سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:15 

بدقسمتي سان ساڄي ڪپ تي ڪينال ٺهڻ جي ڪم ۾ دير ٿي وئي آهي، انهي جو هڪ سبب ته 8 ميل ڊگهي جابلو ٽڪري مان 40 کان 50 فوٽ اونهو چينل کوٽڻ ۾ درپيش ايندڙ ڏکيائيون آهن ۽ ٻيو ته ضروري مشينري جي به کوٽ آهي جيڪا دير سان حاصل ٿي. تڏهن اها توقع هئي ته اهو چينل 1956ع ۾ وهڻ شروع ڪندو.

پاڪستان جي هن حصي ۾ جيتوڻيڪ الپ ۽ هماليه جي جابلو سلسلن جي پيماني تي ته هائڊرو اليڪٽرڪ پاورنه ٿو پيدا ڪري سگهجي پر جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي هن پراجيڪٽ ۾  ڪلري ڍنڍ ۾ هيٺئين ڇيڙي وٽ ويهن فوٽن جي اوچائي تان پاڻي هيٺ ڪرڻ جي هنڌ تي هڪ هزار ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. پنڃاري فيڊر تي به ڏهن فوٽن جي اوچائي تان اونهاري ۾ موسمي بنيادن تي بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. بجلي جي سپلاءِ ۾ واڌاري لاءِ ڪلري ڍنڍ جي ڇنڊڻ ڪينال سياري جي مند ۾ 40 فوٽ اوچائي کي به ڪم آڻي سگهجي ٿو. سنڌ جي ماٿريءَ ۾ انهن ٽنهي بيرا جن جي مڪمل طور ڪم ڪرڻ سان ليفٽيننٽ جي. جي فائيف جو 1855ع وارو خواب آخرڪار پورو ٿي ويندو ۽ سنڌ جي پوکي لائق ايراضي جي 3/2 کي ايترو پاڻي ملي ويندو جنهن سان مينهن جي پاڻي کانسواءِ خريف ۽ ربيع ۾ فصل پوکي سگهبا ۽ انهي تي پنجاب جي ڪينالن پاران وڌيڪ پاڻي کڻڻ سان به ڪو فرق نه پوندو.

آبڪلاڻي واهن جو وڌيڪ بيان پورو ٿيڻ کان اڳ پڙهندڙ شايد اهو ڄاڻڻ پسند ڪن ته انهن پنهنجي بالا دستي جي ڏينهن ۾  ڇا حاصل ڪيو. سن 1873-74ع کان اڳ پوکي ۽ واهن جي پراڻي رڪارڊ جو ڀيرو کڻڻ ته ممڪن نه آهي پر انهن مان حاصل ٿيندڙ روينيو جو  پتو پوي ٿو. انهي مان خبر پوي ٿي ته 1863-64ع تي پورن ٿيندڙ ڏهن ورهين جي عرصي ۾ سراسري سالياني ايراضي جنهن تان ڍل وصول ڪئي وئي اها تقريباً 14 لک ايڪڙ هئي ۽ 74-1873ع تي مڪمل ٿيندڙ ڏهن ورهين جي عرصي لاءِ اهو انگ 15 لک ايڪڙ هو.

آبڪلاڻي واهن تي پوک 74- 1873ع کان لائيڊ بيراج کلڻ تائين

هي انگ اکر بلڪل تزنه آهن. سن 74- 1873ع کان 32- 1931ع تائين جي انگن  اکرن مان آبڪلاڻي واهن تي بتدريج ۽ لڳاتار وڌندڙ پوکي جي خبر پوي ٿي. هيٺ ڏنل جدول مان هر سال ربيع ۽ خريف ۾ آبڪلاڻي واهن تي ٿيندڙ پوک ۽ پڻ جاگيرن ۾ ٿيندڙ آبادي بابت خبر پوي ٿي. موسميات جي شاگردن لاءِ اها ڳالهه دلچسپي جو سبب ٿي سگهي ٿي ته ڏهن ۽ يارهن ورهين جي وقفي کانپوءِ تمام وڏي پيداوار (Bumper Production) جا سال ايندا هئا. ڏسڻ ۾ ايندو ته وڏي پيدا وارا  سال هي هئا: 79- 1878، 90- 1889، 1901- 1900، 11-1910، 20-1919 ۽ 30- 1929 اهي ورهيه جيڪڏهن واقعي  Sun- Spot activity جي وڌ کان وڌ عرصي سان مطابقت رکن ٿا ته انهي مان تمام ڪارائتي شاهدي ملندي جنهن مان Sun- Spot activity ۽ جهجهي مينهن وارن سالن ۾ تعلق جي خبر پوندي. انهي جدول مان مجموعي طور اها خبر پوي ٿي ته سن  74- 1873ع ۾ واهن تي پوک 19. 14  لک ايڪڙن مان وڌي 32- 1931ع ۾ 6. 30 لک ايڪڙن تي اچي پهتي. اهو واڌارو لڳاتار ۽ مستقل نموني هلي ٿو جنهن ۾ بلڪل ٿوري ڦيرڦار ٿئي ٿي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته 1917-18 ۾ 6. 31 لک ايڪڙن مان 19- 1918 ۾ گهٽجي 17. 24 لک ايڪڙ  ٿيا ته انهي جو سبب 1918ع جي آخري مهينن ۾ آيل انفلو ئينزاجي وبا هئي جنهن پوک هيٺ آبادي ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ڇڏي ۽ ڪڙمين جي وڏي انگ جي موت جو سبب ٿي.

 

واهن تي پوک (لک ايڪڙن ۾)

سال

خريف

ربيع

جملي

جاگير

جملي

74- 1873ع

96. 11

23. 2

19. 14

 

19. 14

75- 1874ع

24. 12

73. 3

97. 15

 

97. 15

76- 1875ع

39. 11

51. 2

90. 13

91. 1

81. 15

77- 1876ع

91. 12

19. 4

10. 17

36. 1

45. 18

78- 1877ع

94. 10

02. 2

96. 12

23. 1

19. 14

79- 1878ع

33. 13

52. 5

85. 18

31. 1

16. 20

80- 1879ع

11.15

28. 2

43. 13

11. 1

54. 14

81- 1880ع

11.73

56. 1

29. 13

64. 1

93. 14

82- 1881ع

12.60

59. 1

19. 14

83. 1

02. 16

83- 1882ع

12.82

26. 2

08. 15

65. 1

73. 16

84- 1883ع

11.97

65. 1

62. 13

79. 1

41. 15

85- 1884ع

13.54

32. 2

86. 15

97. 1

83. 17

86- 1885ع

12.89

44. 2

33. 15

07. 2

40. 17

87- 1886ع

14.08

86. 1

94. 15

21. 2

15. 18

88- 1887ع

14.38

15. 2

53. 16

18. 2

71. 18

89- 1888ع

16.49

39. 2

88. 18

31. 2

91. 21

90- 1889ع

17.22

88. 3

10. 21

40. 2

50. 23

91- 1890ع

15.97

85. 3

55. 19

48. 2

03. 22

92- 1891ع

15.14

36. 4

50. 19

16. 2

66. 21

93- 1892ع

16.33

35. 5

68. 21

31. 2

86. 23

94- 1893ع

16.68

72. 4

40. 21

46. 2

86. 23

95- 1894ع

16.21

72. 7

93. 23

43. 2

36. 26

96- 1895ع

15.22

19. 3

41. 18

56. 2

97. 20

97- 1896ع

18.79

65. 3

44. 22

53. 2

97. 24

98- 1897ع

19.95

5.30

25. 25

81. 2

06. 28

99- 1898ع

18.03

3.73

76. 21

80. 2

56. 24

1900- 1899ع

19.45

3.42

87. 22

82. 2

69. 25

01- 1900ع

21.68

5.45

13. 27

31. 3

44. 30

02- 1901ع

19.83

5.26

09. 25

99. 2

08. 28

03- 1902ع

19.39

3.85

24. 23

02. 3

26. 26

04- 1903ع

21.98

6.11

09. 28

43. 3

52. 31

05- 1904ع

20.90

5.24

14. 26

10. 3

24. 29

06- 1905ع

80. 23

31. 6

11. 30

37. 3

84. 33

07- 1906ع

77. 23

85. 7

62. 31

24. 3

86. 34

08- 1907ع

82. 20

34. 4

16. 25

56. 2

72. 27

09- 1908ع

61. 23

68. 6

29. 30

16. 3

45. 33

10- 1909ع

61. 21

83. 4

44. 26

83. 2

27. 29

11- 1910ع

87. 22

45. 5

32. 28

90. 2

22. 31

12- 1911ع

02. 21

98. 3

00. 25

33. 2

33. 27

13- 1912ع

34. 23

40. 4

74. 27

65. 2

39. 30

14- 1913ع

85. 23

12. 5

70. 28

77. 2

47. 31

15- 1914ع

02. 23

32. 7

34. 30

15. 3

49. 33

16- 1915ع

31. 21

20. 6

51. 27

81. 2

32. 30

17- 1916ع

29. 25

86. 5

15. 31

13. 3

28. 34

18- 1917ع

88. 21

16. 7

04. 29

56. 2

60. 31

19- 1918ع

85. 18

34. 3

19. 22

98. 1

17. 24

20- 1919ع

08. 23

88. 5

96. 28

59. 2

55. 31

21- 1920ع

21. 22

05. 3

26. 25

37. 2

63. 27

22- 1921ع

96. 20

85. 5

83. 26

56. 2

39. 29

23- 1922ع

75. 22

56. 6

31. 29

94. 2

25. 32

24- 1923ع

53. 22

19. 5

72. 27

88. 2

60. 30

25- 1924ع

85. 23

35. 6

20. 30

92. 2

12. 33

26- 1925ع

16. 23

99. 3

15. 27

83. 2

98. 29

27- 1926ع

02. 23

87. 5

80. 28

68. 2

57. 31

28- 1927ع

16. 23

02. 4

18. 27

55. 2

73. 29

29- 1928ع

95. 23

07. 5

02. 29

69. 2

71. 31

30- 1929ع

60. 25

29. 5

89. 30

73. 2

62. 33

31- 1930ع

67. 23

18. 6

85. 29

62. 2

47. 32

32- 1931ع

06. 22

96. 5

02. 28

58. 2

60. 30

سڀئي سرڪاري ڪينال، ڪينال آفيسرن جي هٿ هيٺ هوندا آهن  جيڪي 1879ع جي ائڪٽ vii، سيڪشن iv تحت مقرر ڪيا ويندا آهن. انتظامي مقصد لاءِ سپرنٽنڊنگ ۽ ايگزيڪيوٽو انجينئر ۽ انهن جا ماتحت هوندا آهن. انهن جي ذمي واهن جي نه فقط تعمير، رواني ۽ مرمت جا ڪم هوندا آهن پر انهن مان پاڻي ڏيڻ پاڻي کي ذيان کان بچائڻ لاءِ ضروري نگهباني، نيڪال ۽ دستياب پاڻي مان بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ به انهن جي ذمي هوندو آهي. ضلعي جا ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سب ڊويزنن جا انچارج سندس اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر پڻ ائڪٽ تحت مختلف مقصدن لاءِ ڪينال آفيسر جي حيثيت رکندا آهن. جيئن ته ڪنهن به ڪينال تي زمين ڏيڻ جو اختيار لئنڊ روينيو ڊپارٽمينٽ کي هوندو آهي تنهنڪري ٻنهي کاتن جي آفيسرن کي سنڌ جي ڪمشنر طرفان وقت بوقت جاري ٿيندڙ حڪمن تحت گڏ جي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري واهه ۾ سپلاء اڻپوري هوندي آهي ته انهي کي زمين ڏيڻ جي لحاظ کان پابندي هيٺ رکبو آهي. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن زمين اڳ ۾ ئي ڪنهن واهه تي آباد ٿيندڙ هوندي آهي ۽ درخواست ڏيندڙ کي انهي واهه مان اڳيئي پاڻي ملندو آهي ته اها زمين عام طور ڪليڪٽر الاٽ ڪندو آهي. پر جيڪڏهن اها نئين زمين هوندي آهي يا پاڻي جي وڌيل سپلاءِ گهربل هوندي آهي ته هو ڪينال جي انچارج انجنيئر سان مشورو ڪندو آهي. جنهن دور ۾ فقط آبڪلاڻي واهه هوندا هئا تڏهن زمينن جي الاٽمينٽ ۽ پاڻي ڏيڻ بابت عام صورتحال اها هوندي هئي. پر جمڙائو ۽ ڪجهه ٻين ويجهڙائي ۾ ٺهيل ڪينالن تي پاڻي پهچائڻ لاءِ سخت قاعدا ٺهيل آهن جن تحت اهو ڏٺو وڃي ٿو ته پاڻي جي ورهاست ۾ ڪنهن سان طرفداري نه ڪجي، پاڻي جي بچت ٿئي، پاڻي جو نيڪال هجي ۽ انهي پاڻي مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺجي. پر ڪيترن ئي پراڻن واهن تي اهڙا آدرش لاڳو ٿي نه ٿي سگهيا ۽ نه ئي اهي لاڳو ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي. زميندارن پاران پنهنجين زمينن تي واٽر ڪورس ڪڍڻ جي درخواست ايگزيڪيوٽو ۽ اسسٽنٽ انجنيئرن کي ڏني ويندي آهي ۽ اهي ئي منظور ڪندا آهن. درخواست ڏيندڙ پنهنجي خرچ تي واٽر ڪورس ٺهرائيندو آهي ۽ پوءِ انهي کي صحيح حالت ۾ رکڻ به هن جو ئي ذمو هوندو آهي. فقط انهيء ۾ کلندڙ ماڊول ئي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ طرفان ٺهرايو ويندو آهي. پاڻي جي ڪا جدا قيمت نه اوڳاڙي ويندي آهي اها زمين تي لاڳو ٿيندڙ ڍل جو هڪ حصو هوندي آهي. پاڻي جيڪڏهن چڱي سطح تي بيهندو آهي ته موڪ ڇڏيو ويندو آهي نه ته اهو نار چرخي يا هرلي ذريعي مٿي ڪري زمين تائين آندو ويندو آهي. جيئن ته درياءَ ۾ لاهه چاڙهه ايندو رهندو آهي تنهنڪري گهڻو ڪري هڪ جي بجاءَ ٻيو طريقو ڪم ايندو رهندو آهي. پراڻا واهه اهڙي طرح ٺهيل آهن جو اهي فقط آبڪلاڻي ۾ وهندا آهن ۽ خريف جي پوکي لاءِ پاڻي ڏيندا آهن. ٻنين ۾ پاڻي جون مهيني جي شروعات ۾ پهچندو آهي ۽ سيپٽمبر مهيني ۾ يا ڪجهه پوءِ وهڻ بند ٿي ويندو آهي. پر پاڻي لهڻ کان فوراً اڳ زمينن کي پاڻي ڏيڻ سان اهڙن واهن تي ڪنهن حد تائين ربيع جا فصل پڻ پوکي سگهجن ٿا. انهي کي بو سي پوک چيو ويندو آهي. ڪيترن ئي هيٺاهن علائقن ۾ جتي زمينون هر سال ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اينديون آهن اتي ساڳئي ربيع جا فصل ڪيا ويندا آهن. انهي کي سيلابي چيو ويندو آهي ۽ انهي جو آبپاشي نظام سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. ويجهڙائي ۾ سائنسي بنيادن تي ٺهيل ڪينال دائمي پاڻي ڏئي سگهن ٿا ۽ خريف ۽ ربيع ٻنهي مندن جي فصلن جون پاڻي جون گهرجون پوريون ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ کوهن ذريعي آبپاشي ڪا ڇڊي پاڊي ٿيندي آهي. ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي لب دريا تعلقي يا درياءَ جي ڪپرن جي ويجهي پٽي ۾ جتي پاڻي سطح جي ويجهو هوندو آهي ۽ ڍنڍن جي ڪنارن کانسواءِ ٻي ڪنهن جاءِ تي نه ٿيندي آهي. اهڙي آبپاشي واهن مان نار واري طريقي کان گهڻي مختلف نه هوندي آهي. پر باغن ۽ واڙين کي عام طور کوهن مان پاڻي ڏنو ويندو آهي. لائيڊ بيراج اچڻ سان پاڻي جي ورهاست ۽ پوک لاءِ زمين جي الاٽمينٽ جي انتظام ڪاريءَ ۾ چڱي ڦيرڦار ضروري ٿي پئي. هڪ ته بيراج پراجيڪٽ جي جسامت سبب جيڪي تبديليون آيون ٻيو ته جيئن ته انهيءَ جي عملڪاري به هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ضلعن ۾ هئي تنهنڪري روينيو آفيسر بيراج جي ماتحتي ۾ هڪ خاص تنظيم ٺهڻ ۾ آئي جيئن انهن مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي جن کي اڳ ۾ ڪليڪٽر يا ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر مقامي ايگزيڪيوٽر انجنيئر جي صلاح سان منهن ڏيندا هئا. نئين بندوبست جا ڪجهه تفصيل اڳتي ايندڙ لائيڊ بيراج پراجيڪٽ جي بيان ۾ ڏنا ويندا. لائيڊ بيراج ۽ انهي جي واهن جو ٺهڻ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عهد ساز واقعو هو جنهن جو هن گزيٽيئر ۾ مناسب نموني نوٽيس وٺڻ ضروري آهي. هي گزيٽير به بيراج سسٽم ٺهڻ کان پوءِ پهريون دفعو ڇپجي رهيو آهي.

لائيڊ بيراج جو بيان ۽ تفصيل

هن عظيم عوامي ڪم جو مڪمل بيان Report of the Lloyd Barrage and Construction Scheme Sind, 1934 ۾ آيل آهي. اها رپورٽ ڇهن جلدن تي ٻدل هڪ تمام وڏو ڪتاب آهي جنهن کي مڪمل نموني پڙهڻ خاص دلچسپي رکندڙ ماهرن جو ڪم آهي، رپورٽ جا ڇهه حصا هي آهن. (1) عام تاريخ رٿا، انتظام ڪاري ۽ تعمير جو احوال صوبائي اڳ ڪٿين ۽ شيڊيولن جي ضميمي سان گڏ (2) لائيڊ بيراج ۽ ڪينالن جا هيڊريگيو ليٽر (3) ڪينالن جي ڊزائين ۽ تعمير (4) ساڄي ڪپ وارا ڪينال، منڇر ڊرينيج اسڪيم ۽ فلڊ پروٽيڪشن بند اسڪيم (5) روهڙي ڪينال خيرپور فيڊر (6) ايسٽرن نارا سسٽم

مختصر احوال ۾- ڇو ته هن گزيٽيئر ايتري جاءِ ئي ڏئي سگهجي ٿي- رٿا جي شروعات، بيراج ۽ ان جا ڪينال ٺهڻ ان جي ڪارڪردگي جي نتيجن ۽ ٺهڻ دوران درپيش آيل آبپاشي جي مسئلن ۽ اڳتي هلي انهي جي شروعاتي ڪجهه ورهين دوران پيش آيل مسئلن جو مختصر احوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

لائيڊ بيراج تي سوچ ويچار تمام ڊگهو وقت هلي ۽ اها ڏاڍي تڪليف ده هئي جنهن ۾ ڪيترائي دفعا ائين پئي لڳو ڄڻ ته اها ناڪام ٿي ويندي. ڪم جو داستان به ڪجهه ڊگهو ۽ دکدائڪ آهي. انهي داستان ۾ ڏاهپ ۽ دورانديشي ۽ بنهه نا اهلي جو هڪ مرڪب نظر ايندو. ڪيپٽن لي ميسوريئر (le Mesurier) 1869ع ۾ جڏهن هڪ ڪينال جي تجويز ڏئي هئي ۽ انهي تي ٻن ڪروڙن جي خرچ جو ڪاٿو هنيو هو ته هن چيو هو: ”مون کي يقين آهي ته ايتري وڏي پيماني تي ٺهندڙ ڪينال ملڪ جي لاءِ بيحد لاڀائتو ٿيندو ۽ هڪ تمام فائديمند رٿا ثابت ٿيندو. آءُ انهي کي پر زور سفارش سان موڪليان  ٿو ته حڪومت انهي تي همدردي سان غور ڪري.“ تڏهن سنڌ جو ڪمشنر سروليم ميري ويدر هو ۽ هن جڏهن تجويز کي اڳتي موڪليو ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو سو چئبو ته آبپاشي بابت سندس خيال بلڪل غير معمولي هئا. هن لکيو: آءُ موڪي پوک سڀ کان گهٽ فائديمند سمجهان ٿو. پر اهو سچ آهي ته اهو طريقو سستو آهي انهي ۾ محنت تمام گهٽ ڪرڻي پوي ٿي. البت انهي ۾ ڪا خاطري نه هوندي آهي پاڻي ڪڏهن تمام گهڻو ته ڪڏهن تمام گهٽ هوندو آهي. تنهنڪري اها هڪ قسم جي جوا آهي ۽ اها عوام جي حالت ۾ بهتري آڻڻ بجاءِ درحقيقت گهڻو نقصان ڪري ٿي. اها انهن جي فطري ڪوتاه انديشي کي مضبوط ڪري ٿي ۽ انهن کي واڻيي يعني وياج تي قرض ڏيندڙ جي هٿن ۾ ڌڪي ٿي ڇڏي. نار وارو سرٽو جنهن جي ذريعي پاڻي کي مٿي چاڙهبو آهي. اهو بيحد سٺو آهي ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ خاطريءَ وارو آهي. مکيه واهه ۾ پاڻي چڱو هجي جيئن زميندار جي ڪڙيي ۾ به پاڻي موجود رهي سگهي ۽ ايترو هجي جو سيپٽمبر جي آخر تائين ڪنگريون ڦرنديون رهن ته فصل سدائين ۽ يقيني تمام ڀلا ٿيندا رهندا.

سن 1872ع ۾ جڏهن بمبئي سرڪار سنڌ جي سپرنٽنڊنگ انجنيئر کي روهڙي جي هيڊ ورڪس جي متبادل رٿائن لاءِ گهرايو ته اهڙيون رٿائون تيار نه ڪيون ويون ڇو ته انهن کي وائسراءِ لارڊ نارٿ بروڪ جي حڪم تحت ترڪ ڪيو ويو ڇو ته هن سنڌ جي تازي دوري دوران پنهنجي سامهون پيش ڪيل معلومات جي آڌار تي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته اها ڪنهن به لحاظ کان ڦلدائڪ اسڪيم نه هئي. سن 1877ع ۾ تڏهوڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فارانڊيا، لارڊ سالسبري سنڌ جي عمومي آبپاشي نظام تي هڪ تحقيق جو حڪم ڏنو هو ۽ بمبئي سرڪار جو ڌيان سنڌ جي آبپاشي نظام جي غيراطمينان بخش حالت ڏانهن ڇڪرايو هو. هن درخواست ڪئي هئي ته انهي تي انڊيا جي حڪومت سان صلاح مشوري سان غور ڪيو وڇي. پر ڪو به وڏو ڪم ڪرڻ جي ڏس ڪو قدم نه کنيو ويو. اٺن ورهين کانپوءِ بمبئي جي گورنر لارڊري (Reay) وري حيدرآباد روهڙي پراجيڪٽ کي اڳتي آندو. کيس آبڪلاڻي واهن جي سموري پاليسي بابت شڪ شبها هئا. هن روهڙي حيدرآباد ڪينال يا اهڙي ڪنهن ٻي اسڪيم جي فزيبلٽي ڏيکارڻ لاءِ هڪ انڪوائري جي پڻ تجويز ڏني جنهن اسڪيم ذريعي پوکي لائق اهڙين ايراضين کي مٿئين سطح تي لاڳيتو پاڻي پهچي سگهي جيڪي هاڻي اهڙن واهن مان نار ذريعي سيراب ٿين ٿيون. جيڪي ملڪ جي سطح کان گهڻو هيٺ آهن ”اهڙن واهن ۾ پاڻي جي ڪڏهن به پڪ نه هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته ٻوڏ ۾  به لاها چاڙها پيا ايندا آهن ۽ ٻيو ته انهن واهن جا منهن دريا جي جنهن ڪپر  ۾ هوندا آهن اهو به پڪو نه هوندو آهي.“

مسٽر جئانر (Joyner) 1891ع ۾ اثرائتن لفظن ۾ سنڌ جي واهن جي افسوسناڪ حالت ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ۽ وري انهي تي زور ڀريو، جيئن جنرل فائيف اڳ ۾ زور ڀري چڪو  هو ته روهڙي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ چار هزار چورس ميلن تي پوکي لائق ايراضي کي ڪنهن دائمي ڪينال ذريعي پاڻي پهچايو وڃي. پوءِ  جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اڄڪلهه وسهڻ جهڙو نه آهي. نومبر 1891ع ۾ سرچارلس پريچارڊ، ميمبر ڪائونسل جي صدارت ۾ هڪ اثرائتي ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي جيڪا روهڙي پراجيڪٽ ۽ سنڌ ۾ آبپاشي سان لاڳاپيل ٻين مسئلن تي غور ڪري. اها ڪاميٽي مبصرن جي هڪ وڏي انگ کان سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ انهي نتيجي تي پهتي ته سنڌو دريا مان روهڙي وٽان نڪرندڙ دائمي پاڻي پهچائيندڙ ڪينال جي رٿا مالي طور غير محفوظ ۽ في الحقيقت عمل ۾ اچڻ جهڙي نه هوندي. تنهنڪري انهن يڪراءِ سفارش ڪئي ته انهي کي ترڪ ڪيو وڃي. پر بمبئي حڪومت ايتري ڪوتاه انديش نه هئي. اها ڪاميٽي سان انهي ڳالهه تي ته متفق ٿي ته مسٽر جئانر جي اسڪيم مالي لحاظ کان محفوظ نه هئي پر هن اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته اها دائمي واهه واري اصول کي هميشه لاءِ ڇڏي ڏيڻ جي صلاح ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي، جيڪا ڪاميٽي سفارش ڪرڻ لاءِ تيار هئي نه ئي حڪومت پاڻ کي انهي راءِ  سان ٻڌل رکڻ لاءِ تيار هئي ته روهڙي وٽ مستقل هيڊ (head)رکندڙ دائمي ڪينال لاءِ پئسن جي ادائيگي جي رٿا عمل ۾ اچڻ جهڙي نه هئي. آخري نتيجو اهو نڪتو جو  روهڙي حيدرآباد ڪينال پراجيڪٽ کي وڌيڪ ٽيهن ورهين جي عرصي لاءِ پاسي تي رکيو ويو ۽ پراڻن واهن کي سڌارڻ تي چڱو پئسو خرچ ڪيو ويو. جنرل فائيف 1893ع ۾ وري روهڙي حيدرآباد ڪينال جي اشد ضرورت تي زور ڀريو ۽ خاص طور آبپاشي لاءِ هڪ چيف انجنيئر مقرر ڪرڻ جي ضرورت چٽي ڪئي جيڪو حڪومت کي کاتي سان لاڳاپيل سڀني مسئلن بابت صلاح ڏئي ۽ سپرنٽنڊنگ انجنيئرن جي ڪمن جي چڪاس ڪري ۽ انهن کي صلاح مشورا ڏئي. پر سنڌ جي سپرنٽنڊنگ انجنيئر مسٽر  ٿامپسن مارچ 1894ع ۾ جنرل فائيف جي رپورٽ تي راءِ ڏيندي چيو ته روهڙي حيدرآباد ڪينال جي مالي طور عمل ۾ نه اچڻ واري ڳالهه ته سنڌ ايريگيشن ڪاميٽي جي رپورٽ مان مڪمل طور ثابت ٿي وئي هئي پر هن ڪجهه وڌيڪ سبب به ڏنا ته هن ڇو انهي کي انجنيئري لحاظ کان به عمل ۾ اچڻ جهڙو نه ٿي سمجهيو. اهڙي طرح 1894ع ۾ روهڙي حيدرآباد ڪينال ٺهڻ جو امڪان اڳي کان به گهڻو گهٽ ٿي ويو.

سن 1903ع ۾ انڊين ايريگيشن ڪميشن جي هڪ رپورٽ شايع ٿي هئي جنهن انهن دورانديشيءَ وارن راين کي ڪجهه هٿي وٺرائي،  ڪميشن سنڌ ٽه رخي رٿا (Sind Triple Project) ڏانهن اشارو ڏنو هو، انهي جو مطلب هو هڪ بيراج ۽ ساڄي ۽ کاٻي ڪپ تي ڪينالن جي اسڪيم ۽ اهو به چيو ته اهڙي قسم جي وڏي اسڪيم عمل ۾ اچڻ جهڙي لڳي ٿي پر انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي عملي نوعيت ڳالهيون هيون جن جي سبب انهي جي دائري کي گهٽائڻ شايد بهتر ٿيندو. سنڌ جي سپرنٽنڊنگ انجنيئر ڊاڪٽر سمرس 1904ع ۾ حڪومت کان روهڙي کان خيرپور جي علائقي مان گذرندڙ هڪ ڪينال جي سروي  جي اجازت ورتي. ڊاڪٽر انهي جا تمام وڏا فائدا ڳڻائيندي چيو: پنجاب ۾ آبپاشي ۾ لڳاتار واڌ سان آخرڪار اسان کي مجبوراً بند ٺاهڻو پوندو پر جنهن ڪينال جي هاڻي تجويز ڏني وئي آهي اهو ايندڙ ڪيترن ورهين تائين انهي ڳالهه جو جواب هوندو ۽ جڏهن بند ضروري ٿي پيو ته ان کي هن ڪينال ۽ ساڄي ڪپ تي هڪ ٻئي ڪينال سان گڏي سگهبو. ڊاڪٽر سمرس جي تجويز جنهن روهڙي ڪينال کي بيراج ٺاهڻ کان جدا ڪري ٿي بيهاريو اها ايندڙ ويهن ورهين تائين اسڪيم تي مڪمل غور ۾ دير جو تمام اهم سبب رهي. پر ڊاڪٽر سمرس اهو پهريون شخص هو جنهن انهي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ته پنجاب ۾ آبپاشي ڪينالن جي تمام وڏي ترقي جا سنڌ ۾ ڳنڀير اثر محسوس ٿي سگهن ٿا. گورنمينٽ آف انڊيا انهي نقطي کي اهميت ڏني ۽ بمبئي حڪومت کي تجويز ڏني ته پنجاب پاران ٿڌي مند ۾ وڌندڙ کڻت سان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ آبڪلاڻي واهن جي سپلاءِ گهٽجي وڃڻ جو امڪان هو. حڪومت پوکي لائق علائقن ۾ پاڻي جي پهچ جي سيڪڙي ۽ نار جي وڏي تناسب جي لحاظ کان سنڌ جي غير اطمينان بخش صورتحال ڏانهن ڌيان ڇڪرايو.

ڊاڪٽر سمرس 1910ع ۾ روهڙي ڪينال پراجيڪٽ (1909) پيش ڪيو. ڊاڪٽر سمرس انهي رپورٽ ۾ مڪمل ٽه رخو پراجيڪٽ پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ بيراج جي لاڳت به ٻڌائي. اها لاڳت هن 324 لک حساب ڪئي. هن جو خيال هو ته ٽه رخي پراجيڪٽ مان جيتوڻيڪ موٽ ۾ ايترو فائدو نه ملي ها پر کيس پڪ هئي ته اڳ ۾ روهڙي ڪينال ٺاهي انهي پراجيڪٽ مان ڪيل محنت جيترو فائدو حاصل ڪري سگهجي پيو. ورهين تائين بحث مباحثا هلندا رهيا ته ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ڇا روهڙي ڪينال ٺاهجي ۽ بيراج ڇڏي ڏجي يا بيراج دائمي پاڻي جي جامع رٿا جو ضروري جزو هئڻ گهرجي؟ بمبئي حڪومت 1910ع ۾ فقط بيراج ٺاهڻ جي سفارش ڪئي جنهن جي لاڳت جو انهي 215 لک رپيا ۽ روهڙي ڪينال جو 438 لک رپيا ڪاٿو هنيو. تڏهن ساڄي ڪپ وارن ڪينالن ۽ ايسٽرن نارا تي غور جي تجويز نه هئي. جيئن ته اهي سڀ تجويزون منجهيل هيون تنهنڪري سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا سن 1912ع ۾ لنڊن ۾ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي جيڪا بيراج ۽ روهڙي ڪينال رٿا بابت رپورٽ ڏئي. انهي ڪاميٽي 1913ع ۾ پنهنجي رپورٽ پڌري ڪئي ۽ انهن جون سفارشون حيران ڪندڙ هيون ۽ انهن جا دليل ته ڏاڍا واهيات هئا. انهن جو چوڻ هو ته پراجيڪٽ هڪ حفاظتي اقدام طور ضروري نه هو. انهي ڳالهه جو ڪو به ثبوت نه هو ته سنڌ ماضي ۾ پنجاب پاران کڻت ڪرڻ سبب نقصان کنيو هجي ۽ انهي کي آئيندي به ڪا تڪليف نه ايندي. آبڪلاڻي جي مند ۾ ته سنڌ تي ڪوبه هاڃيڪار اثر نه پوندو هو. ٿڌ واري موسم ۾ درياء ۾ پاڻي تي اثر پئجي سگهيو ٿي پر سنڌ جي واهن ۾ ٿڌي موسم ۾ ڪڏهن پاڻي ايندو ئي نه آهي تنهنڪري انهن تي ڪڏهن خراب اثر پيو ئي نه آهي. آئيندي جي اثر کي ائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو جو سنڌ کي آبڪلاڻي واهن وارو ملڪ سمجهيو وڃي. انهن وڌيڪ اهو به چيو ته بيراج کانسواءِ روهڙي ڪينال ٺاهڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته اهو واهه هڪ اهڙي تمام وڏي ايراضيءَ جي سپلاءِ جو سرچشمو بڻبو جنهن کي هاڻي ڪيترن ئي ننڍن واهن منجهان پاڻي ملي ٿو. سڀ ننڍا واهه ڪڏهن به هڪ ئي وقت ناڪام نه ٿيندا ۽ ڪنهن هڪ جو بند ٿيڻ ايتري اهميت نه رکندو جڏهن ته روهڙي ڪينال جي ناڪام ٿيڻ جو مطلب سموري علائقي لاءِ تباهي هوندو. ڪاميٽي اهو به سمجهيو ٿي ته پراجيڪٽ ڦلدائڪ نه هو. پراجيڪٽ جيتوڻيڪ غير ڦلدائڪ ۽ وقت کان اڳ هو ته به ڪاميٽي اها سفارش ضرور ڪئي ته اها مڪمل اسڪيم ٺاهي وڃي ۽ تيار رکي وڃي. ”سنڌ“، ڪاميٽي چيو، ”جيتوڻيڪ ماضي ۾ تڪليف ڪانه ڏٺي هئي پر اها مستقبل ۾ تڪليف ڏسي سگهي ٿي ۽ اهڙي صورت ۾ علاجي اُپاء جيتوڻيڪ غير ڦلدائڪ آهن پر اهي اختيار ڪرڻ جو سکر واري جواز موجود هو. هڪ ڪارائتي تجويز اها هئي ته پنجاب جي کڻت جي اثر کي ڌيان سان ڏٺو وڃي ۽ گهاٽيءَ کان هيٺ ۽ وارِي تي بنياد رکندڙ هڪ متبادل بيراج جي سائيٽ  جي ڳولها ڪئي وڃي. بمبئي حڪومت 1914ع ۾ صورتحال تي ڏاڍي حقيقت پسنداڻي نموني ۾ نظر وڌي. بمبئي حڪومت ڪاميٽي جي رپورٽ سان متفق نه هئي ۽ گورنمينٽ آف انڊيا کي مخاطب ٿيندي چيو ته دريا ۾ ناسازگار حالتن سان پنجاب جي کڻت جو جون ۽ سيپٽمبر جي اهم مهينن ۾ سکر وٽ درياءَ جي سطح گهٽ ڪرڻ ۾ چڱو اثر ٿي سگهي ٿو ۽ جيتوڻيڪ اهو نه ٻڌائي سگهبو ته اهو اثر ڪيترو هوندو پر اها ڳالهه چوڻ جا ڪيترائي سٺا سبب ٿي سگهن ٿا ته هڪ بيراج ٺاهي سنڌ جو بچاءُ ڪجي. پوک ۽ آبپاشي جون موجوده حالتون مناسب نه هيون ۽ سنڌ انهن چڱاين ۽ فائدن لاءِ ٻاڪاري رهي هئي جن کان پنجاب ۽ يو. پي. گهڻي وقت کان فائدو وٺي رهيا هئا. سنڌ کي فقط آبڪلاڻي وارو ملڪ سمجهڻ جو مطلب جمود واري پاليسي اختيار ڪرڻ هوندو. بمبئي حڪومت وڌيڪ اهو به چيو ته اها هڪ اهڙي رٿا پيش ڪندي جيڪا اڳئين رٿا کان هنن ٻن نقطن ۾ مختلف هوندي (1) ساڄي ڪپ وارا واهه به رٿا ۾ شامل ڪياوڃن ۽ (2) بيراج جيئن لنڊن ڪاميٽي پاران تجويز ڏني وئي هئي گهاٽيءَ جي مٿان هئڻ بجاء سکر واري گهاٽي کان هيٺ هجي. بمبئي حڪومت درياء جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ تي ڪينالن جي ڪچي لاڳت جو تخمينو 1120 لک هنيو ۽ اهو به چيو ته وصول ٿيندڙ  ڍل مان تڪميل جي ڏهين سال تائين وياج لاهي سگهبو. هُن انهن بنيادن تي گورنمينٽ آف انڊيا کي درخواست ڪئي ته تفصيلي رٿائن ۽ تخمينن تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي. تڏهن سوڀ اکين جي سامهون هئي.

ايگزيڪيوٽو انجنيئر مسٽر اي. اي مسٽو (A.AMusto) (هاڻي سرآرنلڊ مسٽو) کي آڪٽوبر 1915ع ۾ سنڌ جي چيف انجنيئر جي ماتحتي ۾ سکر پراجيڪٽ تي نظرثاني لاءِ اسپيشل ڊيوٽي تي رکيو ويو. تڏهن انهي کي ان نالي سان سڏيو ويندو هو. ۽ هن 1- سيپٽمبر 1916ع تي تازي منظوري مليل عارضي سکر بيراج پراجيڪٽ ڊسٽرڪٽ جي ڪم جي شروعات ڪئي. سن 1917ع ۾ اهو طي ڪيو ويو ته روينيو ۽ پبلڪ ورڪس ٻنهي کاتن ۾ هڪ هڪ آفيسر اسپيشل ڊيوٽي تي مقرر ڪجي جيڪي بيراج واري ايراضي ۾ دستياب سرڪاري زمين جي ايراضي ۽ حالت جو جائزو وٺن ۽ پڻ تجويز ڏنل نون ڪينالن جي intensities ۽ duties بابت تجويز ڏين. مسٽر سي. ايم. بيڪر (آء. سي. ايس) ۽ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ مان مسٽر سي. ايم. لين جنوري 1918ع کان انهي اسپيشل ڊيوٽي تي رکيا ويا. انسپيڪٽر جنرل آف ايريگيشن جي تجويز تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته بيراج جي نئين سر ڊزائين ڪرڻ سان گڏو گڏ سڀني ڪينال سسٽمن روهڙي ڪينال، ايسٽرن ناراسسٽم، رائيٽ بئنڪ ڪينال سسٽم ۽ خيرپور ڪينالز جي ٻيهر ڊزائين ڪئي وڃي ۽ اهو ڪم ايگزيڪٽو انجنيئر مسٽر مسٽو جي چارج ۾ ڏنو وڃي جنهن کي جنوري 1918ع ۾ ڊسٽرڪٽ جي چارج وٺڻ لاءِ فوج مان گهرايو ويو هو. بيراج جا پلان ۽ ڪاٿا، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر پراجيڪٽ ڊويزن پاران آڪٽوبر 1919ع ۾ ۽ ڪينالن جا جولاءِ 1920ع ۾ مڪمل ڪيا ويا. پروپوزل آخرڪار سيڪريٽري آف اسٽيٽ فارانڊيا، گورنمينٽ آف انڊيا ۽ بمبئي حڪومت پاران منظور ڪيا ويا. بمبئي حڪومت پاران سکر بيراج ائنڊ ڪينالس پراجيڪٽ جي تعمير جي منظوري جي حڪمن جو اهم قرار داد هڪ تاريخي دستاويز طور هتي ڏجي ٿو جنهن سنڌ ۾ آبپاشي جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. پهرئين جولاءِ 1923ع کان اڏاوت جو ڪم شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. پراجيڪٽ گورنمينٽ آف انڊيا کي پيش ڪرڻ کانپوءِ سپرنٽنڊنگ انجنيئر جي هڪ نئين سرڪل (Circle)قائم ڪئي وئي هئي ۽ پهرئين فيبروري 1921ع تي مسٽر سي. ايس. سي. هيريسن (اڳتي هلي سرچارلٽن هيريسن سي. آء. اي) کي هن عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ انهي عهدي جو نالو سپرنٽنڊنگ انجنيئر سکر بيراج پراجيڪٽ رکيو ويو. گورنمينٽ آف انڊيا جولاءِ 1923ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي يڪراء ٺهراء تي عمل ڪندي اهڙا حڪم جاري ڪيا ته بيراج جو نالو بمبئي جي گورنر سرلائيڊ جارج جي نالي پٺيان رکيو وڃي جنهن جي توانائي ۽ ڪوشش هن ٺهراءَ تي تڪڙي عملدرآمد جو سبب بڻي. تنهنڪري انهيءَ کانپوءِ اهو پراجيڪٽ لائيڊ بيراج ائنڊڪينالس ڪنسٽرڪشن اسڪيم جي نالي سان سڏيو وڃڻ لڳو. لائيڊ بيراج ائنڊ ڪينالس (1932- 1923) جو افتتاح هزايڪسيلينسي دي ارل آف ويلنگڊن، وائسراء ۽ انڊيا جي گورنر جنرل ڪيو. بيراج ۽ ان جا ست ڪينال سنڌ، بلوچستان ۽ خيرپور رياست ۾ هر سال 55 لک ايڪڙن کي سيراب ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪيا ويا هئا. اهو پراجيڪٽ انڊين سروس آف انجنيئرز جي مسٽر اي. اي. مسٽو تيار ڪيو هو. انهي جي منظوري سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا اپريل 1923ع ۾ ڏني ۽ بامبي ليجسليٽو ڪائونسل جون 1923ع ۾ انهي جي توثيق ڪئي ته فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ ووٽ پيا ۽ بنا دير ڪم شروع ڪيو ويو. تعمير اتي ڪم جو افتتاح پهرئين جولاءِ 1923ع تي ڪيو ويو ۽ انڊين سروس آف انجنيئرز جو مسٽر سي. ايس. سي. هيريسن انهي جو چيف انجنيئر مقرر ڪيو ويو. ڪينال جنوري 1925ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيا ۽ هيڊ ورڪس جو ڪم آڪٽوبر 1925ع ۾ شروع ٿيو. سموري دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام جي افتتاح جي تاريخ 13 جنوري 1932ع آهي.

مختصر طور چئجي ته هيءَ اسڪيم هنن حصن تي ٻڌل آهي (الف) سکر ۾ لينسڊائون پل کان ٽي ميل هيٺ سنڌو درياء تي بيراج جي تعمير ۽ (ب) ستن ڪينالن جي انهن جي برانچن، ڊسٽري بيوٽرين، مائنرن ۽ واٽر ڪورسن سميت کوٽائي.

مسٽر مسٽو پاران ڊزائين ڪيل بيراج هڪ تمام وڏو دريائي ريگيوليٽر آهي جيڪو 66 دروازن تي ٻڌل آهي. هر هڪ دروازو 60 فوٽ ويڪرو آهي. بيراج جا اهي لنگهه اسٽيل جي ڦاٽڪن ذريعي ڪنٽرول ٿيندا آهن. انهن مان هر هڪ جو وزن 50 ٽن آهي. اهي عام حالتن ۾ ته بجلي تي هلندا پر هٿ سان به هلائي سگهبا. انهي ريگيوليٽر جي مٿان ٻه پليون آهن. مٿئين جنهن کي گيٽ برج (Gate Bridge) چيو وڃي ٿو اها اسٽيل جي دروازن کي هلائڻ لاءِ ڪم ايندي جڏهن ته ٻي جنهن کي روڊ برج (Road Bridge) سڏيو وڃي ٿو اها ٽرئفڪ لاءِ ڪم ايندي ۽ درياء جي ساڄي ڪپ واري روڊ کي کاٻي ڪپ واري روڊ سان ملائيندي.

”بيراج لڳ ڀڳ هڪ ميل ڊگهو آهي يعني انهي جي ڊيگهه لنڊن برج جي ڊيگهه کان پنجوڻي آهي. اهو ميٽوڙي سفيد لائيم اسٽون مان ٺهيل آهي. انهي جا فقط ونگ مختلف ميٽريل يعني ري انفورسڊ سيمينٽ ڪانڪريٽ جا ٺهيل آهن انهي جي سِل ليول آر. ايل 1770 آهي ۽ اهو پاڻي کي آر. ايل 1945 تائين کڻي اچڻ لاءِ ڪم ايندو،  نوان ڪينال انهي ليول تي پنهنجي گهربل مڪمل سپلاءِ وٺي سگهندا.

ساڄي ڪپ تي ڇيڙي وارا پنج دروازا ۽ کاٻي ڪپ جا آخري ست دروازا صفائي جي مورين طور ڪتب ايندا. ٻه ڊگهيون ڌار ڪندڙ ڀتيون (Divide Walls) پڻ ٺاهيون ويون آهن. ساڄي ڪپ واري ڀت جي ماپ 1690 فوٽ ۽ کاٻي ڪپ واري ڀت جي ماپ 1975 فوٽ آهي. اهي درياءَ کي ڊيگهه ۾ ٽن حصن ۾ ورهائين ٿيون. ٻه پاسي واريون پاڻي جي رفتار (Velocity) ۽ ليول کي ڌيان سان ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون جيئن پاڻي کي واهن ۾ ڇڏڻ وارين گهربل حالتن موافق ڪري سگهجي.

واهه: سکر بيراج مان ست واهه کوٽيا ويا آهن. ٽي ساڄي ڪپ تي ۽ چار کاٻي ڪپ تي هيٺ انهن سان لاڳاپيل ڪجهه تفصيل آهن:

 

 

 

نارٿ ويسٽرن ڪينال

رائيس ڪينال

دادو ڪينال

 

ايسٽرن نارا

روهڙي ڪينال

خيرپور فيڊر ويسٽ

خيرپور فيڊر ايسٽ

ڪمانڊ هيٺ ايراضي

ايڪڙ

1037395

543614

667534

2326591

2831024

......

......

پوکي لائق ايراضي

ايڪڙ

939235

476498

582035

2195384

2545609

.......

.......

سالياني پوکي جي حتمي ايراضي

ايڪڙ

563000

357000

412000

1627000

2043000

298000

...

هيڊ وٽ وڌ ۾ وڌ ڊسچارج

ڪيوسڪس

5152

10215

2837

13649

10883

1936

2094

هيڊ وٽ پيٽ جي ويڪر

فوٽ

165

243

5. 92

346

247

79

82

هيڊ وٽ فُل سپلاء ليول

فوٽ

90 . 193

00. 194

04. 194

20. 194

50.192

50. 193

50. 192

مکيه ڪينال جي ڊيگهه

ميل

36

82

131

525

208

45

13

برانچن جي ڊيگهه

ميل

171

5

52

215

277

...

...

ڊسٽري بيوٽرين ۽ مائينرن جي ڊيگهه

ميل

678

65

441

1212

1937

......

....

ڇنڊڻن(escapes)

جي ڊيگهه

ميل

.....

.....

29

9

35

.....

....

واٽرڪورسن جي ڊيگهه

ميل

3300

258

2486

5000

000، 20

......

....

هيڊ ريگيوليٽر ۾ 25 فوٽ ويڪرن دروازن جو تعداد

 

6

13

4

16

12

2

2

هيڊ ريگيوليٽر جي آر. ايل. سيل

 

75. 183

13. 183

32. 184

54. 181

30. 185

48. 185

48. 187

انهي ۾ پراڻن چينلن جا 305 ميل شامل نه آهن جيڪي ري ماڊل ڪيا ويا آهن.

سڀاويڪ طور ڪم جو سڀ کان ڏکيو حصو اهو هو جيڪو هيٺ پاڻي ۾ ڪرڻو هو. اهو ڪم هرسال ڪم واري حصي جي چوڌاري ڪافر- ڊيم (Coffer- dams) ٺاهي ڪيو ويندو هو ۽ انهي ايراضي مان پمپن ذريعي پاڻي ڪڍيو ويندو هو.

ڪا فرڊيم هڪ ٻئي سان جُڙيل اسٽيل جي Piles  تي ٻڌل هوندا هئا جيڪي ٻيڙين تي رکيل Pile drives جي مدد سان درياء جي ٻيٽ ۾ لاٿا ويندا هئا.

انهي اسٽيل پائلنگ کي اندرئين پاسي واريءَ جي ٽيڪ ڏني ويندي هئي جيڪا درياء ۾ پاڻي جي سطح کان ٿورو مٿي ڊريجرن جي مدد سان لاٿي ويندي هئي. ڪم کي تڪڙو هلائڻ لاءِ انهن ڪپرن لاءِ مٽي ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران گڏهن تي آندي ويندي هئي.

بنياد ڊريجرن جي مدد سان کوٽيا ويندا هئا جيڪي ڪافر ڊيمن جي اندر ڪم ڪندا هئا. انهن ڊيمن ۾ وٿيون ڇڏيون وينديون هيون جيئن کوٽائي جي ڪم جو گهڻو حصو پورو ٿيڻ کانپوءِ انهن کي ٻاهر ڪڍي سگهجي.

اهو ڪم ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪافرڊيم بند ڪري ڇڏبا هئا ۽ چوديواري وارن حصن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ پمپ ڪتب آڻبا هئا.

جيئن ئي ترو ظاهر ٿيندو هو ته مزدور ڪم تي هڻي ڇڏبا هئا جيئن کوٽائي پوري ٿي سگهي ۽ اوڀاري ۽ لهواري وهڪري کي آڏ ڏئي فرش ۽ ٿنڀن جي اوساري جو ڪم ڪيو ويندو هو.

پٿر ۽ گچ جهڙي ضروري سامان جو گهربل مقدار اڳي ئي تيار رکيو ويندو هو ۽ براڊ ۽ نيرو گيج ريل ذريعي سڌو ڪافرڊيم ۾ آندو ويندو هو.

مجموعي طور 42 ميل براڊ گيج ۽ 24 ميل ٻه فوٽ گيج ريل جي پٽي وڌي وئي ۽ انهي ڪم لاءِ ضروري انجڻيون ۽ گاڏا به لڳايا ويا.

سامان جي باربرداري لاءِ ڪيتريون ئي مقامي ٻيڙيون به ڪم آنديون ويون.

اوساري جو ڪم ڏينهن رات هلندو هو. ڪم جي سموري سرزمين تي رات جو بجلي ذريعي روشني ڪئي ويندي هئي جيڪا خاص اليڪٽرڪm پلانٽ مان ورتي ويندي هئي.

 لوهه جي تري وارا وڏا ڪونر دستياب ڪري ڪافرڊيم جي  ايراضي ۾ کولي رکيا ويندا هئا، جيئن ڪم هلندي سيموٿيل پاڻي انهن ۾ گڏ ٿيندو وڃي. ٻيڙين تي رکيل بجلي جي پمپن جو وڏو انگ اهو سميل پاڻي ڪافر ڊيمن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هو.

ڪينال: ڪينالن جي کوٽائي جو ڪم مڪينيڪل ايڪسڪيويٽرن توڙي مزدورن ذريعي ڪيو ويو. مڪينيڪل ايڪسڪيويٽرن ذريعي کوٽائي جو فيصلو هيٺين سببن جي ڪري ڪيو ويو

(1)هڪ لک پنجٽيهه هزار مزدور سولائي سان دستياب نه ٿي سگهندا.

(2) مشين جو ڪم سانده هلندو ۽ انهي تي موسمن جو به ڪو اثر نه ٿيندو.

(3) مشينون جنهن رفتار سان ڪم ڪنديون انهي سان مزدورن ذريعي کوٽائي واري لاڳت تي ضابطو رهندو.

(4) مقامي مزدورن جي حد کان وڌيڪ گهرج سان سنڌ ۾ زرعي ڪمن ڪارين تي خراب اثر پوي ها. حاصل ٿيل نتيجي مشينون ڪم آڻڻ کي مڪمل طور حق بجانب قرار ڏنو.

کوٽائي جي ڪم جو جملي مقدار 569 ڪروڙ ڪيو بڪ فوٽ هو. جنهن مان 312 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ يعني 54 سيڪڙي کان وڌيڪ مشينن پاران سرانجام ڏنو ويو.

پرزا جوڙي 46 مشينون ٺاهيون ويون جن سڀني تي تقريباً هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. انهن مشينن مان 9 سڀ کان وڏيون 7 وچوليون ۽ 30 ننڍيون هيون، هر مشين ۾ ڪيترو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هئي انهي جو اندازو هنن انگن اکري مان ٿي ويندو. (هرهڪ مشين پاران هڪ مهيني ۾ ڪيل ڪم)

وڏي مشين            6. 56 لک (0000 66 5 فوٽ ڪيوبڪ)

وچولي مشين          2. 32 لک (0000 22 3    ڪيوبڪ فوٽ)

ننڍي مشين           16 لک (0000 161 ڪيوبڪ فوٽ)

اهي انگ بالترتيب 3800، 2100 ۽ 1100 ماڻهن پاران هر روز هڪ مهيني جي ڪم جي برابر آهن.

سڀئي مشينون جيڪڏهن گڏ ڪم ڪن ته انهن جي جملي صلاحيت ٿلهي ليکي في منٽ 74 ٽن مٽي ڪڍي ڍير ڪرڻ جي برابر هئي. اهو ئي حساب ٻين لفظن ۾ هيئن ٻڌائبو ته 23. 1 ٽن في سيڪنڊ ڌينهن رات ۽ هفتي ۾ ساڍا پنج ڏينهن ۽ سال ۾ 250 ڏينهن اهو ڪم لڳ ڀڳ 32 هزار ماڻهن پاران  سمورو سال ڪم ڪرڻ يا لڳ ڀڳ 77 هزار ماڻهن جي سال جي پنجن مهينن جي موسمي عرصي جي ڪم ڪرڻ جي برابر آهي.

ڪجهه حصن ۾ کوٽائي ڪيڻن ذريعي ٿي. ڪيڻ هڪ پراڻو طريقو آهي جنهن ۾ ڍڳن جي جوڙي ڌاتو جي ڪناري وارو هڪ ويڪرو تختو ڇڪي انهي جي مدد سان ڪينال جي ڀيٽ مان مٽي کُرڙي ٻاهر گڏ ڪندي هئي.

توقع مطابق برطانوي علائقي ۾ ساليانو پوک هيٺ ايندڙ ايراضي 13. 50 لک ايڪڙ هوندي. اميد هئي ته انهي تي مختلف فصل هيٺئين ترتيب موجب هوندا:


m پاڻي جي سطح جي هيٺان پاڻي کي روڪي ٺاهيل چار ديواري جنهن مان پاڻي ڪڍي ڇڏجي جيئن پل جو بنياد ٺاهي سگهجي (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org