سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ

باب:

صفحو:4 

سنڌ

جهڪر (Jhakar) نالي هڪ قديم ماڳ آر. ڊي. بئنرجي (R.D. Banerji) سن 19 - 1918ع  ڌاري ڳولي لڌو هو [19]. ان کان اٺ سال پوءِ، اين. جي. مجمدار (N.g. Majumdar) ان ماڳ جي جانچ پڙتال ڪئي هئي. جنهن جي کوجنا وسيلي هتان جي ثقافتي شين جو هڪ اهڙو مجموعو مليو هو، جنهن مان سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت (Urban Culture) واري دؤر جو پتو پئجي ويو هو. هن ماڳ جي صفا مٿئين تهه تان اهڙيون ثقافتي شيون مليون هيون، جن جي طرزن جو واسطو سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت سان هو. اهڙيون شيون طرزن جي تفصيل ۾ هيٺئين تهه تان ملندڙ ثقافتي شين کان بلڪل مختلف هيون. ان جو مثال ٺڪر جا ٿانوَ آهن، جيڪي نموني ۾ بلڪل نرالا آهن. هتان مختلف ثقافتي شيون جهڙوڪ: ٽامي جون پِنون (Pins) جيڪي ڪپڙن ۾ استعمال ٿينديون هيون. هي پنون ڪنهن شيءِ کي ٻڌڻ ۾ ڪتب آنديون وينديون هيون. ان کان سواءِ ننڍڙي طرز جون گول مهرون (Button Seals) به لڌيون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جي تحرير نظر ڪانه ايندي. هنن ٻنهي ثقافتي شين کان سواءِ هڏي مان ٺهيل اوزار به مليا آهن، جن جو تعداد تمام گهڻو آهي. ٻيون به اهڙيون شيون هٿ آيون هيون، جيڪي اڳي هيون پر هاڻي اتي موجود ئي نه آهن. ذڪر ڪيل پويون شيون ابرق پٿر (Steatite) جون مهرون هيون، جن تي لکت ٿيل هئي ۽ شڪل ۾ همچورس هيون. ٽڪنڊو ٺڪر، تور جا وَٽ ۽ ماپ ڪرڻ جا ماپا به ثقافتي شين جي هن مجموعي سان واسطو رکن ٿا. هنن شين لاءِ هڪ اختلاف راءِ موجود آهي. چيو وڃي ٿو، ته انهن ثقافتي شين جو سنڌو تهذيب سان واسطو ڪونه آهي. پر ٻاهران جون آهن ۽ سنڌو تهذيب جي شين کان مختلف آهن [20]. جڏهن جين ميري ڪاسل (J.M Casal) آمريءَ جي وسيع کوٽائيءَ کان پوءِ هن نتيجي تي پهتو هو، ته جهڪر جو ماڳ سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت کان هڪدم پوءِ شروع ٿيو آهي ۽ اهڙي ثقافتي تسلسل ۾ ڪنهن به قسم جي وٿي موجود ڪانه آهي. سندس اهو به چوڻ آهي، ته انهن ثقافتي شين جي طرزن مان ٻيو نتيجو به اخذ ڪري سگهجي ٿو [21]. حقيقت اها آهي، ته کوٽاين ۽ کوجنائن جي ناتي ٻئي ڪنهن ماڳ تان جهڪر جي دڙي مان لڌل شين جهڙيون ۽ جيتريون ثقافتي شيون هٿ ڪونه لڳيون آهن، جن جو تعلق سنڌو تهذيب جو ترقي يافته دؤر سان هجي ۽ ٻن مرحلن واري عبوري دؤر واري تهه تان هٿ لڳيون هجن. ليڪن چانهون جي دڙي [22] مان ساڳئي قسم جون شيون لڌيون آهن. پر انهن لاءِ هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو، ته جهڪر جي تهه واري حيثيت ۽ ان سان لاڳاپيل ثقافتي شين جي دؤر بابت ڪنهن کي شڪ آهي ته جواب ”نه“ ۾ ملندو.

هن ماڳ جي کوٽائي جي شروعات ۾ اها حقيقت واضح ٿي چڪي هئي، ته ترقي يافته سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت واري مرحلي ۽ جهڪر مان هٿ آيل ثقافتي شين جي ٻنهي مرحلن ۾ هڪجهڙائي موجود آهي. جيڪڏهن اسان سنڌو تهذيب جي ڪاريگرن جي ڏات ۽ ڏانءَ کان چڱيءَ ريت واقف نه هجون ها، ته اسان جـُـهڪر جي ڪاريگرن جي ڪلا ۽ سنڌو تهذيب جي مشهور ماڳ چانهونءَ جي دڙي [23] جي سچيت ۽ سياڻن ڪاريگرن جي فن ۾ موجود فرق کي هرگز سمجهي ڪونه سگهون ها. اهڙين ثقافتي شين جا مثال موئن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ به ڏسي سگهجن ٿا. حقيقت اها آهي، ته چانهونءَ جي دڙي مان لڌل ثقافتي شين جي مجموعي جون گهڻيون شيون جهڪر مان لڌل ثقافتي شيون پاڻ ۾ هڪجهڙائپ رکن ٿيون. پر مئڪي پنهنجي سوچ کان ڪم وٺي سنڌو تهذيب جي ثقافتي شين ۽ جهڪر مان لڌل اهڙين شين کي سڃاڻي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جهڪر جي دڙي واري شهري تهذيب جي پوئين دؤر وارن ماڻهن سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل جهڪر جي دڙي واري هيٺئين تهه تان ثقافتي شيون ڌاڙو هڻي، کڻي پنهنجن ساڳين شين سان ملائي ڇڏيون آهن. پر ايئن ڪونه آهي. معلوم ايئن ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب جي فن جو تسلسل ترقي يافته شهري ثقافت واري دؤر ۽ شهري ثقافت کان پوءِ واري مرحلي ۾ به موجود رهيو هو [24]. چانهون جي دڙي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي، مئڪي چوي ٿو ته جهڪر جي رهاڪن شهري تهذيب جي پهرئين مرحلي واري دؤر جي ماڻهن جي گهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. تنهن ڪري سندس تسلسل ٽٽي پوڻ ڪري نقطهء نظر بابت شڪ ٿئي ٿو. نظر ايئن اچي ٿو ته جهڪر جي ماڻهن پنهنجا پڪا گهر اڳئين دؤر جي گهرن جهڙا تعمير ڪيا هئا، جن کي سنڌ جي شهري تهذيب جي جڳهين کان جدا ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌو تهذيب جون جڳهيون پنهنجي تعميري فن ۾ ڪجهه مختلف هيون. اهو به نظر اچي ٿو، ته چانهون جي دڙي (Chanhu jo daro) ۽ لوهم جي دڙي (Lohum Jo daro) جي لاڌ (Findings) ۽ جهڪر مان لڌل شيون هڪجهڙيون آهن، جن جو تعلق ننڍي قسم جي ثقافتي شين سان ۽ شهري ثقافت واري دؤر سان آهي. جنهن ۾ ٻين شين سان گڏ ابرق پٿر جا چپترا  مڻيا (Steatite disk beads) به شامل ڪري سگهجن يا ان کان سواءِ ڍڳي جي مورتي، ٽامي جو چاقو ۽ ٺڪر جو پکي ۾ آهي  [25].

سنڌو تهذيب جي شهري ثقافتي دؤر ۾ جهڪر مان هٿ آيل ثقافتي شين جي مجموعن جي طرزن ۾ فرق موجود ڏسجي ٿو ۽ عام طور تي انهيءَ فرق کي سمجهڻ لاءِ زور به ڏنو ويو آهي [26]. دؤر جي تسلسل جو تعين تهه تان ملندڙ شين ۽ ٻيءَ باقيات جي طرزن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٺڪر جا ٿانءَ، ثقافت سان لاڳاپيل ننڍين شين ۽ جڳهن جي اڏاوت واري نمونن کي شامل ڪري سگهجي ٿو. جنهن مان ثقافتي تبديلي جي تسلسل جو پتو پئجي وڃي ٿو، جيڪو مئڪي ۽ ٻين ماهرن جي بيان ڪيل تسلسل ۾ موجود زخني ۽ خالي جاءِ ڀرڻ کان وڌيڪ آهي ۽ صاف سمجهي سگهجي ٿو، ته هڪ مربوط تسلسل موجود آهي.

مٿئين ڪنهن پيراگراف ۾ اهو اشارو ڏنو ويو هو ته سنڌوتهذيب جي خاتمي مان مطلب، جيئن عام طور سمجهيو وڃي ٿو، ثقافتي روايت جو خاتمو نه پر ان جي هڪ شهري مرحلي جو خاتمو هو. ثقافتي تحريڪ ۽ تسلسل جي لحاظ کان هن بيان جا اثر ڏاڍا دور رس آهن. پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته هنن اهم حقيقتن کي ثابت ڪرڻ لاءِ گهربل وزندار ثابتيون موجود ڪونه آهن. مجموعي طور تي ان جو بنياد ناڪاري شاهدين مان اخذ ڪيل حقيقتن جي آڌار تي بيهاريو ويو آهي. اها پڪ آهي ته شهري ثقافت سان لاڳاپيل دؤر جون حالتون زوال پذير ٿي چڪيون هيون. ان سان گڏ اهو اشارو به ملي ٿو، ته انهيءَ دؤر ۾ هڪ بااختيار ۽ مضبوط ادارو به موجود هو. اهڙو احوال به ملي وڃي ٿو ته قديم آثارن جي کوٽائي ڪندڙ ماهرن طرزن جي درجه بندي مٿاڇري ڪئي هئي. هنن ڪارڻ ۽ اثر (Cause and effect) ڏانهن ڪنهن به قسم جو ڌيان ئي ڪونه ڏنو هو. ان ڪري قابلِ اعتبار (Tenable) آهي جو جهڪر يا ڪنهن ٻئي قديم ماڳ تان لڌل ثقافتي مجموعي جهڙيون شيون ڪنهن وڏي ۽ اهم ثقافتي ماڳ تان ڪونه مليون آهن، جن جو تعلق شهري ثقافت واري دؤر سان هجي. تنهن ڪري غلطيءَ وچان سمجهيو پيو وڃي، ته انهن شين کي ڇڏي ڏنو ويو هو. جيڪڏهن حالتون ايئن ابتر ٿي ويون هيون ۽ جيڪڏهن شهر به ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي ويا هئا، ته پوءِ پري پري موجود ننڍا شهر ۽ اسرندڙ ڳوٺ ته اُجڙي ڀينگ ٿي وڃن ها؟ ان جو مطلب اهو ٿيندو، ته جيڪڏهن ان جو مفهوم اهو آهي، ته اندروني منفرد ۽ خاص خوبين ۾ اهڙي تبديلي آئي ۽ جڳهن جي تعمير ۾ موجود خاص نوعيت جي فن ۾ اهڙو تغير آيو هو، جو اندروني انفراديت ۾ خاص نموني ۽ جڳهن جي تعمير ۾ موجود ڪاريگريءَ واري خاص نوعيت واريءَ ڪلا ۽ فن جي جاءِ عام رواجي ڳالهين اچي والاري هئي، ته سمجهڻ کپي، ته اهڙي تبديليءَ ۽ تغير جي ڪري انهيءَ تهذيب تي به زوال اچي چڪو هوندو- پر ان جي خلاف اسان کي نظر ايئن اچي ٿو، ته ان دؤر ۾ منفرد قسم جي سنڌو لکت پنهنجي عروج تي هئي، دنيا جي مشهور دؤر دراز ملڪن سان هلندڙ تجارت چوٽ تي چڙهيل هئي. ان سان گڏ تور ۽ ماپ جو هڪ ساريڪو (Unified) ۽ مربوط نظام موجود هو. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته ان دؤر ۾ سنڌو تهذيب پنهنجي عروج تي هئي. نظر ايئن اچي ٿو ته جن اوڻاين جا مفروضا مٿي بيان ڪيا ويا آهن، تن جو امڪاني لاڳاپو شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post urban phase) سان هجي.

افسوس جي ڳالهه اها به آهي، ته مختلف دؤرن کي معلوم ڪرڻ لاءِ ريڊيو ڪاربان (Radio Carbon) واري طريقي کي ڪتب ڪونه آندو ويو هو. تنهن ڪري يقين ڪرڻ جهڙي ڄاڻ موجود ڪانه آهي. جهڪر سان لاڳاپيل ثقافتي دؤر ته محفوظ آهي، پر هن ماڳ جي خاتمي واري دؤر بابت ڪنهن به قسم جي معلومات ميسر ڪانه آهي. پر ايتري معلومات ضرور ملي ٿي، ته هن ماڳ جو آخري تهه ته ثقافتي شين سان ڀريو پيو آهي. ان سان گڏ اها به ڄاڻ ملي ٿي، ته ان وقت هن جا ايران ۽ ان جي اولهه پاسي وارن علائقن سان گهرا تعلقات هئا. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن جي قديم ماڳن مان جهڪر جي ثقافتي شين جهڙيون شيون هٿ لڳيون آهن، تنهنڪري اهڙين ثقافتي شاهدين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته جُهڪر 1500 ق.م کان 1300 ق.م تائين موجود هو.

پنجاب

اولهه پنجاب واري علائقي مان سنڌو تهذيب جون ثقافتي شيون ڪونه مليون آهن. جنهن مان هن تهذيب جي شهري ثقافت واري پوئين مرحلي  (Post Urban phase)بابت ڪا معلومات ملي سگهي. عام طور تي اهو چيو ويندو آهي، ته هڙاپا ۾ موجود قبرستان H هن قسم جي خال کي ڀري ڇڏي ٿو [27]. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته ان تهه سان لاڳاپيل حقيقتون مـُـنڌل آهن. حقيقت اها آهي ته اتان ڪي اهڙيون ثقافتي شيون مليون آهن جيڪي انهن منڌل حقيقتن جي برخلاف شاهدي ڏئي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته هڙاپا جي ماڻهن جي پهرئين معلومات قبرستان H، مان ملي آهي. اهڙي تعمير به جڏي سڏي آهي، جيڪا ڪوٽ جهڙي جڳهه (Citadel) (1) جي هڪ حصي ۾ قائم آهي. هن ايراضيءَ ۾ هيءَ ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي، ته تهن جي تسلسل ۾ رخنو ۽ هڪ وٿي موجود آهي ۽ ان جي هڪ تهه ٻي اڳئين تهه جي ثقافتي شين سان لاڳاپو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي [28]. جيستائين هڙاپا جي وڌيڪ کوٽائي ۽ کوجنا نه ٿي ٿئي ۽ قبرستان H جهڙا ٻيا قبرستان نه ٿا ملن، تيستائين هن قسم جي بحث کي ملتوي ڪرڻ صحيح ٿيندو.

ڀارت واري پاسي موجود پنجاب، هريانا اتر پرديش جا ۽ ٻيا ڪيئي قديم ماڳ آهن، جن جي کوٽاين مان اهڙيون ثقافتي شيون مليون آهن، جن جو واسطو سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر سان ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن ماڳن جي کوٽاين مان ڳاڙها (Ochre Colored pottery) چٽيل ٺڪر جا ٿانوَ مليا آهن، جن کي OCP يا ڳيرڙا ٺڪر ٿانوُ سڏيو ويندو آهي. اهي OCP ٿانوُ سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر سان لاڳاپيل آهن، جيڪو هڪ مسئلو بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي تازو تحقيق جو مرڪزي نقطو بڻيل آهي. بي. بي. لال (B.B. Lal) [29] هستيناپور (Hastinapura) جي کوٽائيءَ دوران هن جو ذڪر ڪيو آهي. ٺڪر جي ٿانوَ (Ochre Coloured Pottery = OCP) جو رنگ ڳاڙهو ۽ نارنگي جهڙو ٿيندو آهي، جنهن تي ڳيرڙيءَ (Ochre) جا چـِـٽ هوندا آهن. جيڪڏهن هن ٿانوَ کي پوريءَ ريت نه پچائبو ته ڀيلو رهجي ويندو ۽ ٽئونڪر سان ٽٽي پوندو ۽ مهٽڻ سان ڳيرڙيءَ جا چِٽ به ڊهي ويندا [30].

مختلف تهن تان مليل ثقافتي شين جي شاهديءَ جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته ڳيرڙو ٺڪر وارو ٿانو (OCP)، چانهين رنگ (grey) جي ٿانوَ کان دؤر جي لحاظ کان آڳاٽو آهي ۽ ٺڪر جي ٿانوَ (OCP) جي ڀيٽ ۾ مختلف ماڳن تان گهڻي تعداد ۾ هٿ لڳو آهي. هي ٻنهي قسمن جا ٿانوَ ڪيترن ماڳن جي ساڳين تهن تي به ڏٺا ويا آهن. اهڙيون ڳالهيون دليلن سان ثابت به ڪري سگهجن ٿيون. هيءَ حقيقت بنا ثابتين جي ڪو مفروضو ڪونه آهي، ته ٺڪر جو ٿانوَ OCP 1000 ق.م پراڻو آهي. طرز ۽ نموني جي نقطهء نظر کان هنن ٿانون جو واسطو سنڌو تهذيب سان آهي. اهڙا ٿانو، ننڍيون ثقافتي شيون ۽ ٽامي مان ٺهيل اوزار، اهڙا آهن، جن کي دليلن سان ثابت ڪري سگهجي ٿو، ته سندن واسطو سنڌو تهذيب سان آهي. اهڙو بحث هيٺ ڪيو ويندو.

ڳيرڙي ٺڪر وارن ٿانوَن OCP تي بحث ڪرڻ ۾ ڪي وڏا مونجهارا به آهن. ڇاڪاڻ ته هن جي اصلي تعريف (Definition) کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. هي ٿانو لسو، نارنگي ۽ ڳاڙهي رنگ جو ۽ قبل از تاريخ سان واسطو رکي ٿو. سندس اصليت گنگا ماٿريءَ کان اولهه واري علائقي سان تعلق رکي ٿي، جنهن کي ٺڪر جي ڳاڙهي ٿانوَ (Ochre Coloured Pottery = OCP) جي نالي سڏيو ويندو آهي. ڊاڪٽر واءِ. ڊي. شرما (Y.D. Sharma) سن 1971ع ۾ هن حقيقت ڏانهن اشارو ڏنو آهي، ته OCP ٿانون جا پورا پنج قسم موجود آهن [31]. هنن مان ڪي قسم سنڌو تهذيب جي ٿانون جهڙا آهن. گنگا جي مٿئين دوآبي (Upper Doab) واري علائقي ۾ چار اهڙا اهم ماڳ جهڙوڪ: باڙا (Bara)، بڙا گائون (Baragaon) ، هولس (Hulas) ۽ انبکيري (Ambkheri) آهن، جن جي ثقافتي شين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هنن جا سنڌو تهذيب سان ۽ ان جي اڳ واري دؤر سان به لاڳاپا رهيا آهن. هنن حقيقتن ۾ ڪنهن به غلطيءَ جي گنجائش ڪانه آهي. هنن ماڳن جي کوٽاين ۽ کوجنائن جون مڪمل رپورٽون ته ڪونه آيون آهن، پر طرزن بابت بيانن ۽ ڪجهه تصويرن ۽ ڊرائنگ جي آڌار تي مذڪوره نتيجن تي پهتا آهيون. اسٽئنڊ وارو ڊش (Dish-on-Stand) پيالا (goblets) ۽ ٻيا به ڪي ٿانو آهن، جن جي شڪل صورت سنڌو تهذيب جي ٺڪر جي ٿانون جهڙي آهي، جيڪي هتي تمام گهڻا نظر آيا آهن. ان کان سواءِ هنن ماڳن تان ٽڪنڊو ٺڪر (Tringular terracotta Cakes) ، ٺڪر جي گاڏي جا ڦيٿا(Toy cart wheels) ، ٺڪر جي جانورن جون مورتيون ۽ عقيق جا ڊگها مڻيا (Carnelian barrel beads)، پڻ مليا آهن [32] هنن ثقافتي شين جي آڌار تي يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته هي ترقي يافته سنڌو تهذيب جي شهري مرحلي (Mature Urban Phase) وارو دؤر آهي. هن دؤر سان عالمگير پور (Alamgirpura) وارو قديم ماڳ به لاڳاپيل آهي، جيڪو دهليءَ جي اتر طرف آهي. پر باڙا (Bara) واري ماڳ تان به اهڙي قسم جو ٿانو هٿ لڳو آهي، جنهن جو تعلق سنڌو تهذيب کان اڳ واري دؤر سان آهي. انهن جي گهاڙ ۽ طرز به سنڌو تهذيب کان اڳ واري دؤر جي سنڌو ٿانو جهڙي آهي.

هريانا جي قديم ماڳ ميٽاٿل (Mitathal) [33] جي قديم ماڳ تان ٻه ثقافتي مرحلا معلوم ٿيا آهن، جن کي سولائيءَ سان الڳ ڪيو ويو آهي. هنن ٻنهي مرحلن جو تعلق سنڌو تهذيب سان آهي. پهريون هيٺيون مرحلو آهي، جتان مليل ثقافتي شيون اهڙيون آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو، ته ان مرحلي جو تعلق ترقي يافته شهري ثقافت (Mature Urban Culture) کان اڳ واري سنڌو تهذيب سان آهي. ٻئي مرحلي ۾ ڪي اهم تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته انهن ثقافتي شين جو تعلق ترقي يافته ڪلاسيڪي سنڌو تهذيب سان آهي. سورج ڀان (Suraj Bhan) جو چوڻ آهي، ته هن ماڳ تي ٻن ثقافتي مرحلن جي موجود هجڻ مان سمجهي سگهجي ٿو، ته سنڌو تهذيب جي ترقيءَ جو تسلسل قائم هو ۽ انهن ثقافتي شين جي طرزن ۾ فرق اندروني ثقافتي تبديليءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.

گنگا جي اولهه پاسي ٺڪر جا ڳاڙها ٿانءُ (OCP) ٿانو لڌا آهن، جن جو تعلق سنڌو سڀيتا جي آخري دؤر سان آهي. شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post urban phase) تائين يـَـڪو هلندو اچي ٿو. اهڙو مثال عالمگيرپور آهي، جنهن جو تعلق سنڌو تهذيب جي ترقي يافته دؤر سان آهي. گهڻين ثقافتي شين جون طرزون ڪجهه مختلف ۽ غير معياري آهن [34].

بحث هيٺ آيل انهيءَ علائقي ۾ سنڌو تهذيب جي پوئين مرحلي (Post Urban Phase) سان لاڳاپيل ڪيترائي قديم ماڳ آهن. باسيگ (Baseg) جي قديم ماڳ جو تعلق به سنڌو تهذيب جي هن دؤر سان آهي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته هتان جا ماڻهو به سنڌ ۽ اولهه پنجاب جي ماڻهن جيان پنهنجو ماڳ خالي ڪري هليا ويا، پر هي هڪ مفروضو آهي.

ماحولياتي نقطهء نظر کان هي علائقو اوڀارين سرحد ڀرسان آهي. هي اهو علائقو آهي، جنهن کي تاريخي طور ڀارت جو ڪڻڪ پيدا ڪرڻ وارو علائقو سڏيو ويندو آهي. پر جيئن ئي گنگا پار وڃبو ته معلوم ٿيندو، ته هتان جي اهم خوراڪ چانور آهي. وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي، ته ساريالو علائقو ماحول جي نقطهء نظر کان علائقن ٻين کان مختلف هوندو آهي. درياهن جي ڪنڌين ۽ ڪنارن سان گهاٽا ٻيلا، پاڻي جام ۽ ان جو نيڪر، ويڪريون ڪشاديون نديون، 40 کان 80 انچ تائين مينهن جو ساليانو وسڪارو، هي اهڙيون خوبيون آهن، جيڪي سنڌو تهذيب واري علائقي ۾ موجود ڪونه آهن. سنڌ لاءِ ته چئي سگهجي ٿو، ته هي اهو علائقو آهي، جتي جيڪڏهن سنڌو درياهه نه هجي ها، ته سنڌ رڻ پٽ هجي ها ۽ وانر پيا وايون ڪن ها. جنهن جو پاڻي اٿل ڪري ساريءَ سنڌ کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيندو هو. تنهن ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو، ته جيستائين اولهه وارا هاري ناري ماڻهو دهلي واري دوآبي نه پهتا، تيستائين اتي سارين جي پوک ڪانه پهتي هئي ۽ اهو زمانو ٻي هزاري/ سهس ق.م چئي سگهجي ٿو.

ڪي حقيقتون اتر اولهه ڀارت مان به مليون آهن، جن مان ڄاڻ ملي آهي، ته سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت واري مرحلي (Urban Phase) جي پوئين حصي ۾ سنڌو تهذيب جا ماڻهو اوڀر طرف وڌيا هئا ۽ گنگا نديءَ جي مٿئين ڀاڱي تائين وسنديون جوڙي وڃي ويٺا هئا. ان کان سواءِ طرزن جي ڀيٽوار اڀياس (Comparative study) ۽ تهذيبي تسلسل ۾ موجود اڳتي وڌڻ واري صلاحيت مان چڱيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو، ته هتي سنڌو تهذيب جون ثقافتي روايتون ٻي هزاري ق.م جي چوٿين حصي تائين به موجود هيون ۽ پنهنجي پوري قوت سان روان دوان هيون. انهيءَ سان گڏ هيءَ حقيقت به ياد رکڻ گهرجي، ته سنڌو تهذيب جو ترقي يافته ۽ عروج جو زمانو 2600 ق.م کان 1800 ق.م آهي. اهڙي ڄاڻ جو بنياد C14 يعني ريڊيو ڪاربان (Radio Carbon) جي تجربن جي آڌار تي بيهاريو ويو آهي. [35]

آخر ۾ ترقي يافته شهري ثقافت (Mature Urban Culture) ۽ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post Urban Phase) جي تسلسل ۾ موجود فرق جو ذڪر ڪيو ويندو، جيڪو ثقافتي تسلسل جو وڌيڪ سڌريل روپ آهي.

گجرات

 

سنڌو تهذيب جو ٽيون علائقو لڳ ڀڳ موجوده دؤر واري گجرات جي ڌرتي آهي. ٻي هزاري ق.م سان تعلق رکندڙ سنڌو تهذيب واري زندگيءَ جي پوري جهلڪ اولهه ڀارت جي هن علائقي ۾ به اوچي پد ۾ موجود نظر ايندي. لوٿل جي ماڳ تي ڊگهي طرز جون کاهيون کوٽي، کوجنا جي ڪم کي شروع ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ روجڙي (Rojdi)، رنگپورا (Rangpura)، سر ڪوٽڙا (Surkotada) ۽ سومناٿ (Somanath) جي محدود ۽ گهري کوٽائي ڪئي ويئي هئي. اهڙين کوجنائن وسيلي سومناٿ ۽ روجڙي مان اهم حقيقتون دريافت ٿيون هيون.

سنڌو تهذيب جون هتي ڊگهيون روايتون موجود آهن. هن ناتي رنگپورا [36] وارو ماڳ ته نهايت اهم آهي. جتان هٿ آيل لاڌ (Findings) کي چڱي ريت ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ماڳ جي تهن تان، ايس. آر. راؤ ثقافتي تهن جي مجموعن جي آڌار تي هڪ اهڙي ثقافتي سلسلي جو انڪشاف ڪيو آهي، جنهن جو تعلق سنڌو ماٿريءَ جي ترقي يافته شهري ثقافت (Mature Urban Culture) سان آهي. اهو ثقافتي تسلسل مذڪوره دؤر کان وٺي لاڳيتو 1200 ق.م، (1400 - 1380) تائين بنا ڪنهن رخني ۽ وٿيءَ جي هلندو آيو آهي. هن ماڳ جي سنڌو تهذيب جي هيٺئين تهن تان تصويري سنڌو لکت (Indus pictographic script) هٿ لڳي هئي، جيڪا ٺڪر ٿانوَ تي لکيل هئي. چقمق پٿر جا اوزار به مليا آهن. اندازو آهي ته روهڙيءَ مان گهرايا ويا آهن. ان کان سواءِ ٺڪر جون ٽـِـڪنڊيون ٽڪيون (Triangular Terracotta Cakes))، ڇهه پاساوان پٿر جا تور جا وٽ (Cubical stone Weights) جن جو وزن سنڌو تهذيب ۾ تور لاءِ ڪم ايندڙ وٽن جيترو آهي. سنڌو تهذيب جي طرز جهڙا هوبهو ٿانوَ (ڪن طرزن ۾ تبديلي به نظر اچي ٿي) لڌا آهن. ڀتيون ۽ ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪسيون پڪ سـِـريون آهن. لڌل مڻين جي شڪل سنڌو تهذيب جي مڻين جهڙي آهي. هتان جون ثقافتي شيون سنڌو ماٿري جي انيڪ ماڳن ۽ لوٿل جي ثقافتي شين جهڙيون آهن. ذڪر ڪيل آخري ماڳ رنگپور، احمد آباد کان 75 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف تي آهي (خاڪو 2). هن ماڳ تان اهڙيون ثقافتي شيون هٿ لڳيون آهن جن تي C14 جي تجربي مان مختلف دؤرن جو هڪ يقين جوڳو سلسلو ملي وڃي ٿو. انهيءَ ناتي سان سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت واري مرحلي جو گجرات ۾ پتو پئجي وڃي ٿو. نه رڳو اهو، پر سنڌو ماٿريءَ جي وسيع ايراضيءَ جي به معلومات ملي وڃي ٿي.

رنگپور مان مليل شيون، شهري ثقافت واري دؤر کان پوءِ واري مرحلي (Post Urban Phase) واريون شيون آهن، جن مان ڪنهن اهم تبديليءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن مرحلي تي ڇهه منهان پٿر جا وَٽَ، تور وارا نظر ڪونه ٿا اچن، ۽ نه وري انهن جي جاءِ تي ڪنهن ٻيءَ طرز جا وٽ ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٺڪر جي ٿانون تي سنڌو لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا کرچ لکت (graffiti Script) واري طرز ۾ آهي. پر لکت اهڙي منجهيل آهي، جو سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي، ته اها سنڌو لکت آهي يا ڪا ٻي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته چقمق واري پٿر جا اوزار به موجود ڪونه آهن، جيڪي اڳي روهڙيءَ مان ايندا هئا. ايس. آر. راؤ جو چوڻ آهي، ته جڳهن جي تعمير جو معيار به اهو ساڳيو ڪونه رهيو هو. اهي اهم نوعيت جون تبديليون آهن. ساڳئي وقت سنڌ ۾ به اهڙيون تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هي اهو دؤر آهي، جڏهن سنڌوتهذيب جي مُک شهرن مان لڏپلاڻ شروع ٿي چڪي آهي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي. ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون به هن تهه تي موجود ڪونه آهن. اهڙيون ٽڪيون علائقي جي اترئين پاسن واري قديم ماڳن جي ساڳئي دؤر واري تهن ۾ به موجود ڪونه ٿيون ڏسجن. اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته سوراخدار ٿانءَ (Perforated Jars)، سنڌي پيالو (Indus goblet) ۽ ٻين ٿانون وارا قسم به هتي ڪونه ٿا ٺهن. سنڌو تهذيب جي ٺڪر جو ڳاڙهو ٿانءُ (OCP) جيڪو پنهنجي معيار ۾ نهايت اوچو هو، سو به نظر ڪونه ٿو اچي. پر ان جي جاءِ تي اهڙا ٿانوَ آهن، جن جي ٺاهڻ ۾ ڪاريگريءَ واري ڪلا ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. شڪل ۽ صورت ۾ ڇـَـسا ۽ ٻـُـسا آهن، پٿر جا مقامي اوزار به نرم پٿر (Jespar) سنگ مردار جي هڪ قسم (Chalcedony) مان ٺاهيل ڏسجن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ مان چقمق وارو مضبوط پٿر گجرات ڪونه ايندو هو ۽ پنهنجي علائقن ۾ اهڙي تجارت ختم ٿي وئي هئي.

رنگپور جو اهو ثقافتي تسلسل وچين مرحلي سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو ثقافتي تعلق لوٿل جي صفا مٿئين تهه سان آهي. هن جي پهرئين تهه تي صفا ڳاڙهي رنگ جو چمڪندڙ ٿانءُ موجود آهي. اهڙو ٿانءُ لوٿل ۾ نظر ڪونه ٿو اچي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته هن جا تعلقات ٻين قديم ماڳن سان ٿي چڪا هئا. هن صورتحال مان سمجهي سگهجي ٿو، ته اهو سندس خاتمي وارو دؤر آهي. ڳاڙهي رنگ جا ٿانوءَ ۽ ٻيا اهڙا ڳاڙها ٺڪر جا ٿانوَ جن تي ڪاري رنگ جي چٽسالي ٿيل آهي، سي راجسٿان جي آهر (Ahar) ثقافت جي ماڳ مالوا مان لڌا ويا آهن، جنهن جو تعلق ٽامي واري دؤر (Chalcolethic)  سان آهي. انهن علائقن جي قديم ماڳن مان هٿ آيل ثقافتي شين جي ريڊيو ڪاربان (14C)۽ ٻين طريقن وسيلي ڪيل جاچ پڙتال معرفت حاصل ڪيل مختلف دؤرن مان پتو پوي ٿو، ته رنگپور ۾ سنڌو تهذيب جي آخري مرحلي جو خاتمو 1200 ق.م (1400 کان 1380) ڌاري ٿيو هو.

گجرات ۾ سنڌو تهذيب جون روايتون پنهنجي پوري آب تاب سان موجود آهن. ان تهذيب جي نمائندگي ڪندڙ قديم ماڳ تمام گهڻا آهن ۽ اهي تمام ماڳ هڪ ئي دؤر اندر موجود آهن. ثقافتي شين، شهرن جي رٿابندي ۽ زندگي گذارڻ جي مختلف طريقن مان پتو پوي ٿو، ته انهن سڀني انساني آبادين جو تعلق سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان آهي. ثقافتي روايتن جي پوئين مرحلي ۾ اهڙيون شاهديون موجود آهن، ته ڏکڻ راجسٿان جي روهن ۽ ڪوهن ۾ مالوا (Malwa) يا دکن (Deccan) ۾ موجود قديم آثارن جو تعلق به سنڌو تهذيب سان آهي. جيڪڏهن انهن جڳهن جي ثقافتي شين جو تعلق مڪمل طور تي هن سڀيتا سان نه آهي، ته به ڪنهن حد تائين ضرور آهي. هن مفروضي کي ٻئي نموني سان هن ريت سمجهائي سگهجي ٿو، ته انهن علائقن جي ماڻهن جا سنڌو تهذيب سان تجارتي ناتا ۽ واسطا هئا. اهو به امڪان آهي، ته سانوڻيءَ جي وڏن وسڪارن کان پوءِ سنڌ جا مالوند ماڻهو پنهنجا ڌڻ ڌڪي انهن پٽن ۽ پوٺن تي چاريندا هوندا. اهڙيءَ ريت اتان روهن ۽ ڪوهن جي ماڻهن جو ٻاهران آيل ماڻهن سان هڪ قسم جو واسطو ۽ تعلق پيدا ٿي ويو هوندو. هتان جي ماڻهن جو حياتي گذارڻ جو رنگ ڍنگ سنڌو تهذيب جي ماڻهن جهڙو آهي. اهڙيون ڳالهيون پهرين هزار ق.م (First millennium)تائين اولهه هندستان جي علائقن ۾ موجود رهنديون آيون.

نتيجو

 

هن باب ۾ هيءَ حقيقت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته سنڌ، پنجاب ۽ گجرات جي شهري ثقافت جي اهم مرڪزن جي خالي ٿيڻ واري دؤر ۾ سنڌو سڀيتا ختم ڪانه ٿي هئي. انهن ٽنهي علائقن ۾ اهڙيون مناسب شاهديون موجود آهن، ته هيءَ تهذيب مذڪوره دؤر کان پوءِ به گهڻو وقت موجود رهي هئي. هن کان سواءِ شهري ثقافت کان پوءِ وارو مرحلو (Post Urban Phase) نه ٿور- وقتو (Ephemeral) آهي، نه وري ان دؤر جي وسندين جو تعداد محدود آهي. ڪن ڳالهين کان سواءِ هن تهذيب جو اهو ماحول عام هو. ثقافتي روايت طور هيءَ سڀيتا پهرين هزاري ق.م (First millennium) جي ابتدائي دؤر تائين موجود رهي آهي. اهڙو مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو، ته ان نازڪ دؤر ۾ هن سڀيتا پنهنجي خاص خوبي کي متعين ڪرڻ واسطي اهو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن ڪري اسان هن کي هاڻي ساري هندستان جي تهذيب طور سڃاڻون ٿا.

مختلف دؤرن مان اهڙي معلومات ملي ٿي، جنهن جي وسيلي مختلف قديم آثارن مان هٿ آيل ثقافتي شين جي مجموعن کي هڪ متحرڪ ثقافتي تسلسل جو روپ ڏئي سگهجي ٿو. شهري ثقافت واري اوائلي دؤر (Pre-Urban Period) تهذيب جي وصف (Definition) ته مٿي ڏني وئي آهي [37]. اهڙيءَ ريت آمري، ڪوٽ ڏجي ۽ ڪئليبنگن ]سـَـوٺي[ (Sothi) مان لڌل ثقافتي شين جي مجموعن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. شهري يا ترقي يافته سنڌو تهذيب به گهڻي مشهور آهي، جنهن جو پڻ ذڪر اچي چڪو آهي. جيتري قدر سنڌو تهذيب جي پوئين شهري دؤر جو تعلق آهي، ته ان دؤر جي ثقافتي شين سان جهڪر جو ماڳ ته ڀريو پيو آهي. هتان جا ڳيرڙيءَ سان رنگيل ٺڪر جا ٿانوَ(OCP)  ۽ ٻين ثقافتي شين کي لوٿل بي  (Lothal-B)، رنگ پور بي-II (Rangpur B-II)، سي- II (C-II)، III سان چڱيءَ ريت ڀيٽائي سگهجي ٿو. هن کان سواءِ چار وڌيڪ حقيقتون به بيان ڪري سگهجن ٿيون. پهرين ڳالهه اها آهي، ته هن تهذيب جي شهري ثقافت جي اوائلي دؤر (Pre-Urban Period) شهري ثقافت (Urban culture) ۽ شهري ثقافت جي پوئين دؤر (Post Urban phase) کي دؤر (Period) نه پر مرحلو (Phase) تصور ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هڪ لاڳيتي (Continuous) ۽ مربوط (Interrelated) ثقافتي سلسلي کي مرحلو سڏڻ وڌيڪ مناسب آهي. ٻي ڳالهه ته هر دؤر سان ڪي خاص نقطا (Points) لاڳاپيل هوندا آهن، جيڪي هر مرحلي سان گڏ هوندا آهن، تن کي پنهنجي سهوليت لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ جتي قديم آثار ڪنهن ثقافتي تبديليءَ جي عڪاسي ڪندا آهن ته دؤر ۾ موجود مذڪوره نقطا مختلف دؤرن جي گڏيل ثقافتي شين کي هڪٻئي کان الڳ ڪري بيهارڻ ۾ سهائتا ڪندا آهن. ٽين ڳالهه ته سنڌو تهذيب جي هڙاپا واري روايت (Harappan Tradition) جي اصطلاح کي اهڙو اصولي عنوان (Title) تصور ڪيو وڃي، جيڪو سنڌو تهذيب جي ٽنهي مرحلن کي پوريءَ ريت مفهوم ۾ آڻي سگهي ٿو. چوٿين ۽ آخري ڳالهه هيءَ آهي، ته سنڌو تهذيب (Indus Civilization) ۽ هڙاپا واري تهذيب  (Harappan Civilization) کي هڪڙي ڳالهه سمجهڻ کپي ۽ انهن لفظن کي واري واري سان استعمال ڪرڻ گهرجي، جن جي معنيٰ شهري (Urban) ۽ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post Urban Phase) جي مرحلن جو تسلسل آهي.

سنڌو تهذيب جي مکيه ٽنهي علائقن ۾ شهري ثقافت کان پوءِ واري مرحلي سان لاڳاپيل قديم آثارن جون شيون جڙنديون ۽ اُسرنديون رهيون هيون. سنڌ اندر جهڪر جو ماڳ، اتر - اوڀر طرف سنڌو سڀيتا جي پوئين دؤر سان تعلق رکندڙ ٺڪر جي ڳاڙهن ٿانوَن (OCP) جي گهڻائيءَ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post urban Phase) واري گجرات جو پڻ بنياد سنڌو تهذيب آهي. مجموعي طور هن ريت چئي سگهجي ٿو، ته انهن ٽنهي علائقن جي قديم آثارن جون ثقافتي شيون طرز ۾ مختلف ته ضرور آهن پر منجهن کوڙ ساريون هڪجهڙايون دلچسپيءَ کان خالي ڪونه آهن ۽ اهڙو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. مثال طور: سنڌو لکت ۽ تور ماپ جي وٽن ۾ هڪجهڙائي شهري ثقافت جي پوئين دؤر سان تعلق ڪانه ٿي رکي. تنهن ڪري هنن کي ان دؤر جي ثقافتي شين ۾ شمار ڪري ڪونه ٿو سگهجي. هنن حقيقتن منجهان انهيءَ ڳالهه جو صاف اشارو ملي ٿو، ته سنڌو تهذيب جي مذڪوره ٽنهي علائقن ۾ اصولي ضابطو ۽ مضبوط قسم جو رابطو موجود رهيو آهي. پر هن دؤر ۾ يادگار جڳهيون ۽ شهري رٿابندي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. اهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون ڪنهن وڏي تهذيب سان تعلق رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته انهن وڏين تهذيبن ۾ تنظيمي رٿا بنديءَ واري اهليت هوندي آهي. وڏين جڳهن جو گهڻي انداز ۾ ٺهڻ ڪري، گهڻا مزدور ڪم آندا ويندا آهن ۽ ڪاريگر به پنهنجي ڪلا ڏيکاريندا آهن. جڳهن جي تعمير ۽ تنظيم جي ناتي ايندڙ تبديليون نهايت واضح آهن. جن کي شهري سماجي ثقافتي (Urban sociocultural system) جون تبديليون سڏي سگهجي ٿو. اهڙين ڳالهين جي عدم موجودگيءَ مان هيءَ حقيقت معلوم ڪري سگهجي ٿي ته شهري ثقافت جي پوئين دؤر واري سنڌو تهذيب، پنهنجي ترقي يافته شهري ثقافت واري دؤر جي ڀيٽ ۾ گهٽ منظم، ڪاريگري ۾ گهٽ ڪلا واري ۽ گهٽ منفرد هئي. هن کان سواءِ اُن ۾ ٻيون به ڪيتريون ننڍيون ۽ ٿور- وقتيون تبديليون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻارن جي کيڏڻ واريون ٺڪر جون ڏاند گاڏيون، ٽڪنڊيون ٺڪر جون ٽڪيون (Terracotta Cakes)، سوراخدار ٿانءَ، پڪيون سرون، گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ بندوبست ۽ ٻيون به اهڙيون ثقافتي شيون، جن جو واسطو شهري ثقافتي مرحلي سان آهي. سي هِن ثقافتي شين جي مجموعي ۾ نظر ڪونه ٿيون اچن. اهڙو ثقافتي عدم تسلسل (Synchronous loss) ۽ اهڙي اوڻائي هر پوئين شهري ثقافت جي حوالي ۾ موجود آهي. اهڙي صورتحال هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي، ته ان اهم تبديليءَ کي ضرور سمجهڻ کپي. جنهن کان پوءِ سنڌو سڀيتا جو آخري مرحلو اچي وڃي ٿو. انهن جي جڏهن لکت ۽ يادگارن جي فن تعمير سان ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي ته اهي معمولي آرائشي شين کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿيون لڳن.

پوئين شهري ثقافت (Post Urban Culture) جي حوالي سان ثقافتي شين جي شڪل ۽ صورت ۾ گهڻ - پاسائو اختلاف به اهميت کان خالي ڪونه آهي. قديم آثارن جي ماهرن کي گهرجي ته تصديق لاءِ اڳتي آيل ڪلاسيڪي رپورٽن ڏانهن ڌيان ڏين، ته سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غلطيءَ جو امڪان ڪونه رهندو. اهڙو مثال سنڌ جي جـُـهڪر واري ماڳ مان هٿ آيل ثقافتي شيون آهن، جيڪي بلڪل منفرد آهن. ان ڪري ثقافتي شين جي مناسب مجموعي لاءِ طرزن جو علائقائي اصطلاح ڪم آڻبو. ڇاڪاڻ ته ان دؤر ۾ سنڌو تهذيب جا ٽي علائقا موجود آهن. جڏهن ته هن کان اڳ فقط هڪ علائقو هو. پوئين دؤر ۾ اهڙا ثقافتي سلسلا نظر ڪونه ايندا، جن جي ڪري اڳ شهري ثقافت متحد، مضبوط ۽ مربوط هئي ۽ اهڙا سلسلا پوئين دؤر جي ثقافتي مجموعن ۾ به موجود ڪونه آهن. جهڙيءَ ريت سنڌو لکت جي موجودگي، وڏين ۽ عاليشان جڳهن جو نه هجڻ، تور جي وٽن ۽ ماپن ۾ هڪجهڙائپ جو نه هئڻ، شهري رٿابندي جو نه هجڻ، اهڙي تبديليءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪا منفرد شهري ثقافت کان پوءِ رونما ٿئي ٿي، جنهن جو تعلق ڪڏهن هڪ مضبوط تنظيم سان هو. اهڙيءَ ريت پوئين ثقافتي دؤر واري شهري ثقافت واري دؤر ۾ نظر ايندڙ طرزن ۾ ايڪتا کي به ساڳي مقصد لاءِ ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿو. پوئين شهري ثقافت واري سنڌو تهذيب جو دؤر اهو آهي، جڏهن وسيع سنڌو تهذيب، ٽن علائقن ۾ ونڊجي ورهائجي وئي هئي ۽ هن تهذيب جي يڪسانيت ۾ گهڻ - رنگي اچي وئي.

گجرات اهو منفرد علائقو آهي، جنهن ۾ سنڌو سڀيتا واري روايت وڌي ويجهي ۽ ترقي يافته مرحلي تائين پهتي. جنهن جي تفصيلي تحقيق ڪرڻ نهايت لازم ۽ ضروري آهي. اهڙي تحقيق لاءِ ماحولياتي معاملن کي نظر ۾ رکڻ، قديم آثارن سان لاڳاپيل حقيقتن ۽ مختلف دؤرن جاچڻ، پڙهڻ کان پوءِ ان دؤر جي اهم اندرين جوڙجڪ ۽ لاڙن تي بحث مباحثو به ڪيو ويندو.

Bibliography & References

[1] In this case homogeneity is used comparatively with reference to the diversity of the Late, Post urban Harappan archacological materials. I will reassert the contention that there is heterogeneity within the Harappan civilization which is retarding progress in an understanding of the civilization. However, at another level, the Indus style does cover an immense area and it is this feature which can be contrasted to the more regionalized, less widespread Post urban assemblages.

[2] Sir John Marshall, Mohen-jo-Daro and the Indus Civilization (London) : Arthur Probsthan, 1931) (hereinafter cited as MD); and Ernest J.H. Mackay, Further Excavations at Mohen Jo daro (Delhi : government of India, 1938).

[3] M.S. Vats, Excavations at Harappa (Delhi : government of India, 1940).

[4] Ernest J.H. Mackay, Chanhu daro Excavations (New Haven : American Oriental Society, 1943).

[5] S.R. Rao, "Excavations at Lothal," Lalit Kala, nos, 3-4 (1956), pp. 82-89; and "Further Excavations at Lothal," Lalit Kala, no. 11 (1962), pp. 14-30.

[6] government of India, Indian Archaeology : A review 1960-61 (New Delhi : Archaeological Survey of India, 1961). pp. 31-32 (hereinafter cited as IAR).

[7] F.A. Khan, "Excavations at Kot Diji," Pakistan Archaecology, no. 2 (1965), pp. 11-65.

[8] Y.D. Sharma, "Past Patterns of Living as Unfolded by Excavations at Rupar," Lalit Kala, nos. 1-2 (1956), pp. 121-29.

[9] S.R Rao, "Excavations at Rangpur and Other Explorations in gujrat," Ancinet India, nos. 18-19 (1963), pp. 5-207 (hereinfter cited as EAR).

[10] Jean-Marie Casal, Fouilles d'Amri (Paris : Libraie D. Klincksik, 1964).

since the time of writing the site of Surkotada has been excavated. see : J.P. Joshi, "Explorations in Kutch and Excavation at Surkotada and New Light on Harappan Migration," Journal of the Oriental Institute, University of Baroda 22 (1972). This important site also conforms to the pattern noted here.

[11] For a complete bibliography of the Harappan Civilization see, B.M. Pande and K.S. Ramachandran, Bibliography of the Harappan Civilization (Miami : Field Research projects, 1971).

[12] MD, pp. 91-96

[13] R.E.M Wheeler, The Indus Civilization, 3d ed. (Cambridge : Cambridge University Press, 1968).

[14] Mackay, Further Excavations at Mohen jo daro, p.6.

[15] R.E.M, Wheeler, "Harappa 1946 : The defences and Cametery R-37," Ancient India, no. 3 (1947), p.82.

[16] Robert Raikes, "The End of the Ancient Cities of the Indus," American Anthropologist 66, pt. 2 (1964) : pp. 56-58 ; and Robert Raikes, "The Mohen jo daro Floods," Antiquity 39 (1965) : pp. 196-203.

[17] Walter A. Fairservis, Jr., "The Origin, Character and Decline of an Early Civilization," Novitates, no. 2302 (1967).

[18] Wheeler, The Indus Civilization, pp. 126-34; H.T. Lambrick, "The Indus Flood Plain and the 'Indus' civilization," The geographical Journal 133 (1967): pp. 483-95; gergory L. Possehl, "The Mohen jo daro Floods : A reply," American Anthropologist 69, no. 1 (1967) : pp. 32 -40.

[19] N.g. Majumdar, "Excavations at Jhukur," Annual Report of the Archaeological Survey of India : 1927-28, 1929, pp. 78-83 ; N.g. Majumdar, "Explorations in Sind," Memoires of the Archaeological Survey of India, no. 48 (1934).

[20] Mackay, Chanhu daro Excavations, p. ix. Stewart Piggott, Prehistoric India (Baltimore : Penguin Books, 1950), p. 223.

[21] Jean-Marie Casal, Fouilles d'Amri (Paris : Librarie D. Klincksik, 1964), pp. 63-69.

[22] Mackay, Chanhu daro Excavation, p. ix.

[23] Ibid.

[24] Ibid., p.189. At his point Mackay states : "The upper levels of Mound II were very much disturbed because the Jhukar people used earlier material."

[25] Majumdar, "Explorations in sindh," pp. 5-15 and 48-58.

[26] Mackay, Chanhu daro Excavations, p. ix.

[27] R.E.M Wheeler, "Harappa 1947 : The defenses and Cemetery R-37," Ancient India, no. 3 (1947).

[28] B.B. Lal, "Excavations at Hastinapura and other Explorations in the Upper ganga," Ancient India, nos. 10-11 (1955), p. 151.

[29] Ibid., pp. 31-32.

[30] Ibid., p.30.

[31] Y.D. Sharma, "Comments on the Ochre Colored Pottery Problem," Puratattva, no 5 (1971), p. 21.

[32] IAR, 1963-64, pp. 53-57.

[33] Suraj Bhan, "Comments on the Ochre Colored Pottery Problem," Puratattva no 5 (1971), p. 19.

[34] Bridge Allchin and Raymond Allchin. The Birth of Indian Civilization, p. 202. The results of recent excavations at Baghwanpura by J.P. Joshi of the Archaeological Survey are of exceptional importance in this regard. Dr. Y.D. Sharma has also proposed a complex scheme for organizing this entire problem, See : Y.D. Sharma "The Harappan complex of the Sutlej." in, the Harappan Civilization : A contemporary perspective, edited by gregory L. Possehl (Delhi : American Institute of Indian Studies, in press).

[35] george F. Dales, "Archaeological and Radiocarbon Chronologies for protohistoric South Asia," in South Asian Archaeology, ed. Norman Hammond (Park Ridge : Noyes Press, 1973), pp. 157-70.

[36] EAR, pp. 5-207.

[37] M.R. Mughal, "The Early Harappan period in the greater Indus Velley and Northern Baluchistan" (Ph.D. dissertation, University of Pennsylvania, 1970).


(1) Citadel : وڏي چوديواري واري قلعي کي چوندا آهن. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org