سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 20

دادو جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) جو بنياد وڌو هي اهو دور هو. جڏهن ضيا جي مارشل لا ۾ آزاديون سلب ڪيون ويون، سياسي ڪارڪن کي پابند سلاسل ڪيو ويو. ڦاهيون ڦٽڪا هئا. جيل سنڌي ماڻهن سان ڀريا ويا. ان ڪري سال 1978ع ۾هن تنظيم جو بنياد وڌو ويو ۽ کيس تنظيم جو صدر مقرر ڪيو ويو. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيترائي سماجي ڪم سرانجام ڏنا.

سنڌ ۾ ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو. فوج طرفان جڏهن ڳوٺ احمد خان برهماڻي، دادو شهر، خيرپور ناٿن شاهه، کاٽ، مورو، گهانگهرا موري حيدرآباد ۾ جيڪي ظلم ٿيا. انهن کي تنظيم جي پليٽ فارم تان ننديو ويو. هن تنظيم کي اهو اعزاز آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي عام موڪل ڪرڻ جو مطالبو سڀ کان پهريائين هن تنظيم ڪيو. جنهن تي ان وقت جي گورنر ايس. ايم عباسي هڪ ليٽر ذريعي آگاهه ڪيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عام موڪل ڪئي ويندي.

جنهن تي روزانه اخبار عبرت پنهنجي اداريه ۾ تنظيم جي واکاڻ ڪئي. علي سرور ڀٽي صحافت سان به وابسته رهيو آهي. پاڻ سنڌ ٽائيمس جو ضلع رپورٽر به رهيو. ازانسواءِ منڇر آرٽ سرڪل جو سرپرست اعليٰ رهي چڪو آهي. هن سرڪل ڪافي اسٽيج پروگرام ڪيا جيڪي بيحد پسند ڪيا ويا.

حاجي امام بخش منگي:

حاجي امام بخش منگي ولد حاجي رحمت الله منگي 16 آڪٽوبر 1946ع تي ڳوٺ موندر تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ استادي پيشو اختيار ڪيائين. ان عرصي دوران بي. اي، ايم. اي ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون به حاصل ڪري ورتائين. هن وقت ٽيڪنيڪل اداري ۾ اهم عهدي تي فائز آهي.

حاجي امام بخش منگي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. ڳوٺ سڌار سنگت موندر جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. يوٿ ڪلب موندر جو نائب صدر ۽ شهباز حيدر ڪالوني جو جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سگا جو خزانچي ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ سگا جي ساٿين سان گڏجي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيو آهي.

محمد نواز نازن، کيڙو:

محمد نواز نازن، کيڙو ولد غلام نبي کيڙو 1945ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان حاصل ڪئي. بي. اي ۽ ايم. اي (رليجن) سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري زمينداري پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. زمينداري پيشي کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. سگا دادو شاخ جو پراڻو ميمبر آهي. سگا شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر به رهيو. سگا طرفان جيڪي سماجي ڪم ڪرايا ويندا آهن. انهن ۾ سرگرمين سان حصو وٺندو آيو آهي.

غلام سرور کيڙو:

غلام سرور کيڙو ولد نور محمد کيڙو 6 مارچ 1946ع ۾ ڄائو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪري، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين. بي. اي (آنرس) ايم. اي سياسيات (آنرس) ۽ ايل. ايل. بي مڪمل ڪري سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. سيڪشن آفيسر مان ترقي ڪندو. هن وقت سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪراچي ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. نوڪري سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. سگا شاخ دادو جو پراڻو ميمبر آهي. دادو ۾ رهڻ دوران سگا جي پروگرامن ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺندو آيو.

 

حاجي غلام محي الدين ميمڻ:

غلام محي الدين ميمڻ ولد غلام مجتبيٰ ميمڻ تاريخ 16 جنوري 1947ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم قاضي احمدي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ علامه آءِ. آءِ. قاضي هاءِ اسڪول پاٽ مان پاس ڪري، استاد مقرر ٿيو. بي. اي ۽ ايم. اي جا امتحان ڏنائين.

غلام محي الدين ميمڻ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو. ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ ان جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ان کان علاوه سگا دادو شاخ ۾ به پنهنجون سرگرميون سرانجام ڏيندو رهيو. حاجي غلام محي الدين ميمڻ پهرين نومبر 1994ع تي وفات ڪري ويو.

قدرت الله پنهور:

قدرت الله پنهور ولد غلام حيدر پنهور تاريخ 15 نومبر 1962ع ۾ ڳوٺ سيال لڳ دادو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيال ميٽرڪ پرمانند هرداس سيڪنڊري اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. انٽر جو امتحان استاد بخاري ڊگري ڪاليج مان پاس ڪري بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن شاخ دادو ۾ 1998ع ۾ شامل ٿيو. سگا ۾ جيڪي به سماجي سرگرميون ٿين ٿيون. انهن ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. ان کان علاوه پنهور ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو جو ميمبر رهيو. دادو ۾ به پنهنجون سماجي سرگرميون جاري رکندو اچي ٿو. سماجي سرگرمين کان علاوه اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪندو رهي ٿو.

غلام نبي مگسي وڪيل:

غلام نبي مگسي 1950ع ۾ ڌڻي بخش مگسي جي گهر ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪري اينيمل هسبنڊري کاتي ۾ ملڪ انسپيڪٽر طور مقرر ٿيو.

پاڻ ننڍپڻ کان ئي سياسي سوچ ويچار رکندڙ هو. هاءِ اسڪول جي دور ۾ ون يونٽ ٽوڙ وارين هل هنگامن، هڙتالن ۽ بک هڙتالن ۾ حصو وٺندو رهيو. ان کان علاوه ووٽر لسٽون سنڌي ۾ لکڻ وارين تحريڪن ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي، جلسن ۽ جلوسن ۾ حصو وٺندو رهندو هو. ملازمت دوران ڄام ساقي جي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي باني ميمبرن ۾ شامل ٿي ويو. ڄام ساقي پمفليٽ ڪيس جو مشهور رڪن رهيو ۽ ان ۾ کيس سزا لڳس. اهو 1965ع وارو دور هو. ساڻس گڏ ظفر اڄڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي شاگرد گڏ هئا. غلام نبي مگسي اهو پمفليٽ پنهنجي آفيس مان ليٿو ڪرائي رهيو هو، ته آفيس ۾ ڇاپو لڳو ۽ ليٿومشين پمفليٽ سميت کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل موڪليو ويو. اهو ڪيس هليو. کيس ڄام ساقي سان گڏ ٻه سال سزا ڏني وئي. جيڪا سزا سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ پوري ڪئي. ان عرصي دوران کيس نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. ڄام ساقي پنهنجي ڪتاب (سنڌ جون شاگرد تحريڪون) ۾ پڻ غلام نبي مگسي جو ذڪر وڏي هام سان دليرانه انداز ۾ ڪيو آهي. ان عرصي دوران غلام نبي مگسي بي. اي جو امتحان پاس ڪري نوڪري جي تلاش ۾ رهيو، پر ڪٿي به کيس نوڪري نه مليس.

غلام نبي مگسي پنهنجي سڄي وابستگي نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان جاري رکي ۽ مڪمل طرح سياست ۾ اچڻ شروع ڪيائين. حيدرآباد ۾ رهندي ۽ سياست سان وابسته رکندي، سندس واقفيت مشهور اڳواڻ ڪامريڊ لعل محمد، رسول بخش پليجو، سرڪي ۽ ٻين سان ٿيندي رهي ۽ پاڻ انهن سان گڏ رهيو.

نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران پاڪستان سرڪار کان مطالبا مڃائڻ واسطي هڪ فيصلو ٿيو ته مرڪزي قيادت سان گڏجي تعلقي ۽ ضلع هيڊڪواٽرن ۾ جلسا، جلوس، هڙتالون ۽ بک هڙتالون ڪيون وڃن. ان لاءِ غلام نبي مگسي کي مورو ۽ نوان جتوئي کان جلوس جي قيادت ڪندي موري ۾ هنگاما ڪرايا. جيڪي موري جي تاريخ ۾ پهرين هڙتال هئي ۽ وڏيرن کي سرعام قومي تحريڪن کان پاسي رهڻ تي ننديو ويو. محترم محمد مٺل ڪمالاڻي پنهنجي ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ ۾ لکي ٿو ته دادو جو رهندڙ غلام نبي مگسي آهستي آهستي سياست ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو ۽ پاڻ حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو ويو. جتان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت پڻ ڪرڻ لڳو. ڪراچي ۾ پاڻ پاڪستان نيشنل پارٽي جي سنڌ صوبي جي وائس چيئرمين جي طور تي ڪم ڪندو رهيو. بلوچن ۽ پٺاڻن سان تمام گهرانا ناتا ٿيندا ويس. جڏهن نعپ ٽٽي ته پاڻ شير باز مزاري جي پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو پاڪستان ليول تي اڳواڻ چونڊيو ويو ۽ لڳاتار ڪم ڪندو رهيو. جڏهن پاڪستان جي سياست ۾ ماٺار آئي ته پاڻ ديري غازي ۾ سرائڪي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سرائڪي زبان ۾ تقرير ڪندي، شير باز خان مزاري جي پارٽي تان استعيفيٰ ڏيئي قادر مگسي گروپ ۾ شامل ٿيو.

غلام نبي مگسي ڪراچي ۾ وڪالت ۽ سياست سان گڏ ڪيترين ئي علمي ادبي ڪاوشن ۾ اڳڀرو آهي. ڪيترائي مضمون سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ڪتابن جا ترجما ۽ ٻيو مواد سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو.

سڪندر اعظم مگسي:

سياسي، سماجي، ثقافتي، علمي ادبي ۽ مذهبي لحاظ کان ڳوٺ گل محمد مگسي دادو کي نمايان حيثيت حاصل آهي. هن ڳوٺ ۾ جيڪي نامور شخصيتون پيدا ٿيون. انهن ۾ مولوي عبدالرحمي مگسي، سهراب خان مگسي، محمد سليمان مگسي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. انهن ۾ سڪندراعظم مگسي جو نانءُ به شمار ڪري سگهجي ٿو.

سڪندراعظم مگسي استاد ڌڻي بخش مگسي جي گهر ۾ 1 آڪٽوبر 1964ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي مان حاصل ڪري، ميٽرڪ هاءِ اسڪول دادو مان سٺن نمبرن سان پاس ڪيائين. پاڻ ننڍپڻ کان ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، ذوق شوق سان لاڳاپيل رهيو. سياسي ميدان ۾ هن سائين جي ايم سيد واري تحريڪ جيئي سنڌ سان واسطو رکيائين. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ داخلا ورتائين. جتي هن جئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. کيس تنظيم جو صدر چونڊيو ويو ۽ پنهنجي سياسي جدوجهد جو آغاز سنڌ جي ترقي، سنڌ جي قومي وسيلن تي سنڌي ماڻهن جي حقن، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ٻين سنڌ جي قومي وسيلن تي حلف کنيو. ان وقت ضياءُ جو دور هو. هر طرف کان سنڌ تي وار ٿي رهيا هئا. هر طرف ڦاهيون ڦٽڪا هئا. حلف کڻندي ئي هن سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪيو. جلسن ۽ جلوسن جي قيادت ڪيائين.

سنڌ ۾ سرڪار جي ايجنسين ڇاڙتن ۽ سرڪاري ادارن هن جو پيڇو ڪيو. آخر کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جتي کيس اذيتون ڏنيون ويون. انهن اذيتن جو بيان سنڌ جي مشهور سياسي اڳواڻ گل محمد جکراني پنهنجي ڪتاب (تاريخ مون سان انصاف ڪندي) جيڪو هن جج صاحب جي اڳيان ڏنو هو. تنهن ۾ صاحب لکي ٿو ته:

ساڳي سلسلي ۾ دادو ضلعي مان روشن ٻرڙو، مصطفيٰ جانوري، بدر تنيو، عابد لاکير، بشير اوٺو، اختيار لغاري، مٺل شاهه، گمبل شاهه ۽ عالم لاشاري کي گرفتار ڪري انهن تي پڻ مٿين قسم جو تشدد ڪيو ويو. انهن معصوم شاگردن مان هڪ شاگرد سڪندر مگسي (دادو) تي هر طرح جي تشدد کان سواءِ انتهائي ڪِريل حرڪت ڪندي سندس هيٺئين جسم تي (جيئي سنڌو ديش) لکيو ويو. ڪيترن ئي ڏينهن جي مسلسل تشدد کان پوءِ کيس هڪ سال قيد جي سزا ڏني وئي. سزا ختم ٿيڻ بعد جڏهن هو آزاد ٿيو ته اها خبر پوري علائقي ۾ پکڙجي وئي ته فوجين هڪ معصوم شاگرد سان انتهائي وحشيانه حرڪت ڪئي آهي. جنهن ڪري ماڻهن ۾ انهي وحشيانه حرڪت جي پرچار ٿيندي رهي. انهي وچ ۾ سرڪاري ايجنسيون سندس پٺيان نوس نوس ڪنديون رهيون. ڪجھ مهينن کان پوءِ هو اوچتو گم ٿي ويو. اڄ ڏينهن تائين ظاهر نه ٿيو آهي. سندس مٺڙي امڙ اڄ تائين انهي اوسيئڙي ۾ آهي ته مهنجو لال وري اڳي جيان جيل مان آزاد ٿي ايندو.

ياد رکڻ گهرجي ته دادو جي انهن شاگردن کي حيدرآباد ٽارچر سيل ۾ تشدد جو نشانو بنايو ويو. جيڪو چاندني سينيما جي سامهون هو.

اهڙي طرح سرڪاري ڪوڙي ڪيس مان آزاد ٿي هڪ دفعو پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ سياسي هلچل کي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ٻين سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ ظلمن کي سياسي پليٽ فارم تان اڳتي قدم وڌائي رهيو هو، ته کيس وري گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٽارجر سيلن ۾ سخت تشدد ڪري سرڪاري ڪارندن قتل ڪري ڇڏيو. سندس لاش اڄ تائين مائٽن حوالي نه ڪيو ويو آهي. جو سندس والد رت جا ڳوڙها ڳاري فوت ٿي ويو ۽ سندس امڙ جا ڳوڙها ڳاڙي دل جي بيماري ۾ بستري تي آرامي آهي.

حاجن خان پنهور:

حاجن خان پنهور ولد محمد عرس پنهور 1957ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم دادو مان حاصل ڪئي اٿس. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي. 1981ع ۾ تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هن وقت استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. گذريل ڏهن سالن کان آل سنڌ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن ضلعي دادو جو صدر آهي. ان عرصي دوران لوئر اسٽاف ايڊيوڪيشن جا جيڪي جائز مسئلا آهن. ان کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. ان ڪري بالا آفيسرن جي عتاب هيٺ به رهيو آهي. کيس انتقام جو نشانو بنائي جيل روانو ڪيو ويو. پاڻ سکر جيل ۾ 8 ڏينهن ۽ حيدرآباد جيل ۾ 4 ڏينهن قيد جون صعوبتون به برداشت ڪيون. حاجن خان پنهور دادو شهر جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ٻين تنظيمن سان ملي هڙتالون، بک هڙتالون ۽ احتجاجي مظاهرا به ڪيا آهن. سال 1993ع ۾ سنڌ جي بهادر پوليس جي جوانن جي شهادت تي نئين چوڪ وٽ دادو شهر جي علمي، ادبي، سماجي ثقافتي ۽ سياسي اڳواڻن طرفان غائبانه جنازي ادا ڪئي ويئي. ان ۾ شرڪت ڪئي. ڌاڙيلن هٿان جيڪي جوان شهيد ٿيا انهن ۾ انسپيڪٽر يعقوب سولنگي، سب انسپيڪٽر ڀلي ڏنو پنهور، قربان سپيو ۽ ٻيا اهلڪار شامل هئا. اهڙي طرح حاجن خان پنهور سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهي ٿو.

ميان محمد پيرزادو:

ميان محمد ولد حافظ محمد يوسف پيرزادو 5 مئي 1969ع ۾ ڳوٺ مڏ شريف تڳلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ دادو جو رخ ڪيو ۽ هتي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم حاصل ڪري استادي جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. هن وقت سندس تعليم ايم. اي ۽ ايم. ايڊ آهي.

ميان محمد کي سماجي سرگرمين سان دلچسپي آهي. 1988ع کان 1992ع تائين. نوجوان فلاحي تنظيم ناڙيوال لنڊ جو سرپرست اعليٰ رهيو. ان عرصي دوران ڳوٺ ناڙيوال ۾ مفت طبي سهوليتون پهچائڻ لاءِ تنظيم طرفان هر جمع تي ڪئمپ قائم ڪئي وئي هئي. 1990ع ۾ مدرسي جو بنياد وڌائين، 1993ع ۾ نوجوان فلاحي تنظيم مڏ شريف جو بنياد وڌو ۽ جمع ڪلينڪ جي نالي سان اسپتال کولي وئي. جتي مريضن کي مفت علاج جي سهوليت فراهم ڪئي ويندي هئي. ان ڪلينڪ ۾ هزارين مريضن کي فائدو پهتو. سندس ڪوشش سان ميان حبيب حضوري جو عرس مبارڪ 1991ع کان مڏ شريف ۾ ملهايو وڃي ٿو. هر سال 27 رجب تي عرس مبارڪ ملهائڻ ۾ سندس ڪيترن دوستن جو ساٿ رهيو آهي. جن ۾ ممتاز پنهور، وزير علي، محمد عرس ڪنڀر، محمد عيسيٰ پنهور، حافظ غلام رسول پنهور، ڏاڏو موسيٰ پنهور، عبدالغفار پنهور ۽ ڊاڪٽر راڄو خان لنڊ شامل آهن.

ڪامريڊ علي محمد جمالي:

ڪامريڊ علي محمد جمالي ولد نبي بخش جمالي تاريخ 25 جنوري 1958ع تي ڳوٺ گهنور خان جمالي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڦلجي وليج مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڪڪڙ مان، انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان، بي. اي، بي. ايس. سي ريگيولر سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس پرائيويٽ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. ڪامريڊ علي محمد جمالي پنهنجي سياست جي شروعات 1978ع ۾ جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تان ڪئي. 1979ع ۾ شهيد ڀٽي جي شهادت بعد پ. پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1981ع ۾ سپاف ضلعي دادو جو صدر به رهيو. 82، 1981ع ۾ جيل به ويو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو ۽ کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. سينٽر جيل ۾ سال کن رهيو، اتان کيس آزاد ڪيو ويو. 1986ع ۾ وري ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي، ته کيس دوباره گرفتار ڪري سينٽرل جيل موڪليو ويو. سينٽرل جيل ۾ 3 مهينا قيد ۾ رهيو، 1987ع ۾ وري گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ جيل دادو ۾ بند ڪيو ويو. 1990ع ۾ ڄام صادق علي جي وڏو زارت دوران گرفتار ڪيو ويو. 3 مهينا آرمي ڪئمپ ۾ 2 مهينا سي آءِ اي سينٽر حيدرآباد ۾ رهيو. اتان وري سينٽرل جيل موڪليو ويو. ۽ ساڳي سال آزاد ڪيو ويو. جيل جي گيٽ وٽ پهتو ته ٻيهر گرفتار ٿيو. اتان سي، آءِ اي سينٽر ۾ بند ڪيو ويو. اتان ڪوٽڙي جوهي ۽ مخدوم سيدي موساڻي ٿاني تي رکيو ويو. ڄام صادق علي جي فوت ٿيڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو. ڪامريڊ علي محمد جمالي شهيد ڀٽو جو شيدائي آهي، محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت سان سعودي عرب وئي. محترمه سان گڏ ڪامريڊ علي محمد جمالي به سندس وفد ۾ شامل هو. ڪامريڊ علي محمد جمالي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهي ٿو. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي احتجاج، هڙتالون ۽ بک هڙتالن ذريعي پنهنجو احتجاج بلند ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس تعلق پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ سان آهي.

سرائي حاجي غلام رسول خشڪ:

سرائي حاجي غلام رسول خشڪ ولد حاجي الله بخش خشڪ ڳوٺ سرائي غلام رسول خشڪ تعلقي دادو ۾ سال 1890ع ۾ ڄائو. سندس والد حاجي الله بخش خشڪ سيوهڻ ۾ آنرري مئجسٽريٽ هو. سرائي حاجي غلام رسول خشڪ باقائده ڪٿان به تعليم حاصل نه ڪئي. پر سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولي تي عبور حاصل هيس. هو سنڌي، سرائڪي، بلوچي، بروهڪي، اردو، پنجابي، پشتو، ۽ عربي ٻولي تي عبور رکندو هو ۽ رواني سان ڳالهائيندو هو. سندس مادري زبان سرائڪي هئي. سندس اوطاق هر وقت کليل رهندي هئي. مهمان ڪو وٽس ايندو هو، ته پهريائين ننگر جو پڇندو هيس. سندس دسترخوان ڪشادو هوندو هو. مهمان ايندو هو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو. مهمان جيڪو ايندو هو ته ان سان سندس ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو ۽ حال احوال وٺندو هيس. وٽس ڪتب خانو هوندو هو. جنهن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي ۽ فارسي ۽ عربي ۾ ڪتاب موجود هوندا هيس ۽ روزانو ڪتابن جو مطالبو ڪندو هو. انهن ڪتابن ۾ طب، فقه، مذهبي ۽ ادبي مواد ڪثير تعداد ۾ موجود هوندو هو. وٽس ايل. ايل. بي جا ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ هئا. اهي به موجود هوندا هيس. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو هو ادب نواز وٽس ايندا رهندا هئا.

سرائي حاجي غلام رسول خشڪ موسيقي جو ڄاڻو ۽ قدردان هو. ڪيترائي گائڪ وٽس ايندا هئا ۽ انهن جو قدر ڪندو هو. فن موسيقي سان لڳاءُ هيس. پاڻ سرتار جو ڄاڻو هو ڳائيندو به هو. حڪمت به ڄاڻيندو هو ۽ بنا پيسي مريضن جو علاج ڪندو هو. جرڳي قسم جا فيصلا ٿيندا هئا ته فيصلا ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. جرڳي قسم جا فيصلا ٿيندا هئا ته زميندار کيس گهرائي کانئس راءِ پڇندا هئا. سرائي حاجي غلام رسول خشڪ شاهه جو پارکو هو.

شاهه جي سڀني سرن تي عبور حاصل هيس. وڏو ذهين هو. شاهه جو رسالو برزبان ياد هيس. سندس دوستن جو حلقو وسيع هو. جنهن ۾ سيد مولوي مير محمد شاهه، عبدالرحمٰن ميمڻ (ڀان) سائين جي. ايم سيد، عبدالعزيز سولنگي ايس. اي رئيس علڻ خان لغاري، وڏيرو مينهون خان جنگواڻي ۽ وڏيرو حاجي ميرل باهوٽو شامل هئا.

غلام نبي خان سولنگي:

غلام نبي خان سولنگي ولد لونگ خان (لائق) سولنگي 1958ع تي ڳوٺ لائق آباد تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سيتاوليج مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول سيتا روڊ ۽ انٽر گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ مان حاصل ڪيائين. غلام نبي سولنگي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو ۽ خوددار زندگي گذاري رهيو آهي. ان ڪري وقتي طور ڪي پريشانيون اچنس ٿيون. ته به انهن کي همت ۽ جوان مردي سان منهن ڏيندو رهي ٿو. محترم خير محمد سولنگي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مينٽينس هاءِ وي سنڌ جي صحبت ۾ رهي ٿو. محترم خير محمد سولنگي جيڪو هڪ بهترين سوشل اڳواڻ آهي. جيڪو علم، ادب وارن جي اعانت ڪندو رهي ٿو. مطلب ته غلام نبي سولنگي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيو آهي. سياسي طرح وفاقي وزير لياقت علي جتوئي ۽ سيد محمد شاهه جي هميشه حمايت ڪندو رهيو آهي. هن وقت غلام نبي سولنگي پنهنجي زميداري سان گڏ هاءِ وي سنڌ ۾ سجاد ڪنسٽريڪشن ڪمپني اٿس. جنهن جي نالي سان ٺيڪيداري ڪندو رهي ٿو. سندس رهائش غريب آباد محلي دادو ۾ آهي.

علي گوهر سومرو:

علي گوهر سومرو ولد غلام حسين سومرو 1 جون 1952ع ۾ ڳوٺ شادڻ تعلقي جوهي ۾ ڄائو. ڇهين ڪلاس تائين ڊي. سي. هاءِ اسڪول جوهي ۾ پڙهيو. ميٽرڪ جو امتحان سال 1969ع ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. 29 مئي 1971ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. نومبر 1982ع ۾ کيس پروموشن ڏئي جي. ايس. ٽي ڪيو ويو. بي. ايڊ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1988ع ۾ ترقي ڏئي پندرهين گريڊ جو ايڇ. ايس. ٽي ڪيو ويو.

علي گوهر سومرو ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور طريقي سان حصو ورتو آهي. هن غزل، گيت، وائي، ٽيڙو ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري به رهيو آهي.

علي گوهر سومرو سگا ۾ به پنهنجون سرگرميون جاري رکيون آهن. سندس رهائش دادو شهر ۾ آهي.

زاهد ملڪ:

محمد اسماعيل ملڪ ادبي نالو زاهد ملڪ 22 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڳوٺ فيض محمد ملڪ تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ايم. اي صحافت ڪري چڪو آهي.

زاهد ملڪ پنهنجي لکڻ جي شروعات 1973ع کان ٻارن جي آکاڻين سان ڪئي ۽ اهي آکاڻيون گلن جهڙا ٻارڙا ۾ ڇپيون، سال 1978ع کان 1985ع تائين شاعري ڪيائين. سندس ٻه سؤ جي لڳ ڀڳ شعر لکيل آهن. شاعري ۾ سندس استاد الهه نواز رڪڻائي آهي ۽ شاعريءَ ۾ همت افزائي استاد بخاري ڪئي.

ادبي سرگرمين کان علاوه ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو پيو اچي. 1981ع ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو واعدو، هو جو سرتاج ڊراميٽڪ سوسائٽي پيارو ڳوٺ ۾ ڪيو. هن ڊرامي جو ليکڪ ۽ هدايتڪار شاداب پنهور هو. اهو ڊرامو 3 ڏينهن لڳاتار اسٽيج ٿيو. ان کان پوءِ ميهڙ، خيرپور ميرس، دادو، حيدرآباد، سانگهڙ ۾ تقريباً درجن جي لڳ ڀڳ ڊراما ڪيا اٿس.

اسٽيج ڊرامن ۾ بهترين اداڪار جي حيثيت ۾ سنڌي اسپيڪرس فورم پاران ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سندس بهترين اسٽيج ڊرامن ۾ واعدو، پيار جي منزل، تري تي بهشت، بيگم هو جمالو، قرض مرض فرض ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. ريديو خيرپور تان 1986ع ۾ صداڪاري ۽ ڊرامه نگاري جي حيثيت سان شروعات ڪئي. ٻن درجن کان وڌيڪ ڊراما پيش ڪيا اٿس.

جن کي ٻڌندڙن بيحد پسند ڪيو. ليکڪ طور ٻارن لاءِ هفتيوار فيچر ماما مکڻ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ 6 مهينا کن هليو. زاهد ملڪ 1988ع کان ريڊيو حيدرآباد سان وابسته آهي. ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪافي ڊراما رڪارڊ ٿيا اٿس.

زاهد ملڪ صحافت سان به وابسته آهي. صحافت جي شروعات 1990ع کان روزانه ”خادم وطن“ ۾ سب ايڊيٽر سان ڪئي. هي ”روزانه ڪاوش“، ”سرواڻ“، ”الک“ ۽ ”بختور“ ۾ به ڪم ڪيو آهي. صهافت جي ميدان ۾ بهترين صحافتي طور حيدرآباد جي سماجي تنظيم عوامي لوگ پاران ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. هن ٽيليويزن ۾ ڪم ڪيو آهي. هڪ ڀيرو اوطاق ۾ سگهڙ طور ٻيو ڀيرو ڊرامي عيد اسپيشل وڳو، ۾ ادڪار طور ڪم ڪيو آهي. اخبارن ۾ سندس 6 سؤ کن مضمون جائزا ۽ تجزيا تبصرا شايع ٿي چڪا آهن. ڪاوش ۾ سندس هڪ روزانه ڪالم ”سنڌ ۾ امن ڪڏهن ٿيندو“، ڏاڍو مقبول ويو. اهو ڪالم ڄام صادق علي جي دور ۾ لکيو هئائين. جنهن اعلان ڪيو هو ته 3 مهينن اندر سنڌ ۾ امن قائم ڪري نه سگهيس. ته استعيفا ڏئي ڇڏيندس. جڏهن ته ڄام صادق علي جو دور ظلم بربريت سنڌي قوم لاءِ رسوائي ۽ ذلت جو دور ليکيو وڃي ٿو.

زاهد ملڪ چار ڪتاب لکيا آهن. 1 ايم. آر. ڊي جي هلچل ۾ دادو ضلع جو ڪردار (406 صفحا) 2. سنڌي عام مروج پهاڪا 3. مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل مضمون 4. ريڊيو اسٽيج ڊرامه شامل آهن. هن وقت روزانه شام حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

حسين بخش پنهور:

حسين بخش پنهور ولد محمد پنهور 1920ع تي پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ مان حاصل ڪيائين. فائينل جو امتحان 1933ع ۾ پاس ڪري 1934ع ۾ تپيدار ٿيو. 1941ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.

1942ع ۾ تپيدار تان استعيفيٰ ڏئي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. جتان ترقي ڪري (هيڊ منشي اسٽنٽ مختيارڪار) جي عهدي تي پهتو. صحت جي خرابي سبب 1957ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين ۽ ساڳي سال پاٽ مان سڪونت ترڪ ڪري مزدورآباد محلي، دادو شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ سماجي سرگرمين ۾ بهرو وٺڻ لڳو. هن پاڙي جي ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالر شپون وٺي ڏنيون. 1959ع ۾ بي. ڊي جو ميمبر چونڊجي ويو. 1974ع ۾ مزدورآباد محلي مان اليڪشن ۾ بيٺو ۽ وڏي اڪثريت سان ڪائونسلر چونڊجي ويو ۽ پنهنجي وارڊ جو چيئرمين به ٿيو. ڪائونسلر جي حيثيت سان ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. 1965ع واري جنگ ۾ شهري دفاع جو رضاڪار ۽ پوسٽ وارڊن ٿي رهيو.

حسين بخش پنهور پراڻو مسلم ليگي هو. 1968ع ۾ استعيفيٰ ڏئي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. 1969ع ۾ مزدورآباد محلي ۾ پيپلز پارٽي جي آفيس قائم ڪيائين.

جنهن جو افتتاح مير رسول بخش ٽالپور ڪيو. سال 1974ع ۾ حسين بخش پنهور انتقال ڪري ويو. کيس دادو شهر جي لال هندي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

سرائي علي گوهر ملڪاڻي:

سرائي علي گوهر ملڪاڻي ولد احمد خان ملڪاڻي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادو ۾ سال 1901ع ۾ جنم ورتو. پنجن سالن جي ڄمار ۾ مولانا غلام محمد ملڪاڻي جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين. جتي قرآن شريف پڙهيائين. ان بعد مولانا سيد امير محمد شاهه اميناڻي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ۽ ان مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪيائين. ديني تعليم مڪمل ڪرڻ بعد واپس اچي زمينداري جو ڪم سنڀالڻ لڳو. ۽ راڄن جا فيصلا ڪرڻ لڳو. سرائي علي گوهر ملڪاڻي ڏوهارين جي سخت خلاف هو. ڪنهن ڏوهاري تي ڏوهه ثابت ٿيندو هو. ته ان تي ڀاري ڏنڊ وجهندو هو ۽ متاثر ڌر کي حق وٺائي ڏيندو هو. فيصلن ڪرڻ جو ماهر هو.

سرائي علي گوهر پاڪستان تحريڪ ۾ حصو ورتو. ان ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ مسلم ليگ جي شاخ کوليائين ۽ مسلم جو صدر مقرر ٿيو، ڪيترن ئي جلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪري مسلم ليگ کي کي فعال بنايائين. سرائي علي گوهر ملڪاڻي 1965ع ۾ وفات ڪئي. کيس لال هندي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

محمد سليمان مگسي:

محمد سليمان مگسي ولد مولوي عبدالرحيم مگسي 1916ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڀريو خان مگسي تعلقي دادو ۾ ڄائو. محمد سليمان مگسي چار درجا اين. جي. وي اسڪول ڪراچي مان پاس ڪري سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتائين. جتان ميٽرڪ پاس ڪري واپس ڳوٺ آيو ۽ ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. ڪجھ وقت کان پوءِ ٺيڪيداري ڇڏي سياست ۾ پير پاتائين. سڀ کان پهريائين ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ ڪانگريس جي صدر پنڊت اڌيه ڀان کيس دادو ضلعي جو صدر مقرر ڪيو، هن سياسي اٿل پٿل ۽ ڀڃ ڊاه سبب ڪانگريس کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. محمد سليمان مگسي انگريزي ۽ سنڌي ۾ تقريرون ڪرڻ جو ماهر هو. محمد سليمان مگسي خوش اخلاق بلند مزاج ماڻهو هو. سياست کي عبادت سمجهندو هو. غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ سندن مسئلن جي حل ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندو هو. سندس دوستن جو وسيع حلقو هو.

محمد سليمان مگسي 1985ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو.

محمد پريل پنهور:

محمد پريل ولد عبداللطيف پنهور سال 1821ع تي ڳوٺ عبدالرحيم جو کوه تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم فارسي، عربي مدرسي مان حاصل ڪيائين. محمد پريل پنهور ٽالپر حڪمران جي دور ۾ مير منشي هو. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته انگريز سرڪار هن کي گرفتار ڪري جيل روانو ڪيو. ڪجھ وقت بعد انگريزن جيل مان آزاد ڪري هن کي روينيو آفيسر مقرر ڪيو. 1871ع ۾ پاڻ روينيو کاتي مان رٽائر ڪيائين. محمد پريل پنهور روينيو آفيسر جي حيثيت ۾ خيرپور ميرس هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي هيڊماستر کان غريب شاگردن جي لسٽ وٺي انهن کي اسڪالرشپ منظور ڪري ڏنائين. رٽائر ٿيڻ بعد واپس اچي زمينداري سنڀالڻ لڳو ۽ زمينداري سان گڏ سماجي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺڻ لڳو. محمد پريل پنهور 110 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

محمد سهراب مگسي:

محمد سهراب مگسي ولد ڌڻي بخش مگسي ڳوٺ پريو خان مگسي تعلقي دادو ۾ سال 1893ع تي جنم ورتو. جتان لڏي اچي ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ ناظره قرآن شريف، عربي ۽ فارسي جي تعليم سيالن جي ڳوٺ ۾ مولانا محمد ابراهيم عباسي وٽ حاصل ڪئي. اتي پرائمري تعليم سان گڏ فارسي جو دوائيو ۽ ٽوايو گلستان ۽ بوستان جي تعليم پوري ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ ڪراچي ويو ۽ سنڌ مدرسي ۾ داخلا وٺي باقائده انگريزي پڙهڻ لڳو. سندس تعليم ۽ رهائش جو خرچ سيٺ عبدالله هارون برداشت ڪندو رهيو. پاڻ خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيو. ان ڪري خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ انگريزن خلاف افغانستان ڏانهن هجرت ڪندڙن ۾ شامل هو.

امداد حسين ميمڻ:

امداد حسين ميمڻ ولد محمد رجب ميمڻ 25 اپريل 1976ع تي ميمڻ محله پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم علامه آءِ. آءِ قاضي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان، ڊپلوما سول پوليٽيڪنڪ اسنٽيٽيوٽ دادو مان، بي. اي ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايل. ايل. بي پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو مان حاصل ڪري چڪو آهي. امداد حسين ميمڻ محڪمه عدليه ۾ ملازم آهي. امداد حسين ميمڻ يار ويس ۽ سوشل ورڪر آهي. سندس رهائش دادو شهر ۾ آهي. مسئلن ۾ دلچسپي وٺندو آهي ۽ حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

جمشيد احمد چنا:

جمشيد احمد چنا ولد غلام حسين چنا تاريخ 20 جولاءِ 1976ع تي پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجو ۽ ميٽرڪ پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين. تعليم سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان غريب، مسڪين، ڏتڙيل، بيواه ۽ يتيم ٻارن جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. هن تنظيم جو چيف آرگنائيزر خالد حسين ٺٽيار آهي. جڏهن ته آرگنائيزر اعجاز علي ملڪاڻي، عبدالغفار ملاح ۽ ٻيا ساٿي شامل آهن. جمشيد چنا سماجي سرگرمين کان علاوه فني دنيا سان به واسطو رکي ٿو. هن 1992ع کان مووي ميڪر جي حيثيت سان فن جي شروعات ڪئي. هن وقت ڪئميرامين جي حيثيت سان سنڌ ٽي. وي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

ڀورو خان شيخ:

ڀورو خان شيخ ولد لعل بخش شيخ ويٺل ڳوٺ دڙو تعلقي دادو ۾ سال 1892ع ۾ ڄائو. ڇهن سالن جي ڄمار ۾ سندس والد مولوي محمد ابراهيم ڪلهوڙي جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو. هي مدرسو سيال ڳوٺ ۾ هو. ڪجھ عرصو عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪري واپس ڳوٺ آيو ۽ پنهنجي پيءُ سان زمينداري ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. سندس والد وفات ڪئي ته راڄ کيس چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائي. ان بعد راڄن جا فيصلا ڪندو هو. فيصلا حق تي ڪندو هو. ان ڪري دادو تعلقي ۾ ٻه شخص فيصلي لاءِ مشهور ٿيا. جن ۾ سرائي علي گوهر ملڪاڻي ۽ ٻيو هو ڀورو خان شيخ. زميندار هوندي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺندو هو. ڀورو خان شيخ دادو کي ضلع جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. ڀورو خان شيخ 1962ع تي وفات ڪئي. کيس کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

عبداللطيف پنهور:

عبداللطيف پنهور ولد محمد پريل پنهور ڳوٺ عبدالرحيم جو کوهه تعلقي دادو ۾ سال 1911ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم خيرپور ميرس مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ محمد ايوب کهڙي جيڪو سندس ڀيڻيوو هو. ان کيس دادو لوڪل بورڊ ۾ ڪلارڪي وٺي ڏني. ڪلارڪي مان ترقي ڪندو، چيف آفيسر جي عهدي تي پهتو ۽ ان عهدي تان رٽائر ٿيو. هن پنهنجي ايامڪاري ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا. عبداللطيف پنهور قانون ساز اسيمبلي جو 1950ع ۾ ميمبر ٿيو. 1959ع ۾ يونين ڪائونسل سيال جو چيئرمين به ٿيو. عبداللطيف پنهور 1968ع تي وفات ڪري ويو. کيس پنج پٽ نالي خليل احمد، جميل احمد، محمد عمران، محمد سليم ۽ محمد پريل پنهور آهن.

احمد خان سولنگي:

احمد خان سولنگي ولد محمد صالح سولنگي 1954ع تي ڳوٺ لڳ سيتاوليج ۾ اک کولي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، ميٽرڪ سيتا روڊ مان حاصل ڪري، ساسو ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. اتان ترقي ڪندو ڊسٽرڪٽ آفيسر به ٿيو. ملازمت کان اڳ انٽر، بي. اي ۽ پوسٽ گريجوئيشن به ڪيائين.

احمد خان سولنگي ملازمت دوران اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاري، ان ڪري کيس ايوارڊ به عطا ڪيو ويو. هي ساسو ايمپلائيز يونين سنڌ جو اهم عهديدار به رهيو. عهديدار جي حيثيت سان ڪيترن ئي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا. اعليٰ ڪارڪردگي سبب وزير زراعت ۽ ايم. ڊي ساسو طرفان گڊ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام مليل اٿس. تازو اليڪشن ۾ هي باليشاهه يونين ڪائونسل تي ناظم شپ تي اميدوار بيٺو ۽ پنهنجي مخالف کي چوڏهن سؤ ووٽن تان شڪست ڏيئي، ناظم چونڊجي ويو. پاڻ جتوئي برادران جي حمايت سان ڪامياب ٿيو آهي. احمد خان سولنگي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو ۽ هر ڏکي انسان جي مدد ڪرڻ فرض سمجهي ٿو.

الهداد ميراڻي:

الهداد ميراڻي ولد محمد حسين ميراڻي تاريخ 14 آگسٽ 1942ع ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ ۽ انٽر به دادو مان حاصل ڪري يو. بي. ايل ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. جتان 2003ع تي رٽائرڊ ٿيو آهي. يو. بي. ايل حيدرآباد ۾ اهم عهدي تي رهيو. الهداد ميراڻي سگا جو ميمبر آهي. سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا جو ميمبر به رهي چڪو آهي ادب سان به گهري دلچسپي رکي ٿو. ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو.

نثار مگسي:

نٿار احمد ولد ڪريم بخش مگسي 25 آڪٽوبر 1965ع تي ڳوٺ ڊراڀي تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. پنجون ڪلاس ڳوٺ دائود ديرو مان پاس ڪيو. ميٽرڪ هاءِ اسڪول راڌڻ مان ۽ ڊپلوما ايگريڪلچر ڪاليج سڪرنڊ مان پاس ڪيائين. بي. اي ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪئي اٿس. نثار مگسي سماجي تنظيمن سان به تعلق رکي ٿو. شهيد مخدوم بلاول ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مخدوم بلاول شاخ جو اطلاعات سيڪريٽري ۽ سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي. ۽ انهن تنظيمن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي فلاحي ڪم سرانجام ڏئي چڪو آهي.

محمد رمضان خشڪ وڪيل:

محمد رمضان خشڪ ولد سعيد خان خشڪ 1 آڪٽوبر 1954ع تي ڳوٺ محمد خان خشڪ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون ڪلاس جيمس آباد، ڪوٽ غلام محمد ضلع ٿرپارڪر مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان ڊي. سي هاءِ اسڪول جيمس آباد مان 1971ع ۾ پاس ڪري شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر پاس ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان سال 1976ع ۾، ايل. ايل. بي جو امتحان ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچي مان 1981ع ۾ پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين هن 4 مارچ جي هيري محمد يوسف لغاري سان گڏ ڪم ڪيو. 1982ع ۾ دادو آيو ۽ دادو ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين.

محمد رمضان خشڪ وڪيل 1984ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن شاخ دادو ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سگا جو نائب صدر به رهيو آهي. سگا جي پليٽ فارم تان سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو اچي ٿو. سال 1991ع ۾ ڳوٺ خداآباد ۾ جمع ڪلينڪ شروع ڪئي. جتي وڏي تعداد ۾ مسڪين ماروئڙن کي علاج معالج جون مفت سهوليتون ميسر ڪري ڏنيون ويون. سماجي خدمتن جي مڃتا طور کيس شڪارپور ۾ سگا ڪنوينشن ۾ ايوارڊ عطا ڪيو ويو. 1991ع ۾ جڳ مشهور سماجي ورڪر عبدالستار ايڌي طرفان کيس ايڌي ويلفيئر سينٽر جو به اعزازي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي انهن سينٽرن تي به سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو اچي ٿو.

محمد رمضان خشڪ وڪيل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان 1977ع ۾ سول ڊفينس جنرل اسٽرڪٽر ڪورس لاءِ نامرد ڪيو، ان ڪورس ۾ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. محمد رمضان خشڪ وڪيل جو ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان واسطو آهي، هن وقت ٽيڪنيڪل شاپ اونرس ايسوسيئيشن جو چيئرمين آهي. ينگ سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن جو سرپرست ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو جو ٻه دفعا جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. شاگردي واري دور ۾ هن جيمس آباد هاءِ اسڪول ۾ بزم ادب جي شاخ قائم ڪئي ۽ ان جو کيس نائب صدر منتخب ڪيو ويو. هن ڪيترن ئي تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ انعام حاصل ڪيا. ان کان علاوه نعت خواني ۾ به حصو وٺندو هو ۽ نعت خواني ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. پاڻ فينسي ڊريس شو ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اسڪول ۾ ڊراما ۽ خاڪا به پيش ڪندو هو. جيڪي بيحد پسند ڪيا ويندا هئا. محمد رمضان خشڪ هن وقت به ادبي سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سرگرم رڪن آهي. هن وقت ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر ڪاميٽي جو ميمبر آهي.

عبدالرسول عباسي وڪيل:

عبدالرسول ولد قطب الدين عباسي تاريخ 15 آگسٽ 1951ع تي ڳوٺ کوه وارا ڪلهوڙا لڳ ڪڪڙ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ کوهه وارا ڪلهوڙا مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول سيوهڻ مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ايل. ايل. بي پاس ڪرڻ کان پوءِ وڪالت پيشو اختيار ڪيائين. هن وقت دادو شهر جي معروف وڪيلن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.

عبدالرسول عباسي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو ڳوٺ سڌار سنگت کوهه وارا ڪلهوڙا جو سرپرست اعليٰ به رهيو. سگا ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ ان جو ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر به رهيو. سگا، جي پليٽ فارم تان سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور طريقي سان حصو ورتائين. سماجي سرگرمين جي ڪري لياقت علي جتوئي کيس سرٽيفڪيٽ عنايت ڪيو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ضلعي دادو به صدر به رهيو آهي.

محمد حسين روشن منگي:

محمد حسين منگي ولد محمد صديق منگي 1 سيپٽمبر 1948ع تي ڳوٺ پيارو آرائين، تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتان ميٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين.

محمد حسين روشن منگي شعر و شاعري به ڪندو رهي ٿو، هن گيت، غزل، آزاد شاعري تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان کان علاوه سوانح عمري تي به ڪجھه لکيو اٿس. ان کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادو جو نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي، سگا جي پليٽ فارم تان ڪافي سماجي ڪم ڪرايا اٿس. ان کان سواءِ پاڪستان ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي دادو جو صدر ۽ شهيد مخدوم بلاول فوٽ بال ڪلب جو صدر به رهي چڪو آهي.

غلام مصطفيٰ پنهور:

غلام مصطفيٰ ولد محمد يوسف ذات پنهور ويٺل ڳوٺ نوازيو ڪنڊي تعلقي دادو ۾ اک کولي. سندس جنم 18 آڪٽوبر 1955ع آهي. غلام مصطفيٰ پنهور پنجون ڪلاس ڳوٺ نوازيو ڪنڊي مان، ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان ۽ بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي آهي. ڪجھه عرصو ڊپٽي ڪمشنر دادو جو پي اي به رهيو، اتان استعيفا ڏيئي زرعي بئينڪ دادو ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هن وقت اسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. ان ڪري سگا ۾ شامل ٿيو. ڪجھه وقت سگا شاخ دادو جو صدر رهيو. ان کان علاوه سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن دادو جو صدر ۽ زرعي بئنڪ دادو ريجن جو جنرل سيڪريٽري به آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org