سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 19

 

سنڌ ۾ ايراني نير

ممتاز راشدي

 

نيروٽي يا نيرولي جنھن ڪپڙي کي ڳوڙھي نيري رنگ ۾ رڱڻ جو ڌنڌو ٿي ڪيو، اھو سنڌ جو ھڪ قسم جو ادارو ھو، جو ڪيترين صدين تائين وجود ۾ رھيو آھي. ھر طبقي جا سنڌي مسلمان عام طور نيري رڱيل سوٽي ڪپڙي جي سلوار (سٿڻ) پائيندا رھيا آھن ۽ اھو رواج ھاڻي سوڌو يعني ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان اڳ واري زماني ۾ پڻ عمل ۾ ھو. فقير، ملنگ(1) ۽ درويش صفت ماڻھو پڻ ساڳئي قسم جو نيرو لباس ورتائيندا ھئا. پوسٽنس(2) انگريزن جي فتوحات کان اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ نير جي پوک ۽ نير جي ٻاھرين ملڪن ڏانھن روانگيءَ متعلق بحث ڪندي ڄاڻايو آھي تھ: ”سنڌي ماڻھو جيڪو لباس پائيندا آھن، ان ۾ نيري رنگ وارن ڪپڙن پائڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا ھئا.“

شاه لطيف جھڙي مايھ ناز ۽ بلند پايھ شاعر (1689ع-1752ع) پنھنجي رسالي ۾ ڪيترن ھنڌن ۽ ڪافي اھڙن بيتن ۾ نيروليءَ جو ذڪر ڪيو آھي، جي سندس موضوع ۽ فلسفي جي مدنظر ڪافي اھميت رکن ٿا. ڏند ڪٿائن، مختلف زمانن جي قصھ گو ۽ شاعرن ۽ زباني قصن ڪھاڻين واري ادبي مواد، جيڪو ھيل سوڌو سنڌي ثقافت جو لازم ملزوم حصو پئي رھيو آھي، تنھن ۾ پڻ نيري رنگ جو خاص طور ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪو رنگ صوفي درويشن طرفان سندس لباس لاءِ منتخب ڪيو ٿي ويو. سيوھڻ ۾، جو سنڌ جي سڀني قديم شھرن ۾ ھڪ اھم ليکيو ويندو آھي ۽ جتي اسلام جي ڪيترن عظيم اوليائن، جن مان گھڻا تڻا ايران کان آيل ھئا ۽ جن ھن شھر ۾ تاريخ جي مختلف دورن ۾ سڪونت اختيار ڪئي ھئي ۽ جن پنھنجي ابدي آرام گاه بھ ان شھر ۾ ئي پاتي ھئي، اتي ھڪ روايتي ڪھاڻي مشھور آھي، جا صوفياءِ ڪرام مان ڪنھن ھڪ سان تعلق رکندڙ آھي، جنھن پنھنجي ڳوڙھي نيري رنگ جي لباس کي ھڪ شاعرانھ ۽ بزرگانھ مقصد ۽ معنيٰ بخشي ھئي، جنھن مان مراد اھا ھئي تھ ان رنگ باعث جذبات ۽ مذھبي آزمائش ذريعي تصوف جو ھڪ غير معمولي ۽ سيلابي وھڪرو ۽ رجحان طاري ٿيو ٿي. ھن رنگ کي بطور ھڪ نشان ھئڻ جي وڌيڪ تقويت ھن ڪري بھ رسي جو خليفي مامون پڻ ان رنگ جو نيرو وڳو بحيثيت ماتمي لباس جي پھريو ھو، جڏھن سندس وليعھد امام علي رضا کي قتل ڪيو ويو ھو، انھيءَ ڪري جو ھن رنگ کي ’بي انت‘ جي مشاھدي جي علامت سمجھيو ٿي ويو.

دراصل ھن نيري رنگ جي ايجاد ايران ۾ ساساني دور حڪومت ۾ ڪئي وئي ھئي ۽ انھيءَ سلسلي ۾ ھي نھايت دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو تھ برصغير ھند وپاڪستان جي مختلف اراضين تي جيڪي ثقافتي تاثرات ٿيا آھن، انھن جي تحقيق ڪئي وڃي؛ خاص طور موجوده حالت ۾ جو سنڌ تي ھن مخصوص رنگ جو گھرو اثر ٿيو آھي. ساساني دورِ حڪومت ۾ آسمان کي وڏي اھميت ڏني ويئي ۽ ان متعلق ڪافي انداز ۾ ڪي علامتي نشان مقرر ڪيا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ شاھي گھراڻي کي نظام شمسيءَ سان ويجھي لاڳاپي ۾ تصور ڪيو ٿي ويو. ساڳئي وقت شاھي خاندان جي رعب ۽ طاقت جو سرچشمو بھ آسمان کي سمجھيو ٿي ويو. (آسماني طبقن کي درٻاري عھدن سان نسبت ڏني ٿي وئي) ھي خاص قسم جو نير نيم قيمتي پٿر فيروزي مان ورتو ٿي ويو، جنھن جو رنگ رات واري آسمان وانگر ھو، جيڪو چنڊ جو آڪاس آھي. شاھي تخت يا شاھي زيورن جي سينگارڻ ۾ ھن پٿر کي مختلف روپن ۾ آسماني علامتن جيان استعمال ڪيو ويندو آھي. خسرو دوئم جي شاھي تخت، تخت طائوس جي ساخت ۾ ٻن قسمن جو نير ڪتب آندو ويو آھي. فيروزي جي مٿئين تھھ وارن ڇلڪن کي حڪومت جي وڏن امرائن وارن عھدن جو مفھوم بخشيو ويندو آھي. فلس ائڪرمين جي خيال مطابق فيروزو ڏينھن واري آسمان جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪو سج جو آڪاس آھي. تخت جي ٻي سطح نيلم سان سجائي ويندي ھئي. ساساني نيلم کي بيمارين روڪڻ جي خوبي وارو پٿر سمجھندا ھئا. ان زماني جا جيڪي بھ اھڃاڻ حاصل ٿي سگھيا آھن، تن مان صاف ظاھر آھي تھ فيروزو ۽ نيلم ھار سينگار ۽ سجاوٽ جي سلسلي ۾ استعمال ڪيا ويندا ھئا. ممڪن آھي تھ اھو قدرتي ۽ خاص نوعيت جو نير جيڪو نيلم مان تيار ڪيو ٿي ويو، شايد ساڳئي وقت ساساني دور جي ايرانين طرفان ايجاد ڪيو ويو ھجي. ھن باري ۾ جيڪو دستاويزي ثبوت ميسر آھي، ان مان ھي معلوم ٿئي ٿو تھ نيلم مان تيار ڪيل نير ڇھين ۽ اوڻيھين صديءَ واري درمياني عرصي ۾ گھڻي قدر استعمال ۾ ھو، جيستائين ڪيمياوي ترڪيب ذريعي تيار ڪيل نير وڃي سندس جاءِ والاري.

جيستائين شوخ نيري رنگ جو تعلق آھي تھ ان جي شروعاتي استعمال جو سلسلو وڃي بابل جي رھواسين سان ٿو ملي، جي ھڪ قسم جي خاص ڪپڙي ”بائسس“ يعني ڪيمخاب جي رڱڻ لاءِ ڪتب آڻيندا ھئا. ڪجھھ بھ ھجي، پر انھيءَ لاءِ خاطري آھي تھ ھنن نيلم ۽ فيروزي کي روپي (چنڊ جھڙي) ٻڪري ۽ سونھري ڏاند جي سجاوت ۾ ضرور استعمال ڪيو ھو ۽ اھي ٻئي شيون ”اُر“ جي شاھي قبي اندر رکيل ھيون.

اھڙن ذريعن مان اسان کي ھيءَ معلومات ٿئي ٿي تھ قديم زماني ۾ نير کي ديوتائن جي حيثيت، شاھي وقار، سچ، بقاءُ ۽ وفاداريءَ جي مفھوم سان وابستھ ڪيو ويندو ھو. ايران ۾ طلوع اسلام کان بعد بھ ڪافي زماني تائين نير جي حيثيت برقرار رھندي آئي. ان کان سواءِ نير کي شاھي وقار جو نشان پڻ سمجھيو ٿي ويو ۽ عام طور بھ کيس خوش بختي جي علامت ۽ بدنظر کان بچاءُ جو ذريعو ڄاتو ٿي ويو. ساڳئي وقت ان کي اسرارِ الاھي سان نسبت ڏني ٿي وئي. اسلامي فنونِ لطيف جي ايران ۾ شروعات سلجوقي دور سان ٿي. (1040-1157ع) جنھن دوران نير واري رنگ جي نمائش صنعت ۽ حرفت جي مختلف نمونن ۾ ڪئي ٿي ويئي،  جنھن ۾ شاعرانھ رجحان سان گڏ منجھس اھڙي فلسفي جي رغبت ھئڻ جو اظھار ڪيو ٿي ويو، جيڪو احساس جي مدنظر محض خيال ھو. ايران ۾ اسلامي فنون جي شروعات ٿي ۽ ترقي ڪندي آخر وڃي ھڪ بي مثال شڪل اختيار ڪيائين – جا ھر زماني لاءِ اسلامي فنون لطيف جو عظيم شاھڪار آھي. ڪنھن بھ روپ جو بيحد ۽ مسلسل جاري رھڻ، پوءِ اھو خيالي ھجي يا نيم تصوراتي، يا وري ڪي قدر تمثيلي ھجي، اھو ھڪ طرف تھ حقيقي ھستي جي دائم قائم ھئڻ ۾ انتھائي ايمان جو اظھار ڏيکاري ٿو ۽ ٻئي طرف وري عارضي زندگيءَ لاءِ بي نيازي آھي. فن جي اھڙي تجويز، جنھن کي علم جي رجحان سان مشترڪ ڪيو ويو، تنھن ۾ گلڪاري ۽ پتن جي جھڳٽن جي نفيس ۽ نادر نمونن کي رنگين ڪرڻ لاءِ ايراني نير بي مثال خوبصورتي ۽ چمڪ سان استعمال ڪيو ويو. ازانسواءِ عمارتن يا مقبرن تي نقش ونگار جھڙا جيڪي ڪتبا چٽيا ويا، يا چمڪندڙ ۽ ٻھڪندڙ نمونن جا نقش ڪڍيا ويا، تن ۾ عجيب غريب روپن کان علاوه اڀرندڙ يا (ڪڪرن مان) ظاھر ٿيندڙ سج ۽ چنڊ جي راسين جون فضا ۾ ترندڙ ڇٽيون ۽ شاميانا ھئا. ھن فن جي تخليق ايران ۾ 14 ۽ 15 صديءَ ڌاري وڃي عروج تي پھتي، جڏھن ايران جو اثر رسوخ ترڪي ۽ مرڪزي ايشيا جي ٻين حصن ۾ پھچي چڪو ھو ۽ جھڙس اسلامي دنيا ۾ ٻيو ڪو مثال ملڻ ناممڪن آھي.

ريءَ ۽ سلطان آباد ۾ جيڪي کوٽايون ڪيون ويون آھن، تن ۾ نيري ڪاشيءَ جو سامان ڪافي انداز ۾ لڌو ويو آھي. سلطان آباد ۽ ريءَ 13 ۽ 14 صديءَ ڌاري مٽيءَ جي بھترين سامان تيار ڪرڻ جا اھم مرڪز ھئا. سلطان آباد تھ خاص طور ڪاشيءَ جي انھيءَ سامان لاءِ مشھور ھو، جنھن مٿان نيري رنگ جو روغن چاڙھيو ويندو ھو. ان مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تھ نيري روغن لاءِ ڪچو مال يا مصالحو ھر وقت دستياب ھو ۽ اگھھ جي نڪتھ نظر کان سستو ھو. ازانسواءِ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ اھو تيار ڪرڻ پڻ سولو ڪم ھو، ڇاڪاڻ تھ ريءَ ۽ سلطان آباد ۾ ان جو ثبوت ملي چڪو آھي. ان کان علاوه ايران ۾ ڪو اھڙو شھر نھ رھيو آھي، جنھن مان نيري رنگ جو ڪاشيءَ جو سامان نھ لڌو ويو ھجي.

اسان وٽ اھڙو ثبوت موجود آھي تھ نيري رنگ وارو ڪاشيءَ جو سامان سلطان آباد ۾ ٺھندو ھو، ڇاڪاڻ تھ عام قسم جو ھڪ اھڙو گلدان سلطان آباد مان کوٽي ڪڍيو ويو آھي، جنھن مٿان ڳوڙھي نير جو روغن لڳل آھي.

ريءَ، سلطان آباد، ويرامن ۽ ڪاشان ۾ جيڪي چلڪندڙ ۽ روغني سامان تلاش ڪيا ويا آھن، انھن ۾ جنھن نموني نير جو بيحد ۽ مسلسل استعمال ڪيو ويو آھي، تنھن مقصد متعلق عالمن طرفان خيال آرائي ڪئي وئي آھي. ڪاشان وارين ڪاشيءَ جي سرن ۾ جيڪو نير ڪتب آندو ويو آھي، ان ۾ تکي نيري رنگ واري لھر خاص طور ڏنل آھي. ايراني ثقافت جي ماھر آرٿر پوپ جو ھي خيال آھي تھ پيلي رنگ وارو رنگين سامان، جنھن ۾ اتفاق سان ڪٿي ڪٿي شوخ  قسم جو نير ڏٺل آھي، اھو ڪنھن ترتيب ماتحت ھرگز نھ آھي. سندس خيال مطابق ائين ڄاڻي ٻجھي ڪيو ويو آھي، يا فن کي وڌيڪ موھيندڙ بنائڻ لاءِ منجھس اھڙي رمز رکي وئي آھي. سندس چوڻ آھي تھ اسلامي مشرق ۾ نيرو رنگ ھڪ مقبول عام رنگ آھي، جنھن کي سڀاڳو سمجھيو ويندو آھي. ڊاڪٽر اردمان جو پڻ اھڙو ئي رايو آھي تھ لوھي رنگ وارو نير، جيڪو جاه وجلال جي نمائندگي ڪندڙ رنگ آھي، تنھن سان پڻ اھڙا وھمي سوڻ وابستھ ڪيا ويا ھوندا، جھڙا نيلم سان ڪيا ٿي ويا ۽ لوھي رنگت واري نير جي مفھوم کي ساساني دور واري روايت مطابق چنڊ سان ۽ نيلم واري نير کي سج سان نسبت ڏني ٿي ويئي. ھابسن پڻ اھڙي ڳوڙھي نيري رنگت واري ايراني ڪاشيءَ جي سامان جا ثبوت پيش ڪيا آھن، جي راھيجز ۾ تلاش ڪيا ويا ھئا ۽ سلطان آباد ۽ ريءَ ۾ جيڪو ڪاشيءَ جو سامان لڌل آھي ۽ انھن ۾ جو نير استعمال ڪيل آھي، ان مقصد متعلق بحث ڪيو اٿس.

ھي پيالو آھي، جنھن مٿان 1209ع جي سنھ سان ڪتبو لکيل آھي. ھن پيالي جي اطراف کان نير ٿڦيل آھي، جنھن لاءِ ائين پڻ وسھي سگھجي ٿو تھ محض اتفاقي طور لڳايو ويو ھوندو. جيڪڏھن انھيءَ نموني اھڙو نشاني ڪافي ٿانون تي لڳل نھ ھجي ھا تھ ان جي سمجھاڻي ھيءَ آھي تھ ڇاڪاڻ جو نير کي خوش بختي جو رنگ سمجھيو ويندو ھو، ان ڪري ھي نيرو نشان لڳايو ويو ھو تھ جيئن پيالي جي مالڪ جو ڀاڳ کلي. ايران ۾ 13 ۽ 14 صدين ڌاري جيڪو بھ ڪاشيءَ جو سامان تيار ڪيو ٿي ويو، انھن سڀني ۾ جيڪو ايراني نيرو روغن استعمال ڪيو  ويو، تنھن مقصد ۽ مفھوم جي ثبوت لاءِ بي انداز ذريعا موجود آھن. ھي پڻ خاطريءَ سان چيو وڃي ٿو تھ نير جا داغ جيڪي گھرو استعمال ۾ ايندڙ ٿانون تي لڳل ھئا، اھي ان مقصد خاطر پاڻمرادو لڳايا ٿي ويا تھ جيئن انسان جي فن ۾ خاميءَ جو لازمي ھئڻ واضح ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تھ بي عيب ۽ مڪمل ڪماليت فقط الله پاڪ جي ذات کي حاصل ٿي سگھي ٿي. سامان جي سينگاريندڙ، نيري رنگ جا چٽا انھيءَ مراد سان ھنيا ھئا تھ جيئن سندس تيار ڪيل شين جو قدر قيمت گھٽ ٿئي.

ھاڻ اسين انھيءَ نتيجي تي پھتا آھيون تھ ايراني نير جي رنگ واري علامت اسلامي دور تائين جاري رھي. ھن مرحلي تي اسين ڏسون ٿا تھ جنگجو مغلن جا رشتيدار – تيموري – ھن رنگ جي مڪمل ترقيءَ لاءِ ذميوار ھئا ۽ ھنن پنھنجي ھر صنعت وحرفت ۾ ان رنگ کي استعمال ڪيو. ايراني ڪاريگر، مغلن جي فتوحات ۾ جيڪي قتل عام ٿيا، تن کان محفوظ رھجي ويا ۽ بعد ۾ ھنن چين سان تجارتي تعلقات ۽ دوستاني ناتي دوران پنھنجي فن کي دوباره پايھ تڪميل تي رسايو. چيو وڃي ٿو تھ تيمور ۽ بعد ۾ سلطان سليم، بصره ۽ تبريز مان جي ڪاريگر کين ھٿ چڙھي سگھيا، بطور مال غنيمت پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

ھن دور ۾ ايران جا چين سان تجارتي تعلقات، ٻنھي ملڪن جي ثقافت لاءِ نھايت مفيد ثابت ٿيا. ايراني ڪاشيءَ جي ڪم ۾ اسين ان چيني ڪماليت جو تاثر ڏسون ٿا، جو سندن چينيءَ واري سامان جي نقش نگار وارن عنصرن ۾ مضمر آھي. ايرانين جي فن جو اثر پڻ چين تي حاوي رھيو، جيتري قدر سجاوت وارن نقشن ۽ گلڪاريءَ جو تعلق آھي. ڪجھھ بھ ھجي، ليڪن ايراني نير جو اھڙن لاڳاپن ۾ ڪافي دخل رھيو. 15 صديءَ ڌاري ايراني نير چين ۾ ’مسلم نير‘ جي نالي سان مشھور ھو ۽ سرھنيري گارنر طرفان ھن نير جي چين ۾ روغني ۽ نيمي جي سامان ۾ استعمال متعلق دلچسپ ذڪر ڪيو ويو آھي. چوي ٿو تھ ”نيمي جي قديمي فن لاءِ جيڪي رنگين روغن تيار ڪيا ويندا ھئا: نيلم وارو نير جو ڪڏھن ھيڊي ڏک ڏيندو ھو، سرمائي نير جنھن جي واڱڻائي لھر نمايان ٿئي ٿي، ميرانجھڙو ڳاڙھو رنگ جو بعض اوقات چاڪليٽي رنگ جي شڪل اختيار ڪندڙ آھي. ھيڊو، سفيد ۽ ڳوڙھو سائو جو اڪثر اوقات ڪاري رنگ جيان پيو محسوس ٿئي. سرمائي نير جو لوھي ڌات مان ٺاھيو ٿي ويو“، تنھن متعلق خاص ذڪر ڪرڻ ضروري ٿيو پوي، ڇاڪاڻ تھ ان رنگ کي جا چمڪ حاصل آھي، اھا چين واري نيمي جي ڪم ۾ سترھين صديءَ کان اڳ واري دور ۾ ڪڏھن بھ ڏٺي پسي نھ ويئي ھئي. اسان کي ھيءَ ڄاڻ آھي تھ قديم چيني نير ۽ سفيد روغني مٽيءَ جو دارومدار ڌاتوءَ تي ھو، جو ايران مان گھرايو ويندو ھو، جنھن مان نيرو رنگ ٺاھيو ويندو ھو. پندرھين صديءَ جي وچ ڌاري تائين اھو سلسلو جاري رھيو. ان بعد ئي ديسي ڌاتو ڳولي ھٿ ڪيا ويا، جن جي رنگ جي لھر خاڪي قسم جي ھئي ۽ ان ڪچي مال جو استعمال شروع ڪيو ويو. ’منگ‘ گھراڻي جي دور تائين ”مسلم نير“ جي ايران کان آمدني باقاعدي ڪجھھ وقفن بعد جاري رھي، ليڪن اھو مال نھايت قيمتي ھو ۽ فقط ايترو دستياب ھو، جو شاھي استعمال جي چيني وارن ٿانون ٺاھڻ ۾ ڪتب آندو ويندو ھو.

’منگ‘ گھراڻي واري دور جي چيني، جيڪا ’منگ نير‘ ۽ ’منگ سفيد‘ جي نالي سان مشهور ھئي، تنھن کي پڻ ”مسلم نير“ سان رنگ ڏنو ويندو ھو ۽ منجھس روغني چمڪ آندي ويندي ھئي. اھڙي سامان جي زياده حصي وارو مال يا تھ فقط سجاوت جي غرض سان، يا وري تصويرن جي چٽساليءَ لاءِ تيار ڪيو ويندو ھو. جو قطعي طور تي ايراني اثر جو نتيجو ھو. روغني سامان ۾ جيڪي نيريون جھلڪيون نمايان طور تي موجود ھيون، اھي انتھائي شوخ ۽ چمڪندڙ انھيءَ رنگ باعث ھيون، جيڪو نير ايران کان گھرايو ويندو ھو.

16 صديءَ ڌاري ايراني ڪاريگر دنيا اندر بھترين ماھر قرار ڏنا ويا ٿي، ڇاڪاڻ تھ جيستائين رنگن، نقش نگار ۽ مٽيءَ سان مناسبت رکندڙ رنگ روپ جي سڃاڻ ۽ پرک جو تعلق ھو تھ سندن ڪو مٽ ڪونھ ھو. صفوي گھراڻي جي حڪمرانن، جن جو فن سان اُنس ھو، تن جي زير سرپرستي ڪاريگرن، چيني طريقن مان گھڻو فائدو حاصل ڪيو ۽ سندن اثر رسوخ جاري رھيو. حالانڪ سندن نقش نگار چيني نوعيت جا گھٽ ۽ ايراني قسم جا زياده ٿيندا رھيا. شاه عباس اعظم (1581-1629ع) جي دور حڪومت ۾ ايراني فن عروج تي وڃي رھيو. ھن چين جي ڪيترن تاجرن ۽ ڪاريگرن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو ۽ سندن ھمٿ افزائي ڪئي. چين جي ماھرن وري بدلي ۾ ايراني نقش ۽ چٽساليءَ جا نمونا سکيا ۽ انھيءَ ۾ ڪابھ تعجب جي ڳالھھ نھ آھي جو ھن زماني جي چينائي چيني جيڪا ”ڪنگ لي چين“ ۾ رکيل آھي، تنھن جي سجاوت ايراني نير سان ڪئي ويئي آھي ۽ سندس ساخت پڻ ايراني نوعيت جي آھي. جيتوڻيڪ ايراني ڪاشيءَ جي بھترين دور جو تعلق سلجوق ۽ تيموري ايام حڪومت سان آھي (11 کان 14 صدي) تڏھن بھ سندس عظيم ترقي 15 کان 17 صديءَ ڌاري ٿي.

11 صديءَ کان پوءِ لڳاتار ”ايراني مسلم فن“ جي اثر جا اھڃاڻ اسين ھند وپاڪ جي برصغير ۾ ڏسي سگھون ٿا. ھتي اسين ايران جي فني تاثر جو ذڪر ڪنداسين، جو صوبي سنڌ ۾ نمودار ٿيو. ايراني عمارت سازيءَ جي نوعيت واري فن ۽ ايراني نير سان سينگاريل ۽ سجايل نيريون ۽ سفيد روغني ڪاشيءَ جي سرون، جو سڀ کان قديم ثبوت اسان کي حضرت بھاءُ الحق جي قبر ۾ ملي ٿو، جو ملتان ۾ آھي (ان زماني ۾ ملتان سنڌ جو حصو تصور ڪيو ويندو ھو ۽ نھ پنجاب جو، جيئن ھاڻ آھي). 1882ع تائين پڻ ھن قبي ۾ اھڙيون روغني ڪاشيءَ جون سرون موجود ھيون، جن جو ڪننگھام لکيت ۾ ذڪر ڪيو آھي تھ انھيءَ ڪاشي جي سرن جا ”ڪجھھ حسين نقش ڪاشيءَ جي روغني سرن ۾ محفوظ ٿيل آھن.“ حالانڪ سر جان مارشل ھن خيال جو آھي تھ اھو قبو سترھين صديءَ ڌاري ٻيھر تعمير ڪرايو ويو ھو ۽ ان ۾ جي ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آيل آھن، سي انھيءَ پوئين زماني جون آھن. حضرت رڪن الدين، جيڪو حضرت بھاءُ الحق جو ڏھٽو ھو (1320ع)، تنھن جو قبو پڻ قطعي طور تي چئي سگھجي ٿو تھ ايراني نوعيت جو آھي. ”ھيءَ ھڪ سٺي نموني ترتيب ڏنل اَٺ ڪنڊي گنبذ واري، سرن جي ٺھيل عمارت آھي ۽ سندس سڀ ٻاھران حصا حسين انداز ۾ ڪاشيءَ واري سرن جي محرابن ۾ چٽيل لڙھين ۽ ڪنگرن سان سينگاريل آھن. انھن سرن ۽ محرابن ۾ جي رنگ روپ ڀريا ويا آھن، سي ايراني نيري، آسماني نيري ۽ سفيد رنگ ۾ آھن، جي ڳوڙھي ڳاڙھي حسين گھڙيل ۽ پالش ڪيل سرن جي پس منظر ۾ آھن. نقش جا نمونا اڌ انچ کان ويندي ٻن انچن تائين سرن جي ليول کان مٿي بيھاريل آھن.“ نقش جي ترتيب ۽ رنگن جو استعمال اھڙي نموني ڪيو ويو آھي، جو مختلف رنگن جي خوبصورتيءَ ڪري اُڀريل نقش جي روشني ۽ ڇانوَ ٻنھي جو پورو ميلاپ ٿئي ٿو، جيڪا طرز ۽ طريقو اسلامي ايراني فن جي بنيادي فلسفي واري عنصر جي موافقت ۾ آھي.

انھن سرن جي تعمير ملتان جي بٺن ۾ ٿيل ٿي ڏسجي. ٺٽي ۾ مڪليءَ جي ٽڪرين ۾ جيڪو قبرستان آھي، ان ۾ دبگر مسجد ۽ مرزا جاني بيگ واري مسجد ۾ جي ايراني نيري ۽ سفيد رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آيل آھن (1509ع)، انھن ۾ ٻھ مکيھ رنگ نمايان آھن: ھڪ ڳوڙھو ايراني نيرو ۽ ٻيو ڦڪو نيلمي نيرو، جو سفيد پس منظر جي ھم مقابل آھي. انھن ڏينھن ۾ ڪاشيءَ جي سرن جا بلڙي شاه ڪريم، نصرپور (جيڪو حيدرآباد جي اتر اوڀر ۾ ارڙھن ميلن تي واقع آھي)، ھالا (جيڪو حيدرآباد جي اتر ۾ 36 ميل مفاصلي تي آھي) ۽ سيوھڻ ۾ ھئا، (جو حيدرآباد کان ھڪ سؤ ميل پنڌ تي آھي). انھن جي خاصيت ۽ خوبصورتي غير معمولي قسم جي آھي. جيڪي ٽڪرا بچيل آھن، اھي ھيترين صدين گذرڻ جي باوجود اڄ بھ جيڪڏھن کين کڙڪائبو تھ لوه وانگر وڄندا.

جيتري قدر آثار قديمھ جي ثبوت جو تعلق آھي تھ سنڌي ڪنڀر، سنڌو ماٿري واري تھذيب دوران پڻ وجود ۾ ھئا. ليڪن سندن ڪاشيءَ جي سامان ٺاھڻ ۾ ڪاريگري، عربن جي فتح ۽ طلوع اسلام بعد سنڌ ۾ شروعات ٿي. ڀنڀور ۾ کوٽائي ذريعي جيڪو ڪاشيءَ جو سامان مليو آھي، اُھو ٻاھران گھرايو ويندو ھو. جيڪي ٽڪرا لڌا ويا آھن، سي چين ۽ عرب جي ڪاشي وارن نمونن سان موافقت ۾ آھن. سھتا، جي سما قوم جي ھڪ شاخ آھن ۽ سنڌ جي ڪنڀارڪي ڪم جا ماھر ھئا، سي اصلي ھن ھنڌ جا رھاڪو ھئا. ھنن اھڙي ڪاشيءَ ۾ ڪاريگريءَ جو فن عرب ۽ چينين کان سکيو. بعد ۾ ھنن بلڙي شاه ڪريم، ھالا، نصرپور ۽ سيوھڻ ڏانھن ھجرت ڪئي، جتي ھنن پنھنجي فن ۾ ترقي ڪئي. سندن چوڻ آھي تھ سنڌ ۾ ڪاشيءَ واري ڪم لاءِ جي اصلي رنگ واپرايا ويندا ھئا، اھي ھي ھئا: شوخ سائو، ھيڊو، ناسي ۽ ڀورو، ليڪن 15 صديءَ جي آخر ۽ 16 صديءَ جي شروعات ڌاري، جڏھن سنڌ ۾ ايراني ڪاشيءَ واري ڪم جو تاثر پھچڻ شروع ٿيو تھ سنڌي ڪنڀر بھ پنھنجي ڪم جي نوعيت ۾ سفيد زمين وارن ٿانون ٿپن ۾ ايراني نير استعمال ڪرڻ لڳا (ھالا ۾ اڄ ڪلھھ بھ ڪنڀرن کي نيري ۽ اڇي روغن ڪتب آڻڻ جي خاص مھارت حاصل آھي، باقي سيوھڻ ۾ جي رنگ ڪتب آندا وڃن ٿا، اھي شوخ سائو، ھيڊو ۽ ڀورو رنگ آھن).

سنڌي ڪاريگر پنھنجن ٺڪرن تي روغن لڳل ھر سامان لاءِ ”ڪاشيءَ“ جو نالو استعمال ڪندا رھيا، جيڪو لفظ ’ڪاشان‘ سان واسطو رکندڙ آھي. 15 صديءَ ۽ ان بعد واري زماني کان وٺي سنڌ ۾ قبن ۽ مسجدن جي اڏاوت ۾ ڪاشيءَ جي ڪاريگرن جا شاھڪار ھر ھنڌ ۽ ھر جڳھھ موجود آھن. سنڌ جي ڪاشيگرن، سرن ۾ ايراني طرز کي برقرار رکيو، جي ڪاشيءَ جون سرون مسجدن ۽ مقبرن جي خوبصورتي ۽ سينگار لاءِ ڪم آنديون ويون ۽ سندن نقش جا نمونا جاميٽريءَ جي خاڪن، لڙھيءَ جو ڪم ۽ گلن ٻوٽن جي شڪلين تائين محدود رکيا ويا. اھي نمونا جي ايراني نير، آسماني نير ۽ ڦڪي نيلمي نير ۾ روغندار ۽ چمڪدار ڪيا ٿي ويا، سي فقط انھن ڪاشيءَ جي سرن تي چٽيا ٿي ويا، جي ھم چورس شڪلن جون ھيون. ٺٽي جي جامع مسجد، جيڪا شھنشاه شاھجھان طرفان 44-1647ع ڌاري تعمير ڪرائي ويئي ھئي، اھا سنڌي ڪاشيگرن جي فن جو بھترين شاھڪار آھي. ان ۾ جو نيرو رنگ استعمال ڪيو ويو آھي، اھو ايراني نير جو مڪمل طور نعم البدل آھي. ان بعد جي تعمير ٿيل ٻي مسجد، جا دادو ضلعي ۾ واقع آھي ۽ ڪلھوڙا دور (1710ع) ۾ تعمير ٿيل آھي. سنڌ اندر ايراني نير جي ڪاشي وارين سرن جا بھترين نمونا موجود ھئا، جي سنڌي ڪاشيگرن جي فن جو ڪمال ڏيکارين ٿا، جن ھن مسجد کي سينگاريو. اھي نمونا تاثر جي نڪتھ نظر سان مڪمل طور ايراني آھن. خصوصًا سوسن گل جي ڏانڊيءَ وارا نقش، يا گلاب جي شاخ ۽ پنن ۽ گلن سميت. بدنصيبي ھيءَ آھي جو اڄ فقط ڪي چند سرون مسجد جي بالائي حصي وارن محرابن تي سلامت آھن. ڪلھوڙن حڪمرانن جا جملي قبا، سواءِ ميان يار محمد ۽ سندس والد ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي، حيدرآباد ۾ واقع آھن، سي ۽ انھن قسمن جي سرن سان تعمير ٿيل آھن. ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جو مقبرو، اڇي ۽ نيري ڪاشيءَ جي سرن جي بھترين مثالي نموني ۾ تعمير ٿيل آھي.

ٽالپرن (1783-1843ع) جي مقبرن ۾، جي حيدرآباد ۾ آھن، اڳين فن جي نمونن ۽ نوعيت کي جاري رکيو ويو آھي. البت جيڪو نيرو رنگ ڪتب آيل آھي، سو ڪجھھ وڌيڪ ڀوري رنگت ڏانھن مائل آھي، جنھن ۾ واڱڻائي لھر آيل آھي ۽ ان ۾ ڪجھھ وڌيڪ رنگ ڪم آندل آھن. جيئن تھ سائو، ناسي ۽ ھيڊو. ايراني نير جي رنگ ۾ جيڪا ڦير گھير آندي ويئي، اھا مئنگنيز جي استعمال باعث ھئي، جو رنگ ٺاھڻ لاءِ ملايو ٿي ويو. ٿي سگھي ٿو تھ ڪاشيگرن جيڪو ڪوبالٽ ايران کان گھرايو ٿي، ان جو ملڻ ڏکيو ھئڻ ڪري يا وري مال جي مھانگي ھئڻ سبب مئنگنيز ڪتب ٿي آندو ۽ انھيءَ ڪري ايراني نير جي چمڪ ۾ ڪي قدر ڪمي اچڻ ھڪ لازمي امر ھو. ايراني ڪوبالٽ ڌاتوءَ جي خالص ھئڻ جي خاصيت ۽ خوبيءَ، ايراني نير ۾ شادابي ۽ رنگ جي زرخيزي پيدا ٿي ڪري ھن ڳالھھ جو ثبوت مھيا ٿي نھ سگھيو آھي تھ سنڌي ڪاشيگرن ڪڏھن بھ پٿرن کي پيھڻ ۽ ڪٽڻ سان نيرو رنگ حاصل ٿي ڪيو. حالانڪ پٿر، جو بنيادي طور بدخشان جي ذريعن کان ميسر ٿيو ٿي، اھو ڪوٽ ڏيجي جي کوٽائيءَ دوران تلاش ڪيو ويو آھي. سنڌ جا جيڪي اڳواڻ ڪاشيگر ھئا، تن ايراني نموني جي ڪاشيءَ جون سرون ٿي ٺاھيون تھ انھن روپ بجاءِ رنگ طرف زياده ڌيان ٿي ڏنو. جامع مسجد ٺٽو، جامع مسجد خدا آباد ۽ ٽالپرن جا حيدرآباد وارا مقبرا، تن جي گلڪاري، نقش ۽ چٽسالي ۾ جيڪا ايراني نير جي چمڪ ۽ روغني ٻھڪ آھي، جيڪا گلن جي ٻوٽن ۽ لڙھيءَ جي نفيس اڪر ۽ سوسن جي ٻوٽن ۾ رنگ ڀرڻ باعث آئي آھي، اھي حسين نمونا مختلف رنگن جي اھڙي جھرمر لائي ٿا ڇڏين، جن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.

مسجدن ۽ مقبرن جھڙين متبرڪ ۽ پاڪيزه عمارتن لاءِ نيري رنگ جو استعمال، ايران جي نيري رنگت جي عقيدي ۽ اثر باعث آھي. ايران ۾ پراڻي زماني کان وٺي جو نيري رنگ کي عزت بخشي ٿي ويئي ۽ جيڪو سلسلو اسلام جي دنيا ۾ اچڻ بعد بھ جاري رکيو ويو، تنھن جو اثر سنڌ تي بھ پيو. پراڻن وقتن ۾ سنڌي ڪاشيءَ جون سرون فقط مسجدن ۽ مقبرن ۾ خاص طور استعمال ڪيون ٿي ويون، ليڪن سندن گھرن جي تعمير ۾ ھرگز نھ. گھرو استعمال لاءِ نيري ۽ سفيد ڪاشيءَ جي سامان جي شروعات، ٽالپرن جي آخري زماني ۾ ٿي، ليڪن ان کان اڳ بلڪل نھ. سنڌي ماڻھن، انھن بزرگن ۽ درويشن جي نيري لباس جو خاص طور اثر ورتو، جيڪي درويش ايران کان 15 ۽ 16 صديءَ ڌاري ھتي آيا. اھو خاطريءَ سان چئي ٿو سگھجي تھ نيري رنگ جو اسلام سان تعلق ھو، ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ نيري رنگ جو ڪپڙن ۾ استعمال طلوع اسلام کان پوءِ جي وقتن ۾ شروع ڪيو ويو.

ان کان علاوه گذريل صديءَ دوران پڻ ھن ڳالھھ جو ذھن ۾ خيال رکڻ ضروري آھي تھ نيري رنگ جا ڪپڙا فقط مسلمان ئي پھريندا ھئا. محرم ۾ سيوھڻ اندر ھيءَ رسم آھي تھ حضرت امام حسين رضھ جي شھادت جي ماتم ۽ سوڳ لاءِ نيرا ڪپڙا پاتا ويندا آھن. ڪپڙن کي نيرو رنگ ڏيندڙ کي نيروليءَ جو نالو ڏنو ويو، جو فقط نير ۾ ڪپڙا رڱيندو ھو ۽ نيرولي يا نيروٽي مسلم سماج جو ھڪ اھم حصو ھو. سنڌ ۾ ڪپڙي جو نيرو رنگ واڱڻائي لھر وارو ھو، ڇاڪاڻ تھ اھو رنگ نير مان ٺاھيو ٿي ويو، جو خيرپور ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ ڪافي انداز ۾ اپايو ٿي ويو. نيرولي يا نيروٽي اڃا سوڌو سنڌ جي ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاروبار ھلائيندا ٿا رھن، حالانڪ موجوده جديد سماجي طرز عمل جي ڪري، نيري رنگ کي اڳ جيڪا اسرار الاھي ۽ غيبي طاقت سان نسبت ڏني ٿي ويئي، سا ھاڻ ڪي قدر گھٽجي چڪي آھي. ليڪن جيستائين نيلم جي پٿر جي سڀاڳ وارين خاص خوبين جو تعلق آھي تھ دنياءِ اسلام جي سڀني ملڪن ۾ اڃان سوڌو اھڙو يقين رکيو وڃي ٿو.

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)       اسلامڪ آرٽ. ڊيوڊ ٽلباٽ رائيس.

(2)      ھئنڊبڪ آف محمدن آرٽ. ايم.ايس.ڊيماڊ، پي.ايڇ.ڊي.

(3)      اسلامڪ آرٽ ائنڊ آڪيٽيڪچر. ارنيسٽ ڪھنل.

(4)      ھسٽري آف فائين آرٽ ان انڊيا ۽ سيلون. ونسينٽ.اي.سمٿ.

(5)       ٽرڪس سيرامڪ. نھين اوز

(6)      آئوٽ لائينس آف اسلامڪ ڪلچر. اي.ايم.اي ششستري.

(7)      ھسٽري آف عربس. فلپ.ڪي.ھٽي.

(8)      دي ٽريڊيشنل آرٽ ۽ ڪرافٽس آف حيدرآباد. اين.اي.بلوچ.

(9)      ريجن آرٽيزنس ائٽ ورڪ – ايگزيبٽس 1965ع. مريم حسن حبيب. رارخنگار عزيز.

(10)  اسلام پاٽري. سر ايلڊرڊ ھچڪاڪ

(11)   سنڌ بفور مسلم ڪانڪئيسٽ جلد20. ايڇ.ٽي.لئمبرڪ

(12)  دي انڊس ويلي سوليزيشن. ايم.رفيق.مغل، پي.ايڇ.ڊي.

(13)  دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري. ميجر جنرل ايم.آر.ھيگ، ايم.آر.اي.ايس

(14)  گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ. اي.آر ايٽڪنس.

(15)   شاه عبداللطيف آف ڀٽ. ايڇ.ٽي.سورلي

(16)  پرسنل آبزرويشنس آن سنڌ. ٽي.پوسٽنس

(17)  پاٽري ڪرافٽ. ڊورين بروڪشا

(18)  ڊڪشنري آف آرٽ. مئڪگرا ھل

(19)  سروي آف پرشن آرٽ جلد1 ۽ 2. آڪسفورڊ

(20) دي آرٽ آف انڊين ايشيا. ھينرچ زمنز – جوزف ڪئمبل

(21)  آرڪيٽيڪچر آف سنڌ. جيراز ڀائي

(22) سيرامڪ آرٽ ان اسلامڪ ٽائمس. آرڀر اپاھم پوپ

(23) آرٽ ائنڊ ليٽرس جلد4، 1930ع. اين.جي.وي.ايس.ولڪنسنس جي ليڪچر جي رپورٽ.

(24) انڊو ايرنيڪا (ارلي انڊو اسلامڪ آرٽ ۽ اٽس رليشن ٽو دي آرٽ آف سلجوق آف ايران). پرسي ڊائون

(ترجمو: علي احمد بروھي)


 

 

واشنگٽن ۾ سنڌ جو اڀياس

يوجين – آءِ – ڪليز

 

علم الانسان جو ھڪڙو عقيدو ھي بھ آھي تھ ڪنھن غير ملڪي تربيت يافتھ مشاھده نگار طرفان، اگر ڪنھن ملڪ جي ماڻھن يا سندن زندگيءَ جي طريقھ ڪار جو معائنو ڪيو ويندو تھ ھو کين عجيب وغريب نڪتھ نگاهه سان پرکيندو ۽ سندن قدرداني ڪرڻ ۽ کين سمجھڻ لاءِ ھڪ علحده ڪسوٽي قائم ڪندو. انھيءَ خيال جي حمايت انھن جماعتن طرفان ڪئي وڃي ٿي، جي ’سمٿ سونين اداري‘ طرفان گذشتھ چند سالن دوران، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن طرف ھن مھم جي سلسلي ۾ روانيون ڪيون ويون آھن تھ ھو اتي جي انھن روايتي ھنرن ۽ فن جو وڃي مطالعو ڪن، جي موجوده وقتن ۾ ختم ٿي رھيا آھن.

ان ڏس ۾ سمٿ سونين طرفان جيڪو تحقيق جو ڪم ھٿ ۾ کنيو ويو آھي، ان جي اشاعتي سلسلي ۾ سمٿ سونين ڇاپخاني طرفان ھڪ مسوده پڻ پسند ڪيو ويو آھي. ان مضمون جو عنوان آھي ”پاڪستان ۾ ٺڪر جي فن جا روايتي نمونا ۽ انھن متعلق عام اراضين ۽ تجربيگاه ۾ ڪيل مطالعو.“ انھيءَ مسوده جا مصنف آھن مسٽر اوون، ايس. راعي ۽ مسٽر ڪلفورڊ ايوانس. ڊاڪٽر راعي آسٽريليا جو باشندو ۽ ڪنڀارڪي فن جو ماھر آھي ۽ ڊاڪٽر ايوانس سمٿ سونين اداري ۾ علم الانسان جو سائنسدان آھي. مسودو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيل آھي. پھرئين حصي ۾ پاڪستان (سنڌ سميت) اندر جن اراضين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آھي، ان جو ذڪر ٿيل آھي، جنھن ۾ تيرنھن اراضيون اھڙيون شامل آھن، جن ۾ ٺڪر جو عام سامان ٺھي ٿو ۽ چار اھڙا مکيھ مرڪز آھن، جن جو تعلق ڪاشيءَ جي سامان سان آھي. ھر ھڪ اراضي ۽ مرڪز جي وضاحت ڪيل آھي ۽ ان سان گڏ ڪنڀرڪي ھنر متعلق ھيٺ ڄاڻايل شين جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيل آھي، جيئن تھ ڪارخانو، اوزار ۽ وسيلا، ڪچو مال ۽ سندس ترتيب، سامان جي بناوت ۽ ترڪيب؛ سينگارڻ جا طريقا، جن ۾ روغن، چمڪ، بَٺِي ۽ ٻارڻ جي ترڪيب ۽ سامان جا مختلف نمونا پڻ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ ٺڪراٽي مال جي ساخت جا تفصيلي طريقا، مٽيءَ جي مختلف قسمن ۽ کين پختي ڪرڻ واري سامان جي ڪاريگريءَ جو مطالعو، جزن جي پيمائش، غير اثر پذير طاقتور بنائيندڙ جوھرن جي ورڇ ۽ پڪل روغني تھن جي حصي رسي وغيره اچي وڃن ٿا. انھيءَ ڪري ھي تحقيقاتي مقالو ھڪ تھ اھڙن ٺيڪراٽي ھنرن جي مطالعي لاءِ ضروري اعداد وشمار مھيا ڪري ٿو، جي فن ھاڻ تيزيءَ سان غائب ٿيندا رھن ٿا ۽ ٻيو ھي تھ پاڪستان ۽ ٻين متعلق اراضين جي آثار قديمھ جي ابتدائي ۽ نسلي پروڙ لاءِ اميد افزا مواد موجود ڪري ٿو.

ھن مطالعي ۾ ھالا جي انھن اٺن (8) ڪارخانن جي 1962ع کان 1971ع تائين ڪارڪردگي جو مشاھدو پڻ شامل آھي، جن ڪارخانن ۾ ڪاشيءَ جو سامان ٺھندڙ آھي. دراصل ھالن جي ڪارخانن ۾ زياده تر ڪاشيءَ جون سرون ٺاھيون وڃن ٿيون، پر ڪجھھ محدود انداز ۾ مختلف قسم جي ڪاشيءَ جو سامان پڻ ٺاھيو وڃي ٿو.

ھن مسودي ۾ اھڙن نمونن جي يادداشت پڻ ڏنل آھي، جي سامان جي بناوت ۽ ڪنڀرڪي ھنر سان تعلق رکندڙ آھن. اھي اسم، ڪنھن دلچسپي رکندڙ طالب العلم جي معائني لاءِ، سمٿ سونين اداري جي ڪٺي ڪيل بشرياتي مواد ۾ باترتيب رکيل آھن، يعني خاص طور عالم الانسان واري شعبي ۽ طبعي تاريخ جي نيشنل ميوزم ۾ محفوظ رکيل آھن. ھڪ ترجمو جو ڪنھن ڪراڙي ڪنڀر جي ڪتاب جو ڪيل آھي، جو دراصل ڪتاب جو حصو آھي ۽ اتي رکيل آھي، جنھن جو عنوان پڻ عجيب وغريب آھي ۽ اھو آھي ”ڪنڀرن، ڊکڻن، لوھرن، کٽين ۽ حجامن جو پيشھ ورانھ ڪتاب.“

1947ع ۾ ڊونالڊ.ايم.گاڊين طرفان ڪارخانن وارن ھنرن جي شعبي ۾ ايم.سي.ڊگريءَ لاءِ آسٽريليا جي نيو سائوٿ وياس يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ مقالو پيش ڪيو ويو. ھي مقالو اراضين ۾ عملي طور ڪم ڪرڻ جي بنياد تي لکيو ويو ھو ۽ سندس موضوع ھو ”پاڪستان ۾ چونڊ روايتي ھنر ۽ فن ۽ سندن ڪاريگري جي ترڪيبن جي جاچ پڙتال.“ جيڪي پاڪستاني ھنر پيش ڪيا ويا آھن، انھن ۾ سنڌي ھنر ۽ سندن تمدني اعداد وشمار پڻ شامل آھن. حالانڪ سمٿ سونين اداري طرفان جيڪا رٿا تيار ڪئي وئي ھئي، تنھن ۾ ڪاريگريءَ جا ڪافي شعبا شامل ھئا، جيئن تھ ڌات سازي، ڪاٺ جو ڪم، ٻيڙين جي تعمير، ڪنڀارڪو ڪم، بافتھ سازي چمڙي جو ڪم ۽ زرعي ۽ خوراڪ تيار ڪرڻ جون ترڪيبون وغيره. ليڪن ھن مقابلي کي پنجن ھنرن تائين محدود رکيو ويو، جي آھن بِدري جو ڪم (جنھن ۾ ڌاتن جي اندر چاندي ڀري ويندي آھي)، ٻيڙيون ٺاھڻ، بندوق سازي، لاک جو تھھ ڏيڻ ۽ ڪپڙي جي اُڻاوت. مقالي ۾ انھن جغرافيائي، تاريخي ۽ موجوده حالتن جو ذڪر پڻ ڪيل آھي، جن ماتحت اھي ھنر عمل ۾ آندا وڃن ٿا ۽ سندن ڪاريگري جون ترڪيبون ۽ ڪتابي ذريعا پڻ واضح ڪيا ويا آھن. پاڪستان جي سربستي جائزي وٺندي، اراضين ۾ جيڪو عملي طور ڪم ڪيو ويو، اھو چئن موسمن دوران مڪمل ڪيو ويو ۽ ھر موسم قريبًا يارھن ھفتن تي مشتمل ھئي، سواءِ آخري مدت جي. ٻين لفظن ۾ ھي تھ 68-1967ع، 69-1968ع ۽ 70-1969ع ۾ يارھن ماه ۽ 71-1970ع ۾ 29 مھينا ڪم ڪيو ويو. اٽڪل روءِ ٻائيتاليھن (42) شھري ۽ ڳوٺاڻن ھنري مرڪزن ۾ ٻھ سؤ ڇويھن (226) ڪارخانن جو جائزو ورتو ويو. صرف انھن روايتي ھنرن تي ڌيان ڏنو ويو، جن لاءِ چيو ٿي ويو تھ اھي ھنر رواج مان خارج ٿيڻ تي آھن ۽ جي ڪنھن خاص اراضيءَ تائين محدود آھن ۽ ڪنھن موسم ۾ يا ڪنھن خاص وقت تي عمل ۾ آندا وڃن ٿا. جيئن تھ لابارو وجھڻ يا وري کوھن جو ويھارڻ. ڪن حالتن ۾ تھ اھو انتخاب خود مختارانھ طريقي تي ڪيو ويو، جڏھن ھي محسوس ڪيو ويو تھ جو ڪجھھ مھيا ٿي سگھيو ٿي، اھو انھن ڪسوٽين تي پورو نھ ٿي بيٺو. ڪن خاص ھنرن جي ڪاريگري جي تاريخ تي وري ويچار ڪرڻ جي سلسلي ۾ اشتقاقي سڳ لھڻ لاءِ ڪاريگرن سان سندن مادري زبان ۽ اردوءَ ۾ گفتگو ڪئي ويئي. ان مسئلي سبب ست ٻوليون جدا جدا وقتن تي استعمال ۾ رھيون. چئني موسمن واري دوري لاءِ ھڪ موزون گشتي جماعت جي ميمبرن جو تعداد ٽن تائين ھئڻ مناسب سمجھيو ويو. ھڪ ميمبر جيڪو جماعت جو اڳواڻ ھجي ۽ ڪاريگرن سان ملاقات ڪري، ٻيو فوٽوگرافر ۽ ٽيون ترجمان ۽ رابطي قائم ڪندڙ جا فرائض پڻ سرانجام ڏئي. مٿي جن ٻن مسودن جو بحث ڪري چڪا آھيون، انھن کان علاوه حرفت جي نسلي جائزي ذريعي ڪافي نئون مواد حاصل ٿيو، جو سنڌي تمدن جي ڪيترن شاگردن لاءِ سڌيءَ طور خواه موضوع سان متعلق اعداد وشمار جي سلسلي ۾ دلچسپيءَ جو باعث ٿي سگھندو. اھڙي ھڪ رپورٽ جيڪا نومبر 1969ع کان فيبروري 1970ع واري مدت سان تعلق رکي ٿي، اھا سنڌ، پنجاب ۽ صوبي سرحد ۾ ھنرن جي جاچ پڙتال جي باري ۾ آھي. مذڪوره رپورٽ ۾ انھن پاڪستانين جي امداد جو شڪرانو بجا آندو ويو آھي، جي ھن مھم ۾ دلچسپي رکندڙ ھئا. خاص طور مسٽر اسلم ملڪ، جيڪو آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ۾ پاڪستان طرفان ھاءِ ڪمشنر آھي ۽ ٻيو پاڪستان سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جو نمائندو. پروگرام جي ترتيب ۽ ترجمي لاءِ سھولتون ميسر ڪرڻ، مقامي عملدارن سان رابطو رکڻ وغيره جي سلسلي ۾ مرڪزي سرڪار طرفان دستوري منظوري ۽ امداد حاصل ڪئي وئي. ان منصوبي جا اغراض ۽ مقاصد ھن طرح ھئا:

(1)       چونڊ ھنرن، سندن تخليقي ترڪيبن، گھربل اوزارن ۽ سامان ۽ مڪمل ٿيل چيزن جا ھر نڪتھ نگاه کان فوٽو ڪڍڻ ۽ خاڪن سميت سمورو رڪارڊ قلمبند ڪرڻ.

(2)      سمٿ سونين اداري جي تحقيقاتي شعبي ۽ حاصل ڪيل مواد جي نمائش لاءِ ڪتب ايندڙ اوزار، ڪچو مال ۽ ڪاريگريءَ جي نمونن سان گڏ مناسب دستاويزي ثبوت جي حاصلات.

(3)      ڪاريگرن سان ملاقات دوران ھنر متعلق سندن طرفان پنھنجا جيڪي ترڪيبي ۽ ترتيبي حوالا ڏنا وڃن، سي تشريحن سميت قلمبند ڪيا وڃن.

ساڳيءَ 70-1969ع واري مھم دوران جملي ٽيھن (30) ھنرن جي جاچ ڪئي ويئي. اھي ھنر ڌاتن، ڪاٺ، ڪنڀارڪي فن، زراعت ۽ غذائي پيداوار، چمڙي ۽ ڪپڙي ٺاھڻ سان تعلق رکندڙ ھئا. اھڙين ڪاررواين جي فوٽن ڪڍڻ جي سلسلي ۾ ڪيترا سَوَ اڇا ۽ ڪارا فوٽو ۽ رنگين سلائيڊ ڪٺا ڪيا ويا.

سمٿ سونين جي اسٽاف ميمبرن طرفان سنڌي ھنرن ۽ فن ۾ جنھن دلچسپيءَ جو اظھار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو انھن چئن مھمن کان سواءِ آھي، جن جو ذڪر اڳ ۾ آيل آھي، تنھن جو سلسلو 1961ع کان جاري آھي، جڏھن ھن مضمون جي لکندڙ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مسز ايٿل جينس بنٽنگ ۽ مرحوم جسٽس فيروزنانا جي ڪوشش سان سنڌي لوڪ سامان جمع ڪري، سمٿ سونين جي طبعي تاريخ واري نيشنل ميوزم جي مکيھ طبقي تي ھڪ سنڌي گھر جي دائمي نمائش قائم ڪئي ھئي. ھيءَ نمائش اڃا سوڌو وجود ۾ آھي ۽ لکين ماڻھن طرفان ڏٺي ويئي آھي. جيڪي ھر سال واشنگٽن ۾ مال روڊ وارين سمٿ سونين عمارتن ڏسڻ لاءِ ايندا رھندا آھن.

حالانڪ سمٿ سونين اداري جي بشرياتي نمائش وارين ڪن چيزن طرفان بنيادي سائنس ۽ ثقافتي نظرين جي اھڙي مؤثر طريقي سان نمائندگي ڪئي وڃي ٿي، جو تھذيب ۽ تمدن جا جملي پھلو محسوس ٿي سگھن ٿا، ليڪن سنڌي گھر جي نمائش، جنھن ۾ بورچي خاني واري سچي پچي ماحول ۽ سندس پس منظر ۾ گھر جو اڱڻ ۽ ديوار ٻاھران مسجد جي گنبذ وارو نظارو ۽ ڀروارين عمارتن جي ڪوٺن تي ھوا جھٽيندڙ منگھن جي جھرمر، اھي سڀئي شيون ڏسندڙ لاءِ ھڪ دلڪش منظر پيدا ڪن ٿيون ۽ روزمره جي زندگيءَ جي ھڪ سچي تصوير پيش ڪن ٿيون.

1968ع ڌاري ھن مضمون جي مصنف، ڊاڪٽر اين.اي.بلوچ جي رھنمائي ھيٺ حيدرآباد جي علائقي اندر سنڌي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪافي ھفتا گھمندي گذاريا، جيڪو دورو دراصل اڳتي ھلي ٻنھي ملڪن جي مشترڪھ بشرياتي رٿا لاءِ اولين قدم ثابت ٿيو. علاوه ان جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر سان ٻنھي ملڪن جي پروفيسرن ۽ شاگردن جي ميل ملاپ وارن دورن جي امڪان متعلق گفتگو ڪئي ويئي. ان کان سواءِ ھڪ مناسب قسم جي تحقيق، جيڪا مقامي طور اُڻيل ڪپڙي متعلق ھئي، ان لاءِ مختلف قسمن جي ڪپڙي وارن ڪارخانن جا ٺھيل نمونا ھٿ ڪيا ويا ۽ انھن مان ڪي تھ انفرادي طور ڪاريگرن کان خريد ڪيا ويا، يا ڪي وري آڏاڻن جي اڻاوت وارن دڪاندارن کان ورتا ويا، ھن مطالعي لاءِ ھڪ معقول قسم جو دستاويزي مواد جمع ڪيل آھي.

سمٿ سونين اداري جي ھنرن ۽ ڪارخانن واري تاريخي عمارت ۾، سائنسي دلچسپيءَ جي دائرن کان بلڪل علحده، ميوزيم دڪان آھن، جي 1970ع ۾ شروع ڪيا ويا آھن، جن جو مقصد ھي آھي تھ ايشيا کنڊ ۽ ٻين ھنڌن جي رنگين نسلي شين لاءِ مارڪيٽ پيدا ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ مسز مئنيولا فلر کي سنڌي شين جي عارضي نمائش لاءِ آماده ڪيو ويو. ان نمائش لاءِ وٽس جيڪي سنڌي ھنر ۽ فن جا نمونا جمع ٿيل ھئا، تن مان ڪجھھ اوڌر تي ورتا ويا. سندس طرفان ھن مضمون جي مصنف کي اھا پڻ اجازت ڏنل آھي تھ اداري جي اسٽاف ميمبرن ۽ ٻين ٻاھران ايندڙ دوستن جي مطالعي لاءِ سندس جمع ڪيل شين جا فوٽو ڪڍيا وڃن.

گذريل چند سالن ۾ سمٿ سونين اداري جي علم الانسان واري شعبي طرفان اراضين ۾ عملي ڪم ذريعي، ڪجھھ پئسن سان خريد ۽ ڪجھھ چندي چيري طفيل سنڌي چيزن جو ذخيرو گڏ ڪرڻ لاءِ اُدم ڪيو وڃي ٿو. حالانڪ دنيا جي گھڻين ثقافتن جي سمٿ سونين اداري جي جمع ٿيل سامان ۾ ڪا نمائندگي ٿيل نھ آھي، تڏھن بھ سنڌ جي پرلطف پرديسي ھنرن وارين روايتن ۽ نون ۽ پراڻن نمونن جي مرڪب خاڪن طفيل سنڌي زندگيءَ ڏانھن چڱي ڪشش جو احساس پيدا ٿي رھيو آھي. انھن ھنرن ذريعي ٺھيل سامان غير ملڪي ماڻھن جي دلين کي مرعوب ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آھي، جنھن جي ڪري منجھس ھڪ علحده ۽ انوکي طرز زندگيءَ سان تعارف جو ذريعو ٿي ڪتب اچي سگھي ٿو.

جيتوڻيڪ سمٿ سونين اداري ۾ سنڌي لوڪ سامان جي جمع ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو آھي، تاھم بھ اڃان گھڻي جفاڪشيءَ جي ضرورت آھي، جو ڪٺي ڪيل سامان جي ھر پھلو ۾ اضافو آھي، بقايا ڪمي بيشي پوري ڪري سنوت قائم ڪئي وڃي، ۽ ان سلسلي ۾ اھڙين چيزن جو ھئڻ اشد ضروري آھي، جي مذھبي روايتن، چوپائي مال، شڪار ۽ ماھيگيري جي ترڪيبن جي نمائندگي ڪن ۽ اھڙيون ٻيون ڪي شيون جي سنڌ جي ثقافت کي مناسب حد تائين مڪمل ڪري سگھن، جيئن ڪوبھ سنڌي اديب اھو چوڻ جي اھل ٿي سگھي تھ سنڌي سامان ھر ممڪن ڏس ۾ جمع ڪيو ويو آھي. گھڻو ڪري ڏٺو ويو آھي تھ شين جي گڏ ڪرڻ وارين ڳالھين ۾ ٻاھرين ماڻھن طرفان انھيءَ ڳالھھ جو ھرگز ڪو خيال نھ ٿو رکيو وڃي تھ اھڙين شين جي سار سنڀال ۽ کين بھتر حالتن ۾ سنڀالڻ ۽ سانڍڻ جون ذميواريون نھايت اھم ۽ نازڪ آھن، ڇاڪاڻ تھ اصلي مول مقصد اھو ھرگز نھ آھي تھ ڪن ثقافتي ۽ سائنسي شين کي ڪنھن ميوزيم جي تھھ خاني ۾ داخل ڪري رکيو وڃي، پر ان سامان کي اھڙن ماڻھن جي دسترس ۽ حاصلات لاءِ رکيو وڃي، جي بين الاقوامي تھذيب سان تعلق رکندڙ آھن. اھڙين ڳالھين جو سمٿ سونين اداري ۾ خاصو خيال رکيو وڃي ٿو، جن ۾ ڪجھھ اراضين کي ايئرڪنڊيشن ڪرڻ، جيئن نازڪ شين جي حفاظت ٿي سگھي ۽ اھڙن فني ماھرن جي مقرري، جيڪي شين جي يادداشت تيار ڪن ۽ سڀني شين جي سنڀال ڪندا رھن ۽ اھڙي ڪمپيوٽر جو نصب ڪرڻ، جنھن ذريعي شين کي ترت درست حالتن ۾ سانڍي رکيو وڃي ۽ ضروري اعداد وشمار رڪارڊ ڪيا وڃن، اھي سڀ ضرورتون موجود رکيون ويون آھن.

سمٿ سونين اداري جو بنيادي مقصد اھو ساڳيو ئي آھي، جيڪو سندس پايي رکڻ وقت 1846ع ۾ طئي ڪيو ويو ھو، جو آھي ”ماڻھن درميان علم جي ترقي ۽ ڦھلاءُ.“ ھن نصب العين طرف ميوزيم جي شين جو جمع ڪرڻ فقط ھڪ پر نھايت اھم قدم آھي. موجوده وقت ۾ سنڌ جي شين جو ذخيرو، حالانڪ ڪافي خال ھوندي بھ ڪافي مفيد دائري تائين وسيع ٿيل آھي، جنھن ۾ زيورن کان ويندي تيل جي گھاڻي تائين وٿون موجود آھن. سڀني شين جي يادداشت مڪمل ڪئي ويئي آھي ۽ ماھرن جي اسٽاف طرفان واڌاري جا رڪارڊ پڻ پورا ٺاھيا ويا آھن.

خانگي طور شيون جمع ڪندڙ آمريڪي شھرين طرفان وقت بوقت سمٿ سونين اداري کي ڪجھھ شيون تحفي طور ڏنيون وڃن ٿيون، يا وري اھڙي ڪمائتي خبر چار ڏني وڃي ٿي، جنھن ذريعي پاڪستاني شين ۾ سڌارو آندو وڃي ٿو، يا نمائش لڳائڻ ۾ مدد مھيا ٿي سگھي ٿي. انھيءَ سلسلي ۾ ٽي ڄڻا اھڙا آھن، جن ۾ اھڙين شين لاءِ ذوق ۽ علم بيحد آھي. اھي آھن مسز ايٿل جين بنٽنگ، مسز مئج ملٽن ۽ مسز منيولا فلر. انھن ٽنھي کي سنڌ لاءِ خاص دلچسپي آھي. ٿي سگھي ٿو تھ اوھان اخبارن ۾ پڙھيو ھجي تھ مسز بنٽنگ کي پاڪستاني سفارتخاني ۾ ’تمغھ پاڪستان‘ جو انعام پڻ پيش ڪيو ويو ھو.

مصنف جيڪي بھ سنڌي نمونا 1961ع ۽ 1968ع ڌاري، نمائش ۽ مطالعي جي غرض سان جمع ڪيا ھئا، ان سلسلي ۾ ڪيترن پاڪستاني ماھرن طرفان مدد ڪئي وئي ھئي، جن جا نالا اڳ ئي ڄاڻايا ويا آھن، جن ۾ پروفيسر جي.اَلانا جو نالو پڻ شامل آھي، جو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌ الاجيءَ شعبي جو انچارج آھي. ھن پڻ ڪتابن جي يادداشت واري بنيادي مواد جي اھميت تي اصرار ڪيو ٿي. سمٿ سونين لاءِ جيڪي سنڌي شيون تازو ھٿ ڪيون ويون آھن، اھي نسلي فن جي جائزي جي سلسلي ۾ جيڪي چار دفعا دورا ڪيا ويا ھئا، تن دوران ڊونالڊ.ايم.گاڊن ۽ سندس ساٿين طرفان خريد ڪيون ويون ھيون.

آمريڪا جي مختلف عجائب گھرن ۾ سمٿ سونين وارو سنڌي نسلي ميوزيم سڀ کان گھڻو وسيع آھي. باقي سنڌي نمونن جا مجموعا جي قدري گھٽ آھن، اھي آمريڪا جي نيويارڪ شھر اندر، طبعي تاريخ واري ميوزيم ۾، بلومنگٽن جي انڊيانا يونيورسٽي واري ميوزيم، مئڪسوئل علم الانسان سائنس جو ميوزيم، جيڪو يونيورسٽي آلبوڪرڪ ۾ آھي، اوڪلاھاما يونيورسٽي جي ميوزيم ۽ نئشويل جي چيڪوڊ ميوزيم ۾ آھي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ سنڌي فن جي نمونن جي ٻين ڪيترن ھنڌن تي موجودات ھوندي بھ، پر انھن متعلق مصنف کي ڪا خبرچار نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ٻين امڪاني ھنڌن لاءِ باقاعدي ڪابھ ڪوشش ڪيل نھ آھي.

واشنگٽن اراضيءَ ۾ سنڌي تحقيق جي گنجائش متعلق جو بحث ڪيو وڃي تھ ان ۾ لئبرريءَ جي سلسلي ۾، جي اثرائتا ۽ ترقي پذير قدم کنيا ويا آھن، تن جو جائزو وٺڻ بلڪل ضروري آھي. ڪانگريس جي لئبرري جا دنيا اندر عاليشان لئبررين مان ھڪ آھي، تنھن ۾ سنڌي تھذيب جي مطالعي ڪندڙ لاءِ ھزارين ڪتاب موجود آھن، جن مان گھڻا ڪتاب پي.ايل 480 جي فنڊ مان خريد ڪيا ويا آھن. لئبرري ۾ جيڪي فھرست ترتيب ڏيندا آھن، تن مان ھڪ انھن شعبن متعلق خبرچار ڄاڻائي آھي، جن ۾ سنڌي ڪتاب ورڇيل آھن. جيئن تھ فلسفو، تاريخ، ادب، آثار قديمھ، ڊراما، روحاني مضمون، نظم ۽ مذاق. جيڪي ڪتاب حاصل ڪيا ويا آھن، تن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ھڪ سنڌي لئبررين کي مقرر ڪيو ويو آھي. ھڪ ٻئي لئبررين، مصنف کي ٻڌايو تھ سنڌي ڪتابن لاءِ بيحد شوق ۽ ذوق جي باوجود ۽ ڪتابن جي ڳولا ڪرڻ بعد بھ ڪتابن جي موجودات بلڪل گھٽ انداز ۾ آھي.

سمٿ سونين ادارو ھڪ مشھور ۽ معروف تنظيم ھئڻ جي باوجود سندس عام ڪاررواين کي پوريءَ ريت سمجھيو نھ ٿو وڃي ۽ واشنگٽن جي باشندن کي پڻ اھڙي ڪا ڄاڻ نھ آھي. جڏھن بھ آمريڪا جا باشندا واشنگٽن ۾ گھمڻ ڦرڻ لاءِ اسھندا آھن تھ گھٽ ۾ گھٽ وائيٽ ھائوس، ڪئپيٽل بلڊنگ ۽ سمٿ سونين ادارو ضرور ڏسندا آھن. ھن اداري کي گھڻو ڪري چمڪندڙ ۽ پررونق نماشي ڪٻٽ جيان تصور ڪيو ويندو آھي. ھن اداري جو موجوده سيڪريٽري مسٽر ايس.ڊلين.رپيلي آھي،  جو مشھور ومعروف عالم آھي ۽ کيس ڏکڻ ايشيا ۾ خاص دلچسپي آھي. ھن طرفان ھڪ پبلڪ بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ھي ادارو ھڪ خانگي وصيت باعث شروع ٿيو، جنھن جو انتظام گورنرن جي مجلس ذريعي ھلايو وڃي ٿو ۽ جنھن جي ٻن عنصرن جو مرڪب آھي: ھڪ اھڙي يويورسٽيءَ جي، جنھن کي لئبارٽري، پيشھ ورانھ اسٽاف، شاگرد ۽ اشاعتون پنھنجون آھن؛ ۽ ٻيو تھ منجھس عام پبلڪ جي مفاد لاءِ ڪيترا ئي ميوزيم آھن. گذريل صديءَ کان وٺي اداري کي سنڀالڻ، سندس مکيھ عمارتن ۽ نمائشي پروگرامن کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ جا خانگي ورثي واري رقم مليل آھي، اھا اڻپوري آھي ۽ ان سلسلي ۾ مرڪزي حڪومت طرفان امداد ڏني وڃي ٿي. ٻين سرڪاري محڪمن، جھڙوڪ نئشنل ايروناٽيڪل ۽ اسپيس ائڊمنسٽريشن ۽ خانگي ذريعن پڻ ڪافي امداد پئي ڪئي آھي تھ جيئن آمريڪا ۽ سمنڊ پار ملڪن ۾ تحقيق جا وسيع پروگرام تجويز ڪيا وڃن ۽ کين عملي صورت ڏني وڃي.

سمٿ سونين اداري کي واشنگٽن جي شھر ۾ ڏهه ميوزيم تھ فقط تاريخ ۽ مشيني ڪارڪردگي جي علم، مصوري ۽ سنگتراشي، طبعي تاريخ، ھوا ۽ سجاوت ۽ سينگار جي فن متعلق آھن. سمٿ سونين جون ٻيون شاخون، جي ٻين ھنڌن تي قائم ٿيل آھن، تن ۾ ھڪ ڪئمبرج ميساچوسيٽس ۾ آبزريٽري آھي، ۽ ٻي پاناما ڪئنال علائقي ۾ ٽراپيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ آھي.

انٽرنيشنل ڪائونسل آف ميوزيم (ICOM)، جنھن جو سمٿ سونين ادارو ميمبر آھي، انسان جي تھذيبي ورثي جي رکواليءَ لاءِ ڪوشان آھي. ان ڪائونسل طرفان علم جي واڌاري ۽ بين الاقوامي نيڪ نيتي ۽ سلوڪ کي وڌيڪ پختي ۽ مستحڪم بنائڻ خاطر، ثقافتي ۽ سائنسي معلومات کي بنان روڪ ٽوڪ ۽ جائز مٽا سٽا ۽ ڏي وٺ کي پڻ پئي ھمٿايو آھي. انھن مقصدن جي حاصلات لاءِ سمٿ سونين اداري جي اسٽاف ميمب1رن جو پنھنجو عقيدو ۽ ايمان ھي آھي تھ سنڌي ثقافت جي جن ٻن پھلوئن ڏانھن زياده ڌيان ڏنو وڃي، تن مان آھي ھڪ نمائشي ۽ ٻيو تحقيقي پروگرام – سڀ کان وڌيڪ اھم ۽ مفيد ڪم، جيئن مٿي ذڪر ڪيل آھي ۽ جيڪو ڪامياب ويو آھي، سو آھي ”جنوبي ايشيا واري نسلي ھنرمندي جو پاڪستاني دور.“ ڊاڪٽر ڪلفورڊ ايوانس ۽ گس وان بيڪ جيڪي ٻئي علم الانسان واري شعبي سان تعلق رکندڙ آھن ۽ ڊاڪٽر وان.اي.وولف ٽنھي طرفان تحقيق جو نظريو طئي ڪيو ويو، سرمايو ڪٺو ڪيو ويو ۽ پروگرام عمل ۾ آندو ويو. ڊاڪٽر وولف جيڪو ”ايران جا روايتي ھنر ۽ سندن ترقي، ترڪيبي سرشتو ۽ سندن مشرقي ۽ مغربي تھذيبن تي اثر“ ڪتاب جو مصنف آھي، ان طرفان پاڪستان ۾ عملي طور ڪم جي ابتدا ڪئي ويئي. سندس 1967ع ۾ اوچتي وفات، جا پاڪستان ۾ ٿي ۽ ان وقت ھو سنڌي ھنري چيزن جي مطالعي ۾ مصروف ھو، سندس رفيق مسٽر ڊونالڊ گاڊن سندس جاءِ تي مکيھ جاچ پڙتال ڪندڙ ڪارڪن مقرر ٿيو.

جيستائين مستقبل جو سوال آھي تھ ابتدائي تجويزون ھاڻي مڪمل ٿيڻ واريون آھن ۽ سمٿ سونين اداري ۾ اھڙيون رٿون زير غور آھن تھ پاڪستان ۾ بشرياتي سائنس پروگرام جي ٻئي دور لاءِ ھڪ ٻي جماعت بھ ايندڙ سال ڪم ڪرڻ لاءِ رواني ڪئي وڃي ۽ ممڪن آھي تھ صوبي سنڌ جي علائقي کي بھ ان پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. ھيل سوڌو اراضين مان جا معلومات حاصل ٿي چڪي آھي، تنھن جي جاچ پڙتال ۽ اشاعت بدستور ھڪ فوري ضرورت جي سطح تي آھي.

سنڌ سان خاص طور تعلق رکندڙ تحقيق جي شروعات ڪرڻ لاءِ ھڪ نئين رٿ زير غور آھي، جنھن تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، ان جو عنوان آھي ”سنڌو ماٿريءَ جي انھن روايتي گھرو ھنرن، ڪارخانن ۽ ڪاريگريءَ جي نمونن جا سماجي رد عمل، جي ھنر يا تھ ختم ٿي رھيا آھن يا وري اڃا سوڌو رواج ۾ آھن.“ اھڙي رٿ تمام جلد ھڪ ٻاھرئين اداري آڏو پيش ڪئي ويندي تھ جيئن ان تي نظرثاني بھ ڪئي وڃي ۽ جيستائين ممڪن ھجي تھ ان سلسلي ۾ فنڊ پڻ مھيا ڪيا وڃن. جيئن ان رٿ جي عنوان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ جا فني معلومات اڳين جائزن ذريعي حاصل ڪئي ويئي آھي، تنھن کي انھن سماجي ۽ اقتصادي اسبابن سان ڳنڍيو ويندو، جي سنڌي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڏٺا وڃن ٿا. تحقيق جو اھو پروگرام ٻن ملڪن جي مشترڪ ڪاوشن سان عمل ۾ آندو ويندو، جنھن ۾ پاڪستانين سان گڏ غير ملڪ جا اھڙا تپاس ڪندڙ ماھر شامل ڪيا ويندا، جن جون مختلف شخصي لياقتون ۽ ڪم ڪرڻ جون خوبيون اھڙيون ھونديون، جو سنڌ جي سماجي قدرن جو زياده ۽ مڪمل مطالعو ممڪن ٿي سگھندو.

ھن پروگرام لاءِ ٻين ملڪن جو مشترڪ طور تي ملي ڪم ڪرڻ جو باعث ھي آھي، جو ”اي اوم“ طرفان ”مرڪب“ ھئڻ واري اصول جي پيرويءَ ۾ ائين ھئڻ اشد ضروري آھي. خاص طور انھيءَ ڪري جو نسلي عجائب گھرن واري بين الاقوامي ڪاميٽيءَ طرفان 1973ع ڌاري ھڪ ميٽنگ دوران اھڙو فيصلو پڻ ڪيو ويو ھو. تحقيق واري ڪم ۽ نمائش لڳائڻ جي سلسلي ۾ مشترڪھ طور ملي پروگرام نباھڻ، سمٿ سونين اداري جي اسٽاف ميمبرن لاءِ ڪو انوکو معاملو نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھنن سالن کان اھو محسوس پئي ڪيو آھي تھ سمنڊ پار ملڪن واري پروگرام ۾ ڪاميابيءَ لاءِ تڏھن خاطري ٿي سگھندي، جڏھن مھمان ملڪ ۽ سندس غير براعظم ساٿي ملڪ جي سائنسدانن درميان ھڪجھڙا مقصد ۽ دلچسپيون قائم ٿي سگھنديون.

تحقيقاتي ڪاررواين کان سواءِ ھن ڳالھھ جو وجود بدستور قائم آھي تھ اديبن، سائنسدانن ۽ سنڌيڪارن جي مٽاسٽا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي يونيورسٽين، نيشنل ميوزيم آف پاڪستان، سنڌ پراونشل ميوزيم يا ٻئي ڪنھن اھڙي مناسب پاڪستاني اداري ۽ سمٿ سونين سان ملحق آمريڪن ڊگري منظور ڪندڙ يونيورسٽين درميان ڪئي وڃي. ڪافي سالن جي آزمودي حاصل ھئڻ باعث تحقيقي يا ميوزيم جي ترغيب وارا پروگرام، سمٿ سونين اداري طرفان انفرادي طور اھڙي قسم جا مرتب ڪيا ويندا آھن، جيئن غير ملڪي اديبن ۽ شاگردن جون ضرورتون ۽ گھرجون پوريون ٿي سگھن. لاطيني آمريڪن جي مدنظر اھو پروگرام نھايت ڪاميابيءَ سان عمل ۾ اچي چڪو آھي ۽ ڀوٽان ۽ سڪم کان آيل ماھرن لاءِ پڻ سودمند ثابت ٿي چڪو آھي. تحقيقاتي رٿائن لاءِ فنڊ مھيا ڪرڻ برابر ھڪ مشڪل مسئلو پئي ثابت ٿيو آھي، پر اھڙو نھ جو مورڳو پروگرام ئي عمل ۾ نھ آندا وڃن.

ھتي اھو اقرار ڪرڻ پڻ ضروري آھي تھ ھن مضمون ۾ علم الانسان سان واسطو رکندڙ جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آھي، ان کان سواءِ ھڪ قسم جي اھڙي رپورٽ پڻ آھي، جنھن ۾ سنڌ متعلق مطالعي جي ذوق شوق وڌائڻ لاءِ مشورا پڻ ڏنل آھن ۽ ان سلسلي ۾ ھيل سوڌو جو ڪم ڪيو ويو آھي، تنھن جي ڪارگذاري ڄاڻائي ويئي آھي. اوھان مان گھڻا ساٿي انھن شين سان گھڻا ويجھا رھيا آھن، جن کي ”سنڌي“ چيو وڃي ٿو. توھان جا رايا ۽ سفارشون تھ ڪھڙن ڪمن کي ترجيح ڏني وڃي يا سمٿ سونين اسٽاف طرفان ڪھڙي نموني رابطو رکيو وڃي؟ جيئن پاڪستان ۽ ٻين ٻاھرين ملڪن ۾ سنڌ متعلق مطالعي کي ھٿي اچي سگھي، انھن جو خيرمقدم ڪيو ويندو.

(ترجمو: علي احمد بروھي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org