سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:17 

غلام محمد بيراج پراجيڪٽ جون ڪجهه اهم ڳالهيون

ايراضيون ۽ ڪينال

ڪمانڊ هيٺ مجموعي ايراضي

32 لک ايڪڙ تقريباً

ڪمانڊ هيٺ پوکي لائق ايراضي

23 لک 40 هزار ايڪڙ تقريباً

ڊزائين مطابق ايراضي جنهن کي ساليانو پاڻي ڏيڻو آهي

19 لک 10 هزار ايڪڙ

موجوده نظام تحت پوکي هيٺ ايراضي

635000 ايڪڙ

پهريون دفعو ڪمانڊ هيٺ آيل ايراضي

15 لک ايڪڙ

ٽيمس درياءَ جي لنڊن برج وٽ وڌ کان وڌ ڊسچارج

15000 ڪيوسڪ

پنڃاري فيڊر جي ڊزائين مطابق وڌ ۾ وڌ ڊسچارج ڊزائين مطابق

13420 ڪيوسڪ

سئيز ڪينال جي سطح تي ويڪر

200 فوٽ

پنڃاري فيڊر جي سطح وٽ ويڪر

285 فوٽ

ڦليلي فيڊر جي سطح وٽ ويڪر

 300 فوٽ

هيڊ ورڪس جون اهم ڳالهيون

هنڌ: ڪوٽڙي کان ساڍا چار ميل اوڀارين پاسي ڄامشوري جي ننڍڙي ڳوٺ ڀرسان.

پشتين جي وچ ۾ بيراج جي ڊيگهه

2984 فوٽ

گيٽ برج جي مجموعي ڊيگهه

2984 فوٽ

60 فوٽ ويڪرا ڪُل دروازا

44

لاڪ چينل

270 فوٽ ڊيگهه ۽ 60 فوٽ ويڪرو

مڇين جا لنگهه

5، 5 فوٽ ويڪرا ٻه

ڪينال هيڊ ريگيوليٽرن وٽ فل سپلاءِ ڊسچارج

 

پنڃاري 14350 ڪيوسڪ

6. 58 ميل ڊگهو ڪينال

ڦليلي 13420 ڪيوسڪ

56 ميل ڊگهو ڪينال

ڪلري بگهاڙ 8473 ڪيوسڪ

42 ميل ڊگهو ڪينال

لائينڊ چينل 4100 ڪيوسڪ

70 ميل ڊگهو ڪينال

بيراج جي عام ٿنڀن جي ويڪر

7 فوٽ

بيراج جي پشتي وارن ٿنڀن جي ويڪر

10 فوٽ

بيراج جي رور (River) گيٽ جي اوچائي

21 فوٽ

بيراج جي لاڪ گيٽ جي اوچائي

34 فوٽ x 50 فوٽ ويڪرو لهواري پاسي

ڪويسٽ ليول (Crest Level)

0. 48

پانڊ ليول(Pond Level)

0. 68

ڊائون اسٽريم بيڊ ليول

0. 35

وڌ کان وڌ متوقع فلڊليول

.  80

ڪوٽڙي وٽان گذاريل وڌ کان وڌ ڊسچارج

000، 710 ڪيوسڪ (1948ع)

وڌ کان وڌ فلڊ ڊسچارج جنهن مطابق بيراج ڊزائين ٿيل آهي

پوڻا نو لک ڪيوسڪ

روڊ برج جي ويڪر

20 فوٽ 4، فوٽن جا ٻه فوٽ پاٿ

هيڊ ورڪس تي ٿيل ڪم

پيڙهه جو پٿر

1950/ 02/ 12

متبادل (diversion)جي تڪميل

1954/ 10/ 01

بنياد کوٽائي

52191682 ڪيوسڪ فوٽ

پرماننٽ پائلنگ

228859 اسڪائر فوٽ

ڪنڪريٽ جو ڪم

8683000 ڪيوبڪ فوٽ

جنگشاهي پٿر

140 لک ڪيوبڪ فوٽ

سرون

74 لک ڪيوبڪ فوٽ

آر. سي. سي. ڪم

133000 ڪيوبڪ فوٽ

تخميني لاڳت

تقريباً ساڍا پنج ڪروڙ رپيا

ڪينالن تي ٿيل ڪم

فيڊرن ۾ جملي ميل کوٽائي لڳ ڀڳ 92 ميل کوٽيل.

1200 ملين ڪيوبڪ فوٽن کان وڌيڪ مٽي کوٽائي

جملي ميل پڪا ٿيل                  ساڍا ست ميل

جملي رهيل ميل                              60 ميل

        وقت جنهن دوران باقي ڪم                  ساڄي ڪپ جا فيڊر: اپريل 1955ع

        پورو ٿيڻ جي اميد آهي                       کاٻي ڪپ جا فيڊر: اپريل 1956ع

تقريباً 2 ڊزن روڊ وارين پلين تي ڪم هلندڙ آهي جن مان اڌ کان وڌيڪ پوريون ٿي ويون آهن.

ڪجهه ٻيون ڳالهيون

1 - نئين باران تي سپر پيسيجِ 1500 فوٽ ڊگهي تمام وڏي ڪراس ڊرينيج 7 تمام وڏين پائيپن تي مشتمل تخميني لاڳت 50 لک رپيا تقريباً مڪمل

2- ڪلري بگهاڙ جو 8 ميل ڊگهي ٽاڪرو علائقي مان لنگهه . 25 کان 50 فوٽ هيٺ ڌماڪا ڪيا ويا.

3- ڦليلي جي وڏن ٽُڪرن کي خاص طور حيدرآباد ويجهو پچنگ جي ضرورت هئي. اهو ڪم پورو ٿي ويو آهي.

گڊو بيراج

سنڌ ۾ ٽيون وڏو بيراج زير تعمير آهي. انهي کي گڊو بيراج چيو وڃي ٿو. انهي تي اهو نالو گڊو ڍنڍ تان پيو. سنڌو درياءَ جي انهي ٽڪري تي بيراج تعمير ٿي رهيو آهي. اهو سنڌو جي وهڪري تي سکر کان لڳ ڀڳ 60 ميل مٿي آهي. گڊو بيراج پراجيڪٽ سکر ۽ روهڙي جي اتر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ايراضي کي خاطري وارو پاڻي مهيا ڪري ٿو. اها ايراضي هاڻي آبڪلاڻي واهن ذريعي سيراب ٿئي ٿي. ساڄي ڪپ واري ايراضي ڊزرٽ، انهڙ، بيگاري سنڌ ۽ راجب ڪينالن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ کاٻي ڪپ واري ايراضي شيهر، مهر، مسو، مهرو، لنڊي، ڍينگڙو، مهيسرو، ڪورائي جانب ۽ گرڪڻو ڪينالن تي آباد ٿئي ٿي. ساڄي ڪپ تي سکر جي بلڪل مٿان واري ڪجهه ايراضي سکر ۽ گڙنگ ڪينالن تي سيراب ٿيندي رهندي ڇاڪاڻ ته اميد آهي ته اهي ڪينال سکر بيراج جي heading up اثر جي سبب اطمينان بخش نموني ڪم ڪندا رهندا. سکر بيراج گڙنگ جي هيڊ کان 10 ميل هيٺ ۽ سکر جي هيڊ کان 2 ميل هيٺ آهي. جنهن ايراضي کي گڊو بيراج مان پاڻي ملندو اها هيٺين روينيو ضلعن ۽ تعلقن تي ٻڌل آهي:

(1) ساڄي ڪپ جي ايراضي

بلوچستان جي نصيرآباد تحصيل (ڪجهه حصو)

سنڌ جو اپرسنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ (جيڪب آباد ضلعي جو اڳوڻو نالو)

تعلقو جيڪب آباد

تعلقو ڪنڌ ڪوٽ

تعلقو ٺل

تعلقو ڳڙهي خيرو (ڪجهه حصو)

لاڙڪاڻو ضلعو

تعلقو شهداد ڪوٽ (ڪجهه حصو)

سکر ضلعو

تعلقو سکر (ڪجهه حصو)

تعلقو شڪارپور

تعلقو ڳڙهي ياسين ڪجهه حصو

(2) کاٻي ڪپ جي ايراضي

سکر ضلعو

تعلقو اٻاوڙو

تعلقو ميرپور ماٿيلو

تعلقو گهوٽڪي

تعلقو پنو عاقل

تعلقو روهڙي (ڪجهه حصو)

گڊو بيراج ذريعي سيراب ٿيندڙ جملي ايراضي 4161 چورس ميل آهي جنهن ۾ 311 ميل بلوچستان جو علائقو شامل آهي. سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ وارو علائقو اتر اولهه طرف کان ٽڪرين ۽ ڏکڻ اوڀر پاسي کان سنڌو درياءَ جي اندر آهي. اتر طرف ۾ ڏکڻ طرف هلندي ٽڪرين جي لهواري پٽ کي ڊزرٽ ڪينال تائين تمام اڀڪپري لاهي آهي انهي کانپوءِ اهو پکڙجي وڃي ٿو ۽ هڪ ماٿري ٺاهي ٿو جنهن جو ٻيو ڪنارو خود سنڌو درياءَ آهي.

ساڄي ڪپ وارو علائقو جابلو تيز وهڪرن جي ٻوڏن جي اثر ۾ هوندو آهي. انهن جي Catchment ايريا اتر جي ٽڪرين ۾ آهي. انهن ٽڪرين ۾ ڏهن ورهين ۾ هڪ دفعو تمام سخت مينهن پوندا آهن ۽ نئين ذريعي هيٺ تمام گهڻو پاڻي آڻيندا آهن جيڪو هيٺ مختلف علائقن ۾ اڏيو واهه، سون واهه، فرنٽيئر راج واهه، اچ راڄ واهه ۽ ڊزرٽ ڪينال سان ٽڪرائجي ٻوڏون آڻيندو اهي ۽ آخرڪار ڊزرٽ ڪينال جي ڏکڻ ۾ هيٺين علائقن ۾ پکڙجي ٻوڏون آڻيندو آهي. جڏهن ڊزرٽ ڪينال ۾ کنڊ پوندا آهن ته پوک ۽ مال ملڪيتن کي چڱو نقصان پهچندو آهي جيئن 1929ع ۾ ٿيو هو.

ڊزرٽ ڪينال جي ساڄي ڪپ کي فلڊ پروٽيڪشن بند تائين مضبوط ڪرڻ جي تجويز آهي جيئن انهن ٻوڏن کان بچاء ڪري سگهجي ۽ ڊزرٽ ڪينال جي ساڄي ڪپ کي موريون ڏنيون وڃن جيئن ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي سگهي.

هن ٽڪر ۾ سراسري مينهن تمام ٿورو وسندو آهي. انهي جو اندازو هر سال ٻڙيءَ کان پنجن انچن جي وچ ۾ هوندو آهي. ايترو مينهن ڪنهن به فصل لاءِ ڪافي نه هوندو آهي ۽ علائقي کي پنهنجي زراعت لاءِ مڪمل طور ڪينال آبپاشي تي دارو مدار رکڻو پوندو آهي.

علائقي ۾ گرمي پد ۾ به تمام گهڻي ڦيرڦار ٿيندي رهندي آهي. اونهاري ۾ ڇانو ۾ گرمي پد 125 ڊگري فهرنائيٽ تائين پهچي ويندو آهي ۽ سياري ۾ ڪجهه راتين ۾ پارو به پوندو آهي.

پاڪستان جي اتر وارن علائقن ۽ سموري سنڌ وانگر هن ٽڪري ۾ به فصلن جون ٻه مندون ٿينديون آهن. گرم مند يا خريف ۽ ٿڌي موسم يا ربيع جي مند. خريف جي مند ٿلهي ليکي 15- اپريل کان شروع ٿيندي آهي ۽ 14- آڪٽوبر تائين هلندي آهي. لڳ ڀڳ چاليهن ڏينهن واري گرم ترين وقت کي چاليهو چيو ويندو آهي جنهن دوران گرم هوائون لڳنديون آهن چاليهو ٿلهي ليکي سمورو مئي مهينو ۽ جون جي اڌ تائين هلندو آهي. ربيع جو وقت 15- آڪٽوبر کان 14- اپريل تائين هوندو آهي. ڊسمبر جو اڌ ۽ جنوري جو سمورو مهينو عام طور سڀ کان وڌيڪ ٿڌ وارو هوندو آهي.

ساڄي ڪپ تي ساريون مکيه فصل آهن ۽ جڏهن پاڻي موڪ ٿيندو آهي ۽ ضرورتن پٽاندر هوندو آهي ته اهو فصل پوکيو ويندو آهي. پر جتي پاڻي پهچائڻ ڏکيو هوندو آهي ته جوئر ٻاجهري جهڙا خريف جا فصل پوکيا ويندا آهن. ڊزرٽ ڪينال ۽ انهن ڪينال تي سارين جي پوک بيگاري، راجب، سنڌ ۽  چتي ڪينالن جي نسبت گهٽ ٿيندي آهي. ساريون عوام جي پسنديده پوک آهي ڇاڪاڻ ته ان مان پئسو گهڻو ملي ٿو ۽ ڀاڻ گهٽ گهر جيس ٿو. وري زمينون به ڪجهه قدر ڪلراٺيون هونديون آهن، جيڪي گهٽ پاڻي وارن فصلن بجاء سارين لاءِ وڌيڪ موزون هونديون آهن. اهڙي طرح سارين جي فصل ۾ آهستي آهستي واڌ سان ايتري ئي قدر خريف جي فصلن ۾ گهٽتائي ايندي پئي وڃي. جيئن ته دائمي پاڻي نه آهي تنهنڪري ربيع جي پوک بوسي ٿيندي آهي يعني اهو فصل شروع ۾ زمين کي وڏو ريج اچڻ کانپوءِ انهي ۾ رهجي ويل نمي تي پچندو آهي. زمينن کي اهڙا گهڻا ريج عام طور سيپٽمبر يا آڪٽوبر جي مهينن ۾ ڏنا ويندا آهن تڏهن خريف جي فصلن لاءِ پاڻي جي گهرج چڱي گهٽ ٿي ويندي آهي.

سارين کان سُتت ئي پوءِ دوباري ربيع سارين وارين ٻنين ۾ ئي پوکيو ويندو آهي ڇو ته ساريون لڻڻ کانپوءِ زمين ۾ نمي باقي هوندي آهي. دوباري فصلن جي ايراضي سارين جي فصلن جي نسبت ۾ 80 سيڪڙو هوندي آهي. سارين جي فصل کانپوءِ دوباري فصل پوکڻ هڪ عام زرعي عمل آهي. مٽر ۽ چڻا عام دوباري فصل آهن. اهي زمين جي زرخيزيءَ ۾ واڌارو ڪرڻ سان گڏو گڏ چوپائي مال لاءِ سٺي چاري جو ڪم ڏين ٿا.

بيگاري ڪينال تي تقريباً 75000 ايڪڙن تي ٻڌل اهڙا وڏا علائقا آهن جن تي سارين جي پوک تمام گهڻي ٿئي ٿي. سارين جي پوک ۾ اضافي سبب هن علائقي ۾ زير زمين پاڻي جي سطح وڌڻ جي اثر جو اڀياس ڪيو ويو  ۽ اهو ڏسڻ ۾ آيو ته وڏي پيماني تي سارين جي پوک جي باوجود اپريل مهيني ۾ زير زمين پاڻي 6 کان 8 فوٽن تائين رهيو. اميد آهي ته تجويز مطابق سارين جي فصل ۾ واڌ اچڻ سان زير زمين پاڻي جي سطح مٿي نه ٿيندي.

کاٻي ڪپ تي زمين گهڻو ڪري وارياسي ڊُسڙ آهي ۽ اها خشڪ ۽ گهٽ پاڻي وارن فصلن لاءِ خاص طور تمام موزون آهي. زير زمين پاڻي عام طور زمين جي سطح کان 15 کان 30 فوٽ هيٺ آهي.کاٻي ڪپ تي سموري ڪمانڊ لاءِ هن پراجيڪٽ هيٺ اها تجويز آهي ته خريف جي فصلن لاءِ 60 سيڪڙو  intensity 90 جي ايف.ايس.ايف سان پاڻي ڏنو ويندو البت ڪجهه ٽڙيل پکڙيل سارين جي عام  مشهور علائقن ۾ جتي اڳيئي ساريون پوکيون وڃن ٿيون ۽ واء ڪلاس (ڪلراٺين) غير سروي زمينن جي چوٿين حصي لاءِ جن تي واري ڦيري سان ساريون پوکڻ جي تجويز آهي انهن کي اهو پاڻي نه ڏنو ويندو. عام مشهور ساريالو علائقو اهو سمجهيو ويو آهي جنهن جي هر ديهه ۾ 1938ع کان 1942ع واري عرصي ۾ ساليانو سڀ کان وڌيڪ ساريون پوکيون ويون هجن ۽ جنهن جي واٽر سپلاءِ 100 سيڪڙو ۽ 45 ايف ايس ايف هجي. واءِ ناڪلاس زمينن جي چوٿين حصي کي 75 سيڪڙو  intensity ۽ 45 ايف ايس  ايف تي پاڻي ڏنو ويندو، ٻيلن کي ساڄي ڪپ وانگر 100 سيڪڙو intensity ۽ 66 ايف ايس ايف تي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. هن ڪپ تي زير زمين پاڻي جي سطح چڙهڻ جو ڪو به خطرو ڪونهي ڇو ته سارين جي پوک هيٺ علائقو نه هئڻ جي برابر آهي.

گڊو بيراج پراجيڪٽ ۾ سنڌو درياءَ تي گڊو وٽ هڪ بيراج، سڄي  ڪپ تي ٻن فيڊرن ڊزرٽ انهرفيڊر ۽ بيگاري سنڌ فيڊر ۽ کاٻي ڪپ تي گهوٽڪي فيڊر ٺاهڻ جي تجويز آهي.

ڊزرٽ انهر فيڊر: هيءُ فيڊر 66. 50 ميل ڊگهو آهي. فيڊر جي فل سپلاءِ ڊسچارج 12945 ڪيوسڪ آهي. موجوده ڪينالن جي وڏي حصي کي ڪتب آندو ۽ ري ماڊل ڪيو ويو آهي جيئن اهي وڌايل ڊسچارج کڻي سگهن. جتي به ضروري سمجهيو ويو اتي ڪمانڊ ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي ۽ موجوده چينلن کي وڌايو ويو آهي يا نوان چينل تجويز ڪيا ويا آهن جيئن واٽر ڪورسن جي ڊيگهه 2 کان 3 ميلن جي اندر رکي سگهجي

اڏيو واهه: اڏيو ڊسٽري بيوٽري ۽ سون واهه جي ڪمانڊ ۾ نار ذريعي آبپاشي وارا علائقا آهن يا وري اهڙا جن تي موڪ پاڻي ڏکيو پهچي ٿو. اهي چينل گهٽ پاڻي واري خريف چينلن طور ڊزائين ٿيل آهن. ساڳئي طرح چندر، ٽالهو ۽ مالهي ڊسٽري بيو ٽريون به خريف چينلن طور ڊزائين ٿيل آهن، پراڻن چينلن جي جملي ڊيگهه جن کي ري ماڊل ٿيڻو آهي اها 473 ميل آهي ۽ نوان چينل جيڪي ٺاهيا وڃڻا آهن انهن ۾ فيڊر 42 ميل ۽ ٻيا چينل 105 ميل ٺهندا.

بيگاري- سنڌ فيڊر: فيڊر جي جملي ڊيگهه 4. 83 ميل آهي. اهو سمورو نئون آهي. فيڊر جي هيڊ وٽ ايف. ايس. ڊسچارج 15494 ڪيوسڪ آهي. فيڊر مُنڍ وارن 28 ميلن ۾ سخت زمين ۾ آهي جنهن ۾ کنڊ لڳڻ جو ڪو خطرو ڪونهي. موجوده چينلن کي وڌايل ڊسچارج لائق بنائڻ لاءِ اڪثر پراڻن واهن کي به ڪتب آندو ۽ ري ماڊل ڪيو ويو آهي. ڪشمور بند جي سامهون ميل 0 کان 20 تائين ڪچي جي هن علائقن جو اڳيئي فرنٽ بندن ذريعي بچاء ڪيو ويو آهي. ڪچي جي هن علائقي ۾ آبپاشي لاءِ 74 ميل نون چينلن جي تجويز آهي. پراڻا واهه جن کي ري ماڊل ڪيو وڃڻو آهي انهن جي جملي ديگهه 391 ميل آهي ۽ جيڪي نوان چينل ٺاهيا وڃڻا آهن انهن ۾ فيڊرن جا 89 ميل ۽ ٻين چينلن جا 232 ميل آهي.

گهوٽڪي فيڊر: هي فيڊر 6. 83 ميل ڊگهو آهي جنهن ۾ ايل. ايم فيڊر جي ڊيگهه به شامل آهي جيڪو 1940ع ۽ 1947ع ۾ کوٽيو ويو هو. فيڊر جي هيڊ وٽ ايف. ايس ڊسچارج 8490 ڪيوسڪ آهي. کاٻي ڪپ تي موجوده  واهن جي پڇڙي تي جهنگ جا وڏا ٽڪرا آهن. تنهنڪري ڪيترائي نوان چينل ٺاهيا وڃڻا آهن.

پراڻا چينل جيڪي ري ماڊل ڪيا وڃڻا آهن انهن جي جملي ڊيگهه 380 ميل آهي ۽ نون چينلن ۾ 54 ميل فيڊر ۽ 296 نوان چينل ٺاهيا وڃڻا آهن. نوان چينلن جي ڊيگهه ۾ اهي وچ وارا لنڪ Link پڻ شامل آهن جيڪي ڏکيا وڪڙ ڪڍڻ لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن.

گڊو بيراج جي ڪمانڊ ۾ ٻيلن سميت جملي 2663184  ايڪڙ ايراضي (4161 چورس ميل) اچي وڃي ٿي جنهن مان 198767 ايڪڙ (311 چورس ميل) بلوچستان جي حدن ۾ اچن ٿا. ڪمانڊ جي پوکي لائق ايراضي ٻيلن کانسواءِ 2144590 ايڪڙ آهي جنهن مان 193459 ايڪڙ بلوچستان ۾ اچي وڃن ٿا. ٻيلا 150320 ايڪڙن تي آهن ۽ اها سموري ايراضي فقط سنڌ ۾ آهي.

ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ گڊو بيراج پراجيڪٽ مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ سنڌ کي لائيڊ بيراج ۽ ڪينال؛ غلام محمد بيراج ۽ ڪينال ۽ گڊو بيراج ۽ ڪينال هوندا. لائيڊ بيراج ڪينال جي ڪمانڊ ۾ پوکي لائق ايراضي 61 لک 25 هزار آهي. غلام محمد بيراج ڪينالن جي ڪمانڊ ۾ 27 لک 50 هزار ايڪڙ آهن ۽ گڊو بيراج ڪينالن جي ڪمانڊ ۾ 21 لک 40 هزار ايڪڙ آهن. اهڙي طرح اهو سموري دنيا جو سڀ کان وڏو آبپاشي پراجيڪٽ آهي.

سنڌ ۽ خيرپور ۾ سم

لائيڊ بيراج ڪينالن سان آبپاشي هيٺ ايندڙ ايراضي ۾ تمام گهڻي واڌ شروعات ۾ ئي سم جي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ڇڏيو هو. پنجاب جي تجربي مان اها ڳالهه ثابت ٿي وئي هئي ته دائمي ڪينالن جي وڏي پيماني تي استعمال سان اها هڪ تمام وڏي ڏکيائي ثابت ٿئي ٿي.

لائيڊ بيراج ائنڊ ڪينالز پراجيڪٽ جي اڏاوت جي شروعاتي زماني ۾ ئي پنجاب ايريگيشن کاتي جي تجربي سم جي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ڇڏيو هو. پنجاب جي ڪجهه پراڻن ڪينال سسٽمن تي سم هڪ تمام وڏو مسئلو ٿي وئي آهي ۽ پنجاب حڪومت کي سم جي مسئلن تي تحقيق لاءِ هڪ خاص ادارو قائم ڪرڻو پيو ۽ ڪيتريون ئي وڏي خرچ واريون ڊرينڃ اسڪيمون شروع ڪرائڻيون پيون جيئن سم وارين ۽ نقصان پهتل زمينن جي بحالي ٿي سگهي ۽ انهي مسئلي جي وڌيڪ پکيڙجي روڪٿام ٿي سگهي. بمبئي دڪن جا ڪينال سسٽم جن کي گڏ ٿيل ذخيرن مان پاڻي ملي ٿو انهن کي به ڪنهن حد تائين سم ۽ زمين جي خرابي جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پنجاب ۽ دڪن جي تجربن مان اندازو ٿيو ته ساڳيو مسئلو سنڌ ۾ ڪر کڻي سگهي ٿو ۽ انهي جي نتيجي ۾ لائيڊ بيراج ڪينالن جي ڪمانڊ وارين ايراضين تي تحقيق ڪرائي وئي جيئن انهي ڳالهه جو جائزو وٺي سگهجي ته بيراج ايريگيشن شروع ٿيڻ سان سم جو ڪيتريقدر امڪان موجود هو. شروعاتي تحقيق جي نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ساڄي ڪپ تي هڪ تمام وڏي علائقي ۾ (3500 چورس ميلن جي ڀڳ ڀڳ) جنهن ۾ گهڻو فصل سارين جو ٿيندو هو، زير زمين پاڻي جي سطح مٿي ٿي وئي هئي. ڏسڻ ۾ آيو ته هر سال زير زمين پاڻي جي سطح ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. آڪٽوبر مهيني ۾ آبپاشي مند جي آخر ۾ زير زمين پاڻي جي سطح سڀ کان مٿي ۽ جون ۾ آبپاشي مند شروع ٿيڻ سان سطح سڀ کان هيٺ رهي ٿي. بيراج مان سيراب ٿيندڙ ٻين علائقن خاص طور درياءَ جي کاٻي ڪپ تي زير زمين پاڻي جي سطح گهڻي هيٺ ڏسڻ ۾ آئي تنهنڪري سمجهيو ويو ته ساڄي ڪپ وارين ايراضين ۾ سم جو امڪان تمام تڪڙو هو. بيراج کان اڳ وارن ڏينهن واري سارين جي سراسري 360000 ايڪڙ سالياني ايراضي بيراج کانپوءِ زمينون مڪمل طور سڌري وڃڻ کانپوءِ وڌي 560000 ايڪڙ ٿي ويندي ۽ سارين جي پوک واري اها ايراضي اتر، اتر اولهه، ڏکڻ ۽ اوڀر طرف کان نئين ڪينال تحت دائمي پوک ۾ گهيريل رهندي. جيئن ته سارين واري علائقي ۾ وقفي وقفي سان زيرزمين پاڻي جي گهٽ ٿيندڙ سطح جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سبب شايد زير زمين پاڻي جي مٿاهين سطح کان هيٺاهين سطح ڏانهن چرپر آهي تنهنڪري اها ڳالهه ممڪن نظر آئي ته سارين واري علائقي جي چوڌاري جيڪا نئين دائمي آبپاشي ٿيندي اها زمين جي نيڪال واري صلاحيت تي خراب اثر وجهندي ۽ تنهنڪري زير زمين پاڻي جي سطح ۾ آهستي آهستي چاڙهه جو سبب ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار سم پيدا ٿيندي. بيراجي آبپاشي شروع ٿيڻ جي ڪجهه ورهين جي مختصر عرصي ۾ سارين جي پوک جي هن علائقي ۾ هڪ ته سِم جو خطرو بلڪل چٽو نظر اچي رهيو هو ۽ ٻيو ته هن مسئلي بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڳ ۾ ساڄي ڪپ واري علائقي ۾ زير زمين حالتن تي تحقيق ڪرائي وڃي.

انهي ڪم لاءِ ريسرچ ڊويزن نالي هڪ خاص ادارو قائم ڪيو ويو ۽ 31- 1930ع جي مند ۾ ساڄي ڪپ واري ايراضي ۾ زير زمين حالتن تي تحقيق ڪرائي وئي ۽ انهي دوران اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهي تحقيق کي بيراج جي سموري ڪمانڊ ايراضي ۾ وڌايو وڃي.

نمونن (Samples)جي درجي بندي انهن جي شڪل (appearanae)۽ آڱرين سان ڇهاء جي ذريعي ڪندي انهن کي پنجن قسمن مٽي، مٽي گاڏرلٽ، لٽ، وارياسي لٽ ۽ واريءَ ۾ ورهايو ويو. مٽي جا نمونا گڏ ڪرڻ جو اهو طريقو اختيار ڪيو ويو جو زمين جي سطح کي تقريباً هڪ انچ کُرڙي پهرين ڇهن فوٽن مان هرهڪ فوٽ مان هڪ نمونو کنيو ويو. انهن نمونن کي ڏاڍي احتياط سان ليبل هنيو ويو ۽ ليباريٽري ۾ تجزيي لاءِ سينٽرل ڊپو ۾ گڏ ڪيو ويو. جيئن ته گڏ ڪيل نمونن جو تعداد تمام گهڻو هو تنهنڪري انهن مان ڪيترن کي اڇلائڻو پيو ڇاڪاڻ ته انهن کي هڪ جاءِ تي رکڻ ۽ تفصيلي ميڪانيڪي ۽ ڪيميائي تجزيا ڪرڻ ممڪن نه هوندو. انهن کڏن وارا نمونا رکيا ويا آهن جن ۾ في الوقت سطح تي ڪلر موجود هو ۽ مٽي وارا سڀئي نمونا به رکيا ويا ڀلي کڏن جي سطح تي ڪلر نظر اچي يا نه. انهن نمونن تي آهستي آهستي ليباريٽري ۾ ڪم ڪيو ويندو. جڏهن به ڪنهن کڏ مان پاڻي نڪرندو هو ته ڪيسنگ پائيپ (Casing pipe) ڪتب آڻڻ ضروري هو، هو ۽ جيئن ئي واري نڪرندي هئي ته Sand pump وڌو ويندو هو ڇاڪاڻ ته فقط انهي طريقي سان ئي کڏ کي 30 فوٽن جي اونهائي تائين کڻي وڃي سگهجي پيو.

تحقيق جي انهي اهم ڪم جي اڀياس لاءِ تيار ڪيل نقشن مان ڏسڻ آيو ته زمين جا ڪجهه علائقا اهڙا هئا جن ۾ ڪلر وڌيڪ هو ۽ انهن ايراضين تي پاڻي جي اثر جو جائزو وٺڻ لاءِ  اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٽن بلاڪن ۾ واقع لڳ ڀڳ 000، 150 ايڪڙن جي تفصيلي درجي بندي ڪرائي وڃي. انهن مان 97000 ايڪڙن تي وڏو علائقو ساڄي ڪپ تي شهداد ڪوٽ جي ويجهو ۽ ٻه ننڍا علائقا کاٻي ڪپ تي شادي پلي ۽ مٺو ماڇي جي ڀرسان آهن. درجي بندي جي انهي تفصيلي ڪم ۾ (اصلي تحقيق وانگر ساڳئي ترتيب تي) واڌو کڏا کوٽڻ، هر سروي نمبر جي ظاهري شڪل نوٽ ڪرڻ ۽ انهي زمين  تي ڦٽندڙ مختلف ٻوٽن گاهن جا نالا لکڻا پون ها. واڌو کڏا انهي ڪري کوٽيا ويا جيئن سطح کان هيٺين حالتن جي وڌيڪ چٽي تصوير حاصل ٿي سگهي. مٿاڇري جون علامتون ۽ گل ٻوٽا انهي ڪري نوٽ ڪيا ويا جيئن زمين ۾ ڪلر پيدا ڪندڙ مختلف حل ٿيندڙ لوڻياٺ جي لحاظ کان انهن حالتن جو تجزيو ڪري سگهجي.

زير زمين پاڻي جي نمونن تي ٿيل ڪيتري تحقيق جي نتيجي ۾ اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ۾ زير زمين پاڻي ۾ سڀ کان گهڻو لوڻ سوڊيم ڪلورائيڊ آهي تنهنڪري تجزيي جي معمول واري طريقي کي ڇڏي هڪ مختصر طريقو اپنايو ويو آهي.

مختصر طريقي ۾ پاڻي جي نمونن جي پسرائڻ جي سگهه Dionic water tester Conudctivity  جي مدد سان ماپي وڃي ٿي ۽ نموني ۾ موجود حل ٿيندڙ لوڻن جو سيڪڙو هڪ گراف جي مدد سان ڏٺو وڃي ٿو جيڪو چونڊ نمونن کي بخارن ۾ تبديل ڪري تفصيلي تخمينن جي هڪ وڏي انگ مان ٺاهيو وڃي ٿو. انهي جي پسرائڻ جي سگهه جانچڻ کانپوءِ ٽائٽريشن ذريعي نموني جي اساسيت (alkalinity) ۽ سلفيٽ ۽ ڪلورائيڊ آئن ٽيسٽ ڪيا ويندا آهن.

ريسرچ ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر؛ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن جي آڏو پنهنجي بيان ۾ ڪلراٺي زمينن ۽ آبپاشي وارن علائقن ۾ زير زمين پاڻي جي سطح وڌڻ بابت ريسرچ ڊويزن پاران سرانجام ڏنل ڪم بابت اهم ڄاڻ ڏني. زمينن کي ڪلر کان آجو ڪرڻ لاءِ وڏي ۽ ننڍي پيماني تي تجربا ڪرڻ تمام ضروري آهي پر اهو ڪم صحيح قسم جي عملي کانسواءِ نه ٿو ٿي سگهي انهي لاءِ هڪ تجربيڪار ريڪليميشن آفيسر جي ضرورت آهي جنهن کي جيئن مصر، آمريڪا، پورپ ۽ پڻ پنجاب ۾ ڏٺو ويو آهي عملي مسئلن ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو وسيع تجربو هجي. انهي لاءِ هڪ مڪمل ڌار ڊويزن جي ضرورت هوندي جيڪا صوبي جي ڊرينيج، سم ۽ ڪلر جي مسئلن کي منهن ڏئي سگهي.

سنڌ ۾ ڪلراٺيون زمينون عام آهن. اهي آباد زمينن ۾ زمين جي ننڍن وڏن ٽڪرن جي صورت ۾ موجود هونديون آهن ۽ ڪيترن هزارن ايڪڙن تي ٻڌل غيرآباد زمين جي صورت ۾ پڻ هونديون آهن. جيڪي لوڻ جي تهن سان ڍڪيل هونديون آهن. ڪلر جي وڏن ٽڪرن ڏانهن ڌيان 1930/32 وارن ورهين دوران تڏهن ويو هو جڏهن بيراجي علائقن ۾ سب سئائل ليول ڀائيپ هنيا ٿي ويا. پائيپ هڻڻ کانپوءِ انهن ٽڪرن جي تفصيلي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويو جيڪو 1937ع ۾ پورو ٿيو.

تحقيق جو مقصد ڪلر جي مختلف قسمن ۽ ان جي هيٺان زمين جي سطح جي نوعيت جي لحاظ کان زمين جي مٿاڇري جي ظاهري شڪل جاچڻ، سطح تي ڪلر جي مختلف قسمن جي ٺهڻ جي سببن جو تعين ڪرڻ ۽ آخرڪار ڪلر جي نقصانڪار اثرن خلاف علاجي اپائن تي غور ڪرڻ جيئن زمين کي پوک لائق بنائي سگهجي.

هڪ ٻي تحقيقي رٿا ۾ زمين تي ڦٽندڙ مختلف گاهن ٻوٽن، زمين جي مٿاڇري جي ظاهري شڪل، زمين جي مٿاڇري جي اندرين حصن ۽ انهي جي هيٺان پاڻي جي سطح ۾ تعلق جو تعين ڪرڻ هو.

زمين جي مکيه درجي بندي هن ريت ڪئي وئي.

جريان نمبر                             درجي بندي            ڪتب آندل علامت

1. ڪارو ڪلر                                                          B.K

2. (الف) ڳوڙهو ناسي ڪلر                                                   B. I

(ب) هلڪو ناسي ڪلر                                                        B.II

3. (الف) اڇي داڻ داڻ جي نشانن وارو اڇو ڪلر                               W.I   

         (ب) گهاٽي اڇي داڻ داڻ سان اڇو ڪلر                                      W.II

انهي سان گڏو گڏ زمين جي نوعيت به نوٽ ڪئي وئي ته اها پڪي آهي، ڏريل آهي يا اڀا ميل آهي.

گاهه ٻوٽا نوٽ ڪرڻ وقت اهو به ڏٺو ويو ته انهن جي ڦوٽهڙي جو مقدار ڪيترو آهي.

زمين جي تفصيلي تحقيق کي ٻن مکيه حصن ۾ ورهايو ويو هو.

(الف) اوڀر اولهه ۾ هڪٻئي کان پنج فرلانگ پري کڏا کوٽڻ ۽ اتر ڏکڻ ۾ هڪٻئي کان 4/6 فرلانگ پري کڏا کوٽڻ. عارضي کڏا 30 فوٽ هوندا ۽ وچ وارا کڏا پاڻي جي سطح کان ٻه فوٽ هيٺ کنيا ويندا.

(ب) ٽي فوٽ کڏن جي ذريعي عام طور هرهڪ سروي نمبر جي زمين جي اندروني سطح جي تفصيلي درجي بندي ڪئي وئي.

(ج) زمين تي ڦٽندڙ ٻوٽن گاهن جي تفصيلي درجي بندي ڪئي وئي جنهن ۾ وڻن ٻوٽن ۽ گاهن جو ڌار ڌار درجو ٺاهيو ويو.

زمين تي ٿيل ڪم مان هيٺيان پلان تيار ڪيا ويا.

(1)علائقي جو انڊيڪس پلان

(2) زمين جون ٻاهريون ليڪون (Contours) ڏيکاريندڙ پلان

(3) کڏن جي Cross section ڏيکاريندڙ پلان

(4) واري ۽ مٽي واريون پٽيون (Belts)ڏيکاريندڙ پلان

(5) علائقي جا Hydro- Iso- Baths ڏيکاريندڙ پلان

(6) پاڻي جي سطح جا Salinity Contours ڏيکاريندڙ پلان

سينٽرل بورڊ آف ايريگيشن جي سب ڪاميٽي جي سفارش جي روشني سن 1933ع کان 1937ع دوران ڪلراٺن ٽڪرن جي پهرئين درجي بندي ٿيڻ کانپوءِ اهو طي ڪيو ويو ته جتي لوڻياٺيون زمينون عام آهن اتي اهو ڏسڻ لاءِ زمين جي مڪمل سروي ڪئي وڃي ته ڇا پوک لاءِ غير مناسب ايراضي ۾ ڪا واڌ ته نه آئي آهي. زمينن جي نئين سردرجي بندي جو ڪم 1937ع ۾ شروع ڪيو ويو.

پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ پاران زمينن کي ڪلر کان آجو ڪرڻ جو ڪم اڃا شروع نه ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ ڊرينيج ائنڊ ريسرچ سرڪل کلڻ سان (جنهن ۾ زراعت کاتي مان ڊيپوٽيشن تي هڪ ريڪليميشن آفيسر پڻ هو) تجويزون ۽ شروعاتي رٿائون تيار ڪيون ويون هيون. تڏهن اهو سمجهيو ويو ته سنڌ جو فوري مسئلو اهو نه هو ته ڪلر اٺين زمينن کي ڪلر کان آجو ڪرائي وڌيڪ ايراضي پوک هيٺ آڻڻ لاءِ ٽڙيل پکڙيل رٿائون ٺاهيون وڃن پر فوري مسئلو اهو هو ته زمينن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. انهي سلسلي ۾ پهرئين قدم طور اهو فيصلو ڪيو ويو  ته سال 1932ع ۽ سال 1945ع يا 1946ع لاءِ بيراجي ۽ غير بيراجي علائقن ۾ سارين جي پوک جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا جيئن انهن کي سارين جي عام  مشهور ۽ موڪل وارن علائقن سان ڀيٽي سگهجي ۽ انهي ڄاڻ کي رٿائن ۾ شامل ڪري سگهجي. اهي انگ اکر 1947ع ۾ ورهاڱي تائين گڏ نه ٿي سگهيا تنهنڪري سارين ۽ گهٽ پاڻي وارن فصلن جي حوالي سان زيرزمين پاڻي جي سطح جي اڀياس مان اهو نتيجو ڪڍڻ کان اڳتي ڪو ڪم نه ٿي سگهيو ته زير زمين پاڻي جي سطح وڌڻ ۾ فقط ساريون ئي ڪو واحد عنصر نه آهن.

ريسرچ ڊويزن جي ايگزيڪيوٽر انجنيئر نومبر  1947ع ۾ چيو ته زمينن جي بحالي جي هڪ تفصيلي پروگرام جي تجويز آهي جيڪو ڊرينيج ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي نگهداشت هيٺ ريڪليميشن آفيسر پاران هلايو ويندو. تجويز ٿيل بحالي جي نظامن هيٺ ٻه تجرباتي ۽ بحالي فارم کُلڻا هئا هڪ زير زمين پاڻي جي اوچي سطح واري علائقي ۾ ۽ ٻيو زير زمين پاڻي جي هيٺاهين سطح واري علائقي ۾، انهي لاءِ جيڪي هنڌ چونڊيا ويا انهن ۾ ڳري، وچولي ۽ هلڪي ٽنهي قسمن جون زمينون شامل رکڻيون هيون. پر سن 1947ع ۾ ڊرينيج ڊويزن ۽ ڊرينيج سرڪل جي بند ٿيڻ سبب رٿائون ٺهڻ کان وڌيڪ ڪو ڪم نه ٿي سگهيو. بيگاري ۽ شڪارپور جي ڪمانڊ وارن علائقن ۾ اپريل 1950 ۽ 1951 لاءِ بيراج جي سموري ڪمانڊ لاءِ پاڻي سطح جي پوزيشن آبي هم عمق خطن (hydroisobaths) جي ٻاهرين حصن جو بيان ڏيندي 1950 ۽ 1951ع لاءِ زمين جي هيٺان پاڻي جي برابر  اونهائي ڏيکاري ٿي. اهو نوٽ بيگاري ۽ شڪارپور جي انهي تحقيق هيٺ آيل علائقي ۽ بيراج ڪمانڊ ۾ ساڄي ڪپ تي نارٿ ويسٽرن ڪينال، رائيس ڪينال ۽ دادو ڪينال ۽ کاٻي ڪپ تي روهڙي ڪينال ۽ ايسٽرن نارا سسٽم بابت آهي. انهي نوٽ مان ڪجهه ٽڪرا هت ڏجن ٿا.

بيگاري ۽ شڪارپور جي تحقيق هيٺ آيل علائقي ۾ بيگاري جي ڪمانڊ ۾ اپريل 1950ع ۽ 1951 ۾ زير زمين پاڻي لڳ ڀڳ 8 فوٽ هيٺ آهي. انهي ۾ ڪينال جي هيٺيان علائقا ۽ ڪينال جي منهن ۽ نور واهه سان گڏوگڏ هڪ ننڍو ٽڪر شامل نه آهي جتي ٻنهي ورهين دوران پاڻي زمين کان 4 کان 8 فوٽ هيٺ موجود هو. مٿئين ٽڪر ۾ پاڻي جي سراسري اونهائي اپريل 1951ع ۾ 8 فوٽ ۽ اپريل 1950ع ۾ 7 فوٽ هئي. ٻنهي سراسرين مان خبر پوي ٿي ته 1951ع ۾ سطح ڪرڻ گهرجي پرائين نه آهي ۽ انهي عدم  مطابقت جو اهم سبب ڪجهه جدا جدا پائيپن جي صورت ۾ 1950ع ۾ غير معمولي وڌيڪ چاڙهه هو.

بيراج جي ڪمانڊ هيٺ نارٿ ويسٽرن ڪينال هيٺ وارهه ۽ رتوديرو برانچن جي علائقي ۾ سن 1949ع وارن مشاهدن جي ڀيٽ ۾ پاڻي جي سطح هيٺ ڪري پئي. اپريل 1949ع ۾ ٺهيل Hydroisobath پلان ڏيکاري ٿو ته پاڻي زمين جي سطح کان 4 کان 8 فوٽ هيٺ هو جڏهن ته 1950 ۽ 1951 ۾ ساڳئي علائقي لاءِ ٺهيل پلان مان خبر پوي ٿي ته پاڻي سطح کان  گهڻو ڪري 4 کان 8 ۽ 12 فوٽن جي وچ ۾ رهيو.

رائيس ڪينال لاءِ ٻنهي ورهين جا هائڊرو آئسوباٿ پلان ڏيکارين ٿا ته پاڻي جي سطح گهڻو ڪري 4 کان 8 فوٽن جي وچ ۾ رهي. سواءِ ڪجهه مقامي ٽُڪرن جي جتي پاڻي يا ته چئن فوٽن تائين هيٺ يا 8 کان 12 فوٽ هيٺ آهي. البت ٻنهي پلانن جي ڀيٽ ڪرڻ سان اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته 1950ع جي پلان ۾ ظاهر ٿيندڙ علائقا جيڪي سطح کان چئن فوٽن تائين هيٺ پاڻي ڏيکارين ٿا اهي 1951ع واري پلان ۾ گهٽ ٿي ويا آهن.

دادو ڪينال جي ڪمانڊ ۾ زير زمين پاڻي جي سطح سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ جي علائقن جي ڪمانڊ جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. سن 1950ع ۾ رڪ کان هيٺ منهن کان نئون ديرو تائين پاڻي زمين جي سطح کان 12 فوٽ هيٺ هو.

اپريل 1949ع جي هائڊرو آئسو باٿس پلان مان  خبر پئي ته جمڙائو، مٺڙائو ۽ کپرو ڪينالن جي ڪمانڊ مان گهڻا انگ اکر موجود نه هئا ڇاڪاڻ ته پائيپن جو تمام گهڻو انگ يا ته بند ٿي ويو هو يا گم ٿي ويو هو. اها ڏاڍي بدقسمتي جي ڳالهه آهي جو سن 1950ع ۽ 1951 ۾ به ساڳئي صورتحال برقرار رهي جو گم ٿيل پائيپن جي جاء تي ٻيا پائيپ نه وڌا ويا نه ئي بند پائيپن کي صاف ڪيو ويو.

جڏهن سنڌ جي چيف انجنيئر ايريگيشن؛ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن آڏو 10 ۽ 11 نومبر 1953ع تي بيان ڏنو ته هن کان ٽي اهم سوال پڇيا ويا (1) ڇا بيراجي ڪينال سمورو وقت فل ليول تي ڪم ڪن پيا؟ جيڪڏهن نه ته گذريل ٽن ورهين دوران ڪينالن جي ڊسچارج ۾ جملي ڪيتري گهٽتائي آئي آهي (2) ڇا بيراج زون ۾ شروعات ۾ سمورن ڪينالن تي فصلن جي پوکي جو جيڪو حصو تجويز ڪيو ويو هو اها حد اچي وئي آهي؟ جيڪڏهن نه ته اها ڪيتري حد تائين حاصل ٿي آهي ۽ پورائو نه ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهي؟ (3) ڇا بيراجي ڪينالن جي ڊسچارج جي ماپ ڪرڻ جو ڪو امڪان آهي؟ جيڪڏهن ها ته ڪيتري حد تائين ۽ ان تي تي اندازاً خرچ ڪيترو ايندو؟ سنڌ جي چيف انجنيئر ايريگشن انهن ٽنهي سوالن جا هي جواب ڏنا (1) بيراجي ڪينال سمورو وقت فل ليول تي ڪم نه ٿا ڪن ڇو ته پاڻي جي سپلاءِ جو دارو مدار فصلن جي ضرورتن تي هوندو آهي پر ڪجهه وقت اهڙا ايندا آهن خاص طور سياري ۾ جڏهن درياء مان سپلاءِ مقرر حصن کان گهٽ ملندي آهي. جيڪڏهن گذريل ٽن ورهين کي مدنظر رکيو وڃي ته سپلاءِ مقرر حصن کان هيترا ڏينهن گهٽ  رهي:

وقت

جنوري

فيبروري

مارچ

جملي

51- 1950ع

4

20

21

45

52- 1951ع

3

14

23

40

53- 1952ع

20

26

31

77

53- 1952 جي سياري ۾ ڊسچارج ۾ کوٽ 25 کان 30 سيڪڙو هئي  (2) خريف جي 27 سيڪڙو  intensty وڏي حد تائين حاصل ڪئي وئي آهي ۽ اڃا انهي کان ڪجهه واڌ به ٿي آهي. هاڻي ڪوشش ٿي رهي آهي ته انهي کي 30 کان 35 سيڪڙي ۽ پوءِ 40 سيڪڙي تائين وڌايو وڃي. جيستائين ربيع جي 54 سيڪڙو intensity جو تعلق آهي. اها حاصل نه ٿي آهي ۽ انهي کان وڌيڪ شرح حاصل ڪرڻ جو امڪان نه آهي. هاڻي اها ربيع intensity 25 کان 35 سيڪڙي جي وچ ۾ آهي. ڪجهه جاين تي جتي خريف جا گهٽ پاڻي وارا فصل پاڇاٽا پوکيا وڃن ٿا اتي 40 سيڪڙي تائين شرح حاصل ڪئي وئي آهي. وقت سان گڏوگڏ جيئن پاڻي جو وڌيڪ ڪفايتي استعمال ڪيو ويندو تيئن انگن ۾ بهتري ايندي ويندي. ربيع جي گهٽ intentity جو سبب اهو آهي ته خريف ۾ ڦٽين جو پاڻي پورو ٿيڻ کانپوءِ ڪڻڪ جي پوکي جو وقت ٿورو هوندو آهي. اميد آهي ته انهن انگن ۾ بتدريج بهتري ايندي ويندي ۽ اسانکي اميد ڪرڻ گهرجي ته خريف intensity چاليهه سيڪڙي تائين وڌندي ۽ ربيع لاءِ به ساڳيو انگ بيهندو (3) بيراجي ڪينالن جون ڊسچارجون اڳيئي بيراج ڊويزن پاران ماپيون وڃن ٿيون. اهو ڪم عام معمول مطابق ڪيو وڃي ٿو. تنهنڪري اندازاً خرچ جو سوال ئي نه ٿو پيداٿئي البت انهن ماپن ۾ 3+ کان 3- تائين  غلطي جي گنجائش رهندي آهي ۽ انهن کان وڌيڪ  تُز ماپن جي توقع نه ٿي ڪري سگهجي.“ 

سنڌو درياء تي سکر بيراج سکر شهر ڏانهن منهن
 

غلام محمد بيراج ڪوٽري
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27

 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org