سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 5

 

سنڌ ۾ اسلام کان اڳ جا قديم آثار

جي – اي – لوحزن

 

سنڌ، ايشيا کنڊ جي عظيم دريائن مان ھڪ جو ڊيلٽا آھي ۽ ھڪ اھڙو علائقو آھي، جو پراڻن تاريخي حوالن ۽ آثار قديمھ جي ثابتين جي مدنظر، ڏسجي ائين پيو تھ ماضيءَ ۾، بنسبت موجوده دور جي، زياده آباد ۽ خوشحال ھو. تنھن کان سواءِ ھي ڊيلٽا وارو ملڪ، ايراني مٿانھين پٽ ۽ برصغير ھند جي درميان واقع آھي، جي ٻئي مختلف تھذيبن جا سرچشما آھن. انھن ٻنھي جغرافيائي حقيقتن جو سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب تي قديم زماني کان وٺي ڪافي اثر پئجي رھيو آھي. اھا نھ فقط سنڌ جي زرخيزي ھئي، جنھن پنھنجي پاڙيسرين جي حريص نگاھن کي ھرکايو ٿي، پر ڪنھن بھ ملڪ جو ڊيلٽا ھئڻ بذات خود ھڪ وڏي ڪمزوري آھي، ڇاڪاڻ تھ ڊيلٽا ۾ ڌارين ملڪن جا دشمن آسانيءَ سان داخل ٿي سگن ٿا، بنسبت ان ملڪ جي پنھنجي باشندن جي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ بيشمار لڙاين ۽ فتوحات جي گردشن مان پئي گذري آھي، جنھن جي نتيجي ۾ سندس تھذيبي ورثي کي ڪاپاري ضرر رسيو آھي.

اوائلي تباھي ۽ برباديءَ بعد، سنڌ جي سڀيتا چئن ھزارن سالن تائين اڃا بھ وڌيڪ نقصان سھڻ کان بچي ويئي. فقط ھن ڪري جو ھڪ تھ انھن قديم آثارن جي يادگيري ميسارجي چڪي ھئي، ٻيو تھ آثارن مٿان واريءَ جا تھھ چڙھي چڪا ھئا. اھي نشان ھڪ ڀيرو وري بھ صفحھ ھستي تي انھن کوجنائن باعث نڪري نروار ٿيا، جيڪي آثار قديمھ جي ماھرن طرفان اٽڪل پنجاه سال اڳ ڪيون ويون. ليڪن اھي بيشمار يادگار جيڪي تاريخ جي اوائلي زماني جي قريب ۽ عربن جي فتح کان اڳ وجود ۾ ھئا، تن مان فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس بچيل آھن. جيڪڏھن ’ھوئن چانگ‘ چيني سياح، جيڪو سنھ64ع ۾ سنڌ مان سفر ڪندي لنگھيو، تنھن جي بيان تي يقين ڪيو وڃي تھ پوءِ ان وقت سنڌ ۾ ڏھھ ھزار ’ٻوڌي‘ ٻاوا ھئا، جي ٻڌ جي سَوَنِ مندرن ۾ رھندڙ ھئا. (1) حالانڪ اھو ھروڀرو ضروري نھ آھي تھ اھي ڌرمي ادارا ’نالندا‘ يا ’وڪرم شالا‘ جھڙين عاليشان عمارتن ۾ قائم ٿيل ھئا. ان ھوندي بھ تعجب آھي جو سموري سنڌ ۾ سري کان لاڙ تائين فقط پندرھن کن اھڙا آثار ملي سگھيا آھن، جن لاءِ اسين خاطري سان چئي سگھنداسين تھ اُھي ٻڌ جا مندر ھئا.

ھاڻي اھو نھايت آسان طريقو آھي تھ اسين انھيءَ سموري تباھي لاءِ عربن جي فتوحات کي جوابدار بنايون. پر اھو بحث ھرگز صحيح نھ آھي تھ ٻڌ جي مندرن کي مسلمانن تباه ڪري ڇڏيو، جيڪو دليل عام طور تي آثار قديمھ جي ماھرن طرفان تڏھن پيش ڪيو ويندو آھي، جڏھن اھي آثارن جي غير موجودگي سبب منجھي پوندا آھن، يا کين جڏھن ٻيو ڪوبھ مناسب سبب ذھن تي نھ چڙھندو آھي (2) جيتري قدر خصوصًا عربن جو تعلق آھي تھ پوءِ مٿن اھڙو الزام ڌرڻ صريحًا بھتان تراشي ٿيندي. البت اھا حقيقت آھي تھ ديبل وارو مشھور معروف بتخانو، جو شِوَ جو شِوالو ھو، تنھن کي محمد بن قاسم واقعي تباه ڪري ڇڏيو ھو، ليڪن مندر جي اھا بربادي لڙائيءَ جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي ھئي. برعڪس ان جي اسان کي تھ اھي ثبوت مليل آھن تھ عرب پنھنجي حڪومت خواه فتح دوران ھندن ۽ ٻڌ جي پوئلڳن، ٻنھي خلاف ڪوبھ تعصب رکندڙ نھ ھئا. جڏھن محمد بن قاسم کي برھمڻ آباد جي پوڄارين طرفان عرض ڪيو ويو تھ ھن اھو مسئلو حجاج ڏانھن رجوع ڪيو، جنھن جواب لکيو تھ:

”مون کي پنھنجي عزيز سؤٽ محمد بن قاسم کان جو خط موصول ٿيل آھي، تنھن ۾ لکيل احوال کان بخوبي آگاه آھيان. جيتري قدر برھمڻ آباد جي معتبرن طرفان ٻڌ جي مندرن جي تعمير ۽ ڌرمي معاملات ۾ آزادي متعلق درخواست جو تعلق آھي تھ ان سلسلي ۾ آءٌ نٿو سمجھان تھ سواءِ دستوري ڍل جي، اسان کي مٿن ڪو ٻيو بھ حق حاصل آھي، ڇاڪاڻ تھ ھاڻي اُھي جڏھن تھ ذِمي حيثيت ۾ داخل ٿي چڪا آھن تھ پوءِ اسان کي سندن زندگي يا ملڪيت جي معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبھ حق ناھي. انھن ڳالھين جي مدنظر کين پنھنجي معبود جي پوڄا جي مندرن تعمير ڪرڻ جي بيشڪ کُلي اجازت ڏني وڃي. اڄ کان پوءِ ڪنھن بھ ماڻھو کي پنھنجي ڌرم جي پيروي ۽ پوئواري ڪرڻ تي ڪابھ بندش عائد ٿيل نھ آھي، نھ مٿن پنھنجي ڌرمي ڪرياڪرم تي ڪا سزا مڙھي ويندي ۽ ڪنھن کي بھ اھڙي اختياري ھرگز نھ سونپي وڃي جو کين ڌرمي پوڄا پاٺ کان روڪي سگھي، جيئن ھو پنھنجي اَجھن ۾ خوشحالي سان گذر سفر لائق ٿين.“ (3)

وري جڏھن محمد بن قاسم اروڙ ۾ وارد ٿيو تھ ھي فرمان جاري ڪيائين تھ: ”مندر اسان لاءِ اھا ئي حيثيت رکن ٿا، جا ڪرستانن جي ديولين، يھودين جي ڪليسائن ۽ آتش پرستن جي آتشڪدن کي حاصل آهي.“ (4)

انھن ٻنھي تحريري شھادتن مان ثابت ٿو ٿئي تھ سنڌ جي فاتح عربن، مختلف مذھبن درميان ڪوبھ امتياز نھ رکيو ۽ نھ ڪو تعصب وارو رويو اختيار ڪيو. ان کان علاوه آءٌ اھڙو ٽيون ثبوت پڻ پيش ڪرڻ چاھيان ٿو، جنھن جو تعلق آثار قديمھ سان آهي. سورج ديوتا جو ھڪ بھترين مجسمو، جيڪو برھمڻ آباد مان کوٽي ڪڍيو ويو ھو (5)، جو ڏھين صديءَ کان اڳ واري زماني جو ھرگز نھ آھي، جيستائين سندس ساخت واري نوعيت جو تعلق آھي، اھو ظاھر آھي تھ اُن بت کي ڄاڻي ٻجھي ضرر رسايو ويو ھو؛ ليڪن اھو نقصان سنڌ تي بعد وارن مسلمان حملھ آورن طرفان ڪيو ويو ھوندو، جيئن تھ محمود غزنوي وغيره. صرف اھا ئي حقيقت صاف طور تي ثابت ڪري ٿي تھ سنڌ جا اوائلي مسلمان حڪمران مذھب جي سلسلي ۾ اھڙا ئي فراخ دل ۽ غير متعصب ھئا، جھڙو محمد بن قاسم يا حجاج، ڇاڪاڻ تھ سندن دور حڪومت ۾ سورج مندر وجود ۾ ھو، جنھن ۾ سج جھڙي عاليشان مورتي نصب ٿيل ھئي.

ليڪن ان مان اھا مراد ھرگز نھ آھي تھ ڪو بت يا ٻيا ڪي اھڙا آثار ڪڏھن بھ تباه ئي نھ ڪيا ويا ھئا، ڇاڪاڻ تھ جنگ جو ھميشھ اھو نتيجو پئي نڪتو آھي تھ عمارتن کي نقصان پھچي، ليڪن ان مان اھو پڻ ضرور ثابت ٿئي ٿو تھ مسلمان حڪمرانن طرفان سنڌ جي ھندن ۽ ٻوڌين جي ڌرمي ادارن ۽ مرڪزن کي ھڪ رٿيل پروگرام مطابق ۽ باقاعدگيءَ سان تباه ڪرڻ ۽ ڊاھڻ جي ڪوشش ھرگز ڪيل نھ ھئي. تسليم ڪيو وڃي تھ جيئن مٿي بحث ڪيو ويو آھي، اھو درست آھي تھ پوءِ ڪھڙي سبب ۽ ڇو سنڌو ڊيلٽا ۾ تاريخ جي اوائلي زماني وارا قديم آثار بلڪل گھٽ تعداد ۾ آھن؟

پھريائين تھ اھو اعتراف ڪرڻ بلڪل ضروري ٿيندو تھ بعد ۾ آيل حملھ آور مسلمان جيئن تھ محمود غزنوي وغيره کي، بنسبت عرب حڪمرانن جي، غير مسلم آثارن کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو قدري گھٽ ھئو، تنھن ھوندي بھ جيڪڏھن آثار قديمھ جا ماھر اھڙا ڪي آثار اڃان بھ ڳولي سگھيا آھن، تنھن جي معنيٰ اھا آھي تھ انسان جي ھٿان ٿيندڙ تباھي کان سواءِ اڃان بھ ڪي ٻيا سبب پڻ آھن. منھنجو پنھنجو وطن مثل سنڌ ترائي وارو علائقو آھي، يا وري نيدرلئنڊ جيان ڊيلٽا آھي، جتي عمارت سازي جو مکيھ جز سِرون آھن. مٽي جام ھئڻ سبب گارو آساني سان حاصل ٿي سگھي ٿو ۽ اھو بھ سستي اگھھ تي. باقي رھيو پٿر، اھو البت مھانگو آھي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ گھڙائي وغيره جھڙي ڪافي محنت جي ضرورت آھي. ان کان سواءِ پٿر جون کاڻيون عام طور ڊيلٽا کان وڏي مفاصلي تي ملي سگھنديون آھن. سرن جي عمارت ۾ وڏي خامي ھيءَ آھي تھ پٿر جي مقابلي ۾ سرن ۾ وقت ۽ آبھوا جي سَٽ سھڻ جي طاقت گھٽ آھي. ان کان سواءِ سرن واري عمارت ھڪ ڀيرو شڪستھ حالت ۾ اچي ۽ پوءِ جيڪڏھن وقت سر ان جي مرمت ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو تھ پوءِ ماڻھن کي پٿرن جي مقابلي ۾ سرن ڪڍڻ جو حرص زياده پيدا ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تھ سرن کي ڪڍڻ ۽ ڪنھن ٻئي ھنڌ ڏانھن کڻي وڃڻ آسان ڪم آھي. قديم آثارن کي سندن سرن کان محروم ڪرڻ سنڌي عوام جو صدين کان وٺي دستور پئي رھيو آھي، ۽ اھڙيون ڪئين وارداتون مون پنھنجي اکين سان ڪيترن ھنڌن تي ٿينديون ڏٺيون آھن. ليڪن سنڌين جو اھو ڪارنامو انھيءَ عظيم تباھيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجھھ بھ نھ آھي، جيڪا 19 صدي ۾ ريلوي ٺيڪيدارن طرفان آندي ويئي. ھنن جيڪي وقت بوقت پئي ھاڃا ڪيا آھن، تن مان ھڪ ھيءُ بھ آھي تھ ھڙپا جو تقريبًا اڌ کان گھڻو حصو ڀنجو طور استعمال لاءِ ٺيڪيدار کڻائي ويا. (6) ساڳيءَ ريت ميرپورخاص واري ڪاھوءَ جي دڙي جي بربادي پڻ سندن وڏو ڪارنامو آھي. ان کان علاوه ٻين ڪافي تاريخي آثارن جي نالي نشان گم ڪرڻ جو سَھرو سندن سِر تي آھي.

انسان جي ھٿان اھڙي تباھي کان سواءِ سرن وارين عمارتن جو ھڪ ٻيو بھ فطري دشمن موجود آھي، جو آھي ڪلر. اھو ھڪ خطرناڪ عنصر آهي، جو ھر وائُکي عمارت تي يڪدم حملو ڪندڙ آھي. جيڪڏھن موئن جي دڙي جي محڪمھ آثار قديمھ طرفان لاڳيتي ڀرپور حفاظت نھ ڪئي وڃي ھا تھ ڪلر ھن تاريخي کنڊر کي ڪافي وقت اڳ ئي صفحھ ھستي تان مِٽائي ڇڏي ھا. توڙي جو اھڙي مسلسل حفاظت جي باوجود، ڪلر اڄ بھ پنھنجي بنيادي مقصد ۾ ذري گھٽ ڪامياب ٿيڻ جي حد تائين پھچي چڪو آھي. ڪلر جي اھڙي تباه ڪن اثر جي ڪري ڪيترا ئي پراڻا آثار، جھڙوڪ ٻڌ جا مندر غير متوقع حد تائين پائمال ٿي چڪا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھڙن يادگارن جي ڪابھ مرمت وغيره وقت سر ڪانھ ڪئي وئي.

مٿي جيڪو بحث ڪيو ويو آھي، ان جي باوجود آءٌ اڃان بھ ھن خيال جو آھيان تھ حالانڪ سِرون عمارتي سامان جو اھم جز آھن، تڏھن بھ ھيءَ پرولي اڃا سوڌو ڪوبھ سمجھائي نھ سگھيو آھي تھ سنڌ اندر قديم آثارن جو تعداد ايترو ٿورو ڇو آھي! انھيءَ سلسلي ۾ ھڪ اھم جواب ھن حقيقت ۾ سمايل آھي ۽ جيڪو منھنجو ايمان پڻ آھي تھ اسان آثار قديمھ جي ماھرن طرفان تاريخ جي اوائلي دور ڏانھن اڻپورو ۽ گھٽ  ڌيان ڏنو آهي. سنھ1964ع ڌاري ’ماڙي صابر‘ مان ٻڌ جو مندر تلاش ڪيو ويو، جنھن جو ٺُل 15 فوٽ اوچو آھي (7) ۽ اھو انھيءَ ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ قديم آثار باقاعدي موجود آھن، ليڪن اسان انھن جي تلاش ۾ قاصر رھيا آھيون. عيسوي 19 صدي دوران سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽاين جو ڪم ھٿ ۾ کنيو ويو، اھو بلڪل مخصر قسم جو ھو ۽ جو ڪجھھ ڪم ڪيو ويو، اھو بھ اھڙي نموني ڄڻ ڪنھن خزاني جي تلاش ٿي ڪئي وئي. ھلندڙ صديءَ جي موڙ ڌاري ھينري ڪزنس طرفان سنڌ جي قديم آثارن جو نھايت برجستگيءَ سان مطالعو شروع ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ اھڙو اھم ڪتاب مرتب ٿيو، جيڪو سنڌ جي قديم سڀيتا متعلق ڄاڻائڻ لاءِ اسان وٽ واحد ذريعو آھي. ھي ڪتاب “ائنٽيڪُئٽِيز آف سنڌ‘ جي نالي سان مشھور آھي. حالانڪ اھو ڪتاب ڪزنس پنھنجي رٽائر ٿيڻ واري وقت يعني 1910ع ڌاري لکيو ھو، تڏھن بھ ڪافي وقت بعد شايع ڪيو ويو ھو. (8)

ھينري ڪزنس پنھنجي ملازمت جي آخري سال ۾ ميرپور خاص جي مشھور ٻڌ مندر جي کوٽائيءَ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو ھو. سنھ14-1915ع ڌاري سعيدپور واري ”سڌيرن جي دڙي“ جي کوٽائي مسٽر ڊي.آر.ڀنڊارڪر طرفان شروع ڪئي ويئي. (9) جيتري قدر منھنجي شخصي معلومات جو تعلق آهي تھ آخر ۾ مناسب ۽ موزون طريقي سان سنڌ جو جيڪو  قديم آثار جاچيو ويو، (10) اھو موئن جي دڙي وارو ٻڌ مندر آھي، جو راءِ بھادر ڊي.بئنرجي 22-1923ع ڌاري کوٽي ڪڍيو ھو. (11) اھو ئي عظيم ڪارنامو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌو تھذيب جي حيرت انگيز کوجنا وجود ۾ آئي. ھي اھو ئي زمانو ھو، جو اين.سي.مُجمدار کي سموري سنڌ علائقي جي سروي ڪرڻ واري مھم جو ڪم سونپيو ويو ھو. سنھ31-1927ع واري زماني ۾ تازو ڳولي لڌل قديم تھذيب واري تاريخي واقعي سبب، آثار قديمھ جي ماھرن جو ذھن اُن نئين کوجنا کان ايتري قدر مرعوب ٿيو، جو ھنن اوائلي زماني جي ٻين کنڊرن ۽ قديم آثارن طرف پنھنجو ڌيان ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنو. (12) ٻڌ ڌرم جي آثارن جي کوٽائي، جيڪا موئن جي دڙي واري اراضي ۾ ڪئي ويئي، ان جو المناڪ حشر اھو ٿيو جو کوٽائي دوران جيڪا معلومات حاصل ٿي، تنھن کي اھا اھميت ھرگز نھ ڏني ويئي، جا کيس ملڻ گھربي ھئي. حالانڪ انھن آثارن جي رپورٽ انھن کان ھزارين دفعا زياده بھتر ۽ مڪمل آهي، جي رپورٽون ان کان اڳ نظر مان ڪڍيل قديم آثارن متعلق پيش ڪيون ويون آھن. اھڙي سرد مھري ۽ بيرخي جو وڏي ۾ وڏو سبب ھيءُ ھو تھ اھا رپورٽ ھينري ڪزنس جي عظيم ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ (13) جي اشاعت بعد پيش ڪئي ويئي ھئي ۽ شايد اھو ئي سبب ھو جو ھن رپورٽ کي سر جان مارشل جي 770 صفحن تي مشتمل مشھور معروف ڪتاب ”موئن جو دڙو ۽ سنڌو تھذيب“ جيڪو ٽن جلدن ۾ شايع ٿيل آھي، تنھن ۾ ھڪ مختصر باب طور شامل ڪيو ويو. ياد رھي تھ انھن ٽن جلدن واري اشاعت 1931ع (14) ۾ آثار قديمھ جي پوري دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ھو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي تھ طالب علمي واري زماني ۾ موئن جي دڙي بابت سر جان مارشل جي مطبوعات پڙھندي، ان رپورٽ جي صفحن کي مون ڄاڻي ٻجھي نظرانداز ڪري ڇڏيو ھو، ڇاڪاڻ تھ انھن ٽنھي جلدن ۾ جيڪو دلچسپ مواد زير بحث ھو، تنھن کان ترت آگاه ٿيڻ لاءِ آءٌ نھايت ئي منتظر ھئس. مون کي تھ اھو انديشو پڻ آھي تھ ائين ڪرڻ وارو فقط آءٌ اڪيلو نھ ھوندس!

انھيءَ سموري بحث جو ٿورن لفظن ۾ اختصار ھي آھي تھ گذريل پنجاه سالن ۾ اسلام کان اڳ واري زماني جي ڪنھن بھ آثار جي مناسب نموني کوٽائي ڪانھ ڪئي ويئي آھي ۽ منھنجو ھي خيال آھي تھ اسان ماھرن کي سنڌ جي قديم ۽ اوائلي آثارن طرف پنھنجو پورو پورو ڌيان ڏيڻ گھرجي. اھڙي قدم تي عمل پيرا ٿيڻ ھن ڪري پڻ لازمي ٿيو پوي تھ سنھ1922ع کان اڳ انھيءَ سلسلي ۾ جيڪو ڪجھھ ڪم ٿي چڪو آھي، سو سواءِ ٻن يا ٽن خاص حالتن جي، باقي آثار قديمھ جي تحقيق لائق ئي ڪونھي. گذشتھ ٽيھارو سالن اندر سرزمين سنڌ جي مڪمل پيمائش ۽ سروي جو ڪم سرانجام ڏنو ويو آھي. ان بعد پاڪستاني ماھرن طرفان جديد اصولن جي روشنيءَ ۾ ھڪ ٻھ باضابطي کوٽايون پڻ عمل ۾ آنديون ويون آھن، جن ذريعي بلاشبھ اوائلي زماني متعلق نئين قسم جي اھا معلومات فراھم ٿيندي، جنھن بنسبت ھيل سوڌو اسان کي فقط معمولي خبر چار ملي آھي، ڇاڪاڻ تھ ان زماني جي رسم ورواج لاءِ اسان وٽ سواءِ ھوئن شانگ واري لکيل احوال جي ٻيا ڪي بھ دستاويزي ثبوت موجود نھ آھن. ان کان سواءِ 1922ع کان اڳ ۾ جو ڪجھھ مواد حاصل ٿي چڪو آھي، تنھن جي قدامت متعلق انھيءَ معلومات جي روشنيءَ ۾ دوباره جائزو پڻ ورتو وڃي، جيڪو اسان کي سنڌ جي سرحدي علائقن جھڙوڪ: راجسٿان، گجرات يا اڃان بھ ڪجھھ دوري وارن علائقن مان ميسر ٿي سگھيو آھي. جيئن تھ گذريل پنجاه سالن دوران انھن علائقن متعلق اسان کي نئين معلومات ڪافي انداز ۾ حاصل ٿي چڪي آھي، جنھن جي وسيلي سنڌ جي تاريخي آثارن بابت دلچسپ معلومات ملڻ ۾ ڪنھن بھ شڪ جي گنجائش نھ آھي. سنڌ جي قديم آثارن متعلق جيڪي رايا اسان قائم ڪيا آھن، تن مان ڪن کي انھن راين جي ڀيٽ ۾ ھڪ طرف سڌاري درست ڪرڻو پوندو تھ ٻئي طرف سنڌ جي قديم زماني جي دوباره جائزي وٺڻ باعث ممڪن آھي تھ ھندستاني ذريعن کان مليل مواد متعلق جيڪا معلومات ملي آھي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي رايا اسان اڳيئي قائم ڪيا آھن، تن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اسين مجبور ٿي پئون. آءٌ انھن نڪتن جي وضاحت ڪن مثالن ذريعي پيش ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو.

1958ع ۾ مسٽر گبس طرفان ”ٺُل مير رُڪن واري دڙي“ ۾ ھڪ سرنگھھ کوٽي ويئي. قصد ھي ھو تھ ٻڌ جي رَکَ واري دٻلي، جا عمومًا ٻڌ جي ھر مندر جي بنياد ۾ رکي ويندي ھئي، تنھن جي تلاش ڪئي وڃي. (15) جيتري قدر منھنجي معلومات جو تعلق آهي تھ انھيءَ ڄاڻايل ھنڌ جيڪا کوٽائي ڪئي ويئي، سا چڱي نموني ھرگز نھ ڪئي ويئي. (16) کوٽائي مان آثار قديمھ قسم جون چند چيزون، جن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اُتان حاصل ڪيون ويون آھن، انھن ۾ چار ٺڪر جون اُڪريل تختيون پڻ آھن، جي محض اتفاق سان ھٿ آيون ھيون. انھن تختين جا ڇاپا ڪزنس طرفان نھايت مايوس ڪن طريقي سان شايع ڪيل ھئا. ليڪن ساڳئي وقت سندن تاريخن طئي ڪرڻ لاءِ ھن ڪوبھ اُدم ڪونھ ڪيو. (17) انھن مان ھڪ تختيءَ تي شھزادي سڌارٿ جي ڄم وارو واقعو نقش ٿيل ھو، جيڪو ٻڌ عقيدي موجب مستقبل ۾ ظاھر ٿيندڙ ’ٻڌ ڀڳوان‘ آھي. ٻي تختيءَ تي اُڪريل مورت ۾ سندس پيءُ جي شاھي عمارت جي زناني رھائشگاه کان الوداع ڪرڻ جو منظر ڄاڻايل آهي. ٻئي تصويرون ’گنڌارا‘ گن جي مورتين سان قريبي مشابھت رکندڙ آھن ۽ انھن جو تعلق ٻي ۽ پنجين صدي عيسويءَ سان آھي. (18) ٽئين تختي تي ٻڌ ڀڳوان سنگھاسن تي ويٺل ڏيکاريل آھي. ھن مورت جو وڌيڪ تفصيل ان زماني جي نشاندھي ڪري ٿو، جو ڇھين، ستين يا اٺين صدي جي شروعات سان واسطو رکندڙ آھي. (19) چوٿين تختي ۾ ٻڌ ڀڳوان، اڏاوت جي ھڪ دريءَ ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، ان جو زمانو ڏھين صدي يا اڃا بھ ممڪن آھي تھ يارھين صدي سان تعلق رکندڙ آھي. ھنن جو اھو تخمينو صاف طور تي ثابت ڪري ٿو تھ ٺل مير رڪن ڪافي عرصي تائين ھڪ ڌرمي مرڪز جي حيثيت ۾ قائم پئي رھيو آھي ۽ انھيءَ ڪري ھن ھنڌ جيڪڏھن پوري خبرداريءَ سان کوٽائي ڪرائي ويئي تھ ڪافي دلچسپ معلومات حاصل ٿيڻ جو قوي امڪان آھي. ان کان سواءِ ٺل مير رڪن قديم ۽ تاريخي زماني جو سالم حالت ۾ بيٺل ھڪ بھترين يادگار آھي، جنھن مان اسان کي ان وقت جيڪي ٻڌ مندر سنڌ ۾ موجود ھئا، تن جي وضع قطع ۽ شڪل صورت متعلق بھترين معلومات ملي ٿي. (20) ھيءُ آثار ھڪ ھم چورس بنياد تي تعمير ٿيل آھي ۽ سندس ٺُل ٽن منزلن ۾ اڏيل آھي، جنھن جا ٿنڀا گنڌارا جي يوناني نوعيت وارن ٿنڀن سان ڪي قدر مشابھت رکندڙ آھن. (21) انھن ٿنڀن جي چوٽيءَ جا حصا ۽ سندس سانچا جيڪي ھر منزل جي تھھ کي جدا ڪندڙ آھن، سي چٽساليءَ وارين سرن سان نھايت حسين نموني ۾ سينگاريل آھن ۽ سِرُن ۾ مختلف موضوعن تي نقش ٿيل تصويرون آھن. انھن تصويرن ۾ گول ڪنول جا گُل ۽ شطرنج جي خانن وانگر رنگا رنگي چونڪڙين سان تختا نمايان طور اُڪريل آھن. دراصل اھو ٺل مير رڪن ئي ھو، جنھن جي اڏاوت، بناوت ۽ چٽساليءَ ڪزنس کي ميرپورخاص واري ٻڌ مندر جي اصلي بيھڪ جي خاڪي ٺاھڻ لاءِ ھرکايو (22)، جو ھن ھڪ انچ اوچي ماپ واري اندازي تي رٿيو ھو. ھن ٻڌ مندر جو زمانو ڪزنس جي اندازي موجب چوٿين صديءَ جو آھي.

ھن کان پوءِ اسين مثال نمبر2 جي وضاحت ڪنداسين. جيڪي نقش ٿيل سرون تلاش ڪيون ويون آھن، انھن جي نموني مان اھو واضح ٿئي ٿو تھ اھا عمارت ساڳئي نموني ۾ سينگاري وئي ھئي، جنھن طريقي تي ٺل مير رڪن کي آراستھ ڪيو ويو ھو. (23) اھا شطرنج واري تختي ھڪ ڀيرو وري بھ ھتي نمايان طور ڏٺي وئي. البت ڪنول جو گل ھتي فقط ڪنارن تي نقش ٿيل آھي. ھندستان جي ڪن آثارن ۾ شطرنج واري تختيءَ جي بناوت ننڍڙن ۽ اُڀن ڪمالن ۾ نقش ٿيل ڏٺي وڃي ٿي. چٽساليءَ جو اھو نموني 5 صديءَ واري زماني سان تعلق رکي ٿو. مثلاً اَجنتا جي 17 نمبر غار يا وري ڀٽيار گاؤن وارو مندر وارو نقش. (24) آخر ۾ ڄاڻايل آثار يعني ڀٽيار گاؤن (25)، سرن جي واحد عمارت آھي، جيڪا نھايت عمدي طريقي سان سنڀال ھيٺ آھي، سا سنڌ جي سرن واري اڏاوت جي آثارن سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ انتھائي اھميت واري آھي. شطرنج واري ڊزائين ستين صديءَ ڌاري رواج ۾ آئي ۽ مقبول عام ٿيندي ٺل مير رڪن ۽ ميرپورخاص واري ٻڌ مندر تي اچي بيٺي. مثلاً اجنتا جي غار نمبر27 وارا نقش (26) ھن غار جي نقش ۾ ڪنول جو گل ڪم آندو ويو آھي. (27) پر ڪنارن تي ساڳيءَ ريت ديوڳڙھ جو وشنو مندر (28)، جنھن جو تعلق 6 صدي عيسوي سان آھي؛ يا وري گن سنگتراشي جا نادر نمونا جي اھڙن آثارن ۾ ڏٺا وڃن ٿا، جن جي نسبت ستين صديءَ سان آهي. مثال طور: بھار صوبي جي ساڪن گھاٽ وارا نقش. (29) ميرپورخاص واري ٻڌ مندر ۾ ٻھ عدد اھڙا نقش پڻ آھن، جي خاص سھڻائي ۽ سينگار جي مقصد خاطر اُڪريل آھن، جن جي تاريخ جو تخمينو اٽڪل روءِ ڪٿي سگھجي ٿو. انھن مان ھڪ اھڙو نقش آھي، جنھن جي نوعيت موتين جي ھار جھڙي آھي، جا ڪنارين تي بطور فريم جي استعمال ڪئي وئي آھي. (30) ٻيو نقش آھي ”ڪرتي مک“ يعني اھڙي شينھن جو چھرو، جو عام طور ڏند ڪٿائن ۾ ٻڌو ويندو آھي (31) ۽ سندس شڪل گلڪاري نموني چٽيل آھي. اھي ٻئي نمونا ھندستان اندر ڪافي زماني تائين مروج ھئا.

ڪڏھن ڪزنس ميرپورخاص واري ٻڌ مندر جي کوٽائي شروع ڪئي ھئي تھ ان وقت ۾ بنياد واري اڏاوت بلڪل سالم حالت ۾ بيٺل ھئي. اڏاوت جي اتر اوڀر ۽ ڏکڻ وارا حصا نقلي ڳڙکين جيان پنجن محرابن سان آراستھ ھئا. انھن محرابن جي پڇاڙيءَ ۾ کاٻي ۽ ساڄي طرفن کان ٺڪر جون ٺھيل بناوٽي ڳڙکيون اُڪريل ھيون. وچ وارين ٽن ڳڙکين اندر ڀڳوان ٻڌ جي مورتي اُڪريل ھئي. انھن ڳڙکين جي مٿين حصن تي فن تعمير جا ڪي نمونا چِٽيل ھئا، جي ھندوستان جي ڪن ٻين آثارن تي پڻ نقش ٿيل آھن. جيئن تھ ديوڳڙھ وارو وِشنو مندر، جيڪو ڇھين صدي ڌاري تعمير ڪيو ويو ھو (32) ۽ ايلورا جي غار نمبر10 (33) جا پڻ اٺين صديءَ جي ابتدائي دور سان تعلق رکندڙ آھي. (34)

جيتري قدر مجسمن جي سنگتراشي وارن نمونن جو تعلق آهي تھ ٻڌ ڀڳوان جي بعض مورتين ۾ پيشانيءَ جي چوڌاري نوراني دائرو (35) اسان کي انھن بتن جي ياد ڏياري ٿو، جيڪي ڇھين صديءَ سان تعلق رکندڙ آھن. (36) محرابن جا ٻيا نقش، جيئن تھ ڪنول جي پتن جي لڙھي، (37) جنھن جھڙو نقش اجنتا جي غار نمبر2 ۾ پڻ موجود آھي، (38) اھا پڻ ڇھين صديءَ سان واسطو رکندڙ آھي. يا وري فريمن وارا سينگاريل ڪنارا جي ڇھين صديءَ کان قدري پوءِ جا آھن. (39)

ميرپورخاص واري ٻڌ مندر جي اولھھ وارو حصو بلڪل غيرمعمولي نوعيت جو آھي. (40) ھن ھنڌ سندس بنياد ۾ ھڪ ڏيورو تعمير ٿيل ھو، جنھن تي ٽي موڪرا محراب جڙيل ھئا. ھڪ کاٻي طرف کان، ٻيو ساڄي پاسي ۽ ٽيون بلڪل دروازي جي آمھون سامھون. (41) انھن محرابن مان ھڪ جي تختيءَ تي ھڪ نوجوان جي مورتي ٺھيل ھئي. (42) اھا مورتي ھن وقت بمبئي جي ’پرنس آف ويلس ميوزم‘ ۾ رکيل آھي. ھن مورتي طرف توجھ ڏيڻ صحيح ٿيندو، ڇاڪاڻ تھ مورتيءَ جو اصلوڪو رنگ پڻ ھڪ غير معمولي حد تائين محفوظ ٿيل آھي، جيئن تھ ڪزنس طرفان ٻڌ مندر ۽ سندس مورتين جي تاريخ جو تخمينو 4 صدي عيسوي کان اڳ واري زمانو جو لڳايو ويو ھو. (43) انھيءَ ڪري اھا مورتي بھ چوٿين صديءَ جي آخري دور سان وابستھ آھي. درحقيقت اھا ئي تاريخ آھي، جا درست ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ انھيءَ سلسلي ۾ تازو جيڪو اندازو لڳايو ويو آھي، اھو پڻ ان دور جي تصديق ڪندڙ آھي. (44) حالانڪ لئمبرڪ طرفان جو رايو پيش ڪيو ويو آھي، ان مطابق اھا تاريخ اڃان بھ اڳڀرو ڪُٿي ويئي آھي، يعني ٻي يا ٽين صدي عيسوي. (45) ڪزنس جو رايو ھي آھي تھ اھا مورتي ’ٻوڌي اسٿوا‘ ٿي نٿي سگھي، ڇاڪاڻ تھ مورتيءَ جي مُک جي چوگرد نوراني حلقو ڄاڻايل نھ آھي. (46) انھيءَ ڪري سندس خيال مطابق اھا مورتي مندر جي ٺھرائيندڙ جي آھي. (47) ڪمار سوامي، نھار رنجن راءِ (48) ۽ لئمبرڪ (49) پڻ ان خيال سان متفق آھن. اھو صحيح آھي تھ ٻوڌي اسٿوا مورتين ۾ مٿي جي چوگرد لاٽ جو ھئڻ لازمي آھي، ليڪن ان جو ھئڻ ھروڀرو لازمي ناھي. اجنتا جي غار نمبر پھرين ۾ جي مھا ٻوڌي اسٿوا جا مجمسا آھن، انھن کي دائرو بلڪل ڪونھي ۽ اھڙا ڪيترا ئي ٻيا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. علاوه ان جي زنده ماڻھن جون مورتيون مندر اندر رکڻ وارو مثال ھندوستاني فن جي تاريخ ۾ ڪو ورلي ملندو. (50) انھيءَ ڪري اسان کي ڏسڻ ۾ ھيءُ ٿو اچي ۽ ائين وسھڻ لاءِ اسان کي مناسب سبب پڻ آھي تھ اھا مورتي ٻوڌي اسٿوا ”پدما پڻيءَ“ جي آھي ۽ ان لاءِ خاص دليل ھي آھي تھ سندس ساڄي ھٿ ۾ ڪنول جو گل آھي، جيڪو ھن مھا ٻوڌي اسٿوا، جو جملي ٻوڌي اسٿوائن ۾ سڀ کان زياده شھرت رکندڙ آھي، تنھن جي خاص نشاني آهي.

ڪمار سوامي، جيڪو ھر نڪتھ نگاه کان ھندستاني فن وارن معاملن ۾ اسان جو بھترين رھنما آھي، تنھن پڻ ھن مورتيءَ جي 4 صديءَ جي آخر واري زماني واري تاريخ بابت ڪزنس جي راءِ سان اتفاق ڪيو آھي. (51) تنھن ھوندي بھ ان ۾ ڪنھن بھ شڪ جي گنجائش نھ آھي تھ جنھن دور جو اندازو لڳايو ويو آھي، اھو مٿي ڄاڻايل وقت کان ڪافي اڳ جو زمانو آھي. جيڪڏھن اسين ھن مورتيءَ کي پدماپڻي جي مورتي سان ڀيٽ ڪنداسين، جا اجنتا جي غار نمبر1 ۾ آھي،  (52) ۽ جنھن جو تعلق ستين صديءَ جي پھرئين اڌ سان آھي تھ ٻنھي درميان ڪافي مشابھت نظر ايندي. خاص طرح جسم جي وضع قطع ۽ ھٿن پيرن جي بيھڪ، پٽاپٽي چوغو ۽ جنھن نموني ۾ اُھو لباس پاتل آهي، ھڪ غير معمولي قسم جو ننڍڙو گل، جيڪو ڇاتيءَ جي سامھون جھليو ويو آهي، ٻانھن وارو سادو بازو بند ۽ گلي جو ھار، جيڪو فقط داڻن جي ھڪ لڙھيءَ تي مشتمل آھي، جنھن جي وچ ۾ ھڪ وڏو داڻو پوتل آھي. فرق فقط ھي آھي تھ تاج ۽ جڻيو ٻئي گم آھن. جيتري قدر ميرپورخاص واري مورتيءَ جو تعلق آھي، ھڪ ٻڌڌرم جي ديوتا لاءِ جڻيي جو ھئڻ ڪو ھروڀرو لازمي نھ آھي. انھيءَ ڪري اسين بلڪل خاطريءَ سان مورتي جي اھڙي سڃاڻپ کي رد قد ڏيئي ٿا سگھون تھ واقعي اھا مورت ان جي آھي، جنھن مندر تعمير ڪرايو ھو؛ بجاءِ ان جي اسين ھن راءِ جا آھيون تھ اھا مورتي ٻوڌي اسٿوا پڊماپڻيءَ جي آھي ۽ اسين سندس دور جو تخمينو بجاءِ 4 صديءَ جي آخر واري دور جي، ستين صديءَ جي شروعاتي دور سان وابسته ڪنداسون.

جيتوڻيڪ ڪزنس (53) ۽ سندس نقش قدم تي قائم ڪمار سوامي (54) ۽ مسٽر سَرسوتي (55) طرفان ميرپور خاص جي ٻڌ مندر ۽ سندن مورتين متعلق رايو ھي آھي تھ چوٿين صديءَ جي آخر واري دور سان نسبت رکندڙ آھن، پر تڏھن بھ اسان جي خيال مطابق فن تعمير سينگار ۽ سنگتراشي جي لحاظ کان، جيئن مٿي بحث ڪري چڪا آھيون تھ مندر ۽ سندس مورتي ان زماني سان تعلق رکندڙ آھن، جو ڇھين صديءَ جي آخر ۽ اٺين صديءَ جي شروعات جي درمياني دور وارو آهي. (56) فن ۽ ڪاريگري جا اھي نمونا جي ھڪ ٻئي جي لڳ ڀڳ ڏسجن ٿا، سي ان دور جي پھرئين حصي سان وابستھ آھن، يعني ڇھين صديءَ جي آخر کان ويندي ستين صديءَ جي وچ واري دور جا يادگار آهن. انھيءَ اندازي جي درست ھئڻ لاءِ ھڪ وڌيڪ دليل شايد ھن حقيقت مان پڻ حاصل ٿي سگھي ٿو تھ سنڌ جي راءِ گھراڻي جا حڪمران، جي ان دور ۾ انھيءَ وقت تائين برسراقتدار ھئا، جيستائين برھمڻ گھراڻي وارن حاڪمن سندن جاءِ والاري ۽ سندن خاتمو ستين صديءَ جي وچ ڌاري آيو، اھي سڀ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ ھئا. (57) ليڪن ان انومان کي سؤ سيڪڙو صحيح حقيقت جي بحث ۾ آڻي نٿو سگھجي، ڇالاءِ تھ انھيءَ دور ۾ جملي مذھبي جماعتن درميان سنڌو ماٿر اندر تعصب جو جذبو ھرگز نھ ھئو ۽ مذھبي سلسلي ۾ ڪابھ ڇڪتاڻ يا رتوڇاڻ ڪانھ ھئي. خير – ڪجھھ بھ ھجي، ليڪن ميرپورخاص جي آثار متعلق اسان واري لڳايل اندازي جي ڪري سنڌ جي ڪيترن ٻين قديم آثارن جي قدامت لاءِ نھايت اھم ۽ پيچيدگيءَ وارو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. مثال طور سعيدپور واري سڌيرن جي دڙي جي ٻڌ مندر. (58) ھيءَ عمارت پڻ ڪافي چٽسالي سان آراستھ آهي، جيڪا اُڪريل سِرُن جي صورت ۾ تشڪيل ڏني وئي آهي ۽ انھن سرن ۾ جي نقش نگار چٽيل آھن، انھن مان ھڪ اھو ساڳيو شطرنج وارو تختو آھي.  (59) انھيءَ ڪري صاف ظاھر آھي تھ ھن آثار کي پڻ گھڻو پوءِ جي زماني سان وابستھ ڪيو ويندو، بجاءِ ان جي جو جيڪي ھن وقت تائين تعين ڪيو ويو آهي.

بھرحال، ميرپورخاص واري آثار جي تاريخ دوباره طئي ڪرڻ ڪري نھ فقط سنڌ جي ٻين قديم آثارن جو چڱو انداز متاثر ٿئي ٿو، پر انھيءَ باعث اسان جو اھو مسئلو پڻ حل ٿي وڃي ٿو، جو گجرات جي ’ڏيون موري‘ واري ٻڌ مندر جي ڪري پيدا ٿيو آھي. انھيءَ ٻڌ مندر جي کوٽائي 1960ع کان 1963ع دوران ڪئي ويئي ھئي. (60) ھن آثار جي تاريخ جو تخمينو مسٽر مھتا ۽ چوڌريءَ طرفان ھن بنياد تي طئي ڪيو ويو ھو تھ اتان ھڪ رک واري دٻلي تلاش ڪيل ھئي، جنھن مٿان جيڪو ڪَتبو اُڪريل ھو، تنھن ۾ سنھ127 ڄاڻايل ھو، جنھن جو سنبت نامعلوم ھو. ان لاءِ اھو انومان ڪڍيو ويو تھ ڪلاچري وارو زمانو ھوندو. (61) انھيءَ حساب مطابق دٻليءَ جي تاريخ 375ع بيھي ٿي. کوٽائي ڪندڙن طرفان پڻ ٻڌ مندر جي تعمير واري تاريخ بھ اٽڪل روءِ ساڳي ڪَٿي ويئي. ھنن ظاھر ڪيو آھي تھ ان آثار جي ڪئين ڀيرا مرمت ٿي آھي  (62) ۽ انھن مان ھڪ دفعو اھڙي مرمت ڇھين صديءَ بعد عمل ۾ اچڻ گھربي ھئي. (63) پر ان ھوندي وري بھ سندن خيال ھي بھ آھي تھ ٻڌ جون مورتيون ۽ اُڪريل سرون جي شڪستھ حالت ۾ ھيون ۽ مورتين سان گڏ مندر اندران لڌل ھيون، اھي سڀ 4 صديءَ جي آخر ڌاري مندر جي ابتدائي تعمير وقت رکيون ويون ھيون. اھو خيال بذات خود ھڪ ناممڪن ڳالھھ آھي ۽ ھو پاڻ بھ اھو سمجھائي نھ سگھيا آھن تھ ايترا سارا ٽڪرا آيا ڪٿان؟ بھرحال، ان عجيب غريب منطق جي نتيجي ۾ ھو ان لاءِ مجبور ٿيا آھن تھ سنگتراشيءَ جا نمونا 375ع سان يا اڃان ان کان اڳ جي زماني سان تعلق رکندڙ آھن، حالانڪ سندن نوعيت جي مدنظر محسوس ائين ٿو ٿئي تھ ڄاڻايل تاريخ ڪافي عرصو اڳ طئي ڪئي وئي آھي. پر جيڪڏھن اسين ’ڏيون موري‘ جي مواد کي مثال طور ميرپورخاص واري يا سڌيرن جي دڙي واري سامان سان ڀيٽ ڪنداسين تھ سندن ھڪجھڙائي نھايت نمايان طور عيان ٿئي ٿي، (64) جو اسين ھن قطعي فيصلي تي اڪتفا ٿا ڪريون تھ اُھي اُڪريل سرون ۽ ڏيون موري واري ٻڌ جي مورتي سنه375ع سان وابستھ نھ آھن، جيئن کوٽائي ڪندڙ چاھين ٿا تھ اسين سندن اندازي تي اعتبار ڪريون.

اسان جو خيال ھي آھي تھ ان مواد جو تعلق گپتا گھراڻي جي آخر واري زماني يعني ڇھين ۽ ستين صديءَ سان آھي. ان لاءِ اسان وٽ اڻ ڳڻيا ثبوت موجود آھن. مثال طور مينامتي (65) يا برھمڻ آباد (66)، جتي شڪستھ مجسمھ ۽ اُڪريل سرون سندن پوترتا جي مدنظر ٻڌ مندر جي مرمت دوران اندر رکيا ويا ھئا. ان ۾ ڪنھن بھ شڪ جي گنجائش نھ آھي تھ ڏيون موري ۾ پڻ ائين ئي ڪيو ويو ۽ مندر جي ڪنھن نھ ڪنھن ھڪ مرمت دوران، جا ڇھين صديءَ بعد عمل ۾ آئي، اھڙيون ڀڳل ٽٽل چيزون ڏيوري اندر سانڍي رکيون ويون. (67) باقي دٻليءَ جي موجودگي تڏھن ممڪن ٿي سگھي، جڏھن مندر جي سموري اڏاوت ھڪ ئي وقت تعمير ڪيل ھوندي، جيئن کوٽائي ڪندڙن جي راءِ مان پڌرو ٿئي ٿو. ليڪن ان حالت ۾ ممڪن حل ھي ٿي سگھي ٿو تھ ڇھين صديءَ بعد جڏھن مندر جي مرمت جو ڪم ھٿ ۾ کنيو ويو تھ ان دوران عمارت جي مرڪزي حصي ۾ رَک جي قديم دٻلي پڻ دوباره داخل ڪئي ويئي ھئي، جيئن ميرپورخاص واري ٻڌ مندر ۾ پھرين ان دٻليءَ جي مرمت ڪري، پوءِ کيس ان پوتر آستان ۾ محفوظ رکيو ويو. (68) مٿي ڄاڻايل مثال مان صاف ظاھر آھي تھ ڪيئن نھ سنڌ وارو دوباره جائزو ورتل مواد برصغير جي ڪيترن ٻين حصن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو، جيئن ڏيون موريءَ جي حالت ۾ اسان ڏٺو آھي.

سنڌ جي قديم ۽ تاريخي آثارن جي دوباره لڳايل تخميني سبب جيڪي اھم نتيجا نڪتا آھن، انھن مان ھڪ وڌيڪ مثال انھن ٺپن جو آهي، جي ڌرمي ڪريا ڪرم ۾ ڪتب ايندا آھن. ميرپورخاص جي الھندي واري ديوار ۾ جو ڏيورو ٺھيل آھي، تنھن جي ويجھو سؤ کان وڌيڪ اھڙا ٺپا لڌا ويا ھئا، (69) اھي ڳوھيل مٽيءَ جي مٿان سانچي ھڻڻ سان ٺاھيا ويندا ھئا ۽ بعد ۾ انھن کي يا اُس ۾ سڪايو ويندو ھو، يا وري آوريءَ ۾ پچايو ويندو ھو. اھي اھڙا ئي ٺپا آھن، جي ٻڌ رکي (ڀنڊ رڪشا)، جيڪو برھمڻ آباد جي نووھار مڙھيءَ جو مھنت هو، تنھن ويٺي ان وقت ٺاھيا جڏھن چچ (جيڪو حق غصب ڪندڙ ۽ نئين ھندو گھراڻي جو پايو وجھندڙ ھو) ستين صديءَ جي وچ ڌاري ساڻس ملاقات لاءِ آيو. (70) چچ جو ارادو ھو تھ مھنت کي قتل ڪري، ڇاڪاڻ تھ اھو سندن دشمنن جو سياسي صلاحڪار ھو، جو برھمڻ آباد جو حاڪم ھو. ليڪن جڏھن چچ اتي آيو، تڏھن ڏٺائين تھ ھو ڪرسيءَ تي براجمان ھو ۽ پرارٿنا ۾ مشغول ھو. سندس ھٿن ۾ سخت ڳوھيل مٽيءَ جا چاڻا ھئا، جن مان ھن بت ٿي ٺاھيا. ھن بتن تي ھڪ قسم جو ٺپو ٿي ھنيو تھ مٿس ٻڌ جو عڪس ظاھر ٿي ٿيو. بت جي ساخت مڪمل ٿيڻ تي اھو ھڪ پاسي رکي ٿي ڇڏيائين. (71) جيتوڻيڪ ٻڌ رکي کي چچ جي تشريف آوريءَ جي مقصد جي پوري ڄاڻ ھئي، تڏھن بھ ھو پنھنجي پوڄا پاٺ ۾ محو رھيو ۽ چچ ھن جي گنڀيرتا کان ايترو متاثر ٿيو جو ھن پنھنجي اصلي ارادي ۾ تبديلي آندي ۽ نھ فقط اھو، پر کانئس ھي بھ پڇيائين تھ سندس لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي! مھنت پوءِ کيس گذارش ڪئي تھ ان پراڻي مندر کي نئين سر تعمير ڪري، جنھن جو ھو مھنت ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن وقت جا ڪافي لوڏا سٺا ھئا. ھن جو اھو عرض چچ اگھايو. ھن واقعي مان انھيءَ ڳالھھ جو ثبوت ملي ٿو، جنھن لاءِ آءٌ مٿي بحث ڪري چڪو آھيان، يعني تھ اھو ڪو ھروڀرو ضروري نھ آھي تھ ميرپورخاص واري مندر جي تعمير ٻڌ گھراڻي جي راڄ دوران ٿي ھجي، ڇاڪاڻ تھ انھن ڏينھن سنڌ اندر مذھبي تعصب ھرگز وجود ۾ ڪونھ ھو.

 ڀيٽا يا ڌرمي ڪرياڪرم جي ٺپا، جي ميرپورخاص مان لڌا ويا ھئا، تن جي ڀيٽ ساڳئي قسم جي مھرن سان ڪري سگھجي ٿي، جي ھندوستان جي ٻين ٻڌ ڌرم جي آثارن مان لڌيون آھن، ۽ جن جو تعلق اٺين کان يارھين صدي واري زماني سان آھي. انھيءَ ڪري ۽ ان سان گڏ ھن حقيقت جي مدنظر تھ ميرپورخاص مان اھڙا سڪا پڻ لڌا ويا ھئا، جن جو مسلمانن جي اوائلي دور سان واسطو ھئو، ھي ثابت ٿئي ٿو تھ عربن جي فتوحات بعد بھ ھيءَ جڳھھ ڪافي صدين تائين ٻڌ عبادتگاھھ پئي رھي آھي. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي ٻين آثارن مان پڻ ساڳئي قسم جا ٺپا مليا آھن، جيئن تھ سڌيرن جي دڙي (72) مان، حالانڪ اھي اڃا بھ اڳئين زماني جا آھن، يعني ستين اٺين صدي سان تعلق رکندڙ آھن. ھي ٺپو جنھن جو عڪس ڏيکاريل آھي، ڊاڪٽر پروفيسر نبي بخش خان بلوچ جي ملڪيت آھي، ۽ ھو صاحب اھو ٺپو ڪافي سال اڳ مون وٽ موئن جي دڙي کڻي آيل ھو تھ جيئن آءٌ ان جو نمونو فوٽو ڪڍي سگھان. اھو نھايت دلچسپ نموني جو آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن جملي ٺپن کان پوءِ جي دور جو آھي، جي مون اڳ ڏٺا آھن، ساخت جي لحاظ کان يارھين صدي جو ڏسجي ٿو يا اڃان بھ شايد ٻارھين صديءَ جي شروعاتي دور جو ھجي. ان مان ھي ثابت ٿئي ٿو تھ ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ ان وقت تائين وجود ۾ رھيو. ڀيٽا وارا اھڙا ٺپا، جھڙا سنڌ اندر ڪافي ٻين ھنڌن تان پڻ لڌا ويا آھن، اھي اتر ھندوستان جي بي شمار آثارن مان پڻ کوٽي حاصل ڪيا ويا آھن. ازانسواءِ اھڙي قسم جا ٺپا برما ۾ پڻ اڪثر لڌا ويا آھن. شڪل ۾ جنھن ٺپي جو عڪس ڏيکاريل آھي، جيڪو ڏھين يا ٻارھين صديءَ سان تعلق رکندڙ آھي، اھو تگانگ (Tagung) جي اوڊڪ (Odok) ٻڌ مندر نزديڪ لڌو ويو ھو. ياد رھي تھ تگانگ ھڪ قديم شھر آھي، جو مانڊلي (73) جي اتر ۾ اٽڪل سؤ ميلن جي مفاصلي تي واقع آھي. ساڳئي قسم جا ٺپا انڊونيشيا جي بالي جزيري ۾ پڻ لڌا ويا آھن، جيڪو ھزارھا ميل پري آھي. (74) اھي سڀ ڳالھيون ھي ثابت ڪن ٿيون تھ اھي ٺپا ڀيٽا طور پيش ڪرڻ سموري ايشا کنڊ جي ٻڌڌرم جي ھڪ پوتر ڌرمي رسم ھئي ۽ سنڌ جيئن تھ بين الاقوامي ٻڌ ڌرم جو ھڪ حصو ھئي، انھيءَ ڪري اھڙيءَ دستوري رسم کان خالي نھ ھئي.

ھڪ ٻي دلچسپ ڳالھھ جنھن لاءِ آثار قديمھ طرفان پوري ثابتي ڪئي ويئي آھي، اھا ھيءَ آھي تھ سنڌ جي اوائلي تاريخي دور ۾ جڏھن ٻڌ ڌرم جو زور ھئو، تڏھن ساڳئي وقت سنڌ ۾ ھندو ڌرم پڻ عروج تي ھو. انھيءَ سلسلي ۾ سڀ کان اول ثبوت ’برھما‘ جو پتل وارو اھو خوبصورت بت آھي، (75) جو ميرپورخاص جي پسگردائي مان حاصل ڪيو ويو ھو. (76) اھو مجسمو برصغير جي انھن خوبصورت مورتين مان ھڪ آھي، جي ڌاتن مان ٺھيل آھن ۽ ورلي ھٿ اچي سگھيا آھن. ان کان علاوه قد قامت جي نڪتھ نظر کان ھي ھڪ غير معمولي قسم جو بت آھي. ان کان سواءِ ھي بت برھما جي اھڙن عجيب غريب قسمن جي مجسمن مان ھڪ آھي، جي اسان کي ورلي حاصل ٿي سگھيا آھن ۽ غير معمولي ھن ڪري آھي جو کيس فقط ٻھ بازو آھن. (78) ھن مورتيءَ جي کاٻي ھٿ ۾ مالھا جھليل نھ آهي، جيئن ڪزنس جو پنھنجو رايو آهي. (79) ڳوڙھي جاچ ڪرڻ تي ڏسجڻ ۾ ھي ٿو اچي تھ پاڻيءَ جي ٿانءُ واري ڳچي آھي جا سنھي آھي. ھي ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي تھ پاڻيءَ جو ٿانءُ برھما جو ھڪ دستوري نشان آھي، جو بت جي آڱرين درميان نظر اچي رھيو آھي. دراصل ھٿ ۾ جھليل ئي اھڙي انداز ۾ آھي، جيئن عام طور ساڌو يا جوڳي ڪرمنڊل يا پاڻيءَ جو ٿانءُ ھٿ ۾ رکندا آھن. بت جو ھي ناياب ۽ نادر نمونو ان دور جو ٿي سگھي ٿو، جو ڇھين يا ستين صديءَ جي آخر وارو زمانو آھي. اھو اندازو ڪاريگريءَ جي ٻين نمونن جي ڀيٽ واري بنياد تي لڳايو ويو آھي. جيئن تھ سلطان گنج واري ٻڌ جو مجسمو، جو ھاڻي برمنگھام جي ميوزم ۾ رکيل آھي، ٻنھي بتن جي شڪل شبيھھ ذري گھٽ ھڪجھڙي پئي محسوس ٿئي.

ان کان پوءِ برھمڻ آباد ۾ جيڪي ھندو ديوتائن جي پٿر وارن بتن جا ڪيترا ڀڳل ٽٽل ٽڪرا لڌا ويا آھن، تن ۾ ھڪ اھڙو فريم نما کرل ھٿ آيل آھي، جنھن ۾ اندر ڪو بُت رکيل ھو. ان فريم جو مٿيون حصو ۽ پاسا ديوتائن جي ننڍڙن بتن سان سينگاريل آھن. (82) ھي اھو نمونو آهي، جنھن جو ذڪر ھن مضمون جي شروع ۾ ڪيو ويو آھي. بدقسمتي ھيءَ آھي جو ڪزنس طرفان ھن فريم جي موجوده جڳھھ بنسبت نڪو اطلاع ڏنل آھي ۽ نھ وري ان جي ڪا ماپ وغيره بيان ڪئي اٿس. ليڪن ان فريم جي جيڪا مشابھھ شڪل ڄاڻائي اٿس، ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ منجھس سورج ديوتا جو بت رکيل ھو، جنھن جي سنڌ اندر پرستش ٿيندڙ ھئي، جا ڏھين صديءَ جي وچ ڌاري تائين مروج ھئي. ايشيا کنڊ ۾ ھن ديوتا جو نھايت اھميت وارو مندر ملتان ۾ ھو، جو ھندستان جي اتر اولھھ ۽ وچ وارن علائقن جي باشندن لاءِ ياترا جو مرڪز ھو. (83) نموني جي مدنظر اھو فريم ڏھين صديءَ جو ٿو ڏسجي، يا ٿي سگھي ٿو تھ اڃا ڪجھھ بعد واري زماني جو ھجي، جنھن مان ھي ثابت ٿئي ٿو تھ جيئن مون اڳ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي، تھ ’ھندو ڌرم‘ عرب حڪومت جي دور ۾ پڻ وڌندو ويجھندو رھيو. علاوه ان جي، ھندو ڌرم جي پٿر وارن بتن جا ڪيترا ٽڪرا ھوئن شانگ جي انھي حوالي جي تصديق ڪن ٿا، جيئن ھو چوي ٿو تھ 642 عيسوي ۾ آثار سنڌ اندر ٽيھارو کن ھندن جا مندر ھئا (84)، انھن مان ھڪ مندر جا آثار تازو آثار قديمھ طرفان ڀنڀور جي کوٽائي ڪندي لڌا آھن، جنھن کنڊر لاءِ عام انومان ھي آھي ته اھو قديم شھر ’ديبل بندر‘ آھي (85).

کنڊر ۾ اسلام کان اڳ واري دور جي سطح تي کوٽائيءَ دوران ھڪ عمارت ظاھر ٿي، جنھن لاءِ گمان غالب آھي تھ شِوَ جو مندر آھي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ شِوَ جا ٻھ عدد لِنگَم لڌا ويا آھن، جن مان ھڪ اڃان سوڌو پنھنجي ’يوني‘ واري حالت ۾ اُڀو بيٺل آھي. (86) ھن اندازي لڳائڻ لاءِ انسان ھرکجي وڃي ٿو تھ اھا اڏاوت اُنھن شاھي ”شِوالي“ جي آھي، جو شھر جي مرڪزي حصي ۾ تعمير ٿيل ھئو، جنھن جي گنبذ مٿان ڊگھو وروڪڙ ٺُل ٺھيل ھو، ۽ جنھن جي چوٽيءَ تي چؤرنگو ريشم جو سائو جھنڊو ڦڙڪندو ھو، جنھن متعلق اسان کي مسلم مصنف طرفان ھي ٻڌايو ويو آھي تھ چاليھھ ڪعب فوٽ اوچو ھو. جڏھن ديبل جي ھڪ ٻانڀڻ محمد بن قاسم کي ھيءُ ٻڌايو تھ ھو شھر تي قبضو انھيءَ صورت ۾ ڪري سگھندو، جڏھن ھو مندر جي ٺل ۽ ان تي ڦڙڪندڙ جھنڊي کي ھيٺ ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. تڏھن ان نوجوان جرنيل پنھنجي فوجي انجينئر کي ھي حڪم صادر ڪيو تھ ھو پنھنجي منجنيق جي گولن جو رخ شوالي جي چوٽي ڏانھن ڪري. اھڙي طرح مندر جو شاھي منارو تباه ڪيو ويو ۽ ان بعد وھمي لشڪر پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي ۽ پيش پيو.

جيستائين منھنجي معلومات جو تعلق آھي تھ ديبل اھو واحد ھندو ڌرم جو آثار آھي، جو اوائلي ۽ تاريخي زماني سان واسطو رکي ٿو، جيڪو ھن وقت ڳولي لڌو ويو آھي، ليڪن اھو پڻ بعيد ناھي تھ مستقبل ۾ اسان ٻيا ڪي وڌيڪ آثار ڳولي سگھون، پر شرط ھي آھي تھ اھڙن قديم کنڊرن ڏانھن اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، جيڪي عيسوي سنھ جي پھرين ڏھن صدين سان تعلق رکن ٿا.

ھن سلسلي ۾ آءٌ انھن عاج جي چيزن ڏانھن پڻ ڌيان ڇڪائيندس، جي بيلاسس طرفان برھمڻ آباد ۾ 56-1854ع ڌاري لڌيون ويون آھن ۽ ھن وقت برٽش ميوزم ۾ رکيل آھن. (88) انھن چيزن جي نوعيت مان ھي اندازو ٿئي ٿو تھ اھي ڪنھن زماني ۾ پيتين يا فرنيچر جو حصو ھيون. انھن جو نمونو ھوبھو اھڙن مجسمن جھڙو آھي، جي نائين صديءَ جي پوئين اڌ يا ڏھين صديءَ جي شروعات ڌاري اوڀر راجسٿان يا مرڪزي ھندوستان ۾ مروج ھئا. حالانڪ اھي دلچسپ آثار ان ساڳئي انداز ۾ سنڌ ۾ ھندو ڌرم جي عروج ۾ ھئڻ جو ڪو ثبوت پيش نٿا ڪن، جيئن برھمڻ آباد ۾ لڌل پٿر جا مجسما اھڙي رھنمائي ڪري ٿا سگھن. بھرحال ھو اھڙي برک تجارت ڏانھن اشارو ضرور ڪندڙ آھن، جا سنڌ ۽ ھندوستان جي راڄڌاني ۽ اوڀر وارن ملڪن درميان ھلندڙ ھئي، انھيءَ ڪري اھي آثار سنڌ ڊيلٽا جي انھن تھذيبي اھڃاڻن تي دلچسپ روشني وجھن ٿا، جي ان زماني جي آخر واري دور سان واسطو رکندڙ آھن، جيڪو اسان جي زيربحث آھي.

اھڙي عياشي واري ساز وسامان مان ھيءُ اندازو ٿئي ٿو تھ سنڌ انھن ڏينھن ۾ ھڪ سکيو ستابو ملڪ ھو ۽ سندس عظمت ۽ عروج وارو ماحول ھڪ عام ۽ معمولي قسم جي شين جي من موھيندڙ شڪل ۽ ڊول مان پڻ جھلڪيون پيو ڏئي، جيئن ٺڪر جا گلدستا وغيره. انھيءَ شڪل وارو نمونو مسٽر بيلاسس طرفان ڏيپر گھانگھري واري ٻڌ مندر نزديڪ کوٽائي ڪندي لڌو ويو ھو، (89) ليڪن اھڙي قسم جو گھاڙيٽو ۽ اُڪرَ سموريءَ سنڌ ۾ عام طور ھلندڙ ھئي يا وري اھڙي قسم جا سانچا ۽ گھڙائي جا اوزار موجود ھئا، جن سان گلدستن تي ٺپا ۽ سينگار جا گل چٽيا ويندا ھئا، قبل ان جي جو مٽيءَ جي اھڙن ٿانون کي پچايو وڃي. اھڙا ڪجھھ نمونا ڀنڀور مان پڻ کوٽي ڪڍيا ويا آھن، جي اسلام کان اڳ واري دور جي سطح تي پيل ھئا. (90)

آخر ۾ مون کي ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ اسان کي انھن سِڪَن طرف پڻ ڌيان ڏيڻ گھرجي، جي ان زماني سان تعلق رکن ٿا، جيڪو زيربحث آھي. جيئن تھ سڪن جي سڃاڻپ واري فن جو آءٌ ماھر نھ آھيان، تنھن ڪري ان ڏس ۾ آءٌ تفصيلي طور وڃي نٿو سگھان. ليڪن مثال طور آءٌ انھيءَ ذخيري جو حوالو ضرور پيش ڪندس، جنھن ۾ 604 سڪا موجود ھئا، جيڪو مسٽر بئنر جي طرفان 23-1922ع ڌاري، موئن جي دڙي واري ٻڌ مندر جي ھڪ تھخاني مان کوٽي لڌو ويو ھو. (90) اھي سڀ سڪا ھڪ ئي نموني جا آھن، جنھن ۾ 139 سڪا عمارت جي وڌيڪ کوٽائي ڪندي لڌا ويا ھئا. انھن سڪن جي ھڪ طرف تي ھڪ بيٺل شڪل آھي، جنھن جي مٿي جي چؤگرد نوراني حلقو آھي ۽ سندس ھڪ ھٿ ۾ ترشول آھي. مسٽر بئنرجي جو رايو ھي آھي تھ اھا مرد جي مورتي دراصل ٻڌ ڀڳوان آھي. (92) سر جان مارشل اھڙي رايي کي رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ ٻڌ جي ھٿ ۾ ترشول ھرگز نھ ھوندو آھي ۽ سندس خيال ھي آھي تھ: ”ان ۾ ذري ڀر شڪ جي گنجائش ٿي نٿي سگھي تھ اھا مورتي ان بادشاھھ جي آھي، جنھن طرفان سڪو جاري ڪيو ويو آھي.“(93) جيئن تھ ساڳئي قسم جا سڪا جھڪر جي دڙي مان مجمدار طرفان پڻ تلاش ڪيا ويا ھئا ۽ سڪن سان گڏ اھڙا ٺپا پڻ لڌا ويا ھئا، جن تي پنجين صديءَ جا اھڃاڻ ظاھر ھئا. (94) جان مارشل طرفان موئن جي دڙي واري ٻڌ مندر جي زماني جو تخمينو ٽين صديءَ جي شروعات کان ويندي پنجين صدي درميان واري دور جو آھي. ان مان ڪيترا سوال پيدا ٿين ٿا. پھريون ھي آھي تھ: سڪن تي جا مورت اُڪريل آھي، اھا واقعي ئي ڪنھن بادشاه جي آھي يا شِوَ ڀڳوان جي آھي، ڇاڪاڻ تھ سندس ھٿ ۾ ترشول آھي، جو ھن ديوتا جو دستوري نشان آھي؟ ٻيو سوال ھي آھي تھ آيا، واقعي ھي سڪا پجين صديءَ واري زماني سان تعلق رکن ٿا يا بعد واري زماني سان؟ جان مارشل طرفان ساڳئي قسم جي سِڪن طرفان ڌيان ڇڪايو ويو آھي، جن جون شڪليون ڪننگھام ڪڍيون ھيون، تھ انھن تي اھڙا اھڃاڻ اُڪريل آھن جي مارشل جي فيصلھ ڪن راءِ مطابق ”پنجين صديءَ عيسوي کان اڳ جا ھرگز ٿي نٿا سگھن“. (96)

جيڪڏھن اسين ڪننگھام جي ڪتاب ”ھندستان جي دور جا سڪا“ جو مطالعو ڪنداسين تھ اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو تھ آثار قديمھ جو ھي جھونو جوڳي سِڪن واري زماني جو تخمينو پنجين صدي ۽ اٺين صدي درميان واري دور جو ڪري ٿو (97). انھيءَ ڪري جيڪڏھن مُورتي شِوَ جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ سِڪا پنجين صدي کان پوءِ جي دور جا آھن تھ پوءِ اھي سڪا سنڌ جي ھندو گھراڻي وارن حڪمرانن طرفان ستين صديءَ جي پوئين اڌ واري دور ۾ ڪيئن جاري ٿي سگھيا ھوندا؟ ٽيون سبب ھي آھي تھ فرض ڪريو تھ اھو مسئلو حل بھ ٿي سگھي ٿو تھ پوءِ ھي پڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو تھ موئن جي دڙي وارو ٻڌ مندر پنجين صدي کان پوءِ بھ بدستور وجود ۾ رھيو، جيئن اسان اڳيئي ڄاڻايو آھي تھ سنڌ جي تاريخ واري دور جي مطالعي لاءِ جيڪا نئين ڪوشش ڪئي وڃي، ان ۾ سڪن جي سڃاڻپ واري فن کي پڻ پنھنجو مناسب مقام بخشيو وڃي.

مٿي جيڪو بحث ڪيو ويو آھي، ان جو ماحصل ھي آھي جو اميد تھ مون ثابت پڻ ڪري ڏيکاريو آھي تھ اڄ  اھو وقت اچي چڪو آھي جو ھاڻي اسان کي سنڌو ڊيلٽا جي اوائلي تاريخ طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي، جنھن متعلق اسان کي بلڪل ٿورڙي معلومات آھي. عيسوي سنھ جي پھرين ڏھن صدين سان واسطو رکندڙ مواد جو جيڪڏھن ٻيھر جائزو ورتو ويندو تھ اھو نھايت سودمند ثابت ٿيندو، جيئن مون اھڙن مثالن ذريعي واضح ڪيو آھي، جن ۾ آثار، مجسما ۽ سڪا پڻ اچي وڃن ٿا ۽ جن جي تاريخ واري عرصي تي نظرثاني ڪرڻ ڪري يا سندن مفھوم ۾ تبديليءَ باعث ڪيترا نتيجا نڪري سگھن ٿا. ان کان علاوه آثار قديمھ جي علم طفيل اڳيئي ثابت ٿي چڪو آھي تھ پھرين ستن صدين دوران سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم سان گڏوگڏ ھندو ڌرم پڻ زور وٺندو رھيو ۽ ان زماني ۾ ھڪٻئي جي ڌرم کي برداشت ڪرڻ جو جذبو عام طور تي عمل ۾ ھو. جيئن تھ ساڳئي قسم جو جذبو ۽ رجحان عربن جي دور حڪومت ۾ پڻ جاري رھيو، انھيءَ ڪري ٻئي ڌرم باقاعدي اسلام سان گڏوگڏ وڌندا رھيا ۽ اھو سلسلو ان اندازي کان ڪافي وڌيڪ زماني تائين جاري رھيو؛ جيئن عام طور سمجھيو وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت جيئن انڊونيشيا ۾ اسلام نھايت آھستگيءَ سان پکڙيو، جنھن ۾ اٽڪل روءِ ٽي صديون صرف ٿيون. سنڌ ملڪ انھن وقتن ۾ نھايت سکيو ستابو ھو ۽ برک واپار جي ڪري ڏاڍي ترقي ڪئي ھئائين ۽ مختلف مذھبن جي ھئڻ سبب تھذيب ۽ تمدن سان پڻ مالا مال رھيو. ڪزنس ھڪ دفعي لکيو ھو تھ: ”کوٽائيءَ جو بي انداز ڪم ھٿ ۾ کڻڻ بلڪل ناممڪن آھي؛ ڇاڪاڻ تھ گھربل رقم جو انداز موجود ناھي، انھيءَ ڪري ڪم جو گھڻو حصو سنڌ ۾ باقي رھيل آھي.“(98)

ان بعد اسان انھيءَ ڏس ۾ ڪو واڌارو ڪونھ ڪيو آھي، تنھن ڪري سندس اھو بيان تھ ڪم جو وڏو حصو اڃا سوڌو رھيل آھي، اڄ بھ صحيح آھي ۽ سندس مشورو اڄ بھ اھڙو ئي بي بھا ۽ قيمتي آھي، جھڙو ان وقت ھو، جڏھن پنجاه سال اڳ ھن اھو لکيو ھو.

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)     واٽرس ”آن يوئان چوانگس ٽريولز ان انڊيا“ (645-629ع) ٻھ جلد، دھليءَ ۾ وري ڇپيل 1961ع، جلد ٻيو ص252.

(2)    ٻڌ لفظ غير مسلم (ٻڌن توڙي ھندن جي) مڙھين لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. ھت سڌو سنئون اشارو ھندو مندرن ڏانھن آھي، ڇا لاءِ جو اھا درخواست ھندن طرفان ڪئي وئي ھئي. ساڳيءَ طرح جي مثالن لاءِ ڏسو ايچ.سي.راءِ ”دي ڊائناسٽڪ ھسٽري آف ناردرن انڊيا“ (ارلي ميڊيول پيريد) جلد پھريون، ڪلڪتو 1931ع، ص11 نوٽ 1 ۽ ص15 نوٽ1.

(3)    ڪزنس ”دي ائنٽيڪس ائينٽڪئٽيز آف سنڌ وٿ ھسٽاريڪل آئوٽ لائين“ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، اپريل سيريز، جلد4، ڪلڪتو 1929ع ص26 (اڳتي فقط ڪزنس ڪري ڄاڻايل)

(4)    ايضًا ص77.

(5)    ايضًا ص55، پليٽ 14، اي.

(6)    ايضًا ص85، نوٽ1

(7)    پاڪستان آرڪيالاجي، نمبر1، ڪراچي 1964ع ص10.

(8)    ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو.

(9)    ڊي.آر.ڀنڊارڪر ”ٻڌسٽ اسٽوپا ائٽ سعيدپور اِن سنڌ“ (آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ 14-1915ع، ڪلڪتو 1920ع) ص96-89، پليٽون 59-56.

(10)         1928ع ۾ مجمدار جھڪر وٽ دڙي ’ب‘ ۾ ۽ دڙي ’الف‘ جي مٿئين تھھ ۾ جيڪي کاھيون کوٽايون ھيون، تن کي اسان ”ھڪ اوائلي تاريخي يادگار جي کوٽائي“ نٿا سمجھون. ڏسو اين.سي.مجمدار، ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ، بينگ اي رپورٽ آن دي ايڪسپلوريٽري سروي ڪيرڊ آئوٽ ڊيورنگ دي ييئرس 28-1927ع، 30-1929ع اينڊ 31-1930ع (ميمائرس آف دي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر 48، دھلي 1934ع) ص9-6.

(11) آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ 23-1922ع اڳ ڏنل حوالو، ص104-102.

(12)         مجمدار، اڳ ڏنل حوالو.

(13)         انھيءَ ڪتاب ۾ ڪزنس ص168 تي 13 سٽون موھن جي دڙي تي نقل ڪيون آھن. اھي ڊي.آر.ڀنڊارڪر جي انھيءَ رپورٽ جي ص4 تان کنيل آھن، جيڪا ”آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ويسٽرن سرڪل“ جي 31 مارڇ 1912ع تي پوري ٿيندڙ سال واريءَ رپورٽ ۾ شايع ٿيل ھئي. ص168 جي نوٽ پھرئين ۾ ڪزنس انھيءَ ھنڌ تاريخ کان اڳ جي تھن جي لڀڻ جو ذڪر ڪري ٿو.

(14)          سر جان مارشل، موھن جو دڙو ۽ سنڌو تھذيب – ھندوستان سرڪار طرفان 1922ع ۽ 1927ع وارن سالن جي وچ ۾ موھن جي دڙي ۾ ڪرايل کوٽاين جو سرڪاري احوال (انگريزي) لنڊن 1931ع، جلد پھريون ص 130-113.

(15)ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص99

(16)         مجمدار، اڳ ڏنل حوالو، ص34.

(17)         ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص99 شڪل 15

(18)         ڏسو آءِ. ليانس ۽ ايڇ. انگھولٽ، گنڌارن آرٽ اِن پاڪستان، نيويارڪ 1957ع، پليٽون 15-13 ۽ سر جان مارشل، ٻڌسٽ آرٽ آف گنڌارا، ڪئمبرج 1960ع، پليٽ 63، شڪل 92.

(19)         ڏسو ايڇ. آبوئر Le trne et son symbolisme dans l’ Inde ancienne پئرس 1949ع، ص43. آبوئر پنھنجي اڀياس ۾ ميرپور خاص مان لڌل ٺڪر (سندس ڪتاب ۾ پوش جي سامھونءَ واري تصوير) بھ شامل ڪئي آھي، جا ذري گھٽ ٺل مير رڪڻ وٽ لڌل ٽين مھر جھڙي آھي. ٻين سڀني وانگر ھوءَ بھ اھو ئي فرض ڪري ٿي تھ اھا مھر پنجين صديءَ جي آھي. نتيجي طور، اھا سندس انھيءَ اوسر واريءَ جدول سان پوري نٿي بيھي، جيڪا ص43 تي ڏني اٿس. ان ڪري ھن بجا طور تي، اوسر واريءَ انھيءَ جدول جي جنھن سٽ ۾ ميرپورخاص جو ذڪر ڪيو آھي، اتي سوال جون ٻھ نشانيون ڏنيون آھن. جيڪڏھن اسان منھنجي صلاح موجب اھو فرض ڪريون تھ اھا مھر پنجين صديءَ کان پوءِ جي آھي تھ پوءِ سندس رٿا ڪارگر ثابت ٿئي ٿي.

(20)        ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائنٽيڪس آف ويسٽرن انڊيا“ لنڊن 1926ع، پليٽ10؛ اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 28؛ پڻ ايڇ.ٽي.لئمبرڪ ”سنڌ بفور دي مسلم ڪانڪئيسٽ“، ’سنڌ جي تاريخ‘ سلسلو جلد2 حيدرآباد 1973ع، ص132 جي سامھون واري پليٽ.

(21)         ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 24

(22)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 19

(23)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽون 24، 25، اي.

(24)        ايم.بوسا گلي ۽ سي.شورام مورتي ”5000ييئرس آف دي آرٽ آف انڊيا“، نيويارڪ – بمبئي، تاريخ اڻ ڄاتل، ص124 تي ڏنل پليٽ 33.

(25)         جي.پي.ووگيل، ”دي ٽمپل آف ڀٽارگائون“ (آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ، 9-1908ع، ڪلڪتو 1915ع) ص21-5 پليٽ 5.

(26)        ايڇ.زمر ”دي آرٽ آف انڊين ايشيا، اِٽس مٿالاجي ائنڊ ٽرانسفارميشنس“ ٻھ جلد، نيويارڪ 1955ع، جلد ٻيو، پليٽ 186.

(27)        ايضًا

(28)        ايم.ايس.وئٽس ”دي گپت ٽمپل ائٽ ديوڳڙھھ“ (ميمائرس آف دي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر70، دھلي 1952ع) پليٽون 8، 14

(29)        سر ليي ائشٽن، ”دي آرٽ آف انڊيا ائنڊ پاڪستان، اي ڪمپوريٽو ڪئٽالاگ آف دي ائگزيبيشن ھيلڊ ائٽ دي رائل اڪيڊمي آف آرٽس.“ لنڊن 48-1947ع، لنڊن (1950ع)، نمبر 241، ص55، پليٽ 37، جنھن ۾ انھيءَ زماني جي بتن گھڙڻ جي ھنر جو مثال راج محل ٻڌايل آھي. اھا ڳالھھ پوريءَ طرح درست نھ آھي، ڇو جو اھو داڻو راج محل ضلعي ۾ سڪريگلي گھاٽ وٽان لڌو ويو ھو. اِرون، جنھن ڪئٽالاگ جو اھو ڀاڱو لکيو، سو انھيءَ بت سازيءَ کي نائين صديءَ جي اوائلي جو ڄاڻائي ٿو؛ پر ڏانءَ جون ڀيٽون ڏيکارين ٿيون تھ اھو گھڻو اڳ جو آھي.

(30)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 20 (پليٽ جي مٿئين ڀاڱي ۾ گھڙيل سرون)

(31)         ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 25، بي (ھيٺ ساڄي پاسي واري ڪنڊ)

(32)        ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائنٽيڪس آف ويسٽرن انڊيا“اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 11 ’ب‘ ڪزنس، پليٽ 41، لئمبرڪ، اڳ ڏنل حوالو، ص132 ۽ 133 جي وچ واري پليٽ.

(33)        وئٽس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 26، بي – ڊي.

(34)        زمر، اڳ ڏنل حوالو، جلد ٻيو، پليٽون 196-195.

(35)         ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائنٽيڪس آف ويسٽرن انڊيا“اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 14، اي؛ ڪزنس، پليٽون 26، 27؛ پي.ايم.لئڊ، دي وي آف دي بُڌا، نئين دھلي (1957ع) ص193 تي شڪل 13.

(36)        جي.پي.ووگيل Arts Asiatica, La sculpture de Mathura جلد پندرھون، پئرس 1950ع، ص109-110، پليٽون 31 اي ۽ اي؛ پليٽ 31 تي اُڪريل لکيت سنھ 50-549ع جي آھي.

(37)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 26 (ھيٺ ساڄي پاسي)

(38)        بوسا گلي ۽ شورام مورتي، اڳ ڏنل حوالو، ص24 تي پليٽ 21.

(39)        شطرنج جي بساط وارو نمونو ڪزنس ۾ ڏيکاريل خانن ۾ نروار ٿئي ٿو، پليٽ 26؛ زنجير ۽ ڪنول وارو نمونو لئڊ وارن خانن ۾ واپرايل آھي، اڳ ڏنل حوالو، ص193 تي شڪل 13.

(40)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽون22، سي 23، اي ۽ بي.

(41)         اسٽوپا جي نھري بنياد منجھھ ٺاھيل اھي مَٺ اڳتي ھلي ”اولڊ برما – ارلي پئگن“ 3 جلد، نيويارڪ 1975ع، جلد ٽيون، پليٽون 270-264، 371-368، 389-382.

(42)        ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائينٽڪئٽيز آف ويسٽرن انڊيا“اڳ ڏنل حوالو، پليٽ14، بي؛ ڪزنس، ص95 تي شڪل 14، Chefs d’oeuvrede l’art نمبر 35، 13 نومبر 1963ع، ص560، لئمبرڪ اڳ ڏنل حوالو ص133 جي سامھونءَ واري پليٽ.

(43)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص96

(44)        Chefs, d’oeuvre de l’art، نمبر35، 13 نومبر 1963ع ص560.

(45)         لئمبرڪ، اڳ ڏنل حوالو، ص133

(46)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص95-96

(47)        اي.ڪي ڪمار سوامي ”ھسٽري آف انڊين ائنڊ انڊونيشيئن آرٽ“ وري ڇاپو نيويارڪ 1965ع، ص73، 87.

(48)        نِھر رنجن راءِ ڪلاسيڪل ايج ۾، سمپادڪ: آر.سي.مجمدار، دي ھسٽري ائنڊ ڪلچر آف دي انڊين پيپل، جلد ٽيون، بمبئي 1954ع، ص549، پليٽ 36، شڪل 88.

(49)         لئمبرڪ، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ، ص133

(50)          زمر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، پليٽون 147، 148، 151

(51) ڪمار سوامي، اڳ ڏنل حوالو،  ص73

(52)          زمر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، پليٽ 151

(53)          ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو،  ص96

(54)          ڪمار سوامي، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص56، 73، 171

(55)          ايس.ڪي.سرسوتي، ”ڪلاسيڪل ايج“ ۾، سمپادڪ سي.آر.مجمدار، ص516، پليٽ 15، شڪل 29

(56)          جيستائين مون کي معلوم آھي تھ پرسي برائون ئي اھو واحد عالم ھو، جنھن احساس ڪري ورتو ھو تھ چوٿين صديءَ جي ڪابھ تاريخ گھڻي سوير ڀري ٿيندي. ھو ميرپورخاص کي پنجين يا ڇھين صديءَ جو ٻڌائي ٿو، پر منھنجي خيال ۾ اھا تاريخ پڻ گھڻي سوير ڀري آھي. ڏسو پي.برائون، انڊين آرڪيٽيڪچر (ٻڌسٽ اينڊ ھندو پيريڊس) ٻيو ڇاپو، بمبئي، سن غائب ص54.

(57)         راءِ، اڳ ڏنل حوالو، جلد پھريون ص5، 47، 48

(58)         ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، ڪزنس، ص109-100، پليٽون 30-31

(59)         ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 59، سي؛ ڪزنس، پليٽ 31، اي ۽ بي

(60)        آر.اين.مھتا ۽ ايس.اين.چوڌري، ايڪسڪئويشنس ايٽ ديونيموري (اي رپورٽ آف ايڪسڪئويش ڪنڊڪٽيڊ فرام 1960ع ٽو 1963ع) بڙودا 1966ع.

(61)         ايضًا، ص28

(62)        ايضًا ص29

(63)        ايضًا ص30

(64)        ڀيٽيو ديونيموريءَ واري مورتيءَ کي، جنھن ۾ گوتم ٻڌ ڪنول جي گل تي پنکڙين جي فقط ھڪ لڙھھ سان ويٺل آھي (مھتا ۽ چوڌري، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 42، بي) ميرپورخاص ۾ اجنتا جي چُر نمبر2 مان لڌل ٻڌ – مورتين (ڪزنس، پليٽ 24، ھيٺ ساڄي پاسي؛ بوساگلي ۽ سِورام مورتي، اڳ ڏنل حوالو، 24 تي پليٽ 21) سان، جن ۾ پڻ ھو ساڳئي گل تي ويٺل آھي. سرن لاءِ ڀيٽيو مھتا ۽ چوڌري اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 57، سي کي ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 59، سي مٿي، وچ سان، يا مھتا ۽ چوڌري، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 51، اي کي ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 59 اي، مٿي کاٻي پاسي سان.

(65)         ايف.اي.خان ”مينامتي“ اي پرلمنري رپورٽ آن دي ريسنٽ ايڪسڪئويشنس ان ايسٽ پاڪستان، ڪراچي 1963ع، ص117 آر.آر.ڪبير، ائنٽيڪئٽيز فرام سالبن وھارا ائنڊ ڪوٽلا مورا ان مينامتي، ڪراچي 1964ع ص8.

(66)        ڪزنس، ايڪسڪئويشنس ائٽ برھمن آباد – منصوره سنڌ (آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ 90-1908ع ص79-87، خاص ڪري ص84)

(67)        مھتا ۽ چوڌري، اڳ ڏنل حوالو، ص26

(68)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص93-94، پليٽ 25، اي 1

(69)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص87، 92-93، شڪليون 10-12، پليٽ 27، مٿي.

(70)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص15

(71)         ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، 93

(72)        ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 58، بي

(73)        برما جي ٻين مثالن لاءِ ڏسو ليوس، اڳ ڏنل حوالو، جلد ٻيو ص67-2، جلد ٽيون، پليٽون 74-4

(74)        ڊبليو.ايف.اسٽٽر ھائيم Oudheden van Bali-Het oude Rijk van Pedjeng ٻھ جلد، سنگاراڊجا، 29-1930ع جلد ٻيو، شڪل2

(75)         ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص10، پليٽ2، ٽي.اي.گوپي ناٿ رائو، ”ايليمينٽس آف ھندو آئڪانوگرافي“ 2 جلد، وري ڇاپو نيويارڪ 1968ع، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو، ص509-510 ۽ پليٽ 148، ڪمار سوامي، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 45، شڪل 168، ايف.اي.خان ”آرڪيٽيڪچر اينڊ آرٽ ٽريزرس اِن پاڪستان“ پري ھسٽارڪ، پروٽو ھسٽارڪ ٻڌسٽ اينڊ ھندو پيرڊس، ڪراچي 1969ع ص146.

(76)        ھڪ تازي اشاعت ۾ ان جو ھنڌ برھمڻ آباد ٻڌايو ويو آھي، جو غلط آھي؛ ڏسو خان، آرڪيٽيڪچر اينڊ آرٽ ٽريزرس اِن پاڪستان، ص136، 146.

(77)        ڪمار سوامي، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص86 تي ان کي ’ننڍو‘ سڏي ٿو، پر درحقيقت اھا اسان وٽ موجود ڌاتوءَ جي وڏي ۾ وڏين مورتين مان ھڪ آھي ۽ قد3 فوٽن 2 انچن کان گھٽ نھ ٿيندس؛ ڏسو ڪزنس، ص10.

(78)        گوپي ناٿ رائو، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو، ص501-512، خاص ڪري ص509-510، پليٽ 148.

(79)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص10

(80)        گوپي ناٿ رائو، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو، ص501-512.

(81)         ڪمار سوامي، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص85، پليٽ 41، شڪل 160، ائشٽن، اڳ ڏنل حوالو، نمبر199، ص48، پليٽ 33. انھن ٻنھي اشاعتن ۾ ڀنگار جي اِن وٿ کي پنجين صديءَ جي اوائل جو ٻڌايو ويو آھي، پر ھاڻ عام طرح ائين مڃيو وڃي ٿو تھ اھا تاريخ تمام سوير ڀري آھي.

(82)        ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص55، پليٽ 16، اي

(83)        راءِ، اڳ ڏنل حوالو، ص18-15

(84)        واٽرس، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو ص252

(85)         پاڪستان آرڪيالاجي، نمبر1، ڪراچي 1964ع، ص50

(86)        ايضًا ص53، پليٽون 16 بي، 17 اي.

(87)        ڪزنس، ص20

(88)        اي.ايف.بيلاسز ”جرنل آف دي بامبي برانچ آف دي رائل ايشياٽڪ سوسائٽي“ جلد پنجون، نمبر20، 1857ع، ڊي.باريٽ.اي گروم آف ميڊيول انڊين آئوريز، اورئنٽل آرٽ، نئون سلسلو، جلد پھريون، 1955ع، ص46-50.

(89)        ڪزنس، برھمن آباد – منصوره اِن سنڌ، (آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ، 04-1903ع) ڪلڪتو 1906ع، ص132-144 ص 138 تي شڪل 4؛ ڪزنس، ص53 تي شڪل 5.

(90)        ايف.اي.خان، پرلمنري رپورٽ آن ڀنڀور ايڪسڪئويشنس، ڪراچي 1960ع، ص13 ۽ 16، پاڪستان آرڪيالاجي، نمبر1، ڪراچي 1964ع ص54، پليٽ 21

(91)         مارشل، ”موئن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن“ جلد پھريون، ص128، جلد ٽيون، پليٽ 144، شڪليون 1-17

(92)        ايضًا جلد پھريون، ص128 ۽ نوٽ1

(93)        ايضًا، جلد پھريون ص128

(94)        مجمدار، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص7، 17-18 ۽ پليٽ 14، شڪليون 1-4، 7-13

(95)         مارشل، ”موئن جو دڙو ائنڊ انڊس سولائيزيشن“ جلد پھريون ص129

(96)        ايضًا ص128

(97)        اي.ڪننگھام ”ڪوائنس آف ميڊيول انڊيا فرام دي سيونٿ سينچري ڊائون ٽو دي محمدن ڪانڪئيسٽ، وري ڇاپو ورناسي 1967ع، ص49، پليٽ 6، شڪليون 1-6

(98)        ڪزنس، ص97

(ترجمو: متن، علي احمد بروھي

حوالا ۽ سمجھاڻيون: سليم احمد)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org