سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:19 

سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن پاران پڇيل سوالن جي جواب ۾ حڪومت سنڌ جي فنانس ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري مسٽر اي. جي. ايم قاضي 1954ع ۾ بيان ڪيو ته عوام جون بچتون ايتريون ته ٿورڙيون هيون جو اهي وڏي پيماني تي صنعتي عمل لاءِ گهربل سرمايه ڪاري لاءِ موڙي (Capital) جي تشڪيل نه ڪري سگهن ها. هن جو چوڻ هو، ”حقيقت اها آهي ته صوبي ۾ موڙي جي تشڪيل جو عمل تمام سُست رهيو آهي. بدقسمتي اها آهي جو تز انگ اکر موجود نه آهن. البت اها ڳالهه پڌري آهي ته خود صوبي جي ماڻهن جي جملي آمدني 100 کان 150 ڪروڙن جي اندر آهي. انهي مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته فقط بچتون، جيڪي ترقي يافته ملڪن ۾ به 5 کان 10 سيڪڙو هونديون آهن. شايد ايتري پيماني تي موڙي جي تشڪيل نه ٿيون ڪري سگهن جيڪا جيئن ته ڪميشن سوچ ڪئي آهي انهي سموري آدمشماري کي صنعتن ۾ جذب ڪري سگهي. انهي دوران زرعي ڪمن ڪارين لاءِ سرمايه ڪاري دستياب وسيلن مطابق بهترين نموني ٿي رهي آهي. جيستائين زرعي جنسن جون قيمتون مٿي رهن ٿيون ۽ امڪان به اهوئي آهي ته اهي مٿي رهنديون ۽ آبادي جي واڌ ۽ اناج ۽ ڪپهه مان ٺهيل شين جي دائمي وڌندڙ ضرورت جو پورائو ڪرڻ کي مد نظر رکندي امڪان اهو آهي ته زميندار طبقي کي چڱي اطمينان بخش آمدني ٿيندي رهندي جنهن مان هو ڪڙمين کي اوڌر ڏيندو رهندو. في الوقت شايد انهي کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿو چئي سهگجي. ڪو آپريٽو سوسائٽين جي اهميت ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ قرض ڏيڻ بابت سرڪاري رايو گهڻو وڻندڙ نه آهي. سنڌ جي رجسٽرار ڪو اپريٽو سوسائٽيز 1953ع ۾ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ صوبي ۾ 331 ڪو آپريٽو سوسائٽيون ڪم ڪري رهيون هيون. انهن مان 187 زرعي قرض ڏيندڙ سوسائٽيون هيون جيڪي هنن درجن ۾ ورهايل هيون: 6 زمينداري بئنڪون، 16 تعلقي ائگريڪلچرل بئنڪون، 2 ملٽي پرپز سوسائٽيون، 33 ري آرگنائيزڊ سينٽرل سوسائٽيون، 3 فارمنگ سوسائٽيون ۽ 127 ان لميٽيڊ پرائمري ائگريڪلچرل سوسائٽيون. انهن سان گڏوگڏ شڪارپور گرين سيل سوسائٽي لميٽيڊ نالي هڪ ائگريڪلچرل نان ڪريڊٽ سوسائٽي پڻ هئي. رجسٽرار چوي ٿو ته انهي هلچل جي شروعات ۾ گهڻو ڌيان ائگريڪلچرل ڪو آپريٽو ڪريڊٽ کي وڌائڻ جي پاسي هو، سنڌ جي مختلف حصن ۾ شروعاتي مرحلن ۾ ٺاهيل پرائمري ائگريڪلچرل ڪو آپريٽو سوسائٽيون پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيون. ويهين صدي جي پهرين چئن ڏهاڪن دوران ڪو آپريٽو سوسائٽين جي ڪم جو تجربو ڏيکاري ٿو ته پرائمري وليج سوسائٽيون پنهنجين مخصوص حالتن ۾ موزون ثابت نه ٿيون. انهن جي ڪامياب نه ٿيڻ جا ڪجهه سبب هي آهن ته ڪي منظم ڳوٺ ۽ مواصلات جا ذريعا ڪونه آهن، ڳوٺ جي مکي کي تمام گهڻو اثر حاصل آهي هو ۽ هن جا مٽ مائٽ اداري تي ڪنٽرول هلائين ٿا، عوام تعليم کان بلڪل وانجهيل آهي، ۽ نتيجي طور انهي ۾ ڪو جمهوري روح ڪونهي، ڏهه سيڪڙو جيتري گهٽ تعليمي شرح سبب ترقي جو پري پري تائين ڪو امڪان ئي نه آهي. سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ لاءِ تربيت يافته ماڻهن جي کوٽ آهي. سوسائٽيون گهٽ موڙي سبب Head charges جو پورائو پڻ نه ٿي ڪري سگهيون. مناسب نگهداشت جي کوٽ، ڳوٺن ۾ ڳوٺ جي زميندار کان آزاد ڪنهن رهائش جو بندوبست نه هئڻ جنهن ۾ انسپيڪٽر ۽ عملو رهي سگهي، چيئرمئن ۽ ڪاميٽي ميمبرن پاران سوسائٽي جي فنڊن جو غلط استعمال ۽ ٻين جي نالن تي فرضي قرض جاري ڪرڻ. انهن دشوارين کي مدنظر رکندي رجسٽرار چوي ٿو: ڳوٺن ۾ ڪنهن ترقي يافته جمهوري ملڪ جي محفوظ طرز تي پرائمري ائگريڪلچرل سوسائٽيون ٺاهڻ ممڪن نه آهي. ڇو ته اهڙي قسم جي ادارن جي واڌ ويجهه لاءِ جمهوري سوچ تمام مضبوط سهارو هوندي آهي. ڪو آپريٽو تحريڪ سن 1918ع ۾ سرگرمي سان وجود ۾ آئي. تڏهن سنڌ صوبو بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هو. تڏهن کان هر قسم جون 656 نيون سوسائٽيون رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهن ۽ 750 سوسائٽيون بند ٿي ويون آهن. تنهنڪري في الوقت ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ قرض ڏيڻ لاءِ ڪو آپريٽو سوسائٽين تي گهڻو دارومدار نه ٿو رکي سگهجي. جيستائين زراعت جي مجموعي طور ۽ زرعي ڪارڪن جي انفرادي طور پيداواريت وڌائڻ جي اپائن جو سوال آهي ته انهي بابت ڪيترائي مسئلا غور طلب آهن جهڙوڪ زمين جي ايڪڙن جي لحاظ کان مناسب حد، وڏيون زمينداريون ڀڃي زمينن جي ورهاست، آباديءَ جا سڌريل طريقا، آبادي ۾ واڌ جو اثر جنهنجي جي شرح لڳي ٿو ته 1.4 سيڪڙو سالياني آهي. انهي جي نتيجي ۾ ملڪ جي غذائي رسد تي دٻاءُ پوندو ۽ زرعي شين جي قيمت تي پڻ اثر پوندو. پروفيسر آرائين کان پڇيو ويو ته هو زمين جي مالڪي جي ڪفايتي حد ڇاکي ٿو سمجهي ته سندس رايو هو ته خود آباد ڪندڙ هاري لاءِ بيراجي خشڪ فصل لاءِ 64 ايڪڙ ۽ بيراجي سارين جي ايراضي لاءِ 32 ايڪڙ. هن جي راءِ ۾ ڪنهن زميندار لاءِ زمين جي گهٽ ۾ گهٽ حد جنهن جي ذريعي هو رهڻي ڪهڻي جو سٺو معيار برقرار رکي سگهي ۽ پنهنجن ٻارن کي ڪاليج ۾ تعليم ڏياري سگهي اها آهي بيراجي خشڪ فصلن واري ايراضي ۾ 320 ايڪڙ ۽ بيراجي سارين جي فصل واري ايراضي ۾ 160 ايڪڙ. ظاهر آهي ته ايتري پکيڙ وارين زميندارين قائم ڪندي جيڪڏهن سنڌ جي سموري زمين پوکي راهي ڪندڙ هارين ۾ ورهائي ويندي ته اها هارين جي ايتري انگ لاءِ گذر سفر جو ذريعو مهيا ڪرڻ لاءِ ڪافي نه ٿيندي جيترا هاڻي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. حقيقت اها آهي ته سنڌ حڪومت انهي مفروضي تي ڪم ڪري رهي هئي ته زمين پاڻ آبا دڪندڙ هاري لاءِ زمين جي گهٽ ۾ گهٽ ڪفايتي حد تقريباً 20 ايڪڙ ٿيندي. هاڻي سنڌ ۾ جيتري زمين دستياب آهي اها جيڪڏهن  انهي تخفيف ڪيل انگ مطابق ورهائي وڃي ته به اها سڀني ماڻهن ۾ پوري نه پوندي. تنهنڪري مستقبل ۾ ڀلي ڪجهه به ٿيڻو هجي پر في الحال اهڙو ڪو امڪان نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته موجوده زميندارين کي ورهائي ٽڪرا ڪرڻ جي ڪابه رٿا قومي معيشت لاءِ موجوده نظام کان وڌيڪ فائديمند ٿيندي جنهن ۾ وڏيون، وچوليون ۽ ننڍيون جاگيرون موجود هئڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو انگ خود آباد ڪندڙ ڪڙمين جو پڻ آهي. نه ئي انهي ڳالهه جو ڪو امڪان آهي ته ٿور مدتي زرعي قرض مهيا ڪرڻ لاءِ موجوده هاري زميندار تعلق واري نظام کان ڪو نظام بهتر نتيجا ڏئي سگهي ٿو. پوکي جي ڪم ۾ سڌارن کان سواءِ، جيڪو شايد سڀ کان وڌيڪ اهم آهي؛ زراعت جي پيداواريت وڌائڻ لاءِ زرعي ڪمن ۾ مشينون ڪتب آڻڻ ۽ ڪو آپريٽو فارمنگ پڻ مکيه طريقا آهن. البت فنانس سيڪريٽري مسٽر قاضي انهي راءِ جو آهي ته وڏي پيماني تي مشيني عمل جي ضرورت نه آهي. هن سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن جي آڏو چيو: ”اسان کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته ايندڙ ڪيترن ورهين تائين سنڌ جي معيشت وڏي حد تائين زراعتي رهندي ۽ آبادي جي وڏي حصي کي زراعت تي دارومدار رکڻو پوندو. سموري زرعي عمل کي مشيني ڪرڻ جي ڪوشش جي ضرورت نه ٿي محسوس ٿئي ڇاڪاڻ ته انهي سان واڌو بيروزگار زرعي آبادي ۾ اضافو ٿيندو جنهن کي ايندڙ گهڻي وقت تائين صنعت ۾ جذب نه ڪري سگهبو.“ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن سنڌ۾ زراعت ۾ مشيني عمل ۾ واڌارو ڪرڻ بابت محتاط تجويز ڏني. ڪميشن چيو: ”بيراجي علائقي ۾ زمين جا وسيع ٽڪرا اڃا غيرآباد پيا آهن ۽ ٻين ٻن بيراجن سان پڻ ڪيتري ئي نئين غير آباد زمين سيرابي هيٺ ايندي. زرعي مزدورن جي کوٽ سبب اسان کي خدشو آهي ته انهن ايراضين کي مشينري جي مدد کان سواءِ سڌارڻ ناممڪن هوندو. زرعي ميدان ۾ مشيني عمل متعارف ڪرائڻ سان هڪ آبادگار سولائي سان وڏي زمين آباد ڪري سگهندو ۽ ان جي سار سنڀال لهي سگهندو نتيجي ۾ هن جي ڪم جو وڏو وقت گهٽجي ويندو جنهن سبب هن کي ثقافتي ۽  سماجي ڪم لاءِ چڱو وقت ملي ويندو.“ ڪميشن هن حقيقت ڏانهن به ڌيان ڇڪرايو ته مسلسل ۽ زوردار پوک ڪرڻ سبب زمين تمام سخت ۽ ڀنجؤ واري ٿي پئي آهي جنهن کي ڍڳن ۽ پراڻي زماني جي هر سان هر ڏيڻ تمام ڏکيو ٿئي ٿو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن هڪ ته ڪوس سبب ۽ وري گهوڙن کي هر ۾ ڪتب نه آڻڻ سبب صوبي ۾ دستياب ڍڳن جي انگ ۾ وڏي کوٽ ٿي پئي آهي ته انهن دشوارين کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ضروري ٿي پوندي. ڊائريڪٽر آف ائگريڪلچر، ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو: ”ائگريڪلچرل انجنيئرنگ سيڪشن زميندار ۽ هارين کي ”نه نفعو نه نقصان“ جي بنياد تي مسواڙ تي ڏيڻ لاءِ وڏي هارس پاور وارن ٽرئڪٽرن جو هڪ وڏو تعداد دستياب ڪري رکيو آهي انهن جي طلب وڌندي پئي وڃي ۽ کاتو ٽرئڪٽرن جي محدود انگ سبب ضرورتون پوريون نه ٿو ڪري سگهي جيستائين ننڍن کاتيدارن جو تعلق آهي ته انهنکي انهيءَ ۾ دلچسپيءَ نه آهي. چند وڏن زميندارن پنهنجي زمين آباد ڪرڻ لاءِ جزوي طور مشيني عمل شروع ڪيو آهي. انهي پروگرام کي وڏي پيماني تي هلائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ پاسي زرعي مزدورن جي جاءِ والاريندو جن جي لاءِ ڪو متبادل ڌنڌو نه آهي ٻئي پاسي وري مرمت، نگهداشت ۽ اسپيئر پارٽس جو ڪو بندوبست ڪونهي جنهن سان آبادگارن لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون تنهنڪري انهي رخ ۾ ترقي جي رفتار تمام سُست آهي. بهرحال 26 لک رپين جي لاڳت سان وڏي طاقت وارا ٽرئڪٽر خريد ڪرڻ جي هڪ رٿا تيار ڪئي وئي آهي. اهو پراجيڪٽ پنجن ورهين تي پکڙيل آهي. پهرئين سال لاءِ گهربل ساز سامان 52-1951ع ۾ خريد ڪيو ويو ۽ ٻئي سامان لاءِ حڪومت کان منظوري وٺڻي هئي.“ جڏهن سر راجر ٿامس کان سنڌ ۽ خيرپور ۾ زراعت ۾ مشيني عمل شروع ڪرڻ بابت راءِ پڇي وئي ته هن جواب ڏنو: ”ڪجهه مغربي ملڪن ۾ جنهن وڏي پيماني تي مشيني عمل شروع ڪيو ويو آهي آءٌ اهڙي سطح جو ڪم پاڪستان ۾ ڪرڻ جو حامي نه آهيان. آءٌ جزوي مشنيي عمل جو حامي آهيان جنهن ۾ فقط وڏا وڏا ڪم مشينن ذريعي ڪيا ويندا اهڙي ريت ٻنين تي موجوده ڪم ڪندڙ به رُڌل رهندا. جزوي طور مشيني عمل شروع ڪرڻ جا فائدا اهي ٿيندا جو زمين سٺي نموني تيار ڪرڻ سان اُپت وڌندي، گند گاهه تي ڪنٽرول ٿيندو، هر سٺا ايندا، ڍڳن واري ڪشالي کان بچي وڃبو ۽ انهي جي نتيجي ۾ جيڪي زمينون گاهه لاءِ ڪتب اچن ٿيون اهي غذائي ۽ روڪ فصلن لاءِ ڪم اينديون ۽ ٻني جي پيداوار جي بار برداري جي خرچ ۾ به بچت ٿيندي. فارم تي محدود انداز ۾ مشيني عمل شروع ٿيڻ جو اهم ۽ واڌو فائدو اهو ٿيندو جو ڳوٺاڻي معيشت ۾ ڪو رخنو نه پوندو جو انهي سان موجوده زرعي مزدور غير ضروري طور بيڪار ٿيڻ کان بچي ويندا. ننڍين زمينن جي ضرورتن جو پورائو اهڙي طرح ڪري سگهجي ٿو جو انهن تي ٽرئڪٽرن ۽ ٽرئڪٽرن ذريعي هلندڙ مشينري گڏيل طور ڪم آندي وڃي. هيٺاهين سنڌ بيراج ذريعي سيراب ٿيندڙ علائقن ۾ انهي ڳالهه جو خدشو موجود آهي ته پاڻي جو گهڻو مقدار غلط استعمال ۾ ايندو ۽ جيستائين حڪومت انهي آفت کي منهن ڏيڻ جا اپاءُ نه ٿي وٺي پراجيڪٽ جي شروعاتي ورهين ۾ زمين جي وڏن ٽڪرن کي دائمي ۽ ناقابل تلافي نقصان ڏيندو رهندو. انهن زمينن جي وڏي حصي تي مشينون ڪتب آڻڻ نه فقط بهتر پر ضروري ڳالهه آهي جو انهي سان موجوده زرعي مزدورن کي ڪم ۾ سهائتا ملندي. حڪومت کي پنهنجون زمينون عارضي طور ليز تي ڏيڻ لاءِ پنهنجن شرطن ۾ ڪي اهڙيون شقون رکڻ گهرجن جيئن انهن تي طي ٿيل پيماني مطابق مشيني عمل شروع ٿي سگهي.“

تنهنڪري لڳي ٿو ته سنڌ ۽ خيرپور ۾ مشيني عمل کي وڌائڻ جا امڪان سٺا آهن بشرطيڪه نئون نظام مرحليوار شروع ڪيو وڃي ۽ ڪم ايندڙ ٽرئڪٽرن ۽ ٻين ميڪانيڪي اوزارن جي صحيح نموني سار سنڀال لاءِ سروس ۽ مينٽيننس ڊپو به کوليو وڃي. سنڌ ۽ خيرپور ۾ پوک مان اپت وڌائڻ لاءِ تجويز ڪيل ٻيو اهم طريقو ڪو آپريٽو فارمنگ سان لاڳاپيل آهي. انهي بابت سر راجر ٿامس جا خيال هي آهن: ”منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ موجوده حالتن ۾ ڪو آپريٽو فارمنگ جي جنهن واحد نظام جي ڪامياب ٿيڻ جو جيڪڏهن ڪو امڪان آهي ته اهو هي آهي ته حڪومت پنهنجين سرڪاري زمينن تي فصلن پوکڻ ۾ آبادگارن سان گڏجي ڪم ڪري ۽ هڪ بورڊ جي صورت ۾ پنهنجا نمائندا مقرر ڪري يا زمين جي هر رخ کان بندوبست ۾ شامل ٿئي. انهي طريقي سان سوڊان ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي. ڪڙمين کي ڪي به مالڪاڻه حق نه ڏنا ويندا. البت انهنکي ڪفايتي ڪٽنبي زمينن تي آبادي جا حق ڏنا ويندا. حڪومت فارم جي انتظاميه ۾ اسٽيٽيوٽري بورڊ ذريعي شامل ٿيندي جنهن جا فرض ۽ ذميواريون واضح ڪرڻيون پونديون. ڪنهن به قسم جي ٽئڪس يا آبيانا روڪ صورت ۾ نه ورتا ويندا. زمين تي سرڪاري محصول پوکيل فصلن مان حصي جي صورت ۾ ورتا ويندا. محصول ۾ فارم جي انتظام ڪاري ۾ بورڊ جي ڪم ڪارين تي ايندڙ خرچ پڻ شامل هوندا.“ هو انهي نتيجي تي پهچي ٿو ته: ”آءٌ پر زور سفارش ڪريان ٿو ته هيٺاهين ۽ مٿاهين سنڌ بيراج پراجيڪٽن مان سيراب ٿيندڙ سرڪاري زمينن تي وڏي پيماني تي انهي انداز جي ڪو آپريٽو فارمنگ شروع ڪئي وڃي. حڪومت کي انهي قسم جي ڪم مان جيڪو تجربو ملندو انهي سان زمينداري زمينن تي ڪي بهتر لئنڊ ٽينيوئر سڌارا آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي.“ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن سر ٿامس راجر سان انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ۽ سندس انهيءَ تجويز سان سهمت ٿيندي سفارش ڪئي ته هيٺاهين سنڌ بيراج ۾ 50000 ايڪڙ ۽ مٿاهين سنڌ بيراج ۾ 50000 ايڪڙ ڪو آپريٽو  فارمنگ نظام تحت تجربو ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن جون تجويزون سنڌ حڪومت ڏانهن موڪليون ويون ۽ هاڻي جيئن ته اها حڪومت مغربي پاڪستان حڪومت ۾ ضم ٿي چڪي آهي تنهنڪري سنڌ ۽ خيرپور ۾ ڪو آپريٽو فارمنگ بابت سفارش تي ڪوبه فيصلو مغربي پاڪستان حڪومت تي ڇڏيو وڃي.

سنڌ ۽ خيرپور جي زرعي معيشت جي مکيه خصوصيتن بابت هن بيان کي پڄاڻي تي پهچائيندي ڪجهه لفظ انهن ڪوششن بابت چوڻ ضروري آهن جيڪي حڪومت گذريل ستر ورهين دوران زميندارن جي قرضداري بابت قانونسازي جي ڏس ۾ ڪيون آهن. زير بحث قانون هي آهن. سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ائڪٽ ۽ انهي ۾ مختلف ترميمون ۽ ڪورٽ آف وارڊس ائڪٽ جيڪي زميندار طبقي جي فائدي لاءِ ٺاهيا ويا هئا ۽ دڪن ائگريڪلچرلسٽس رليف ائڪٽ جيڪو سنڌ ۾ 1901ع ۾ زراعت پيشه ماڻهن جي مالي حالت ۾ بهتري آڻڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو. انهي سان گڏوگڏ بالترتيب 1884ع ۽ 1883ع جا ائگريڪلچرلسٽس ۽ لئنڊ امپروومينٽ لونس ائڪٽ زميندارن جي خاص طور دڪن ائگريڪلچرلسٽس رليف ائڪٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ وڏي مدد ڪئي آهي. انهي ائڪٽ جو اثر اهو ٿيو جو انهي زراعت پيشي توڙي وياج خور ٻنهي جو قرض ختم ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته عام حالت ۾ زمين جو مالڪ وياج خور هوندو هو ۽ هڪ زراعت پيشي جي حيثيت ۾ سرمايه ڪار جي برخلاف پنهنجي حيثيت جو فائدو وٺندو هو جنهن کان هو پنهنجو ڪاروبار هلائڻ لاءِ اوڌر وٺندو هو. انهي جي نتيجي ۾ پئسو هٿ ڪرڻ ۾ جيڪي دشواريون پيش اچڻ لڳيون چيو وڃي ٿو ته انهي زراعت کي وڏو نقصان پهچايو پر انهي ڳالهه جو لونس ائڪٽ کانسواءِ به اهوئي اثر ٿئي ها. پر اها ڳالهه ڪنهن به شڪ شبهي کان بالا آهي ته انهن ناجائز پئسو ڪمائڻ ۽ اجائي خرچ کي روڪڻ توڙي غريب زميندارن کي ڏکيائين مان آجو ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ائڪٽ جو مقصد زميندارن ۽ جاگيردارن جي غير منقوله ملڪيت جو بندوبست رکي انهن جا قرض ختم ڪرڻ آهي. ڪورٽ آف وارڊس ائڪٽ جو مقصد انهن مردن توڙي عورتن جي ملڪيت جي نگهداشت ڪرڻ آهي جيڪي پنهنجي عمر يا ذهني يا جسماني نا پختگي سبب پنهنجي ملڪيت سنڀالڻ کان قاصر آهن. اهڙي طرح اها ملڪيت ضايع ٿيڻ کان بچي ويندي. هيٺئين جدول مان سنڌ ۾ 1947ع کان سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ائڪٽ ۽ ڪورٽ آف ورارڊس ائڪٽ جي عملڪاري جي خبر پوي ٿي.

سنڌ۽ خيرپور ۾ صنعتي عمل جي صورتحال

سنڌ صنعتي عمل ۽ شهري آبادي وڌڻ کان ڪيترو پري آهي اها ڳالهه 1951ع جي آدمشماري مان ظاهر ٿئي ٿي. انهن انگن اکرن مطابق زراعت کانسواءِ ٻين ڌنڌن مان روزگار حاصل ڪندڙ آبادي مان هر ويهن ماڻهن مان فقط هڪ ڪنهن صنعت ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ سنڌ ۾ 1951ع ۾ جملي آبادي ۾ شهري آبادي جو تناسب 14.7 هو يعني ستن مان لڳ ڀڳ هڪ فرد. شهري آبادي جو وڏو حصو خود حيدرآباد ۾ آهي. جنهن جي آدمشماري 1951ع ۾ 241،000 هئي. حقيقت ۾ سموري ريجن ۾ فقط حيدرآباد ئي واحد چڱو شهر آهي ۽ 1951ع ۾ انهي جي آبادي هڪ ملين جي چوٿين حصي تائين پهچڻ جو گهڻو سبب اهو هو جو شهرن ۾ رهندڙ پناهيگيرن جو وڏو حصو اتي پهچي ويو جن جي تعداد وڏي تعداد ۾ ترقي يافته هندن جي نڪري وڃڻ جو پورائو ڪري ڇڏيو. اهي هندو واپاري ۽ ڪاروباري طبقن سان تعلق رکندا هئا. جڏهن هن گزيٽيئر جو ڪمپائيلر ٽيهه ورهيه اڳ حيدرآباد جو ڪليڪٽر هو ته شهر جي حدن ۾ رهندڙ آبادي جو انگ 80،000 کان وڌيڪ نه هو. جيئن ته صنعت جو عمل ۽ شهرن جي وڌڻ جا ڪم عام طور گڏوگڏ ٿيندا آهن تنهنڪري اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌ اهي مخصوص صنعتي حالتون حاصل ڪرڻ کان اڃا تمام پري آهي جيڪي مغرب جي ترقي يافته ملڪن ۾ عام آهن. سن 1951ع جي آدمشماري مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ خيرپور جي 458،000 غير زرعي ليبر فورس مان ڪارخانن جي هنرمند مزدورن جي طبقي ۾ فقط 76000 مزدور اچن ٿا جڏهن ته وڪري ڪندڙ ۽ دڪاندار جيڪي واپارين جي طبقي ۾ اچن ٿا انهن جو انگ فقط هڪ لک آهي. زراعت کانسواءِ ڪارخانن ۽ ڪاروبار ۾ جملي روزگار سان لڳل آبادي جو فقط 12 سيڪڙو آهي. سنڌ ۽ خيرپور جي غير زرعي شهري ليبر فورس جي ورهاست هن جدول ۾ ڏيکاريل آهي:

مکيه اقتصادي شعبا

جملي ڪارڪن

جملي شعبا

457942

8505

ٻيلا

101

ماهيگيري

10314

222

کاڻيون

514

مينوفيڪچرنگ

81139

1184

تعميرات، يوٽيلٽيز

8159

25

واپار، تجارت

116271

1153

ٽرانسپورٽ، جهاز راني، بندرگاهه

18717

52

پوسٽ، مواصلات

751

تعليم

8177

227

طب

4022

482

گورنمينٽ، ميونسپل

42449

135

گهريلو ۽ شخصي خدمتون

51380

1684

مذهب، آرٽ، پبلڪ انفارميشن

3447

387

ٻيا ۽ ڪنهن شعبي ۾ نه ايندڙ

112601

2954

انهن ۾ دفاعي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ اقتصادي طور غير سرگرم فرد شامل نه آهن.

صنعت جي جدول – صوبو سنڌ

سن 1948ع، 1949ع ۽ 1950ع

 

صنعت جو نالو

1948ع

1949ع

1950ع

1.      

ڪڻڪ جو اٽو

5

5

6

2.     

رائيس مل

96

95

93

3.     

بسڪوٽ ٺاهڻ

6

6

6

4.     

شراب ٺاهڻ

1

1

1

5.     

کاڄرو گيهه تيل پيڙهڻ، صاف ڪرڻ

3

3

3

6.     

سيمينٽ

1

1

1

7.     

شيشو ۽ شيشي جو سامان

1

1

1

8.     

عام انجنيئرنگ ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ

5

5

7

سن 53-1951ع ۾ سنڌ ۾ مينوفيڪچرنگ ادارن جو تعداد

 

صنعت جو نالو

1951ع

1952ع

1953ع

 

جملي

263

261

285

1.      

ڪڻڪ جو اٽو

6

6

5

2.     

رائيس مل

94

94

9

3.     

بسڪوٽ ٺاهڻ

6

6

0

4.     

شراب ٺاهڻ

1

1

5

5.     

کاڄرو گيهه تيل پيڙهڻ صاف ڪرڻ ٺاهڻ

4

4

3

6.     

کلون رڱڻ

1

1

--

7.     

سيمينٽ

1

1

3

8.     

شيشو ۽ شيشي جو سامان

1

1

2

9.     

ڪپهه ڌاڳو ٺاهڻ ۽ ڪپڙو ٺاهڻ

--

1

3

10.              

جنرل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ

6

6

5

11.  

جوتا ۽ چمڙي جو سامان ٺاهڻ

1

1

1

12.              

زري ۽ ٻيون اڻت جون شيون

--

--

1

13.              

ڪپهه ٽاڻڻ ۽ پريس ڪرڻ

130

127

125

14.              

ريشم ۽ هٿرادو ريشم

1

1

1

15. 

بجلي پيدا ڪرڻ ۽ پهچائڻ

3

3

4

16.              

ريلوي ورڪشاپ، مرمت ۽ انجڻين جي مرمت

5

5

5

17.              

ريل جا گاڏا ٺاهڻ

1

1

1

18.              

ڪنهن خاص شعبي ۾ نه ايندڙ صنعتون

2

2

4

مهاجرن جي ڌنڌي وار ورهاست جنهن چٽي نموني مقامي سنڌ جي آبادي جي ڌنڌي وار ورهاست کان مختلف آهي اها هنن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿي. مهاجرن جي جملي 550،000 آبادي مان 358،000 غير زرعي ليبر فورس تي دارومدار رکندڙ هئا انهن جو تعداد 130،000 هو. جڏهن ته زرعي ليبر فورس ۾ اهي فقط 6000 جي تعداد ۾ هئا. وڌيڪ تفصيل هن ريت آهي ته 56100 مهاجر زراعت ۾ هئا، 37700 واپار ۽ تجارت ۾؛ 24200 مينوفيڪچرنگ ۾؛ 10700 سرڪاري نوڪرين ۾؛ 9900 گهريلو ۽ خانگي نوڪرين ۾ ۽ 6520 ٽرانسپورٽ ۾ هئا. ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل ماڻهن جو انگ 36000، انتظامي ۽ مينيجري 1500 ۽ ڪلارڪي ڪم ڪندڙڻ جوا نگ 1120 هو. وڪري جو ڪم ڪندڙ 35100؛ هنرمند ڪارڪن 31700 ۽ غير هنرمند مزدور 32700 هئا. جڏهن ته خادم ڪارڪنن جو انگ 14000 هو. انهي عام تصوير مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته جڏهن سنڌ ۽ خيرپور ۾ هر ڏهن مان ست ماڻهو زراعت ۽ ان جي ذيلي ڌنڌن سان لاڳاپيل آهن ته ويهن مان فقط هڪ ماڻهو صنعت ۽ چوڏهن مان فقط هڪ ماڻهو واپار ۽ تجارت ۾ مصروف آهي. زراعت ڏانهن انهي واضح جهڪاء جي سبب ئي آزادي کان وٺي حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت صنعت کي هٿي وٺرائڻ بابت تمام فڪرمند رهيون آهن ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ آبادي ۾ اضافو ٿيڻ سان پوءِ ڀلي پوکي لائق زمين ۾ اضافو ٿيندو وڃي ۽ زمين کي کيڙڻ جا بهتر طريقا ايندا  وڃن ته به سنڌ جهڙي زرعي معيشت لاءِ ايندڙ ڏهاڪن ۾ اتي رهندڙ سڀني ماڻهن لاءِ گذران جو ذريعو مهيا ڪري ڏيڻ ناممڪن ٿي ويندو.

سنڌ جي ڊائريڪٽر آف انڊسٽريز سن 1953ع ۾ سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن جي آڏو پنهنجي بيان ۾ رايو ڏيکاريو هو ته آڏاڻا، کلون رڱڻ، جوتا ٺاهڻ، ٺڪر جا ٿانو، لاک روغن جو ڪم، فائبر جو ڪم، صابڻ ٺاهڻ ۽ ڀرت جو ڪم سنڌ لاءِ تمام مناسب ننڍيون صنعتون ٿينديون ڇاڪاڻ ته ان لاءِ خام مال جهجهي مقدار ۾ دستياب هو ۽ اهي صنعتون هڻڻ ۽ هلائڻ لاءِ گهڻي سرمايي جي به ضرورت نه هوندي. جيئن هن باب جي منڍ ۾ ڏنل بيانن مان سمجهه ۾ ايندو ته سنڌ ۾ جديد انداز تي وڏي پيماني واري صنعت مشڪل سان ڪو وجود رکي ٿي. سر راجر ٿامس جي راءِ هئي ته سنڌ ۾ وڏي پيماني تي نفعي بخش صنعت شروع ڪرڻ جي وڏي گنجائش آهي پر ترجيح اهڙين صنعتن کي ڏيڻ گهرجي جن ۾ زرعي پيداوار ڪم اچي ٿي ۽ جيڪي انهن مان اهڙيون شيون ٺاهن جن تي ڪجهه وڌيڪ ڪم جي ضرورت هجي. ڪپهه ٽاڻڻ ۽ پريس ڪرڻ جون فيڪٽريون جيڪي سنڌ ۾ تمام گهڻيون آهن انهن جو ڪم موسمي هلندو آهي ۽ اهي سال جا ٻارهن مهينا ڪل وقتي نوڪري نه ٿيون ڏئي سگهن. زرعي شيون ڪم آڻيندڙ فيڪٽريون اڳيئي موجود آهن جن مان ڪڻڪ جي اٽي جون چڪيون 1953ع ۾ 5 هيون، ساڳئي سال ۾ رائيس ملون 90 ۽ بسڪوٽن جون فيڪٽريون 5 هيون، سنڌ ۾ آزادي کان پوءِ البت ڳرين صنعتن ڪجهه پير ڄمائڻ شروع ڪيا آهن. روهڙي ۾ هڪ خانگي اداري پاڪستان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي سهڪار سان هڪ وڏو سيمينٽ جو ڪارخانو قائم ڪيو آهي. اهو حڪومت پاڪستان جي ڪنٽرول هيٺ آهي. حيدرآباد ۾ زيل پاڪ سيمنٽ فيڪٽري جيڪا ملڪ ۾ سڀ کان وڏي آهي. انهي جو جنوري 1956ع ۾ رسمي افتتاح ٿيو. انهي فيڪٽري جي سالياني پيداواري صلاحيت 2.4 لک ٽن آهي وري دائود خيل ۾ قائم ٿيندڙ ميپل ليف سيمنٽ فيڪٽري جنهن جي پيداواري صلاحيت 1.6 لک ٽن هوندي اهي ٻئي ملڪ جي سيمينٽ جي وڌندڙ ضرورتن جو پورائو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. سنڌ ۽ خيرپور ۾ ٻيو وڏو صنعتي ڪم بلوچستان ۾ سئي کان ڪراچي تائين 350 ميل ڊگهي پائيپ لائين جي تڪميل هو. اها پائيپ لائين فيڪٽرين جي استعمال لاءِ قدرتي گئس پهچائي ٿي. اهو سمورو ڪم 18 مهينن ۾ پورو ٿيو. انهي ۾ پاڪستان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن، برما آئل ڪمپني ۽ ڪامن ويلٿ ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن سان گڏجي ڪم ڪيو. ڪراچي ۾ ڪيترائي صنعتي صارف سيپٽمبر 1955ع ۾ نيچرل گئس تي اچي ويا ۽ حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ صارفين کي گئس ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. خيرپورميرس ۾ هڪ وڏي ٽيڪسٽائيل مل ٻارڻ طور سئي گئس ڪتب آڻي رهي آهي. سُئي ڪراچي گئس پائيپ لائين تي 8.4 ڪروڙ خرچ آيو ۽ هاڻي اها ڪيترن ئي وڏن صارفين کي قدرتي گئس پهچائي رهي آهي. گئس جي اندروني ورهاست ڪراچي گئس ڪمپني لميٽيڊ ڪراچي ۽ انڊس گئس ڪمپني لميٽيڊ حيدرآباد جي حوالي ڪئي وئي آهي. اها پائيپ لائين ٻه دفعا سنڌو درياءَ جي مٿان لنگهي ٿي. هڪ دفعو سکر وٽ لائيڊ بيراج پُل ذريعي ۽ ٻيو دفعو ڪوٽڙي وٽان غلام محمد بيراج جي پل جي ذريعي. تنهنڪري سنڌ ۽ خيرپور انهي قدرتي ٻارڻ جي بهترين رسد کي ڪتب آڻڻ جي بهترين حيثيت ۾ آهن. سُئي وٽ انهي قدرتي گئس جو ذخيرو ايتري مقدار ۾ آهي جو هڪ سو ورهين کان وڌيڪ عرصو هلي سگهي ٿو. سنڌ ۽ خيرپور ۾ ايندڙ ٽيهن يا چاليهن ورهين دوران جيڪا به وڏي يا وچولي درجي واري صنعت شروع ٿيندي انهي سان انهن لاءِ سستي ٻارڻ جو مسئلو سولو ٿي ويندو. سنڌ ۽ خيرپور انهي لحاظ کان واقعي خوش قسمت آهن جو اهڙي بهترين قدرتي سهوليت انهن جي در تي موجود آهي. برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي گهر واري بيگم اڪرام الله لنڊن ۾ پاڪستان سوسائٽي جي هڪ تقريب ۾ 1956ع ۾ ڪيل تقرير ۾ چيو: ”پاڪستان انهي لحاظ کان ڏاڍو خوش قسمت آهي جو اهو ڪيترن ئي قسمن جي گهريلو صنعتن ۽ دستڪارين جو مرڪز آهي. پاڪستان وٽ دستڪارين جو هڪ سگهارو ۽ گوناگون ورثو موجود آهي. انهي جي نه فقط هر صوبي پر تقريباً هر ضلعي وٽ پنهنجي مخصوص دستڪاري آهي. سنڌ کي ٺڪر جي ٿانون جو مرڪز چئي سگهجي ٿو. اتان جي وادين ۾ پنج هزار ورهيه اڳ بغير چمڪ وارا (unglazed) ٺڪر جا ٿانو ٺاهيا ويندا هئا. اڄڪلهه به انهي قسم جا ٺڪر جا ٿانو آهن. هڪ قسم اهو آهي جيڪو نائين ۽ ڏهين صدي ۾ مسلمان حڪمراني شروع ٿيڻ کان جلد ئي پوءِ متعارف ٿيو. انهي جو مرڪز هالا آهي. اهو عام طور ڀورو ناسي يا ڀورڙي پيلي پس منظر سان آهي. انهي تي هڪ ٻئي سان امتزاج ٺاهيندڙ رنگ ڏنل هوندا آهن. ٺڪر جي ٿانون جو اهو قسم ڳرو، هٿ لاهڻ ۾ وڻندڙ ۽ ٻه دفعا پڪل هوندو آهي ۽ انهي جي چمڪ تمام نفيس هوندي آهي. توهان جي لاءِ اها ڄاڻ دلچسپي جو سبب ٿيندي ته هندستان ۾ گجرات اسڪول آف آرٽ جي شروعات ڪندڙ ڪاريگر به هالا مان ئي ويا هئا. پاڪستان ۾ ملندڙ دستڪاري جو ٻيون سڀ کان مشهور قسم مختلف قسمن جو برٿ جو ڪم آهي. سنڌ جي هڪ مشهور برٿ جي خاص نشاني آئينا يا ڪاوا آهي. اهي ٽاڪي جي مختلف قسمن سان ڀريا ويندا آهن ۽ جيئن توهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي تيز رنگن ۽ کُليل نمونن ۾ ڏاڍا دلڪش لڳندا آهن. سنڌي برٿ کان بلوچي برٿ اڃا وڌيڪ دلڪش هوندو آهي جنهن جو ڪم وڌيڪ نفيس ۽ وڌيڪ سهڻو هوندو آهي. برٿ جي انهن قسمن بابت تمام دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو هارين نارين جو عورتون بغير ڪنهن نموني ۽ بغير ڪنهن ڊزائين جي پنهنجي دلئون ڪنديون آهن. ڌاڳن کي نباتاتي رنگن سان رنگيو ويندو آهي ۽ ڪم هلندي هلندي ڊزائينون ٺاهبيون وڃبيون آهن. اهو ڪم تمام غريب عورتون بلوچي ٽڪرين تي تمام سادي خام مال سان ڪنديون آهن.“ بيگم اڪرام الله چيو گهريلو صنعتون قائم ڪرڻ، انهن کي بچائڻ ۽ انهن کي ترقي وٺرائڻ تمام ضروري امر هو. هن چيو ته: ”اهي ٽه طرفي مقصد جو پورائو ڪن ٿيون. سڀ کان اهم ۽ پهريون جمالياتي آهي. اهي اسان جي فطرت جي تمام داخلي ضرورت جو پورائو ڪن ٿيون. اها داخلي ضرورت نه فقط انهن جي جيڪي انهنکي ڪتب آڻين ٿا پر انهن جي به جيڪي اهي ٺاهين ٿا. توهان فقط هنرمندن ۽ ڪاريگرن کي ڪم ڪندي ڏسو توهان سمجهي ويندا ته اها انسانذات جي تمام بنيادي ضرورت کي تسڪين ڏئي ٿي. ٻئين ڳالهه، بيگم اڪرام الله چيو: ”اها ڳالهه تمام ضروري آهي جو اهي هٿ جون ٺهيل شيون اسان جي ماڻهن کي جز وقتي نوڪري مهيا ڪن ٿيون جنهن مان انهن جي زرعي نوڪري کي ٽيڪو ملي ٿو. ڳوٺ ۾ توهان کي پنهنجو ڪنڀار ۽ پنهنجو ڪوري هوندا آهن، انهي ڪم جو جاري رهڻ تمام ضروري آهي ته نه انهي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ اٿل پٿل ڏاڍي خطرناڪ هوندي. پوءِ وري انهن شين جو علاجي استعمال اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته جديد سائنس ثابت ڪيو آهي ته هٿ جي ڪم جا شفائي اثر ٿين ٿا. جنگ ۾ زخمي سپاهين توڙي اعصابي مرض جو شڪار مريضن کي شفاياب ٿيڻ لاءِ هٿ جو هنر ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي. جديد زندگي جي دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ ۾ انسان ۾ اهي شفائي طاقتون  هئڻ ضروري آهن. برطانيا، ڪيناڊا ۽ آمريڪا جهڙا تمام وڏا مشيني صنعتي ملڪ معالجاتي ضرورت طور پنهنجين دستڪارين کي همٿائي رهيا آهن ۽ ٺڪر جي ٿانون لاءِ تمام وڏيون رقمون ڏين ٿا. اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجين شين کي محفوظ ڪرڻ گهرجي انهي کان اڳ جو اهي نوادرات جي جهان ۾ هليون وڃن. ٽيون مقصد اهو آهي ته گهريلو صنعتن جي هڪ اقتصادي اهميت پڻ آهي. مون کي خبر آهي ته ڪپهه ۽ سڻي جون ڳنڍيون دستياب ڪرڻ تمام سولو ڪم آهي. هيڏانهن توهان آرڊر ڏيو هوڏانهن اهي موجود ٿي وينديون پر دستڪاريون دستياب ڪري ڏيڻ لاءِ وڏي تنظيم ڪاري گهربل هجي ٿي ۽ اهو ڏکيو ڪم آهي، پر جيڪڏهن صحيح نموني انتظام ڪيو وڃي ۽ تشهير ڪئي وڃي ته اهو پاڪستان لاءِ آمدني جو ذريعو ٿيندو. انهي ڳالهه ۾ اسين ٻين سان مقابلو ڪري سگهون ٿا. اسين صنعتي ملڪن سان مشينن سان ٺهيل شين ۾ ته مقابلو نه ٿا ڪري سگهون پر انهن شاندار هٿ جي ٺهيل شين ۾ مقابلو ڪري سگهون ٿا.

انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اڄڪلهه گهريلو صنعتون ڏکين مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ انهي ڳالهه حڪومت پاڪستان جي پهرئين پنج سالا پلان 60-1955ع ۾ چڱو ڌيان ڇڪرايو آهي جنهن ۾ دشوارين جو تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي اقتصادي پاليسي جي حصي طور گهريلو صنعتن کي بهتر بنائڻ جي ممڪن طريقن تي غور ڪيو ويو آهي. گهريلو صنعتن کي ڪارخاني ۾ ٺهيل شين جي وڌندڙ لهر جي ممڪنه خطري کي مسٽر ايٽڪن گزيٽيئر جي 1907ع واري اشاعت ۾ محسوس ڪري ورتو هو ۽ چيو هئائين: ”اهڙن لطيف فنن جا ڪاريگر موجود آهن جن سبب سنڌ يا انهي جا ڪي شهر ڪنهن وقت ڏاڍا مشهور هئا. پر اهي فن سواءِ لاک روغن جي سڀ ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪاريگر به هنر توڙي تعداد ۾ گهٽجي ويا آهن.“ مسٽر ايٽڪن گزيٽيئر جي  1907ع واري اشاعت ۾ جن گهريلو صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو هو انهن ۾ جوتا ٺاهڻ، کلون رڱڻ، ڪپڙو رڱڻ، ٻيڙيون ٺاهڻ، برٿ جو ڪم، ڪاشي جا ٿانو، چيرولي جو ڪم، ميناڪاري ٿيل ڌاتو، عاج جون شيون ۽ پتل جا ٿانو اچي وڃن ٿا. هن گزيٽيئر ۾ مسٽر ايٽڪن پاران ڏنل ڪجهه ڪمن جي مڪمل بيان جي گنجائش نه آهي، پر اڳتي ايندڙ 1951ع جي آدمشماري جي انگن اکرن تي تبصري طور ڪجهه ڳالهيون غير اهم نه ٿينديون. گهريلو صنعتن مان هڪ سڀ کان اهم صنعت جوتا ٺاهڻ بابت مسٽر ايٽڪن ليکي ٿو ته اهو ڪم گهڻو تڻو موچين ۽ سوچين جي هٿن ۾ آهي. سوچي لفظ سنڌ، مارواڙ ۽ ڪڇ جي هندو جوتا ٺاهيندڙن لاءِ آهي جڏهن ته موچي لفظ عام طور سنڌ جي مينگهواڙ ذات جي مسلمانن لاءِ ڪتب ايندو هو. مارواڙي خاص طور اٺن جي پاکڙن جا چمڙي پوش (نتون) ٺاهيندا آهن. انهي ۾ چمڙي تي برٿ جو ڪم ڪيو ويندو آهي. تمام ڌيان سان برٿ ڀريل نت سموري بمبئي پريزيڊنسي ۾ چمڙي تي فنڪاراڻي ڪم جو بهترين نمونو هوندي هئي. کلون رڱڻ جي ڪم جو جوتا ٺاهڻ سان گهڻو ڳانڍاپو آهي. پر اهو ڪم فقط ڪي ذاتيون ڪنديون آهن. وڏن ڍورن جون کلون جاتري، مينگهواڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڪراني رڱيندا آهن جڏهن ته رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون ڪلال رڱيندا آهن. اهو ڪم تمام سولو آهي. سنڌ جو چمڙو پاڪستان جي اڪثر حصن جي چمڙي کان ڀلو ليکيو ويندو آهي ۽ يورپ ڏانهن موڪليو ويندو آهي. اٺن جون کلون به ڍڳين جي کلن وانگر ئي رڱيون وينديون آهن ۽ چمڙو به ساڳين ئي ڪمن ۾ ڪتب آندو ويندو آهي پر انهي کي گهٽ قيمت وارو سمجهيو ويندو آهي. اٺن جون اڻ رڱيل کلون گيهه ۽ تيل رکڻ لاءِ دٻا ٺاهڻ جي گهڻو ڪم آنديون وينديون آهن. هڪ واڌو استعمال جيڪو موجوده دور جي مزاج جي مطابق آهي اهو آهي بجلي جي آرائشي بتين جا پوش ٺاهڻ. ڪپڙو ٺاهڻ سنڌ ۾ اڃا تائين ڪيترن ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي. انهي مان سٿڻون، کيس، ٽوال،  مٿي جا رومال ۽ اڳٺ ٺاهيا ويندا آهن. سٿڻون ٺاهڻ جو ڪپڙو جنهن کي سوسي چيو وڃي ٿو اهو هالا، نصرپور ۽ ٺٽي جي ڪيترين ئي کڏين تي ٺهي ٿو. کيس عام طور ٻه تهو هوندو آهي تنهنڪري ٻنهي پاسن کان ڊزائين ظاهر ٿيندي آهي. بمبئي ۽ مدراس جي سُٽ مان ٺهيل کيس تمام گهٽ قيمت وارو هوندو آهي ۽ انهي لاءِ فقط سفيد ۽ نيرو رنگ ڪم آندا ويندا آهن. جوڙي سڏيو ويندو هڪ کهرو ڪپڙو ٽوال طور ڪتب ايندو آهي. اهو مقامي طور ٺهيل سٽ مان سفيد يا ڳاڙهن ۽ نيرن پٽن سان سفيد تر تي ٺاهيو ويندو آهي. مٿي تي ٻڌڻ جا صافا، لنگيون جيڪي پڻ پٽڪي طور ڪم آنديون آهن يا ڪمربند ڇهن کان ٻارهن والن جي ٽڪرن مان ٺاهيا ويندا آهن. انهن جو بر 18 انچ هوندو آهي. سٿڻن لاءِ رنگا رنگي اڳٺ سوسي ۽ کيس ٺاهيندڙن جون عورتون ۽ ٻار ٺاهيندا آهن.اهي کڏي جي بجاءِ هڪ سادو اوزار ڪم آڻيندا آهن. مقامي طور ٺاهيل اوني ڪپڙن ۾ فراسيون غاليچا، ڪمبل ۽ ٻورا اچي وڃن ٿا. اُن ۽ ڪپهه جون فراسيون جتن ۽ بلوچن جون عورتون ڪيترن ئي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ٺاهينديون آهن. اهي شيون اُن يا ٻڪري جي وارن (ڏاس) يا ٻنهي مان ٺاهيون وينديون آهن. ڪجهه ۾ پيٽو سوٽي جو هوندو آهي. اهي سمهڻ يا نماز پڙهڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. اُن يا اُنَ ۽ ڪپهه مان ٺهيل فراسي سٺي ڪوالٽي واري سمجهي ويندي آهي. ڏاس مان ٺهيل ڪجهه کهري ۽ سستي فراسي کرڙ سڏي ويندي آهي. ان کي مقامي طور رڱيو ويندو آهي، فراسيون عام طور ڇهه فوٽ ڊگهيون ۽ چار فوٽ ويڪريون هونديون آهن. ايتري ئي سائيز جون کرڙيون فراسيءَ جي لڳ ڀڳ اڌ قيمت تي ملي وينديون آهن. انهي قسم جون تمام مضبوط فراسيون اٺ ۽ ٻڪريءَ جي اڻ رڱيل وارن مان ٿر پارڪر ضلعي ۾ ٺاهيون وينديون آهن. سواري جي اٺن جي پاکڙن جي ٽپڙ لاءِ پڻ فراسيون ٺاهيون وينديون آهن. اهي ٻن پڙن ۾ ٺاهيون وينديون آهن ۽ وچ ۾ ٿوهي لاءِ جاءِ ڇڏي انهن جا ڪنارا پاڻ ۾ سبي ڇڏبا آهن. ٻورا ڏاس مان ٺاهيا ويندا آهن ۽ گهوڙن جي توٻرن، خرزينن، لاڏواٺن ۽ ڍڳن ۽ اناج رکڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. ٻورو عام طور ڪاري يا ميرانجهڙي ڀوري رنگ جو ۽ تمام مضبوط هوندو آهي. ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ ٻي صنعت کٿا ٺاهڻ آهي. اهي دڪن جي ڪمبلي وانگر هوندا آهن. پر اهي سفيد ۽ سٺا ۽ تمام سٺي ان مان ٺاهيا ويندا آهن. ان جا نرم ٻُر وارا غاليچا بوبڪ ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر ۾ ٺاهيا ويندا آهن. اهي گهريلو استعمال لاءِ هوندا آهن. هاڻي بوبڪ ۾ ڪورين جو انگ تمام گهٽجي ويو آهي. پر اڃا به غاليچا آرڊر تي ٺاهيا ويندا آهن ۽ هن گزيٽيئر جي مؤلف 1952ع ۾ هڪ اڌڙوٽ شخص کان چار غاليچا آرڊر تي ٺهرايا هئا. هن انهي ۾ ڏاڍيون پُر پيچ ڊزائينون پڻ ٺاهيون هيون جيڪي کيس ذهن ۾ ياد هيون. بوبڪ جا غاليچا ٺاهيندڙ جن جا هاڻي فقط ڪجهه ڪٽنب ئي باقي بچيا آهن انهن بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اهي اصل ۾ ايران مان غلامن طور آندل هڪ وڏي ڪٽنب جا فرد آهن. هو پنهنجن غاليچن ۾ جيڪي نام نهاد ايراني ڊزائينون ٺاهين ٿا انهن جي اصل ۾ ايراني هئڻ جو اهو سبب پيش ڪن ٿا. ظاهر آهي ته اهي ڊزائينون بنيادي طور ايراني آهن پر سنڌ ۾ گهڻو وقت ٺهڻ سان پنهنجو هڪ انداز اختيار ڪيو اٿائون. اپر فرنٽيئر ۾ ٺهندڙ غاليچا بلوچي عورتن جو ڪم هوندو آهي. انهن جو انداز ڏاڍو مختلف هوندو آهي ۽ اهي چڱا جهالو هوندا آهن. اهي سولائي سان هٿ نه ڪري سگهبا آهن جو اهي وڪري لاءِ نه هوندا آهن. اهي ڌيئرن جي شادين جي ڏاج ۾ ڏنا ويندا آهن ۽ ورثي ۾ مليل نشاني طور رکيا ويندا آهن. سنڌ ڪنهن وقت ريشم مان ڌاڳو ٺاهڻ، رڱڻ ۽ ڪپڙو ٺاهڻ جي صنعت جي ڪري ڏاڍي مشهور هوندي هئي. ٺٽي جي عروج وارن ڏينهن ۾ چيو وڃي ٿو ته اتي شالون ۽ لنگيون ٺاهڻ جا پنج هزار آڏاڻا هوندا هئا ۽ برطانوي فتح تائين جڏهن ٺٽو بلڪل زوال جو شڪار ٿي ويو هو تڏهن به ملڪ جي واپار ۽ صنعت ۾ ريشم کي اهم حيثيت حاصل هئي. انهيءَ ڳالهه جو ڪيترن ئي آفيسرن جي رپورٽن ۾ به پڪو ثبوت موجود آهي. لنگيون هاڻي جيتوڻيڪ رواج مان نڪرنديون پيون وڃن پر اهي اڳ ۾ هر حيثيت وارو ماڻهو ٻڌندو هو ۽ سنڌ ۾ ايندڙ اوائلي سياحن انهن جو ميرن جي پوشاڪ جي امتيازي حصي طور ذڪر ڪيو آهي. هاڻي ته ريشمي ڪپڙو ڪنهن به ڪوري پاران آ ڏاڻي تي ٺهيل ڪپڙن کان سٺو ۽ سستو ٻاهران اچي رهيو آهي.  بهرحال ريشم مان ڪپڙو ٺاهڻ جو ڪم اڃا به ڪراچي، ٺٽي، روهڙي، جيڪب آباد ۽ ٻين جاين تي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڪچي ريشم بجاءِ بمبئي ۽ ملتان مان ريشم جو ڌاڳو آندو وڃي ٿو ۽ قنڌهار جي روڏنگ، مساڳ ۽ ڪُسمبي جي جاءِ تي ڪنهن حد تائين ڪيميائي رنگ اچي ويا آهن. هاڻي ٺهندڙ ڪپڙي ۾ گربي مشرو ۽ لنگيون اچي وڃن ٿيون. گربي ۽ مشرو ريشم ۽ ڪپهه مان ٺهيل هونديون آهن ۽ اڪثر پاڪستاني ريشمي ڪپڙي وانگر مضبوط ۽ ڪجهه کهريون هونديون آهن. انهن جي ڊيگهه تقريباً 30 وال ۽ بر تقريباً منو وال هوندو آهي. بمبئي صوبي جي ڪپهه رڱيندڙن مان چيو وڃي ٿو، ته ٽن چوٿائين جيترو انگ سنڌ ۾ هوندو هو جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي هوندا هئا. رنگ جو ڪم ڪندڙ ٻن اهم ذاتين کترين ۽ کٽين بابت سمجهيو ويندو هو ته اهي سنڌ مان بمبئي لڏي ويا هئا. انهي صنعت جون ٽي شاخون آهن ڪپهه کي رنگ ڏيڻ، ريشم کي رنگ ڏيڻ ۽ بوبڪ جا غاليچا ٺاهيندڙ ان پنهنجن ٻين مقصدن لاءِ پڻ ڪم آڻيندا آهن. ڪپهه رڱيندڙ سڀني ضلعن ۾ موجود آهن. هندو نير سان نه رڱيندا آهن. نير کان سواءِ ۽ ٻيا سڀئي ڪم ايندڙ رنگ ٻاهران گهرايا ويندا آهن. ريشم حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ پاٽولي رڱيندا آهن. اها هڪ ننڍڙي ذات آهي جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شامل آهن. ريشم جو ڌاڳو بمبئي ۽ ملتان مان آندو ويندو آهي ۽ هتي نير ۽ ٻين ٻاهرين رنگن سان رڱيو ويندو آهي. سموري بمبئي صوبي ۾ نير سان ڇُر ڪئي ويندي آهي پر سنڌ جون ڇُرون ٻين سڀني کان بهتر هونديون آهن. ڇُر سان ٺپڻ جو ڪم ننڍڙن ڪاٺ جي ٺپن سان ڪيو ويندو آهي اهي پهريان رنگ ۾ ٻڏل ويڙهيل ڪپڙي تي داٻي پوءِ سرڪاري ٺپي وانگر هنيا ويندا آهن. ڪپڙي کي اڳ ۾ ڦٽڪي، کؤنر ۽ ميٽ جي ٻنڌ ۾ ٻوڙي تيار ڪري ڇڏبو آهي ۽ انهن جي ترتي جيڪڏهن رنگ ڪرڻو هوندو آهي ته ٺپن کان فوراً پوءِ ڍڳي جي ڪُٽيل ڇيڻي سان ڇُري ڇڏبو آهي.

اهو گهميل ۽ آڊوڪي ڊزائين تي چنبڙي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن مختلف رنگ ۾ ٻوڙيو ويندو آهي ته ان جي حفاظت به ڪندو آهي. مقامي رنگ نير جي ڇر لاءِ ڪم آندا ويندا آهن ۽ اهي رنگ پڪا هوند اآهن. اهي ڇُريل ڪپڙا سنڌي ماڻهو شالن ۽ چادرن طور ڪم آڻيندا آهن پر اهي ميز پوشن ۽ پردن طور به ڏاڍا سٺا لڳندا آهن ۽ سستا هوندا آهن. انهن جون ڊزائينون به ڏاڍيون وڻندڙ هونديون آهن.

ٻيون به ڪيتريون ئي صنعتون آهن جن تي سوين ماڻهن جو گذران آهي پر انهن ۾ ڪا خاص دلچسپي جي ڳالهه نه هوندي آهي جهڙوڪ پتل جا رڌ پچاءَ جا ٿانءَ، جنڊَ ۽ کجي جي پُوٽن ۽ گاهه مان ٺهيل تڏا ۽ ٽوڪراء سنڌ ماضي ۾ لنگيون ٺاهڻ ۽ بافتي تي ڇُر سان گڏوگڏ سون، چاندي ۽ ريشم جي تارن سان برٿ، سون ۽ چاندي جي جڙاء ٿيل زيورن، جنڊي ۽ ڪاشي لاءِ پڻ مشهور هئي. حيدرآباد جي لوهاڻن سنڌ جي گهريلو صنعتن جي انهن شين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ وڏا سفر ڪيا آهن ۽ اڄڪلهه حيدرآباد جيتوڻيڪ انهن کان مڪمل طور خالي ٿي ويو آهي ته به اهي بمبئي ۾ پير ڄمائي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ جا اهي واپاري اڄڪلهه دنيا جي مختلف حصن ۾ هزارن جي تعداد ۾ هوندا. جنهن به شخص جبرالٽر جي مکيه بازار ڏٺي هوندي ۽ اتي شالون ۽ چادرون وڪرو ڪندڙڻ سان ڪجهه لفظ سنڌي ۾ ڳالهايا هوندائين ته هن جو خوشي جي مرڪ سان آڌر ڀاءُ ٿيو هوندو. حيدرآباد ۾ اهڙا ڪيترائي ڪاريگر آهن جيڪي سون ۽ چانديءَ جي تارن، ڌاڳي ۽ ريشم سان ريشمي ڪپڙي يا بخمل تي برٿ جو ڪم ڪندا آهن. تلوارن، خنجرن ۽ مياڻن تي سون يا چاندي سان جڙاءَ جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر ناپيد ٿي ويا آهن ۽ عورتن جي ڪراين ۽ پيرن جي مُرين جي سون ۽ چاندي جي زيورن تي ڳاڙهي، سائي ۽ نيري رنگ ۾ جڙاءَ جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جا به 1907ع جي گزيٽيئر وقت چند دڪان ئي بچيا هئا. اهي هنر ته جيتوڻيڪ اڃا موجود آهن پر پوين پساهن ۾ آهن. سون چاندي ۽ ريشم جي تارن سان برٿ جي ڪنهن وقت وڏي طلب هوندي هئي جو اهو شالن، ڪوٽن، ٽوپين، عورتن جي چولن ۽ ٻارن جي سٿڻن جي سينگار لاءِ ڪم ايندو هو. پيشه ور برٿ ڀريندڙ سڀ مسلمان هوندا هئا ۽ انهن مان ڪجهه اڃا به حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ موجود آهن. جيڪي ماڻهو ڪنهن ڪپڙي تي برٿ ڀرائڻ چاهيندا آهن اهي اهو انهن وٽ کڻي ويندا آهن ۽ گهربل سامان جي قيمت ۽ محنت جا پئسا ڏيندا آهن. انهي ڳالهه جي ته پڪ ڪونهي ته پيشه ور برٿ ڀريندڙ کي بچائي سگهبو يا نه پر انهي هنر گهرن ۾ پاڙون پختيون ڪري ورتيون آهن ۽ سٺن مسلمان گهراڻن جون سوين عورتون پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ اهو ڪم ڪن ٿيون. جُتين، گاديلن ۽ ميزپوشن تي هن قسم جو ڪم تمام گهڻو مشهور آهي. انهيءَ مان ڊزائين جي اهڙي دلڪشي ۽ گونا گوني ظاهر ٿيندي آهي جيڪا سنڌ جي سمورن هنرن جي خاص سڃاڻپ آهي. برٿ جي هنرجو هڪ ٻيو قسم اتي نظر ايندو جتي ڪنهن کي وهم گمان به نه هوندو. اهو ٿرپارڪر جي ريگستان ۾ نظر ايندو. انهن علائقن جون عورتون چني جي پيٽي ڪوٽن کي تمام گهڻو سينگارينديون آهن. اهو تمام کهرو سوٽي ڪپڙو هوندو آهي جنهنکي ڳاڙهو رنگ ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي رنگن جي ريشمي ڌاڳي سان برٿ ڀري ان تي شيشي جون ننڍڙيون ٽِڪون هنيون وينديون آهن. انهي جي ويڪر تقريباً ارڙهن انچ هوندي آهي، انهي جا هڪٻئي جي مٿان ٽي تهه هوندا آهن سڀ کان مٿئين تهه تي برٿ نه هوندو آهي، اهو نه فقط مقامي طور ڪتب اچڻ لاءِ هوندو آهي پر ڪجهه مارواڙ به موڪليو ويندو آهي. ڪاٺي جي سامان کي لاک سان چمڪائڻ جو هنر لڳي ٿو ته تباهه نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ انهي ڪم ۾ ڪتب ايندڙ ڪجهه رنگ حد کان وڌيڪ تيز ۽ بي زيب هوندا آهن. اهو ڪم تمام سهڻو ۽ فنڪاري ڀريل هوندو آهي. لاک سان چمڪائڻ جي طريقي جو بيان هن گزيٽيئر جي ثقافت واري باب ۾ اچي ويو آهي، انهيءَ ڪري سولائي سان فنڪاراڻي تخليق جو هڪ قسم سمجهي سگهجي ٿو. جيستائين ڪاشيءَ جو تعلق آهي ته مڪلي جي مقبرن ۽ ٺٽي جي مسجدن ۾ جهڙيون سرون ۽ ٽائيلون لڳل آهن ته اهو هنر ختم ٿي ويو آهي. ٻه صديون گذري وڃڻ کان پوءِ به اهي ڪنهن ڌاتوءَ وانگر پيون وڄنديون آهن ۽ انهن جا ڪنارا به بلڪل صاف سٿرا هوندا آهن ۽ ڪاشي به اهڙي شفاف پئي لڳندي آهي جهڙي ٺهڻ جي پهرئين ڏينهن تي لڳندي هوندي. پر موجوده دور ۾ سنڌ جي ٺڪر جي ٿانون کي ڀڄڻ ڀرڻ ۽ چٿڙيون لهڻ کانسواءِ ڪيڏانهن کڻي وڃڻ مشڪل آهي. انهن جون ڪيتريون ئي ڊزائينون هونديون آهن ۽ سڀ تمام سهڻيون ۽ هنرمندي سان ٺهيل هونديون آهن پر انهن ۾ خام مال فقط مٽي ئي هوندو آهي ۽ اهي گلن جي ڪونڊين لاءِ ئي مناسب هوند اآهن. انهن ۾ ڪم ايندڙ مٽي سنڌو درياءَ جي ڊسڙ هوندي آهي ۽ اها ڇاڻڻ يا ٻيو ڪو عمل ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪتب آندي ويندي آهي. اڳ ۾ هڪ ڏاڍو سٺو نيرو رنگ هوندو هو جنهن جي ترڪيب هاڻي گم ٿي وئي آهي. هالا انهي هنر جو مکيه مرڪز آهي. اهو نصرپور ۽ حيدرآباد ضلعي جي گوني تعلقي ۾ پڻ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ اڳوڻي يو پي مان مهاجرن جو وڏو انگ اچڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ ڪجهه نيون گهريلو صنعتون قائم ٿين. انهن ۾ ٺهندڙ جيڪي شيون ڏسي سگهجن ٿيون انهن ۾ هٿرادو گل ٿي سگهن ٿا جيڪي تمام مهارت سان ڪاغذ مان ٺاهيا ويندا آهن ۽ اهي ايترا ته حقيقي ۽ اصلي هوندا آهن جو اصلي گلن جهڙا لڳندا آهن. وري هاٿي ڏند، جپسم ۽ سنگ مرمر ۾ ڪٽائي جو ڪم به ڏسي سگهجي ٿو. جهڙو دهلي ۽ آگري جي مسجدن جي دروازن تي ٿيل هوندو آهي. پٿر تي اُڪر جو ڪم ڪندڙ به وڏي تعداد ۾ آيا آهن جن پاڻ سان گڏ راجپوتانا ۾ ٿيندڙ اڪر جي ڪم جون روايتون آنديون آهن. جڏهن 1951ع واري آدمشماري جو عملو ڳڻپ وارن علائقن جي سروي ڪري رهيو هو ۽ گهراڻن جي لسٽ ٺاهي رهيو هو ته گهريلو صنعتن جي هنڌ ۽ نوعيت بابت به انڪوائري ڪرائي وئي هئي. اهو ڪم سيپٽمبر 1950ع جي اڌ کان جنوري 1951ع جي اڌ تائين پکڙيل هو. آدمشماري جا ڳڻپ ڪندڙ انهي وقت پنهنجن علائقن ۾ سمورن گهراڻن جون لسٽون ٺاهي رهيا هئا ۽ عمارتن تي نمبر هڻي رهيا هئا ته ڇا اهي لسٽ جي جريان نمبر جي مطابق هئا. انهن ماڻهن کي چيو ويو هو ته اهو ڪم ڪندي هو اها به پڇا ڪن ته ڇا گهر ۾ ڪاشي ٺاهڻ جو ڪم ٿئي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن ها ته انهي جا تفصيل هڪ خاص فارم ۾ نوٽ ڪرڻا هئا. اها انڪوائري سموري ملڪ ۾ ڪنهن حد تائين اطمينان بخش نموني ڪئي وئي ۽ انهي ذريعي گهريلو صنعت جو ايترو همه گير ۽ تفصيلي سروي مليو آهي جيترو ٻئي ڪنهن ذريعي سان نه ملي ها. پر انهي ۾ اڃا ڪافي اوڻايون آهن ۽ انهي کي مڪمل نه ٿو چئي سگهجي. جدولن مان فقط ايترو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انڪوائري جي وقت جدولن ۾ موجود ڪارخانو حقيقت ۾ موجود هو پر اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن اڃا وڌيڪ جامع ۽ تفصيلي سروي ڪرائجي ها ته ڪيترين ئي وڌيڪ صنعتن بابت ڄاڻ ملي ها. سن 1951ع جي آدمشماري مان ٻه ضمني جدولون 1 ۽ 2 مليون آهن. جيڪي گهريلو صنعتن متعلق آهن. پهرئين جدول گهريلو صنعت جو هنڌ ڏيکاري ٿي ۽ ٻين جدول ۾ هر هڪ قسم جي گهريلو صنعت جو انگ ۽ اتي ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جو تعداد ٻڌايل آهي. آدمشماري انڪوائري مان سنڌ ۽خيرپور ۾ گهريلو صنعتن جي حالت بابت عام جائزو هيٺين جدول ۾ ڏنو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org