائين جنهن کي هوءَ پيار مان: ’منهنجو سيزر‘ چوندي هئي. X,295,296) ڪجھ جديد تاريخدانن جو اهو خيال آهي ته بوهيمنڊ سان سندس دشمني، سندس پيار ۾ ناڪامي جي نتيجي ۾ هئي. قسطنطنيہ ۽ نائيسيا جي مختلف معاملن ۾، سندس ذاتي دلچسپيُن جي مخالفت لاطينين جي جانبداري جي روَين سبب ٿي هئي. (اليگزيَس، x,xi، صفحا 283-317) پر پنهنجن آخري ڪمن ۾ هوءَ ڪيترن معاملن کان اڻ واقف رهي هئي.

(36)                    اليگزيَس جي رَويي ۽ سندس ڪردار بابت، مئمبرگ ڪئٿولڪ فرئنڪن جي طرفداري ڪئي آهي ۽ والٽيئَر تفرقي باز يونانين جي سلسلي ۾ هڪ طرفي ڪردار جو مظاهرو ڪيو آهي. هن فيلسوف جي تعصب جو رَويو جيسئٽ جي مقابلي ۾ معاف ڪرڻ جهڙو نه آهي.

(37)                    ڪاري سمنڊ، باسفورَس ۽ باربيسِس نديءَ جي وچ ۾ جيڪا اونهاري ۾ گهڻي اونهي هوندي آهي اُها پندرهن ميلن تائين ڇانوَرن هيٺ وهندي رهندي آهي. يورپ ۽ قسطنطنيہ سان سندس آمدرفت جو سلسلو، بلئچرني جي پٿرن سان تعمير ٿيل پُل آهي جنهن کي مختلف وقتن ۾ جسٽينيَن ۽ باسل بحال ڪيو هو. (گليَس، باسفورو ٿرئسيو، ii,3) ڊوڪينج، ڪرسٽينا، iv,2,179).

(*)     (حملو ڪيائين، يا حملو ڪيو ويو).

(38)                    ٻارن کي ٻن طريقن سان پُٽيلو يا جهوليءَ جهليو ويندو هو، هڪ هٿيارن جي زور تي، ٻيو ٻار کي پيءُ جي قميص ۽ کلَ جي وچ تي رکيو ويندو هو. ڊوڪينج (جئائن وِل xxii صفحو 270) اندازو ٿو لڳائي ته گاڊفري طرفان اولاد کي اختيار ڪرڻ پوئين دؤر جي ثقافت هئي.

(*)     (نارمنڊي جا ماڻهو، اوڀر جي شهنشاهت خلاف جنگ وڙهن ٿا. (1081ع ۽ 1082ع) اهي جنگيون البانيا ۽ ٿيسلي ۾ لڳيون هيون. (هنن جنگين بابت احوال، باب 56هين ۾ ڏنل آهي).

(39)                    واپسيءَ کان پوءِ فلانڊرس جو رابرٽ، انگلنڊ جي بادشاهه جو خاص ماڻهو بڻجي ويو ڇو ته کيس 400 مارڪ پينشن ملڻ لڳي هئي. ريمر جي فيوڊرا جو پهريون ناٽڪي رنگ ڏسو.

(40)                    ٽيئسيٽَس، (vi,44).

(41)                      صليبي جنگين جا مغرور تاريخدان، پنهنجي شرمندگيءَ جي ڪاروائيءَ تي هٻڪي وڃن ٿا ۽ ششدر پڻ ٿين ٿا. تنهن هوندي به جيئن ته جنگي جوڌن به شهنشاهه جي آڏو جهڪي کيس احترام جو سلام پيش ڪيو هو ۽ بادشاهه سلامت پنهنجي تخت تي بغير ڪنهن چرپر جي ويٺو رهيو. ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته هنن سندس گوڏن يا وري پيرن کي چُميو هوندو. بهرحال اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته ائناڪمنينا، لاطينين جي ان روَيي تي خاموش نه رهي ها ۽ نه وري مشڪوڪ بيان ڏئي ها. سندن بادشاهن جي ذلت شايد هن موقعي تي هن باب کي وڌيڪ زينت بخشي ها.

(42)                    هن پاڻ کي: (’نِج نسل جو فرئنڪ ڪوٺيو هو‘) (اليگزيَس، x، ص 301) xiهين صدي جو هي لقب به عجيب هو پر شرط اهو ته ماڻهن کي پنهنجي اوچي نسل کي ثابت ڪرڻو پوندو هو. ائناڪمنينا خوش ٿيندي اهو ٻڌائي ٿي ته ٿُلهو متارو بربر، ڊوريليَم جي جنگ ۾ مارجي ويو هو يا وري زخمي ٿي پيو هو. (xi,317) هي حالتون، ڊوڪينج جي شڪَ کي تقويت ٿيون پهچائن (حاشيو، ص 362) ته اُهو شخص پڪَ پئرس جو رابرٽ هو جنهن جو تعلق فرانس جي هڪ ننڍي ضلعي يا ڪنهن ننڍي ٻيٽ سان هيو.

(43)                    ساڳي اونهائيءَ ۾ وڃڻ يا سوچڻ کان پوءِ ڊوڪينج پنهنجي ڪليسا کي ڳولي ٿو لهي جيڪا سينٽ ڊراسَس جي هئي جنهن جو تعلق سئائسنس سان هيو: (’اُهي جيڪي پاڻ کي جنگ ۾ شامل ڪرڻ وارا هيا ۽ جيڪي ويڙهاڪن کي به جنگ ۾ جوٽڻ لاءِ هميشه تيار رهندا آهن ۽ پوءِ اُهي سڄي رات سندس مقبري تي گذاريندا آهن ۽ جنگ ۾ اَجيت رهندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن جي برگنڊي ۽ اٽلي طرف گهڻي گهرج هوندي آهي ڇو ته اُهي ئي اهڙين نازڪ ڳالهين کي سمجهن ٿا ۽ نڀائن ٿا. (جون، ساريبيورينسِس، تحرير، 139).

(44)                    سندس فوج جي تعداد تي ڪجھ ماڻهن کي اختلاف آهن، پر ڪنهن جو بيان بطليموس جهڙو ۽ جيترو مستند هرگز ناهي، جيڪو تصديق سان ٻڌائي ٿو ته پنج هزار گهوڙي سوار ۽ ٽيهه هزار پيادل فوج ۾ شامل هيا. (وڌيڪ تصديق لاءِ اُشر جي تاريخوار واقعن جو مطالعو ڪيو، ص 152).

(45)                     فُلچر، ڪارنوٽينسِس (ص 387) هو مختلف نالن ۽ ٻولين جون اڻويهه قومون ڳڻائي ٿو (ص 389) پر آءٌ سندس طرفان فرانسيسي، گالي، اٽلي، ۽ اپولي جي فرق کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهيان. ٻي هر جڳهه تي هن نفرت منجهان اُنهن ڀاڄوڪڙن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي بزدليءَ مان جنگ جو ميدان ڇڏي هليا ويا هيا.

(46)                    گبرٽ، (ص 556) توڙي جو هو نرميءَ مان مخالفت ڪري ٿو تڏهن ڀي، وڏي لشڪر جو ذڪر ٿيل آهي. اربن- II پنهنجي جوش جذبي مان ان جو تعداد 300،000 زيارتين تائين محدود ڪيو آهي. (تحريرون، xvi، ڪائونسل xii,731).

(*)     (ائلپس جيڪو فرانس جي طرف کان آهي).

(47)                    اليگزيَس (x,283) سندس حساس نازڪ مزاجيءَ کي، سندس عجيب ۽ مُنجهائيندڙ نالن کان شڪايت آهي ۽ واقعي ڪو هڪڙو ماڻهو به اهڙو ناهي جنهن جي نالي کي ائناڪمنينا غرور مان بگاڙيو نه هجي ۽ وري اُهي نالا اهڙن مهذب ماڻهن کي ڏاڍا پيارا هوندا هيا. آءٌ فقط سئنگلس جو هڪڙو ئي مثال ڏيندس جيڪو سينٽ گائيلز جو نواب هيو.

()      (فارس جا بادشاهه).

(48)                    ملميسبري جو وليمَ (جيڪو 1130ع جو ليکڪ هيو) پنهنجي تاريخ ۾ پهرين صليبي جنگ جو ذڪر ڪيو آهي (iv,130-154) پر منهنجي خواهش آهي ته بجاءِ اڻ چِٽيُن ۽ ڀُڻ ڀُڻ جهڙين ڳالهين جي، جيڪي برطانيه جي ٻيٽ تي اڻ ڄاتل نموني گذري ويون هيون، (ص 143) هُو ماڻهن جي تعداد، سندن خاندانن ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي جذبن ۽ مُهمن جو ذڪر ڪري ها. ڊگڊيل ۾ مون کي نارمنڊي جو انگريز اسٽيفن مليو جيڪو البيمرل ۽ هوڊريَس جو امير هيو، ان اميرزادي رابرٽ کي انتاڪيا جي جنگ ۾ سلامي پيش ڪئي هئي. (بئرونيج، I,61).

(49)                    گبرٽ (ص 471) ’اُگهاڙيون ڄنگهون‘ يا ’ڀِڳل پردو‘ شايد ڪوهستاني ماڻهن لاءِ موزون آهي پر جيڪي پوسل وارا علائقا آهن اُتي آئرلئنڊ جي ڌٻڻ جي دستور موجب هلڻو پوي ٿو. ملميسبري جو وليَم واضح طور تي ٻه لفظ استعمال ٿو ڪري يعني ويلش ۽ اسڪاٽ يعني ويلز ۽ اسڪاٽلئنڊ جا رهواسي. (vi, 133) جن شڪار جي جڳهن کي ڇڏي ڏنو هو.

(50)                     آدمخوري واري بُک، ڪڏهن سچي ته ڪڏهن مصنوعي ۽ ڪوڙي، اسان کي ائناڪمنينا ۾ نظر اچي ٿي. (اليگزئڊ، x,288) گبرٽ (ص 546) رئڊلف ڪئڊم (باب 97) هيءَ ڳالهه گيسٽا فرئنڪورم جي مصنف اسان کي ٻڌائي آهي جنهن ۾ راهب رابرٽ، بالڊرڪ ۽ ريمنڊ پڻ شامل آهن جيڪي انتاڪيا جي گهيري ۽ ڏُڪر جي وقت پاڻ ۾ گڏ هيا.

(51)                       سليمان جي مسلمانن واري خطاب کي لاطينين استعمال ڪيو، ۽ سندس ڪردار کي ٽاسو بيحد سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. سندس ترڪي نالو ڪلج- ارسلان (485 هجري کان 500هه يا 1092-1106ع) هو. ڏسو ڊي گائينس جو چارٽ (I,245) پر ان کان وڌيڪ مسلمان ليکڪن سندس باري ۾ لکيو آهي جن پهرين صليبي جنگ کي سکڻن ۽ خشڪ لفظن ۾ بيان ڪيو آهي (ڊي گائينس، iii,ii,10-30) گبن جا تفصيل ايترا صحيح ناهن. سليمان 1086ع ۾ مري ويو. سندس پٽ جنهن جو به ساڳيو نالو هو اُهو 1092 ۾ تخت تي ويٺو ۽ 1106ع ۾ اُهو به گذاري ويو.

(52)                     قلعن، انجڻين ۽ يورپ جي وچئين دؤر جي معلومات لاءِ مراتوري جو مطالعو ڪيو (اٽلي جا قديم آٿار، ii,xxvi,452-524) بيلفريڊس اصل هيو جنهن مان بيلفري قديمي دؤر جو چُرندڙ پرندڙ منارو هيو. (ڊوڪينج، I,608).

(53)                     گهيري ۽ نائيسيا جي ڍنڍ ۾ جيڪا هڪ جهڙائي ٻڌائي پئي وڃي ان کي آءٌ وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ جو ميڪسيڪو جي سامهون هرمن ڪارٽيز جون ڪارروايون به هلن پيون. ڊاڪٽر رابرٽسن جو مطالعو ڪجي (آمريڪا جي تاريخ ۾ بڪ V. وليم رابرٽسن (1721-1793ع) اسڪاٽلئنڊ جو وڏو تاريخدان هو.

(54)                     ’ميڪرينٽ‘ هڪ اهڙو لفظ جيڪو فرانس جي صليبين ايجاد ڪيو هو جيڪو پراڻي طريقي يا روايت موجب فقط فرانسيسي ٻوليءَ تائين محدود رهيو. اهو محسوس ٿو ٿئي ته اسان جي ابن ڏاڏن جا جذبا تمام مٿاهان هوندا هيا ۽ جيڪو اُنهن ۾ يقين نه رکندو هو ته ان کي بيهودو يا ذليل سڏيو ويندو هو. ذري گهٽ ساڳيو تعصب اڃا به ڪيترن ماڻهن جي ذهنن ۾ موجود آهي جيڪي پاڻ کي عيسائي سڏرائن ٿا.

(55)                      بئرونيَس پنهنجي ڀاءُ راجو کي هڪ مشڪوڪ خط لکيو (1098ع نمبر، 15) جيڪي دشمن هيا اُهي ميڊس، فارس يا ڪالديا جا رهواسي وغيره هيا. پهريون حملو سچو ۽ نرم طريقي جو هو (جيڪو اسان جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو) پر بولن جي گاڊفري ۽ هُو ڀائرن جو ڇا ٿيو؟ ٽئنڪريڊ ’پُٽ‘ آهي پر ڪنهن جو؟ پڪ سان نه راجر جو ۽ نه بوهيمنڊ جو. (ڏسو باب جو حاشيو نمبر 53هون).

(56)                     گيسٽا فرئنڪورَم (ص، 7) رت جي رشتن ۽ بهادري جي ساڳئي خاندان کي وڏي پادري پنهنجي طرفان تصديق جي مُهر هڻي ڇڏي.

(57)                     بئلسٽا، بليسٽرا ۽ آربالسٽر. ڏسو مراتوري کي قديمي تحريرن ۾ (ii,517-524) ڊوڪينج، لاطيني، (I,531,532) ائناڪمنينا جي وقت ۾ هي هٿيار، جنهن کي هوءَ ’زانگرا‘ جو نالو ٿي ڏئي، اوڀر ۾ گهٽ سڃاتو ويندو هو (x,291) ڪنهن به انساني ناهمواريءَ سبب، مکيه پادري ان جي استعمال کي عيسائين جي جنگين ۾ منع ڪري ڇڏيو هو.

(58)                     هڪ سنجيدو پڙهندڙ شايد سلئريَس جي عالماڻي مرتبي ۽ ڊي- ائنول جي جاگرافي جي سائنس جي ڀيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ٽاير جو وليَم شايد صليبي جنگين جو واحد تاريخدان هر جنهن وٽ قديمي دؤر جون ڪيتريون ئي يادگيريون محفوظ آهن، ۽ ايم- اوٽر قسطنطنيہ کان وٺي انتاڪيا تائين فرئنڪن جي قدمن پٺيان هلندو رهيو. (سامونڊي سفر، I,35-88).

()      (ٽئنڪريڊ)

()      (بالڊوِن).

(59)                     ايڊيسا جي هن الڳ ٿلڳ مقابلي کي فلچيريَس ڪارنوٽينسِس بهتر طريقي سان بيان ڪيو آهي. (اهو مواد بونگئريسيَس، ڊچيسن، ۽ مارٽين جمع ڪيو هو). نواب بالڊوِن جو بهادر ننڍو پادري به مواد گڏ ڪرڻ ۾ شامل هو. (صليبين جا جذبا، I,13-14) ان بادشاهه جي ٽئنڪريڊ سان جهيڙي ۾، سندس هڪ طرفي رويي جو هڪ جهڙو جواب رئڊولفـَس ڪئڊومينسِس جي هڪ طرفي رد عمل ۾ موجود هو جيڪو سپاهي هئڻ سان گڏ هڪ تاريخدان پڻ هيو.

(60)                    ڏسو ڊي گائينس کي (هُنن (HUNS) جي تاريخ ۾، I,456).

(61)                      انتاڪيا جي لاءِ پوڪوڪ جو مطالعو ڪيو (مشرق جو بيان، ii,I,188-193) اوٽر (ترڪستان جا سامونڊي سفر، وغيره، I,81 وغيره). ترڪي جو جاگرافي دان (اوٽر جي حاشين ۾) ابوالفدا. (شام جو بيان، ص 115-116 رِزڪي).

(62)                    رئڊولفس ڪئڊومنيسِس (53,304) تنهن هوندي به هو ان ڪم کي جائز ٿو سمجهي ڇاڪاڻ ته کيس گاڊفري جي طاقتور پٺڀرائي حاصل هئي، ۽ ٽاير جو وليم به ان ڳالهه جي تائيد ٿو ڪري، (’ماڻهو هن انوکي واقعي کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا هيا‘) (5,6,701) تنهن هوندي به اهو واقعو ان دؤر جي اميرن کي حيرت وارو نه لڳو هوندو.

(63)                    ڏسو رابرٽ، ريمنڊ ۽ ڌيرج واري ٽئنڪريڊ جي معرڪن کي جن هر طرف خاموشيءَ جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. (رئڊولفس ڪئڊومنيسِس، باب 53).

(64)                    فرئنڪن جي تڪليفن ۽ نماڻي عرض کي ٻڌندي، ابوالفراجيَس، ڪاڊبُوڪا جي مغروري واري جواب کي هتي ڄاڻائي ٿو: ’تون هاڻي ڀڄي نه سگهندين ۽ منهنجي ترار جو نشانو بڻجندين‘. (خانداني شجرو، ص 242).

(65)                     ڪربوگا جي ميزبان جو ذڪر ڪندي، گهڻائي لاطيني تاريخدان ڪارنوٽينسِس جو مصنف (ص 392) گبرٽ (ص 512) ٽاير جو وليَم، (vi,iii,714) برنارڊ ٿسارئريَس (39,695) هڪ وڏي هجوم جي فضول بيان مان مطمئن آهن…… جيڪي ماڻهو به بيشمار آهن، فوجون به گهڻيون آهن ته ساڳي وقت اڻ لاڳاپيل هجوم به جمع ٿي ويا آهن، ائناڪمنينا به هن دلچسپ چرپر ۾ حصو ورتو آهي، (اليگزيَس xi,318-320) ترڪن جي تعداد کي البرٽ اڪئينسِس مقرر ڪري ڇڏيو هو جيڪو 200،000 جي لڳ ڀڳ ٻڌايو ويو آهي. (iv,x,242) ۽ رئڊولفـَس ڪئڊومينسِس ان تعداد کي 400،000 گهوڙي سوار ٻڌايو آهي. (|xxii,309).

(66)                    هڪ ننڍي پادري، جنهن جو تعلق شاهي خاندان سان هيو، جي دردناڪ ۽ بدناميءَ واري موت کي ڏسو جنهن کي ترڪن ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو هڪ باغ ۾ پنهنجي شامي سُريت سان گڏ ڍاري جي راند کيڏي رهيو هو.

(67)                    ڪرسمس جي ڏينهن ۾ هڪ ڏاند جو مُلهه پنجن سالڊي )ان وقت جو سِڪو جيڪو 15 شلنگن جي برابر هو) کان وڌي ٻن مارڪن تائين هليو ويو هو (جيڪي چئن پائونڊن جي برابر ٿين ٿا) ان کان پوءِ ان جو مُلهه ويتر وڌندو رهيو. هڪ وهڙي يا گهَٽي يا گهيٽي جو مُلهه هڪ شلنگ کان ارڙهن شلنگن تائين هليو ويو؛ جيڪو ٻيو ڏڪار پيو هڪڙي ماني يا ڊبل روٽي يا جانور جو مٿو يا سِسي سون جي رقم کي وڃي ڌڪ هنيو هو. مهانگائي جا اهڙا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا، پر تنهن هوندي به هي عام ۽ روز مرهه جون قيمتون هيون ۽ خاص يا تمام وڏيون قيمتون پوءِ به ايتريون نه هيون جو هڪ فيلسوف پنهنجو توجهه ان طرف ڪري ۽ پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي.

(68)                    (’اڃا ايترا ڪيترائي هيا جن جا نالا اسان وٽ موجود ناهن ۽ جن جو وجود ئي ڄڻ زندگيءَ جي ڪتاب کان ڪٽجي چڪو هو ۽ اُنهن جو ذڪر ڪرڻ هن اهم ڪم ۾ ضروري ناهي‘). (ٽاير جو وِليم، vi,v,715) گبرٽ، صفحا 518-523) عظيم هُو (Hugh) ۽ چارٽريس جي اسٽيفن کي معاف ڪرڻ يا ٽارڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.

(69)                    صليبي جنگ جي واڌاري، اليگزيَس جي ڀاڄَ ۽ انتاڪيا جي فتح ۽ آخرڪار جيروسلم جي فتح ۽ ان جي ڇوٽڪاري جي احوال جو غور سان مطالعو ڪيو، جنهن کي اليگزئڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. (xi,317-327) ائناڪمنينا کي مبالغي ڪرڻ جو ايترو شوق هوندو هو جو هن لاطينين جي معرڪن کي تمام گهڻو وڌائي پيش ڪيو آهي.

(70)                    هڪ مسلمان تاريخدان (گائينس، ii,95) ابوالمحاسن مقدس نيزي کي بيان ڪرڻ ۾، عيسائي ليکڪن ائناڪمنينا ۽ ابوالفراجيس کان وڌيڪ صحيح ۽ مستند آهي، جڏهن ته يونان جي شهزادي (يعني ائنا) ان کي صليب جي لوهي ڪِليءَ سان ملائي مونجهارو پيدا ڪري ٿي ڇڏي. (x,326) ۽ هڪ يهودي پادري وري ان کي سينٽ پيٽر جي لَڪڻ سان ٿو وڃي ملائي. (ص 242).

(71)                      ٻَه هڪ ٻئي جا مخالف جيڪي هن معجزي يا ڌوڪيبازي جي باري ۾ پنهنجي پنهنجي الڳ الڳ پر يقيني راءِ رکن ٿا، اُهي گائيلز جو ريمنڊ ۽ رئڊولفس ڪئڊومينسِس آهن، هڪڙو ٽولوز جي نواب سان لاڳاپيل هيو ته ٻيو وري نارمنڊي جي بادشاهه فلچيريَس ڪارنوٽينسِس سان گڏ هوندو هو. هڪڙو چوي ٿو: ڌوڪيبازي لاءِ جيڪو ڪجھ ٻڌو ٿا اُها ڌوڪيبازي هرگز نه آهي…… هن مقدس نيزي کي ڳولي لڌو هو جنهن کي ڌوڪي سان ڪنهن ڪُنڊ ۾ لڪايو ويو هيو. ماڻهن جو ٻيو هجوم زور سان دانهون ڪندو رهيو پر اُنهن کي ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آندو ويو.

(72)                    ڏسو ايم- ڊي گائينس کي، (ii,ii,223 وغيره) ۽ برڪياروڪ ۽ محمد سنگيار جي مضمونن جو به مطالعو ڪيو جيڪي ڊي- هربيلاٽ محفوظ ڪيا آهن.

(*)     (اُهو اُمير جنهن کي 1076ع ۾ جيروسلم جي واڳ سؤنپي وئي هئي.

(73)                    امير يا سلطان افضل جيروسلم ۽ ٽائر کي 489 هجري يا 1096ع ۾ ٻيهر هٿ ڪيو. ريناڊوٽ، سرواڻن جي تاريخ، (اليگزينڊر، ص 478) ڊي- گائينز (I,249)، هي حوالا ابوالفدا ۽ بن شونا مان کنيا ويا آهن. فاطمي سفيرن چيو: (’اسان جيروسلم تي ٻيهر قبضو ڪيو ۽ توهان جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي اسان ترڪن کي اتان تڙي، ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو‘).

(74)                    مصر جي خليفن ۽ صليبين جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت جو مطالعو ڪيو جيڪا ٽائر جي وليمَ ۽ (iv,24,vi,19) ۽ البرٽ اڪئينسِس (ii,59) وٽ محفوظ آهن ۽ اُهي پنهنجي اهميت توڙي حقيقتن جي بيان ۾ وڌيڪ مانائتا ۽ معتبر آهن.

(75)                     فرئنڪن جي اڳتي وڌڻ بابت مواد کي هٿ ڪيو ويو آهي جيڪو انتهائي مستند آهي جنهن کي مانڊريل جي حلب کان جيروسلم جي سفر دؤران لکيو ۽ محفوظ ڪيو ويو هو. (صفحا، I,67) (’ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سندس تحرير، بهترين تحريرن منجهان هڪ آهي‘). (ڊي- ائنول- جيروسلم جون يادگيريون، ص 27).

(76)                    ٽسئيٽَس جي ڪمال جي بيان کي ضرور ڏسو. (تاريخ v,11,12,13) جيڪو اندازو ٿو لڳائي ته يهودي اڳواڻن ۽ قانون ڏيندڙن، سڄي دنيا جي ماڻهن سان دائمي دشمني ڪرڻ جو ڄڻ ٺيڪو کڻي ڇڏيو هو.

(77)                    والٽيئَر جي دلچسپ بي اعتقادي به حد اندر آهي جنهن ۾ هن فرانسيسي مصنف جو وسيع علم نظر پيو اچي جيڪو هن ’صليبي جذبن‘ ۾ بيان ڪيو آهي. (vi,386-388) ۽ جيڪو پنهنجي تجزيي ۾ ٻڌائي ٿو ته عربن جي خيال موجب جيروسلم جا ماڻهو 200،000 کان مٿي هيا، ۽ ٽائٽَس جي حملي جي وقت، جرزفَس 13،00،000 يهودين کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو هو، ۽ خود ٽسئيٽَس سندن تعداد 600،000 ٻڌايو آهي ۽ هن ڳالهه ۾ وڏي ۾ وڏو ڌوڪو هي آهي ته سندن تعداد کي روم جي فوج کان به وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي.

(78)                    مانڊريل، جيڪو وڏي محنت سان ديوارن مٿان هليو هو، ان هڪ اهڙي سرشتي کي ڳولي ڪڍيو جنهن ۾ 4630 قدم يا 4167 انگريزي وال هيا. (صفحا 109,110). ايم- ڊي، ائنول هڪ اهڙو طريقو ڳولي ڪڍيو جنهن ۾ 1960 فرينچ ٽئائسز هيا. (صفحا 23-29) هي سندس اهو تجربو هو. جيروسلم جي مقامي جاگرافي لاءِ ويلنڊ جو مطالعو ڪيو. (فلسطين، ii,832-860).

(79)                    جيروسلم ۾ فقط هڪ ندي ڪيڊرون هوندي هئي جيڪا اونهاري ۾ خشڪ هوندي هئي ۽ جنهن ۾ ڪي به نمايان چشما به نه هيا. (ريلنڊ I,294,300) ٻئي ڌريون يعني ٻاهران آيل توڙي مقامي ماڻهو پاڻيءَ جي کوٽ جي شڪايت ڪندا هيا، ۽ جنگ جي ڏينهن ۾ اها کوٽ اڃا وڌي ويندي هئي ۽ ماڻهو پريشان ٿيندا هيا. ٽئسيٽَس، شهر ۾ هڪ دائمي چشمي جو ذڪر ڪري ٿو ته ساڳي وقت پاڻيءَ جي هڪ وڏي حوض جو ذڪر به ڪري ٿو جنهن ۾ پاڻي جمع ڪيو ويندو هو. ان کان سواءِ مينهَن جي پاڻي کي جمع ڪرڻ لاءِ جدا انتطام هوندو هو. حوض جو پاڻي ٽيڪو نديءَ مان هڪ ناليءَ ذريعي جمع ڪيو ويندو هو جنهن کي بهاءُالدين پڻ بيان ڪيو آهي. (صلاح الدين جو احوال، ص 238).

(80)                    اها هڪ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته ٽاسو، گهيري بابت ننڍن ننڍن احوالن ۽ تفصيلن کي ڪاپي ڪري ۽ اُنهن کي پنهنجي خوبصورت بيان ۾ سجايو آهي.

(81)                      لاطينين کان سواءِ، جيڪي ماڻهن جي قتلام تي رتيءَ ماتر به شرمندا نه آهن، ان بابت ايلماسن جو مطالعو ڪيو. (عرب مسلمانن جي تاريخ، ص 363) ابوالفراجيَس (شاهي خاندانن جو سلسلو، ص 243) ۽ ايم- ڊي گائينس (ii,ii,99) جنهن اهي تفصيل ابوالمحاسن کان ورتا آهن.

(82)                    پراڻو منارو سفينا جنهن کي يورپ جي تاريخ جي وچئين دؤر ۾ نيبلوسا چيو ويندو هو، ان کي پوءِ ڪاسٽيلم پسينم سڏيو ويو ۽ اهو نالو بزرگ ڊئمبرٽ (پِيسا جي وڏي پادري) مٿس رکيو هو. اهو اڃا تائين به ڪوٽ نما قلعو آهي ۽ ترڪي جي آغا يا پاشا جي رهائش گاهه طور ڪم اچي ٿو. اهو ئي قلعو بحر- مُردار، جوڊيا ۽ عربستان تي حڪمراني ڪري ٿو. (ڊي- ائنول- صفحا 19-23). ان کي حضرت دائودؑ جو منارو به چيو ويندو هو.

(83)                    هيوم (انگلنڊ جي تاريخ ۾، I,311,312 آڪٽئويو ايڊيشن ۾.

(84)                    والٽيئَر، جنرل هسٽري (عام تاريخ) تي لکيل سندس مضمون ۾. (ii,54,345,346).

(85)                     نارمنڊي جي رابرٽ جو انگريزي مترجم ۽ ٽولوز جي ريمنڊ جا ڳوٺاڻا، تاج جو شان شوڪت هڪ طرف، پر رسمن رواجن جي سچي آواز، آرزوئن، اُميدن توڙي انتقام جي جذبن جي ياد کي اڃا تائين تازو توانو رکيو آهي. (ولهرڊون، نمبر 136 جنهن جو تعلق گائيلز جي نواب سان آهي. هو ٽرپولي جي گهيري وقت مري ويو هو، هي شهر پوئلڳن ۽ جانشينن جي قبضي ۾ هو.

(86)                    ٽاير جي وليم ۾ (x,1-12) اليڪشن توڙي عسڪلان جي جنگ جي باري ۾ احوال پڙهو ۽ پهرين صليبي جنگ جي لاطيني تاريخدانن طرفان نتيجن اَخذ ڪرڻ جو به غور سان مطالعو ڪيو.

(87)                    ريناڊوٽ- سرواڻن جي تاريخ، (اليگزيَس، ص 479).

(88)                    بزرگ دئمبرٽ جي دعوائن کي ٽاير جي وليم ۾ تڪيو ۽ توريو. (ix,15-18,x,4,7,9) جيڪو وڏي وضاحت ۽ بيباڪيءَ سان جيروسلم جي فاتحن ۽ بادشاهن جي آزادي متعلق اسان کي تفصيلي احوال ٻڌائي ٿو.

(89)                    ٽاير جو وليَم (x,19) يعقوب ۽ وٽرئڪو جي تاريخ (I,21-50) ۽ مئرينَس سنوٽَس (iii,i) جي احوال مان اسان کي جيروسلم جي لاطيني بادشاهتن بابت ڄاڻ ۽ سوڀن جو احوال ملي ٿو.

(90)                    فوجن کي جڏهن جمع ڪيو ويو، جن ۾ لِوي ۽ بينجمن جا قبيلا به شامل نه هيا، تڏهن به دائود وٽ 1300،000 يا 15،74000 فوجي يا ويڙهاڪ موجود هيا، جن ۾ جيڪڏهن عورتون، ٻار ۽ غلام به جوڙجن ته اُنهن جو تعداد 13 مليَن يا هڪ ڪروڙ ۽ ٽيهه لکَ ان ملڪ ۾ وڃي بيهندو جيڪو ڊيگهه ۾ سٺ ليگ (ان وقت جو ماپو) ۽ ويڪر ۾ ٽيهه ليگ آهي. جيڪڏهن ان حقيقت تي ايمانداري ۽ دليلن وارو تبصرو ڪجي ته معاملو اونڌو ٿي سگهي ٿو ۽ شڪ شبها خطرناڪ حد تائين وڌي وڃن ٿا.

(91)                      هنن گهيرن ۽ هَلائُن بابت صحيح جڳهه ۽ صحيح وقت تي ٽاير جي وليَم طرفان حقيقتون بيان ٿيل آهن جيڪي ix ڪتاب کان وٺي xviii تائين گڏ ٿيل آهن. ۽ جن کي برنارڊَس ٿسارئريَس مختصر نموني بيان ڪيو آهي. ڪي مقامي ڳالهيون ۽ حقيقتون پِيسا، جينئا ۽ وينِس جي تاريخوار واقعن ۾ آيل آهن ۽ ٻيون مراتوري جي ڇهين، نائين ۽ ٻارهين جلد ۾ شامل آهن.

(92)                    (’اولهه جي ٻيٽن تي ماڻهو موجود هيا ۽ خاص طرح ان خطي ۾ جنهن کي هاڻي ناروي چيو وڃي ٿو‘). ٽاير جو وليم (xi,14,804) ان وهڪري جو ڏَس ٿو ڏئي، (انگلش چئنل ۽ جبرالٽر جي رستي جو گَس ٿو ٻڌائي). ته سِڊان جو گهيرو ڪيئن ڪيو وڃي.

(93)                    بينيلاٿر، ڊي گائينز (هُنن (HUNS) جي تاريخ، ii,ii,150,151، 1127ع) هو يقيني طور تي ملڪ جي اندروني حالتن بابت ٻڌائيندو هوندو.

(94)                    سانٽ عقلمنديءَ سان، عورت جي حڪمرانيءَ ۾ سازشن ۽ شرارتن جو ذڪر ان حوالي سان ڪري ٿو ته: ’اهڙي خطي ۾ جتي دشمنن جو ڄار ڦهليل هجي، اُتي مردانگيءَ جي همت، حوصلو ۽ بهادري تمام ضروري هئي‘. تنهن هوندي به جڏهن کيس سڏ ٿيو ته پنهنجي جاگيردار مالڪ جي اجازت سان هن خانداني الهڙ ڇوڪري پنهنجي مڙس جي چونڊ ڪئي جيڪو اڳي ئي ناميارو هو. (جيروسلم جو احوال، باب 242 وغيره) ان کان سواءِ، ايم- ڊي، گائينس جو به مطالعو ڪيو (I,441-471) ته هنن شاهي سلسلن جي شجرن ۽ حسب نسب کي به ڏٺو وڃي.

(95)                     کين ٺٺولي ۽ چٿر مان سڏيو ويندو هو: پُوليسنـَس، يا پولاني (يعني گڏهه، گهوڙو يا کوتو کين سڏيو ويندو هو) ۽ سندن نالو ڪڏهن به نفرت يا حقارت بنان نه ورتو ويندو هو. (ڊوڪينج، لاطيني، 5,535) ۽ جئائنول جا تجزيا (صفحا، 84-85، يعقوب، وٽرئيڪو (هيروسول جي تاريخ، I,67,92) ۽ سانٽَ، (iii,viii,2,182) هن سلسلي ۾ هڪ يادگار جملو لکيو ويو آهي: (’مقدس ڌرتي کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارن عظيم انسانن جا نالائق پٽ… جيڪي اُتي رهيا، عيش عشرت جي ڪمن ۾ ڪاهي پيا ۽ مردن مان ڦِري عورتون ٿي ويا‘).

(96)                    هي مستند معلومات جيروسلم بابت تفصيلن منجهان ملي آهي. (باب، 324,326-331) سانٽ، (iii,viii,I,174) فقط 518 امير ۽ 5775 اُنهن جا پوئلڳ ٿو ڳڻائي.

(97)                    مجموعي طور تي ٽن وڏن پرڳڻن ۾ 100 امير هرهڪ پرڳڻي ۾ هيا ۽ هڪ ٻي اطلاع موجب سندن تعداد 500 هيو جنهن کي هڪ اندازي موجب جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو.

(98)                    تنهن هوندي به اوچتن موقعن تي (سانٽق چوي ٿو) امير پاڻ هُرتو مدد پاڻ سان گڏ آڻيندا هيا ۽ اُهي اهڙا سپاهي پاڻ سان گڏ کڻندا هيا جيڪي لڳ ڀڳ سندن ئي مرتبي وارا هوندا هيا.

(99)                    ٽاير جو وليم، اسپتال وارن جي گندي اصليت ۽ ذهنيت بابت ٻڌائي ٿو. (xviii,3,4,5) جن پنهنجي محسن کي ڇڏي ڏنو هو. سينٽ جان جيڪو خير خيرات ڏيندڙ هيو، ان وڏي سينٽ جان جو ڪردار ٿي ادا ڪيو جيڪو پاڪ غسل ڏياريندڙ جي حوالي سان مشهور هيو. (ڏسو پاگي، جي ناڪام محنت، (تنقيدي جائزو، 1099ع، نمبر 14-18). هنن 1120ع ۾ هٿيار کڻڻ شروع ڪيا؛ پر اسپتال امڙ هئي، مندر پُٽ يا ويجهو عزيز هو، ۽ ٽيوٽونڪ يا جبري حڪم 1190ع ۾ ان وقت جاري ڪيو ويو هيو جڏهن آڪري جو گهيرو ڪيو ويو هيو.

(100)             سينٽ برنارڊ کي ڏسو. هڪ مندر کي (1132-1136ع) ۾ ٺاهيو ويو هيو. (I,ii,547-563) هن تحرير کي مئبيلن ايڊٽ ڪيو هو. وينيٽ، 1750ع. اهڙي مدح سرائي يا ساراهه جيڪا مذهبي ماڻهن مٿان مفت اڇلائي وڃي، اُها مالٽا جي تاريخدانن کي ضرور وڻندي.

(101)               مئٿيو پئرس (ميجر جي تاريخ، ص 544) هو اسپتال جي مالڪن کي 19،000 ۽ مذهبي ماڻهن کي 9000 منيريا ٿو ڏئي. هڪ اهڙو لفظ جيڪو ٻاهران برآمد ڪيو ويو هيو (جيئن ڊوڪينج جائز طرح سان پنهنجو تجزيو پيش ٿو ڪري) ۽ اهو لفظ فرانسيسي محاوري جي بجاءِ انگريزي محاورو معلوم ٿو ٿئي. مئنر معنيٰ ’جيئَندا قبلا‘ ۽ مئنر جو مطلب رهائش گاهه پڻ آهي.

(102)             مالٽا جي بهادري جي تاريخ جي پهريَن ٽن ڪتابن ۾ جن کي ابي ڊي ورٽوٽ لکيو آهي، پڙهندڙ پاڻ کي دلچسپ ۽ خوشامد وارين ڳالهين ۾ پيو محظوظ ڪندو ۽ تحرير جو ساڳيو طريقو فلسطين ۾ پڻ اختيار ڪيو ويو هو. ايندڙ ڪتابن ۾ پڻ ماڻهن کي تاڪيد ڪيو ويو آهي ته هو رهوڊس ۽ مالٽا ڏي لڏي وڃن ۽ اُتي وڃي پنهنجي رهائش اختيار ڪن.

(103)             جيروسلم جا قديمي قانون فرينچ زبان ۾ ڇپيل هوندا هيا، (بورجز ۽ پئرس، 1690ع) جن کي گئسپارڊ ڊي- لا ٿامس مشهور ڪيو هو ۽ اُنهن تي تبصرا به ڪيا هيا ته هُن مختلف قانونن جو تفصيل به ڪتابن ۾ ڇاپيو هو. انهن قانونن جو اٽلي زبان جو ترجمو وينِس ۾ 1535ع ۾ ڇپيو هو ته جيئن قبرص جي بادشاهت به اُنهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.

(104)             تڏهن به جيروسلم صلاح الدين آڏو شڪست قبول ڪئي: راڻي ۽ نالي وارا عيسائي صلح سانت ۾ واپس هليا ويا ۽ هڪ اهڙو قانون يا اصول جيڪو تعريف لائق هو، پر پوءِ ڀي اُهو فاتحن جي لالچ آڏو بيوَس بڻجي ويو. آءٌ ڪڏهن مقدس مقبري جي اصلي ڪاپي جي هئڻ تي شڪ ڪندو آهيان جنهن کي شايد ايجاد ڪيو ويو هو ته جيئن فرانس وارن جي روايتن ۽ رسمن کي فلسطين ۾ نه رڳو رائج پر اُنهن کي مقدس به بنايو وڃي.

(105)              هڪ عزت واري قانون دان رائول تبري، بادشاهه عماري کي عبادت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. (1195-1205ع) ته جيئن هو پنهنجي ڄاڻ کي ڪتابن ۾ منتقل نه ڪري سگهي، ۽ هن اعلان ڪيو ته ’ڪو به شخص يا ڳوٺاڻو سندس ڄاڻ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي توڙي جو اُهو ڪيترو به تعليم يافته يا پڙهيل ڳڙهيل هجي‘. (باب 281).

(106)             جفا ۽ عسڪلن جون ڪورٽون در حقيقت هن اهم ڪتاب کي ترتيب ڏيندڙ هيون. بيريٽس ۽ ريمس جا نوابَ 1266ع ۾ مري ويا هيا. (سانتَ، iii,xii,5,8) آئيبيلن جو خاندان، جيڪو فرانس جي چارٽريس جي نواب جي ننڍي ڀاءُ جي نسل منجهان هيو، اُهو گهڻو اڳ فلسطين ۽ قبرص ۾ مستقل طور تي رهائش اختيار ڪري چڪو هو. (ڏسو هڪ اصلي ڪتاب جنهن ۾ فرانس جي مُهم جُو شخصيتن جي حسب نسب ۽ شجرن جا تفصيل درج ٿيل آهن).

(107)             هن ٻيٽ جي رياستن ۾ سورهن ڪمشنر چونڊيا ويا هيا ته معاملن کي اڳتي وڌائن، پر ڏنل ڪم 3 نومبر، 1369ع ۾ پورو ڪري، ان تي چار مُهرون لڳائي، ۽ ان کي نِڪوسيا جي ڪليسا ۾ جمع ڪرايو ويو هو. (هن سلسلي ۾ آسيَس جي مهاڳ کي به مطالعي هيٺ آڻجي).

(108)             هڪ محتاط شخص يعني جان ڊي آئبيلن، يقين ڏيارڻ جي بجاءِ دليل ٿو پيش ڪري ته ٽرپولي چوٿين بئروني (ننڍو شهر جنهن جي پنهنجي حڪومت هجي) آهي ۽ هڪ سپاهي ۽ هڪ جنرل جا جيڪي حق ۽ سندن دعوائون آهن، اُنهن جي باري ۾ پنهنجي شڪَ يا هڪ محتاط راءِ جو اظهار ٿو ڪري.

(109)             ’سندن احتجاج يا ناراضگي جو طريقو به ڏاڍو سادگي وارو، ۽ آزادي جي اصولن جي خانداني روايتن مطابق هو‘.

(110)               ڇپجڻ کان پوءِ چاليهن سالن ۾، ٻي ڪنهن ڪتاب کي نه ايترو پڙهيو ويو آهي ۽ نه وري ٻي ڪنهن ڪتاب تي ايتري تنقيد ٿي آهي، ۽ جيڪو تجسُس ۽ شوق سان پڙهڻ جو جذبو ان ڪتاب ماڻهن ۾ پيدا ڪيو آهي ته مصنف طرف، اهو احساس اسان جي ذميندارين ۾ هرگز شامل ناهي.

(111)                 اُهي قانون جيڪي اڳ غير واضح ٿي رد ٿي چڪا هيا. اُنهن کي سمجهڻ ۽ وري زندهه ڪرڻ لاءِ آءٌ هڪ عالم نواب جي دوستيءَ جو احسان مند آهيان (باب، 80-111) جنهن صحيح فيصلي ۽ دروانديشيءَ جي نظرن سان قانون جي فلسفياڻي تاريخ جو جائزو ورتو، ان کي پرکيو ۽ ان جو فائدو ورتو. سندس محنت ۽ ورق گردانيءَ مان ايندڙ نسل يقيني طور تي لاڀ پرائيندو. هن تقرير جي ماهر ۽ جج جي صلاحيتن کي فقط اُهي سمجهي سگهندا يا ان جو قدر ڪندا جيڪي سندس همعصر هيا. (هي اشارو يا حوالو. نواب لوگبارو ڏانهن آهي. (1733-1805ع).

(112)               لوئس لي گراس جنهن کي فرانس ۾ ’ادارن جو پيءُ‘ چيو ويندو آهي، بولن جي گاڊفري کان پوءِ پنهنجي حڪومت نـَون سالن تائين به قائم نه رکي سگهيو هو. (1108ع). ان جي حقيقت کي ڄاڻڻ ۽ اثرن کي سمجهڻ لاءِ، ڊاڪٽر رابرٽسن جي تجزيي جو مطالعو ڪيو. (چارلس- V جي تاريخ، I,30-36,251-265) هي ڪتاب ڪوارٽو ايڊيشن ۾ ڇپيل آهي.

(113)               ڪتابن جا پڙهندڙ جيڪي صليبي جنگين جي تاريخ کان چڱيءَ طرح واقف آهن، اُهي اوڀر جي عيسائين، ميلڪائيٽس، يهودين يا نستورين کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهندا. جن سڀني عربي زبان کي سکي ورتو هو ۽ اُها ئي زبان ڳالهائيندا به هيا. (v,151).

(114)               ڏسو جيروسلم جي آسيَس کي . (310,12). اهي قانون تمام پوءِ يعني 1358ع ۾ ترتيب ڏنا ويا هيا جڏهن قبرص جي حڪومت جو وجود قائم هيو. ساڳي صديءَ ۾ يعني ايڊورڊ- 1 جي دؤر ۾، جيئن مون کي آخر ۾ ڇپيل ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي، ته هڪ جنگي گهوڙي جي قيمت انگلنڊ ۾ گهٽ مهانگي نه هئي.

باب اڻهٺيون

 

يوناني شهنشاهت جو قائم رهڻ- ٻي ۽ ٽِين صليبي جنگ ۾ ماڻهن جو تعداد، وقفو ۽ واقعو- سينٽ برنارڊ- صلاح الدين جي مصر ۽ شام ۾ حڪومت- هُن طرفان جيروسلم جي فتح- صليبي طرز جون سامونڊي جنگيون- انگلينڊ جو رچرڊ I- معصوم پادري III- چوٿين ۽ پنجين صليبي جنگ- شهنشاهه فريڊرڪ II- فرانس جو لوئس IV- ۽ ٻه آخري صليبي جنگيون- مملوڪن طرفان لاطينين يا فرئنڪن کي پنهنجي حدن مان ٻاهر ڪڍڻ.

 

تاريخ جي مقابلي ۾ ڪجھ گهٽ ئي سهي پر تڏهن به آءٌ شهنشاهه اليگزيَس(1) جي ڀيٽ اُن گِدڙ سان ڪندس جيڪو لِڪ ڇَپ ۾ قدم کڻندو شينهن جي پٺيان هلندو هلي ۽ ان جي بچايل کاڌي کي بنا دير ڳڙڪائي ڇڏي. پهرئين صليبي جنگ کان پوءِ جيڪي به سندس خدشا ۽ محنتون هيون ته فرئنڪن جي ڪارنامن جي طفيل، انهن جو ازالو پوريءَ طرح ٿي چڪو هيو ۽ کيس گهربل فائدا به ملي چڪا هيا. نائيسيا جي پهرين فتح، سندس ڦڙتيءَ واري مهارت ۽ چؤڪس رهڻ جي صلاحيت سبب ممڪن ٿي سگهي هئي، ۽ هن ئي خطري واري هنڌ تان ترڪن کي قسطنطنيه توڙي ڀرپاسي وارن علائقن کي ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هيو. انڌي ۽ غير ضروري جرئت ڪندي صليبي فاتح هڪ طرف ايشيا جي اندروني ملڪن ڏانهن هليا ويا ته ٻي طرف چالاڪ يونانين ان وقت موقعي جو فائدو ورتو جڏهن سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ اميرن کي سلطان جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. ترڪن کي رهوڊس ۽ چوس جي ٻيٽن مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ اِفيسَس، اسمرنا، سارڊس، فلاڊيلفيا ۽ لائوڊيسيا جي شهرن کي وري شهنشاهت ۾ شامل ڪيو ويو جن جي سرحدن کي اليگزيَس هيلسپانٽ کان مينڊر جي ڪنارن ۽ پئمفيليا جي پهاڙي علائقن تائين وڌائي ڇڏيو هو. ڪليسائن جون رونقون بحال ٿيڻ لڳيون، شهرن جي نئين سر تعمير ٿيڻ لڳي ۽ قلعا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويا ۽ هڪ ويران ملڪ ۾ ٻيهر عيسائين جون ڪالونيون ٺهي ويون، جن کي پرانهن پنڌن ۽ خطرناڪ سرحدن تان لَڏائي هتي آباد ڪيو ويو. اهڙين پدري شفقتن ۾ اسان ته شايد اليگزيَس کي معاف ڪري سگهون ٿا توڙي جو هُن مقدس مقبري جي ڇوٽڪاري جي عزم کي وساري ڇڏيو هو، پر لاطينين جي نظر ۾، هُن تي، عزم تان ڦرڻ ۽ غداريءَ جو الزام لڳي چڪو هو. هنن ساڻس وفادار رهڻ ۽ سندس فرمانبرداري ڪرڻ جو قسم کنيو هو، پر ساڳئي وقت هن به سندن مُهم جوئي ۾ مدد ڪرڻ جو يقين هن شرط تي ڏياريو ته سندن مدد لاءِ هو ذاتي طرح پاڻ هر وقت موجود هوندو يا وري گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي فوج جي موجودگي ۽ ضرورت پوڻ تي پئسي ڏوڪڙ جي گُهرجن کي يقيني بڻائيندو، پر سندس ذلت واري ڀاڄَ، سندن فرضن ۽ سؤنپيل ذميوارين کان کين آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ سندن ترار، جنهن سان هو سوڀون ماڻيندا هيا، اُها آزادي حاصل ڪرڻ جي حق لاءِ سندن عزم ۽ اَٽل ارادن جو ذريعو بڻجي وئي. اهو ڪٿي به ظاهر نٿو ٿئي ته شهنشاهه جيروسلم جي بادشاهت تي(2) پنهنجن اجاين ۽ رد ٿيل دعوائن کي دهرايو هو، پر سليشيا ۽ شام جون حدون کيس تازيون هٿ آيل هيون جيڪي، خطري جي صورت ۾، حاصل ڪرڻ هن لاءِ آسان ڪم هيو. صليبين جي وڏي فوج کي يا ته تباهه ڪيو ويو هو يا وري کين ڀڄائي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو هيو، انتاڪيا کي، بوهيمنڊ طرفان (*) قيد مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا رقم کيس ڏيڻي پئجي وئي هئي، ان قرضن جا ڪوٽَ مٿس چاڙهي ڇڏيا هيا ۽ نارمنڊي ۾ جيڪي ٿورا گهڻا سندس پوئلڳ هيا، اُهي ايترا ته نااهل ۽ نالائق هيا جو يونانين ۽ ترڪن طرفان شرارتن ۽ دشمنين کي مُنهن ڏيڻ جهڙا هرگز نه رهيا هيا. پريشانيءَ جي اهڙن لمحن ۾، بوهيمنڊ وري به هڪ مانائتو فيصلو ڪري ورتو ۽ انتاڪيا جي حفاظت پنهنجي هڪ عزيز ٽئنڪريڊ جي حوالي ڪيائين جيڪو هن گهڙيءَ تائين ساڻس وفادار رهيو هو ۽ ٻيو ته هن اولهه وارن کي، بازنطيني شهنشاهت خلاف، فوج ۽ هٿيارن جي مدد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ هر ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين جيڪي سندس پيءُ گسڪارڊ جي مثالن ۽ ڏنل سبقن منجهان کيس ورثي ۾ مليا هيا. هن پنهنجي رواني ٿيڻ کي ڳجهو رکيو هو ۽ جيڪڏهن اسان شهزادي ائن(*) جي هڪ ڪهاڻيءَ تي ڀروسو ڪريون ته هن پاڻ کي هڪ ڪفن ۾ ويڙهائي(3) دشمن ملڪ جي سمنڊ کي اُڪاريو هو. بهرحال فرانس ۾ سندس زبردست استقبال ڪيو ويو ۽ اتان جي بادشاهه جي ڌيءُ سان سندس شادي ٿي وئي؛ اهڙي طرح سندس واپسيءَ کي شاندار بنايو ويو ۽ چيو وڃي ٿو ته ان وقت جي بهادر روحن پاڻ کي سندس ڪمن جي تابع ڪري ڇڏيو هو ۽ هن ٻيهر ائڊرئٽڪ سمنڊ کي، پنج هزار گهوڙي سوارن ۽ پنجاهه هزار پيادل فوج سان، پار ڪيو جيڪي يورپ(4) جي مختلف ۽ پري وارن علائقن مان ڪهي آيا هيا ۽ پاڻ کي سندس فوج ۾ شامل ڪيو هئائون. دُرازو جي طاقت ۽ اليگزيَس جي دورانديشي جي باوجود، ڏڪر جي حالتن ۽ سياري جي ٿڌ گڏجي سندس اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ جيڪي ڀاڙيتو فوجي سندس فوج ۾ شامل هيا، اُهي سڀيئي کيس ڇڏي رمندا رهيا. هڪ صلح نامو(5) طئي ٿي ويو جنهن سان يونانين جا خوف ۽ خدشا ختم ٿي ويا ۽ اُهي تڏهن اڃا وڌيڪ مطمئن ٿيا جڏهن سندن هڪ اهڙو دشمن مري ويو جيڪو نه ته قَسمن کي مڃيندو هو نه خطرا کيس ڊيڄاري سگهندا هيا، ۽ نه وري هو ماڻهن جي خوشحاليءَ مان خوش ٿيندو هو. سندس ٻار انتاڪيا جا حاڪم ٿي ويا پر اُنهن جي حدن کي مقرر ڪيو ويو هيو، سندن عزت ۽ احترام جي به وضاحت ڪئي وئي هئي ۽ ٽارسَس ۽ ملمسٽرا جا شهر بازنطيني شهنشاهت کي واپس ڪيا ويا هيا. جيتري قدر اناتوليه جو تعلق آهي ته ان جي حدن ۾ ٽريبيزانڊ کان وٺي شام جي سرحدن جا علائقا اچي ٿي ويا. رُوم جي سلجوق گهراڻي جي حڪومت(6) سمنڊ ذريعي هر طرف کان جدا ٿيل هئي ته ساڳي وقت سندن مسلمان ڀائر به سڀني کان ڪٽيل هيا ۽ سوڀن سبب سلطان جي طاقت لوڏن ۾ اچي وئي هئي ته فرئنڪن جي شڪست پڻ کين ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. نائيسيا جي نقصان کانپوءِ، هنن پنهنجي تخت کي ڪگني يا آئڪونيم ڏي تبديل ڪري ڇڏيو هو جيڪو هڪ اڻ ڄاتل ۽ ٻهراڙيءَ جو ننڍو شهر هيو ۽ جيڪو(7) قسطنطنيه کان ٽن سو ميلن کان به وڌيڪ مفاصلي تي هيو. پنهنجي گاديءَ جي هنڌ لاءِ ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ جي بجاءِ، ڪنينيا جي بادشاهن ترڪن جي خلاف هڪ جارحاڻي جنگ ڇيڙي ڇڏي ۽ پهرين صليبي جنگ، ڪِرندڙ ۽ جهُرندڙ شهنشاهت کي ختم ٿيڻ کان بچائي ورتو.

ٻارهين صدي عيسوي ۾ اولهه جي ملڪن کان، ٽي دفعا زميني رستن کان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي ته جيئن فلسطين جي تڪليفن کي دور ڪري ان جي مدد ڪئي وڃي. لومبارڊي، فرانس ۽ جرمني جا سپاهي توڙي زيارت جا طلبگار پهرين صليبي جنگ(8) جي شاندار ڪاميابيءَ تي بيحد خوش هيا. مقدس مقبري جي ڇوٽڪاري کان اٺيتاليهه سال پوءِ، شهنشاهه ۽ فرانس جو بادشاهه ڪونراڊ ٽيون ۽ لوئس ستون ٻي صليبي جنگ وڙهڻ لاءِ روانا ٿيا ته جيئن پنهنجن لاطيني ڀائرن(9) جي ڪمزور ۽ زوال پذير فوجي طاقت کي سهارو ڏين ۽ انهن جي مدد ڪن. شهنشاهه فريڊرڪ باربروسا(10)، ٽين صليبي جنگ وڙهڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر وٺي روانو ٿيو ته جيئن پنهنجن فرانس ۽ انگلينڊ جي ڀائرن سان نه رڳو همدردي پر سندن مدد ڪري ته جيئن جيروسلم جي نقصان جو ڪجھ ازالو ٿي سگهي. هنن ٽنهي جنگي معرڪن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن ۾ ماڻهن جو تعداد، ٿوري گهڻي فرق کان سواءِ هڪ جهڙو هيو، ته وري سڀئي لشڪر يونان جي شهنشاهت منجهان گذريا هيا ۽ ترڪي سان ٽنهي ٽولن جي لڙائيءَ جي نوعيت به ساڳي هئي ۽ هن سلسلي ۾ بهتر ٿيندو ته قصي کي مختصر ڪجي ته جيئن ڊگهي داستان جي بيان کان بچي سگهجي. صليبي جنگين جو احوال ڀلي ڪيترو ئي شاندار ڇو نه هجي، پر غور سان ڏسبو ته هر جنگ جا ساڳيا سبب ۽ ساڳيا اثر هيا ۽ مقدس مقبري جي ڇوٽڪاري لاءِ هر دفعي ڪيل ڪوششن ۾ پڻ پهرين صليبي جنگ جو نقشو ۽ نظارو نظر ايندو.

(I)               ماڻهن جو هڪ وڏو لشڪر جيڪو پهريَن زيارتين جي قدمن پٺيان قدم کڻندو اڳتي وڌيو، ان جا اڳواڻ ساڳين رتبن وارا هيا، توڙي جو شهرت ۽ صلاحيتن ۾ اُهي بولن جي گاڊ فري ۽ سندس ويجهن ساٿين جهڙا نه هيا. سندن سِرن تي، برگنڊي، بَوئريا ۽ پهرئين اڪئينٽين، جيڪو ڪئپيٽ جو پوئلڳ هو، جا جهنڊا رکيل هيا؛ ٻيو ته برنسوڪ خاندان جو وڏو، جيڪو مِلن جو وڏو پادري ۽ عارضي بادشاهه به هيو، پنهنجي محل ۽ ڪليسا مان ڳهه ڳٺا ۽ دولت کڻي آيو ته جيئن ترڪن کي ان مان ڪو فائدو ٿئي، ۽ صليبي بزرگ، عظيم هُو (Hugh) ۽ چارٽريس جو اسٽيفن به واپس وريا ته جيئن پنهنجي ڪيل واعدي ۽ عزم جي تڪميل ڪري سگهن جنهن کي اڳ هنن اڌ ۾ ڇڏيو هو. سندن پوئلڳن جي هڪ وڏي تعداد کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ جيڪڏهن پهرئين حصي ۾ شامل ماڻهن جو تعداد ٻه لک سٺ هزار هيو ته ٻي حصي ۾ وري سٺ گهوڙي سوار ۽ پيادل فوج جو انگ هڪ لک جي لڳ ڀڳ هيو(11). ٻي صليبي جنگ جي فوجن دعويٰ ڪئي هئي ته هنن ايشيا کي فتح ڪيو هو: فرانس ۽ جرمني جي معززن کي اها خوشي هئي ته سندن حاڪم، جيڪي اُنهن جا اڳواڻ به هيا، ساڻن گڏ هيا، ۽ ڪونراڊ ۽ لوئس جي ذاتي ڪردار توڙي سندن مرتبي، پنهنجن پنهنجن ساٿين ۽ فوجين جي مقصد کي پروقار بنائي ڇڏيو هو ۽ منجهن نظم ۽ ضبط جو روح ڦوڪي ڇڏيو هو. هي اهڙا جذبا هيا جن جي اُميد، جاگيرداراڻي مزاج جي اڳواڻن مان ڪرڻ عبث ۽ اجائي هئي. شهنشاهه توڙي بادشاهه ٻنهي مان هر هڪ جي گهوڙي سوار فوج ستر هزار اميرن کان سواءِ سندن بيشمار خادمن ۽ ذاتي نوڪرن چاڪرن تي مشتمل هئي جيڪي جنگ جي ميدان تي مقرر ٿيل هيا(12)، ۽ جيڪڏهن ٻيا ماڻهو، جن وٽ هلڪي قسم جا هٿيار هيا يا جيڪي هاري ناري ۽ پيادل گڏ هيا، يا عورتون، ٻارڙا، پادري ۽ راهب هيا، اُنهن سڀني جي تعداد کي شامل نه ڪجي تڏهن به باقي بچيل ماڻهن جو تعداد به گهٽ ۾ گهٽ چار لک انسانن جو هيو. روم کان برطانيه تائين اولهه جي سڀني ملڪن کي هن مُهم ۾ شامل ڪيو ويو هو؛ پولئنڊ ۽ بوهيميا جي بادشاهن سندن اڳواڻ ڪونراڊ جو حڪم مڃيو، ۽ يونانين ۽ لاطينين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته، هڪ ندي يا هڪڙي درياهي لنگهَه کي اُڪرڻ مهل، بازنطيني ايجنٽن، نوَ لک ماڻهن جي انگ کي ٻڌندي ئي، هيڏي ساري وڏي تعداد جي مخالفت ڪئي ۽ ماڻهن جي وڌندڙ انگ جي اڻ کُٽ سلسلي کي اجايو ڪوٺيو(13). ٽين صليبي جنگ ۾، جيئن ته فرانس ۽ انگلينڊ جي ماڻهن بحيره روم کي اُڪرڻ ٿي چاهيو ته فريڊرڪ باربروسا جي ماڻهن جو تعداد ڪجھ گهٽ هيو. پندرهن هزار امير ۽ اوترا ئي سندن خادم ساڻن گڏ هيا جنهن کي جرمني وارن جي قوت جو سرچشمو چيو ويو؛ هنگري جي ميدانن تي شهنشاهه سٺ هزار وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجي فوج ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ لشڪرن جي هيڏي انگ کان پوءِ، اسان ڇهن لکن زيارتين جي تعداد تي شايد حيران نه ٿينداسون ڇو ته ماڻهن جي هيڏي ساري انگ لاءِ سادگي يا معصوميت مان اهو چيو ويو ته اها بس سندن آخري لَڏپلاڻ هئي(14). مبالغي وارو ايترو وڏو تعداد فقط ان وقت جي ماڻهن جي اچرج واري ڪيفيت کي ثابت ٿو ڪري، پر سندن حيرت يا تعجب لاءِ ثبوت ۽ شاهديون موجود آهن ته ماڻهن جو تعداد واقعي تمام گهڻو هو توڙي جو ان انگ جي حساب جي پوري يا مستند ڪَٿَ پوءِ به ڪري نٿي سگهجي، پر اُنهن فرانس جي گهوڙي سوارن ۽ جرمني جي پيادل فوج(15) جي طاقت کي دل سان تسليم ڪيو هو، ۽ فوج ۾ جيڪي ڌاريا ماڻهو شامل هيا اُنهن کي لوهَه جي ٺهيل هڪ اهڙي مضبوط قوم سڏيو ويو جن جو قد وڏو هو ۽ جن جي اکين منجهان باهه جا تير نظر ايندا هيا ۽ اُنهن ئي ماڻهن جو رَت پاڻيءَ جيان زمين تي وهايو ويو هيو. ڪونراڊ جي جهنڊي هيٺ، عورتن جي هڪ فوج مردن جيان گهوڙي سواري ۽ پنهنجي شهسواريءَ جا جوهر ٿي ڏيکاريا ۽ هنن خطرناڪ بهادر ۽ ويڙهاڪ عورتن جي اڳواڻ کي، پنهنجي جوش جذبي ۽ سونهري بوٽن جي ڪري، ’سونن پيرن واري عورت‘ جو کيس خطاب ڏنو ويو.

(II)            ڌارين ماڻهن جي وڏي تعداد ۽ سندن ڪردار، بزدل يونانين کي بِنهه ڊيڄاري ڇڏيو هو ۽ سندن خوف خطري جي جذبن منجهان سندن دلين ۾ ڌارين لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪي پئي هئي. بهرحال ترڪن جي حڪومتي طاقت سبب نفرت جي جذبن کي يا ته ترڪ ڪيو ويو هيو يا اُنهن ۾ هاڻي ڪافي حد تائين نرمي اچي وئي هئي ۽ لاطينين طرفان بُري ڀلي چوڻ يا گار گند جي زبان اسان جي واضح يقين تي اثرانداز نٿي ٿي سگهي ته شهنشاهه اليگزيَس، سندن گستاخيءَ تي ٻهروپيائي ڪندي خاموش رهيو هو، سندن دشمنين تي پرده پوشي ڪئي هئي، سندن ڪاوڙ کي ٿڌو ڪيو هو ۽ سندن جوش جذبن آڏو جهُڪندي هنن لاءِ زيارت ۽ سوڀ جي رستن کي کولي ڇڏيو هيائين. پر، جڏهن ترڪن کي نائيسيا ۽ سامونڊي ڪنارن تان ڀڄايو ويو هو، جڏهن بازنطيني بادشاهن کي هاڻي ڪاگني جي پري پنڌ وارن سلطانن کان ڪو به خطرو محسوس نه پئي ٿيو ته هنن، اولهه جي بربرن کي آزاديءَ مان اچڻ وڃڻ ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي کين رستو ڏيڻ تي پنهنجي طرفان سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هنن نه رڳو شهنشاهت جي شان ۽ وقار جي بي عزتي ڪئي هئي پر ان جي امن امان ۽ حفاظت کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو. ٻي ۽ ٽين صليبي جنگ جي شروعات مينوئل ڪمنينَس ۽ اسحاق اَئنجلَس جي حڪومت ۾ ٿي هئي. ذڪر ڪيل پهرئين شخص جا جوش جذبا اُٻهرا ۽ ڪدورت طرف مائل هيا ۽ ٻئي ۾ وري فطري بزدلي ۽ شرارت گهڻي نظر ايندي هئي، جيڪو بغير ڪنهن سبب جي، ڪنهن آمر کي سزا ڏئي، ان کي حڪومت تان لاهي، پاڻ سندس تخت تي قبضو ڪري ويهي رهندو هو. بادشاهه ۽ عوام طرفان هاڻي ڳجهي طريقي ۽ خاموشيءَ سان فيصلو ڪيو ويو هو ته زيارتين کي يا ته بلڪل تباهه ڪيو وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ کين تڪليفون ۽ اذيتون پهچائي سندن سفر جي رستن کي بند ڪيو وڃي ۽ زيارتين طرفان دورانديشي ۽ نظم ۽ ضبط کان خالي هجڻ جي ڪيفيت، کين خودبخود اهڙو موقعو ڏنو هو ته پنهنجي نئين تجويز تي پوريءَ طرح عمل ڪن. اولهه جي حڪمرانن، پنهنجي عيسائي ڀائرن جي ملڪ مان سلامتيءَ سان گذرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي گهُربل شين جي خريداري ڪرڻ جو سوچيو هو، هن سلسلي ۾ قَسمن کڻڻ کان پوءِ هڪ صلح نامي کي به طئي ڪيو ويو هو ۽ فريڊرڪ جي فوج جي غريب ترين سپاهيءَ کي به چانديءَ جا ٽي مارڪ ڏنا ويا هيا ته سفر ۾ پنهنجي ضرورت جي خرچن جو پُورائو ڪري سگهي. پر هر ڪم ۽ هر منصوبي کي ذلت ۽ ناانصافي ذريعي ناڪام بنايو ويو هو ۽ لاطينين جي شڪايتن جي تصديق، هڪ يوناني تاريخدان جي تحريرن ذريعي ٿي چڪي آهي جنهن جرئت ڪندي پنهنجي ملڪ وارن لاءِ جيڪو ڪجھ لکيو آهي سو سچ لکيو آهي(16). بجاءِ مهمان نوازي واري آڌرڀاءُ ڪرڻ جي، يورپ توڙي ايشيا ۾ صليبين لاءِ دروازا ۽ گذرڻ جا لنگهَه بند ڪيا ويا هيا ۽ معمولي کاڌ خوراڪ ٽوڪرين ۾ رکي کين ديوارن تان اڇلائي ويندي هئي. تجزيو يا وري دورانديشي، بغض ۽ حسد جي اهڙن ڪُڌن ڪمن کي شايد معاف ڪري ڇڏي پر انسانيت جي تقاضا اها هئي ته کاڌي خوراڪ ۾ زهريلين شين جي ملاوٽ هرگز نه ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن مينوئل کي ڪنهن سازش جي راند کيڏڻ کان آجو به ڪيو وڃي تڏهن به هو زيارتين سان گندي دولت جي واپار ڪرڻ ۾ ملوث رهيو هو. هر قدم تي زيارتين کي روڪيو يا وري کين گمراهه ڪيو ٿي ويو؛ گورنرن کي ذاتي طور حڪم ڏنو ويو هو ته گذرگاهن وت قلعا ٺاهن، ۽ جڏهن ۽ جتان به اُهي گذرن ته ڀلي پُلين کي به ڊاهيو وڃي؛ اُهي جيڪي پنهنجو رستو ڀلجي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويا هيا اُنهن کي ڦريو ۽ قتل ڪيو ويو، سپاهين توڙي گهوڙن کي ڪن لِڪل هٿن ذريعي تيرن جو نشانو بنائي سندن جسمن کي پرُوڻ جيان بڻايو ويو، بيمارن کي سندن بسترن ۾ ئي جلايو ويو، ۽ مُردن جي لاشن کي عام رستن تي ڦاهين ۾ لڙڪايو ويو ته جيئن ايندڙ ويندڙ سندن حالت مان عبرت حاصل ڪن. اهڙن زخمن ۽ عقوبتن، صليب جي متوالن کي سخت غصي ۾ آڻي ڇڏيو، ڇو ته وٽن ڪليسائي صبر موجود ڪونه هو، ۽ بازنطيني بادشاهن، جن هن غير برابري واري جنگ کي وڌايو هو، زيارتين جي روانگيءَ جي حمايت ڪري ڇڏي. ترڪي جي حدن اچڻ شرط باربروسا، قصوروار فلاڊيلفيا(17) کي بچائي ڇڏيو، لائوڊيسيا جي مهمان نوازيءَ تي کين انعام ڏنائين، ۽ اُنهن حماقتن تي پنهنجي طرفان سخت افسوس جو اظهار ڪيائين جن سندس ترار کي عيسائين جي رت جي قطرن سان داغدار ڪيو هو. جرمني ۽ فرانس جي بادشاهن سان رابطن ڪرڻ سان، يونانين جي فخر جو جذبو هڪ آزمائش هيٺ اچي چڪو هو. هنن اها ٻٽاڪ ٿي هنئي ته پهرين ملاقات ۾ لوئس کي مينوئل(18) جي تخت جي ڀر ۾ هڪ اسٽول تي ويهاريو ويو هيو پر جيئن ئي فرانس جو بادشاهه پنهنجي فوج کي باسفورس سمنڊ ٽپائي اڃا به اڳڀرو وٺي ويو ته هن ٻي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ کان تيستائين انڪار ڪيو جيستائين سندس ڀاءُ هڪ جهڙن شرطن ۽ اصولن مطابق ساڻس ملاقات ڪندو ۽ اُها ملاقات ڀلي ڪنهن سامونڊي جزيري يا زميني هنڌ تي ئي ڪئي وڃي. ڪونراڊ ۽ فريڊرڪ ۾ تعلقات بهتر پر ساڳئي وقت مُشڪلن جو شڪار پڻ هيا، ڇو ته ڪانسٽئنٽائن وانگر، هنن پاڻ کي روم جا جائز شهنشاهه(19) ٿي ڄاتو ته هنن پنهنجو رَويو ۽ شان شوڪت به اوترو ئي مٿاهون رکيو هو ۽ پنهنجن خطابن توڙي پنهنجي روايتي وقار کي هنن هر صورت ۾ قائم رکڻ ٿي چاهيو. طئي اهو ٿيو ته چارليمئگني جو پهريون نمائندو، مينوئل سان کلئي ميدان تي گهوڙي تي چڙهي ملاقات ڪندو، ۽ ٻيو نمائندو باسفورس جي بجاءِ هيلسپانٽ کي اُڪاريندو پر کيس قسطنطنيه توڙي سندس حاڪم کي ڏسڻ جي اجازت نه ملندي. هڪ اهڙي شهنشاهه کي، جنهن جي روم ۾ تاجپوشي ڪئي وئي هجي، يونان ۾ سندس رتبي کان هيٺ ڪيرائي ريڪس يا فقط اليماني(*) جو بادشاهه بنايو ويو ۽ فضول ۽ ڪمزور ائنجيلَس بهانو بڻائيندي پنهنجي دؤر جي هڪ وڏي حاڪم ۽ عظيم انسان جي نالي کان پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو. هڪ طرف هو لاطيني زيارتين کي شڪ ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيا هيا ته ٻي طرف يونان جي شهنشاهن ترڪن ۽ عرب مسلمانن سان ڳجهه ڳجهاندر ۾ ڪجھ معاهدا طئي ڪري ورتا. اسحاق ائنجيلَس شڪايت ڪئي ته عظيم صلاح الدين سان دوستي رکڻ سبب هنکي فرئنڪن جي دشمني پلئه پئي هئي؛ بهرحال قسطنطنيه ۾ ﷴ ﷺ(20) جن جي مڃيندڙن يعني مسلمانن جي عبادت لاءِ هڪ جامع مسجد تعمير ڪئي وئي هئي.

(III)         ماڻهن جا جيڪي لشڪر پهرين صليبي جنگ کان پوءِ وري ساڳئي مقصد سان پنڌ پيا هيا، انهن کي اناتوليه ۾ ڏڪر، وبا ۽ ترڪن جي تيرن سان تباهه ڪيو ويو هيو ۽ جيڪي بچي ويا هيا ته اُهي فقط بادشاهه هيا جن سان ڪجھ فوجي جٿا به گڏ هيا ته جيئن افسوسناڪ زيارت جو شرف حاصل ڪري سگهن. اُنهن جي معلومات ۽ انسانيت لاءِ ايمانداريءَ وارو هڪ اندازو لڳائي سگهجي ٿو: معلومات بابت هونئن ته هنن اڳواٽ ئي جيروسلم ڏانهن ويندي فارس ۽ خراسان کي پنهنجي تابع بنائڻ جو عزم ڪري ڇڏيو هو؛ سندن ۽ انسانيت جو اندازو هن طرح لڳائي سگهجي ٿو ته هنن هڪ دوست ملڪ جي عيسائين جو قتل عام ڪيو هو جيڪي پنهنجي هٿن ۾ تاڙي جي وڻن جا پَن ۽ صليبون کڻي سندن استقبال ڪرڻ ويا هيا. ڪونراڊ ۽ لوئس جون فوجون گهٽ اُٻهريون ۽ گهٽ ظالم هيون پر ٻي صليبي جنگ عيسائي دنيا لاءِ وڌيڪ تباهي واري هئي ۽ يونان جي مينوئل تي سندس ئي رعيت جي ماڻهن الزام هنيا هيا ته هن سلطان کي هن موقعي جي معلومات مهيا ڪئي هئي ته ساڳي وقت دعابازي ڪندي لاطيني بادشاهن جي به هُن رهنمائي ڪئي هئي. ساڳئي وقت تي ۽ هر طرف کان هڪ ٻِٽي حملي ڪرڻ ۽ قومي دشمن کي شڪست ڏيڻ جي بجاءِ، جرمني وارا ٻين ڏانهن واجهائيندا رهيا ۽ فرانس وارا حسد ۽ بغض سبب پٺتي رهجي ويا. لوئس اڃا باسفورس کي اُڪاريو ئي مَس هيو ته هوڏانهن ناڪام شهنشاهه کيس رستي تي مليو جيڪو پنهنجي فوج جي وڏي انگ کي هڪ جنگ ۾ مينڊر نديءَ جي ڪنارن تي مارائي واپس وريو هو. سندس مخالف جي ظاهري شان شوڪت جو تضاد، ڪونراڊ جي تڪڙي ڀاڄَ جو سبب بڻيو هو، ۽ جيڪي خودمختيار ڪِرائي جا فوجي هيا انهن جي ڇڏي وڃڻ سبب، هو فوجن جي پنهنجي موروثي انگ تي اچي ويو هو جيڪو تمام گهٽ هيو، تنهن ڪري هن ڪجھ يوناني خادمن ۽ نوڪرن کي پنهنجي فوج ۾ شامل ڪيو ته جيئن سمنڊ رستي، فلسطين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري سگهن. گذريل تجربي تي غور ڪرڻ ۽ ان مان ڪو سبق سکڻ بدران، فرانس جو بادشاهه ساڳئي ملڪ ڏانهن ڪاهي ويو ۽ نتيجو به کيس ساڳيو مليو. مُهڙيون دستو، جنهن وٽ شاهي جهنڊي کان سواءِ سينٽ ڊينِس(21) جو فرانس جو جهنڊو به هٿ ۾ کنيل هيو، پنهنجي وڌڻ جي رفتار کي ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيو هو ۽ اُٻهرائپ مان وِکون کڻندا اڳتي ٿي وَڌيا، ۽ پوين دستن کي، جن جي ڪمان ذاتي طور تي بادشاهه کي سؤنپيل هئي، پر کين حيرت ان وقت ٿي جڏهن شام جي وقت سندن ساٿي نه مليا، ۽ اُهي شايد مشڪل وقت ۾، سندن ساٿ ڇڏي ڪيڏانهن هليا ويا هيا. رات جي انڌاري ۽ افراتفري ۾ هو هر طرف کان ترڪن جي هڪ وڏي لشڪر جي گهيري ۾ وڪوڙجي ويا ۽ ترڪ، جنگ جي فن ۾ ٻارهين صدي عيسوي جي عيسائين جي مقابلي ۾ وڌيڪ مهارت رکندا هيا. لوئس جيڪو وائڙو ٿيندي بدحواسيءَ ۾ وڻ تي چڙهي ويو هو، پر پنهنجي همت ۽ دشمنن جي اڻڄاڻائيءَ جي ڪري بچي ويو هو، ۽ صبح ٿيڻ تائين هو اڪيلي سر ڀڄندو وڃي پنهنجي مُهڙ واري دستي سان مليو هو، پر زميني رستي سان پنهنجي مهم جاري رکڻ جي بجاءِ، هن پنهنجي دوست ملڪ جي سامونڊي بندر ستاليا ۾ پنهنجي فوج جي تبرڪن کي محفوظ ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ۽ خوشي محسوس ڪئي. اتان هو انتاڪيا ويو پر يونان جي جهازن جي ايتري ته اڻاٺ هئي جو اُهي فقط اميرن ۽ نوابن کي اُنهن ۾ جڳهه ڏئي ٿي سگهيا باقي پيادل فوج کي، جن جو تعلق عام ماڻهن سان هيو، پمفيليَن جي ٽڪرين وٽ ڇڏيو ويو جتي اُهي تباهه ٿي ويا، شهنشاهه ۽ بادشاهه جيروسلم ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ ٻئي گڏجي رُنا، بهرحال سندن بچيل فوجي، جيڪي پڻ ڪافي تعداد ۾ هيا، شام جي عيسائين سان ملي ويا، ۽ دمشق جو فضول گهيرو، ٻي صليبي جنگ جو خاص محوَر هيو. ڪونراڊ ۽ لوئس يورپ لاءِ روانا ٿيا ۽ سندن شهرت خدا ترسي ۽ همت واري هئي، پر مشرق جي ماڻهن، فرئنڪ حاڪمن جو اڳ به بهادريءَ سان مقابلو ڪيو هو جن جي نالن توڙي سندن فوجين جا دهمان ۽ دڙڪا اڳ به کين ملندا رهندا هيا(22). شايد هو اڃا به فريڊرڪ پهرئين جي بهادريءَ واري ذهانت کان ٿي ڊنا، جنهن پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ سندس چاچي ڪونراڊ جي حڪمرانيءَ هيٺ ايشيا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، جرمني ۽ اٽلي جي چاليهن مُهمن يا ڪاهُن باربروسا کي ڪمان ڪرڻ جا گُرَ سيکاري ڇڏيا هيا ۽ سندس سپاهي توڙي شهنشاهت جا بادشاهه به سندس حڪمرانيءَ هيٺ هن جي حڪمن کي دل سان مڃيندا ۽ انهن جي تعميل ڪندا هيا. جيئن ئي هن کان فلاڊيلفيا ۽ لائوڊيسيا، جيڪي يونان جي سرحد جا آخري شهر هيا، ڏانهن وڃڻ جا رستا وڃائجي ويا ته هو هڪ اهڙي هنڌ تي وڃي پهتو جنهن کي کارن لُوڻن جي ويران وادي سڏيو ويندو هو، هڪ اهڙو هنڌ، (تاريخدان لکي ٿو) جيڪو سخت ڀوائتو ۽ تڪليفون ڏيندڙ هيو(23). ويهن ڏينهن دؤران، سندس بيهوش ڪندڙ ۽ مريضن جيان اڳتي وڌڻ جي سفر ۾، ترڪمانن(24) جي وڏن هجومن کيس گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هر شڪست کان پوءِ سندن تعداد ۽ غضب ناڪي اڃا وڌيڪ ٿيندي وئي. شهنشاهه دل نه هاري ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي پر کيس نقصان رسندا رهيا ۽ سندس تڪليفن ۽ اذيتن جي ڪيفيت اها هئي جو جڏهن هو آئڪونيَم جي سرحد تي پهتو ته فقط هڪ هزار سُورما وڃي بچيا هيا جيڪي گهوڙن تي چڙهيل هيا. بس هڪ اوچتي ۽ يقيني حملي ۾، هن دربانن ۽ محافظن کي شڪست ڏني، ۽ سلطان(25) جي گاديءَ جي هنڌ تي حملو ڪري ڏنو جنهن نماڻو ٿيندي معافي ورتي ۽ صلح ڪرڻ لاءِ درخواست ڏنائين. هاڻي رستا کلي ويا هيا ۽ فريڊرڪ سوڀ جي خوشيءَ ۾ تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌيو، پر اُٻهرائپ واري خوشي کيس راس نه آئي ۽ بدقسمتيءَ سان هو سليشيا ندي(26) جي تيز وهڪري جي آوَهه ۾ اچي ٻڏي ويو. باقي بچيل جرمني جا ماڻهو بيمارين ۾ مري ويا، ٻيا کين ڇڏي هليا ويا ۽ آڪري جي هڪ گهيري ۾ شهنشاهه جو پٽ ۽ ٻيا بيشمار ڀاڙيتُو سپاهي مارجي ويا. لاطيني سورمن ۾، بولن جو گاڊري ۽ فريڊرڪ باربروسا ئي فقط اهڙا هيا جيڪي هيٺين ايشيا جي گَس ۽ رستن تان گذري ٿي سگهيا، پر ان هوندي به سندن ڪاميابي سخت تڪليفن ۽ خطرن کان خالي نه هئي؛ ۽ صليبي جنگين جي آخري تجربن جي اذيتن ۾، هر قوم زميني مُهم جي خطرن جي ڀيٽ ۾ ساموندي رستن کي اختيار ڪيو جيڪو وري به گهٽ جوکائتو سفر هو(27).

(IV)         پهرين صليبي جنگ ۾ جوش جذبا فطري هيا، جڏهن ته اُميد تازي تواني ۽ خطرا اڻ ڏٺل ۽ اڻ آزمايل هيا، ۽ مُهم، ان وقت جي مذهبي جوش جذبن سان مطابقت رکندڙ هئي. پر يورپ جي لڳاتار ضِد ۽ هوڏ واري روَيي تي اسان کي رحم به اچي ٿو ته ساڳئي وقت سندن تعريف ڪرڻ کان سواءِ به رهي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته هنن اهڙن لڳاتار ۽ خطرناڪ تجربن مان به ڪو سبق نه سکيو هو، ۽ حيرت اها آهي ته ساڳين ناڪامين منجهان، پوئتي هٽڻ بجاءِ هو ساڳئي اعتماد سان اڳتي ٿي وڌيا ۽ سڄا سارا ڇَه نسل به ساڳين چوٽين تي چڙهڻ جي ڪوششن ۾، مٿاهيُن تان هيٺ مُنهن ڀر ٿي ڪريا ۽ هر طبقي جي ماڻهو حڪومتي توڙي ذاتي سطح تي ان مقبري جي ڇوٽڪاري جي ڪوشش ٿي ڪئي جيڪو سندن ملڪ کان ٻه هزار ميل پرانهين پنڌ تي هيو. ڪلرمانٽ جي ڪائونسل جي گڏجاڻي کان ٻه صديون پوءِ، هر بهار ۽ اونهاري جي موسمن ۾ زيارتين، ۽ جنگجُو ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته هو هر لحاظ سان مقدس هنڌ کي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳائي ڇڏيندا هيا، پر ست وڏيون صليبي جنگيون اوتريون ئي وڏيون مصيبتون بڻجي ماڻهن مٿان وڃي ڪڙڪيون هيون؛ قومون ۽ اُنهن جا ماڻهو پنهنجي وڏي پادري جي سڏ تي يا وري پنهنجي بادشاهه جي پٺيان هلي پوندا هيا، سندن مذهبي يا حڪومتي آواز ٻڌڻ شرط سندن جوش جذبا جاڳي ۽ تازا توانا ٿي ويندا هيا پر سندن دليلن يا عقل جي رهبري خاموش ٿي ويندي هئي؛ اهڙن رهبرن ۾ بزرگ برنارڊ(28) جيڪو سندن راهب پڻ هيو، سو ماڻهن ۾ جيترو مقبول هو ته سندس مڃتا به اوتري ئي وسيع هئي. جيروسلم جي پهرين فتح کان اٺ سال اڳ هو برگنڊي جي هڪ معزز گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، فقط ويهن ۽ ٽن (ٽيويهن) سالن جي عمر ۾ هن پاڻ کي سائيٽيڪس جي خانقاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو ان زماني جو هڪ اوائلي ادارو هيو؛ ٻن سالن کان پوءِ هن پنهنجي ٽين ڪالوني، جنهن کي هو پنهنجي ڌيءُ ڪوٺيندو هو، کي چروئڪس(29) جي واديءَ ۾ وڃي آباد ڪيو جيڪا چئمپين جي علائقي ۾ هئي ۽ پنهنجي مرڻ گهڙيءَ تائين هو ان ڳالهه ۾ مطمئن هيو ته هو پنهنجي ڪالونيءَ ۾ پنهنجن ئي ماڻهن جي هڪ ننڍي پادريءَ جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. فلسفي جي جديد دؤر، ڇُڙواڳي ۽ ڪجھ نفرت منجهان اهڙن روحاني سپوتن جي اعزازن ۽ ڪارنامن کي فراموش ڪري ڇڏيو آهي. ان طبقي جا هيٺاهان ماڻهو به پنهنجي ذهني مٿڀرائيءَ جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا، اُهي پنهنجي مريدن ۽ پوئلڳن کان گهڻا مٿاهان انسان هيا ۽ وهمن وسوسن جي دؤر ۾ به اُنهن کي اُهو انعام ملي ويو جيڪو هنن لهڻو هو. ڳالهائڻ ۾، پنهنجي تحريرن توڙي عمل ۾ برنارڊ پنهنجن مخالفن توڙي همعصرن جي ڀيٽ ۾ تمام اُتاهون انسان هيو، سندس تحريرون مزاح جي ذهانت کان خالي نه آهن ۽ اُهي ڄڻ پنهنجو پاڻ اسان سان ڳالهائن ٿيون ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته هن وٽ دليل به پختا آهن ته وٽس انسانيت جي دولت به آهي جيڪا سندس بزرگي ۽ سندس اعليٰ ڪردار سان مطابقت رکي ٿي. جيڪڏهن هو لاديني زندگي گذاري ها ته پنهنجي موروثي ملڪيت جي ستين حصي جو حقدار بڻجي خوشحاليءَ واري زندگي بسر ڪري ها؛ پر هن دنياوي خوشين کان توبهه تائب ٿيندي غريبي ۽ مسڪينيءَ کي اختيار ڪيو ۽ پنهنجون اکيون هِن ڏيک واري ۽ چمڪندڙ دنيا(30) کان بند ڪري ڇڏيون، هر طرح جي ڪليسائي شان شوڪت اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ۽ چروئڪس جو ننڍو پادري سڄي يورپ لاءِ هڪ محترم رهنما ۽ هڪ سؤ سٺ خانقاهن جو پايو وجهندڙ بڻجي ويو. جڏهن ڪنهن مذهبي يا انساني معاملي تي هو ڪنهن کي ڇِنڀيندو يا دڙڪو ڏيندو هو ته بادشاهه توڙي وڏا پادري پڻ کانئس ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ لڳندا هيا جڏهن به ڪليسائن ۾ اختلاف ٿيندا هيا ته فرانس، انگلينڊ ۽ مِلن جي ڪليسائن جا رهنما ساڻس مشورو ڪندا هيا ۽ هو جيڪو به فيصلو صادر ڪندو هو ته اُهو کين مڃڻو پوندو هو؛ سندس خدمتن ۽ احسانن جو قرض، بهرحال ’معصوم نمبر ٻي‘ ۽ سندس جانشين ’يوجينٽيَس ٽئين‘ اچي لاٿو ۽ اهي ٻئي بزرگ برنارڊ جا دوست ۽ پوئلڳ هيا. اهو موقعو ٻي صليبي جنگ جو هو جڏهن هن پاڻ کي الله جو پيغمبر ظاهر ڪيو ۽ هن قومن کي پنهنجو آواز پهچايو ته هو اڳتي وڌن ۽ مقدس مقبري جي حفاظت ڪن(31). ويزلي جي اسيمبلي ۾ هن بادشاهه لوئس ستين جي سامهون بيهي ڳالهايو، ساڻس گڏ ٻيا معزز ماڻهو پڻ هيا ۽ هن پنهنجي هٿن سان صليبي نشان منجهن ورهايا. ڪليروئڪس جو پادري تڏهن شهنشاهه ڪونراڊ جي هڪ آسان سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو؛ جاهل ۽ ٿُلهي دماغ جا ماڻهو، جيڪي سندس ٻولي نه سمجهندا هيا، سندس رمزواري انداز ۽ اشارن سان پاڻهي اڳتي وڌندا رهيا ۽ ڪانسٽنس کان ڪولون تائين هو هر جڳهه تي سوڀارو رهيو ۽ سندس تقريرن ماڻهن ۾ جوش جذبا جاڳائي ڇڏيا. جڏهن يورپ ۾ ماڻهن جي آبادي گهٽجي رهي هئي تڏهن برنارڊ پنهنجي ڪاميابين جي پاڻ تعريف ڪئي آهي ۽ واضح ڪري ٻڌايو آهي ته ڪيئن نه اُتان جا رهواسي شهرن ۽ قلعن کي خالي ڪندا ٿي رهيا ۽ حساب لڳائي ٻڌائي ٿو ته سَتن بيواهن کي سهاري ۽ تسلي ڏيڻ لاءِ پوئتي فقط هڪڙو ماڻهو وڃي بچيو هو(32). مذهبي جنونين جي اها خواهش هئي ته کيس فوج جو جنرل مقرر ڪيو وڃي پر راهب پيٽر جو مثال هن جي سامهون هيو، تنهن ڪري هن صليبي لشڪرن کي پنهنجي روحاني مدد جو ته يقين ضرور ڏياريو پر دورانديشي ڪندي فوجي عهدي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته جنگ ۾ ناڪامي توڙي فتح، هن جي ڪردار لاءِ ٻئي بي عزتي جو باعث هيون(33). ان جي باوجود، تڪليفن جي هن موقعي کان پوءِ ڪليروئڪس جي پادريءَ تي هڪ ڪوڙي ۽ مصنوعي پيغمبر هئڻ جا الزام لڳا، ۽ اهو به چيو ويو ته هو ماڻهن کي روئارڻ يا روئڻ پِٽڻ تي آماده ڪندو هو، سندس دشمنن خوشيون ملهايون ۽ سندس دوست شرمسار ٿيا، ۽ هن پنهنجي بچاءَ ۾ جيڪي دليل ڏنا اُهي اطمينان بخش نه هيا. هو پادري جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪرڻ کي جائز ٿو سمجهي، ۽ خدا تعاليٰ جي رازن ۽ رمزن بابت تفصيل سان ڳالهائي ٿو، زيارتين تي الزام ٿو مڙهي ته جيڪي مصيبتون مٿن اچي ڪڙڪيون هيون ته اُهي سندن ئي گناهن جو نتيجو هيون، ۽ حيادار طريقي سان ٻڌائي ٿو ته سندس مقصد ۽ ارادن کي ڪن خاص نشانين ۽ ڪرشمن جي منظوري ملي چڪي هئي(34). جيڪڏهن اهي حقيقتون يقيني هجن ها، ته فيصلي ڪرڻ ۾ دير نه ٿئي ها، ۽ سندس وفادار مُريد جيڪي سندس ويهن کان ٽيهه معجزا روزانو ڳڻائيندا هيا، اُنهن فرانس ۽ جرمني جي اسيمبلين کي معجزن جي تصديق جي گذارش ڪئي ڇو ته اُهي اُتي ئي ٿيندا هيا(35). بهرحال هاڻي اهڙن معجزن يا ڪرشمن کي، ڪليروئڪس جي حدن کان سواءِ ٻيو ڪو به نه مڃيندو هو، باقي غير فطري ڳالهين ۾ عقيدو جيئن انڌن کي ديد عطا ڪرڻ ۽ مَنڊا ٽُنڊا يا بيمار ان وقت خوش ٿي ويندا هيا جڏهن کين الله جي بزرگ ڏانهن آندو ويندو هو ته اسان جي لاءِ اها ڳالهه يقيني نه آهي ته اُهي ماڻهو حادثاتي طور، تصور ۾ دغابازي يا فريب سان ٺيڪ ٿي ويندا هيا، جو اسان تائين فقط اهي افسانا پهتا آهن جن جو حقيقت سان ڪو به واسطو هرگز ڪونهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org