سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ

باب:

صفحو:7 

معلوم ايئن ٿيندو ته تحقيق جي هن ڪم ۾ جزوي دؤر بي. ٻيو (Sub Period B-II) ۽ (Period C-II) کي گڏائي هڪ دؤر جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي، ته هنن ٻنهي دؤرن کي ڇني الڳ ڪري بيهارڻ لاءِ Index Fossils موجود ڪونه آهن. ٻنهي دؤرن کي گڏائڻ جو ڪم خود ايس. آر. راءَ پاڻ ڪيو آهي. نظر ايئن اچي رهيو آهي، ته هن تحقيق جو اهڙو معيار شماريات (ڳڻپ) جي اصول تي رکيو ويو آهي. هن جي معنيٰ اها ٿيندي، ته انهيءَ دؤر کي ٺڪر وارن ٿانون جي گهاڙ ۽ چٽ جي طرز ۾ تبديليءَ جي رفتار جي آڌار تي بيهاريو ويو آهي. پر هتي نمونن وٺڻ واري اصولي پابنديءَ کان ڪم ڪونه ورتو ويو آهي. جنهن جو بنياد، تهه تان هٿ آيل ثقافتي شين جي دؤر تي بيٺل هوندو آهي. اهو طريقه ڪار نسبتاً ڏکيو هوندو آهي. اهڙي ريت تحقيق سان لاڳاپيل رپورٽ ۾ مدي خارج اصول کي ڪم آندو ويو هو. ۽ مختلف ٻن  جزوي دؤرن (Sub Periods) کي گڏي سڏي هڪ بنايو ويو هو. انهيءَ ڪري مختلف تهن جي تسلسل ۾ رخنو اچي وڃي ٿو. ۽ ان اهم ڳالهه ڏانهن توجهه ڪونه ڏنو ويو هو. انهيءَ ڳالهه تي ٽيڪا ٽپڻي ايندڙ صفحن ۾ ڪئي ويندي.

 

 

خاڪو 6: لوٿل ۽ رنگپور ۾ طبقات الارض جي ترتيب


 

رنگ پور جي دؤرن سان لاڳاپيل حقيقت رنگ پور ٽي (Rangpura III) جي تهه تي انهن ٿانون جي گهاڙ ۽ طرز تي مدار رکي ٿي جيڪي چمڪدار ڳاڙها ٿانوءَ (Lustrous Red Ware) آهن. اهي ٿانو پنهنجي وَڙَ ۽ گهاڙ ۾ ڪي وچولا ۽ ڪي تمام ڀلا آهن. سندن ڌاءُ (Slip) ڳاڙهو ۽ ٿانءُ چمڪدار آهي. انهن مان ڪي وڌيڪ چمڪدار آهن. هن قسم جو ٿانءُ رنگپور جي جزوي دؤر سي ٻئي Sub Period) (IIC ۾ نظر اچي ٿو. پر رنگپور III ۾ گهاڙ، وڙ ۽ چمڪ ۾ عروج تي پهچي وڃي ٿو. ڳاڙهي رنگ جو هي چمڪدار ٿانءُ (Lustrous Red Ware) هر قديم ماڳ تي ڏسجي ٿو ۽ سڄيءَ گجرات ۾ موجود آهي. اهڙي ٿانءَ جو مختلف ماڳن تان ملڻ ڪري، ڪنهن دؤر جو تعين ڪري سگهجي ٿو.

گجرات جي حدن کان ٻاهر هي ٿانءُ گهٽ مليو آهي. هن قسم جو ٿانءُ راجسٿان اديپور (Udaipur) ڀرسان آهر (Ahar) ۽ نرمدا جي ڪٺار سان نوُد تولي (Novdatoli) ماڳ تان گهڻو لڌو آهي. هنن ٻنهي ماڳن جي ٿانون کي ريڊيوڪاربان سان جاچي پرکي ڏٺو ويو آهي ۽ اهڙيون ڇپيل رپورٽون موجود آهن [24]. اهو ڳاڙهو چمڪندڙ ٿانءُ آهر جي تهه سي هڪ (IC) تان لڌو ويو آهي. هن ٿانءُ کي ڪاربان 14 (14C)جي چئن نمونن سان پرکي ڏٺو ويو آهي. جنهن کي جدول-5 (Table-5) [25] ۾ ڏسي سگهجي ٿو. نوَ دتولي مان هٿ آيل اهڙي ٿانءَ کي "Sprinkling of Lustrous Red Ware" (چمڪڻو لسو گاڙهو ٿانُ) سڏيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ٿانءُ عام جام نظر ڪونه آيو آهي. ۽ انهن چئن تهن تان مليو آهي، جن جو تعلق دؤر ٽئين (III) سان آهي.

جدول - 5

آهر جون ريڊيو ڪاربان تاريخون/دؤر

TF-31

1273+108 B.C

(1630 کان 1300 B.C)

TF-37

1310+113 B.C

(1650 کان 1370 B.C)

TF-32

1552+108 B.C

(1950 کان 1650 B.C)

TF-34

1727+140 B.C

(2170 کان 1780 B.C)

جدول - 6

نودتولي جون ريڊيو ڪاربان تاريخون/دؤر

TF-59

Phase I

1531+108 .BC

(2020 کان 1600 B.C)

P-475

Phase I

1605+73 B.C

(2060 کان 1710 B.C)

P-200

Phase II

1616+130 B.C

(2110 کان 1690 B.C)

P-201

Phase II

1657+131 B.C

(2140 کان 1690 B.C)

P-476

Phase III

2299+69 B.C

(2940 کان 2650 B.C)

P-202

Phase III

1658+131 B.C

(2140 کان 1710 B.C)

P-204

Phase III

1602+130 B.C

(2090 کان  1680 B.C)

P-205

Phase III

 

 

 

or Phase IV

1443+128 B.C

(1900 کان  1510 B.C)

اهڙيءَ ريت پهرئين تهه هڪ (I) کان وٺي تهه چوٿين (IV) تهه تائين ترتيب ڏئي رکيو ويو آهي. انهن لاءِ مقرر ڪيل دؤر Table-6 ۾ ڏسي سگهجن ٿا [26]. هنن مان ٻه دؤر اهڙا آهن، جيڪي ٻين سان ميل ڪونه ٿا کائن. وڌيڪ واضح دؤر 2299+69 آهن. اهو نه رڳو عام تسلسل کان مختلف آهي، پر هيٺين تهن کان به ڪيترائي سؤ سال وڌيڪ قديم نظر اچي ٿو. تنهن ڪري هن کي اڳتي ايندڙ بحث کان خارج ڪجي ٿو. P-476 وارو دؤر 108 + 1531 پڻ مشڪوڪ آهي. هن لاءِ کوٽائي ڪندڙ ماهر جو چوڻ آهي، ته هيءُ نمونو کوٽائي کان ٻه سال پوءِ مليو هو. ان وقت تائين کوجنا لاءِ کنيل کڏ پاڻيءَ جي بيهي وڃڻ ڪري ڊهي پئي هئي. تنهن ڪري ان نموني (Sample) جي سطح خراب ٿي وڃڻ جو قوي امڪان هو [27].

ريڊيو ڪاربان جي تجربي مطابق نودتولي جي دؤر ٽئين (III) (I کان IV تهن وارو مرحلو) 1650 ق.م (2020 کان 2000 ق.م تائين) ممڪن ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مرحلي ٽئين (III) کان چوٿين (IV) تائين جو امڪاني دؤر 1450 ق.م (1680 کان 1600 ق.م) ٿي سگهي ٿو. مرحلي چوٿين (IV) لاءِ يقين سان ڪوبه حتمي دؤر مقرر ڪري ڪونه ٿو سگهجي، چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ هن تهه ۾ هن کان هيٺ وارن تهن تان پڻ مليو آهي. آهر مان مليل هن ٿانءَ جو دؤر 1273 کان 1727 ق.م (2080 کان 1490 ق.م) آهي. هتي اهڙن ٿانون جو تعداد به جام آهي. جڏهن ته نودتولي ۾ هن ٿانو جو دؤر 658 ق.م کان 1443 ق.م (2040 کان 1660 ق.م) تائين ڏسجي ٿو ۽ اهو مناسب دؤر آهي. تنهن ڪري هي چوڻ صحيح ٿيندو، ته چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ پهريون ڀيرو 1800 ق.م (2060 ق.م) ۾ ڏٺو ويو هو جيڪو 1200 ق.م (1400 کان 1380 ق.م) تائين مسلسل ٺهندو آيو آهي. پوئين دؤر آهر ۾ هن جي گهاڙ جي معيار ۾ ٿورو فرق اچي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو، ته آهر جو مذڪوره دؤر نودتولي چوٿين (IV) سان هڪجهڙائپ رکي ٿو. جنهن جي دؤر جو هن وقت تائين تعين نه ٿي سگهيو آهي.

هن بحث جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته رنگ پور جي تسلسل جو خاتمو، دؤر ٽئين (III) جو خاتمو آهي. ان جي چمڪدار ڳاڙهي ٿانو جي فهرست کي 1200 ق.م (1400 کان 1380 ق.م) تائين بيهاري سگهجي ٿو. ساڳئي ماڳ تي چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ پهريون ڀيرو ۽ ٿوري تعداد ۾ جزوي دؤر سي. ٻئي (Sub Period C- II) واري مرحلي ۾ موجود ڏسجي ٿو. جيڪو ٽئين (Period-III) مرحلي کان ٿورو اڳ آهي [28]. اهڙيءَ ريت آهر (Period C-I) ۽ نودتولي جون پهريون صديون رنگپور جي سي. ٻئي (Period C-II) سان سهمت آهن. تنهن ڪري رنگپور جي ٽئين (III) لاءِ 1500 ق.م (1710 کان 1690 ق.م) مقرر ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت رنگپور جي ٽئين (III) دؤر جو آخري مرحلو 1200 کان 1500 ق.م (1710 کان 1380 ق.م) تائين سمجهي سگهجي ٿو. جزوي دؤر (Sub Period) وارو دؤر رنگپور جو وچون بي. ٻيو (IIB) ۽ سي. ٻيو (IIC) منجهيل ۽ ڏکيو آهي. پر انهن جو هاڻي تعين ڪرڻ سولو آهي. اهڙيءَ ريت جزوي دؤر بي. ٻيو (IIB Sub Period) ، 1850 ق.م (2160 ق.م) ڌاران شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته سي. ٻيو (IIC) 1500 ق.م (1710 کان 1690 ق.م) تائين ختم ٿي چڪو هوندو. هيءُ دؤر لوٿل بي (Lotahal B)  جي ٻن دؤرن جي سهمت آهي، جن کي ڪاربان 14 جي مدد سان معلوم ڪيو ويو آهي. جيڪي هن ماڳ جا آخري مرحلا آهن. مذڪوره ٻئي دؤر هن ريت آهن. TF-19 2310) کان (2110 1809+140 ۽ ٻيو ]292310 B.C) ] کان (2110  TF-23 1866+108 کان 2310 لوٿل B آخري (پنج) مرحلي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو رنگپور جي  دؤر بي ٻيو (Period B-II) واري سان سهمت آهي [30]. پر هن ڳالهه لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو، ته اهي دؤر ايس. آر. راءَ جي هڪ مثال سان ته ٺهڪي بيهن ٿا [31 ]پر ٻئي مثال سان ڪونه ٿا ٺهڪن.

ماڳ ۽ انهن جا دؤر

سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل قديم ماڳن جو ذڪر جدول - 7 ۾ ڏنو ويو آهي جيڪي هيٺ ڏنل ايراضين مان لڌا ويا هئا.

جدول - 7

سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل گهيلو ۽ ڪالوڀر واديءَ وارا ماڳ

جريان نمبر

ماڳ جو نالو

(Site Name)

دؤر

 Period

حوالو Reference

  1.   

وهارووٽبو

(Vaharvo Timbo)

11 B.C

gsda, EAR

  2.   

پاسيگام

(Pasegam)

11 B.C

gsda, EAR

  3.   

ڪيرلاوالا

(Kerlavalo)

11 B.C

gsda, EAR

  4.   

اوريو

(Oriyo)

III

gLP

  5.   

چيراڻيو

(Charanio)

II B.C

gsda, EAR

  6.   

جيواني نوڍورو

(Jiwini-No-Dhoro)

II B.C

gsda, EAR

  7.   

ڦل ٽبو

(Phul Timbo)

III

gLP

  8.   

ڀوجوادر

(Bhojavadar III)

II B.C

gLP

  9.   

ڦل وڏي

(Phul Wadi)

III

gLP

10. 

راجپپلا - I

(Rajpipla I)

II B.C

gLP

11. 

راجپپلا - II

(Rajpipla II)

III

gLP

12. 

راجپپلا - III

(Rajpipla III)

II B.C

glp

13. 

راجپپلا - IV

(Rajpipla IV)

II B.C

gLP

14. 

راجپپلا -  VI

(Rajpipla VI)

II B.C

gLP

15. 

سمقنالا - IV

(Samadhinala IV)

II B.C

gLP

16. 

راجپپلا - VII

(Rajpipla VII)

III

gLP

17. 

تتن

(Tatana)

II B.C

gLP

18. 

مالگام

(Malgam)

II B.C

gSDA,gLP

19. 

سيڊ فارم ماڳ

(Seed Farm Site)

II B.C

glp

20. 

هنومان نوٽبو

(Hanuman-No-Timbo)

II B.C

glp

21. 

کانڊيريو

(Khanderio)

II B.C, III

gSDA

22. 

مالگام

(Malgam)

II B.C

gsda

23. 

کيتروالو

(Khetarvalo)

III

gsda, EAR

24. 

چوسلا

(Chosla)

II B.C

gcLp

25. 

لکاڻڪا

(Lakhanka)

II B.C, III

glp

26. 

ڀوڪلي ڏهر

(Bhokli Dhar)

II B.C, III

glA

27. 

ڇوڪا اسويريا

(Chota Isveria)

III

glp

28. 

اداتالا

(Adatala)

II B.C

gSDA, EAR

29. 

مهان ديووُ

(Mahandevio)

II B.C

gsda, ear

30. 

نشادو

(Neshdo)

II B.C

gsda, ear

31. 

لکاوا

(Lakhavav)

II B.C

gsda, ear

32. 

کانڊيريو II

(Khanderio II)

II B.C

gsda

33. 

رامپاڙا

(Rampara)

II B.C, III

glp

34. 

رامپاڙا II

(Rampara II)

II B.C

glp

35. 

اٽاريا

(Itaria)

II B.C, III

glp

36. 

گهيلو بند

(ghelo Bund)

II B.C

glp

 

 

 

 

 

ڀوڪلي ڏهر (a) ماڳ جي ضميمي الف A، اندر درج ڪيو ويو آهي. پر امڪان آهي، ته ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ ۽ مختلف نالي سان قلمبند ڪيو ويو هجي. مون کي شڪ آهي، ته هولي والو (Holivalo) ماڳ شايد ڀوڪلي ڏهر آهي. هن رپورٽ کي جاچڻ مهل اوليت ضميمي الف کي ڏني وڃي. هيءَ فهرست انهيءَ مقصد سان ڏني وئي ته جيئن کوٽائي ٿيل انهن ماڳن کي هڪ جاءِ تي رکي سگهجي، جيڪي گهيلو ڪالوڀر نئين واري جوءِ مان مليا آهن. هنن ماڳن جي ترتيبوار جاچ پڙتال به ڪئي وئي هئي. هن فهرست کي مڪمل ڪئٽيلاگ (Catalogue) تان نقل ڪيو ويو آهي، جيڪو ضميمي الف جي شڪل ۾ هن ڪتاب ۾ موجود آهي.

مٿي فهرست ۾ ڏنل ماڳ جدول 7 ۽ 8 ۾ به ڏسي سگهجن ٿا.


 

 

خاڪو7: اڀرندي گهيلو/ ڪالوڀر وادين ۾ ماڳ مڪان


 

 

خاڪو 8: الهندي گهيلو/لالوڀر وادين ۾ ماڳ مڪان


 

 

Bibliography & References

[1] B.J.L، Berry and A.M Baker, "geographic Sampling," in Spatial Analysis, ed. B.J.L berry and D.F Marble (Englewood Cliffs : Prentice Hall, 1961), p. 92.

[2] Ibid, p. 94.

[3] It Should be noted that this research did not include a rigorous assessment of these similarities between the Bhal tract and the North gujarat Plain but the soils within these two areas have come to play an important role in interpretation. Yet, there was no primary soils analysis performed. It is emphasized that this should be a priority task within any future research strategy aimed at the gujarat region. The required analysis was not performed during the first phase of research because the investigator was simply not qualified to carry it out himself nor could he find the required assistance.

[4] The Chinese pilgrim Hsuan Tsang visited the city in the seventh century A.D.

[5] This was reported in IAR: 1960-61, pp. 7-9.

[6] Intensive search of an area of this size usually, took between five and seven hours of walking. On some days when several sites were found, the time was expanded to ten hours.

[7] During the first days of survey, and at several other points in the work I was joined in the exploration by Dr. (then Miss) Suman Pandya. Sites which were discovered through her assistance have been so nor appendix A.

[8] A note of caution is necessary in the use of local informants. It is common practice in India for a survey to proceed making heavy, if not exclusive, use of such people. Needless to say they can be of help. However they were rarely aware of the small sites, especially if there was no noticeable topographic change or very light scattering of artifacts.

[9] Charles Redman and P.J. Waston, "Systematic, Intensive Surface Collection." American Antiquity 35 (1970) : pp. 279-91 and gregory L. Possehl, "An Approach to Surface Collecting." in Radiocarbon and Indian Archaeology, ed. D.P. Agrawal and A. ghosh (Bombay: Tata Institute of Fundamental Research, 1973), pp. 462-75.

[10] The village of Itaria within this portion of the survey is known as one of the poorest villages in Gadhada Taluka. Some of the fields appear to be little more than plowed Pea graval with coarse thin soil.

[11] government of India, Census of India 1961, vol. 5, pt. VI, no. 13 : Velavadar Village Survey Monograph (Delhi : government of India, 1968), p. 18.

[12] Ibid, p. 1.

[13] The bibliography for these two sites is fairly extensive. For Rangpur yearly reports are available in IAR : 1953-54, pp. 7-8; IAR : 1954-55, pp. 11-12. A final report on Ranpur was published. See EAR. There were three earlier excavations at the site. M.S Vats, "Rangpur,"  Annual Report of the Archaeological Survey of India, 1934-35 (New Delhi : Archaeological Servey of India, 1937), pp. 34-38, and pls. XII, XIV; g.S. ghurye, "Two sites in Kathiawar," Journal of the University of Bombay 8, pt. i (1939): pp. 3-12; M.g. Dikshid, "Excavations at Rangpur : 1947," Bulletin of The Deccan College Research Institute 11, no. 1 (1950) : pp. 3-55. Lothal, the larger and more completely excavated of the two sites, has yet to be published in final form. Yearly reports are available in : IAR : 1954-55 p. 12; IAR : 1955-56 pp. 6-7; IAR : 1956-57, pp. 15-16; IAR : 1957-58, pp. 11-12; IAR : 1958-59, pp. 13-15; IAR : 1959-60, pp. 16-18; IAR : 1961-62, pp. 9-10; IAR : 1962-63, p. 7. There are two very fine, well illustrated reviews of Lothal in Lalit Kala, S.R. Rao, "Excavations at Lothal," Lalits Kala, pp. 83-89; and S.R. Rao, "Further Excavations at Lothal," Lalit Kala, pp. 14-30. Another source has also recently appeared. S.R. Rao, Lothal and the Indus Civilization (Bombay : Asia Publishing House, 1973). Also, S.R. Rao, Lothal Excavations (New Delhi, Archaeological Survey of India, 1980).

[14] J.M. Nanavati, R.N. Mehta, and S.N. Chowdhary, Somnath 1956 (Baroda : M.S University of Baroda, 1971).

[15] For Rojdi the best reports are to be found in IAR : 1957-58, pp. 18-23, and IAR: 1958-59, pp. 19-21.

[16] J.P. Joshi, "Exploration in Kutch and Excavations at Surkotada and New Light on Harappan Migration," Journal of the Oriental Institute M.S. University of Baroda 22, nos. 1-2 (1972) : pp. 98-114.

[17] The best review of the Rangpur report can be found in V.N Misra, review of Ancient Indian, Nos.18-19 in the Eastern Anthropologist 18, No. 1 (1965) : pp. 44-52.

[18] The following is offered as documentation of this int. The compariosns are exclusively between Rangpur and Mohen jo daro as reported in the Marshal volumes. Compare EAR Fig. 19, No. 28 to MD P1. LXXXIV Nos. 16 and 14; EAR Fig. 19, No. 27 to MD P1. LXXIX, No. 23; EAR Fig. 23, Nos. 84, 83a and 83b to MD Pl. LXXXI, Nos. 50, 51 and 52; EAR Fig. 23, No. 82 to MD pl. LXXX, No. 14; EAR Fig. 23, No. 81 to MD pl. XXX, No. 19; EAR Fig. 23, No. 79 to MD pl. LXXXIII, Nos. 57 and 60; EAR Fig. 22, No. 67 to MD pl. LXXIX, Nos. 11 and 15; and EAR Fig. 18, Nos. 15 and 16 to MD pl. LXXXIII, Nos. 9 and 12.

[19] EAR, Pl. XVII, A. 13. Other blades of this material are known from Lothal.

[20] For illustrations of these types see: EAR, Fig.23, Nos. 92, 92A and 92B and Fig. 20 Nos. 32 and 33.

[21] This style is illustrated in Rao. "Further Excavations at Lothal," Fig. C. In this example the designs themselves and the stylistic arrangement of design elements can be widely compared to vessels from the Indus Valley. It should be noted as well that the vessel form of this example is one of Wheeler's Diagnostic features of the Civilization. See R.E.M. Wheeler. The Indus Civilizaiton, 3rd ed. (Cambridge: Cambridge University Press, 1968), p. 68. For a stylistic analysis of Indus pottery see R.F.S. Starr, Indus Painted Pottery (Princeton: Princeton University Press, 1941), and O. Manchanda. A Study of Harappan Pottery (Delhi: Oriental Publishers, 1972). The latter book is more descriptive than Starr; however (Mrs.) Dr. Manchanda did have access to at least part of the Lothal pottery, and the book is valuable for that reason.

[22] Dates TF-22, 26, 27, and 29 can be found in S.Kusumgar, D. Lal, and R.P. Saran, "Tata Institute Radiocarbon Date List I," Radiocarbon 5 (1963) : p. 277. Dates TF-133, 135, and 136 can be found in D.P. Agrawal. S. Kusumgar, and D. Lal, "Tata Institute Radiocarbon Date List III," Radiocarbon 7 (1965) : p. 294. It should be noted that dates TF-133, 135, and 136 were mixed with soil and contamination is said to be not unlikely.

[23] For Mohen jo daro dates see, Robert Struckenrath, Jr., "University of Pennsylvania Radiocarbon Dates X," Radiocarbon 9 (1967) : pp. 333-34, and D.P. Agrawal et al., "Tata Institute Radiocarbon Date List II," Radiocarobon 6 (1964) : p. 231.

[24] H.D. Sankalia, S.B. Deo, and Z.D. Ansari, Excavations at Ahar (Poona : Deccan College, 1969). H.D Sankalia, B. Subbarao and S.B. Deo. The Excavations at Maheswar and Navdatoli, 1952-53 (Poona Baroda : Deccan College-M.S. University of Baroda, 1958). H.D Sankalia, S.B. Deo, and Z.D. Ansari, Chalcolithic Navdatoli (Poona-Baroda: Deccan College-M.S. University of Baroda, 1971).

[25] S. Kusumgar, D. Lal, and R.P. Sarna, "Tata Institute Radiocarbon Date List I," Radiocarbon 5 (1963) : pp. 275-76.  There are five other detes for this site, V-54 through V-58. These date earlier cultural phases without Lustrous Red Ware.

[26] This arrangement and the following interpretation are taken from Sankalia, Deo, and Ansari, Chalcolithic Navdatoli, p.40. The dates have been converted to the 5730 half life for radiocarbon and the MASCA correction factors based on dendrochronology added.

[27] Ibid., p. 39.

[28] EAR, p. 31.

[29] S. Kusumgar, D. Lal, and R.P. Sarna, "Tata Institute Radiocarbon Date List I," Radiocarbon 5 (1963): p. 277.

[30] EAR, p. 181.

[31] Ibid.

[32] Ibid., p. 27.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org