سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:24 

باب سورهون

تعليم

عمومي تاريخ ۽ نوعيت: جڏهن برطانيا سن 1843ع ۾ سنڌ جو الحاق ڪيو ته ٺٽو ۽ روهڙي جيڪي سورهين، سترهين ۽ ارڙهين صدي جي اوائل ۾ پنهنجي عروج تي هئا انهن جي عظمت ۽ برتري گهڻو وقت اڳ موڪلائي چڪي هئي. ٽالپر سنڌ جي ماڻهن ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ جون ڪڏهن به ڪي خاص ڪوششون نه ڪيون هيون. ڪي مير جيتوڻيڪ خود وڏا عالم ۽ شاعر به هئا پر انهن علم جي سرپرستي نه ڪئي. البت انهن سيدن تي ڪجهه هٿ رکيو جيڪي عالم هوندا هئا. ٺٽي، روهڙي، مٽياري ۽ ٻين جاين کان ٻاهر جتي به ڪو عالم پڙهيل لکيل سيد رهندو هو اتي اها عام ڳالهه هوندي هئي ته ڪو امير ماڻهو انهي کي پنهنجن ٻارن لاءِ آخوند يا اتاليق مقرر ڪندو هو ۽ پاڙيسري غريب ماڻهن جي ٻارن کي به ان مان فائدو وٺڻ جي موڪل ڏيندو هو. اهڙا ڪي نيڪو ڪار عالم به هوندا هئا جيڪي جمعي جي ڏينهن تي فقط الله ڪارڻ ادبيات يعني فارسي ۽ عربي جي تعليم ڏيندا هئا ۽ معاوضي طور ٻار جيڪو ڪجهه ڏيندا هئن اهو قبول ڪندا هئا. انهن جي آمدني ۾ عيدن تي مليل سوکڙين سان واڌارو ٿيندو هو ۽ ٻار جڏهن نماز جا پهريان ڏهه سبق ياد ڪري وٺندو هو ته هو ان جا هٿ ريشمي ڪپڙي سان ٻڌي ڳوٺ ۾ موڪليندا هئا ته جيئن استاد لاءِ ڪي فائديمند شيون گڏ ڪري اچي. ادب ۽ ڪاروبار جي زبان فارسي هوندي هئي ۽ نه فقط مسلمان پر جيڪي هندو به سرڪاري نوڪري ڪرڻ جا خواهشمند هوندا هئا اهي انهي ئي ذريعي سان اها ٻولي سکندا هئا. انهي سان گڏوگڏ ڳوٺن جي مسجدن جي آڳرن ۽ وڻن جي هيٺان سوين مولوي ويٺا ٻارن کي- ڇوڪرا ڇوڪريون- بغير مطلب سمجهڻ جي قرآن پاڪ پڙهائيندا هئا انهن کي معاوضي طور فصل جي لاباري تي ڪجهه ان ۽ ٻيا معمولي فائدا ملندا هئا. سن 1853ع ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ڪليڪٽوريٽن ۾ ننڍن اسڪولن جو تعداد 600 کان مٿي ٻڌايو ويو هو. مير کان مهاڻي تائين عام زندگي جي زبان سنڌي هوندي هئي ۽ انهي کي علم پرائڻ ۽ شائسته خط ڪتابت لاءِ مناسب ذريعو سمجهيو ويندو هو. هندو واپاري پنهنجو سمورو ڪارو بار انهي ۾ هلائيندا هئا ۽ پنهنجو حساب ڪتاب انهي ۾ رکندا هئا. هو واڻڪا اکر ڪم آڻيندا هئا جنهن جو بنياد ديوناگري تي هوندو هو ۽ انهي جون ڪيتريون ئي صورتون هونديون هيون. انهي جي سکيا لاءِ  چند هندو اسڪول هوندا هئا پر لڳي ٿو ته گهڻي ڀاڱي واپارين جا پٽ ڪاروباري سکيا گهر ۾ يا پاڙيسرين کان وٺندا هئا. ٽالپرن جي دور ۾ تعليم جي حالت اها هئي.

برطانوي حڪومت ٺٽي جي سيدن جون ملڪيتون ضبط ڪري ڇڏيون ۽ وظيفا بند ڪري ڇڏيا ۽ برطانوي اثر اهي خودبخود ڦٽي پوندڙ چشما به وڏي حد تائين سڪائي ڇڏيا جيڪي مقامي تعليمي ادارن کي تقويت پهچائيندا هئا. انهي کي افسوسناڪ واقعي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. برطانوي الحاق ساڳئي وقت اهڙن اسڪولن جي ضرورت پيدا ڪئي جن ۾ انگريزي زبان پڙهي سگهجي. ڪيترين ئي دشوارين هيٺ ڪم ڪندڙ مخلص انتظامي آفيسرن اها ضرورت سڀ کان اڳ محسوس ڪري ورتي ۽ انهي جي پورائي لاءِ ڪوششون ڪيون. برطانوين اهو ئي تعليمي سرشتو متعارف ڪرايو جيڪو اڳيئي برطانوي هندستان ۾ اخذ ڪيو پئي ويو ۽ انهي جا رهنما اصول گهڻي ڀاڱي اهي ئي هئا جن جي روشني ۾ ميڪالي هندستان ۾ تعليم بابت پنهنجي مشهور يادداشت مرتب ڪئي هئي. اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکي وڃي ته جڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو ڪيو ته ڪجهه هندن کان سواءِ ٻيا بلڪل غير اهم حالت ۾ هئا. انهن هندن به ٽالپرن جي نوڪرن طور انتظامي عهدن تي رهي دولت ۽ مرتبو حاصل ڪيو هو. پر انهن چند مراعات يا فته فردن کانسواءِ هندو هڪ پٺتي پيل قوم هئا ۽ آبادي جي وڏي اڪثريت جيڪا مسلمان هئي انهن ۾ علم پرائڻ جو ڪو وڏو لاڙو نه هو. هو انهي وقت چالو علم جي مقامي نمونن کان به پري هئا. اهو رجحان جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گهڻو مضبوط نه هو ته به مسلمانن ۾ تعليم جي برطانوي معيار ۽ نظام کي تسليم ڪرڻ کان واضح هٻڪ موجود هئي. اهو نقطو مسٽر هيمپٽن جي Biographical Studies in Modern Indian Education ۾ بلڪل چٽو ڪيو ويو آهي. هيٺيون ٽڪرو به انهي تان ورتو ويو آهي جو انهي ۾ ان وقت مسلمان آبادي جي ذهني حالت جو بيان ڏنو ويو آهي جڏهن برطانوين پنهنجي تعليمي طريقه ڪار جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي انهيءَ سوچ جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته تعليم شروع ڪندڙ ٻارن کي ڇا پڙهائڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين سمجهون ته برطانيا جو هندستان تي ڪنٽرول 1757ع جي پلاسي جي جنگ کانپوءِ شروع ٿيو ته اسان کي مسٽر هيمپٽن جي لفظن سان سهمت ٿيڻو پوندو ته برطانوي بالا دستي جي شروعاتي ڏينهن ۾ فارسي يا عربي علم جي جاء تي مغربي علم آڻڻ لاءِ ڪي وڏيون انتظامي تبديليون نه ڪيون ويون هيون نه ئي ڪي اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون هيون نه ئي ڄميل تعليمي سرشتي جون پاڙون پٽڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي، مسٽر هيمپٽن لکي ٿو ته: برطانوي حڪومت جي شروعاتي سترورهين ۾ ته سول انتظاميا هلائڻ لاءِ عملدارن کي تربيت ڏيڻ لاءِ اهو نظام ئي ڪتب آندو ويو ۽ هندن به فارسي تعليم جاري رکڻ کان ڪا به هٻڪ نه ڏيکاري.پوءِ بتدريج عوامي تعليم جو هڪ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو ۽ مغربي علم جي پکيڙ جو هڪ نتيجو اهو نڪتو جو سرڪاري ڪم ڪار جي زبان طور فارسي جي جاءِ تي انگريزي اچي وئي. مسلمان فارسي جي منظر تان هٽڻ کي مايوسي سان ڏسندا رهيا ۽ پاڻ کي ان تحريڪ کان پري ڪري ڇڏيائون جنهن انهن جي ثقافت کي وڏو ڌڪ هنيو هو ۽ انهي ۾ ته انهن جي دين کي ڪمزور ڪرڻ جا اسباب موجود هئا. ٻئي پاسي وري هندو وڌيڪ دورانديش هئا ۽ جلد ئي پاڻ کي نين حالتن مطابق ڪري وٺندا هئا. انهن مغربي علم جي حاصلات لاءِ فراهم ڪيل سهوليتن مان بنادير فائدو ورتو ۽ انتظامي ۽ عدالتي عهدن مان به غيرمتناسب حصو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. نتيجي ۾ مسلمانن ۽ هندن جي هڪٻئي جي لحاظ کان حيثيت تبديل ٿي وئي. هندو اثر رسوخ، دولت ۽ علم ۾ وڌندا ويا. مسلمان پٺتي ٿيندا ويا. ”مسٽر هيمپٽن بيان جاري رکندي چوي ٿو“، ڀاڳ جي انهي ڦيري هڪ  حساس ۽ مستقل مزاج قوم کي حيران ۽ مايوس ڪري ڇڏيو. ۽ اهي پاڻ کي هڪ اهڙي قوم سمجهڻ لڳا جيڪا برطانوي حڪومت هيٺ تباهه ٿي وئي هئي انهن بجا طور اها شڪايت ڪرڻ شروع ڪئي ته عوامي تعليم جونئون نظام انهن جي روايتن جي برخلاف هو. انهن جي ضرورتن لاءِ نامناسب هو ۽ مسلمانن جي مذهب جي نظر ۾ قابل نفرت هو. انهن کي اها ڳالهه ياد هئي ته نسبتاً ٿورو وقت اڳي خود انهن جو پنهنجو نظام تعليم انهن جي فڪري ۽ مادي برتري جو بنياد هوندو هو ۽ انهي جي ذريعي ئي هندو اها ڳالهه ثابت ڪري چڪا هئا ته هو پنهنجي ملڪ ۾ به اختيار نه ٿا هلائي سگهن. سروليم هنٽر هنن لفظن ۾ مسلمانن جي نقطه نظر جي حمايت ڪئي: سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جو نظام تعليم مسلمانن جي ٽن تمام طاقتور دلي جذبن کي نظر انداز ڪري ٿو. پهرئين ڳالهه اها ته اهو تعليم مقامي زبان ۾ ڏئي ٿو جنهن کي پڙهيل لکيل مسلمان عزت جي نگاه سان نه ٿا ڏسن. وري اها تعليم هندو استادن ذريعي ڏني وڃي ٿي جن کان سموري مسلمان ڪميونٽي نفرت ڪري ٿي. ٻئين ڳالهه ته اسان جا اصلي اسڪول ورلي ئي مسلمانن کي انهي قابل ڪن ٿا جو اهو اهي زبانون سکي سگهن جيڪي زندگي ۾ ذميوار حيثيت حاصل ڪرڻ ۽ سندس مذهبي فرضن جي ادائيگي لاءِ ضروري آهن. ٽئين ڳالهه ته اسان جي تعليمي نظام ۾ مسلمانن جي نوجوانن لاءِ مذهبي تعليم جي ڪابه گنجائش نه آهي. جي .اين پارڪر Modern Religious Movement in India, 1929 ۾ نتيجن بابت لکندي انهي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ته ماڻهن جا مذهبي اڳواڻ يعني مولوي اسلام لاءِ پنهنجي غلط فهمي تي ٻڌل عقيدتمندي جي بنياد تي پنهنجن ماڻهن کي فرنگين جي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪين ٿا. انهي جا نتيجا تباه ڪن نڪتا ڇو ته جڏهن هندو يورپ جي آرٽس ۽ سائنس کان تحريڪ ۽ اتساهه وٺي هڪ فڪري ۽ اخلاقي نشاة ثانيه مان گذري رهيا هئا ته انهي وقت سموري هندستان جا مسلمان مادي بي عملي ۽ فڪري زوال جي حالت ۾ ڪري رهيا هئا. سنڌ ۽ خيرپور ۾ اهو اثر مضبوط هو ۽ مسلمان آبادي برطانوي راڄ هيٺ ملندڙ تعليم کي جنهن بي دلي ۽  آهستگي سان قبول ڪيو انهي جو سبب به وڏي حد تائين اهو هو. اڳتي هلي دورانديش مسلمانن جي ڪوششن سان انهي تنگ نظري جو خاتمو ٿيو جيڪي اڳواٽ ئي اندازو ڪري ويا ته مستقبل ڇا پيو کڻي اچي. هندن پنهنجي تعليم جي مدد سان نوڪري، اثر رسوخ ۽ سرڪاري ڪمن ڪارين ۾ اهي فائدا حاصل ڪري ورتا جيڪي مسلمان پنهنجي نظر انداز ڪيل تعليم سبب حاصل ڪرڻ جي قابل نه هئا. مسلمانن جي تعليم جي بانيڪارن ۾ سيد احمد خان اچي وڃي ٿو جنهن عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي جو پايو وڌو ۽ سموري هندستان ۾ مسلمانن ۾ تعليم لاءِ وڏو اتساهه پيدا ڪيائين. سنڌ ۾ اهو ڪم حسن علي آفندي ڪيو. هن 1885ع ۾ سنڌ مدرسه بورڊ قائم ڪيو. خان بهادر حسن علي جديد تعليم جي جيڪا رٿا تيار ڪئي انهي مطابق سنڌ جي 52 تعلقن مان هرهڪ مان هڪ هوشيار شاگرد کڻي انهي کي تعليم ڏيڻي هئي ۽ ان جي کاڌي خوراڪ جو بندوبست ڪرڻو هو. هن پاران ڪورس مڪمل ڪرڻ تي ان جي جاءِ تي ٻيو ڇوڪرو اچڻو هو. اڳتي هلي اهو دائرو وڌايو ويو ۽ تعليم کي سڀني لاءِ عام ڪيو ويو. اهو ادارو تڏهن کان مسلمانن جي نامور شخصيتن کي تعليم ڏيندو رهيو آهي. انهن مان سڀ کان نامور هئا قائداعظم محمد جناح پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل، سرغلام حسين هدايت الله جيڪو سنڌ جو پهريون سنڌي گورنر ٿيو ۽ ڊاڪٽر يو. ايم. دائود پوٽو تمام قابل سنڌي اسڪالر جنهن جي ويجهڙائي ۾ وفات هڪ اهڙو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪيترن ورهين تائين ڀرجڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

تعليمي تاريخ ٽي دور: سنڌ جي تعليمي تاريخ تمام سولائي سان ٽن دورن ۾ اچي وڃي ٿي: پهريون برطانوي راج جو دور سرچارلس نيپيئر کان1936ع تائين جڏهن سنڌ پنهنجي مٿي گورنر وارو صوبو بڻي. ٻيون دور 1936ع کان وٺي 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي تائين تڏهن پاڪستان هڪ آزاد ملڪ بڻيو ۽ ٽيون دور آزادي کان پوءِ 1947ع کان اڄ تائين جو تڏهن کان اسلامي جمهوريه پاڪستان کي اتهاس مهيا ڪندڙ تعليمي آدرش تعليمي پاليسي جو سرچشمو رهيا آهن.  ٽنهي دورن جون نمايان خصوصتيون هي آهن. پهرئين دور ۾ برطانوي فتح کان 1936ع تائين جو تڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هوندي هئي ۽ خيرپور هڪ مقامي رياست هوندي هئي تڏهن تعليمي ڪم ڪار برطانوي منتظمن پاران تعليمي دائري ۾ مقرر ڪيل نشانن مطابق هلندو هو. جڏهن سنڌ جدا گورنر وارو صوبو ٿي ته اسلامي قسم جي تعليم وڌائڻ تي زور وڌيو. ورهاڱي کانپوءِ انهي لاڙي زور ورتو آهي ۽ هاڻي اهو ئي ملڪ جي تعليمي ادارن جو رهنما اصول آهي ڇو ته پڙهيل پڙهيل هندن جي منظر تان هٽي وڃڻ سبب هاڻي تعليمي نظام ۾ غير مسلمانن لاءِ گنجائش رکڻ جي ڪا وڏي ضرورت نه رهي آهي. حڪومت پاڪستان جي 60- 1955ع واري پهرئين پنج سالا پلان جي ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ واري سيڪشن ۾ آهي ته آزادي حاصل ڪرڻ کان فوراً پوءِ ملڪ کي ڪيترن ئي وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. تعليمي ميدان ۾ ان کي فوري مسئلو اهو هو ته تعليمي نظام کي ڊهڻ کان بچايو وڃي اهو ڪم نگهداشت ڪندڙ ۽ تدريسي عملي جي کوٽ سبب ڏکيو ٿي پيو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بحال رکيون ويون ۽ بنا مالڪي جي ڇڏيل ادارا نئين سر جياريا ويا ۽ انهن کي تسليم ڪيو ويو. تڏهن کان وٺي تعليمي ادارن جي انگ ۽ انهن ۾ داخل ٻارن جي تعداد ۾ چڱو اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته 49/ 1948ع ۾ پاڪستان ۾ تعليم تي خرچ سموري سرڪاري خرچ جو 5.3 سيڪڙو هو ۽ 55- 1954ع ۾ تعليم تي هڪ تمام وڏي رقم جو 7.7 سيڪڙو خرچ ٿيو. تعليم جي اوائلي برطانوي بانيڪارن مان هڪ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن هو  جنهن 1845ع ۾ هندستان جي حڪومت کي تعليم لاءِ سال ۾ ٽي هزار رپيا منظور ڪرڻ جو چيو ۽ ٻيو ڪئپٽن پريڊي (Preedy) ڪراچي جو ڪليڪٽر هو جنهن جو نالو اڄ ڏينهن تائين ڪراچي جي هڪ مکيه شاهراهه تي آهي. هن پنهنجي خرچ سان ڪراچي فري اسڪول جو بنياد وڌو ۽ 1846ع ۾ انهي شرط تي هڪ مقامي ڪميٽي جي حوالي ڪيو ته جيستائين مضمون جي لحاظ سان ممڪن ٿي سگهي سموري تعليم عيسائي مذهبي ڪتابن جي ذريعي ڏني وڃي ۽ انهي ۾ سمورو بائيبل به شامل هجي. اهو اسڪول 1853ع ۾ ساڳئي شرط تي چرچ مشنري سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو. ۽ اهو اڃا تائين هلي پيو. شڪارپور ۾ ڪئپٽن گولڊ اسمٿ جي فياضي سان هڪ انگريزي اسڪول کوليو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ بمبئي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ ڪنهن تعليم اداري جي تنظيم جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ تقريباً ساڳئي وقت سنڌي کي صوبي جي سرڪاري زبان ڪرڻ جي حمايت ۾ تحريڪ هلي جنهن ۾ مقامي ٻولي ۾ تعليم جو مسئلو پڻ شامل هو.

چند انگريز عملدار ئي سنڌي ڳالهائي سگهندا هئا ۽ انهن جي منشين مان ڪو به اها لکي نه سگهندو هو. سرڪاري ڪم ترجمانن ذريعي ڪيو ويندو هو ۽ رڪارڊ گاڏڙ فارسي ۾ رکيو ويندو هو. مسٽر بارٽل فريئر (اڳتي هلي سر بارٽل فريئر) 1851ع ۾ هڪ سرڪيو لر جاري ڪري سول سروس آفيسرن کي روزمره واري سنڌيءَ ۾ هڪ امتحان پاس ڪرڻ جو پابند ڪيو. پر اها زبان تيستائين خط ڪتابت لاءِ ڪتب نه ٿي اچي سگهي جيستائين ان کي الف. ب نه هجي. ڪئپٽن (اڳتي هلي سر) رچرڊ برٽن عربي الف. ب. جي گهڻي حمايت ڪئي. انهي ۾ سنڌي جي مخصوص دماغي، حلقي ۽ صدري آواز ڏيکارڻ لاءِ جتي ضروري هجي اتي ٽٻڪا ۽ نشانيون وڌايون وڃن. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جڏهن 1853ع ۾ عربي کي آزمائشي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ساڳئي وقت تعليمي مقصدن لاءِ ڏهه هزار رپيا سالياني خرچ جي منظوري ڏني ته مسٽر بارٽل فريئر فوراً ڪم کي لڳي ويو. سندس عمل جي ذريعي ٻولي جي تاريخ جو هڪ اهم ڪارنامو سرانجام ڏجي ويو. مسٽر (پوءِ سر) بيرو ايلس ڪجهه مقامي عالمن جي مدد سان هڪ الف. ب. ترتيب ڏئي ٺاهي جيڪا عربي جي 29 اکرن مان وڌي 52 اکرن تائين وڃي پهتي. اها الف. ب ڇپائي جولاءِ 1853ع ۾ جاري ڪئي وئي جنهن کانپوءِ فارسي، اردو، مراٺي ۽ گجراتي ٻولين مان ترجمي جي ذريعي اسڪولي ڪتابن جي تياري زور ورتو. مسٽر ايلس ڊسمبر 1854ع ۾ رپورٽ ڏني ته انگي حساب، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين موضوعن تي ڏهه ڪتاب تيار ٿي ويا هئا. اهڙي طرح سنڌي ٻولي هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي کان ڇپائي هيٺ آهي ۽ انهي لحاظ کان اردو کان گهڻي اڳتي آهي جيڪا اڃا تائين عام طور ڇپائي هيٺ نه ايندي آهي پر ليٿو گراف پليٽن جي محنت طلب عمل ذريعي عوام تائين پهچندي آهي. ڪراچي ۾ انگريزي اسڪول آڪٽوبر 1855ع ۾ کوليو ويو جنهن ۾ 68 شاگرد هئا. حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هڪ اسڪولي عمارت ۽ ٻارهن ٻين شهرن ۾ مقامي ٻولين جي اسڪولن لاءِ ننڍين عمارتن جي منظوري ڏني وئي. تڪڙي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي مشڪلات استادن جي کوٽ هئي. انهي کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ پوءِ ڪراچي ۾ 1854ع هڪ نارمل اسڪول کوليو ويو جنهن ۾ مقامي اسڪولن جي استادن کي گهربل سکيا ڏني ويندي هئي. اهو اسڪول پوءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ انهي کي هاڻي ميل ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سڏيو وڃي ٿو. ڏهه ورهيه پوءِ 65- 1864ع ۾ انهن شروعاتي قدمن جو نيتجو اهو نڪتو جو صوبي ۾ چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل، ڇاونجاهه پرائمري اسڪول ۽ هڪ ٽريننگ ڪاليج ٿي ويا جن مان ٽن کي گرانٽ ملندي هئي ۽ باقي سڀ حڪومت هلائيندي هئي. سن 1863ع ۾ هڪ لوڪل فنڊ قائم ڪيو ويو ۽ زمين تي محصول جو ٽيون حصو تعليم لاءِ مختص ڪيو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ايندڙ ڏهاڪي ۾ پرائمري اسڪولن جي تعداد ۾ وڏو اضافو ٿيو. مالي سهائتا سان هلندڙ پرائيويٽ اسڪول به منظر تي اچڻ شروع ٿي ويا ۽ گرلس اسڪول به کلڻ لڳا. سن 75- 1874ع ۾ انهن جو انگ 20 هو. انهي سال تسليم ٿيل ادارن جو جملي انگ 230 هو جن ۾ 14299 شاگرد داخل هئا. جنوري 1887ع ۾ سنڌ ۾ تعليمي صورتحال جي مڪمل موضوع تي رپورٽ ڏيڻ لاءِ مسٽر چارلس کي اسپيشل ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو. ايندڙ جولاءِ ۾ جنرل جان جيڪب جي ڀائيٽي مسٽر پي. ايڇ. جيڪب کي سنڌ ۾ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ تڏهن کان وٺي تعليمي تجربو رکندڙ آفيسر کاتو هلائيندا رهيا آهن. مسٽر جيڪب واري انتظام واري ڏهاڪي (85- 1884ع کان 1895- 1894ع) ۾ تعليمي ڪمن ۾ تمام وڏي واڌ آئي. تسليم ٿيل اسڪولن جو تعداد 375 کان 166 ۽ شاگردن جو تعداد 59 241 کان 62595 تائين وڃي پهتو. ترقي جي راهه ۾ ٻيا قدم هئا: 1887ع ۾ ڪراچي ۾ آرٽس ڪاليج کلڻ، ايڊ تي هلندڙ ٻن اسڪولن جو بنياد پوڻ، ڪيترن ئي پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جو ميونسپالٽين ڏانهن منتقل ٿيڻ ۽ عورتن لاءِ چئن نارمل يا ٽريننگ ڪاليجن جو کلڻ.

پرائمري تعليم

مٿين ڳالهين مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي هوندي ته برطانوي راڄ جي شروعات کان ئي تعليمي سکيا جو عمل برطانوي تعليمي ماهرن جي سوچ مطابق پئي هليو ۽ انهي جو بنياد برطانيا ۾ رائج نظام تي هو. جيڪڏهن انهي نظام تي ڪا عام نوعيت جي تنقيد ڪري پئي سگهجي ته اها هيء هئي ته انهن مقامي اسڪولن تي گهربل تو جهه نه ڏني وئي هئي جيڪي اسلامي سماج ۾ اصل کان موجود رهيا هئا. وقت گذرڻ سان برطانوي نظام ۾ انهي خامي کي تسليم ڪيو ويو ۽ تعليم کاتي به ڪُسندي مرندي ملا اسڪولن کي تسليم ڪري ورتو. پر انهي سموري عرصي دوران ملا اسڪولن يا مڪتبن سان تعليمي دنيا جي اڇوتن وارو سلوڪ ٿيندو رهيو. تعليم کاتي جي آفيسرن پاران ملا مڪتبن جي مخالفت جو بنياد اهو هوندو هو ته انهن وٽ طي ٿيل نصاب مطابق تعليم ڏيڻ جي فني صلاحيت نه هئي ۽ انهن جي مخالفت جو ٻيو مرڪز اهو هوندو هو ته ملن جي گهڻي قدر استاد طور ڪا به تربيت ٿيل ڪانه هئي ۽ انهن جو تعليم جو طريقو جديد معيارن مطابق قابل قبول نه هو. سن 1936ع کانپوءِ واري دور ۾ جڏهن سنڌ گورنر جو صوبو هوندي هئي ته تعليم کاتي ملا مڪتبن ۾ وڏي دلچسپي وٺڻ ۽ انهن جي وڏي مدد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پاڪستان پاران 1947ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ملا مڪتبن جي وجود کي اهڙي بنياد طور تسليم ڪيو ويو آهي جنهن تي هر ماڻهو لاءِ بهترين سرڪاري تعليم جو بنياد رکي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 60- 1955ع واري پنج سالا پلان ۾ برطانوي راڄ ۾ پرائمري تعليم جي نوعيت تي عام تنقيد ۾ انهي نقطي تي زور ڏنو ويو آهي. انهي ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي راڄ کان اڳ واري دور ۾ مسلم هندستان ۾ مڪتب تعليم جو سڀ کان ننڍو ايڪو (Unit) هوندو هو. اهي ايڪا جن مان ڪيترن ۾ مخلوط تعليم هوندي هئي هڪ مذهبي رجحان رکندا هئا. انهن جو چڱو خاصو تعداد ته مسجدن ۾ هلندو هو. انهن جي خاص اهميت واري ڳالهه شايد اها هوندي هئي ته اهي شاگردن جي دلچسپي ۽ لاڙن کي گهڻو مدنظر رکندا هئا. هرهڪ ٻار پنهنجي مٿي اسڪول جو هڪ ڪلاس هوندو هو جيڪو پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندو هو. ٻار مڪتب ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ يا ته ثقافتي ۽ پيشه وراڻي تعليم لاءِ مدرسي ويندو هو يا ڪنهن هنر جي سکيا لاءِ هنرمندن جي ڪنهن ٽولي ۾ شامل ٿيندو هو. مقامي ماحول سان هم آهنگ ٿيل اهو مُلڪي نظام اڻويهين صدي جي آخري چوٿين حصي تائين جاري رهيو پوءِ انهي جي جاءِ تي سرڪاري پرائمري اسڪول اچي ويا. سرڪاري پرائمري اسڪولن ٻارن کي موروثي ثقافت ۽ ماحول کان جدا ڪري ڇڏيو. انهن جو زور ۽ تاڪيد فقط لکڻ پڙهڻ ۽ انگي حسابن تي هوندو هو. تعليم جو طريقو ڀيرا ڏيڻ ۽ مشق ڪرڻ هوندو هو. اهو نظام اوائلي دور ۾ جيتوڻيڪ ٽن ورهين جي عرصي تي لوئر پرائمري اسڪولن ۽ ٻن ورهين جي عرصي تي اپر پرائمري اسڪولن تي ٻڌل هوندو هو پر پوءِ انهي ۾ ترميم ڪري ان کي فقط چئن ورهين جو پرائمري اسڪول پروگرام ڪيو ويو. پرائمري تعليم انهي نسبتاً بي نتيجي پروگرام ذريعي آزادي تائين جاري رهي ۽ ڪنهن به اهم سڌاري کانسواءِ پوءِ به انهي ذريعي هلي رهي آهي. ملا اسڪول يا مڪتبن جو (جن جي اهميت سنڌ حڪومت پاران 1936ع ۾ برطانوي نظام ۾ ترميم ڪرڻ کانپوءِ اڃا وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وئي ۽ اها اهميت ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي تعليمي پاليسي هيٺ اڃا وڌيڪ نمايان ٿي پئي آهي) ڊاڪٽر گيلاني Sind People and Progress نالي ڪتابڙي ۾ هنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي: ملااسڪول انهن پراڻن اسڪولن، خانقاهن ۽ مسجدن جا وارث آهن جيڪي صوفي، درويش ۽ ٻيا مخير ماڻهو هلائيندا هئا. تعليم جو دائرو بنيادي هوندو هو  يعني پڙهڻ، لکڻ ۽ مذهبي تعليم ڏيڻ. اهي ادارا اختيارين جي توجه ۽ تحفظ کانسواءِ هلي رهيا آهن برطانوي فتح کانپوءِ عدالتي زبان طور فارسي جي جاءِ تي جديد سنڌي اچي وئي جنهن سبب ضرورت جو پورائو ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان سنڌي اسڪول کولڻ ضروري ٿي پيو. ملا اسڪولن سڀاويڪ طور سنڌي زبان جي سکيا متعارف ڪرائي. ملا اسڪولن کي 1886ع ۾ انهن سادن ۽ لچڪدار شرطن تي گرانٽون ڏنيون ويون ته سنڌي کي لازمي سبجيڪٽ طور رکيو ويندو. سنڌ ۾ تڏهو ڪي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر 1889ع ۾ سڀئي شرط نرم ڪري ڇڏيا ۽ ملا اسڪولن جي رجسٽريشن لاءِ فقط اهو هڪ شرط رکيو ويو ته اهي قرآن پاڪ پڙهائيندا. مسٽر رائيٽ 1901ع ۾ اسڪولن کي گرانٽ ڏيڻ لاءِ هڪ واضح پاليسي تيار ڪئي. هن جو مقصد اهو هو ته انهن اسڪولن کي ترقي وٺرائي پرائمري اسڪول ڪجي، تعليم جو هڪ نصاب تيار ڪيو ويو ۽ هر ڪلاس ۾ شاگردن جي انفرادي حاصلات جي بنياد تي گرانٽ ڏني وڃڻ لڳي. مسٽر شيخ عبدالله جي چوڻ تي حڪومت 1914ع ۾ سڀ ملا اسڪول پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. هاڻي ملااسڪول يا ملن جا خانگي اسڪول هيٺين شرطن تي گرانٽ – ان- ايڊ ادارن طور رجسٽرڊ ٿيل آهن: اهي قرآن پاڪ پڙهائيندا، اهي هر ڪلاس ۾ ڇوڪرن جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ۽ ڇوڪرين جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن جي ماهوار سراسري حاضري برقرار رکندا، اهي کاتي طرفان تجويز ڪيل سڀئي رجسٽرڊ رکندا ۽ جوڳي گهربل جاءِ جو بندوبست ڪندا. ڊاڪٽر گيلاني جو رايو آهي ته انهن اسڪولن ملڪ جي ڏورانهن حصن ۾ پرائمري تعليم جي پکيڙ ۾ چڱي خدمت سرانجام ڏني آهي.

ملا اسڪول: ملا اسڪول هڪ پرائمري اسڪول هوندو آهي جنهن جو انچارچ مُلا هوندو آهي. جنهن ۾ غير مذهبي پرائمري تعليم جو عام رواجي ڪورس پڙهايو ويندو آهي. انهي سان گڏگڏ قرآن شريف جي تعليم پڻ ڏني ويندي آهي. انهن اسڪولن کي هر سال سٺي گرانٽ ملندي آهي ۽ پڻ سرڪاري پگهار کڻندڙ نائب ماستر ملندا اٿن. اتي پڙهندڙ هندو شاگردن لاءِ پڻ گرانٽ ڏني ويندي آهي بشرطيڪ ملا اسڪول جي چوڌاري هڪ ميل جي نيم قطر جي ايراضي ۾ ڪو پرائمري اسڪول نه هجي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جي اڪثريت مسلمان هوندي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ ملا اسڪولن کي ٻين ڪمن لاءِ گرانٽ ملندي آهي جهڙوڪ ڪيپيٽيشن گرانٽ، اڪومو ڊيشن گرانٽ، ايڪئپمينٽ گرانٽ،لنگيون ۽ ٻيا ايوارڊ، سٺي حاضري تي انعام، ڪتاب ۽ لکڻ جو سامان ۽ انعامي ڪتاب. سن 54/ 1953ع ۾ ملا اسڪولن جو تعداد ۽ انهن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو انگ هن ريت هو: ڇوڪرن جا اسڪول 544، ڇوڪرين جا اسڪول 43؛ ڇوڪرن ۾ شاگردن جو تعداد 2220. انهي سال دوران ملا اسڪولن تي جملي خرچ 837203 رپيا آيو. جنهن مان 558136 رپيا ڊائريڪٽ خرچ ۽ 279667 رپيا اِن ڊائريڪٽ خرچ ٿيو. جملي خرچ مان 81823 رپيا صوبائي فنڊن مان ڀريا ويا جڏهن ته باقي خرچ ٻين ذريعن مان ڪيو ويو.

پرائمري تعليم تي ڪنٽرول: هن صدي جي شروعات کان وٺي پرائمري تعليم جو انتظام ۽ ڪنٽرول صوبائي حڪومت ۽ حڪومت جي مدد سان هلندڙ لوڪل باڊيز وٽ رهيو آهي. سنڌ جي علحدگي کان اڳ فقط هڪ لاڙڪاڻي تعلقي ۾ لازمي تعليم  جو نظام متعارف ڪرايو ويو. حڪومت کي سموري سنڌ ۾ لازمي تعليم شروع ڪرائڻ جو اونو هو پر انهي سلسلي ۾ عملي قدم 1940ع ۾ وڃي کڄي سگهيا. ورهاڱي کان جلد ئي پوءِ حڪومت سنڌ پرائمري ايجوڪيشن ائڪٽ تحت پرائمري تعليم جو ڪنٽرول پنهنجن هٿن ۾ وٺي ڇڏيو. نئين قانون تحت لوڪل بورڊ لوڪل فنڊ جو ٽيون حصو ڀريندا هئا جيڪو وڌ ۾ وڌ في هڪ رپئي تي ٻن آنن جي شرح سان پرائمري اسڪول هلائڻ لاءِ حڪومت جي حصي طور ورتو ويندو هو. ميونسپالٽيون پرائمري تعليم تي خرچ جو تقريباً اڌ حصو حڪومت کي ڏينديون آهن. لازمي تعليم جي اسڪيم 1938ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي. هاڻي اها ٽي تعلقا في سال جي حساب سان لاڳو ڪئي پئي وڃي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين کي پرائمري کانپوءِ (Post- Primary) واري نصاب جو لازمي جزو بڻايو ويو آهي. اردو اڳ ۾ ئي صوبي جي علائقائي زبان هئي پر ورهاڱي کانپوءِ واري دور ۾ هڪ يڪسان آبادي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌي اسڪولن ۾ اردو کي متعارف ڪرائڻ ضروري سمجهيو ويو.

سنڌ ۽ خيرپور ۾ تعليمي ماهر جنهن وڏي مسئلي کي منهن ڏيندا رهيا آهن اهو هي آهي ته پرائمري تعليم جي ذيان کي ڪئين روڪجي ۽ پرائمري چوٿين درجي تائين پهچندڙ ٻارن کي اسڪول ۾ وڌيڪ ڪيئن رکجي. بهرحال اهو سڀني مشرقي ملڪن جو عام مسئلو آهي ۽ سنڌ سان خاص نه آهي ۽ حقيقت اها آهي ته سنڌ انهي لحاظ کان پاڪستان جي ڪجهه ٻين علائقن کان گهڻو بهتر آهي. بهرحال اها ڳالهه ضرور تسليم ڪرڻي پوندي ته ملڪ جي ڪجهه علائقن خاص طور پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي خلاف هڪ لاڙو موجود آهي ۽ اهو اپرسنڌ فرنٽيئر جهڙن علائقن ۾ ته واضح ڏسي سگهجي ٿو جتي بلوچي عنصر سگهارو آهي ۽ جتي قبيلن جا سردار ويهه ورهيه اڳ تائين به تعليم جا انهي بنياد تي مخالف هوندا هئا ته اها ماڻهو کي زندگي ۾ پنهنجي اصلي مقام جي لاءِ غيرموزون بڻائي ٿي ڇڏي ۽ اهو اصلي مقام اهو هو ته هو  تمن ۾ بلوچ قبائلي جو شان مان برقرار رکي ۽ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري. هن گزيٽيئر جي مولف جي ذهن ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون محفوظ آهن جو ڪيترن ئي بلوچ سردارن کيس ٻڌايو هوندو ته تعليم ته ماڻهن کي فقط بابو ۽ ڪلارڪ بنائڻ جو ڪم ئي ڪري ٿي، هو انهن کي انهن لفظن سان سڏيندا هئا. ۽ هو انهي ڌنڌي کي حقارت جي نگاه سان ڏسندا هئا. زناني تعليم جي خلاف لاڙو اڃا وڌيڪ مضبوط هوندو هو جو ڪجهه وقت اڳ تائين به اڪثر بلوچ سمجهندا هئا ته ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ سان اهي زندگي ۾ پنهنجي حقيقي ڪم جي قابل نه رهنديون. انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهڙي قسم جا احساس اڃا به سنڌ جي وڌي حصي ۾ پکڙيل آهن ۽ سموري آبادي ۾ تعليم جنهن سُست رفتاري سان اڳتي وڌي رهي آهي انهي جو سبب به اهو ئي آهي. اختيارين هاڻي انهي مسئلي جو ادراڪ ڪري ورتو آهي ۽ پنج سالا پلان جي نتيجي طور تعليم دشمن لاڙن کي ختم ڪرڻ ۽ وڌيڪ اطمينان بخش تعليمي نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون وينديون.

ثانوي تعليم Secondary Education

برطانوي دور ۾ روايتي سيڪنڊري اسڪول سسٽم تشڪيل ڏئي ان کي پروان چڙهايو ويو جيئن انگريزي ڳالهائيندڙ ڪلارڪن ۽ آفيس ڪارڪن تيار ڪرڻ جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي. سيڪنڊري تعليم تي يونيورسٽين جو پڻ غلبو هوندو هو ڇو ته ميٽريڪيوليشن امتحان اهي وٺنديون هيون ۽ انهن کي نصاب ۽ درسي ڪتابن بابت مشورو ڏيڻ جو اختيار پڻ هوندو هو. تنهنڪري سيڪنڊري ايجوڪيشن کي پنهنجي مٿي ڪنهن تعليمي پروگرام طور ڪا وڏي اهميت نه هوندي هئي. انهي سان محدود پيماني تي سرڪاري نوڪري ملندي هئي يا اها اعلي تعليم لاءِ پاسپورٽ جو ڪم ڏيندي هئي. سيڪنڊري ايجوڪيشن هڪ پنج سالا پروگرام آهي جيڪو ڇهين درجي کان شروع ٿي ڏهين درجي تي پڄاڻي تي پهچي ٿو. سيڪنڊري اسڪولن ۾ لوئر ۽ اپر مڊل اسڪول ۽ هاءِ اسڪول شامل آهن. مڊل اسڪولن ۾ پرائمري ڪلاس به شامل هوندا آهن. لوئر مڊل اسڪول جن ۾ ڇهون درجو به پڙهايو ويندو هو، انهن جو انگ تڪڙو گهٽ ٿيندو پيو وڃي انهي جو وڏو سبب  اهو آهي ته پرائمري اسڪول هاڻي چئن جماعتن بجاء پنجن جماعتن جو ٿيندو پيو وڃي ۽ ٻيو سبب اهو به آهي ته ڪجهه حالتن ۾ لوئر مڊل اسڪولن ۾ ستون ۽ اٺون درجو به شامل ڪيو ٻيو وڃي. هاءِ اسڪولن ۾ نائين ۽ ڏهين جا ڪلاس ته هوندا ئي آهن پر انهن سان گڏوگڏ پنجين ڇهين کان اٺين درجي تائين به ڪلاس هوندا آهن. آزادي جي وقت ڪجهه صوبن ۾ مڊل اسڪول ٻن قسمن ورنيڪيولر ۽ اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن ۾ ورهايل هوندا هئا. انهي سان تعليم جي ڪورس ۽ شاگردن ۾ غير منصفاڻو فرق پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ ته ڪجهه شاگردن جي اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهه جي نه وڌڻ بابت طي ڪيو ويندو هو. پرائمري تعليم جي برخلاف جنهن جي گهڻي ڀاڱي حڪومت سهائتا ڪندي آهي سيڪنڊري تعليم تي خانگي انجمنون لوڪل باڊيز جهڙوڪ ميونسپالٽيون ۽ مذهبي تنظيمون يڪسان طور خرچ ڀرينديون آهن. انهي جو مطلب اهو آهي ته خانگي ادارن توڙي پنهنجي هڙان خرچ ڪندڙن جا اسڪول دستياب هوندا هئا ۽ انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو هاءِ اسڪولن جي تقسيم جاگرافيائي لحاظ کان درست نه هئي يعني اهي ڪنهن مخصوص علائقي ۾ تمام گهڻا ته ڪٿي وري بلڪل ٿورا هوندا هئا. گرلس اسڪولن جي تمام ٿوري انگ جو به ڪنهن حد تائين اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ مجموعي طور ڇوڪرن جا اسڪول ڇوڪرين جي اسڪولن کان چوڏهن دفعا وڌيڪ آهن ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڇوڪرا ڇوڪرين کان ڏهوڻ تي وڌيڪ آهن. سيڪنڊري تعليم جي موجوده نظام پٺيان بنيادي سوچ اها آهي ته تعليمي نظام  ۾ ڪي بنيادي تبديليون ضروري هيون جيئن ادبيات، سماجي علمن ۽ اسلامي ثقافت جي عظيم اصولن ۽ ان جي تاريخ تي زور ڏيندي پروگرام کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن ۾ انفرادي ڪردار، نيڪو ڪاري واري زندگي ۽ وقار کي پروان چڙهائڻ سان گڏوگڏ انهي بنيادي وطن پرستي جي جذبي کي به مضبوط ڪجي جنهن جو بنياد قوم جي تاريخي ڪردار تي آهي. ثانوي تعليم جي نصاب ۾ مکيه مسئلو زبان جو آهي پرائمري، مڊل ۽ هاء اسڪولن ۾ ذريعه تعليم مادري زبان آهي جڏهن ته ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ذريعه تعليم انگريزي آهي. تاريخ، ادب ۽ ملڪ جي عظيم ثقافتي روايتن جي چاٻي مادري زبانون آهن جڏهن ته حڪومت، صنعت ۽ وڏي سطح واري واپار جي زبان اڃا به انگريزي آهي. انهي سان سيڪنڊري اسڪول نظام تي وڏو دٻاء پيو آهي. پر انهي دٻاء کي برداشت ڪرڻ به ضروري آهي. هندو ۽ مسلمان آبادين برطانوي راڄ ۾ سيڪنڊري تعليمي نظام مان ڪيتري مختلف مقدار ۾ فائدو ورتو انهي تي اڳ ۾ ئي تبصرو ٿي چڪو آهي. مسلمانن هن صدي جي اوائل ۾ ڪراچي واري مدرسي سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ۽ نوشهري ۾ پڻ مدرسا کوليا هئا جيڪي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪم ڪري رهيا هئا جڏهن ته هندن وٽ ٽي مڪمل آرٽس ڪاليج، هڪ لاڪاليج ۽ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج هو ۽ مسلمان اڃا فقط هاء اسڪول کولڻ جي تيارين ۾ هئا. بمبئي حڪومت سنڌ ۾ ڪو به ڪاليج نه کوليو هو ۽ سيڪنڊري ٽريننگ ڪاليج ۽ ميڊيڪل ڪاليج جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي.

سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ وقت سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال هن ريت هئي: مجموعي طور هر قسم جي اسڪولن جو تعداد 3748 هو. مسلمانن جي شرح خواندگي 3.7 سيڪڙو هئي. هاءِ اسڪولن جو انگ 30 هو جن ۾ داخل شاگردن جو تعداد 5661 هو. ڪاليجن ۾ مسلمان شاگردن جو تعداد 300 هو. اسڪالرشپن جي صورتحال به مسلمانن جي فائدي ۾ نه هئي. ٽيڪنيڪل ڪاليج فقط هڪ اين.اي.ڊي.سول انجنيئرنگ ڪاليج هو. سنڌ جي علحدگي سان عام ۽ تعليمي ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. تعليم جي رفتار ۾ واڌ آئي ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي نئين پيدا ڪيل عهدي تي سڀ کان پهريان خانبهادر غلام نبي قاضي مقرر ٿيو. انهي کانپوءِ 1939ع ۾ ڊاڪٽر يو. ايم. دائودپوٽو آيو جنهن تعليم ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪولن ۾ مسلمان ۽ هندو شاگردن جو سيڪڙو 60 ۽ 40 مقرر ٿيل هو. پرائمري تعليم جي رفتار کي اڃا وڌيڪ تيز ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊن ۽ ميونسپالٽين جو تعليم تي ڪنٽرول اطمينان بخش نه هو. ڪنٽرول جي تبديلي سان لازمي پرائمري تعليم لاڳو ڪئي وئي. ملا اسڪولن ۽ زناني تعليم کي تحرڪ ڏنو ويو. سن 1939ع تائين سيڪنڊري تعليم بابت حڪومت جي پاليسي اها هئي ته ڪجهه ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهرن ۾ گورنمينٽ ماڊل هاء اسڪول قائم ڪيا وڃن ۽ سموري سيڪنڊري تعليم کي خانگي ادارن جي هٿن ۾ ڇڏيو وڃي جن جي حڪومت مالي مدد ڪري. پر اها ڳالهه محسوس ڪندي ته مسلمانن ۾ خاص طور ٻهراڙين ۾ سيڪنڊري تعليم ترقي نه ڪري سگهندي انهي ڪري حڪومت کي سڌارا متعارف ڪرائڻا پيا. انهن سڌارن مان ڪجهه هي هئا ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سيڪنڊري اسڪول کوليا ويا ۽ انهن کي بتدريج هاءِ اسڪولن جي درجي تائين پهچايو ويو، ڪجهه اسڪولن کي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو، رياست جي مالي سهڪار سان پراويڊنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو جيئن ماڻهن ۾ تعليم کي ڌنڌي طور اختيار ڪرڻ ۾ ڇڪ پيدا ٿئي، نوان اسڪول کوليا ويا ۽ پگهارن جي اسڪيل ۾ اضافو ڪيو ويو ۽ پڻ اسڪالرشپن ۾ واڌارو ڪيو ويو. خانگي ادارن کي وڌيڪ سيڪنڊري اسڪول کولڻ تي همٿائڻ لاءِ حڪومت گرانٽ- ان- ايڊجي سيڪڙي ۾ واڌارو ڪيو ۽ پڻ سيڪنڊري اسڪولن ۾ لازمي فوجي تعليم متعارف ڪرائي. هاڻي ڪاليجن جو تعداد 15 آهي. هاڻي پنج غير سرڪاري ڪاليج آهن جن کي حڪومت زرتلافي (Subsidy) ڏئي ٿي. غريب شاگردن کي ڪاليجي تعليم ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپون ۽ وڏي انگ ۾ فري اسٽوڊنٽ شپس ڏنيون ويون آهن. هيٺين مختصر بيان ۾ سنڌ جي مکيه ڪاليجن جو ذڪر ڏجي ٿو:

گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد: ڇهه ورهيه ٿيا آهن جو سنڌ حڪومت هن ڪاليج کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. هن تڏهن کان تمام وڏي ترقي ڪئي آهي. انهي چند استادن ۽ هڪ سو کان ڪجهه وڌيڪ شاگردن سان شروعات ڪئي هئي. هاڻي اهو صوبي جو بهترين تعليمي ادارو ٿي ويو آهي جتي آرٽس ۽ سائنس جي مضمونن ۾ آنرس تائين پڙهائي جو انتظام آهي. سن 54/ 1953ع ۾ شاگردن جو جملي انگ 755 تائين پهچي ويو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي فرسٽ ييئر سائنس ۾ داخلا نه ملي سگهي. سائنس سيڪشن ۾ تدريسي عملي جو انگ لڳ ڀڳ ٽيڻو ٿي ويو آهي ۽ سال 1953ع دوران 3 پروفيسر، 3 ليڪچرار ۽ ست ڊمانسٽريٽر ڪاليج ۾ دخل ڪار ٿيا آهن. آرٽس سيڪشن ۾ به ٽي نوان ليڪچرار مقرر ٿيا.

اين. جي. وي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڪراچي:  ڪراچي انگلش اسڪول کي جڏهن 1863ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ته انهي جو پهريون هيڊ ماستر مهاديو شاستري هو. کيس هڪ تمام وڏي ڪم کي منهن ڏيڻو پيو جو ٻولي ۽ رسم الخط ٻئي هن لاءِ نوان هئا. ڪراچي هاءِ اسڪول کي 1874ع ۾ مسٽر نارائڻ جڳن ناٿ جي گرانقدر خدمتن جي مڃتا ۾ نارائڻ جڳن ناٿ هاءِ اسڪول (اين.جي.هاءِ اسڪول) جو نالو ڏنو ويو. نارائڻ جڳن ناٿ سنڌ جو پهريون ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو. سندس بمبئي ۾ رهندڙ پوٽي بئريسٽر سي. ڊي. واڊيا سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي ته اسڪول جي نالي ۾ ڪٽنب  جو نالو واڊيا شامل ڪيو وڃي. نتيجي ۾ سنڌ حڪومت سن 1939ع ۾ اسڪول تي نارائڻ جڳن ناٿ واڊيا هاءِ اسڪول جو نئون نالو رکيو. جيڪي ناميارا تعليمدان هن تعليمي اداري سان منسلڪ رهيا آهن انهن ۾ مسٽر پي. سي. رين به هڪ آهي جنهن Bean Geste نالي ناول لکي چڱي مشهوري ماڻي ۽ ٻيو مسٽر وليم گريو ايم. اي؛ بي ايس. سي. انڊين ايجوڪيشنل سروس آهي جيڪو اڳتي هلي پنهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي تي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن بمبئي ٿيو.

سنڌ گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ائنڊ اڪانامڪس ڪراچي: هن ڪاليج جو بنياد جون 1945ع ۾ رکيو ويو ۽ سنڌ حڪومت جون 1948ع ۾ هن جو ڪنٽرول سنڀاليو. شروع ۾ اها رٿا هئي ته ڪاليج لاءِ هڪ جدا عمارت ٺاهجي ۽ ان جي پنهنجي هاسٽل به هجي پر اها رٿا عملي جامو نه پهري سگهي ۽ ڪاليج اڃا تائين ڊي. جي ڪاليج جي عمارت جي هڪ حصي ۾ هلي ٿو. جاءِ جي کوٽ سبب شاگردن جو انگ 300 تائين محدود ڪيو ويو آهي. اها جيتوڻيڪ ننڍي آهي پر تمام سٺي نموني پئي هلي ۽ هن ۾ بيچلر اِن ڪامرس جي ڊگري تائين تعليم ڏني وڃي ٿي.

انجنيئرنگ اسڪول: صوبي ۾ فقط هڪ تسليم ٿيل انجنيئرنگ اسڪول آهي. اهو Subordinate Engineering Diploma Classes  جي نالي سان اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي سان منسلڪ آهي. هن ۾ سول، اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي.

انڊسٽريل اسڪول: ٽيڪنيڪل ۽ انڊسٽريل اسڪولن جو تعداد ٻه آهي. انهن مان گورنمينٽ وي. جي. ٽيڪنيڪل اسڪول سکر، گورنمينٽ طرفان هلندو هو ۽ ٽيڪنيڪل اسڪول جيڪب آباد هڪ خانگي ادارو هلائيندو هو.

ڪمرشل اسڪول: صوبي ۾ 3 ڪمرشل اسڪول آهن: ڊپلوما ٽريننگ ڪاليج سکر، اسلاميه ڪمرشل ڪاليج سکر ۽ رائل ڪمرشل ڪاليج سکر ڪمرشل اسڪولن ۾ داخل شاگردن جو تعداد 120 هو. انهن ۾ ڪي به ڇوڪريون نه هيون. جملي 120 شاگردن مان 107 مسلمان ۽ 13 هندو هئا.

اورئينٽل اسٽڊيز اسڪول: ڪيترائي ادارا مشرقي علمن جي تعليم ڏيندا هئا. هڪ پاٺشالا سنسڪرت جي تعليم ڏيندو هو ۽ عربي جي تعليم ڏيندڙ 34 مدرسا هئا. پاٺشالا ۾ 81 شاگرد هئا ۽ مدرسن ۾ شاگردن جو انگ 683 هو. پاٺشالا ٿرپارڪر ضلعي ۾ عمرڪوٽ ۾ آهي ۽ هڪ خانگي اداري پاران هلايو وڃي ٿو.

ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم: سن 54/ 1953ع ۾ ڇوڪرين جي تسليم شده ادارن جو تعداد 235 مان وڌي 260 تائين پهتو ۽ زير تعليم ڇوڪرين جو تعداد 28808 مان وڌ ۽  30734 ٿي ويو.

هيٺين جدول ۾ ڏيکاريل آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪيتري حد تائين ڇوڪريون ۽ عورتون زير تعليم هيون.         

ادارا

زير تعليم ڇوڪرين جو تعداد

ادارا

زير تعليم ڇوڪرين جو تعداد

يونيورسٽي

29

مڊل اسڪول

922

آرٽس ڪاليج

201

پرائمري اسڪول

27107

پروفيشنل ڪاليج

23

ٽريننگ اسڪول

46

هاءِ اسڪول

2413

ٻيا خانگي اسڪول

02

گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد: هي ادارو جولاءِ 1953ع ۾ وجود ۾ آيو. هي نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ فائديمند ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪاليج جون شاگردياڻيون پنهنجي معمول واري پڙهائي سان گڏوگڏ ٻين اهم سرگرمين ۾ پڻ مصروف آهن. لاهور ۾ ٿيل انٽر ڪاليجيئيٽ مباحثن ۾ شاگردياڻين جا ننڍا جٿا موڪليا ويا ۽ اتي مس بلقيس عباسي انعام حاصل ڪيو. شاگردياڻين جي جسماني واڌويجهه تي خاص ڌيان ڏيندي انهن کي ڪاليج جي عمارت اندر بيڊمنٽن، ٿروبال، باسڪيٽ بال ۽ رنگ ٽينس جهڙين راندين ۾ حصو وٺڻ تي اڀاريو وڃي ٿو. ڊومسٽڪ سائنس جي سکيا کي به ساڳئي اهميت ڏني وڃي ٿي.

سروري اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا: سروري اسلاميه ڪاليج هالا جو بنياد هڪ وڏي تعليمي مخير شخصيت مرحوم مخدوم غلام حيدر سن 1951ع ۾ وڌو. هن ڪاليج پنهنجي مختصر زندگي ۾ تڪڙي ترقي ڪئي آهي ۽ ڊگري ڪاليج جو درجو حاصل ڪيو آهي جيڪو ان جي بانيڪار جو مقصد ۽ آدرش هو.

ڊي. جي. سنڌ. سائنس ڪاليج ڪراچي: هي سنڌ جو سڀ کان پراڻو ڪاليج آهي جيڪو جنوري 1887ع ۾ قائم ٿيو. شروع ۾ اهو گڏيل آرٽس ۽ سائنس ڪاليج هو. سنڌ حڪومت 20 جون 1948ع تي ڪاليج جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ ورتو. پوءِ آرٽس سيڪشن ختم ڪيو ويو ۽ ڪاليج نجو سائنس ڪاليج ٿي ويو. هن وقت فرسٽ ييئر سائنس کان بي.ايس.سي تائين مختلف ڪلاسن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شاگرد زير تعليم آهن. جولاءِ 1953ع کان سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم ڪراچي يونيورسٽي مڪمل طور پنهنجن هٿن ۾ ورتي آهي ۽ ڪاليج وٽ فقط بي.ايس.سي. تائين تعليم جو ڪم باقي رهيو آهي.

سي ائنڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور: هن ڪاليج جو ڪنٽرول حڪومت سنڌ پاران پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ کانپوءِ اهو ڪجهه وقت بي يقيني ۽ تاريڪي ۾ رهڻ کانپوءِ لڳاتار ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلي رهيو آهي. سن 49/ 1948 ۾ شاگردن جو انگ جيڪو فقط 48 هو اهو پنجن ورهين جي ٿوري وقت ۾ تقريباً 400 تائين پهتو آهي. ۽ تعداد وڌڻ سان شاگردن جي تعليمي ۽ ثقافتي ترقي ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. تدريسي عملو اعلي تعليم يافته ۽ تجربيڪار ماڻهن تي ٻڌل آهي. ڪاليج ۾ آرٽس ۾ بي. اي. آنرس تائين ۽ سائنس ۾ انٽرميڊيئيٽ تائين تعليم ڏني وڃي ٿي.

شاهه عبداللطيف گورنمينٽ آرٽس ڪاليج، ميرپور خاص:

جون 1952ع ۾ کليل شاهه عبداللطيف آرٽس ڪاليج ميرپور خاص ڊگري ڪاليج طور ڪم ڪري رهيو آهي. اهو خانگي ڪاليج طور شروع ڪيو ويو هو پر سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليمي سهوليتن ۾ بهتري آڻڻ جو عزم ڪندي.. آگسٽ 1953ع ۾ ان جو ڪنٽرول پنهنجن هٿن ۾ ورتو.

نذرٿ ڪاليج حيدرآباد: حيدرآباد جو هي ادارو امريڪن مشن طرفان فقط ڇوڪرين لاءِ هلايو پيو وڃي. ان جو الحاق سنڌ يونيورسٽي سان آهي. ان ۾ بي.اي آنرس تائين آرٽس جا سبجيڪٽ ۽ انٽر تائين سائنس جا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. خاص ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن تعليم جي دائري ۾ وسعت آندي وڃي ۽ انهيءَ لاءِ ڊومسٽڪ سائنس ۽ جاگرافيءَ جا سبجيڪٽ شامل ڪيا ويا آهن جن لاءِ ليباريٽري ۽ پرئڪٽيڪل ڪم جي ضرورت پوندي آهي.

هيٺين جدول ۾ ڏيکاريل آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪيتري حد تائين ڇوڪريون ۽ عورتون زير تعليم هيون.         

ادارا

زير تعليم ڇوڪرين جو تعداد

ادارا

زير تعليم ڇوڪرين جو تعداد

يونيورسٽي

29

مڊل اسڪول

922

آرٽس ڪاليج

201

پرائمري اسڪول

27107

پروفيشنل ڪاليج

23

ٽريننگ اسڪول

46

هاءِ اسڪول

2413

ٻيا خانگي اسڪول

02

گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد: هي ادارو جولاءِ 1953ع ۾ وجود ۾ آيو. هي نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ فائديمند ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪاليج جون شاگردياڻيون پنهنجي معمول واري پڙهائي سان گڏوگڏ ٻين اهم سرگرمين ۾ پڻ مصروف آهن. لاهور ۾ ٿيل انٽر ڪاليجيئيٽ مباحثن ۾ شاگردياڻين جا ننڍا جٿا موڪليا ويا ۽ اتي مس بلقيس عباسي انعام حاصل ڪيو. شاگردياڻين جي جسماني واڌويجهه تي خاص ڌيان ڏيندي انهن کي ڪاليج جي عمارت اندر بيڊمنٽن، ٿروبال، باسڪيٽ بال ۽ رنگ ٽينس جهڙين راندين ۾ حصو وٺڻ تي اڀاريو وڃي ٿو. ڊومسٽڪ سائنس جي سکيا کي به ساڳئي اهميت ڏني وڃي ٿي.

سروري اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا: سروري اسلاميه ڪاليج هالا جو بنياد هڪ وڏي تعليمي مخير شخصيت مرحوم مخدوم غلام حيدر سن 1951ع ۾ وڌو. هن ڪاليج پنهنجي مختصر زندگي ۾ تڪڙي ترقي ڪئي آهي ۽ ڊگري ڪاليج جو درجو حاصل ڪيو آهي جيڪو ان جي بانيڪار جو مقصد ۽ آدرش هو.

ڊي. جي. سنڌ. سائنس ڪاليج ڪراچي: هي سنڌ جو سڀ کان پراڻو ڪاليج آهي جيڪو جنوري 1887ع ۾ قائم ٿيو. شروع ۾ اهو گڏيل آرٽس ۽ سائنس ڪاليج هو. سنڌ حڪومت 20 جون 1948ع تي ڪاليج جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ ورتو. پوءِ آرٽس سيڪشن ختم ڪيو ويو ۽ ڪاليج نجو سائنس ڪاليج ٿي ويو. هن وقت فرسٽ ييئر سائنس کان بي.ايس.سي تائين مختلف ڪلاسن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شاگرد زير تعليم آهن. جولاءِ 1953ع کان سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم ڪراچي يونيورسٽي مڪمل طور پنهنجن هٿن ۾ ورتي آهي ۽ ڪاليج وٽ فقط بي.ايس.سي. تائين تعليم جو ڪم باقي رهيو آهي.

سي ائنڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور: هن ڪاليج جو ڪنٽرول حڪومت سنڌ پاران پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ کانپوءِ اهو ڪجهه وقت بي يقيني ۽ تاريڪي ۾ رهڻ کانپوءِ لڳاتار ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلي رهيو آهي. سن 49/ 1948 ۾ شاگردن جو انگ جيڪو فقط 48 هو اهو پنجن ورهين جي ٿوري وقت ۾ تقريباً 400 تائين پهتو آهي. ۽ تعداد وڌڻ سان شاگردن جي تعليمي ۽ ثقافتي ترقي ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. تدريسي عملو اعلي تعليم يافته ۽ تجربيڪار ماڻهن تي ٻڌل آهي. ڪاليج ۾ آرٽس ۾ بي. اي. آنرس تائين ۽ سائنس ۾ انٽرميڊيئيٽ تائين تعليم ڏني وڃي ٿي.

شاهه عبداللطيف گورنمينٽ آرٽس ڪاليج، ميرپور خاص:

جون 1952ع ۾ کليل شاهه عبداللطيف آرٽس ڪاليج ميرپور خاص ڊگري ڪاليج طور ڪم ڪري رهيو آهي. اهو خانگي ڪاليج طور شروع ڪيو ويو هو پر سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليمي سهوليتن ۾ بهتري آڻڻ جو عزم ڪندي.. آگسٽ 1953ع ۾ ان جو ڪنٽرول پنهنجن هٿن ۾ ورتو.

نذرٿ ڪاليج حيدرآباد: حيدرآباد جو هي ادارو امريڪن مشن طرفان فقط ڇوڪرين لاءِ هلايو پيو وڃي. ان جو الحاق سنڌ يونيورسٽي سان آهي. ان ۾ بي.اي آنرس تائين آرٽس جا سبجيڪٽ ۽ انٽر تائين سائنس جا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. خاص ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن تعليم جي دائري ۾ وسعت آندي وڃي ۽ انهيءَ لاءِ ڊومسٽڪ سائنس ۽ جاگرافيءَ جا سبجيڪٽ شامل ڪيا ويا آهن جن لاءِ ليباريٽري ۽ پرئڪٽيڪل ڪم جي ضرورت پوندي آهي.

ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۽ سيڪنڊري استادن جي تعليم

سيڪنڊري اسڪولن جي گريجوئيٽ استادن جي ٽريننگ لاءِ فقط هڪ ادارو گورنمينٽ ايس. سي. ڪاليج ڪراچي آهي. انهي سان گڏوگڏ پنج پرائمري ٽريننگ انسٽيٽيوٽ پڻ آهن جن جا نالا آهن. گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد، گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج فار ويمن حيدرآباد، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻه، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول سکر، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول مٺياڻي، انهن پنجن ئي ادارن ۾ سکيا وٺندڙ شاگردن جو تعداد 983 هو جن مان 940 مرد ۽ 43 عورتون هيون.

پروفيشينل اسڪول ۽ ڪلاس: هيٺين جدول ۾ ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل اسڪولن جو تعداد ۽ هرهڪ ۾ پڙهندڙ شاگردن جو انگ ڏيکاريل آهي:

اسڪول جو قسم

ادارن جو تعداد

شاگردن جو تعداد

ميڊيڪل

1

70

انجنيئرنگ

1

356

ٽيڪنيڪل ۽ انڊسٽريل

2

44

ڪمرشل

3

120

جملي

7

590

سنڌ حڪومت 1955ع ۾ پاڪستان جي نئين آئيني تنظيم ۾ منظر تان غائب ٿيڻ کان اڳ ڪيترائي بهترين ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو انهي جي هڪ جهلڪ مسٽر عبدالستار پيرزادي، وزير اعلي سنڌ جي هڪ تقرير ۾ بيان ٿيل آهي جيڪا هن سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 55- 1954ع جي بجيٽ پيش ڪندي ڪئي هئي. وزير اعلي پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو: پرائمري تعليم ۾ واڌاري سان ٻهراڙين مان مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرڻ جون گهرون ٿي رهيون آهن. منهنجي حڪومت ڏوڪري، ٺٽي، ٽنڊوجان محمد، ميرپور خاص، ڪنڌ ڪوٽ، دادو ۽ ميرپورماٿيلي ۾ هاسٽلن جي جلد مڪمل ٿيڻ کي وڏي اهميت ڏئي رهي آهي. انهن جي تعمير موجوده مالي سال ۾ شروع ٿي وئي آهي. انهي مقصد لاءِ بجيٽ ۾ ساڍهن ٻارهن لکن جي رقم رکي وئي آهي. ايندڙ مالي سال ۾ سنجهوري، ڪارا ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ لازمي پرائمري تعليم شروع ڪئي ويندي. لازمي پرائمري تعليم صوبي جي 3/2 حصي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ باقي رهيل غيرلازمي تعليم واري علائقي ۾ به 145 نوان پرائمري اسڪول شروع ڪيا پيا وڃن جيئن اهي ٻهراڙين جي آبادي جي وڌندڙ تعليمي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهن. پرائمري تعليم جي واڌاري جي انهن قدمن تي تقريباً ساڍا اٺ لک رپيا واڌو خرچ ٿيندا. پرائمري تعليم جي واڌاري ۾ اهم رڪاوٽ تربيت يافته پرائمري استادن جي کوٽ آهي. منهنجي حڪومت زيرتربيت پرائمري استادن کي مڪمل پگهار ۽ الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جئين انهن لاءِ تربيتي ادارن ۾ داخلا وٺڻ وڌيڪ ڪشش جو سبب ٿي سگهي. بجيٽ ۾ ميرپور خاص ۾ پنج لک رپين جي لاڳت سان پرائمري استادن جو تربيتي ادارو تعمير ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ فقط پرائمري تعليم تي خرچ هڪ ڪروڙ تائين وڃي پهچندو جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن نه پهتو آهي. اهڙي طرح صوبي ۾ فقط پرائمري تعليم تي في ماڻهو تي ٻن رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيندو. منهنجي خيال ۾ اها رقم پاڪستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ  آهي. ماضي ۾ ڪجهه وقت کان حيدرآباد ۾ صوبائي لائبريري ۽ عجائب گهر ٺاهڻ جي مسئلي تي لڳاتار سوچ ويچار ٿي رهي آهي. لائبريري ۽ عجائب گهر لاءِ هنڌ به چونڊجي ويو آهي. اهو فيصلو ٿي ويو آهي ته ادارو پيربخش گارڊنس ۾ ٺهندو. تعمير جو ڪم جلد ئي شروع ٿيندو. تخمينو آهي ته عمارت تي ٽي لک رپيا لاڳت ايندي. حڪومت ڪجهه وقت اڳ سنڌي ادب جي واڌويجهه لاءِ سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو آهي. بورڊ تمام ڪارائتو ڪم ڪيو آهي. بورڊ جي نظر داري هيٺ سنڌي زبان جي هڪ جامع لغات تيار ٿي رهي آهي. لغات جو پهريون جلد مڪمل ٿي چڪو آهي. بورڊ وٽ اٺن جلد ۾ سنڌ جي تاريخ لکڻ جي هڪ عظيم الشان رٿا پڻ تيار پئي آهي. ڪيترن ئي معروف ليکڪن کي اها تاريخ لکڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي ۽ اٺن مان ٻه جلد مڪمل ٿي ويا آهن. اميد آهي ته بورڊ ايندڙ مالي سال دوران پنهنجين سرگرمين جو دائرو وڌائيندو. بنيادي سماجي ۽ طبعي سائنسن ۽ عالمي ادب مان ڪيترائي ڪتاب غير ملڪي زبانن مان سنڌي ۾ ترجمو ٿي ويا آهن. بورڊ کي پنهنجين سرگرمين جو دائرو وڌائڻ لاءِ هن بجيٽ ۾ هڪ لک رپين جي گرانٽ ڏني وئي آهي. هاڻي اهڙي رٿاتي عملدرآمد ڪرائڻ اولهه پاڪستان حڪومت جي ذميواري آهي جيڪا اولهه پاڪستان جي صوبن جي نئين سر تشڪيل کانپوءِ سنڌ، پنجاب ۽ اتر اولهه سرحدي صوبي جي صوبائي حڪومتن جي جاءِ وٺي چڪي آهي.

يونيورسٽي تعليم

سنڌ لاءِ جدا يونيورسٽي جون رٿائون سن 1937ع کان ٺهڻ شروع ٿيون ۽ انهي سموري مسئلي جو تدريسي، انتظامي ۽ مالي رُخن کان جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽي 1942ع ۾ هڪ جامع رپورٽ ڇپرائي ۽ گهڻي دير کانپوءِ انهي جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ائڪٽ پاس ڪيو ويو. ائڪٽ پاس ٿيڻ سان ئي يونيورسٽي 3- اپريل 1947ع تي ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچي جو گورنر هزايڪسيلينسي سر فرانسس مودي انهي جو پهريون چانسلر ٿيو ۽ سرغلام حسين هدايت الله پهريون پرو- چانسلر ٿيو. مسٽر اي. بي. حليم پهريون وائيس چانسلر ۽ خان صاحب آغا تاج محمد پهريون رجسٽرار ٿيو. انهن پاران چارج وٺڻ کان فوراً پوءِ مختلف ادارا جهڙوڪ سينيٽ، سنڊيڪيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل، فئڪلٽيون، مختلف بورڊس آف اسٽڊيز جي جوڙجڪ ڪئي وئي. انهي جي وجود جي شروعاتي ڪجهه مهينن ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي جي اختيارين بدليل حالتن کي مدنظر رکندي نوان ڪورس ۽ سليس ٺاهڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اپريل 1951ع ۾ علام آءِ آءِ قاضي کي سنڌيونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڪراچي جي سنڌ صوبي کان جدا ٿيڻ ۽ ڪراچي جي علائقي لاءِ ڪراچي يونيورسٽي قائم ٿيڻ سبب سنڌيونيورسٽي جو هيڊ ڪوارٽر 4- مئي 1951ع تي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. انهي تبديلي سبب يونيورسٽي سنڌ صوبي جي هڪ مرڪزي جاءِ تي اچي وئي. يونيورسٽي کان سنڌ صوبي جي مفادن لاءِ ئي ڪم ڪرڻ جي اميد ڪئي پئي وئي. پوسٽ گريجوئيٽ يونيورسٽي ٽريننگ ڊپارٽمنٽس ٺهڻ سان يونيورسٽي جي ترقي جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آئي. انهن ڊپارٽمينٽس جو انگ هاڻي وڌي 15 ٿي ويو آهي يونيورسٽي سان الحاق ٿيل ادارن جي تعداد ۾ به وڏي واڌ آئي آهي جو ڪاليجن جو انگ 1947ع ۾ ٽن کان وڌي 1954ع ۾ 12 تائين پهچي ويو آهي. يونيورسٽي اختيارين تدريس جي انداز ۽ معيار ۾ بهتري آڻڻ ۽ الحاق ٿيل ادارن ۾ تعاون جو سگهارو جذبو پيدا ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي ورتي آهي. مئٽريڪيوليشن جي نئين رٿا جيڪا ڪيترن ورهين کان غور هيٺ هئي انهي کي تڪميل تي پهچائي 1- اپريل 1954ع کان متعارف ڪرايو ويو آهي. لائبريري ۾ چڱي واڌ ڪئي وئي آهي. انهي جي ذخيري ۾ سڀني وڏن موضوعن تي ڪتاب موجود آهن ۽ اها يونيورسٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ ڊپارٽمينٽس جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ لاءِ چڱي نموني ليس آهي. هن وقت ذخيري ۾ ڪتابن جو مجموعي تعداد 22000 آهي ۽ اهي ڪتاب هن انگ ۾ شامل نه آهن جن جو آرڊر ڏنل آهي ۽ پهچڻ وارا آهن. شاگردن جي تعليم سان گڏوگڏ عام ماڻهن کي به زندگي جي مختلف رخن بابت تعليم ڏيڻ ضروري آهي. تنهنڪري يونيورسٽي جي سرپرستي هيٺ اسلامڪ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيو ويو آهي ۽ يونيورسٽي جو وائس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي باقاعدگي سان ليڪچر ڏيندو آهي. ميڊيڪل ڪائونسل آف پاڪستان، سنڌيونيورسٽي جي ايم بي. بي ايس جي ڊگري تسليم ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي سڀني ڊگرين ۽ امتحانن کي پنجاب يونيورسٽي تسليم نه ڪيو آهي ۽ هندستان جي به ڪيترين ئي يونيورسٽين مٽاسٽا جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن ۽ ڊگرين کي تسليم ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين کي برطانيا ۽ آمريڪا جي به اهم يونيورسٽين به اتان جي قاعدن ۽ طريقه ڪار مطابق تسليم ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي 55/ 1954ع جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته آرٽس ۽ رليجن جون فيڪلٽيون مڪمل ٿي ويون هيون ۽ سائنس فيڪلٽي ۾ مئٿميٽڪس ۽ باٽني جا تدريسي شعبا قائم ڪيا ويا هئا، انهي سان گڏوگڏ سائنس فيڪلٽي ۾ زولاجي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ جيالاجي جا شعبا جلد قائم ڪرڻ جي تجويز هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو: اهو چوڻ غلط نه هوندو ته سنڌيونيورسٽي پنهنجي سنئين سڌي انتظام ۽ ڪنٽرول هيٺ آرٽس، رليجن ۽ سائنس جي ٽن فيڪلٽين ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم شروع ڪئي. انهي ڳالهه تي به غور ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ سال کان فيڪلٽي آف لا ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم شروع ڪئي وڃي. پوسٽ گريجوئيٽ تعليم ۾ هيٺيان شعبا شامل آهن: تعليم، رليجن، اسلامڪ ڪلچر، مسلم هسٽري، عربي، سنڌي، اردو، اڪانامڪس، فلسفو، فارسي، انگريزي، جنرل هسٽري، نفسيات. پوليٽيڪل سائنس، مئٿميٿڪس ۽ باٽني. هيٺئين جدولن ۾ 57- 1951ع کان ڇهن ورهين دوران سنڌ يونيورسٽي جي ڪار گذاري بيان ٿيل آهي. انهي ۾ 4- مئي 1951ع تي ڪراچي ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ وارو دور پڻ شامل آهي. جدولن ۾ الحاق ٿيل هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو انگ، يونيورسٽي جي امتحانن ۾ ويهندڙ شاگردن جو تعداد ۽ پوسٽ گريجوئيٽ تدريسي شعبن جو تعداد ٻڌايل آهي.

 

اسم

4- مئي 1951ع حيدرآباد منتقل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ 1951ع

حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ 4 مئي 1951ع

حيدرآباد ۾

 57- 1955

1

الحاق ٿيل هاءِ اسڪولن جو انگ

59

34

87

2

الحاق ٿيل ڪاليجن جو انگ

16

05

22

3

يونيورسٽي جي امتحانن ۾ ويهندڙ شاگردن جو انگ

6074

2776

7790

4

پوسٽ گريجوئيٽ تدريسي شعبن جو تعداد

نه

نه

24

هيٺئين جدول ۾ 1951ع ۽ 57/ 1956ع جي وچ ۾ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي انگ ۾ آيل واڌ جو ڏيکاريل آهي.

الحاق ٿيل اسڪولن ۽ ڪاليجن جو تعداد

سال

هاءِ اسڪول

ڪاليج

سال

هاءِ اسڪول

ڪاليج

51-1950

36

5

55- 1954

59

16

52- 1951

43

11

56- 1955

59

17

53- 1952

48

11

57- 1956

87

22

54- 1953

53

12

 

 

 

هيٺئين جدول ۾ 52/ 1951 کان 57/ 1956 جي وچ ۾ يونيورسٽي جي امتحانن ۾ ويهندڙ ۽ امتحان پاس ڪندڙ شاگردن جو تعداد ڏيکاريل آهي.

 

سال

مئٽرڪ

ٻيا امتحان

ڊگري

جملي

ويٺا

پاس ٿيا

ويٺا

پاس ٿيا

ويٺا

پاس ٿيا

ويٺا

پاس ٿيا

52- 1951

1757

753

887

376

135

98

779

1227

53- 1952

2050

1256

887

488

191

144

3128

1888

54- 1953

2412

1408

1128

685

284

216

3824

2309

55- 1954

3385

1592

1500

852

423

289

5308

2733

56- 1955

3650

1680

3480

1762

660

414

7790

3856

57- 1956

4553

2026

3250

1690

1017

645

8820

4367

اهو طي ڪيو ويو آهي لوئرسنڌ بيراج ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ هڪ جاءِ تي سنڌ يونيورسٽي شهر اڏيو وڃي. يونيورسٽي ٽائون شپ اسڪيم تيار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي 6 ڪروڙ 30 لک رپيا خرچ جو ڪاٿو آهي. سنڌ جي وزير اعلي 1954ع واري پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ”سنڌ يونيورسٽي شروع ۾ فقط هڪ امتحان وٺندڙ ادارو هو. هاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تدريس پڻ ٿي رهي آهي ۽ اها تيزي سان هڪ مڪمل رهائشي تدريسي يونيورسٽي ٿيندي پئي وڃي. سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ حيدرآباد شهر جي آمهون سامهون هڪ نئون يونيورسٽي شهر ٺاهڻ جي تجويز آهي. انهي لاءِ جاءِ جي چونڊ اڳيئي ٿي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪم شروع ڪرائڻ لاءِ هلندڙ مالي سال ۾ ويهن لکن جي گرانٽ منظور ٿي چڪي آهي. ايندڙ سال جي بجيٽ تخميني ۾ وڌيڪ ويهه لک رپيا رکيا ويا آهن جيئن يونيورسٽي ٽائون شپ اسڪيم تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگهي. چئن لکن جي واڌو گرانٽ پڻ رکي وئي آهي جيئن يونيورسٽي سائنسي ۽ ثقافتي اهميت وارا ڪتاب ڇاپڻ لاءِ هڪ جديد پرنٽنگ پريس قائم ڪري سگهي. انهي گرانٽ سان يونيورسٽي کي پنهنجي لائبريري ۾ واڌ آڻڻ جو پڻ موقعو ملندو جيڪا پنهنجي موجوده حالت ۾ هن اداري جي وڌندڙ ضرورتن جو پورائو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. سنڌ حڪومت هن سال 1954ع ۾ انهي ڳالهه کان مڪمل طور آگاهه آهي ته صوبي ۾ طبي سهوليتن جي کوٽ آهي. صوبي کي طبي امداد جي ميدان ۾ جن بنيادي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهي آهن طبي عملي جي سکيا، ان ڊور ۽ آوٽ ڊور مريضن لاءِ اسپتالن ۾ جڳهه ۾ واڌارو ۽ اسپتالن لاءِ دوائن جي فراهمي. حڪومت سکيا واري شعبي ۾ حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج کوليو آهي. اهو ادارو ضرورتن مطابق پوري جاء ۽ تدريسي عملي جي کوٽ سبب مسئلن جو شڪار هو. ڪاليج عارضي طور حيدرآباد سول اسپتال جي احاطي ۾ هڪ عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اداري جي فوري ضرورتن جي پورائي لاءِ ويجهو ئي هڪ نئين عمارت تعمير ڪئي وئي آهي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي نئين عمارت جي تعمير سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي حيدرآباد شهر جي سامهون مجوزه يونيورسٽي ٽائون شپ ۾ ڪم اڳيئي شروع ٿي ويو آهي. انهي ڪاليج تي خرچ جو تخمينو تقريباً ڏيڍ ڪروڙ آهي ۽ ڪاليج جي عمارتن جي ايندڙ سال تعمير لاءِ 55/ 1954ع جي بجيٽ ۾ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن.

خواندگي (Literacy): سنڌ ۽ خيرپور جي 1951ع جي آدمشماري مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ خيرپور جي آبادي تعليم يافته ليکجڻ جي منزل کان گهڻو پري آهي. آدمشماري ۾ خواندگي جو جيڪو معيار مقرر ڪيو ويو هو اهو بلڪل ابتدائي قسم جو هو. جنهن به شخص اها دعويٰ ٿي ڪئي ته هو پڙهي سگهي ٿو انهي لاءِ اهو ضروري نه هو ته هو هٿ جي لکيل تحرير پڙهي سگهي پر هن لاءِ صاف پرنٽ ئي پڙهي سگهڻ ڪافي هو. جنهن شخص چيو ٿي ته هو لکي سگهيو ٿي انهي کي به فقط هڪ سادو ۽ سولو خط لکي ڏيکارڻو هو. گذريل آدمشمارين ۾ ورتل خواندگي جي معيار سان ڪو مناسب نموني مقابلو ٿي نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته 1951ع جي آدمشماري ۾ خواندگي جو هڪ مختلف درجو ڪم آندو ويو هو. سنڌ ۽ خيرپور رياست ۾ جملي پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد 652587 هو. اهو جملي آبادي جو 2. 13 سيڪڙو هو. جڏهن ته 1941ع واري آدمشماري ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو جملي انگ 352552 هو جيڪو جملي آبادي جو 8 سيڪڙو هو. انهن مان سڀ ماڻهو هڪ يا وڌيڪ ٻولين ۾ پرنٽ ٿيل مواد پڙهي سگهيا ٿي جيتوڻيڪ ڪجهه ته فقط قرآن پڙهي سگهندا هوندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org