سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 18

 

سنڌيءَ جي آوازي سرشتي جو

تاريخي ۽ لساني جائزو

جان – جي – بورڊي

 

سنڌي زبان ’ھند – يورپي ٻولين‘ واري ڪٽنب جي ھڪ شاخ آھي، جنھن کي گريئرسن پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ڳالھائجندڙ ”ھند – آريائي ڏيھي ٻولين جي دائري اندر اُتر – الھندي سٿ“ ۾ رکي ٿو. (1) انھيءَ سٿ جي ٻولين ۾ لھندا/ملتاني ان جي ويجھي مائٽياڻي آھي. تنھن کان سواءِ، سنڌو ماٿريءَ ۽ ڀر وارين ايراضين جي ٻين ٻولين ۽ سنڌيءَ جي وچ ۾ ڪيتريون ئي ھڪجھڙايون ملن ٿيون. جيئن تھ سنڌي ھڪ ھند – يورپي ٻولي آھي، انھيءَ ڪري ان ۾ ۽ انگريزي، روسي، يوناني، فارسي ۽ لاڳاپيل ٻولين ۾ ڪئين ڳالھيون ساڳيون آھن. البت سنڌوءَ جي ڇوڙ کان جيئن پري وڃبو، تيئن اھي ھڪجھڙايون گھٽ ٿينديون وينديون. انھن ھڪجھڙاين کان نھ رڳو خود سنڌيءَ اندر آيل واڌارن تي روشني وجھڻ جو ڪم وٺي سگھجي ٿو، بلڪ سنڌيءَ جي تاريخي وجود جي پيماني جو پڻ. ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ان جو اڳوڻو احوال ۽ ان جون خاصيتون، ڪنھن حد تائين فقط انھن ھڪجھڙاين جي اڀياس رستي ڄاڻي سگھجن ٿيون. واڌاري جي ويجھائي يا آڳاٽائي بھ اھڙيءَ پلٿار سان پروڙي سگھجي ٿي. جتي بھ ڪو اھڙو انگ سامھون اچي، جيڪو رڳو ان کان سواءِ ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ نھ ملي، اتي اھڙي انگ جي پھرين ڏِک کان ان ٻوليءَ جي شخصيت جي يگانائيءَ ڏانھن ويندڙ رستي تي نشان جو ڪم وٺي سگھجي ٿو. ٻيءَ صورت ۾، ان کان ٻن لاڳاپيل ٻولين جي وچ ۾ مفاصلي جي حدو پروڙڻ جو ڪم وٺي سگھجي ٿو.

ھڪڙو اھڙو نشان، جو سنڌيءَ جي آوازي سرشتي (Phonological System) جي نمايان خاصيت آھي، سو آھي اڌوڪڻائيءَ (implosion) جو واھپو يعني ڳالھائڻ وقت ساھھ اندر نيڻ. انھيءَ اڌوڪڻائي جي استعمال جي ڪري سنڌيءَ جي آوازي سرشتي اندر چئن صوتين (Phonemes) جي وچ ۾ تفاوت پيدا ٿئي ٿو. اھي صوتيا ۽ مثالي لفظ ھي آھن:

ٻ              ٻرڻ (2)

ڏ               ڏيڻ

ڄ              ڄاري

ڳ             ڳرڻ

انھيءَ اڌوڪڻائيءَ جي واھپي جي ڪري سنڌيءَ اندر سڪ بند صوتين (Stop-phonemes) منجھھ ٽھ – پاسائون تفاوت آھي، اھي تفاوت آھن: آواز (Voice) جي ڳرائي ۽ ھلڪائي جي وچ ۾ اوسرگائي ۽ اوسرگائي جي وچ ۾ آڌوڪڻائي ۽ ان جي ضد ڌوڪڻائي جي وچ ۾. تنهن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ اچار جا پنج مخرج آھن: ٻن چپن وارو، ڏندن وارو، مھار وارو، سخت تارونءَ وارو ۽ نرم تارونءَ وارو. انھن خاصيتن ۽ صورتن سنڌيءَ کي ڪل چوويھھ سڪ بند صوتيا (Stop-phonemes) ڏنا آھن، جنھن جيترا ٻي ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ ورلي ملندا. (3)

اڌوڪڻن جي خاص ڳالھھ ھيءَ آھي تھ اھي آواز آفريقا جي ٻولين کي ڇڏي ٻين ٻولين ۾ عام طرح اڻ لڀ آھن. (4) ھند – يورپي ٻوليون اڌوڪڻن کي ورلي ڪتب آڻينديون آھن ۽ اھو پڻ اڪثر ڪري ٻين ڪيترن ڀاتين سان منفرد لڙھيءَ جي شڪل ۾ نھ؛ جڏھن واپرائبا آھن، تڏھن اھي اھڙن آوازن مان ٺھيل لفظ ھوندا آھن، جيڪي نالي واري شيءِ يا ڪم سان مشابھت رکندڙ يا قدرتي طرح ان شيءِ جي خاصيتن جو ڏس ڏيندڙ لڳندا آھن؛ پر اھڙن لفظن يا نالن جو تعداد ڳاڻ ڳڻيو ئي آھي. البت ايشيا ۾ ڳالھائجندڙ ڪيترين ٻولين ۾ اڌوڪڻا ملن ٿا. ٽرنر (Turner)(5) جي چوڻ موجب، نيپال جي ھڪ ’مگڪورا‘ نالي منگولي ٻوليءَ ۾/م؟/اڌوڪڻو آواز آھي، جو نڙگھٽ بند ڪري اچاريو وڃي ٿو. ٽروبيزڪا (Trubetzkoy)(6) ٻڌائي ٿو تھ ڪاڪيشيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ڪئين ھلڪي آواز وارا اڌوڪڻا سڪ بند آھن. اھي اڌوڪڻا نھ پر پڌري پٽ زورائتا آواز ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪن حالتن ۾ نسبتي اڌوڪڻن سان گڏ آجي ڦير گھير ۾ ظاھر ٿين ٿا. خوبچنداڻيءَ(7) جو چوڻ آھي تھ راجسٿاني ۽ گجراتيءَ توڙي ملتانيءَ(8) ۾ اڌوڪڻا نسبتي اڌوڪڻن سڪ بندن سان گڏ آجي ڦير گھير ۾ ملن ٿا. اھو ڪن حالتن ھيٺ سنڌيءَ جو اثر معلوم ٿئي ٿو.

انگريزيءَ ۾ پڻ اڌوڪڻا آھن، پر جيئن اڳيئي ڄاڻايو اٿئون، اھي اھل ڪندڙ ۽ ھم آواز لفظن تائين محدود آھن. انگريزيءَ جي آوازي سرشتي جا جيڪي بھ ڇيد ڪيا ويا آھن، تن ۾ اھي اڌوڪڻا شامل نھ آھن. شايد انھيءَ ويچار جي ڪري تھ اھڙا اسم مابعد اللسانيات جي لحاظ کان علم تحرڪ (Kinetics) يا تال پکال (Gestures) جي اڀياس ۾ تشريح لاءِ وڌيڪ موزون آهن. اھي اڌوڪڻا ھي آھن:

           Smack P: سمئڪ (چميءَ جو آواز)

           tch T يا tsk: (تُت تُت: افسوس جي اظھار لاءِ)

           chik chik L: چڪ چڪ (گھوڙي کي سڏ)

glug G: گلگ (ٿانءَ مان نڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز: ڳڙ ڳڙ)

اھي سڀ اڌوڪڻا، پوءِ اھي سنڌي ھجن يا انگريزي يا مگڪورا، ھڪ ئي طرح يعني وات واري کوپي کي مھڙ يا پڇڙ وٽ بند ڪري، پوءِ نڙيءَ يا ڄڀ کي ھيٺ آڻي، وات واري کوپي اندر خال پيدا ڪري اچاربا آھن. ھلڪن اڌوڪڻن اچارڻ لاءِ خال پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ وات وارو کوپو امالڪ کولي ٻاھرين ھوا اندر وڃڻ ڌبي آھي. ڳرن اڌوڪڻن لاءِ نڙگھٽ کولي ڦڦڙن ۾ روڪيل ھوا آجي ڪبي آھي ۽ نڙگھٽ منجھان ڦڦڙن واري ھوا نڪرڻ سان آواز پيدا ڪبو آھي. اڌوڪڻي جو مخصوص آواز تنھن وقت پيدا ٿيندو آھي، جنھن وقت وات وارو کوپو کولبو آھي ۽ ٻاھرين ھوا اوچتو ڌوڪيندي اندر ويندي آھي. جيئن تھ ھوا جو ائين ڌوڪيندو اندر وڃڻ تمام ٿورو وقت ھلندو آھي، ان ڪري اڌوڪڻا پنھنجن نسبتي ڌوڪڻن جي ڀيٽ ۾ ڇوٽا ھوندا آھن. اسپيڪٽوگراف رستي ڪيل کوجنا ڏيکاري ٿي تھ سنڌيءَ ۾ اھي اڌوڪڻا ڊيگھھ ۾ نسبتي ڌوڪڻن جي پنجين پتيءَ جي اڌ جيترا مس ھوندا آھن. اچار جي ھر بيھڪ پويان اڌوڪڻن/ڌوڪڻن جا سؤ جوڙا ماپي ڏٺا ويا تھ معلوم ٿيو تھ اڌوڪڻي جي ڊيگھھ چوٿين پتي رھي ٿي. ايتري چوٿائيءَ جي ڪري ڪيترين حالتن ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي. سنڌي ڳالھائيندڙ اھا کوٽ ٻن طريقن سان ڀريندا آھن. ھڪڙو طريقو آھي مشڪن کي وڌيڪ سيٽائڻ ۽ اھڙيءَ ريت اڌوڪڻي جي اچار ۾ ڪتب ايندڙ سگھھ کي وڌائڻ جو، جنھن ڪري اچارجندڙ اڌوڪڻو اچارجڻ جي سموري مختصر عرصي دوران پنھنجن گھڻن جوڙيوال ڌوڪڻن کان ڳپل وڌيڪ ڳرو رھي ٿو. ٻيو طريقو آھي اڌوڪڻي جي جاءِ تي ڌوڪڻي آڻڻ جو. اچار جي وقت ڊگھي ڪرڻ سان ٻڌڻ جوڳائي سڌري وڃي ٿي. پر اڌوڪڻن جي اچار ۾ ھوا ڇڏڻ جو جيڪو ڏانءُ ڪم اچي ٿو، تنھن جي ڪري اڌوڪڻن جي وقت کي ڊگھو ڪرڻ ممڪن نھ آھي. ڊيگھھ ۾ ان واڌاري جي ڪري آواز برابر وڌيڪ چٽو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر ائين ڪرڻ سان ڪن اچارن جو سڀاويڪ فرق نڪريو وڃي. اڌوڪڻن جي جاءِ ڌوڪڻن کي ڏيڻ ڏيکاري ٿو تھ ڌوڪڻن جي انفراديت ڪچي آھي ۽ شايد سندن مول منڍ ثانوي نوعيت جو آھي. سچ پچ تھ اڌوڪڻن کي ڪنھن بھ ٻوليءَ جو بنيادي انگ ڪري نٿو سمجھيو وڃي، پوءِ کڻي اھي روزمره جي ڳالھھ ٻولھھ لاءِ ڪيترا بھ ضروري ڇو نھ ھجن. تڏھن بھ انھن جو ھجڻ ئي سندن ملھھ ۽ قيمت جي ساک ڀري ٿو.

جيڪڏھن اڌوڪڻا ايترا گھٽ لڀ ۽ اڻ رواجي آھن تھ پوءِ انھن جو بڻ بنياد ڪھڙو آھي؟ اھڙو سوال خود ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سوالن سان مشابھت رکي ٿو. اھي بڻ بنياد ايترا تھ آڳاٽا آھن جو انھن کي ذري گھٽ ڪڏھن بھ پروڙي نٿو سگھجي. اچار جي ھڪ نھ ٻئي طريقي جو يا ھڪ نھ ٻي خاصيت جو ھجڻ رڳو ايترو ٿو ظاھر ڪري تھ ماڻھوءَ جي بدن ۾ آواز اچارڻ جا عضوا ڪم ڪن ٿا ۽ بس. ھوند ائين چئجي تھ انسان وٽ آواز پيدا ڪرڻ جا جيڪي بھ وسيلا موجود آھن، سي سڀ ماڻھن سان لھھ وچڙ لاءِ ڪم آيل يا ڪم ڏيندي ڏسي سگھجن ٿا. ٻئي لحاظ سان ڪنھن خاصيت جو ڌُر ٻوليءَ اندر ان جي پھرين ڏيک مان پروڙي سگھجي ٿو، توڻي جو اھا خاصيت ٻين ڪيترين ٻولين ۾ عام ڪتب ايندي ھوندي/z/ز/جھڙي اچار جو اچڻ بھ ھڪ اھڙي ئي خاصيت آھي. اھو اچار (azure)، (measure) ۽ (beige) وغيره ۾ ملي ٿو، جي سڀ فرينچ کان انگريزيءَ ۾ آيل لفظ آھن. اڌاري وٺڻ جي تاريخ معلوم ھوندي تھ ٻئي واھپي لاءِ موجود ٿي ملڻ جي تاريخ ملي ويندي.

ڇا اسان اھو معلوم ڪري سگھون ٿا تھ سنڌيءَ ۾ ھيءَ خاصيت ڪڏھن آئي؟ جيئن تھ اڌوڪڻا ٻين ھند – يورپي ٻولين ۾ ورلي آھن، ان ڪري ٿي سگھي ٿو تھ اھي لاڳاپيل ٻولين جي ٻئي صوتياتي مواد سان ھم نسبت ھجن. ٿي سگھي ٿو تھ اھي بنھھ منفرد اوسر ھجن، يا ٿي سگھي ٿو تھ اھي ڪنھن اڳوڻي ٻوليءَ کان اڌارا ورتا ويا ھجن. پوئين امڪان کي رد ڪري سگھجي ٿو، ڇو تھ سنڌيءَ واري ساڳئي بڻ بنياد وارين ٻولين کي ڇڏي ٻيون ڪي بھ اھڙا اڌوڪڻا رکندڙ ٻوليون نھ آھن، جن سان سنڌيءَ جو ڪو تاريخ لڳ لاڳاپو رھيو ھجي يا جيڪڏھن اھڙو ڪو لڳ لاڳاپو سچ پچ رھيو بھ ھوندو تھ ان جي ڪا ساک نٿي ملي. سنڌيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ ويجھو ناتو رھيو آھي، پر سنڌيءَ جا اڌوڪڻا بنھھ پنھنجا آھن، توڻي جو اڳوڻي ٻوليءَ جي آوازن مان نڪتل آھن. سنسڪرت ۾ اچار جا پنج مخرج آھن، جي سنڌيءَ جي مخرجن جھڙا آھن. ازانسواءِ سنسڪرت ۾ انھن مان ھر ھڪ مخرج تان ڳرا ۽ وسرگ آواز اچاري سگھجن ٿا. جيڪڏھن ھنديءَ ۽ مرھٽيءَ کي ڪنھن حد تائين سڌيءَ طرح سنسڪرت مان ڦٽل ٻوليون شمار ڪيو وڃي تھ پوءِ انھن پڻ پنجن مخرجن ۽ آواز جي ڳري خصوصيت ۽ وسرگائيءَ کي قائم رکيو آھي. لسانيات جو ماھر Bloch(9) ڄاڻائي ٿو تھ گھڻين ھاڻوڪين ھندوستاني ٻولين جي خاصيت ھيءَ آھي تھ انھن اصلوڪا ھندي (سنسڪرتي) بندشي آواز اڄ ڏينھن تائين ساڳيءَ شڪل ۾ قائم رکيا آھن. سنڌي تھ اھڙي بنيادي تاڃي پيٽي ۾ ھڪ منفرد اضافو ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ يورپ جي ماھرن جي لکيل ڪتابن ۽ مضمونن ۾ اڌوڪڻن جو ذڪر نھ ڪيو ويو آھي. ايسٽوڪ (Eastwick)(10) ۽ واٿن (Wathen)(11) جي مرتب ڪيل ڪتابن ۾ اڌوڪڻن جا ڪي بھ حوالا ڏنل نھ آھن. ٿي سگھي ٿو تھ ھو انھن جي موجودگيءَ کان اڻڄاڻ رھيا ھجن، ڇو تھ ھنن جيڪو سنڌي جو بيان ڪيو آھي، سو اڌوڪڻن جديد صورتن ۽ اصطلاحن جي استعمال کان اڻڄاڻ ھجڻ جو ثبوت ٿو ڏئي. سٽئڪ (Stack)(12)، برٽن (Burton)(13)، ٽرمپ (Tyrnoo)(14) ۽ گريئرسن (Grierson) (15) انھن آوازن کي مخصوص، مرڪب، اونھان اچاريل يا اڻ ڄاتل ڄاڻائين ٿا. ٽرمپ ڄاڻائي ٿو تھ اڌوڪڻا علم صرف جي لحاظ کان ٻٽا سڪ بند آھن ۽ گريئرسن چوي ٿو تھ اھي ”اھڙيءَ ريت اچاريا وڃن ٿا، جھڙيءَ ريت ھندوستان جي ٻين ڀاڱن ۾ ٻٽا اکر اچاريا ويندا آهن، پر اھي ڪن لفظن جي منڍ ۾ بھ ايندا آھن....... درحقيقت، سنڌيءَ ۾ ٻٽا اکر اھي ئي آھن.“ بئلي (Bailey)(16) ۽ ٽرنر(17) پھريان ئي ماھر ھئا، جن ھيءَ حقيقت پروڙي ۽ سمجھائي تھ اڌوڪڻا اھڙا آواز آھن، جيڪي ساھھ اندر نيڻ وقت اچاريا وڃن ٿا. ٽرنر اصلوڪا سنڌيءَ جي اڳوڻي اتھاس منجھان تاريخي ڌاتو بھ ڪڍي ڏنا. اھي اڌوڪڻا لفظ جي منڍ واري بيھڪ ۾ ڳرا اوسرگ سڪ بندن منجھان ۽ سندن ھم معنيٰ وچولي بيھڪ وارن ٻٽن يا جوڙو جوڙو ٿيندڙ سڪ بندن منجھان پوءِ اسريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مرھٽي، پنجابي ۽ شايد گجراتيءَ ۾ اھا اوسر نٿي ملي، ڇو تھ انھن ۾ اصلوڪا قديم ھندي (Porto-India) وارا سڪ بند جيئن جو تيئن قائم رکيا ويا آھن. خوبچنداڻي (18) گجراتيءَ ۽ اڌوڪڻائيءَ جا ڪي مثال ڏيندي چوي ٿو تھ متان اوسر اڃا جاري ھجي. ڪَڇِي جنھن ۾ اڌوڪڻا موجود آھن، تنھن کي روھڙا (19) جي چوڻ موجب، وچولي گجراتيءَ ۾ آيل تبديلين سان ھم نسبت ڪري سگھجي ٿو. (روھڙا، ڪڇيءَ کي وچولي سنڌيءَ ۽ وچولي گجراتيءَ ۾ ٿيل لساني لھھ وچڙ مان اسريل ٻولي سمجھي ٿو) ان ھم نسبتيءَ کي چوڏيھن صدي عيسوي ۾ وچولي گجراتيءَ اندر سُرن واري تبديل کان پوءِ واري زماني سان متعلق ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن ھيءُ ويچار صحيح آھي ۽ جيڪڏھن ڪڇي سنڌيءَ جو ھڪ ڦريل محاورو نھ آھي تھ پوءِ ان ۾ اڌوڪڻن جو اچڻ وچولي سنڌيءَ يا وچولي گجراتيءَ کان اڳ جو سمجھي سگھجي ٿو. جيئن تھ اھي گجراتيءَ ۾ نھ آھن، ان ڪري اڌوڪڻن جي شروعات ضرور جھوني سنڌيءَ جي پاڻ سان لاڳاپيل ٻولين کان علحدگيءَ کان پوءِ ۽ لڳ ڀڳ چوڏھين صدي عيسويءَ ۾ وچولي گجراتيءَ جي اسرڻ کان اڳ ٿي ھونديو.

اڌوڪڻن جو بڻ بنياد کڻي ڪھڙو بھ ھجي، ھيءَ ڳالھھ بلڪل چٽي آھي تھ ھاڻي اھي ٻٽا سڪ بند متروڪ ٿي ويا آھن. اڌوڪڻائيءَ مان جاڙي ڪرڻ واري خاصيت نڪري وئي آھي. اصلوڪو سنڌي ڪڏھن ڪڏھن ڳالھائڻ وقت ھم نسل (Homorganic) اڌوڪڻي جي جاءِ تي ڌوڪڻو ڪم آڻي ويندو آھي. جڏھن زبان جو اھڙو ٿڙڻ ٿئي ٿو، تڏھن ٻِٽي ڪرڻ جو ڪو اھڃاڻ نٿو ملي. اھا سادي مخرجي تبديل اڌوڪڻن جي ڇوٽن منفرد ايڪن (Short single units) طور نفسياتي سانڍ جي ساک ڀري ٿي ۽ اھو پڻ ڏيکاري ٿي تھ انھيءَ انگ لاءِ تبديليءَ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آھي.

ھڪ لاڳاپيل مسئلو ھيءُ معلوم ڪرڻو آھي تھ سنڌيءَ ۾ ڌوڪڻن سڪ بندن جو موجوده سلسلو ڪيئن اُسريو آھي؟ ڇا لاءِ جو جيڪڏھن اصلوڪي سنڌيءَ جا ڳرا اوسرگ سڪ بند ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾ اڌوڪڻا ٿي وڃن ٿا تھ پوءِ اھو ڪيئن آھي تھ ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾ بھ ڳرا اوسرگ سڪ بند موجود آھن؟ جيڪو گراسمئن (Grassman) وارو قانون يورپي ٻولين اندر ڪيترين اڻ موافق آوازي تبديلين کي ڳنڍي ٿو، سو ان مسئلي جو دلڪش حل پيش ڪري ٿو تھ: جڏھن ساڳئي لفظ ۾ ڪنھن ڳري وسرگ پويان ٻيو وسرگ اچي ٿو تھ اھو اوسرگ ۾ مٽجي وڃي ٿو.

سنسڪرت: ديکا         سنڌي: ڏٺو

سنسڪرت: ڀوک         سنڌي: بک

اھو ڏيکاري ٿو تھ اوسرگائيءَ جي خاصيت اڌوڪڻائيءَ کان پوءِ اسري ٿي، ڇالاءِ جو ’د‘ مان ’ڏ‘ ۽ ’ڀ‘ مان ’ب‘ تھ پوءِ اوسرگائي ضرور اڌوڪڻائيءَ کان پوءِ جي ھوندي، نھ تھ اوسرگ سڪ بند اڌوڪڻو بڻجي وڃي ھا.

اتي ڪجھھ ڳرا ڌوڪڻا بھ آھن، جتي اڌوڪڻا ھجڻ گھرجن ھا. اھي اڌارا لفظ ٿا ڏسڻ ۾ اچن، جي ڀر وارين ٻولين کان تڏھن ورتا ويا ھوندا، جڏھن سنڌيءَ جو اصلوڪو لفظ يا تھ متروڪ ٿي ويو ھوندو يا وري ان جي معنيٰ ڦري وئي ھوندي. ان جو ھڪڙو مثال سنڌي لفظ ’گورم‘ ۽ ’گورائڻ‘ آھن. اھي ٻئي لفظ غالبًا سنسڪرت جي لفظ ’گورا‘ جا ھم نسل آهن. فعل پنھنجي ڌوڪڻي سان سڌو ڦٽل آھي، جڏھن تھ صفت پنھنجي اڌوڪڻي سان، ٿي سگھي ٿو تھ اڙدوءَ يا ھنديءَ کان اڌارو ورتو ويو ھجي. (20)

سنڌي جي اڌوڪڻن جي ھيءَ پلٿار خود ٻوليءَ جي ڏيک بابت اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿي. اندرين ۽ ٻاھرين ساک مان معلوم ٿو ٿئي تھ اڌوڪڻا چوڏھين صدي عيسويءَ کان اڳ ۽ سنڌيءَ جي لاڳاپيل ٻولين جي سٿ کان علحدگي کان پوءِ وجود ۾ آيا. ٽرنر جو ڪاٿو آھي تھ اشوڪ جي زماني (250 ق.م) ۽ پھرين صدي عيسويءَ جي وچ ۾ ائين ٿيو ھوندو. سنڌي ۾ فارسي ۽ عربيءَ کان ورتل اوڌرن اندر اصلوڪا سڪ بند قائم ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنھن مان لڳي ٿو تھ عربي ۽ فارسيءَ سان لھھ وچڙ ۾ اچڻ واري زماني تائين اڌوڪڻائيءَ واري انگ جي منتقلي لاڳو نھ ٿيڻ جوڳي رھي ھوندي. ان سان ڪجھھ مڙيوئي ڊگھو مدو مھيا ٿي سگھي ٿو، جنھن دوران ٻولي اُسري ٿي سگھي. لکيل مواد جو نھ ھجڻ اسان کي ڪنھن تاريخ ڪڍڻ کان روڪي ٿو. ھوڏانھن اوڻيھين صديءَ جي وچ ڌاري معياري صورتخطي مقرر ڪرڻ تي جيڪو بحث ھليو ھو، سو انھن مسئلن ڏانھن اشارو ڪري ٿو، جيڪي ڪنھن ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي آڌار تي سنھ معلوم ڪرڻ سان واسطو رکن ٿا. ظاھري طرح اڻ ڏٺل مواد جي غير موجودگيءَ ۾ بھ ڪي تاريخون ٻوليءَ جي خاصيتن تي مدار رکندڙ طريقن جي آڌار تي ڪڍي سگھجن ٿيون. لغتي تاريخ بنديءَ (Dating) جو ھڪڙو طريقو ايم.سواڊيش (M.Swadesh)(21) جو ڳولي ڪڍيل ۽ آر.ليس (R.Lees) (22) جو تشڪيل ڏنل آهي. سواڊيش جي ڪوشش هئي تھ الھندي اڌ گول جي جن ڏيھي ٻولين جا پندرھين صدي عيسويءَ کان اڳ جا ڪي بھ واضح ۽ غير مبھم رڪارڊ موجود نھ آھن، تن جا لڳ لاڳاپا معلوم ڪجن. اھو معلوم آھي تھ الھندي اڌ گول جي لوڪن مان ڪن جون ٻوليون تمام پري پري تائين ڦھليل ھيون، جڏھن تھ ٻين ڪيترن لوڪن جون ٻوليون ڪن ٿورن چورس ميلن جي ايراضيءَ اندر محدود ھيون. انھن ٻولين جي سٽاءَ جو ڇيد ڪجي ٿو تھ سندن وياڪرڻي ناتا ڏيکارين ٿا تھ محدود ايراضيءَ وارن گروھن منجھان ڪيترا ڪنھن وقت وڌيڪ وڏي ايڪي جو ڀاڱو ھئا، جڏھن تھ پري پري تائين ڦھليل ٻوليون ڪن حالتن ۾ ويجھڙ ۾ وڌيون ويجھيون آھن. واڌ ويجھھ جي انھن مشاھدن سواڊيش کي ٻوليءَ جي الڳ ٿيڻ جي تاريخ ڪڍڻ لاءِ ڪنھن اھڙي طريقي ايجاد ڪرڻ جي ترغيب ڏني، جنھن تي ھلڻ سان تاريخي مواد جي زباني روايت جي اڻ ٽر ڏنگاين ڦڏاين کان پاسو ڪري سگھجي. سواڊيش جو ويچار ھو تھ ٻولين جي عمر فرد جي حياتيءَ کان ٻيو نھ تھ ڏھوڻي تھ ھجڻ گھرجي. ٻوليءَ کي گھٽ ۾ گھٽ پنج سئو ورھيھ بنا ڪنھن  مکيھ تفاوت واري تبديل جي چالو رھڻ گھرجي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ ان جي اڳين ٻن ٽن مرحلن مان 1500 ورھين جي سڃاڻپ جوڳي تاريخ ملي وڃي.

جيڪڏھن وقت گذرڻ سان ٻوليون، انھن جي ڏنل تمدنن جيان، ڦرنديون رھن ٿيون تھ پوءِ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ ٻوليءَ اندر موجود صورتن منجھان ڪا گھڻي معلومات ڪانھ ملندي. تنھن ھوندي بھ جيڪڏھن ٻوليءَ لاءِ ضروري آھي تھ انساني جيوت جي گھرجن جي عڪاسي ڪري تھ پوءِ ان کي چڱي چوکي مدي تائين ڪن ويچارن ۽ خيالن جي چٽيءَ طرح ترجماني ڪرڻ جي لائق بھ ضرور ھجڻ گھرجي. اھي ويچار ماڻھن جي بنيادي ضرورتن جي ترجماني ڪندا. ضرورتون جيڪي ائين تبديل نھ ٿينديون آھن، جيئن ٻولي تبديل ٿيندي آھي، سواءِ لفظن جي ڀنڊار اندر ڇڙوڇڙ حادثاتي تبديل وسيلي. ساڳئي ويچار لاءِ ساڳئي لفظ قائم رکڻ جو ھڪ سھنجو مثال لفظ Two (ٻھ) آھي، جيڪو ذري گھٽ مِڙني ھند – يورپي ٻولين ۾ بنان ڦير ڦار جي قائم رکيو ويو آھي. ھيءُ لفظ لڳ ڀڳ ٽن ھزارن ورھين کان بنان تبديل ٿيڻ جي ھلندو اچي ٿو. ٻيا لفظ ڪنھن ڍنگ، نموني يا روزمره جي ڪچي ڳالھھ ٻولھھ جي پيداوار ھجڻ ڪري بيحد بي بقا ٿين ٿا ۽ ڪي ٿورا ورھيھ چالو رھي متروڪ ٿي وڃن ٿا.

جڏھن مشترڪ لغتي اسمن جي سانڍجڻ ۽ متروڪ ٿيڻ جو جائزو وٺجي ٿو، تڏھن ھڪ نسبتي طرح جٽاءُ دار شرح اجاگر ٿئي ٿي. سانڍ جي اھا شرح ھر ھزار ورھين لاءِ 77 کان 86 سيڪڙي تائين آھي. سراسري بھا 5ء80 سيڪڙو اچي ٿي، جا پوين پنجن ھزارن ورھين لاءِ ڪيترين ئي ٻولين سان لاڳو ڪري سگھجي ٿي. ڌيان ۾ رھي تھ انھيءَ بھا جي آڌار تي ڪيل انگ اکر خاص ورھين يا ڏھاڪن لاءِ مطلق نھ آهن، ڇالاءِ جو جنگ، فتح ۽ قدرتي واقعن جھڙا تاريخي عوامل ڄاڻايل مدي دوران تبديلي جي انھيءَ شرح کي تِکو يا ڍرو بھ ڪري سگھن ٿا. چڱي ڊگھي مدي گذرڻ سان ڦير ڦاريون ھڪ ڪريون ٿي وينديون آهن، پر نتيجي طور، پورو پورو سنھ ڪڍڻ بھ ناممڪن ٿي ويندو آھي.

لاطينيءَ مان ڦٽل جن (Romance) ٻولين جا طويل تاريخ پيل رڪارڊ موجود آھن، جن جو تقابلي مطالعو مدي معلوم لاءِ ھڪ نسبتي طرح سھنجي فارمولا سامھون آڻي ٿو. ھيءَ فارمولا آھي: T=log, C-2 log, R ھت T برابر آھي ھزار سالي مدي جي؛ c برابي آھي جن ٻن ٻولين جي پلٿار ڪرڻي ھوندي، تن جي ھم نسل لفظن جي سيڪڙي جي ۽ R برابر آھي 5ء80 سيڪڙي واري اڻ ڦرندڙ انگ جي. ھيءَ فارمولا اٽڪل روءِ ٻن سون لغاتي اسمن تي مشتمل فھرست سان گڏ ڪتب آڻڻي آھي. اھي اسم بظاھر انساني ٻوليءَ جو بنياد آھن. سواڊيش جي تيار ڪيل ان فھرست ۾ مرڻ، ڪَنُ، ماڻھو، برسات، تارو، پاڻي وغيره جھڙا ويچار لفظ آھن. جڏھن ھيءَ فھرست ڪيترن ئي اڀياسن لاءِ ڪم آندي وئي، تڏھن واضح ٿيو تھ ان کان ننڍي فھرست بھ ڪم ڏئي ويندي. ان مقصد لاءِ ھڪ سؤ لفظن تي مشتمل فھرست (23) تيار ڪئي وئي. بنھھ پختن نتيجن ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ وڏن جوڙن جي ڀيٽ ڪرڻي پوندي، پر ننڍي فھرست مان بھ ڪارائتا نتيجا حاصل ٿي سگھن ٿا.

ٽرنر جي مشاھدن ۽ روڙا جي تبصرن جي نتيجي ۾ ضروري سمجھيو ويو تھ سنڌيءَ ۽ ان جي ويجھين پاڙيسري ٻولين جي وچ ۾ ناتي جي نوعيت سواڊيش واريءَ فارمولا جي آڌار تي معلوم ڪئي وڃي. سنڌي ۽ اٺن ٻين ٻولين لاءِ ننڍي سؤ لفظن واري فھرست ڪتب آندي ويئي. اھي اٺ ٻوليون ھيون: پنجابي، مرھٽي، گجراتي، بلوچي، مرو بلوچي، پشتو، سنسڪرت ۽ اويستائي. پلٿار جو ڏانءُ ھو فھرست جي ھر ھڪ اسم کي ٽن سنڌي لغتن ۾ ڳولڻ ۽ انھن کي ھڪ اصل سنڌي وٽان، جنھن دادو ضلعي جي ٻولي ٿي ڳالھائي، گڏ ڪيل فيلڊ نوٽن سان ڀيٽڻ. معلومات ڏيندڙ سنڌي ادبي بورڊ جو ھڪ اڳوڻو منتظم ھو ۽ اھڙي ٻولي واپرائيندو آھي، جا پڙھيل ماڻھن جي ۽ معقول حد تائين معياري زباني محاوري والي ٻولي سمجھي وڃي ٿي. لغتن ۾ ڪيترا لفظ ڏسڻ کان پوءِ انھن کي معلومات ڏيندڙ جي ٻوليءَ سان ڀيٽيو ٿي ويو؛ رڳو تڏھن معلومات ڏيندڙ جي ٻوليءَ کي رد ٿي ڪيو ويو، جڏھن ڪنھن بھ لغت ساڻس اتفاق نٿي ڪيو. جڏھن ٻن لغتن ھڪڙي ڳالھھ ٿي ڪئي ۽ ھڪ لغت ۽ معلومات ڏيندڙ ٻي ڳالھھ ٿي ھئي، تڏھن معلومات ڏيندڙ جي ڳالھھ قبول ٿي ڪئي وئي. (سرواھي طور ھي ڄاڻائڻ واجبي ٿيندو تھ جيڪي بھ لغتون ھيون، سي ھڪ اڌ کي ڇڏي، ھڙ جون ھڙ پنھنجيءَ معلومات ۾ گھٽ، مثالن ۾ ڀلائيندڙ ھيون ۽ انھن کي ’ڪارائتي‘ لفظ جي معنيٰ ڪافي ٽوڙڻ مروڙڻ کان پوءِ ئي ڪارائتو چئي سگھبو. لغت ڪنھن ٻوليءَ جي لفظن جو ڀلي ۾ ڀلو ذخيرو برابر نھ ھوندي آھي؛ پر ٻولي پنھنجن لغت نويسن وٽان تنھن کان بھتر مواد لھڻي، جھڙو اسان کي ھن اڀياس دوران مليل لغتن اندر ڏسڻ ۾ آيو).

 

ھاڻ اصل ڳالھھ ڏانھن موٽجي. جيئن ئي سنڌي مواد گڏ ٿيو، تيئن ئي ان کي انھن ٻين ٻولين جي مواد سان ڀيٽي ڏٺو ويو. (24) جنھن فھرست کان ڪم ورتو ويو، تنھن ۾ ھڪ سؤ ست اسم ھئا، ان لاءِ تھ متان تصديق ۾ ڪا ڏکيائي ٿئي. فارمولا لاڳو ڪرڻ کان اڳ مڙني انگن اکرن کي سيڪڙن جي صورت ۾ آندو ويو؛ چُڪن ڀلن جي امڪان کي ھن فارمولا جي آڌار تي ڪٿيو ويو،

=c(1 c)

                         N

        ۽ ھيٺينءَ ريت ستر سيڪڙو ڀل چڪ جي شرح ست سيڪڙو نڪتي:

a.      Log (+C) ÷ 2  Log R=t

b.      T – t = x

c.      T÷x= سيڪڙي جي پڪي شرح 70% لاءِ T

سڀني ڀيٽن لاءِ 1955ع کي معياري سال طور ڪم آندو ويو. ان اڀياس جا نتيجا ھي آھن:

ٻولي

C

X

L

تاريخ

سنڌي – شاھاڻي

8ء88

78

274

1681ع

سنڌي – ايم.ايڇ. رامچنداڻي ۽ اي.ڊي.لالواڻي

3ء94

55

136

1819ع

پنجابي

6ء62

164

1078

877ع

مرو بلوچي

4ء28

348

2901

946 ق.م

بلوچي

4ء30

423

2742

787 ق.م

پشتو

9ء15

465

4237

2282ق.م

مرھٽي

7ء46

226

1753

202ع

گجراتي

7ء57

184

1274

681ع

سنسڪرت

7ء38

267

2187

232ق.م

اويستائي

0ء34

302

2486

531ق.م

انھيءَ جدول کي جاچيو تھ ڪيئي دلچسپ حقيقتون ڏسڻ ۾ اينديون. پھرين پھرين جنھن ڳالھھ تي نظر پوي ٿي، سا ھيءَ آھي تھ نون لفظن کي قبول ڪرڻ ۾ جيترو لغتون قدامت پسند ھونديون آھن، تيترا ٻوليءَ جا قدامت پسند ڳالھائيندڙ بھ نھ ھوندا آھن. 136 کان 174 ورھيھ پٺتي ھونديون آھن. اھو پويون انگ ڏيکاري ٿو تھ لغتون چالو گھرجن سان ذري گھٽ اڻ ٺھڪندڙ ھونديون آھن يا شايد اھي بيحد مخصوص مقصدن يا محدود استعمال لاءِ ھونديون آھن.

ٻي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ سنڌيءَ جي اولھھ وارين پاڙيسري ٻولين، پشتو ۽ بلوچي جي ڌار ٿيڻ جون تاريخون سنسڪرت ۽ اويستائي وارين تاريخن کان گھڻو آڳاٽيون آھن. اھو ظاھر ڪري ٿو تھ سنڌيءَ ۽ سندس پاڙيسري ٻولين جي وچ ۾ نھ رڳو ڪافي ڊگھي مدي تائين ڪو ناتو ڪونھ ھو، بلڪ سندن لفظن اڌاري وٺڻ جا ذريعا پڻ ٻيا ھئا. جيڪڏھن سنڌيءَ جي پنھنجي اوڀر وارين ساڳئي بڻ بنياد وارين ٻولين سان ناتو رھيو بھ ھو تھ پوءِ جيئن اھي ٻوليون تبديل ٿيون ھونديون، امڪان ان ڳالھھ جو آھي تھ اھي ھڪجھڙن جزن کي وري ترتيب ڏيڻ سان تبديل ٿينديون. اھڙيءَ ريت، ھن سٿ ۾ ظاھري تبديلي تنھن کان گھڻي گھٽ نمايان ھوندي، جيتري انھن مشترڪ ذريعي کان ٻاھر وارين ٻولين جي اثر ھيٺ رھندڙ ساڳئي بڻ بنياد وارين ٻولين ۾. وچ ايشيا جي ٻولين پشتو جي وڌيڪ وسيع علحدگيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.

چوٿين ڳالھھ آھي سنڌيءَ جو پنجابيءَ، گجراتيءَ ۽ مرھٽيءَ سان لاڳاپو. مدي بابت انگ پنجابيءَ کي ويجھي ۾ ويجھي ۽ مرھٽيءَ کي پرانھين ۾ پرانھين ظاھر ڪن ٿا. اسان ان مان ۽ روھڙا ۽ خوبچنداڻيءَ جي مشاھدن مان لٿي پٿي ھيءُ نتيجو ڪڍي سگھون ٿا تھ سنڌيءَ ۾ اڌوڪڻا غالبًا پنجابيءَ کان علحدگي پڄاڻا ۽ وچولي گجراتي جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ اسريا ھئا. سو ائين ٿيڻ جو مدو لڳ ڀڳ 750ع ۽ اٽڪل روءِ 1400ع جي وچ ۾ آھي. اڌوڪڻي انگ واري لڙھھ جي خام نوعيت جي ڪري ھيءُ نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو تھ اھو انگ مذڪور مدي جي شروعات نھ پر پڇاڙي ڌاري ظاھر ٿيو ھوندو. جيڪڏھن اھو انگ 750ع جي لڳ ڀڳ نمودار ٿيو ھجي ھا تھ غالبًا باقي مدي جي ڊيگھھ جي ڪري پورن پنجن سڪ بندن واري اڌوڪڻي لڙھھ اسري اچي ھا.

متان ڪو ھيءُ دليل ڏي تھ اھو انگ چڱو آڳاٽو آھي ۽ آوازي سرشتي جي ھاڻوڪي بيڊولائي ڏيکاري ٿي تھ اھو انگ ھوريان ھوريان غائب ٿيندو وڃي ٿو. ان ويچار جي فائدي ۾ ھڪڙي ساک ملندي تھ ان جي رد ۾ اھڙين ساکن جو ڍير ملندو، جي ان اوسر جي ويجھڙائي جو ڏس ڏيندڙ ھونديون.

آخري ڳالھھ سنڌيءَ ۽ سنسڪرت ۽ اويستائيءَ جي وچ ۾ نروار وقت جي وڇوٽيءَ سان واسطو رکي ٿي. سنڌ تي روزاني سرڪاري ۽ خانگي حياتيءَ ۾ فارسيءَ جو زبردست اثر رھيو آھي. انھيءَ ناتي جي باوجود، سنڌي جا فارسي سان لاڳاپا ايترا ترت نھ آھن، جيترا سنسڪرت سان. ٻولي جي محاوري کي جاچبو تھ فارسي پرتڪلف، ادبي ۽ شاعراڻي سطح تي واپرائبي نظر ايندي. پر بي تڪلفي واري سطح تي وڌيڪ پراڻا لفظ قائم رکيل ڏسڻ ۾ ايندا. انھيءَ صورتحال کي ٻھ ٻولر (Diglossia)(25) جو نالو ڏنو ويو آھي. يعني ھڪ ٻوليءَ واريءَ جاتي ۾ ٻوليءَ جي ٻن قطعي مختلف سطحن جي موجودگي، شايد وڌيڪ کوجنا انھيءَ سوال جي ڇنڊڇاڻ ۾ واھر ڪري.

حاصل مطلب تھ سنڌي جا اڌوڪڻا سڪ بند، پنھنجي واپري ۾، ھڪ ھند – يورپي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي جي ڀاڱي طور منفرد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. لڳي ٿو تھ اھي اٽڪل روءِ ٻارنھن سؤ ورھيھ اڳ ڪنھن وقت سنسڪرت جي ھم نسل ٻٽن يا جاڙن سڪ بندن منجھان اسريا ھئا. لغتي امدادي بنيادن تي ڪيل پلٿار انھيءَ مفروضي جي پٺڀرائي ڪري ٿي، پر ان جي قطعي تصديق لاءِ اڃآ گھڻي کوجنا جي ضرورت آھي. لغتي امدادي تاريخ بندي جي عمل مان پتو پوي ٿو تھ سنڌيءَ جا پنھنجن الھندين پاڙيسري ٻولين کان وڌيڪ، اُتين ۽ ڏاکڻين پاڙيسري ٻولين سان لڳ لاڳاپا آھن.

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)       جي.اي.گريئرسن، اتر – الھندو سٿ، ھندوستان جو لساني جائزو (انگريزيءَ ۾) اٺون، ص1-4، ڪلڪتو 1919ع.

(2)      ھن مقالي ۾ ڪتب آندل اتارو آءِ.پي.اي وارو آھي، سواءِ ان جي تھ اڌوڪڻي ’ٻ‘ کي نستي ڌوڪڻي ’ب‘ کان الڳ ڏيکارڻ لاءِ ھيٺان ليڪون ڏنيون ويون آھن.

(3)      سنڌيءَ ۾ اڌوڪڻو ڏندن وارو سڪ بند ڪونھي. آءٌ مجھول فعل ’ڏرائڻ‘ (’ڏ‘ چوڻ لاءِ) ٺاھڻ جي رٿ ٿو ڏيان، جنھن جي معنيٰ ھجي اھڙن واقعن بابت ڳالھائڻ، جي ٿي سگھندڙ ھجن پر ٿيڻا نھ ھجن.

(4)      سنڌويءَ ۾ اڌوڪڻا وات واري کوپي ۾ گھڙندڙ ۽ نڪرندڙ ٻئي آھن: گھڙندڙ ان ڪري جو بدن کان ٻاھر واري ھوا وات رستي اندر وڃي ٿي؛ نڪرندڙ ان ڪري جو ڦڦڙن واري ھوا نڙگھٽ رستي نڪري ٿي. ان کي اڌوڪڻائيءَ جي عام معنيٰ کان الڳ ڪرڻ گھرجي، جنھن ۾ رڳو ھوا جي گھڙندڙ چر پر جي گنجائش آھي، جيئن ڄاڻايل انگريزي ۽ آفريقي اڌوڪڻن ۾.

(5)       آر.ايل.ٽرنر، سنڌي ورجاڻا (انگريزيءَ ۾) لنڊن يونيورسٽي جي مشرقي ۽ آفريقي اڀياسن واري اسڪول جي بليٽن، جلد ٽيون، ڀاڱو ٻيو ص305-315، لنڊن 1924ع.

(6)      اين.ٿروبيزڪاءِ Les consonnes Laterales des Langues Caucasiques Septentrional (فرينچ ۾) پئرس جي ٻولين واري سوسائٽيءَ جي بليٽن، جلد ٽيويھيون، ص204-184، پئرس 1922ع.

(7)      ايل.خوبچنداڻي سنڌيءَ ۾ آواز ن جو سرشتو ۽ لفظن جي جڙت (انگريزيءَ ۾)، ايم.اي. جو اڻ ڇپيل مقالو ص12، پنسلوانيا يونيورسٽي 1961ع.

(8)      بھري، لھنديءَ جي اڀياس ۾ اڌوڪڻن جو ڪو حوالو نٿو ڏي، جيتوڻيڪ سِمِرنوف ڄاڻائي ٿو تھ ھن لھنديءَ جي اڀياس ۾ اڌوڪڻن لاءِ نقشن کان ڪم ورتو آھي. پر سمرنوف جھڙيءَ ريت انھن کي نقل ڪيو آھي، تنھن مان لڳي ٿو تھ ھو انھن کي ٻٽا سڪ بند ڪري وٺي ٿو. ايڇ.بھري، لھنديءَ جو آوازي سرشتو (انگريزيءَ ۾) ڀارتي پريس (ٻيو ڇاپو) الھھ آباد 1962ع. واءِ.اي.سمرنوف Yazik Lendi Adademia Navka (روسيءَ ۾) ماسڪو 1962ع.

(9)      جي.بلاڪ، مرھٽي ٻوليءَ جي بناوت ص؟؟ (فرينچ ۾) پئرس 1914ع.

(10)  جي.بيايسٽيوڪ، سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ لغت (انگريزيءَ ۾) بمبئي شاخ، جلد ٻارھون، 11-201، 1837ع.

(11)   ايم.ايڇ.واٿن، سنڌي ٻولي جو وياڪرڻ (انگريزيءَ ۾) بمبئي 1936ع.

(12)  جي.اسٽئڪ، سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ ۽ ڪوش (انگريزيءَ ۾) بمبئي 1849ع

(13)  ايف.برٽن، سنڌ ۽ سنڏو ماٿريءَ ۾ رھندڙ نسل (انگريزيءَ ۾) لنڊن 1851ع

(14)  اي.ٽرمپ، سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ (انگريزيءَ ۾) لنڊن 1872ع.

(15)   ڪي.اي.گريئرسن، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص23-22

(16)  جي.بئلي، سنڌي اڌوڪڻا (انگريزيءَ ۾) لنڊن يونيورسٽي جي مشرقي ۽ آفريقي اڀياسن واري اسڪول جي بليٽن، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو، ص837، لنڊن 1922ع.

(17)  آر.ٽرنر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص315

(18)  ايل.خوبچنداڻي، اڳ ڏنل حوالو ص12

(19)  ايس.ڪي.روھڙا؛ سنڌي، ڪڇي ۽ لڏي ويل سنڌي (انگريزيءَ ۾) ھندستاني ٻوليون، جلد ٻٽيھون، نمبر ٻيو ص131-130 بمبئي اپريل 1971ع.

(20) آر.ٽرنر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص315.

(21)  ايم.سواڊش، سالش اندريان لاڳاپا (انگريزيءَ ۾) آمريڪي لسانيات جو بين الاقوامي رسالو، جلد ستون ص167-157، بالٽيمور 1950ع.

ايم سواڊيش، اڳ تاريخي نسلي مضمونن جي لغتي – اعدادي تاريخ بندي (انگريزيءَ ۾) آمريڪا جي فيلسوفي واري سوسائٽي جون ڪارروايون، جلد ڇھانوي ص462-453، فلاڊيلفيا 1952ع.

(22) آر.ليس، لساني سن شناسي جا بنيادي اصول (انگريزيءَ ۾) ٻولي، 1952ع.

(23) ساڳيءَ معنيٰ وارن لفظن جي فھرست.

سڀ

اڏامڻ

رات

سُڪو

جونءِ

ڇاتي

وڏو

سٺو

شخص

آنو

چنڊ

ڪڪر

رت

مٿو

پاڙ

کنڀ

نالو

مرڻ

ٻرڻ

ڪوسو

رک

پير

نڪ

ڪن

اچڻ

گوڏو

پکي

سائو

مينھن

اک

پيئڻ

ڊگھو

ھڏو

ٻڌڻ

گول

باھھ

کائڻ

ماس

چنبو

آءٌ

ڀونڪڻ

پورو

پيءُ

منھن

ڌي

ڄاڻڻ

چڪ پائڻ

وار

برف

ڳچي

پيٽ

ڪتو

کنئور

گھڻا

پن

نھ

ڪارو

مٽي

سِڱ

ٽڪر

ماڻھو

ڳاڙھو

ڀاءُ

چرٻي

مارڻ

نئون

ماءُ

واري

ٿڌو

مڇي

جيرو

ھڪ

رستو

چوڻ

ڏسڻ

کل

برف

سج

ھيءُ

وڻ

پاڻي

ڪير

ٻِجُ

سمھڻ

پٽ

ترڻ

تون

ٻھ

اسين

عورت

ڀيڻ

ننڍو

تارو

پڇ

ڄڀ

ھلڻ

ڇا

پِيلو

ويھڻ

دانھون

پھڻ

اُھو

ڏند

ڪوسڙو

اڇو

 

 

 

(24) ڪتابن جي فھرست:

(الف) ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪيل فيلڊ نوٽ، 1955-1954ع

(ب‌)    ايم.يو.ايم.اسماعيل، جيبي انگريزي – لغت، آر.ايڇ.احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ 1954ع (تاريخ ڏنل ناھي)

(ج)        اي.ٽي.شاھاڻي، انگريزي – سنڌي لغت، ڇھون ڇاپو، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، بمبئي 1955ع (تاريخ ناھي ڏنل)

(د) ايم.ايپ.رامچنداڻي ۽ اي.ڊي.لالواڻي، ويھين صديءَ جي انگريزي –        سنڌي لغت، ايل.دوراڪا داس اينڊ سنز، بمبئي 1952ع.

(هه)        اقبال ڀٽي، انگريزي – پنجابي لغت، منيسوٽا يونيورسٽي، مينا پولس      1964ع.

(و) جي.ايلفبائين، مرو بلوچيءَ جو ڪوش، نيپلس يونيورسٽي جو مشرقي        اڀياسن وارو ادارو، نيپلس 1963ع.

(ز) ايف.ڊبليو.گلبرٽسن، انگريزي – بلوچي ڳالھھ ٻولھھ جي لغت، اسٽيفن      آسٽن اينڊ سنز، ھرٽفورڊ 1925ع.

(ح) ڊي.ايڇ.لاريمر، ڳالھائڻ واري پشتو جو نحو (انگريزي ۾) آڪسفورڊ 1915ع.

(ط) ايڇ.اي.وقار، مرھٽيءَ جي جديد لغت، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ        ڪمپني، بمبئي 1965ع.

(ي) ايس.ايم.ڪپاڊيھ، گجراتي، سک (انگريزي ۾) ڊي.بي.تاراپور والا سنز       اينڊ ڪمپني، بمبئي 1963ع.

(ڪ)        سي.ڊي.بڪ، مکيھ ھند – يورپي ٻولين جي چونڊ ھم معنيٰ لفظن جي     لغت، شڪاگو يونيورسٽي پريس، شڪاگو 1949ع.

(ل) آر.پي.بيگوروا، سنڌي ٻولي، نونما پبلشنگ ھائوس ماسڪو         1971ع.

(25)          سي.فرگوسن، ٻھ ٻولر (انگريزيءَ ۾) ورڊ، 340-325: 15،   1959ع.

(ترجمو: سليم احمد)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org