سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:9

جيڪڏهن اسان پرسڪَس جي فضول قسم جي ۽ غير واضح جاگرافي کي ڏسي ۽ ان موجب اندازو لڳايون ٿا ته هي گاديءَ جو هنڌ دنيوب، دِيس ۽ ڪارپٿيَن ٽڪرين جي وچ تي، مٿين هنگري ۽ گهڻو ڪري جازبيرن، ائگريا يا ٽوڪي جي ميدانن ۾ آهي.(43) شروع ۾ اهو هنڌ هڪ اتفاقي ننڍي وسنديءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه هيو، جيڪو اٽيلا جي گهڻي اچڻ وڃڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين رهڻ ڪري وقت سان گڏ هڪ وڏي ڳوٺ ۾ بدلجي ويو جيڪو سندس شاهي ڪٽنب جي استقبال ۽ رهائش ۽ سندس فوجين جي ڪئمپ جي استعمال ۾ ايندو رهيو، تحفن کان سواءِ بادشاهه جي ٻين غلامن، نوڪرن چاڪرن ۽ ٻين ڪم ڪار ڪندڙن جي استعمال لاءِ به مناسب هنڌ هو.(44) غسلخانا جيڪي اونيجيسيَس ٺهرايا هيا، اُهي ئي فقط پٿر جا ٺهيل هيا جنهن جو مال مسالو پنونيا مان گهرايو ويو هو، ۽ جيئن ته پاڙيسري ملڪ ۾ گهڻا وڻ به ڪونه هيا، تنهنڪري اندازو اهو ٿو لڳائجي ته هن شاهي ڳوٺ جا گهڻا گهر ڪکن ڪانن يا مِٽي ۽سِڻيءَ جا ٺهيل هيا. هنن (Huns) جا جيڪي ناميارا ماڻهو هيا اُنهن جا گهر ڪاٺَ جا ٺهيل هيا جن کي شايان شان طريقي سان سينگاريو ويو هو ۽ اُهي گهر، هر هڪ جي رتبي، دولت يا وري مالڪن جي پسند مطابق تعمير ڪيا ويا هيا. اُنهن گهرن کي ترتيب ۽ طريقي سان اهڙيءَ طرح ماڻهن ۾ ورهايو ويو هو جو هر گهر جيئن پُروقار به نظر اچي ۽ وري جيئن ڪو رهواسي گهر کان ٻاهر نڪري ته پنهنجي حاڪم جي محل کي جيئن هو پنهنجي سامهون ڏسي. اٽيلا جو محلات جيڪو سڄو ڪاٺَ جو تعمير ٿيل هو، سندس حڪومت جي سڀني گهرن کان وڌيڪ شانائتو هو جنهن زمين جي وڏي حصي کي به والاري ڇڏيو هو. گهر جي ٻاهرئين حصي ۾ هڪ ڊگهي ديوار ٺهيل هئي يا وري ان کي هڪ جهنگلو به چئي سگهجي ٿو جيڪو پڻ چؤڪور ڪاٺين جو ٺهيل هو، جن تي وري اُوچا منارا ٺهيل هيا پر اُهي حفاظت جي بجاءِ فقط محل جي سُونهن وڌائڻ لاءِ تعمير ڪيا ويا هيا. هيءَ ديوار، جيڪا هڪ ٽڪريءَ جي لاهيءَ کي وڪوڙيون بيٺي هئي. ان جي اردگرد ڪاٺ جون ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون ٺهيل هيون جيڪي شاهي خاندان جي ضرورتن مطابق تعمير ڪيون ويون هيون. اٽيلا جي ڪيترين ئي زالن کي جدا جدا گهرن ۾ رهايو ويو هو، پر بجاءِ سختيءَ ۽ ٻوسٽ واري قيد جي جيڪو ايشيا جي ملڪن ۾ رائج رکيو ويندو آهي، سندس زالن مهذب طريقي سان رومي سفيرن کي پنهنجي گهرن ۾ گهُرايو، پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ کين معصوميت وارا ڀاڪر به پاتا. جڏهن مئڪسيمن سڀني کان وڌيڪ معتبر راڻي سرسا جي لاءِ سوکڙيون کڻي کيس ڏيڻ ويو ته هن سندس محلات جي تعمير جي فن جي تعريف ڪئي، جيڪي گول ٿنڀ هيا اُنهن جي اوچائي، ڪاٺ جي ڪم جي خوبصورتي، جيڪا وڏي ڪاريگريءَ جو مظهر هئي ۽ جنهن تي چٽسالي، گهڙاوَت يا پالش به زبردست طريقي جي ٿيل هئي، ۽سندس نظرون ڪجهه زيورن تي کپي ويون جيڪي پڻ ڏاڍا نازڪ طريقي سان جڙيا ويا هيا. چوڪيدارن کان گذرندي،جن گيٽ تي ڊيوٽي ٿي ڏني، سفارتڪارن کي سرسا جي ذاتي گهر جي اندر نِيو ويو. اٽيلا جي زال مهمان جو آڌرڀاءُ ويٺي يا ليٽيئي ڪيو جيڪا پنهنجي صوفا سيٽ تي سمهيل هئي، فرش قالين سان ڍڪيل هو، گهريلو ماڻهن راڻيءَ جي چوگرد هڪ گول دائرو قائم ڪري رکيو هو، ۽ سندس ڇوڪريون جيڪي شايد سندس نوڪرياڻيون هيون، زمين تي ويٺيون هيون ۽سُئيءَ تي اُڻت ڪرڻ ۾ مشغول هيون ۽ بَرٿ جي اُڻت جي ڪم بربر ويڙهاڪن جي ڪپڙن کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو هو. هُنن (Huns) کي پنهنجي دولت جي نمائش ڪرڻ جو وڏو شوق هو جيڪو سندن سوڀن جو نتيجو هو: سندن گهوڙن جا سَنجَ، سندن ترارون، توڙي سندن بوٽ پڻ سون ۽ قيمتي هيرن سان سينگاريل هيا ۽ سندن کاڌي جي ٽيبل تي قيمتي پليٽون رکيل هيون، ان کان سواءِ پيالا ۽ گلاس ۽ گلدان به سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل هيا، جن کي يونان جي فن جي ماهرن ٺاهيو هيو. حاڪم، پنهنجي سيٿيا جي ابن ڏاڏن جي سادگي واري هلت چلت کي فخر جو باعث سمجهندو هو(45) ۽ اڳتي به اهوئي سندن طريقو رهيو. اٽيلا جي ڊريس، سندس هٿيار ۽ سندس گهوڙي جا سنج تمام سادا هيا، جن تي ڪي به زيور لڳل نه هيا ۽ اُهي فقط هڪ رنگ جا هيا. شاهي ٽيبل تي ڪاٺ جا پيالا ۽ پليٽون رکيل هيون، سندس کاڌي ۾ کيس فقط گوشت ڏنو ويندو هو ۽ اُتر جي فاتح مانيءَ کي ڪڏهن چکيو به نه هيو.

جڏهن دنيوب جي ڪنارن تي اٽيلا پهريون ڀيرو سفيرن سان مليو ته سندن تنبوءَ جي چوڌاري سندس محافظ بيٺا هيا. بادشاهه پاڻ هڪ ڪاٺ جي ٺهيل ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سندس ڀوائتي شڪل شبيهه، ڪاوڙ ۽ غصي وارا اشارا ۽ اُٻهرائيءَ واري لهجي مئڪسيمن جي پختن ارادن کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو، پر وگيليَس جي ڊڄڻ جا گهڻائي سبب هيا، ڇاڪاڻ ته هن خطري کي چڱيءَ طرح سمجهي ورتو هو ته جيڪڏهن اٽيلا قومن جي مڃيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته هر ڌوڪي واري ترجمان کي زنجيرن ۾ جڪڙائي صليب تي چاڙهي ڇڏيندو ۽ سندس جسم کي ڳِجهن جو کاڄ بڻائي ڇڏيندو. بربر نيازمنديءَ مان صحيح لسٽ پيش ڪئي جنهن وگليَس جي جرئتمنديءَ سان ڳالهايل ڪوڙ کي صاف ظاهر ڪري ڇڏيو جنهن پنهنجي طرفان يقين ڏياريو ته سترهَن ڀاڄوڪڙن کان وڌيڪ تعداد هٿ نه اچي سگهيو هو. پر هن غرور مان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجن ڀڄي ويندڙ غلامن سان بحث ڪندي کيس بعيزتيءَ جو احساس ٿو ٿئي ڇو ته هن کي سندن نااهليءَ وارين ڪوششن کان نفرت هئي جن سان هنن صوبن جي نالائقيءَ واري حفاظت ڪئي هئي جن کي ٿوڊوسيَس سندن فوجن جي حوالي ڪيو هو. ’قلعا ۽ شهر‘ اٽيلا ڳالهايو، ’رومي شهنشاهت جي حدن ۾ پنهنجي وجود کي قائم رکڻ جي اُميد ڇو رکن يا اُهي اَجيت اڃا ڇو رهن، جيڪڏهن اسان ان ۾ خوش رهڻ ٿا چاهيون ته اُنهن جي وجود کي زمين تان مٽائي ۽ ميساري ڇڏجي؟‘ هن، بهرحال ترجمان کي فارغ ڪيو جيڪو قسطنطنيہ واپس هليو ويو جنهن کي آخري يا قطعي فيصلو ٻڌايو ويو ته مڪمل ماڻهن جي واپسيءَ کي يقيني بنايو وڃي ۽ سفارتخاني کي به وڌيڪ شانائتو ڪيو وڃي. سندس ڪاوڙ ڪجهه هلڪي ۽ ٿڌي ٿي ۽ کيس وڌيڪ آٿت ۽ اطمينان هن کي هڪ شادي ڪرڻ مان آيو جيڪا هن ايسلام جي ڌيءُ سان رستي تي رچائي ڇڏي جنهن گهڻي ڀاڱي سندس غصي کي گهٽ ڪري اعتدال ۾ آندو. اٽيلا جي شاهي ڳوٺ ۾ سندس آمد کي ڌوم ڌام سان ملهايو ويو. عورتن جو وڏو تعداد ٻاهر نڪري آيو ته پنهنجي سورهيه سپوت ۽ بادشاهه جو ديدار ڪري سگهن. اُهي هن جي آڏو قطارون ڪري ترتيب سان هلنديون رهيون، قطارن جي وچ ۾ سنها ململ جا پردا لڳل هيا جن کي عورتن پنهنجن هٿن سان کڻي نازن ۽ نخرن سان مٿي ڪري ٿي ڇڏيو ۽ ان نظاري ننڍين ڪنوارين جو هڪ دلچسپ جُهڳٽو قائم ڪري ڇڏيو هو جيڪي سيٿيا جي زبان ۾ عقيدت جا نغما ۽ گيت ڳائينديون ٿي رهيون. اونيجيسَيس جي زال، جنهن سان ڪيتريون ئي ٻيون عورتون به گڏ هيون، پنهنجي گهر جي دروازي وٽ بيهي اٽيلا کي عزت ۽ عقيدت وارو سلام ان وقت پيش ڪيو جڏهن هو پنهنجي محلات ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ هن ملڪ جي ريتن رسمن موجب اٽيلا جو احترام بجا آندو ۽کيس عرض ڪيائين ته هن جي گهر کي پنهنجي آمد سان شرف بخشي ۽ جيڪو گوشت هن جي استقبال ڪرڻ لاءِ هن پچايو هو، اُهو ساڻن ويهي کائي ۽ انهن سان گڏجي شراب نوشي به ڪري. جيئن ئي حاڪم وڏيون مهربانيون ڪندي سندس دعوت قبول ڪئي ته سندس نوڪرن چاڪرن ۽ خدمتگارن هن جي چانديءَ جي ٺهيل ٽيبل کي پنهنجن هٿن سان مٿي ڪيو ۽ هو گهوڙي جي پُٺي تي سوار ٿيو، ۽ اٽيلا جڏهن شراب جي پيالي کي پنهنجن چپن تي آڻي چکيو ته هن اونيجيسيَس جي زال جو ٻيهر سلام ڪيو ۽ پنهنجي هلڻ کي جاري رکيو. شهنشاهت جي گاديءَ جي هنڌ ۾ سندس رهائش دوران هن پنهنجو وقت سُستي ۽ ڪاهليءَ ۾ ضايع نه ڪيو هو ۽ هُنن (Huns) جو بادشاهه سدائين مٿاهين مرتبي ۽ شان مانَ سان رهندو هو جنهن ۾ هو پنهنجي شخصيت کي ماڻهن کان مخفي نه رکندو هو. هو اڪثر ڪري پنهنجي ڪائونسل جو اجلاس سڏرائيندو رهندو هو ۽ مختلف قومن جي سفيرن کي ملاقات جو شرف بخشيندو هو ۽ ظلم زيادتي ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي اپيل ڪرڻ جو حق هوندو هو ۽ هن سلسلي ۾ مقرر ڪيل ڏينهن ۽ وقت تي ٽربيونل جي گڏجاڻي مشرقي روايتن مطابق سندس ڪاٺ جي محلات جي وڏي گيٽ وٽ ٿيندي هئي. اوڀر توڙي اولهه جي شهنشاهت جي رومين کي هن پنهنجي دعوت ۾ سڏيو جتي اٽيلا ٻين بادشاهن ۽ سيٿيا جي معزز ماڻهن سان گڏ دعوت کاڌي. مئڪسيمن ۽ سندس ساٿين کي ٻاهر روڪيو ويو پر پوءِ انهن شراب کي اوتي پنهنجي بادشاهه جي صحت ۽ سرفرازي جو نذرانو پيش ڪيو، ۽ هن دعوت کان پوءِ کين وڏي هال ۾ وڃي ويهاريو ويو جتي هو پنهنجن مقرر ٿيل جڳهن تي وڃي ويٺا. شاهي ٽيبل ۽ صوفا جيڪي قالين ۽ سنهڙن ڪپڙن سان ڍڪيل هيا اُنهن کي هال جي وچ ۾ کڻي مٿين سطح تي رکيو ويو ۽ سندس پُٽ، چاچي ۽ سندس هڪ دوست بادشاهه، اٽيلا سان ويهي سندس من پسند طعام گڏجي کاڌا. ننڍين ٽيبلن جون ٻه قطارون جن مان هر هڪ تي ٽي يا چار مهمان ويٺل هيا ۽ اُنهن جي ترتيب اهڙيءَ طرح سان هئي جو ساڄي هٿ وارين ٽيبلن تي ويٺل ڄڻ وڌيڪ معزز ۽ مٿاهان مهمان هيا، پر رومي ماڻهن پنهنجي پوري سچائيءَ سان اها ڳالهه مڃي ته کين کاٻي پاسي کان ويهاريو ويو هيو ۽ ٻيو ته بيرڪ، جنهن کي گهڻا ماڻهو نه سڃاڻندا هيا ۽ جنهن جو تعلق گاٿن جي قوم سان هيو، ٿوڊوسيَس ۽ وئلينٽينيَن جي نمائندن کان به اڳ پهچي ويو. بربرن جي بادشاهه پنهنجي پيالي- ڀائيءَ کان شراب جو پيالو ورتو جنهن کي هن پيار مان مهمان جي صحت لاءِ ارپيندي پيتو، جيڪو پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو ۽ بادشاهه جي صحت ۽ ڀاڳ بخت لاءِ پنهنجو ساغر ارپيائين. هي دعوت يا جشن سڀني جي صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ ملهايو ويو جنهن ۾ اسيمبلي جا ميمبر پڻ شامل هيا. هن جشن جي ملهائڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳو ڇاڪاڻ ته ان کي ٽي ڀيرا دهرايو ويو هو، هر ڀيري ٽيبل تي شراب ۽ پيالا رکيا ويا جيڪي هڪدم پيتا ٿي ويا ۽ اهو سلسلو دير تائين هلندو رهيو. پر شراب اڃا تائين موجود هو جڏهن ته گوشت کائجي يا کڄي چڪو هو ۽ هُنن (Huns) شراب نوشيءَ کي گهڻي وقت تائين جاري رکيو جڏهن ته سندن اعتدال پسند ۽ سنجيده طبيعت رکڻ وارا سفارتڪار رات جي هن دعوت مان لطف اندزو ٿي هليا ويا هيا. تنهن هوندي به وڃڻ کان اڳ ۾ هُنن هِن قوم جي خوشي ملهائڻ جي جشن ۽ سندن زنده دليءَ کي بيحد پسند ڪيو. جشن دوران سيٿيا جا ٻه ماڻهو اٽيلا جي ڪوچ آڏو اُٿي بيٺا ۽ سندس تعريف ۾ شعر پڙهڻ شروع ڪيائون جيڪي هنن سندس بهادري ۽ سوڀن بابت لکيا هيا. هال ۾ مڪمل سانت ڇانئجي وئي ۽سڀني مهمانن جا ڪَن هنن جي شاعريءَ ٻڌڻ لاءِ آتا نظر آيا ۽ شعرن ۾ موضوع اهڙا هيا جن سڀني ٻڌندڙن جون جنگين ۽ فتحن جون يادون ورجائي ڇڏيون ۽ هڪ فوجي جو روح ڄڻ ٻيهر ماڻهن جي اندر ڀرجي ويو جيڪي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا؛ ان موقعي تي هڪ پيرسن ماڻهوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جنهن کين ٻڌايو ته هي وقت جنگ جو خطرو ۽ جنگ جي عظمت کي گڏ کڻي هلڻ وارو نه هيو.(46) هن جشن، جنهن کي فوجي ڪردار جو هڪ اسڪول چئي سگهجي ٿو، کان پوءِ ڌوڪي ۽ فريب جي هڪ اهڙي ڳالهه ٿي پئي جنهن انساني فطرت جي آبرو کي داغ لڳائي ڇڏيو. هڪ اُتر- اولهه آفريڪا جي مسلمان ۽ سيٿيا جي هڪ مسخري، خوشيءَ ۾ مست تماشبينن جي جذبن کي، ويچارا ڪڍي، اعتراض جوڳا ڪپڙا پائي،کِل ٽوڪ وارن اشارن، واهيات گُفتن ۽ لاطيني ٻولي جي نه سمجهه ۾ ايندڙ لفظن يا وري گاٿن يا هُنن جي ٻوليءَ جا عجيب فقرا دهرائيندي، گهڙي گهڙيءَ ڀڙڪايو ۽ کين چيڙايو ٿي، جنهن ڪري سڄو هال کِل ۽ ٽهڪن جي وڏن آوازن سان گونجي اٿيو. هن شور ۽ هنگامي دوران، اٽيلا فقط اڪيلو هو جنهن نه مُنهن گُهنجايو ۽ نه ڪنهن کي دڙڪو ڏنو، پر پوري سنجيدگيءَ سان هال ۾ موجود رهيو ۽ پنهنجي بردباريءَ ۾ هن ڪابه ڍَر يا تبديلي نه آندي سواءِ ان جي جو جڏهن سندس ننڍي ۾ ننڍو پُٽ اِرنئڪ اندر داخل ٿيو ته هن پنهنجي پٽ کي پيءُ واري پوري شفقت ۽ پيار منجهان ڀاڪر پاتو، ڳِٽن تي کيس چُميون ڏنائين ۽ پنهنجي محبت جو ڀرپور اظهار ڪيائين، جنهن کي سندن هڪ پيغمبر جي لفظن وڌيڪ تقويت پهچائي هئي جنهن اِرنئڪ لاءِ پيشنگوئي ڪندي چيو هو ته اهو پنهنجي ڪٽنب توڙي شهنشاهت لاءِ وڏو سهارو هوندو. فقط ٻن ڏينهن کان پوءِ سفارتڪارن کي ٻيهر دعوت ملي ۽ هنن وٽ اٽيلا جي نفيس طبيعت ۽ سندس زندهه دليءَ واري مهمان نوازي جي تعريف ڪرڻ جا گهڻائي سبب هيا. هُنن جي بادشاهه مئڪسيمن سان هڪ ڊگهي ۽ مانائتي گفتگو جاري رکي، پر سندس خوش خُلقي، اوچتو سندس سختيءَ جي لهجي ۾ تبديل ٿي وئي جنهن ۾ سندس غرور مان چيل طنز ۽ ملامت وارا جملا به شامل هيا، ۽ هو شايد پنهنجي خود مطلبيءَ خاطر، سيڪريٽري ڪانسٽئنٽيَس جي خانگي دعويٰ جي حمايت ۾ نامناسب جوش ۽ ناشائستگيءَ جي حدن تائين وڌي ويو. ’شهنشاهه‘ (اٽيلا چيو، ’کيس گهڻو وقت اڳ هڪ دولتمند زال سان پرڻائڻ جو ساڻس واعدو ڪيو هو، تنهنڪري ڪانسٽئنٽيس کي نا اُميد هرگز نه ٿيڻ گهرجي، ۽ هڪ ڳالهه ياد رک ته روم جي شهنشاهه کي ڪوڙ ڳالهائڻ جو لقب ڏيڻ نه ٺهي ٿو ۽ نه سُونهين ٿو.‘ ٽئين ڏينهن تي، سفيرن کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، ڪيترن ئي قيدين کي ٿورڙي رقم ڏيڻ تي آزاد ڪيو ويو، جن پنهنجي آزاديءَ لاءِ اڳ منٿون ٿي ڪيون، کين شاهي تحفن ڏيڻ کان سواءِ کين اها به اجازت ڏني وئي ته سيٿيا جي هر معزز ماڻهوءَ کان هڪ هڪ گهوڙي جو تحفو ضرور وٺن. مئڪسيمن ساڳئي رستي سان قسطنطنيہ واپس ويو ۽ توڙي جو بيرڪ سان هن جا اتفاقي اختلاف ٿي پيا هيا جيڪو اٽيلا جو نئون سفير هو، پنهنجي اندر ۾ خوش ۽ مطمئن هيو ته هن هڪ ڏکيو سفر طئي ڪري ٻن قومن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ جو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو.(47)

پر روم جو سفير غداريءَ واري ان سازش کان اڻ واقف هو جنهن کي ماڻهن جي اعتماد جي پردن ۾ لڪايو ويو هو. ايڊيڪان جي حيرت ۽ اطمينان، جڏهن هن کي قسطنطنيہ جي شان شوڪت جو تصور ٿي آيو، ترجمان وگيليَسس کي کدڙي ڪرسئفيَس (48) جي ڳجهي انٽرويو وٺڻ لاءِ همٿايو هو جنهن جو شهنشاهه توڙي شهنشاهت ٻنهي تي قبضو هو. اڳ واري گفتگو ۽ راز کي مخفي رکڻ جي قسم کڻڻ کان پوءِ، کدڙي جيڪو پنهنجي احساس ۽ تجربي جي باوجود، وزيرن جي اخلاق ۽ ڪردار کي پاڻ ۾ سمائي نه سگهيو هو، اٽيلا جي موت جي تجويز پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري ويٺو ۽ اهو به چيائين ته اها هڪ وڏي خدمت ٿيندي. جنهن سان ايڊيڪان کي دولت جو ججهو حصو ملندو ۽ ان کان سواءِ هو عياشي به ڪندو جنهن جي کيس طلب رهندي هئي. هُنن (Huns) جي سفير هن لالچ واري آڇ کي غور سان ٻڌو ۽ وڏي جوش مان اقرار ڪيائين ته منجهس لياقت به هئي ۽ هو ان خوني ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار به هيو، ان سازش جي خبر وڏي منهندار کي پئجي وئي ۽ ٿوڊوسيَس پنهنجي جاني دشمن کي قتل ڪرڻ جي سازش تي خوش ٿيندي پنهنجي رضامندي ڏيکاري. پر هي دغابازي ۽ نمڪ حرامي واري سازش ايڊيڪان جي پڇتائڻ تي ناڪام ٿي وئي، ۽ هُن غداريءَ جي هن ڪم لاءِ پنهنجي دلي نفرت ۾ شايد ڪجهه وڌاءُ به ڪيو هوندو. هن جرئتمندي ڪندي اهو عزم ڪيو ته جيترو جلد ٿي سگهيو ته هر ان سازش جو اعتراف پاڻ ڪندو. جيڪڏهن اسان مئڪسيمن جي سفارتخاني ۽ اٽيلا جي رويي جو جائزو وٺون ته اسان بربر جي وڌ ۾ وڌ تعريف ڪنداسين جنهن مهمان نوازي جي قانون جو احترام ڪندي، شهنشاهه جي وزير کي فراخ دليءَ سان وڃڻ ڏنو جنهن سندس زندگي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي. پر وگيليس جي اُٻهرائي اڃا به ڪمال واري لڳندي ڇاڪاڻ ته پنهنجي خطا توڙي خطرن کي پوريءَ طرح ڄاڻندي به هو پنهنجي پُٽ سميت شاهي ڪئمپ ۾ هليو ويو ۽ پاڻ سان گڏ سون سان ڀريل هڪ ٿيلهو به کنيو هيائين جيڪو خاص کدڙي طرفان ايڊيڪان جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ته ساڳي وقت گيٽ جي چوڪيدار جي وفاداري خريد ڪرڻ لاءِ آڇيو ويو هو. ترجمان کي هڪدم سوگهو ڪيو ويو، جنهن کي اٽيلا جي انصاف جي ٽربيونل ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن ارادي جي مضبوطيءَ سان پنهنجي معصوميت جو اقرار ڪيو، پر جڏهن کيس دڙڪو ڏنو ويو ته هن جي پُٽ کي هن جي سامهون ماريو ويندو ته هن هڪدم پوءِ پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪري ڇڏيو. ڏَن يا ضبطي جي شڪل ۾ هُنن (Huns) جي لالچي بادشاهه، غدار جي زندگي بچائڻ عيوض سون جا ٻه سو پائونڊ وٺڻ قبول ڪيا ڇاڪاڻ ته هن کي ان ڳالهه کان به نفرت هئي ته هن کي سزا ڏني وڃي. هن هڪ ٻي معزز ماڻهوءَ طرف پنهنجي ناراضگيءَ جو اشارو ڪيو. سندس سفارتڪارن ايسلا ۽ اوريسٽس کي هڪدم قسطنطنيہ موڪليو ويو ۽ اُنهن کي سخت حڪم ڏنو ويو ته ايئن عمل ڪن جيئن کين حڪم ڏنو ويو هو ڇو ته انهيءَ ۾ ئي سندن سلامتي هئي. اُهي محلات ۾ داخل ٿيا ۽ سونَ سان ڀريل اُهو ٿيلهو اوريسٽس جي ڳچيءَ ۾ لڙڪندو ٿي رهيو، جنهن کدڙي ڪرسئفيس کان پڇاڳاڇا ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سِڌو سوال ڪيائينس ته هو پنهنجي خطا ۽ پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ٿو يا نه. پر ڏوهه يا الزام جو ٻي انداز سان نبيرو ڪرڻ فقط ايسلا جي بردباريءَ جو ڪم هو جيڪو اوڀر جي شهنشاهه سان هينئن مخاطب ٿيو: ’ٿوڊوسيَس هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو پٽ آهي جيڪو ناميارو ۽ عزت وارو پيءُ آهي، اهڙيءَ طرح اٽيلا جو تعلق پڻ هڪ وڏي عزت واري قوم سان آهي ۽ هن اُنهن ڪمن يا عملن جي هميشہ حمايت پئي ڪئي آهي جيڪي کيس پنهنجي عظيم والد مُنڊزڪ کان ورثي ۾ مليا آهن. پرٿوڊوسيَس کي جيڪو ڪجهه ورثي ۾ مليو هو ان جي هن ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ڏَن ڏيڻ جي شرط کي قبول ڪري هن پنهنجي مرتبي کي هيٺ ڪيرائي ان کي غلامن جي سطح تي کڻي آيو آهي. تنهنڪري اها حق ۽ سچ جي ڳالهه ٿيندي ته هُو ان ماڻهوءَ جو احترام ڪري جنهن کي سندس لياقتن توڙي سندس خوشنصيبيءَ هن کان گهڻو مٿاهون رکيو آهي ۽ ٻي طرف هڪ ذليل غلام جيان ڪردار هو جنهن پنهنجي مالڪ جي خلاف هڪ ڪريل حرڪت ۽ سازش ڪئي هئي.‘ آرڪئڊيَس جي پٽ، جيڪو فقط خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جي آواز کي ٻڌندو هو، اچرج وچان سچ جي تيز ۽ ڪڙي ٻوليءَ کي ٻڌي رهيو هو، هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ خوف مان ڏڪي رهيو هو، ۽ کيس اها به جرئت نه پئي ٿي ته هو ڪرسئفيَس جي سِر قربان ڪرڻ کان انڪار ڪري، جنهن جو ايسلا ۽ اوريسٽس مطالبو ڪري رهيا هيا. سڄي ساري سفارتخاني کي، جنهن کي پورا اختيار ۽ عاليشان تحفا مليا هيا، کي روانو ڪيو ويو ته اٽيلا جي اَٽل ۽ سخت ناراضگيءَ کي ڪجهه ماٺارو ڪيو وڃي، نوميَس ۽ ائنيٽرليس جي انتخاب ذريعي سندس غرور کي مطمئن ڪرڻ جو ڪجهه ازالو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي وزير هيا جن جو رتبو سفارتڪارن جهڙو هو، اُنهن منجهان هڪ وڏو خزانچي به هو ۽ ٻيو اوڀر جي فوجن جو ماسٽر- جنرل پڻ هيو. اٽيلا مهرباني ڪندي، هنن سفارتڪارن سان ڊرينڪو ندي جي ڪنارن تي ملڻ جو واعدو ڪيو، توڙي جو پهرئين ته پنهنجي هَٺ ۽ غرور جو ڏِکُ ڏنو، پر پوءِ سندس ڪاوڙ، سفارتڪارن جي مِٺي زبان ۽ سندن وڻندڙ اخلاق جي ڪري آهستي آهستي ڍري ٿيندي وئي. اٽيلا پنهنجي عظمت جو مظاهرو ڪندي، شهنشاههَ، کدڙي ۽ ترجمان- سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ کي صلح قائم رکڻ جي شرطن جو پابند بنايائين. بيشمار قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ ڀاڄوڪڙن توڙي ساٿ ڇڏيندڙن کي به معاف ڪيائين ته ڀلي اُهي به آزاد هجن ۽ پنهنجي سرحد جي ڪجهه حدن تان، جيڪي دنيوب نديءَ جي ڏکڻ طرف هيون، هٿ کنيائين ڇو ته اُنهن علائقن جي دولت هو اڳيئي خرچ ڪري چڪو هيو ۽ اُتان جا رهواسي به پنهنجو علائقو ڇڏي ڀر پاسي وارن ملڪن ۾ هليا ويا. پر هي معاهدو ڪجهه اهڙي قيمت تي خريد ڪيو ويو هو جو اُهو هڪ تيز طوفاني ۽ ڪامياب جنگ وڙهڻ جو سبب بڻجي ها ۽ ٿوڊوسيَس جي رعيت جا ماڻهو مجبور ٿي ان نالائق پر سندن پياري ماڻهو جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ ظالماڻين ٽئڪسن جو مطالبو ڪن ها جيڪو هو سندس تباهيءَ لاءِ خوشيءَ سان ڏين ها.(49)

شهنشاهه ٿوڊوسيَس، پنهنجي بدنصيب زندگيءَ جي ذلت وارن واقعن کان پوءِ گهڻو وقت زنده نه رهي سگهيو. جيئن هو قسطنطنيہ جي ويجهن علائقن ۾ پنهنجي گهوڙي تي چڙهي شڪار ڪري رهيو هو ته هو پنهنجي ڀَڄندڙ گهوڙي تان لائڪَس نديءَ ۾ ڪري پيو، ڪِرڻ سبب سندس ڪرنگي جون هڏيون ڀڄي پيون ۽ هو ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ پنجاهه سالن جي عمر ۾ مري ويو ۽ هو پنهنجي حڪومت جو ٽيتاليهون شهنشاهه هيو.(50) سندس ڀيڻ پلچيريا کي، جنهن جي شهري توڙي ڪليسائي اختيارن تي کدڙن جو ضابطو هوندو هو، اوڀر جي شهنشاهت جي راڻي بنايو ويو، ۽ اهو پهريون ڀيرو هو جو رومي شهنشاهت جا ماڻهو هڪ عورت جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي ويا. جيئن ئي پُلچيريا تخت تي ويٺي ته هن پنهنجي توڙي عوام جي ناراضگيءَ کي انصاف جي دائري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. بغير ڪنهن به قانوني مقدمي هلائڻ جي، کدڙي ڪرسئفيس کي شهر جي گيٽن وٽ آڻي قتل ڪيو ويو، ۽ جيڪو بي انداز مال ۽ دولت هن پاڻ جمع ڪئي هئي، ان ويتر سندس موت کي وڌيڪ ويجهو ۽ جائز ڪري ڇڏيو هو.(51) مذهبي ماڻهن توڙي عوام ۾ هڪ عجيب شور پيدا ٿي ويو ته هڪ عورت سندن حڪمران ٿي وئي هئي ۽ خود پُلچيريا کي به عوام جي نفسيات جو اندازو هو ته هڪ عورت جي حڪمرانيءَ کي هو آسانيءَ سان قبول نه ڪندا تنهنڪري هن عقلمنديءَ سان فيصلو ڪيو ته ماڻهن جي ڀُڻ ڀُڻ کي بند ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته هُو پنهنجي ساٿيءَ جي چونڊ ڪري جيڪو سندس مٿاهين حيثيت جو احترام ڪندو ۽ سندس ڪنوارپڻي جو پڻ خيال رکندو. تنهنڪري هن مرسين کي چونڊيو جيڪوهڪ سينيٽر ۽ سٺ سالن جي عمر جو هو ۽ اهڙي طرح پُلچيريا جي نالي ماتر مڙس کي به شاهي لباس پارايو ويو. جيئن ته هن مذهبي ماڻهن جو تمام گهڻو خيال رکيو جنهن جو عملي اظهار ڪئليڊونيا جي ڪائونسل ۾ ڪيو ويو، ان ڪئٿولڪ عيسائين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. مرسين جي هلت چلت ۽ سندس مانائتو طور طريقو ڏاڍو وڻندڙ هو، سندس ذاتي زندگي توڙي تخت تي هن هڪ اهڙي شهنشاهت ۾ ٻيهر روح اچي ڦوڪيو هو، جيڪا نه رڳو ڪمزور پر صفا ختم ٿي چڪي هئي جنهن ۾ لڳاتار هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ٻن موروثي شهنشاهن جو وڏو هٿ هو. هو ٿريسس ۾ پيدا ٿيو هو، ۽ هن اسڪول ۾ فوجي تعليم پڻ ورتي هئي، پر سندس جواني گهڻو ڪري فلسفي ۽ بدقسمتيءَ ۾ گذري هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو قسطنطنيہ ۾ ويو هو ته ان وقت سندس سڄي آمدني فقط سونَ جا ٻه سوء ٽڪرا هئي، جيڪي پڻ هن پنهنجي هڪ دوست کان اوڌر تي ورتا هيا. هن پنهنجي عمر جا اڻويهه سال اسپارٽا جي مقامي ۽ فوجي نوڪريءَ ۾ گذاريا ۽ سندس پٽ اردابوويَس وڏن جنرلن سان فارس توڙي آفريڪا جي جنگين ۾ گڏ رهيو ۽سندن اثر رسوخ جي ڪري مئجسٽريٽ جي عزت واري رتبي تائين پهچي، پوءِ اڃا به سينيٽر جي وڏي منصب تي فائز ٿي ويو. سندس نرم طبيعت ۽ ڪارآمد ذهانت سبب مرسين پڻ پنهنجي پٽ جي محسنن ۽ سرپرستن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيئن ته هن رشوت خوري، بدعنواني ۽ ظلم تي مبني نظام پنهنجي اکين سان پاڻ ڏٺو هو، ۽ جيئن ته سندس پنهنجي مثالَ قانون تي عمل ڪرڻ جي کيس ترغيب ڏني هئي ۽ هن اُهي قانون ۽ اخلاقي ضابطا نافذ ڪري ڇڏيا ته جيئن ماڻهن جي اخلاق، عادتن ۽ هلت چلت ۾ هڪ صحتمند تبديلي نظر اچي.(52) 

باب چوٽيهون

 

(حاشين بابت وضاحتون)

 

(1)              اٽيلا جي تاريخ بابت مستند مواد جارنينڊيس ۾ ملي سگهي ٿو (ڊي ريبَس گيٽيس- 50-34، 688-660، جنهن کي گروٽيَس ايڊٽ ڪيو) ان کان سواءِ پرسڪَس (سفارتي تحريرون مان ٽڪرا- صفحا- 76-33، پئرس، 1648) ’اٽيلا جون ڄمارون‘ جووينڪس سيليَس ڪئلنَس ڊالمئٽينَس ٻارهين صدي عيسوي ۾ ترتيب ڏنو هو، مون نه ڏٺو آهي ۽ نه وري اهو ڪتاب جيڪو نڪولَس اولهَس جيڪو گرانڊا جو پادري هو ان سورهين صدي ۾ ڇپرايو هو، اُهو به منهنجين نظرن منجهان نه گذريو آهي. ڏسو مئڪائو جي جرمني جي تاريخ (33، ix ۽ مافي- اوسر وازيني جو ادب- 89-88، i) جيڪو ڪجهه به ان مواد ۾ هنگري جي جديد ماڻهن اضافو ڪيو آهي، اُهو قدر لائق آهي ۽ ان مان اها خبر به پوي ٿي ته اُهي افسانن ۽ ڪهاڻين جي ادب ۾ ايترا اڳڀرا نه هيا. اُهي اندازو لڳائن ٿا ته جڏهن اٽيلا گال ۽ اٽلي تي حملو ڪيو هو ۽ کوڙ سارين عورتن کي پنهنجون زالون بنايو هئائين، ته ان وقت سندس عمر هڪ سو ويهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. (ٿيوروز جا واقعا- 22، i، هنگر جي تحرير ۾، 76، i)

(*)    (هن جلدي ڪئي)

(2)             هنگري تي، سيٿيا جي ٽن ڪالونين طرفان ڪاميابيءَ سان قبضو ڪيو ويو آهي: (1) اٽيلا جي هنن (Huns) طرفان، (2) ڇهين صدي جي ابيئرس طرفان ۽ (3) ترڪن يا مئگيرس طرفان- 889 صدي عيسوي ۾. ترڪن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اُهي سيٿيا جي ماڻهن جي پيڙهين جا ابا ڏاڏا آهن پر پهرين ٻن سان سندن رشتن جون ڪڙيون نٿيون ملن. پروڊرومَس ۽ مئٿيو بيليَس جي حاشيائي تفصيلن ۾ جديد هنگري بابت ڪافي معلوماتي مواد موجود آهي. مون جديد توڙي قديم واقعاتي تحريرون ڏٺيون آهن (51، 1، xxii) ۽ ٻيو مواد پڻ مطالعو ڪيو آهي. (175، 127، xvi).

(3)             سقراط (43، vii) ٿوڊوريٽ (36 v) ٽليمانٽ جيڪو هميشہ ڪليسائي مصنفن تي ڀاڙيندو آهي، زوردار نموني سان دليل ٿو ڏئي ته جنگيون ۽ خاص ماڻهو ساڳي ڳالهه نه آهي.

(4)             ڏسو پرسڪَس (صفحا- 48-47) ۽ يورپ جي ماڻهن جي تاريخ (vii، باب- xii-xv).

(5)              پرسڪَس ص-39. جديد هنگري وارن سندس حسب نسب ڪڍيو آهي جيڪو پنجٽيهه ڊگريون حضرت نوحؑ جي پُٽ هام کان مٿي هليو ٿو وڃي، تنهن هوندي به هو هن جي پيءُ جي اصل نالي کان واقف نه آهي. (ڊي- گائنس، هُنن جي تاريخ 297، ii)

(*)    (تاتارين جي باري ۾).

(*)    (مُشڪن وارو، طاقتور)

(6)             جارنينڊيس (661، 35) جي ڀيٽ بفن سان ڪيو (فطري تاريخ- 380، iii) اڳئين جو پنهنجو خيال هو (ڇاڪاڻ ته هن پنهنجن ئي ابن ڏاڏن جي خاصيتن کي ڳڻائڻ شروع ڪيو هو) اٽيلا جو ڪردار ۽ ان جي شخصيت بابت مواد ڏسو ڪئسيڊورَس جي ترجمي ۾.

(*)    (چنگيز خان).

(7)             ابوالفراج شاهي گهراڻو پوڪوڪ جي مقابلي ۾ ص* 281 (تاتارين جي حسب نسب جي تاريخ- ابوالغازي، بهادرخان 3، 15، iii، چنگيز خان، 6، 1، i) تبليغي پرچارڪ جيڪي تيرهين صدي عيسوي ۾ تاتاري ٿي ويا هيا. (ڏسو سامونڊي سفر جي تاريخ جو ستون جلد( ان ۾ مقامي مشهور ٻولي استعمال ٿيل آهي ۽ واضح خيالن جو اظهار پڻ ڪيل آهي. چنگيز خان کي خدا جو پٽ سڏيو ويو آهي وغيره وغيره.

(8)             (’اُنهن وٽ نه مندر هيا نه مقبرا ۽ نه وري وٽن ڪا ڪَکائين جهوپڙي موجود هئي، پر بربرن جي پنهنجي رسم ۽ رواج موجب هڪ اگهاڙي ترار کي زمين ۾ کوڙيو ويندو آهي، جنهن جي هو وڏي عقيدت مان عبادت ڪندا آهن ته اُها ترار، هنن جي لاءِ اُنهن علائقن ۾ جتي هو گهڻو اچن وڃن ٿا، جنگ جو ديوتا آهي.‘) ايميئينَس مارسيلينَس (2، xxxi) ۽ لنڊ منبرو جيَس ۽ وئليسيَس جا عالماڻا حاشيا هن سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.

(9)             پرسڪَس هيءَ شاهڪار آکاڻي پنهنجي زباني اسان کي ٻڌائي ٿو (ص- 65) ته ساڳي وقت جارنينڊيس جي چَوڻيءَ جي حوالي سان به پيش ٿو ڪري. (662، 35) هن شايد عام روايت يا افساني کي پنهنجو بنياد بنايو هجي جيئن مشهور ترار جي قصي کي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ نالي مان ايئن لڳي ٿو ته ان جو تعلق سيٿيا جي ديوتا سان آهي جنهن کي هن ترجمو ڪري يونانين يا رومين جو جنگي ديوتا ’مارس‘ ڪوٺيو آهي.

(10)         هيروڊوٽَس (62، iv) مون بيان کي مختصر ڪرڻ لاءِ ان کي گهٽ ۾ گهٽ رقم (اسٽئڊيَم) ۾ آندو آهي. انساني قرباني ڏيڻ وقت هو انسان جي ٻانهن ڪُلهي کان ڪاٽي ڇڏين ٿا ۽ پوءِ ان کي مٿي هوا ۾ اُڇلائن ٿا ۽ ان جي ڪنهن ٿنڀ يا بُنڊَ مٿان ڪِرڻ تي ان منجهان ڪيترا انديشا ۽ انومان ڪڍن ٿا.

(11)          پرسڪَس (ص- 55) هڪ آگسٽَس جهڙو مهذب سپوت خود به ان ڳالهه ۾ خوش ٿيندو هو جيڪڏهن ڪو ماڻهو جنهن تي هو پنهنجون نظرون کُپائي ڇڏيندو هو ۽ اُهو اُنهن نظرن جي شعاع يا چَمڪ کي بيان ڪرڻ کان بيوَس ٿي ويندو هو. (سئيٽن، آگسٽَس ۾- باب -79)

(12)         هڪ معتبر ڊي بئاٽ (يورپ جي ماڻهن جي تاريخ- 429- 428، vii) اٽيلا کي، پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائڻ جي الزام مان آزاد ڪري ٿو ڇڏي ۽ هن سلسلي ۾ هُو جارنينڊيس جي شاهدي توڙي ان وقت جي دستاويزن کي رد ڪرڻ تي وڌيڪ زور ٿو ڏئي.

(13)         جارنينڊيس (684، 49) پرسڪَس، (ص- 65-64) ايم- ڊي گائنس پنهنجي زبان جي ڄاڻ ذريعي اٽيلا جي شهنشاهت جي گهڻي معلومات حاصل ڪري ڇڏي آهي.

(14)         ڏسو هُنن جي تاريخ (296، ii) گوجن جو اهو عقيدو هوندو هو ته هُنن (Huns) کي ڪنهن به وقت سخت طوفان آڻڻ يا مينهن وسائڻ جي طاقت هوندي هئي. هن قسم جو معرڪو يا ڪرشمو هڪ پٿر گيزي سان منسوب ٿيل آهي جنهن جي جادو يا ڪرشماتي طاقت سان هڪ جنگ ۾ شڪست اچڻ جي واقعي کي چوڏهين صدي عيسوي جي مسلمان تاتارين بيان ڪيو آهي. (ڏسو شرف الدين علي تيمور لنگ جي تاريخ- 83-82، i)

(*)    (گاٿن جو هڪ قبيلو).

(15)          جارنينڊيس (667، 37، 661، 15) ڏسو ٽليمانٽ جي شهنشاهن جي تاريخ- 138، 129، vi) ڪارنيل اٽيلا جي تڪبر کي اُنهن بادشاهن سان ڀيٽايو آهي جن کي هو پنهنجي رعيت سمجهندو هو. گيپڊي ۽ آسٽروگاٿن جا ٻه بادشاهه وڏا سياستدان ۽ جذباتي آهن ۽ سڄي ٽڪري ۾ ڪافي نقص آهن جنهن ۾ شاعر جي ذهانت اڻلڀ آهي.

(16)         روفينَس ۽ ڪلاڊيَن (35-28، ii) ساڳي وقت يوٽراپ کي به ڏسو (251-243، i) ۽ جيروم جو زبردست بيان جنهن پنهنجن جذبن جي ترجماني ڪئي آهي. (26، i، يا هيليو ڊرو ص- 220) فلوسٽور جيَس (8، ix) هن اوچتي حملي کي بيان ڪري ٿو. (نوٽ: هن حاشيي جي مُنڍ ۾ سَت سٽون لاطيني يا يوناني زبان ۾ ڏنل آهن. جن جو انگريزي ترجمو گبن طرفان نه ڏنو ويو آهي. تنهنڪري ان جو سنڌي ترجمو به هتي ڄاڻايل نه آهي، بهرحال پوءِ به ڪافي وضاحت بيان ڪئي وئي آهي. سنڌيڪار)

(*)    (ننڍي ايشيا جي هڪ ندي).

(*)    (اصلي يا بڻيائتو)

(*)    (ازوف جو سمنڊ)

(17)         پرسڪَس ۾ ڏسو اصلي ڳالهه ٻولهه. (صفحا- 65-64)

(18)         پرسڪَس (ص -331) سندس تاريخ ۾ جنگ بابت ڪافي شانائتو بيان ڪيو آهي. (اِوئگريَس- 17، 1) پر تاريخ جا اُهي حصا جيڪي سفارتخانن بابت واقعا بيان ڪن ٿا، ته اُهي ئي ٽڪرا اسان جي وقت ۾ اسان کي ڪم آيا آهن. اصلي ڪم فقط اُنهن ليکڪن جي هٿ چڙهي ويو جن کان وري اسان ڄاڻ ورتي جيڪا اڻپوري آهي. جارنينڊيس، ٿيوفينس، منهندار مرسيلينَس پراسپر- ٽيرو يا وري اليگزينڊرين يا پاسچل جو مصنف ۽ واقعن ۾ ايم ڊي بئاٽ (يورپ جي ماڻهن جي تاريخ- xii, xv) اُنهن سببن، حالتن ۽ جنگ جي دوران جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو آهي، جنهن مطابق اُها جنگ 444 صدي عيسوي کان اڳتي نٿي وڃي.

(19)         پروڪوپيَس (5، iv) هنن قلعن کي پنهنجي اصلي حالت ۾ بنايو ويو، اُنهن کي شهنشاهه جسٽينيَن طرفان وڌيڪ مضبوط بنائي ۽ وڌايو ويو، پر پوءِ اُنهن کي جلد ئي ابيئَرس طرفان تباهه ڪيو ويو جيڪي هُنن (Huns) کان پوءِ طاقت ۾ آيا ۽ جائدادن جا مالڪ بڻيا.

(20)        هتي منهندار مارسيلينَس جي زبان وڌيڪ زوردار آهي.

(21)         ٽليمانٽ (شهنشاهن جي تاريخ 107-106، vi) ۾ هن زلزلي بابت ڪافي مواد موجود آهي، جنهن جو اثر قسطنطنيہ، اليگزينڊريا ۽ انتاڪيا تائين محسوس ڪيو ويو هو ۽ جنهن جو فڪر سڀني ڪليسائي ليکڪن ڪيو آهي. هڪ تبليغ واري چيو هو ته زلزلو هڪ تعريف جوڳي مشين آهي جنهن جو زوردار اثر هوندو آهي.

(22)        هن مغلن جي شهنشاهه آڏو بيان ڪيو ته چار صوبا (پيچلي، چنٽانگ، چانسي ۽ ليوٽانگ) جن تي سندس اڳ ۾ ئي قبضو هو، هڪ نرم انتظام ۾ هيٺ، چانديءَ جا 500000 آئونس، چانورن جا 400000 ماپا ۽ريشم جا 800000 ٽڪرا پيدا ڪن ٿا (مغلن جي شاهي حسب نسب جي تاريخ صفحا- 59-58) ييلُوچوسي (چيني اعليٰ آفيسر جو اهڙو نالو هو) هڪ داناء ۽ سٺي ڪردار وارو وزير هو جنهن ملڪ کي بچايو ۽ فاتحن کي مهذب بڻايو (ڏسو صفحا 103-102).

(23)        خاص مثال ڳڻائبا ته اُهي بيشمار ٿي ويندا پر هڪ سنجيدو پڙهندڙ چنگيز خان جي زندگي بابت ڄاڻ ضرور رکي (مغلن جي تاريخ ۽ هُنن (Huns) جي تاريخ جو پندرهون ڪتاب به ضرور مطالعي هيٺ آڻجي).

(24)        مارُو وٽ، 1300000 هرات وٽ، 1600000، نيشاپوري وٽ 1747000. ڊي هربيلوٽ جا لکيل اوڀر جي ملڪن جا واقعا (صفحا- 381-380) مون ڊي- ائنول جي هِجي ڪرڻ جي نقشن کي استعمال ڪيو آهي. ان ڳالهه جي، بهرحال، گهڻي گنجائش موجود آهي ته فارس وارا پنهنجن نقصانن کي مبالغي سان پيش ڪندا آهن ۽ مغل وري پنهنجن سوڀن جي باري ۾ وڏيون دعوائون ڪندا آهن.

(25)         شرف الدين علي ۽ سندس تعريف ڪندڙ غلام، اسان جي آڏو ڀوائتا مثال پيش ڪيا آهن. دهلي ۾ پنهنجي ڪئمپ قائم ڪرڻ کان اڳ، تيمور 100000 هندستاني قيدين کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو جن جو ڏوهه اهو هو ته هنن فقط ان وقت کِلي ڏنو هو جڏهن سندن ملڪي ماڻهن جي فوج کين نظر آئي هئي، (تيمور لنگ جي تاريخ 90، iii) اصفحان جي عوام 70000 ماڻهن جون کوپڙيون جمع ڪري ورتون هيون جن سان ڪيترا اوچا مُنارا ٺاهيا ويا هيا. (434، i) ساڳي وقت بغداد ۾ ٿيندڙ بغاوت (370، iii) جي سلسلي ۾ به هڪ ڏنڊ مڙهيو ويو هو جنهن جو پورو اندازو شرف الدين علي نه لڳائي سگهيو هو، پر هڪ ٻي تاريخدان احمد عرب سيد موجب (175، ii) 90000 سِرَن جو کين ڏنڊ ڀرڻو پيو هو.

(26)        قديمي تاريخ جا ماهر جارنينڊيس ۽ پرسڪَس وغيره هن خطاب کان ناواقف آهن. البت هنگري جا جديد ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته اهو لقب گال جي هڪ بزرگ اٽيلا کي ڏنو هو جيڪو ان جي ملڻ تي خوش ٿيو هو ۽ ان کي پنهنجي شاهي مرتبي جي ٻين خطابن سان ملائي سَرهو ٿيندو هو. (مئسڪائو 23،ix  ۽ ٽليمانٽ- شهنشاهن جي تاريخ ۾ 143، vi)

(27)        سينٽ ڪرسوسٽم جي مذهبي پرچارڪن سيٿيا جي بيشمار ماڻهن کي پنهنجي مذهب ڏي مائل ڪيو هو جيڪي دنيوب کان به پرتي پنهنجن تنبُن ۽ گاڏين ۾ رهندا هيا. (ٿوڊوسيٽ 31، v، فوٽيَس ص- 1517) مسلمان، نستوري فرقي سان تعلق رکندڙ توڙي لاطيني عيسائي ان ڳالهه ۾ مطمئن هيا ته هنن چنگيز خان جي پٽن ۽ پوٽن کي پاڻ ڏي مائل ڪيو هو جيڪي مخالف تبليغين سان مهرباني ۽ انصاف سان پيش ايندا هيا.

(28)        جرمني جي ماڻهن، وارَس ۽ سندس فوجن کي تباهه ڪري هن جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو هو (9 صدي عيسوي) اُنهن روم جي قانون ۽ قانوندانن کان سدائين چڙ ۽ بُڇان جو اظهار پئي ڪيو هو. هڪڙي بربر گهڻي احتياط کان ڪم وٺندي هڪ قانوندان جي زبان وڍي ڇڏي ۽ ان کان پوءِ سندس واتَ کي سِبندي ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي چيائين ته: ’هاڻي کَپُر نانگ جو ساٿ هميشہ لاءِ ختم ٿي ويو. (فلورَس 12، iv)

(29)        پرسڪَس (ص- 59) لڳي ائين ٿو ته هُنن (Huns) کي گاٿن جي توڙي لاطيني زبان، پنهنجي زبان کان به وڌيڪ وڻندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندن زبان شايد ڪجهه اُگري ۽ ڏکي لهجي واري هئي.

(30)        فلپ ڊي ڪومنس، ليوِس-xi جي پوين پساهن جي زبردست تصوير چِٽي آهي. (يادگيريون- 12، iv) ۽ هن جي حڪيم جي گستاخي ۽ واهياتپڻي کي به ظاهر ٿو ڪري فقط پنجن مهينن ۾ کانئس 54000 ڪرائون ڦري ڇڏيا هيا ته ساڳئي وقت هڪ لالچي ۽ آمر شخص کان رتبو پڻ کَسي ڇڏيو هو.

(31)         پرسڪَس (ص- 61) روم جي قانونن جي گهڻي تعريف ٿو ڪري جنهن ڪري هڪ غلام جي زندگي کي بچاويو ويو هيو. جرمن ماڻهن لاءِ ٽئسيٽَس چوي ٿو: ’اُهي هڪ غلام کي اصول تي يا سختيءَ مان هرگز نه ماريندا پر فقط تڏهن جڏهن کين سخت ڪاوڙ ايندي بلڪل ايئن جيئن ڪنهن دشمن سان ورتاءُ ڪندا هيا، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪَم يا ڪرتوتَ بغير سزا جي رهجي وڃن ٿا.‘ ڪجهه ماڻهو هيرُولي قبيلي جا هيا، جيڪي اٽيلا جي رعيت ۾ شامل هيا، ۽ دعويٰ ڪندا هيا ته سندن غلامن تي موت ۽ زندگي جا اختيار کين حاصل هيا. ڏسو هڪ زبردست مثال جيڪو اگاٿياز جي ٻي ڪتاب ۾ آهي، ان جو مطالعو ضرور ڪجي.

(32)        سڄي گفتگو جو احوال پرسڪَس ۾ ڏسو.

(33)        پراسپر- ٽيرو پنهنجا احوال اولهه ۾ وڃي قلمبند ڪيا آهن ۽ سندس تجويز مذمت جي برابر آهي.

(34)        ڪرسوسٽم جي بيان يا گارگند موجب، بازنطينيُن جي عياشيءَ جي سامان جو نيلام يقينن فائديمند ثابت ٿيو هوندو. هر دولتمند ماڻهوءَ وٽ چانديءَ جي هڪ گول ٽيبل هوندي هئي، پر اُها اهڙي هوندي جو اُن تان ٻه ماڻهو گڏجي به هڪ گلدان يا گلدستو نه کڻي سگهندا هيا ڇو ته اُهو سمورو سون جو ٺهيل هوندو هو جنهن جو وزن چاليهه پائونڊ کن ٿيندو. ساڳي وقت ٽيبل تي سون ۽ چانديءَ جا پيالا ۽ ٻيا قسمين قسمين طعامن جا ٿانوَ پڻ پيل هوندا هيا.

(35)         معاهدي جا جيڪي شرط مبهم يا غير واضح هيا اُهي پرسڪَس ۾ ڏسي سگهجن ٿا. (صفحا- 59، 37-34) منهندار مارسيلينَس ڪجهه اطمينان ڏياري ٿو جڏهن سڀ کان پهريون هو ٻڌائي ٿو ته: اٽيلا خود اطمينان ڏياري ٿو جڏهن سڀ کان پهريون هو ٻڌائي ٿو ته: اٽيلا خود صلح لاءِ آماده ٿيو هو ۽ تحفن وٺڻ کان هن انڪار ڪيو هو. ٻيو ته ساڳئي وقت نه هندستان  جي سفيرن هڪ سهڻو، پاليل ۽ وڏو چِيتو شهنشاهه ٿوڊوسيَس کي تحفي ۾ ڏنو هو.

(36)        پرسڪَس (ص، 36-35) ٿريس جي هڪ سو ٻياسي قلعن مان جيئن اُنهن کي پروڪوپيس ڳڻيو آهي (قلعا، 92، iv, xi, ii) جن کي ايڊٽ پئرس ۾ ڪيو ويو) اُنهن هڪڙو ايسيمونٽُو جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن قلعي جي صورتحال جي ٻيڻي اهميت ان ڪري آهي جو اهو ائنچئيلَس ۽ ايگزين سمنڊ جي ڀرپاسن ۾ آهي. عظيمنٽيَم جو نالو ديوارون شايد جسٽينيَن جي حڪومت جي دور تائين رهيون هونديون پر هنن بهادر محافظن جي قوم کي روم جي شهنشاهن تباهه ڪري سندن وجود ئي مٽائي ڇڏيو هو.

(37)        سينٽ جيروم ۽ سينٽ آگسٽائين جو هڪ ٻئي سان سخت جهيڙو هو جن جو مختلف ڳالهين تي هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ٿيندو رهندو هو، ۽ خاص طرح جيڪي ٻن حوارين سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال بابت سندن اختلاف هيا، ان جو دارومدار هڪ اهم سوال تي مبني هو، (مڊلٽن جا ڪَم 10-5) ۽ جنهن تي ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ بزرگن طرفان هر دور ۾ اختلاف رهيا آهن ۽ اُنهن اختلافن جو دائرو هر دور جي قانوندانن ۽ فيلسوفن تائين به وڌي ويو آهي.

(38)        مانٽسقيو (وڏا خيال وغيره، باب- xix) وڏي جرئتمندي ۽ هڪ آسان پينسل سان، سخت ڏيکن ۽ حالتن ۾ اٽيلا جي غرور جو نقشو ويهي لِيڪيو آهي جنهن ۾ رومين جي بيعزتي پڻ شامل آهي. کيس اها به جَس هجي ته هن پرسڪَس جا علمي ٽڪرا به پڙهي ڇڏيا آهن، جن کي اڳ ڪا اهميت نه ڏني وئي هئي.

(39)        ڏسو پرسڪَس (صفحا72-71،69 وغيره) آءٌ پنهنجي رضا خوشيءَ سان يقين ٿو ڪريان ته جوکي جي ڪم سان کيڏندڙ کي اٽيلا جي حڪم تي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو هو. ڇو ته مٿس غداريءَ جو الزام هو، پر پرسڪَس (ص- 57) ساڳئي نالي جي ٻن ماڻهن کي وڌيڪ نمايان ڪيو آهي، يعني ڪانسٽئنٽيَس، جيڪي پنهنجي زندگي جي ساڳين واقعن سان يقيني طور تي منجهي پيا هوندا يا پريشان ٿيا هوندا.

(*)    (ڪرايي تي ڪم ڪندڙ)

(40)        فارس جي امن جو معاهدو جيڪو 422 عيسوي ۾ طئي ٿيو هو، عقلمند مئڪسيمن، اردابوريَس جو تخمينو لڳايو هو (جنهن اوڀر جي شهنشاهه پاران غاصب جان جي مخالفت ڪئي هئي. 25-423 عيسوي)  (سقراط 20، vii) جڏهن مرسيَن تخت تي ويٺو ته عظيم چيمبرلين جو وڏو عهدو مئڪسيمن کي ڏنو ويو. جنهن کي هڪ فرمان ذريعي ملڪ جي چئن اهم وزيرن منجهان هڪ ليکيو ويو آهي. (نوويل، ٿوڊوسين ڪوڊ ص 31) هن هڪ شهري ۽ فوجي ڪميشن اوڀر جي صوبن ۾ عمل ۾ آندي هئي ۽ سندس موت تي حبش (اٿوپيا) جي ماڻهن بيحد ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ جن جي حملن کي هن روڪيو هو. (ڏسو پرسڪَس، ص 41-40)

(41)         پرسڪَس، پئنيم جو رهواسي هو جيڪو ٿريس ۾ هو ۽ هو هر لحاظ سان پنهنجي دور جي فيلسوفن ۾ وڏو عزت وارو نالو هو. سندس بازنطين جي تاريخ، جنهن جو تعلق سندس دور سان هيو، ستن ڪتابن ۾ لکي وئي آهي. (ڏسو فئبريشيَس کي يونان جي واقعن ۾ 236-235، vi) تنقيد نگارن جي فياضيءَ واري فيصلي جي باوجود، مون کي پوءِ به شڪ ٿو پوي ته هو هڪ لامذهب ماڻهو هو.

(*)    (هن کي اڳتي ايندڙ صفحن ۾ چڱيءَ طرح سمجهايو ويو آهي)

(*)    (رومُولَس آگسٽولَس، 476-475 عيسوي)

(*)    (اوڊوسر، 493-476 عيسوي)

(42)        هنن (Huns) اڃا تائين زراعت جي پيشي کان نفرت ٿي ڪئي، اُنهن هڪ فاتح قوم جي حقن کي غلط استعمال ٿي ڪيو ۽ گاٿ، جيڪي سندن محنتي رعيت جا ماڻهو هيا ۽ جيڪي پنهنجون ٻنيون کيڙيندا هيا، سندن پاڙيسري هجڻ کان بکايل بگهڙن جيان خوفزده رهندا هيا. (پرسڪَس ص 45) ساڳيءَ طرح سارت ۽ تاجِڪ به پنهنجو گذران پاڻ ڪندا هيا، باقي اُزبڪ جا تاتاري پنهنجن حاڪمن وانگر سُست ۽ لالچي هيا. (ڏسو تاتارين جي حسب نسب جي تاريخ. (صفحا 455-423).

(*)    (اٽيلا جو ڀاءُ جنهن هن کي ماريو هو).

(43)        اهو صاف ظاهر آهي ته پرسڪَس دنيوب ۽ ٿِيس ندين کي اُڪاري ويو هو. پر هو ڪارپئٿين جي ٽڪرين تائين اڃا نه پهتو هو. ائگريا، ٽوڪي ۽ جابير کليل ميدانن تي هر طرف کان وڪوڙيل آهن جيئن هن وضاحت ۾ آيل آهي. ايم- ڊي بئاٽ (عوام جي تاريخ 461، vii) ٽوڪي ۽ آسٽرو ڪوسي کي چونڊيو آهي (ص- 180 مئسڪائو، 23، ix) هنگري جي هڪ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جازبيرن کي پسند ڪيو آهي. هڪ اهڙو هنڌ جيڪو بودا ۽ دنيوب کان ڇٽيهه ميل اولهه طرف آهي.

(44)        اٽيلا جي شاهي ڳوٺ جي ڀيٽ، ڪراڪورم جي شهر سان ڪري سگهجي ٿي جيڪو چنگيز خان جي جانشينن جي رهائشگاهه رهيو هو، جيڪو، توڙي جو هڪ مستقل رهڻ جوهنڌ هو، پر پوءِ به اُهو تيرهين صدي ۾ سينٽ ڊينيز جي شهر جي شان شوڪت جي مقابلي ۾ گهڻو گهٽ هو. (ڏسو ربروقيز کي سامونڊي سفر جي تاريخ ۾- 286، vii). اورنگزيب جي درٻار، جيئن ان کي برنيئر بيان ڪيو آهي، سيٿيا جي طور طريقن ۽ هندستان جي شاندار عياشين جي گڏيل سڏيل تصوير پيش ڪري ٿي.

(45)         جڏهن مغلن ٽونڪٽ وٽ، ايشيا جي ڦُرلٽ جي سامان جي نمائش ڪئي، ته چنگيز خان جو تخت اڃا تائين ان ڪاري قالين سان ڍڪيل هو جنهن تي هو ان وقت تخت نشين ٿيو هو جڏهن سندس تخت کي هن جي ملڪ جي ماڻهن مٿي کنيو هو. (ڏسو چنگيز خان 9، xv)

(46)        جيڪڏهن اسان پلو ٽارچ تي ويساهه ڪريون (24، v) ته پوءِ ٻڌو: سيٿيا جي ماڻهن جي اها رسم هئي ته جڌهن هو کاڌي جي ٽيبل تي ويهي مستيون ڪندا هيا ته اُهي ڄڻ سُستي ۽ ڪاهليءَ مان پاڻ کي جاڳائيندا هيا ۽ پنهنجي تير- ڪمانن سان شڪار پڻ ڪندا هيا.

(47)        هن سفارتخاني جي سنجيدگي جي بيان ۾ ڪجهه نقطا اهڙا آهن جن بابت ڪابه مناسب شاهدي نٿي ملي. پر اُنهن جي باري ۾ ڪجهه وضاحت پرسڪَس ۾ ملي ٿي. (صفحا 70-49) پر مون پنهنجي ٻي راهه ڳولي ڪڍي آهي ۽ مون ڪجهه تاريخي ڳالهيون ۽ حالتون اهڙيون ڳولي ڪڍيون آهن جن جو سفر سان ڪو گهڻو تعلق ڪونه هو ۽ نه وري اُنهن جو واسطو رومي سفارتڪارن جي ڪنهن پيشي سان هيو.

(48)        ايم. ڊي ٽيلمانٽ، چئمبرلينس جي جانشيني بابت پوريءَ طرح بيان ڪيو آهي جنهن ٿوڊوسيَس جي نالي ۾ پنهنجي استعيفا پيش ڪئي هئي. ڪرسئفيَس آخري تاريخ جي تصديق ٿيل شاهديءَ موجب شايد هُو شهنشاهه جي ويجهن ماڻهن ۾ هڪ ذليل ترين شخص هو. (ڏسو شهنشاهن جي تاريخ 119-117، vi ۽ ڪليسائي يادگيريون 438، xv) پنهنجي محسن لاءِ سندس هڪ طرفو ٿيڻ ۽ يوٽيچس کيس مصروف رکيو ته جيئن مذهبي ڌر کي پريشان ڪري سگهي).

(49)        هيءَ لڪل سازش ۽ انجا اهم نتيجا پرسڪَس جي تحريرن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. (صفحا 72-70، 54، 39-37) ان تاريخدان جا واقعا ڪنهن به تاريخ سان لاڳاپيل ناهن، پر جيڪي معاملا اٽيلا ۽ اوڀر جي شهنشاهت جي وچ ۾ نبيريا ويا، اُنهن کي ٽن يا چئن سالن اندر محدود ڪري سگهجي ٿو جيڪي ٿوڊوسيَس جي موت سبب وچ ۾ ڪٽجي ويا. (450 عيسوي)

(50)         ٿوڊوسيَس هڪ پڙهندڙ (ڏسو ويلس ڪليسائي تاريخ 563، iii) ۽ پاسچل واقعا فقط ڪِرڻ جو ٻڌائن ٿا پر اها خبر نٿي پوي ته ان ۾ ڌڪ به لڳو يا ڪو زخم رسيو، پر جيڪو نتيجو نڪتو ان مان لڳي ٿو ته ايئن ضرور ٿيو هوندو جيئن بيان ڪيو ويو آهي، پر اهو ممڪن نٿو لڳي ته هيڏي ساري واقعي کي گهڙيو يا ايجاد ڪيو ويو هجي، پر اسان، بهرحال نائيسفورَس ڪئلٽَس کي داد ضرور ڏيون ٿا جيڪو چوڏهين صديءَ جو هڪ يوناني هو.

(51)          (پُلچيريا جي اشاري تي، هو ۽ سندس لالچ- ٻئي راضي ٿي ويا.) هن کدڙي کي ڇڏي ڏنو ته جيئن پٽ پنهنجو مقدس بدلو وٺي سگهي جنهن جي پيءُ سندس ئي اُڪسائڻ تي تڪليفن کي ڀوڳيو هو.

(52)         پروڪوپيَس (ڊي- بيل وئنڊل (4،i اِوئگريَس، 1، ii) ٿيوفينس (صفحا 91-90 نوويل، ٿوڊوسيَن ڪوڊ، 30، vi) جيڪي مرسيَن جون تعريفون، سينٽ لِيو ۽ ڪئٿولڪن ڪيون آهن، اُنهن جو وڏي محنت سان بئرونيَس ترجمو ڪيو آهي ته جيئن ايندڙ وقت جي شهنشاهن جي همت افزائي ڪئي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org