سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:12 

انب: انب جو وڻ کوکڙيء مان جولاءِ ۽ آگسٽ جي وچ ۾ نرسري ۾ پوکيو ويندو آهي جتان ٻن يا ٽن ورهين کانپوءِ انهي جون چڪيون ڪڍيون وينديون آهن. انهي وڻ جي آسپاس پنجن ورهين تائين ٻيون شيون به پوکيون وينديون آهن جيئن زمين جي جلدي جلدي گُڏ ٿيندي رهي ۽ زمين کي مال يا ٻڪرين جو ڀاڻ ملندو رهي. انهي کانپوءِ زمين کي ڀاڻ نه  ڏنو  ويندو آهي پر پاڙن تان سرءُ جي مند ۾ ڪجهه ڏينهن مٽي هٽائي ڇڏبي آهي پوءِ مٽي ورائي زمين کي چڱي طرح پاڻي ڏئي ڇڏبو آهي. انب جو وڻ پنجن ورهين جي عمر ۾ ميوو ڏيڻ شروع ڪندو آهي. مارچ ۾ ٻور منهن ڪڍڻ شروع ڪندو آهي ۽ جون يا جولاءِ ۾ پچندو آهي. حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ انبن جا مختلف قسمن پوکيا وڃن ٿا.

انجير: انجير قلمن ذريعي پوکيا ويندا آهن جيڪي مارچ يا آگسٽ ۾ پوکيا ويندا آهن ۽ ٻن ورهين ۾ ميوو ڏيڻ شروع ڪندا آهن. انجيرن کي باقاعدگي سان ٻڪرين يا ڍڳين جو ڀاڻ ڏنو ويندو آهي ۽ فيبروري يا مارچ ۾ ڇانگ پڻ ڪئي ويندي آهي تڏهن هڪ يا ٻن هفتن لاءِ  انهن جي پاڙن تان مٽي پڻ هٽائي ويندي آهي، ميوو جولاءِ يا آگسٽ ۾ پچندو آهي جنهن کان اڳ گونچن تي پاڻي جو ڇڻڪار ڪيو ويندو آهي جيئن انهن تان مٽي لهي وڃي نه ته اُهي سُسي ۽ ڪو ماڻجي ويندا آهن.

ڏاڙهون: ڏاڙهون جا قلم بهار يا سرءُ جي مند ۾ رکيا ويندا آهن. وڻن جي پاڙن تان مٽي هٽائي ويندي آهي ۽ انهن کي بهار جي مند يا جون مهيني ڌاران ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ڀاڻ بهار ۾ ڏنو ويو ته ميوو جولاءِ يا آگسٽ مهيني ۾ ايندو ۽ جيڪڏهن جون مهيني ۾ ڏنو ويو ته وڻ نومبر ڌاران ڦرجهليندا.

صوف: صوف جو وڻ پيوند ذريعي سرء يا بهار ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ وڻ تقريباً ٽن ورهين ۾ ڦر ڏيندا آهن. انهن کي ٿي سگهي ته ٻڪرين نه ته ڍڳين ۽ مينهن جو ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. انهن جي ڇانگ نه ڪئي ويندي آهي پر ڀاڻ ڏيڻ کان اڳ انهن جي پاڙن تان مٿي هٽائي ويندي آهي ۽ نومبر يا جنوري مهيني ۾ هٿن سان انهن جا پن پٽيا ويندا آهن. ميوو مئي ۽ جون ۾ پچي تيار ٿيندو آهي. سنڌ جو صوف سائيز ۾ تمام ننڍو ۽ ڏسڻ ۽ هالو چالو لڳندو آهي پر انهي جو ٻوڙ رڌڻ تي خاص سواد ڪندو آهي. اهو سامونڊي ڪناري تي پيدا نه ٿيندو آهي.

ناشپاتي: ناشپاتي جو وڻ ٻج ذريعي پيدا ٿيندو آهي ۽ بهار جي مند ۾ پوکي پوءِ چڪي ڪڍي ويندي آهي. وڻ جي سارسنڀال صوف جي وڻ وانگر ئي ڪئي ويندي آهي فرق فقط ايترو آهي ته ناشپاتي جي وڻن جا پن هٿ سان نه پٽيا ويندا آهن. اهي سياري ۾ پنهنجو پاڻ ڪري پوندا آهن. ميوو ڪوئيٽا جي ميوي کان اڳ جولاءِ ۾ پچي ويندو آهي تنهنڪري انهي جي جيتوڻيڪ گهرج هوندي آهي پر اهو سٺي ڪئالٽي وارو نه هوندو آهي. اهو به سامونڊي ڪناري تي نه ڦٽي سگهندو آهي.

زيتون: زيتون ٻج يا پيوند ذريعي پوکي سگهجن ٿا. وڻ ٽن ورهين ۾ ميوي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. زمين کي بهار جي مند ۾ چڱي طرح مينهن يا ڍڳيءَ جو ڀاڻ ڏنو ويندو  آهي. وڻن جي ڇانگ نه ڪئي ويندي آهي. ميوو بنيادي طور مون سون جي مند جي پڄاڻي تي پچي راس ٿيندو آهي.

انگور: انگور وڏن قلمن ذريعي پوکيا ويندا آهن جيڪي بهار جي مند ۾ هنيا ويندا آهن ۽ ٽئين موسم ۾ ميوو ڏيڻ شروع ڪندا آهن، ول جي فيبروري يا مارچ مهيني ۾ وڏي ڇانگ ڪبي آهي ۽ پاڙن تان مٽي هٽائي ويندي آهي جنهن کانپوءِ زمين کي ٻڪرين يا ڍڳين جو ڀاڻ ڏنو ويندو آهي يا جانورن جي رتُ ۽ مڇي وڌا ويندا آهن، ميوو جون ۽ جولاءِ مهيني ۾ پچندو آهي ۽ انهي کان اڳ جو ڪوئيٽا جو ميوو تيار ٿي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪري هن کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو آهي، ڪراچي جي موسم حيدرآباد جي موسم کان ڪجهه آڳاٽي ٿيندي آهي. انگورن ۾ ڪشمش يا بغير ٻج واري سلطانه جنس عام جام ۽ ڪاميابيءَ سان پوکي ويندي آهي پر وڏو قنڌاري انگور به سٺي نموني پيدا ٿئي ٿو ۽ انهي سان گڏو گڏ ڪيتريون ئي بهترين ٻاهريون جنسون به متعارف ڪيون ويون آهن.

ڪيوڙو (Plantain): غريب ماڻهن جو ميوو آهي ۽ اهو قاعدو هن تي لاڳو نه ٿو ٿئي ته ميون جا باغ فقط وڏن شهرن جي ويجهو ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ڪيوڙي جي وڻن جا گهاٽا جهڳٽا ڪيترن ئي ڏور انهن ڳوٺن جي ويجهو نظر اچي سگهن ٿا. انهي ميوي کي تمام اڻ وڻندڙ چئي سگهجي ٿو. انهي جي اهڙي اڻ وڻندڙ هئڻ جو ڪو سبب به نه آهي ڇا ڪاڻ ته بمبئي جون بهترين جنسون اڳوڻي سنڌ جي علائقي ۾ ئي سٺي نموني ڦٽن ٿيون. هي وڻ جڏهن ڦر ڏيندو آهي ته انهي جي ٿڙ جي چوڌاري ڦٽي نڪتل پاڙن ذريعي هي وڻ پوکيو ويندو آهي. انهن تي وڌيڪ ڪا محنت نه ڪئي ويندي آهي. انهن لاءِ تمام گهڻو پاڻي هئڻ ضروري آهي تنهنڪري اهي ڪنهن واهه يا کوهه جي ويجهو پوکيا ويندا آهن پر انهن جي زمين کي ورلي ئي ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. چڪين مان ڦٽل ٻوٽا ٻئي سال ڪهڙي به موسم ۾ ميوو ڏيڻ شروع ڪندا آهن.

ڪاٺ ڪدرو ميوي جي ٻئي ڪنهن به وڻ کان جلدي پيداوار ڏيڻ شروع ڪندو آهي ڇو ته ميوو ٻج پوکڻ کان پوءِ اٺين مهيني ئي پٽائي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. پر وڻن جي عمر ٿوري ٿيندي آهي. ٻج سياري کانسواءِ ٻئي ڪنهن به مند ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ ٻوٽن کي ڪجهه وقت ٻاري ۾ ڇڏڻ کانپوءِ اتان ڪڍي چڱي طرح ڀاڻ ڏنل زمين ۾ پوکيو ويندو آهي. انهن کي چڱي پاڻي جي ضرورت پوندي آهي.

فصل جي ڦيري / ساهي ۽ ڀاڻ: اهي ٽئي ڳالهيون هڪٻئي تي دارومدار رکنديون آهن تنهنڪري انهن جو بيان گڏ ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ فصلن جي واري ڦيري جو رواج نه آهي. البت زمين کي ساهي ڏيڻ کان هرڪو واقف آهي، جيستائين ڀاڻ جو تعلق آهي ته سنڌي ماڻهو جهڙي طرح انهي کانسواءِ ڪم هلائي ٿو اها ڳالهه مغربي ملڪ نه ڇڏيو خود سندس پاڪستاني ڀائرن کي پڻ تپرس ۾ وجهي ڇڏيندي. سچي ڳالهه اها آهي ته جيئن ته هڪ ته سنڌي هاري جو ڪنهن سان مقابلو نه هوندو آهي ۽ ٻيو ته نه ئي هن ۾ ڪو جذبو ۽ ڪو اهڙو محرڪ هوندو آهي جيڪو ڪنهن به هاري کي ٻنيءَ مان وڌ ۾ وڌ پيداوار وٺڻ تي اڀاريندو هجي تنهنڪري پيڙهين کان سندس اها خواهش رهي آهي ته هو پنهنجي زمين ۾ گهٽ کان گهٽ ڪم ڪري ۽ وڌ کان وڌ وقت پنهنجي حُقي سان وندريو ويٺو هجي. سنڌو درياءَ سال ۾ هڪ دفعو سندس زمين کي پاڻ ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ اهو جيڪڏهن ناڪافي ٿابت ٿئي ته زمين کي ايندڙ  ٻوڏ تائين خالي ڇڏي سگهي ٿو ڇا ڪاڻ ته هن جي چوڌاري تمام گهڻي زمين موجود رهي هئي ۽ اڃا به آهي. پر هو جنهن سرشتي تحت پنهنجي زمين کي ساهي ڏئي ٿو انهي جو بيان ڏيڻ ناممڪن آهي. ڇا ڪاڻ ته هن وٽ ڪو سرشتو ئي نه هوندو آهي. جنهن زمين کي ٻوڏ ذريعي پاڻي ايندو آهي ۽ ان ۾ خريف جو هڪ فصل ٿي چڪو هوندو آهي انهي کي عام طور هڪ سال ساهي ڏبي آهي. پر نار ذريعي پاڻي ڏنل زمين کي جيئن ته لٽ گهٽ ملندي آهي تنهنڪري هو انهي کي ٻن ٽن يا ڪڏهن ڪڏهن ته چئن ورهين لاءِ به ساهي ڏئي ڇڏيندو آهي. جيڪي زمينون هر سال اونهاري جي مند ۾ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اينديون آهن اهي سال بسال سياري جو فصل ڏينديون رهنديون آهن پر جيڪڏهن اهي ڪجهه ورهين کانپوءِ ٿڪي پونديون آهن ۽ پيداوار  ڪسي ڏينديون آهن ته هو انهن کي ساهي ڏيندو آهي. ساڳئي طرح ساريال زمينون به جيڪي هرسال ٻوڏ هيٺ اينديون آهن انهن کي به ورلي ئي ساهي ڏبي آهي پر جيڪڏهن انهن کي ساهي ڏني وئي ته پوءِ سياري جي مند ۾ انهن مان ڄانڀو، چڻو ۽ ٻيو ڪو فصل کڻبو آهي. اهو قدم البت ڦيري جي لحاظ کان ڏاهپ ڀريو نه آهي. تمام ڀلين ساريال زمينن مان هر سال باقاعدگيءَ سان خاص طور لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سياري جو فصل کنيو ويندو آهي. انهن کي اونهاري ۾ ساهي نه ڏني ويندي آهي. زمينن تي فصلن ۾ سوچي سمجهي ڦيري فقط ڦٽي ۽ ڪمند جي صورت ۾ ڪئي ويندي آهي. ڦٽي جو فصل ساڳئي زمين تي لڳاتار ٻه ورهيه ڀلو نه ٿيندو. ڦٽي واري زمين ايندڙ سال يا ته ڇڏي ڏبي يا ڀاڻ ڪلر ڏئي انهي تي ڪاجوئر ٻاجهري ڪاهي ڇڏبي. ڪمند جيئن ته تمام ٿڪائيندڙ فصل آهي ۽ انهي کي تمام گهڻو ڀاڻ ڏيڻو پوندو آهي تنهنڪري انهي ۾ لڳي ٿو ته ڦيري ڪفايت جي خيال سان ڪئي ويندي آهي. ڪڙمي زمين کي ايترو ڀاڻ ڏيڻ کانپوءِ ايندڙ مند ۾ انهي کي خالي نه ڇڏي سگهندو آهي ڇو ته هو انهي مان بغير ڪنهن وڌيڪ خرچ جي ڪنهن دال يا جوئر ٻاجهري جو فصل کڻي سگهي ٿو. بعضي  بعضي جنهن زمين ۾ ايندڙ مند ۾ ڪمند ڪرڻ جو ارادو هوندو آهي انهيءَ ۾ هلندڙ مند ۾ ڀاڄيون  ڪيون وينديون آهن جو انهن لاءِ ڀاڻ وڌيڪ گهربل هوندو آهي.

جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي سنڌي ڪڙمي ڀاڻ ڪلر مان تمام گهٽ مدد وٺندو آهي. سنڌ جي خاص طور ڏکڻ ۾ وٿاڻن ۾ ڀاڻ جا وڏا ڍير لڳا پيا هوندا آهن جن کي کڻڻ سان جيڪر انسانن توڙي جانورن ٻنهي کي فائدو ٿئي پروٿاڻن جي لڳو لڳ ساريالي زمينن کي ڪڏهن به ڀاڻ نه ڏنو ويندو آهي توڙي جو انهن ۾ هر سال فصل ڪيو ويندو آهي. سنڌو درياء ۾ چاڙهه لهڻ کانپوءِ ان جي پيٽ ۾ زمين جا جيڪي سڌا ٽڪرا نڪري ايندا آهن انهن تي سال بسال ڪڻڪ يا تيلي ٻجن جو فصل ڪيو ويندو آهي يا جيڪي زمينون تازيون پوک هيٺ اينديون آهن يا جن تي مختلف دالين ۽ ڦرين وارا فصل ٿيندا آهن انهن مان به سال بسال بغير ڀاڻ ڏيڻ جي پيداوار کنئي ويندي آهي. وري زمين به پنهنجي مالڪ جي ڪا هلي کي حق بجانب پئي ثابت ڪندي آهي ۽ کيس ٻئي ڪنهن به علائقي جي ڪڙميءَ کان وڌيڪ پيداوار ڏيندي آهي، انهي روش جو هڪ سبب اهو به آهي جو ماڻهن جون زمينداريون سراسري طور ايتريون ته وڏيون هونديون آهن جو تمام هٿ ڦاڙ آباد گار به پنهنجي زمين جي ٽڪرن کي واري ڦيري سان آباد ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهندو آهي ۽ اڳ ۾ ئي ڪاهيل زمين کي وري ڪاهڻ جي تڪليف نه وٺندو آهي. پر اڳوڻي سنڌ ۾ خاص طور ڪمند، تماڪ ۽ ڀاڄين کي ڀاڻ ڏيڻ ضروري هوندو هو ۽ هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ تماڪ ۽ ڀاڄيون سنڌي هاري نه پر لوهاڻا، ميمڻ، بوهرا ۽ ٻين ذاتين وارا پوکيندا آهن. عام ڪتب ايندڙ ڀاڻ مينهن، ڍڳين جو ڇيڻو ۽ رڍن، ٻڪرين جون ڦولهڙيون آهي. ٻڪرين جو ڀاڻ باغن ۽ تماڪ لاءِ خاص طور تمام سٺو هوندو آهي. ٻيو ڀاڻ جنهن جي تمام گهڻي طلب هوندي آهي اهو آهي پراڻن ڳوٺن ۽ شهرن جي ڦٽل دڙن جي مٽي. باقي انهي ڳالهه جي پڪ نه آهي ته انهي مٽيءَ کي انهيءَ ۾  موجود چوني جي سبب اهميت ڏني ٿي وڃي يا نائٽريٽس (Nitrates) جي سبب جيڪي سنڌ جي زمين ۾ گهٽ آهن. ساڳئي طرح واهن جي مٽيءَ کي به اهميت ڏني ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خاص طور جڏهن زمين جي مٽي سنهي ۽ سُڪل هجي ته ڪجهه فصلن لاءِ ڪلر به ڪتب آندو ويندو آهي، سڀني وڏن شهرن جي ويجهو نالين جو پاڻي، شهرن جو گند ڪچرو ۽ ويندي انساني فُضلو به ڀاڄين ۽ ڪجهه مخصوص فصلن لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. ميويدار وڻن ۽ خاص طور انگور جي ول لاءِ رت، اوجهري ۽ مڇي به ڪم آندي ويندي آهي. پر سواءِ انگور جي ول جي مڇي جي ڀاڻ جي استعمال کان ماڻهو واقف نه آهن. مغربي ملڪن ۾ ته  اهو جيڪڏهن مقامي طور دستياب نه هوندو آهي ته ٻاهران گهرايو ويندو آهي. ساون پنن ۽ گاهه کي ته سنڌ ۾ بيڪار سمجهي اڇلايو ويندو آهي جڏهن ته سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ته ناريل جي وڻ لاءِ فقط انهن کي ئي مناسب ڀاڻ سمجهيو ويندو آهي. هڏا ملڪ مان ٻاهر موڪليا ويندا آهن جيئن اهي يورپ جي زمينن کي زرخيز بڻائين. باهه جي رک جو فقط اهو استعمال ڪيو ويندو آهي جو جن ٻارين ۾ سارين جو ٻج پوکبو آهي انهن کي وسم ڏيڻ لاءِ انهيءَ ۾ ڍڳين جو ڇيڻو ۽ بهه ساڙيو ويندو آهي.

مال جي ڀاڻ ۽ ڳوٺن جي گند ڪچري جي اهميت کان سڀ ڪو واقف آهي پر اهو جيئن ته آبپاشي هيٺ ايندڙ جملي ايراضي جي فقط پنج سيڪڙو حصي لاءِ ئي ڪافي هوندو آهي تنهنڪري  اهو عام طور فقط ڳوٺن جي ويجهين زمينن لاءِ ئي ڪتب آندو ويندو  آهي. سائي گندگاهه کي زمين ۾ پوري پاڻ ٺاهڻ جو ڪم عام نه ٿيو آهي. قيمتي ڀاڻ جو وڏو حصو  گهريا رڌبچاء ۾ ٻارڻ طور ڪم آڻي ضايع ڪيو وڃي ٿو. ڪيميائي ڀاڻ جنگ کان اڳ عام استعمال ۾ نه هوندا هئا. هاڻي سرڪاري سبسڊي ڏئي انهن کي عام مقبول بڻايو پيو وڃي ڪيميائي نائٽروجني ڀاڻ جي طلب تمام گهڻي آهي.

زراعت جي مقامي حالتن مطابق مٺي ۽ قدرتي طور زرخيز زمين ئي ڪيميائي ڀاڻن جو سٺو اثر ڏيکاريندي آهي. ڪلراٺيون يا پڪيون زمينون ورلي ئي مناسب اثر ڏيکارينديون آهن، جن زمينن کي هٿراڌو طور پاڻي ڏنو وڃي ٿو انهن کي جيڪڏهن اڳ ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ، گندگاهه يا زمين ۾ پوري تيار ڪيل ڀاڻ ڏنو وڃي ته اهي ڪيميائي ڀاڻن جو سٺو اثر ڏيکارين ٿيون. ڪجهه مهم جو زميندار جهڙي نموني سائي گاهه ذريعي ڀاڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن انهي ذريعي زمين جي زرخيزي جو بچاء ٿي سگهي ٿو ۽ پڻ فصل جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿي سگهي ٿو.

فصلن جا جيت ڄڻا ۽ بيماريون

جيئن ته هن گزيٽيئر جي 1907ع ۾ آخري ڇاپو اچڻ کانپوءِ فصلن جي جيتن جڻن ۽ بيمارين جي اڀياس جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي اڳڀرايون ٿي چڪيون آهن پر انهي ڳالهه جي اڃا به پڪ نه آهي ته ڇا جديد سائنس جيتن جي حملي خلاف ڪجهه ڪري به رهي آهي يا هٿ تي هٿ رکيون ويٺي آهي. سنڌ ۽ خيرپور ۾ جيڪي جيت فصلن کي نقصان پهچائين ٿا انهن کي ٿلهي ليکي هنن ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙيون ته سينور جهڙيون شيون آهن. ٻئين نمبر تي جيتن جي ڪجهه برتر درجي وارا لاروا جيڪي لِڪ ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ ٽئين نمبر تي کليل فضا ۾ حملو ڪندڙ جهڙوڪ ماڪڙ، پکي ۽ جانور. آبادگار پهرين ٽنهي قسمن کي بيماريون ڪري ليکين ٿا ڇاڪاڻ ته فصلن کي پهتل نقصان جو سبب چٽو نه هوندو آهي. جيتن جا سنڌي نالا منجهائيندڙ ۽ غير سائنسي آهن. مکيه جيتن جا نالا هي آهن: رتي، ڪاڻي، مهلو، اُلي کس، اڱاري، مُريهه، مراهي، بوکڙو، روهڙو، ماڪوڙيون ۽ ڪِوليون.

رتي ڪڻڪ جي هڪ بيماري آهي جنهن کي انگلينڊ ۾  'Spring rust' سڏبو آهي. اهو هڪ قسم جو سينور آهي جيڪو پنن تي اڳ ۾ نارنگي ۽ پوءِ ڪارسري رنگ جي تمام ننڍڙن چُٽن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. انهيءَ کي جُهڙ ۽ گهم مان هٿي ملندي آهي.

ڪاڻي خاص طور جوئر تي حملو ڪندي آهي ۽ سنگ ۾ پچندڙ ٻجن کي کائي انهن کي ڪاري رنگ جي انگورن سان  ڀري ڇڏيندي آهي. ناساز گار موسم کي انهي جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي پر سمجهيو وڃي ٿو ته ٻجن کي جيڪڏهن پوکڻ کان اڳ پاڻي ۾ ڀِڄايو وڃي ته انهي کان بچاء ٿي سگهي ٿو.

مهلي جو لفظ ڪڻڪ ۾ هڪ قسم جي ڪاري داغ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. اهو عام طور ڪيترن ئي قسمن جو ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جي دالين، تيلي ٻجن، ڦُٽي ۽ ميوي  دار وڻن تي حملو ڪندو آهي ۽ انهن جي رس چوسي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. انهي کي جهڙالي موسم ۽ گهم مان هٿي ملندي آهي ۽ هن ملڪ ۾ انهي جو واحد علاج موسم ۾ تبديلي اچڻ جي اميد آهي.

اُلي به هڪ قسم جو مهلو آهي جيڪو تيلي ٻجن تي حملو ڪندو آهي.

جڏهن ٻاجهري يا جوئر جا سنگ ٿڌ، ناسازگار هوا يا ٻئي ڪنهن نامعلوم سبب جي ڪري سنها يا خالي ٿي ويندا آهن ته انهي لاءِ کس جو لفظ ڪتب آندو ويندو آهي. ناساز گار هوائن جا به ڪيترائي خاص نالا هوندا آهن.

اڱاري به هڪ قسم جو گاهه آهي جيڪو جوئر جي ٿڪل ۽ چڱي نموني پاڻي نه ڏنل زمينن ۾ ڦٽندو آهي ۽ جوئر کي سُڪائي يا انهي تي داغ ڪري ڇڏيندو آهي. انهي جي علاج طور گُڏ ڪئي ويندي آهي، گهڻو پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ لوڻ ٻُرڪيو ويندو آهي.

مُرهه، مراهي، بکڙو ۽ روهڙو بيشمار سوٻٽن جا ڪجهه نالا آهن جن مان هرهڪ پنهنجي دلپسند فصل مان غذا حاصل ڪندو آهي ۽ ٿورو ڪي گهڻو نقصان ڪندو آهي. انهن مان ٻين کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ ڪينئون آهي جيڪو جوئر جي ڳنن کي هيٺان کان حملو ڪندو آهي. اهو  سُري جهڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪمند لاءِ تمام نقصانڪار جيت آهي. اهو هڪ جيت جو لاروا آهي جيڪو ٻوٽي جي پنن تي آنا لاهيندو آهي. لاروا ڳني جي مک حصي تائين پهچي آخرڪار ٻوٽي کي ماري ڇڏيندو آهي.

مور اهي اڇي ماڪوڙي، هڪ قسم جي اڏوهي يا ڪو جيت آهي جنهن کي انهي سان مُنجهايو وڃي ٿو. اهو مختلف ٻوٽن جي پاڙن تي حملو ڪندو آهي انهيءَ جو علاج ڪنهن پير طرفان پڙهيل مٽي سان ڪيو ويندو آهي.

ماڪوڙين ۽ ڪولين تي اهڙن نقصانن جو الزام مڙهيو ويندو آهي جيڪي انهن ڪڏهن به ناهن ڪيا هوندا البت اهي ٻين نقصانڪار جيتن سان گڏ موجود ٿي سگهن ٿيون.

ڦٽي تي ڦٽي واري مهلي سان گڏو گڏ ٽي خاص قسم جا جيت ٿيندا آهن. پهريون ڳاڙهو ڦٽي جو منگهڻ (Red Cotton Bug) انهي جي پٺيءَ تي ڪارو هيري جهڙو نشان ٿيندو آهي. اهو پنهنجي ڊگهي نوڪ ڏيني ۾ ٽنبي ڪڪڙي جي رس چوسي وٺندو آهي. اهو ٻج به تباهه ڪندو آهي ۽ ڦٽي تي به داغ ڪري ڇڏيندو آهي. ٻوٽي کي لوڏو ڏئي ڪنهن گرم پاڻي يا گاسليٽ ڀريل ٿانو ۾  ڇاڻڻ هڪ سولو ۽ ڪارگر علاج آهي. جيتن جو ٻيون قسم Boll worm آهن. اهي ٽن نوعن جا ٿيندا آهن: هڪ نارنگي ۽ ٻيو چٽڪٻرا. اهي جيتن جا سو ٻٽ (Caterpillars) اهي جيڪي ننڍن ڏينن تي آنا ڏيندا آهن، انهن جي خوراڪ ڪڪڙو آهي پر اهي ڪڪڙي تائين پهچندي خود ڦٽي کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندا آهن. انهن پنجاب ۾ به وڏي تباهي ڪئي آهي پر سنڌ ۾ پاڻ ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڇڪرايو اٿائون، هِتي انهن لاءِ ڪينئين يا گڏر کانسواءِ ٻيو ڪو خاص نالو به نه ٺهيو آهي، لڳي ٿو ته متاثر ڏينن کي هٿن سان پٽڻ کانسواءِ انهن جو ڪو موثر علاج به نه لڌو ويو آهي ڦٽيءَ جو ٽيون خاص جيت ٽڻڊڻ يا Borer آهي جيڪو ٻوٽي جي ٿڙ ۾ سوراخ ڪري انهي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ڪوماڻيل ٻوٽن کي ساڙي ڇڏڻ سان انهن جي واڌ ويجهه بند ٿي ويندي آهي.

کليل هوا جي دشمنن مان ماڪڙ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. سنڌ جي ماڪڙ جو سائنسي نالو Acridium Peregrinum آهي. هي اها ئي ماڪڙ آهي جنهن فرعون جي ڏينهن ۾ مصرين لاءِ مصيبت پيدا ڪئي هئي. هن ملڪ ۾ انهي جي افزائش ٿر، ڪراچي جي ويجهو ٽڪريون ۽ شايد ٻيا به ڪيترائي علائقا هجن جتي انهي جي مادي نرم واري يا مٽيءَ ۾ گرم يا مون سون جي موسم ۾ آنا ڏيندي آهي. چيو وڃي ٿو ته ماڪڙ جا ٻچا لڳ ڀڳ پندرهن ڏينهن ۾ نڪري آيندا آهن پر انهي جو دارو مدار شايد مينهن تي هوندو آهي. انهن جا پر ڇهن يا ستن مهينن ۾ نڪري ايندا آهن انهي کانپوءِ اهي ڪڏهن ڪڏهن تمام ڏورانهن علائقن ڏانهن اڏام ڪندا آهن. اهي اڏامون اهي خاص طور تڏهن ڪندا آهن جڏهن سازگار حالتن هيٺ انهن جي انگ ۾ غير معمولي واڌ اچي ويندي آهي. ماڪڙ خلاف مهم ۾ مختلف درجن جي ڪاميابي ملندي آهي پر تمام وڏو فائدو تڏهن ملندو آهي جڏهن انهن جي پونگن (ننڍڙن ٻچن) کي منظم طريقي سان تباه ڪيو ويندو آهي.

مڪڙي ۽ تڏ جا انگريزي نالا Grassheppor ۽ Cricket آهن. اهي ماڪڙ کان فقط انهي لحاظ کان مختلف آهن جو اهي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ نه ويندا آهن. انهن پاران ڪيل نقصان جيتوڻيڪ مقامي هوندو آهي پر اهو شديد به ٿي سگهي ٿو.

سياٽو ۽ Landcrab نالي جيت وري سارين کي نقصان پهچائيندا آهن.

ڪمين (tortoises) مٿان به ساڳئي ڏوهه جو الزام مڙهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي نوع جو تعين نه ڪيو ويو آهي پر سنڌو درياء ۾ انهن جا ڪيترائي گاهه خور  نوع ڏٺا وڃن ٿا ۽ اهي ٻوڏ جي مند ۾ سموري ملڪ ۾ پکڙجي وڃن ٿا.

ڪوئا اڃا وڏو آزار آهن جن جو ڪو علاج نه ڳولهيو ويو آهي جيتوڻيڪ ڪجهه توانائي جي استعمال سان اهو علاج سولائي سان ٿي سگهي ٿو. اهو هيئن جو انهن جا ٻرکوٽي انهن کي اتي ئي ماري ڇڏجي يا زهر ڏئي ڇڏجي. سنڌ ۾ اڪثر حالتن ۾ ملندڙ ڪوئو Mole Rat (Nesocia bengalonsis) آهي. اهو سموري سنڌ ۾ پکڙجي ويو آهي . هي ان جو وڏو مقدار پنهنجن ٻِرن ۾ گڏ ڪري رکندو آهي. اهي ٻِر سندن منهن وٽ مٽي جي ڍيرن ذريعي سولائي سان سڃاڻپ ۾ اچي ويندا آهن. اهو ڪوئو پاڻي جو شوقين آهي، ۽ لڌڙي وانگر ترندو آهي ۽ خاص طور سارين جي ٻنين يا ڍنڍن جي ڪنارن تي رهندو آهي.

نقصانڪار پکين ۾ سڀ کان بڇڙو وهيو آهي جيڪو جواري پکي جي نالي سان مشهور آهي ۽ ان جو سائنسي نالو Pastro Roseus آهي. ڪٻريون (Starlings) به اڪثر انهي سان لاڳاپيل سمجهيون وينديون آهن. ٻوڙي هڪ قسم جي گهريلو جهرڪي آهي. اهي تمام وڏن ۽ بکايل ولرن جي صورت ۾ گڏ ٿينديون آهن ۽ وڏي وٺ وٺان ڪندڙ نگهبان جي پٽُن پاراتن تي ڪَن ئي نه ڏينديون آهن. مِٺُو به ڪجهه نقصان ڪندو آهي. انهن سڀني جو علاج نينگر ۽ کا نڀاڻي آهي. جهنگلي جانورن ۾ گدڙ سڀني کان وڌيڪ خراب آهي. هو پنهنجي گوشت خور اصل نسل باوجود مٺاڻ جو شوقين آهي ۽ ڪمند ۽ هنداڻن ڏانهن خاص لاڙو رکندو آهي. سڙهه واڙين کي نقصان پهچائيندي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته اها پٽاٽن لاءِ خاص طور هاڃيڪار آهي. جهنگلي سوئر ۽ هرڻ جتي عام هجن اتي اهي به گهڻو نقصان ڪندا آهن.

سنڌ جي زراعت کي نقصان ڏيندڙ ڪجهه جيتن بابت سرراجر ٿامس جارايا هن گزيٽيئر ۾ شامل ڪرڻ لائق آهن.

ماڪڙ: وفاقي حڪومت جي ماتحت هلندڙ لوڪسٽ انٽيليجنس سروس جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي. اها انٽرنيشنل لوڪسٽ سروس جي توسط سان وچ اوڀر ۾ ماڪڙ جي چرپر تي اک رکندي آهي. اها بين الاقوامي تنظيم ماڪڙجي ايندڙ  ولرن بابت چتاء جاري ڪندي آهي. واهن وارن علائقن ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول صوبائي سرڪار جي ذميواري هوندي آهي جڏهن ته ٿر جي علائقن ۾ صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون گڏجي ڪنٽرول ڪنديون آهن. البت ٿر جي علائقن ۾ ڪم لاءِ مزدور ۽ سپروائيزر هٿ ڪرڻ اڪيلي سر صوبائي سرڪار جي ذميواري هوندي آهي. گذريل ڪجهه ورهين دوران ٿرپارڪر ضلعي جي هڪٻئي پٺيان ايندڙ ڪليڪٽرن جنهن پُر عزم نموني ٿر ۾ ماڪڙ جي مسئلي کي منهن ڏنو آهي انهي سبب ماڪڙ جا اهي ولر ختم ٿي ويا آهن جيڪي ٻئي صورت ۾ ٻچا ڏئي تمام وڌي وڃن ها. پر گذريل چند ورهين دوران ماڪڙ جي منهن ڪڍڻ جو خطرو  به ٻئي ڪنهن به ڳالهه کان تمام وڌيڪ رهيو آهي ۽ سرڪاري رٿائن ۾ اهڙن اتفاقن کي منهن ڏيڻ جي گنجائش به رکڻ گهرجي. ماڪڙ کي جيئن ته پُونگن واري دور ۾ ئي ماري سگهجي ٿو ۽ اهو دور جيئن ته تمام مختصر ٿيندو آهي تنهن ڪري جيڪڏهن رٿابندي کي ولرن جي اچڻ تائين موخر ڪيو ويو ته انهي جي موثر ٿيڻ جي اميد نه  ڪري سگهي. هن وباکي ناس ڪرڻ لاءِ گهربل زهر جا سڀئي جزا ۽ ٻيو سامان حملي واري علائقي ۾ تمام مختصر نوٽيس تي دستياب ڪري رکڻ گهرجي. کڏون کوٽڻ لاءِ مزدورن ۽ سپروائيزن جي دستيابي جو ذريعو به لاڳاپيل ضلعي جي ايڊمنسٽريٽو اسٽاف کي چڱو اڳواٽ ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي. ماڻهن ۽ سامان جي بار برداري جو ذريعو  به اڳواٽ سوچي ڇڏڻ گهرجي. ٿر ۾ ماڪڙ جي شديد حملي جي صورت ۾ ملٽري ۽ ايئرفورس جي مدد به وٺڻي پئجي سگهي ٿي ۽ انهي لاءِ اڳواٽ ڳالهيون ٻولهيون ضروري هونديون آهن.

تِڏا: مٿاهين سنڌ جي علائقن ۾ تڏا هر سال وڏو نقصان ڪندا آهن. انهن جي لائيف هسٽري، عادتن ۽ ڪنٽرول جي طريقن بابت سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽيءَ جي تعاون سان تفتيش ڪئي وئي آهي. انهن لاءِ به ماڪڙ جهڙو ئي زهر ڪتب آڻي سگهجي ٿو.

سٽرس بلئڪ فلاء: بيراج جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ کٽن ميون جي وڻن واري ڪاري مک (Aleurodesp) هر سال کٽن ميون ۽ خاص طور گريپ فروٽ کي وڏو نقصان پهچائي ٿي. ڊي ڊي ٽي ۽ فريان ايروسول جهڙين نين جيت مار دوائن جي ڪارڪردگي ڪنٽرول وارين حالتن هيٺ چڪاسڻ گهرجي.

رتي: ڪڻڪ جي رتي واريون بيماريون فصل جي پيداوار ۾ چڱي گهٽتائي آڻين ٿيون. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جو وڏو حصو اهڙين جنسن جو پوکيو وڃي ٿو جيڪي پنجاب ۾ انهي مرض جي نبستاً چڱي مزاحمت ڪن ٿيون. پر سنڌ ۾ وڌيڪ گهم وارين حالتن ۽ سياري جي مختصر موسم جي سبب پنجاب وارين جنسن تي به  رتيءَ جا وڏا حملا ٿيا آهن. اهو منهنجو تجربو آهي ته جلد پچڻ واريون جنسون وڏي مدي وارين جنسن جي ڀيٽ ۾ گهٽ متاثر ٿين ٿيون. جلد پچندڙ جي خلاف مزاحمت رکندڙ ۽ مقامي موسمي حالتن سان مطابقت رکندڙ جنسن جي ڳولها ۾ تيزي آڻڻ گهرجي.

مهلو: سنڌ جي هيٺاهين حصي ۾ ربيع جي مختلف دالين ۽ تيلي ٻجن جي گهٽ پيداوار جو وڏو سبب مهلي جا شديد حملا آهن. جنهن ڪري انهن فصلن جي پوک مان ڪو  فائدو نه ٿو ٿئي. انهي جي نتيجي ۾ وري ربيع جا فصل ايترا گهڻا نه ٿا ڪا هجن. تنهنڪري ربيع جي اهڙين دالين ۽ تيلي ٻجن جي ڳولها ڪرڻ گهرجي جن ۾ فطري طور مهلي جي مزاحمت جي سگهه هجي. ساڳئي وقت اهڙا تجربابه ڪرڻ گهرجن ۾ مهلي جي حملن کي مختلف قسمن جي آبپاشي سان مربو ط ڪري نتيجا ڏٺا وڃن.

ڦٽي جي تيرڪ (Terek) واري بيماري: تيرڪ انهن فعلياتي علامتن کي ڏنل نالو آهي جيڪي ڦٽي جي ٻوٽي ۾ انهي وقت ظاهر ٿينديون آهن جڏهن گوگڙو صحيح نموني نه ڦٽندو آهي. ڦٽي کي اها بيماري لڳڻ کانپوءِ اها اهڙي خراب ٿي ويندي آهي جو چونڊجڻ جي قابل ئي رهندي آهي. پنجاب جي سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي پاران ٿيل چڪاسن ۽ سنڌ ۾ انهن چڪاسن جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ اهو ظاهر ٿيو ته تيرڪ ۾ ڦٽي جي پن جو ڳاڙهو داغ ڪيترن ئي نا سازگار ماحولياتي عاملن جهڙوڪ زمين جي سطح کان هيٺ وڌيڪ لوٺياڻي مواد جي موجودگي، زميني نائٽروجن جي کوٽ، وڌيڪ گرمي پد ۽ فصل جڏهن پچڻ جي ويجهو هجي ته تمام خشڪ هوائن جي گڏجڻ جو نتيجو هوندو آهي. هن فعلياتي بيماريءَ جو  ڪو هڪ علاج نه آهي پر احتياطي اپائن ۾ ڪجهه هي آهن ته زمين کي نامياتي ڀاڻ وڌيڪ ڏجن. لوڻ کان خالي سلفيٽ آف  امونيا ڏجي، فصل پچڻ دوران جلد جلد ٿورو ٿورو پاڻي ڏجي ۽ ڦٽيءَ جون اهڙيون جنسون پوکجن جن ۾ بيماريءَ خلاف فطري مزاحمت هجي. اها آخري ڳالهه ڊگهي مدي کان هلندڙ اسٽيپل ڪاٽن اسڪيم جي انچارج بريڊ (Breeder) جو ڌيان ڇڪرائي رهي آهي.

ڦٽيءَ جي ڏيني جو جيت (Cotton Bollworm): اهڙو ڪو سڌو طريقو نه آهي جنهن جي ذريعي ڦٽي جي ڏيني جي جيت کي ناس ڪري سگهجي پر ڦٽي جي ٻوٽي جي ٿُڙن کي هر سال چڱو آڳاٽو ٻني مان ٻاهر ڪڍي مرض جي واقع  ٿيڻ جي امڪان کي گهٽائي سگهجي ٿو. انهي سان نئون فصل ڦٽڻ کان فوري اڳ واري عرصي ۾ جيت کي خوراڪ نه ملڻ سبب انهي جو لائيف سائيڪل جاري نه رهي سگهندو. گذريل ڪجهه ورهين کان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي جي مالي تعاون سان ٿرپارڪر ضلعي جي وسيع علائقي ۾ انهن اپائن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ هڪ اسڪيم هلي رهي آهي. انهي اسڪيم پنهنجي افاديت ظاهر ڪئي آهي ۽ هاڻي اها سرڪار جي ذميواري آهي ته اها سڀني آبادگارن لاءِ لازمي قرار ڏئي ته مقرر ٿيل تاريخ کان اڳ وونڻاٺيون زمين مان ٻاهر ڪڍيون وڃن. ڦٽي جون جلد پچندڙ جنسون پوکي انهي جيت جي نقصانن کي چڱيءَ حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو.

(جيتن جي لسٽ لاءِ ڏسو ضميمو نمبر 03)

زمينن ۾ ڪم ايندڙ اوزار

زراعت ۾ ڪم ايندڙ اوزار تمام قديم قسم جا آهن. ڪڙمي لاءِ ڪاٺ جا اوزار ڊکڻ بغير ڪنهن واڌو رقم جي ٺاهيندو آهي. انهي لاءِ ڪاٺ ڪڙمي پاڻ ڏيندو آهي. ڊکڻ کي پنهنجي مزدوري فصل لهڻ وقت جنس جي صورت ۾ ڏني ويندي آهي.

لوهه جي اوزارن مان هر جو ڦر، ڏاٽو ۽ رنبو کيس لوهار فصل جي پيداوار جي تمام ٿورڙي حصي جي بدلي ۾ ٺاهي ڏيندو آهي. هن کي فقط کُرپي ۽ ڪهاڙي جا روڪ پئسا ڏيڻا پوندا آهن.

ڍڳن جي جوڙي يا ٿر ۾ عام طور هڪ اٺ سان ڇڪجندڙ هر ٽن اهم حصن تي ٻڌل هوندو آهي جيڪي ٻٻر جي ڪاٺي مان ٺهيل هوندا آهن. مکيه حصو هَرُ ٽي کان چار فوٽ ڊگهو ۽ تقريباً 9 انچ ويڪرو تختو هوندو آهي جيڪو هر هلڻ وقت ٿورو پٺتي آئٽيل هوندو آهي. مٿئين حصي ۾ مٺيو وڌو ويندو آهي ۽ هيٺئين ۾ چوني. اهو تقريباً ٻه فوٽ ڊگهو ڏنڊو هوندو آهي. ڦر چوني جي 9 انچ ڊگهي چهنب هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن چوني ۽ ڦرجي جاءِ تي هڪ لوهي گهوٻو وڌو ويندو آهي. هريه تقريباً ست فوٽ ڊگهي هوندي آهي ۽ هر ۾ چوني کان ڪجهه مٿي وڌي ويندي آهي. انهي جي ٻئي ڇيڙي تي پانڃاري هوندي آهي. پانڃاري عام طور نم يا گيدوڙي جي ڪاٺ مان ٺهندي آهي. هر زمين ۾ ڇهن کان نون انچن تائين لهي ويندو آهي. اهو زمين ۾ اوڙ نه ٺاهيندو آهي.

ڪڙمي کي گهربل ڪاٺ جي ٻين اوزارن ۾ ليٽڻ (Roller) سانهر (Clod Crusher) ڪيڻ (Leveller)، وٽوهڙ (mallet) ڏانداري (rake) ٻيانو (Pitfork) ۽ ناڙي (Seed- drill) اچي وڃن ٿا.

ليٽڻ ڪاٺ جو هڪ تقريباً ڇهه فوٽ ڊگهو ڳرو رولر هوندو آهي اهو ڍڳن جي ٻن جوڙن سان ڇڪيو ويندو آهي. سانهريا ڦار ڪاٺ جو لڳ ڀڳ چار يا پنج فوٽ ڊگهو مستطيل بنڊ هوندو آهي. انهي لاءِ ڍڳن جو فقط هڪ جوڙو گهربل هوندو آهي. ڪيڻ ٽي فوٽ ڊگهن ۽ هڪ فوٽ ويڪرن ٻن بنڊن تي مشتمل هوندي آهي جيڪي هڪٻئي سان ويڪري ڪنڊ تي لوهي پٽن ذريعي ٻڌل هوندا آهن. اها ڍڳن جي هڪ جوڙي ذريعي ڇڪبي آهي. ۽ بندن لاءِ مٽي گڏ ڪرڻ توڙي ليول ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. وٽوهڙ ڀتر ڀڃڻ لاءِ هڪ  ننڍو هٿ ۾ جهلي ڪتب آڻڻ جو اوزار آهي. ڏانداريءَ جا ٽي قسم ڏسڻ ۾ ايندا آهن. وڏي ڏانداري جنهن کي ڏاندار چئبو آهي انهي کي ڇهه ڇهه انچ ڊگها ڇهه يا وڌيڪ ڏندا هوندا آهن ۽ انهي کي ٻه ماڻهو گڏجي ڪم آڻيندا آهن.

انهن مان هڪ هٿيو جهليندو آهي جڏهن ته ٻيو رسيءَ ذريعي ڏندن کي ڇڪيندو آهي. اها انهن ٻارن جا ٻنا ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندي آهي جيڪي ٻني جي مختلف ٽڪرن کي هڪٻئي کان جدا ڪندا آهن. ڏانداري ننڍو اوزار آهي جيڪا ڀاڻ ۽ سنگ گڏ ڪرڻ لاءِ  ڪتب ايندي آهي. پاهوڙي فقط  هٿيي سان هڪ تختو هوندي آهي جيڪا مال جا ڇيڻا گڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. ناڙي ڪاٺ يا بانس جي ٺهيل قيف هوندي آهي جيڪا هر جي ڪُڙهه سان ٻڌي ويندي آهي. انهي جي ڊيگهه به ڪُڙهه جيتري هوندي آهي. انهي جو ڪُپو هر ڪاهيندڙ جي هٿ جي ويجهو هوندو آهي ۽ نلڪي هيٺ اوڙ تائين پهچندي آهي. نلڪيءَ جو اندروني قطر تقريباً سوا انچ هوندو آهي. ناڙي ۾ ڪڏهن به هڪ کان وڌيڪ نلڪي نه هوندي آهي.

ڪڙمت جي لوهه جي اوزارن ۾ ڪوڏر، ڪهاڙو، ڏاٽو ۽ ربنواچي وڃن ٿا. ڪوڏر پاڪستان ۾ هر هنڌ ڪتب آندي وڃي ٿي. انهي جو لوهي حصو تقريباً 13 انچ هم چورس هوندو آهي. انهي ۾ لڳ ڀڳ گوني ڪنڊ تي ڳن وڌو ويندو آهي

ڪهاڙا ٽن قسمن جا ڪتب ايندا آهن. وڏي ڳري ڪهاڙي جو ڦر تقريباً ڇهه انچ ڊگهو هوندو آهي ۽ ان ۾ اڍائي فوٽ ڊگهو ڳن وڌو ويندو آهي. هلڪي ڪهاڙي وڻن جون ٽاريون ڪٽڻ ۽ ننڍا ٻوٽا وڍڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. انهي جو ڦر 3 کان چار انچ ڊگهو هوندو آهي. هڪ ٻئي قسم جي ڪهاڙي مال لاءِ ڪُتر ڪرڻ جي ڪم ايندي اهي. انهي کي ڳرو 9 انچ ڊگهو ڦر ۽ تقريباً 9 انچ ڊگهو ڳن هوندو آهي. انهي جي ڪٽڻ واري ڌار سدائين رُڪ جي ٺهيل هوندي آهي.

ڏاٽي کي تقريباً هڪ فوٽ ڊگهو وريل لوهه جو ڦر  هوندو آهي. انهي جي ڌار کي ڏندا هوندا آهن.

ربنو هڪ قسم جو چونارو آهي جيڪو گُڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو آهي انهي جو ڦر تقريباً ست انج ڊگهو ۽ مُنهن وٽ ٽي انچ ويڪرو هوندو آهي. انهي کي ننڍڙو وريل هٿيو هوندو آهي.

جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ڪولوهار رهندو آهي ته هو هارين کي ڏاٽا ۽ رنبا بغير پئسن جي ٺاهي ڏيندو آهي موٽ ۾ کيس پيداوار مان ڪا مقرر پتي ملندي آهي.

وچولي سنڌ ۾ اهي ته هاريءَ جا عام روا جي اوزار آهن پر انهن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا اوزار به آهن. چنجور جيتوڻيڪ گهٽ ڪم اچي ٿي پر انهي جي نالي کان هر ڪو واقف آهي. واهولو پاڙون ۽ لاهه ڪٽڻ جي ڪم ايندو آهي.

نار: پاڻي مٿي چاڙهڻ جي اوزارن ۾ واهن جي ڪنارن تي نار عام آهي. اهو ايراني نار جهڙو ٿيندو آهي. اهو هڪ مضبوط ۽ ڏندن وارو چڪرو هوندو آهي. انهي جا ڏندا هڪ ليٽيل چڪر (wheel) جي ڏندن ۾ ڦاٿل هوندا آهن. سمهيل چڪرن مان هڪ ڊگهو لڪڙو انهي کي هڪ اکيون ٻڌل ڍڳي يا اٺ سان ڳنڍيندو آهي جيڪو بي دلي سان انهي جي چوڌاري پيو ڦرندو  ۽ انهي سموري بندوبست کي ڦيرائيندو آهي. چڪرن جا ڏندا به ڪاٺ جا ٺهيل هوندا آهن ۽ گهڙي لسا ڪيل به نه هوندا آهن. انهن مان تمام گهڻي گاٺ پيدا ٿيندي آهي. انهي  ۾ حيواني طاقت (animal power) به ضرور تمام گهڻي ضايع ٿيندي هوندي. تمام اونهي کوهه مان پاڻي مٿي چاڙهڻ لاءِ چمڙي جا ٿيلها ڪوس يا ٻوڪا ڪتب ايندا آهن. اهو ايراني نار کان انهي لحاظ کان مختلف آهي جو مٿي چاڙهيل پاڻي جو اڌ واپس کوهه ۾ نه ٿو وڃي پئي.

گاڏي: ملڪ ۾ چالو گاڏي ايتري عام مشهور آهي جو انهي لاءِ ڪنهن بيان جي ضرورت نه آهي. جنرل جيڪب انهي بابت لکيو آهي: اهي بي زيب هونديون آهن ۽ گوڙ ڪنديون آهن. پهرئين نظر ۾ ته شايد کل جوڳيون لڳن. اهي ڪنهن به ڳوٺ ۾ چئن پنجن رپين جي خرچ سان ٺهي سگهن ٿيون. اهي ايترا  بار کڻي سگهن ٿيون جيترا ڍڳن جي هڪ جوڙي کڻي سگهي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org