سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 27

ينگ سٽيزنس ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو:

نوجوانن کي گڏ ڪري هڪ تنظيم ينگ سٽيزنس ويلفيئر ايسوسئيشن دادو جو بنياد وڌو ويو. هن تنظيم ابتدائي کان ئي شهر جي سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هن تنظيم جي نوجوانن 1988ع ۾ عيدالاضحيٰ تي قرباني جون کلون گڏ ڪري پنجاهه هزار روپيه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فساد سٽيلن ماروئڙن جي سهائتا لاءِ ڏنا. دادو شهر جي ڀرسان بليو لائين جي ٿيل زخمين کي رت جون بوتلون ۽ اٺ هزار روپين جون دوائون فراهم ڪيون. ڪاليج روڊ تي لائبريري قائم ڪئي وئي. نامياري راڳي محدم جمن کي هڪ هزار روپيا ڏنا ويا. جيئن هو علاج ۽ دوائون خريد ڪري سگهي. غريب آباد محلي ۾ صفائي جو ڏهاڙو ملهايو ويو. سال 1998ع ۾ سنڌ جي سورهه ۽ قوم پرست رهنما شهيد مخدوم بلاول نالي مفت ٽيوشن سينٽر قائم ڪيو. جتي ٻارڙن کي مفت تعليم ڏني ويندي هئي. تنظيم طرفان ڳوٺ هاشم ٻگهيو ۾ ڌاڙيلن هٿان اوڻيهه بيگناهه قتل ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه سان ملي انصاف جي گهُر ڪئي.

تنظيم جي طرفان غريب شاگردن جي سهائتا لاءِ مخدوم بلاول بوڪ بائينڊنگ سينٽر قائم ڪيو ويو، هن تنظيم جي ساٿين 1990ع کي جدوجهد جو سال ڪري ملهايو. سول اسپتال دادو۾ مريضن سان ملي سندن مدد ڪئي. شهر جي اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي تحريري ۽ سوالن جوابن جو مقابلو ڪرايو، ۽ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي انعامات سان نوازيو. علامه آءِ.آءِ.قاضي لائبريري کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سيڪريٽري ثقافت مهتاب اڪبر راشدي سان ملي مسئلو حل ڪرايو. هن تنظيم طرفان طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو جو سؤ کان مٿي غريب شاگردن ۾ ڪورس جا ڪتاب مفت ورهايا. حيدرآباد ۾ دهشتگردن جي شڪار ٿيل سنڌي خاندانن لاءِ ضروري سامان کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙن جون ٻه ٽرڪون امداد موڪلي. گرلس اسڪول اڳيان ٽيڪسي اسٽينڊ هٽرايو. شهر ۾ منشيات جي وڌندڙ ڪاروباري اڏن تي پوليس جي مدد سان ڇاپا هڻايا. نياڻين جي اسڪول آڏو لوفر پائي ڪندڙن کي گرفتار ڪرايو. هن تنظيم جو هڪ وفد ايشين ويلفيئر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

هن تنظيم 1991ع ۾ تعليم القرآن ۽ مفت ٽيوشن سينٽر کوليو. ميونسپل پارڪ دادو ۾ جوا جو اڏو هلندڙ هو، جنهن کي نوجوانن انتظاميه سان ملي جوا جو اڏو ختم ڪرايو. نوجوانن وڻن پوکڻ جي مهم هلائي جيئن شهر کي خوبصورت بنائي سگهجي. دادو شهر ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ بعد متاثرين جي مدد ڪئي. ميونسپل انتظاميه جي مدد سان روشني جو هفتو ملهايو غريب ۽ مستحق شاگردن ۾ ڪتاب ۽ ڊريسون ورهايون.

يسوا طرفان هڪ روزه مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي. ان ڪئمپ ۾ عريب ۽نادار مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڏهاڙو ملهايو. 1992ع جي شروعات هيپي نيوييئر پروگرام سان ڪرڻ بعد سال کي امن ۽ عورت جي عظمت جو سال قرار ڏنو. ساڳي سال سگا طرفان لڳايل مفت اکين جي ڪئمپ ۾ سهڪار ڪيو. تنظيم جي نوجوانن شهر ۾ مذهبي فساد ٿيڻ بعد ڇڪتاڻ ختم ڪرائي ۽ ٻن مذهبي جماعتن کي پاڻ ۾ کير کنڊ بنائي امن ڪاميٽي جوڙي وئي. ڪالرا ۽ ٻين  موتمار بيمارين جي بچاءُ لاءِ هزار ٻارڙن کي ٽُڪا هڻايا ۽ گشتي ٽيمون جوڙي ڳوٺن ۽ شهر جي مختلف پاڙن ۾ روانيون ڪيون ويون.

تنظيم جي آفيس ۾ مفت ڊسپينسري قائم ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير ۽ ڊاڪٽر خادم حسين لغاري رضا ڪارانه خدمتون سرانجام ڏنيون، اهڙي طرح هن تنظيم ڪيترائي فلاحي سماجي علمي ادبي پروگرام ڪري. نالو ڪمايو، هن تنظيم جي نوجوانن ۾ جاويد اختر گهلو، سعيد احمد لغاري، قائم علي سال، طفيل قريشي، غلام مصطفيٰ سومرو ۽ ٻين جون ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. هن وقت هي تنظيم خاموش آهي.

المصطفي ويلفيئر ايسوسيئيشن

وحدت ڪالوني دادو:

سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ دادو شهر ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون قائم ڪيون ويون آهن. وحدت ڪالوني ۾ به هڪ تنظيم المصطفيٰ ويلفيئر ايسوسئيشن قائم ڪئي وئي آهي. ان تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪالوني جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. سماجي مسئلن ۾ بجلي، گئس، گندي پاڻي جي نيڪال، روڊ رستن جي تعمير ۽ ٻيا مسئلا شامل آهن. هن تنظيم جي طرفان ڪافي مسئلا حڪام تائين پهچايا ويا آهن. ۽ اڃا به جاکوڙ جاري آهي. تنظيم جا ڪارڪن رات ڏينهن ڪوشان آهن.

شهيد مخدوم بلال سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو:

هيءُ تنظيم سال 1993ع ۾ قائم ڪئي وئي. جيڪا علائقي جي ڪجهه ڪالونين جي رهواسين تي مستمل هئي. انهن ڪالونين ۾ شهباز ڪالوني، نواب ڪالوني، نبي بخش ڪالوني، غلام محمد ڪالوني، ڳوٺ عبدالله لاشاري، ۽ ٻيون ڪالونيون شامل آهن. هن تنظيم جو باني نثار احمد مگسي هو. جڏهن ته ٻيا به بانيڪار ۾ شامل هئا. جن ۾ عبدالقادر شاهاڻي، غلام مصطفيٰ پنهور، علي اڪبر لاشاري، حاجي درمحمد لاشاري شامل هئا.

شروعات ۾ جيڪي عهديدار چونڊيا ويا انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

1.      سرپرست               عبدالقادر ساهڙ

2.     صدر                   عبدالقادر شاهاڻي

3.     نائب صدر             غلام مصطفيٰ پنهور

4.     جنرل سيڪريٽري      نثار احمد مگسي

5.     جوائنٽ سيڪريٽري   علي اڪبر لاشاري

6.     خزانچي               حاجي درمحمد لاشاري

7.     پريس سيڪريٽري     نظام الدين کنڊ

8.     آفيس سيڪريٽري     گلاب شاهاڻي

هن تنظيم جي اڳواڻن ڪوشش ڪري ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا آهن. هن تنظيم جي اڳواڻن عزيزآباد ڪالوني ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪيو. موندر ناڪي کان هڪ پڪو رستو قائم ڪرايو، جيڪو سي.آءِ.اي ٿاڻي تائين پڪو ڪرايو ويو. هن تنظيم طرفان هر ٻئي مهيني مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير ۽ ٻيا ڊاڪٽر مفت چڪاسيندا آهن. مختلف ڪالونين ۾ مالوند ماڻهن جي چوپائي مال کي بچاءُ جا ٽُڪا لڳايا ويندا آهن. هر موسم ۾ مفت علاج جون ڪئمپون لڳايون وينديون آهن. ڪالونين جي رهيل ماڻهن جا شناختي ڪارڊ سون جي تعداد ۾ ٺهرائي ڏنا ويا. هن وقت ٻئي باڊي وجود ۾ آئي آهي، جنهن ۾ تنظيم جا هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا آهن.

1.      صدر                   نثار احمد مگسي

2.     نائب صدر            قاضي نورمحمد قريشي

3.     سينئر نائب صدر      تجمل حسين ملڪاڻي

4.     جنرل سيڪريٽري      محمد موريل پنهور

5.     جوائنٽ سيڪريٽري   سراج احمد شاهاڻي

6.     خزانچي               حاجي درمحمد لاشاري

7.     پريس سيڪريٽري     عنايت الله ساٽي

8.     آفيس سيڪريٽري     عبدالجبار ميڻو

هن وقت نئين باڊي هر ٻئي مهيني مفت طبعي ڪئمپ قائم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ مفت چڪاس ۽ دوائون فراهم ڪيون وينديون آهن. هن مفت ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر وزير علي ٻگهيو، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه چوپائي مال جا ماهر ڊاڪٽر جن ۾ ڊاڪٽر رياض مگسي، ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ جانورن جي چڪاس ۽ انهن جو علاج ڪندا آهن. تنظيم طرفان پوليو خلاف سرڪاري مهم ۾ در در وڃي پنجن سالن تائين ٻارن کي ڦُڙا پيارڻ لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي. هن وقت ٽن ڪالونين ۾ بجلي جا ٿنڀا منظور ڪري لڳرايا ويا.

مدني سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن:

هي تنظيم سال 1993ع ۾ قائم ڪئي. تنظيم جو سرپرست اعليٰ محمد رمضان لانگاهه آهي. ٻين عهديدارن ۾:

1.            صدر                     عبدالرزاق پنهور

2.           نائب صدر               شفيع محمد ڏاوڇ

3.           جنرل سيڪريٽري        پروفيسر غلام سرور سومرو

4.           ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ سمون

5.           جوائنٽ سيڪريٽري     عبدالغني پنهور

6.           خزانچي                  سيد سوڌل شاهه

7.           آفيس سيڪريٽري       عبدالجبار راهوجو

8.           پروپيگنڊا سيڪريٽري   ڇٽو خان کوسو

هن تنظيم جي اڳواڻن پنهنجي علائقي جي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. تظيم طرفان گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪرايو آهي. مختلف ڪالونين ۾ گئس ۽ اسٽريٽ لائيٽ ورتي آهي. اڌ ڪلو ميٽر تائين پڪو روڊ به ورتو آهي. ان ڪري ڪالوني جي رهواسين کي گئس، بجلي ۽ روڊ جي سهوليت ميسر ٿي آهي تنظيم جا اڳواڻ ڪوشش ۾ آهن. جيئن مختلف ڪالونين ۾ اڃا به رهيل بنيادي سهوليتون ترت ملي وڃن.

متحده محلا شهري اتحاد دادو:

هن تنظيم جو بنياد 27- آگسٽ 2000ع تي پيو. هيءُ تنظيم سيد نورمحمد شاهه بخاري، محلا لطيف شاهه، بخاري محلا، انصاري محلا، باگڙي ڪالوني، ثاهه ڪنڊو محلا ۽ زئونر محلي جا رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ۽ تنظيم جي توسيع ڪئي. هن تنظيم جو مقصد پنهنجو دفاع پاڻ ڪرڻ جي اصول تحت محلن ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪرڻ، مفت ڪتاب ورهائڻ، مسجدن ۽ مدرسن ۾ ديني تعليم ڏيارڻ، مفت ٽيوشن سينٽر قائم ڪرڻ، لائبريري قائم ڪرڻ، هوشيار شاگردن ۾ ڪوئيز پروگرام ڪرائڻ، محلن ۾ اسٽريٽ لائين جو بندوبست ڪرڻ ۽ ٻيا فلاحي ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ شامل آهن. هن تنظيم جا مکيه عهديدار صدر امام بخش پنهور، سينئير نائب صدر ڊاڪٽر لطف الله سومرو، جنرل سيڪريٽري گل حسن سومرو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حاجي ابوبڪر زئونر ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن.

سگا شاخ خداآباد:

سگا شاخ خداآباد سماجي ڀلائي جي سرگرمين ۾ ابتدا کان ئي حال سارو ڪم ڪري رهي آهي. ابتدا ۾ صحت جي ميدان ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو. هن وقت به تنظيم جا هيٺيان پروجيڪٽ آهن. جيڪي ڪاميابي سان هلي رهيا آهن.

صحت:

1. عورتن جي ترقي واري وزارت حڪومت پاڪستان طرفان ڇويهه لک روپين جي لاڳت سان تنظيم جي گهر تي ماءُ يار صحت مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سراسري طور 117 مريضن جو ماهوار علاج ڪيو وڃي ٿو. هن مرڪز ۾ پوليو جا ڦُڙا ٻين خطرناڪ بيمارين جا ٽڪا پڻ لڳايا وڃن ٿا.

تعليم:

سگا شاخ خداآباد طرفان علائقي جي پندرهن پرائمري ۽ ڇهه سيڪنڊري اسڪولن ۾ بهترين تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ سگا جا ساٿي ڪم ڪري رهيا آهن.

هيومن رسورس ڊولپمينٽ:

سگا طرفان انفارميشن ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي آهي. جنهن تحت علائقي ۾ زرعي اُپت وڌائڻ ۽ زرعي مارڪيٽنگ قائم ڪرڻ لاءِ تنظيم طرفان ڪوششون جاري آهن. ان کان علاوه سگا طرفان اسڪول وين به چالو ڪئي وئي آهي.

سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن ڦلجي اسٽيشن:

ڦلجي اسٽيشن جا سماجي ثقافتي مسئلا حل ڪرڻلاءِ هن تنظيم جو بنياد وڌو ويو آهي. تنظيم سوشل ويلفيئر کاتي ۾ رجسٽر ٿيل آهي. هن تنظيم کي سال 2004ع ۾ رجسٽر ڪرايو ويو. تنظيم جي ساٿين گڏجي سماجي مسئلا اعليٰ حڪام تائين پهچايا آهن. سماجي مسئلا جن ۾ تعليم صحت، صفائي ۽ ترقياتي ڪم شامل آهي. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ساٿين ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

پاٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاٽ:

پاٽ جيڪو تاريخي شهر آهي، علم، ادب ۾ سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻي چڪو آهي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان رهواسي ڪوشان رهيا آهن ۽ سماجي ثقافتي علمي ادبي مسئلا اعليٰ حڪام تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. هي تنظيم 9 سيپٽمبر 2003ع تي رجسٽر ٿي آهي.

عوامي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڦلجي اسٽيشن:

عوامي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڦلجي اسٽيشن جيڪا هڪ خالص سماجي تنظيم آهي. هن تنظيم جو بنياد سماجي ثقافتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌو ويو. تنظيم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنهنجي وت ۽ وس آهر جاکوڙي رهيا آهن. شهر جا بنيادي مسئلا جن ۾ صحت، صفائي، روڊ رستا ۽ ناليون شامل آهن. انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن ۾ مصروف عمل آهن. تنظيم 27 آگسٽ 2003ع ۾ رجسٽر ٿي آهي. هن تنظيم جو صدر الهه بچايو پنهور، نائب صدر لياقت علي جهتيال، جنرل سيڪريٽري غلام نبي کوسو، جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي ملڪ ۽ خزانچي غلام حيدر پنهور آهن.

ملڪ يوٿ ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو:

هيءَ تنظيم محلي سطح تائين ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم کي 2003ع ۾ رجسٽر ڪرايو ويو. تنظيم جا نوجوان سماجي ثقافتي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آهن. هي تنظيم محلي وزيرآباد نوجوانن قائم ڪئي آهي.

سنڌ سماجي فلاح بهبود سنگت مرکپور:

سنڌ سماجي فلاح بهبود سنگت مرکپور سال 2003ع تي رجسٽر ٿي، هن تنظيم جا اڳواڻ پنهنجي محلي جي سماجي ۽ فلاحي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آهن. ڪجھه سماجي مسئلا به حل ڪرايا اٿن.

سڳنڌ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ ڌوتڙا پنهور:

هيءَ تنظيم، ڳوٺ ڌوتڙا پنهور تپي خداآباد ۾ قائم ڪئي وئي آهي. سوشل ويلفيئر کاتي طرفان 1996ع ۾ رجسٽر ٿي. هن ڳوٺ جي سڄاڻ شخصيتن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪافي مسئلا اعليٰ حڪام تائين پهچايا آهن، ۽ حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

ڳوٺ سڌار سنگت تنظيم ڳوٺ سچارو:

هيءَ تنظيم، ڳوٺ سچاري تعلقي دادو ۾ قائم ڪئي وئي آهي. ۽ سوشل ويلفيئر کاتي مان سال 1985ع ۾ رجسٽر ٿي. هي تنظيم به فلاحي ڪمن لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. تنظيم جا اڳواڻ ڳوٺ جا سماجي مسئلا جن ۾ تعليم صحت ۽ ترقياتي ڪم شامل آهن. انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.

نوجوان فلاح تنظيم ڳوٺ خير محمد پنهور:

هيءُ تنظيم، نوجوانن تي ٻڌل آهي. ڳوٺ جي فلاحي ڪمن لاءِ نوجوان پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هيءَ تنظيم 1994ع ۾ رجسٽر ٿي آهي. رجسٽر ٿيڻ کان پوءِ تنظيم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن تعليم، صحت ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.

پئرنٽس ٽيچر ايسوسيئيشن دادو:

پئرنٽس ٽيچرس ايسوسيئيشن دادو هڪ فلاحي ۽ سماجي تنظيم آهي. هي تنظيم رجسٽر ٿيل آهي. تنظيم کي 1983ع ۾ رجسٽر ڪرايو ويو آهي. تنظيم جا اڳواڻ محلي سطح تي سماجي ثقافتي سرگرميون جاري رکن پيا. هن تنظيم جا ڪارڪن سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.

سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاٽ:

سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاٽ رجسٽر تنظيم آهي. هن تنظيم کي محڪمه سوشل ويلفيئر مان سال 1983ع ۾ رجسٽر ڪرايو ويو آهي. پاٽ شهر جي سماجي ثقافتي مسئلن کي اعليٰ حڪام تائين پهچائڻ لاءِ تنظيم جا اڳواڻ سرگرم عمل آهن.

سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن موندر:

سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن موندر 1989ع ۾ رجسٽر ٿي آهي. موندر جيڪو ڪنهن زماني ۾ دريائي بندر هو. هتان جو واپار ڏيساور سان هلندو هو. پر ترقياتي ۽ فلاحي ڪم نه هئڻ سبب پستي طرف گامزن ٿيندو ويو. هن ڳوٺ جي اڳواڻن ڳوٺ جي اهڙي حالت ڏسي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن موندر جو بنياد وڌو. تنظيم جا اڳواڻ فلاحي ۽ سماجي مسئلا حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن.

شهيد مخدوم بلاول ڪميونٽي ڊيولپمنٽ آرگنائيزيشن دادو:

شهيد مخدوم بلاول ڪميونٽي ڊيولپمنٽ آرگنائيزيشن دادو هڪ سماجي تنظيم آهي. دادو شهر جي سماجي ۽ ثقافتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. هن تنظيم جا اڳواڻ ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. تازو هن تنظيم جي ساٿين هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي سندن اهم مطالبو هو ته تعليمي ادارن ۾ سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي ۽ سياسي مداخلت نامنظور جهڙا مطالبا بئنرن تي لکيل هئا. توقع رکي سگهجي ٿي ته هي نوجوان اڃان به پاڻ ملهائيندا ۽ سماجي مسئلا کڻي اعليٰ حڪام کي پيش ڪندا. هن تنظيم جو چيئرمين ماجد حسين زئنور، صدر ڊاڪٽر محمد علي ٻگهيو، نائب صدر سيد آصف علي شاهه، جنرل سيڪريٽري اظهر حسين پنهور، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالرزاق کوسو، خزانچي علي شيخ، پريس سيڪريٽري عنايت الله ٻٻر، رابطه سيڪريٽري لال بخش، صحبت علي منگي آهن.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ ڦلجي اسٽيشن:

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن گذريل 20 سالن کان سماجي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهن. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان علائقي جي سماجي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. خاص طرح صحت ۽ تعليم طرف خصوصي توجه ڏني وئي آهي. سگا شاخ ڦلجي اسٽيشن طرفان طبعي ڪئمپون لڳايون وينديون آهن. جن ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر پنهنجون رضاڪارانه خدمتون سرانجام ڏيندا آهن. هن طبي ڪئمپن ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون آهن.

تنظيم سنڌ شهري اتحاد پاٽ شريف:

تنظيم سنڌ شهري اتحاد جو بنياد 1997ع ۾ پيو. هن تنظيم جا عهديدار ۽ ورڪر شهر جي سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. شهر جا خصوصي مسائل جن ۾ نڪاس آب، بجلي گئس، صحت صفائي ۽ تعليم تي ڌيان ڏئي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.

ڳوٺ سڌار سنگت پاٽ:

شهر جي معززين ۽ نوجوانن گڏجي هڪ تنظيم ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان قائم ڪئي آهي. هن تنظيم جي اڳواڻن شهر جي فلاح بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. شهر ۾ صحت، صفائي، بجلي ۽ روڊ رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.

ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ضلع دادو:

هيءُ تنظيم، ضلعي ليول تي ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم جو مقصد پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ تبديلي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، عورتن تي تشدد، ڪارو ڪاري، ٻارڙن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبري پورهي خلاف جدوجهد ڪرڻ آهي. هن تنظيم ڪيترائي مذاڪرا، ورڪشاپ ۽ ڪانفرنسون ڪرايون آهن. جنهن ۾ اديبن، شاعرن، دانشورن، ڏات ڌڻين، ليکڪن ۽ صحافين جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو آهي. هن تنظيم جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر مجتبيٰ ملڪ آهي.

ڳوٺ سڌار سنگت سيتاوليج:

ڳوٺ سڌار سنگت جو روح روان محبوب علي ميمڻ، عبدالله شاهه آزاد، عباس سومرو ۽ ٻيا نوجوان رهيا. بشير سيتائي جون پڻ هن تنظيم ۾ خدمتون رهيون. هن تنظيم جي ساٿين تعليم، صفائي، صحت، علاج ۽ وڻڪاري جي سلسلي ۾ ڪافي ڪوششون ورتيون آهن ۽ مقامي ماڻهن جي مسئلن لاءِ پاڻ ملهايو آهي.

ڳوٺ سڌار سنگت نئون رڪڻ:

ڳوٺ سڌار سنگت نئون رڪڻ جو بنياد ڪجھه سال اڳ وڌو ويو. هن تنظيم جو صدر جبار احمد راجپوت ۽ جنرل سيڪريٽري احمد بخش چانڊيو آهي. هيءُ نوجوان، پنهنجن ساٿين سان گڏجي ڳوٺ جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڳوٺ ۾ ناليون پڪيون ڪرائڻ، ڳوٺ ۾ بجلي پهچائڻ ۽ ڳوٺ ۾ چونڪي سسٽم بحال ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. ان کان علاوه ڳوٺ ۾ نئين مسجد ٺهرائڻ لاءِ جاکوڙ به ڪئي آهي. سندن ڪوشش سان نئين رڪڻ جا ڪيترائي سماجي مسئلا حل ٿي چڪا آهن.

هنن تنظيم کان علاوه ٻيون برادري ليول تي به سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. انهن ۾ پنهور ويلفيئر ايسوسيئيشن، ميمڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن، سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن، سولنگي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.

مددگار آرگنائيزيشن دادو:

هيءَ تنظيم، ضلعي ليول تي ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم کي وجود ۾ آڻڻ جو مقصد عورتن ۽ ٻارڙن جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪارو ڪاري رسم کي ختم ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ شامل آهي. تنظيم جا ساٿي سنڌ کان علاوه ٻاهر به سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي آهي ۽ هتان جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن تنظيم جا اڳواڻ جن ۾ غلام عباس جويو، بنده علي لغاري ٻيا ساٿي شامل آهن ۽ اهي رات ڏينهن پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

 

ادبي تنظيمون

 

سنڌي ادبي سنگت دادو:

دادو شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت 1956ع ۾ قائم ڪئي وئي. سنگت قائم ڪرڻ ۾ شمشاد احمد جوڻيجو وڪيل، شوڪت سنڌي، سعيد سنڌي ۽ ٻيا اديب شامل هئا. سنڌي ادبي سنگت جي طرفان ڪيترائي پروگرام، مباحثا، مذاڪرا ۽ مشاعره ٿيند ارهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت دادو ون يونٽ خلاف هلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ضيا شاهي جي دور ۾ سنڌي قوم تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف ڀرپور مهم هلائي، ڪيترائي مشاعره ۽ ليڪچر پروگرام ڪرايا. جنهن ۾ مختلف ٻرندڙ موضوعن تي ليڪچر ڪرايا ويا. انهن مشاعرن، مذاڪرن ۽ ليڪچرن ۾ چوٽي جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سياستدانن ليڪچر ڏنا ۽ سنڌ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي نشاندهي ڪئي. هنن مذاڪرن ۽ ليڪچرن ۾ جيڪي اديب، شاعر، دانشور ۽ سياستدان شريڪ ٿيا ۽ ليڪچر ڏنا. انهن ۾ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، سوڀو گيان چنداڻي، ڊاڪٽر قادر مگسي، درشهوار سيد، نورالهديٰ شاهه، تاج صحرائي، استاد بخاري، ڪمال الدين سولنگي، عبدالله مگسي شفيع محمد سولنگي رزاق مهر، راشد مورائي، عظيم سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن.

نيو انجمن آفتاب ادب دادو:

انجمن آفتاب ادب جو بنياد سنڌ جي ڪُهنه مشق اديب ۽ شاعر مرحوم حافظ محمد احسن چنا وڌو، مرحوم حافظ محمد احسن چنا، جمع خان غريب ۽ امام الدين ضامن ڪيترائي مشاعره ڪرايا جنهن ۾ سنڌ جا چوٽي جا شاعر شريڪ ٿيندا هئا ۽ پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. مرحوم حافظ محمد حسن چنا جي وفات بعد هتان جي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رجب آزاد سولنگي نيو انجمن آفتاب ادب جي نالي سان ادبي تنظيم قائم ڪئي آهي. انجمن جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي مشاعره ۽ ادبي پروگرام ڪري چڪو آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ خداآباد:

سنڌي ادبي سنگت شاخ خداآباد ڪافي عرصو اڳ قائم ڪئي ويئي آهي. هيءَ شاخ ادبي کيتر ۾ پاڻ ملهايو آهي. هن شاخ جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه سيمينار ۽ ادبي ليڪچر به ٿيندا رهن ٿا. هن تنظيم جا ڪارڪن جن ۾ اعجاز علي ڀٽي، نذير احمد ڀنڊ، محمد ابراهيم پنهور، محمد ملوڪ پنهور، امر ڀنڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ساٿي شامل آهن. اهي ادب جي خدمت ۾ مصروف آهن.

استاد بخاري ادبي فورم دادو:

استاد بخاري جي وفات بعد ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون ۽ فورم سندس نالي تي وجود ۾ آيا آهن. هي ادبي فورم به سندس نالي تي قائم ڪيو ويو آهي. هن تنظيم جو باني ۽ اڳواڻ سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر ۽ اديب الهه نواز رڪڻائي آهي. تنظيم ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا آهن. هر مهيني جي پهرين آچر تي ماهوار گڏجاڻي ٿيندي آهي. جنهن ۾ ڪيترائي شاعر حضرات پنهنجو تازو ڪلام پيش ڪندا آهن. ان کان علاوه هن تنظيم ڪجھه ليڪچر به ڪرايا آهن ۽ اڪثر ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مختلف سرن تي ليڪچر ڪرايا آهن. جنهن ۾ شاه جي پارکو، اديب، شاعر ۽ سگهڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي شريڪ ٿيندو آهي ۽ هنن ليڪچرن ذريعي نوجوان نسل ڪافي معلومات حاصل ڪري چڪو آهي.

استاد بخاري اڪيڊمي دادو:

سنڌ جي عوام ڀلوڙ شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي. اڪيڊمي طرفان مشاعره ۽ ادبي پروگرام ٿيندا رهن ٿا. ازانسواءِ ليڪچر به ٿيندا رهيا آهن. جنهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ الله نواز رڪڻائي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مختلف سرن تي ليڪچر ڏنا آهن. اهڙي طرح اڪيڊمي ادبي کيتر ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي.

بزم شهيد آصف مصراڻي دادو:

شهيد آصف مصراڻي سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجين ٻن نياڻين سميت شهيد ٿي ويو. ان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي بزم قائم ڪئي ويئي آهي. هن بزم جو اڳواڻ الله نواز رڪڻائي آهي ۽ جنرل سيڪريٽري بهزاد سنڌي آهي. هن بزم طرفان ڪجھه مشاعره ڪرايا ويا هئا. هن وقت بزم جون مصروفيتون محدود آهن. هن بزم طرفان بشير سيتائي جي شعري مجموعي ذات نه ٿيندي مات جي مهورت واري تقريب ڪرائي جا ادبي تاريخ ۾ يادگار تقريب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org