سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:10 

رومين کان بدلو وٺڻ

بني اُميه سلطنت جي مٽجڻ ڪري رومين وجهه وٺي جيڪي ايشيا ڪوچڪ ۾ مسلمانن تي ناجائز ظلم ڪيا هئا، سي مسلمانن جي دلين تي نقش برسنگ هئا. خليفي منصور جي ڏينهن ۾ وري قسطنطنيه جي قيصر هڪ لک فوجن سان ڪاهه ڪئي. رومي فوجن جيحون درياهه جي ڪپ تي اچي خيما کوڙيا. خليفي حسن بن ڪهتابا جي هٿ هيٺ ستر هزار فوج رواني ڪئي. حسن طوفان وانگر رومين تي وڃي ڪڙڪيو. ڪئپوڊيا، مليطين، ماسپيسطيا ۽ ٻين گهڻن شهرن تي قبضو ڪيائين. هن شڪست کان پوءِ بازنطيني شهنشاه خليفة المسلمين سان ستن ورهين لاءِ عارضي صلح ڪيو. فتح کان پوءِ خليفي ڇهن مهينن تائين مٿين شهرن جو سفر ڪري انتظام رکي موٽيو. آئينده رومين جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ ڪلاوڊيا ۾ مضبوط قلعا جوڙائي جدا جدا شهرن ۾ فوجون وهاريائين. هي واقعو سن 140هه ۾ ٿيو.

بحيره خضر Caspian Sea جي ڏکڻ اولهندي ۾ تبرستان جا رهاڪو جن تي سندن امير حڪومت ڪندا هئا ۽ نالي طور خليفي جي ماتحت هئا، سي وقت بوقت عرب سلطنت جي حدن اندر ٽپي قتل عام ۽ ڦرلت ڪندا هئا، خليفي سندن مقابلي لاءِ هڪ فوج ڏياري موڪلي، سندن سردار ويڙهه ۾ مارجي ويا. تبرستان ۽ گيلان جا علائقا عباسي خلافت ۾ شامل ٿي ويا. گيلان ۾ ڊيلم قوم رهندي هئي، جي مجوسي هئا.

اهل بيت سان ظلم

منصور سخت گير، بخيل ۽ نهايتي ڪنجوس بادشاهه هو. سن 143هه ۾ جڏهن هن نئين سر صوبن جي ونڊ ورڇ ڪئي، تڏهن هن جدا جدا علائقن ۾ پنهنجا جاسوس مقرر ڪيا هئا، جي کيس خبرون پهچائيندا هئا. هن وقت مديني منور ۾ حضرت رضي الله عنھ جا پويان رهندا هئا، جي بني حسن ۽ بني حسين ڪري سڏبا هئا. اِمام سڳورا بلڪل سادي حالت ۾ فقر ۽ فاقي ۾ گذر ڪندا هئا. کين ڪجهه واپار ۽ ڪجهه خير خيرات مان آمدني هئي. جنهن تي هو صبر ۽ شڪر ۾ گذران ڪندا هئا. هو ملڪي ڳالهين ۾ بهري وٺڻ کان گهڻو بيزار هئا. ڇاڪاڻ جو انهن ملڪي جهڳڙن جي ڪري ئي ڪوفي ۾ ڪربلا جو معرڪو ٿيو. تنهن کان پوءِ يزيد، هشام ۽ وليد ثاني يا حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪي اَهل بيت وارن سان ظلم ٿي گذريا، سي مسلمانن جي دلين تي بطور ماتم يادگار هئا ۽ اڄ ڏينهن سوڌو آهن، پر بني حسن خواهه بني حسين انهن جهڳڙن کان بلڪل پاڪ هئا. هو پنهنجي وقت جا وڏا فيلسوف ۽ عالم هئا. مخلوق خدا سندن گنج فيضان مان اچي فيض وٺندي هئي. تنهن کانسواءِ مدينة المنوره ۾ خلفاءِ راشدين ۽ ٻين اصحابن سڳورن جا پويان رهندا هئا، جي سلف صالحين جو اولاد هئا ۽ پيغمبر پاڪ جي اولاد سان سندن مائٽيءَ جو سلسلو  لاڳو هو. سندن صبر، رضا ۽ تسليم جي ڪري ئي مروانين جي سلطنت جو خاتمو ٿيو. افسوس جو خليفي ابو جعفر منصور کي به اِمامن سڳورن جي اولاد مان خوف جاڳيو. آخر هن ڪي پنهنجا شرارتي ڇاڙتا مدينة المنوره ڏانهن روانا ڪيا. اِنهي ناپاڪ مراد سان، ته هو اِمامن خلاف ڪا نه ڪا شرارت ڪن!!

اِمام محمد ۽ سندس ڀاءُ اِبراهيمرضه کي جڏهن وقت جي خليفي جي سازش ۽ بدنيتيءَ جي خبر پئي تڏهن هو خوف کان ڀڳا. ٻين ڪيترن ئي معزز خاندانن جي ماڻهن کي جن ۾ حضرت عثمانرضه جي اولاد مان محمد عثماني به هو (جو ابراهيم جو سهرو هو) تن کي زنجيرن سان ٻڌي ڪوفي ۾ وٺي آيا، جتي کين حبيرا جي قلعي ۾ بند رکيائون، جتي ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي رفيقن سميت قتل ڪيا ويا. يا ته وري اُنهن سان اهڙي ناروا هلت ڪئي ويئي جا بني اُميه وارن به اهڙي ڪڏهين ڪانه ڪئي هئي!

اِمام محمد ۽ اِبراهيمرضه ، جي جان بچائي نڪتا هئا، تن لاءِ خليفي هيٺيون اعلان شايع ڪرايو ته:

”ڪو به ماڻهو جيڪڏهن هنن کي پناه ڏيندو ته ساڻن سخت هلت ڪئي ويندي.“

مٿئين اعلان پڌري ٿيڻ کانپوءِ هزارين جاسوس سندن پٺيان پيا، جي عرب جي صحرا ۾ به سندن ڳولا ڪرڻ لڳا. اها صورتحال ايتري تي وڃي پهتي، جو اِمام محمدرضه به تنگ ٿي مديني ۾ پنهنجيءَ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي عراق ڏي روانو ڪيائين، جنهن بصري وارن کي عباسين جي خلاف چوريو. هن وقت جيڪڏهن محمدرضه حجاز ۾ ۽ اِبراهيمرضه عراق ۾ ڪامياب ٿين ها، ته جيڪر عباسين جو خاتمو ٿي وڃي ها. محمدرضه خليفي کي آخر جنگ جو اعلان ڏنو ۽ مديني ۾ جيڪو سندس اهلڪار هو، تنهن کي قيد ڪيائين. حجاز ۽ يمن وارن محمدرضه جي پٺڀرائي ڪئي، کيس مالي مدد ڏيڻ جو به انجام ڪيائون. ٻئي طرف اِمام مالڪ ۽ اِمام اَبو حنيف رضي الله تعاليٰ جي امداد سان هيءَ تحريڪ اڳي کان وڌيڪ زور وٺڻ لڳي. جڏهن تحريڪ زور ورتو تڏهن منصور جي به اک کلي. هن هڪ خط خلاصي ايلچيءَ جي معرفت امام ڏي لکي موڪليو، جنهن مطابق هن سندس خودمختياريءَ کي تسليم ڪيو ۽ کيس ائين به لکي موڪليائين ته جتي رهڻ گهرو اُتي رهي سگهو ٿا ۽ وڏي وظيفي ڏيڻ جو به انجام ڪيائين. پر اِمام محمدرضه لکي موڪليس ته تون مون سان به ساڳي مروت ڪندين جهڙي ابو مسلم، عبدالله بن علي ۽ يزيد بن حبيرا سان ڪئي هئي. خليفي ٻيو هڪ خط روانو ڪيس، جنهن ۾ ڏيکاريائين ته خلافت شرعي احڪامن موجب عباسين جي ميراث آهي، ڇاڪاڻ جو پيغمبر پاڪ کي ڪو پٽ ڪونه هو، تنهن ڪري ڌيءَ وارث ٿي نه ٿي سگهي. حضرت عباسرضه کي پٽ هئا، تنهن صورت ۾ خلاف اعظمى صريحاً عباسين جو حق آهي. ٻئي طرف خليفي پنهنجي ڀاڻيجي عيسيٰ کي لشڪر ڏيئي مديني تي چاڙهي موڪليو. اِمام محمدرضه وٽ فقط ٽن سون ماڻهن جي جماعت هئي، جي شاهي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿيا. ابراهيم جو  به ساڳيو حال ٿيو. هن خليفي جي فوجن کي هڪ ٻن معرڪن ۾ ڀڄائي ڪڍيو، پر آخر جنگ جي ميدان ۾ تير لڳڻ ڪري شهيد ٿي ويو. منصور فتح پاتي مديني ۽ بصره جي جن جن معزز ماڻهن امامن کي مدد ڏني هئي تن کي يا ته قيد ڪيائين يا ته مارائي ڇڏيائين، سندن گهر ڪيرائي ڇڏيائين، سندن باغ ويران ڪرايائين. مديني منور ۾ بني حسن ۽ بني حسين وارن سان ويتر ظلم ڪرڻ لڳو. جيئن سندن وظيفا بند ڪرايائين ۽ مصر کان جيڪا امداد هنن لاءِ ايندي هئي سا به بند ڪرائي ڇڏيائين. امام جعفر الصادق کانئس ڪن ڳالهين لاءِ جڏهن گهر ڪئي، تڏهن هن کي به موت جي سزا جو ڊپ ڏنائين. حبيرا جي بندي خاني ۾ ڪيترائي قيدي قتل ڪيا ويا. حضرت امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ به قيد ۾ سوگها رکيا ويا. ابراهيم جو سر وڍائي سندس والد عبدالله ڏي ڏياري موڪليائين. جنهن قاصد جي هٿ جواب ڏياري موڪليس ته:

”فاني دنيا ۾ اسان جي ڏکن جا ڏينهن ۽ توهان جي بادشاهيءَ جا ڏينهن جلد گذري ويندا ۽ اسان سڀني کي آخر خدا وٽ ڪم پوڻو آهي جو انصاف ڪرڻ وارو ۽ وڏيءَ سگهه وارو آهي.“

خارجين ۽ ڪردن کي شڪست

منصور هينئر حيلن ۽ بهانن سان حجازين کي ڪنبائي ايشيا ۽ آفريقا جو شهنشاهه ٿيو ۽ سندس خطبي جو ڏؤنڪو وڄڻ لڳو. اسپين تي سندس حڪومت ڪانه هئي پر اُتي به کيس خليفة المسلمين ڪري مڃيندا هئا. سن 146هه ۾ هن پنهنجي پٽ جعفر کي حرب بن عبدالله جي سرڪردگيءَ هيٺ موصل جو حاڪم مقرر ڪيو. حرب ڏاڍو جنگجو پهلوان هو. هن سڄي ڪردستان کي ڪنبايو هو. پنهنجي يادگيريءَ لاءِ موصل ۾ قلعو به جوڙايو هئائين. شهزادي جعفر کي هتي زبيده نالي ڌيءَ ڄائي جنهن جو نڪاح خليفي هارون الرشيد سان پوءِ ٿيو. سندس اصل نالو اُمته العزيز هو. پر زبيده کيس ڏاڏي منصور نالو ڏنو هو. خلد بن برمڪ به ڪردستان جي ڪردن کي شڪستون ڏيئي اُتي اَمن اَمان قائم رکيو.

آفريقا ۾ انتظام

عباسي دور ۾ پهريون دفعو خليفي منصور جي ڏينهن ۾ آفريقا جي حاڪم اسپين فتح ڪرڻ جي ارادي سان وڏو لشڪر اسپين تي ڏياري موڪليو. عبدالرحمان الداخل، جو بني اُميه خاندان جو اسپين ۾ پايو وجهندڙ ۽ هن وقت هتي جو حاڪم هو، تنهن عباسي فوجن کي شڪست ڏئي، آفريقا جي حاڪم جو سر وڍي قاصد جي هٿ هيٺ خليفي ڏي ڏياري موڪليو، جو هن وقت مڪي ۾ درٻار لاءِ ويٺو هو. عبدالرحمان جي جاسوس مٿيون سر درٻار ۾ ڦٽو ڪري هليا ويا، ڪنهن کي به هن ڳالهه جي خبر ڪانه پئي. خليفي جي جڏهن کوپڙيءَ تي وڃي نظر پئي تڏهن سڃاڻي چيائين ته ”خدا عبدالرحمان ۽ منهنجي وچ ۾ سمنڊ جوڙي ڇڏيو آهي، انهيءَ ۾ وڏي برڪت رکيل آهي.“

سن 146هه ۾ خليفي جي پاران اَغلب قيروان مقدس ۾ حڪمراني ڪندو هو، جو عربي تميم خاندان مان هو. هن ٻن سالن تائين چڱيءَ طرح سان آفريقا تي بادشاهي ڪئي، پر هڪڙي ڀيري تيونس Tunis جي ڀرسان خارجين سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. کانئس پوءِ عمر آفريقا جو حاڪم ٿيو، جو بلڪل برجستو حاڪم هو. هن ٽن سالن تائين اَمن امان سان بادشاهي ڪئي پر خارجين ٻيهر قيروان فتح ڪيو. عمر مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو. خليفي يزيد مهلبيءَ جي هٿ هيٺ وڏي فوج ڏياري موڪلي. هن خارجين کي سندن جماعتن سميت هڪ ٻئي پٺيان شڪستون ڏنيون. سندن سردار مارجي ويو. يزيد امن اَمان سان 15 سالن تائين آفريقا تي حڪومت ڪئي ۽ خليفي جي مرڻ تائين يعني سن 170هه ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ دائود مهلبي آفريقا جو حاڪم مقرر ٿيو.

ولي عهد کي هدايت

سن 155هه ۾ خليفي رفيقا جو نئون شهر ٻڌايو، تنهن کانسواءِ ڪوفي ۽ بصره جي چوطرف ديوارون ڏياريائين ۽ خندقون به تعمير ڪرايائين. پوين ڏينهن ۾ سو بني حسن خاندان مان زيد کي مدينة المنوره جو حاڪم مقرر ڪيو هئائين. سندس زندگيءَ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، تنهن ڪري پنهنجي پٽ کي هڪڙي درٻار ۾ گهرائي هيٺينءَ ريت هدايت ڪيائين:

”جو ڪم اڄ ٿي سگهي سو سڀان تي نه رک، رعيت ۽ سپاهه کي خوش رکج، ظلم هميشه ٿورو ڪج، خزاني کي قناعت سان خرچ ڪر، جو ڪم توکان ٿي سگهي سو تون پاڻ ڪج، جيڪو به ڪرين سو ڌيان سان ڪر، اُنهن ماڻهن سان دوستي رکج جيڪي توکي چڱي صلاح ڏين. حڪومت جي سرحدن جي سنڀال پوري رکج.“

پٽ کي مٿين هدايت ڪري پاڻ اِنهيءَ ارادي سان مڪي معظمه ڏانهن روانو ٿيو، ته باقي عمر جا ڏينهن مڪي شريف ۾ رهي عبادت الاهي ۾ گذاري، پر سن 158هه ۾ رستي ۾ ويندي مرض الموت مٿس غالب اچي ويو. هن ڪوفي ڏي موٽڻ جو ارادو ڪيو پر تقدير اڳيان تدبير جو ڪو چارو  هلي نه سگهيو، مرض جي شدت جي ڪري مڪي جي ويجهو (بير ميمونه) وٽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ ملڪ الموت هٿان موت جو پيالو پيتائين. هن 22 سال حڪومت ڪئي. هو بدن ۾ هلڪو، ڊگهي قد وارو خوبصورت انسان هو. ملڪي معاملات تي چڱيءَ طرح ڌيان ڏيندو هو. صبح جو نماز کان فارغ ٿي ماڻهن جون درخواستون ٻُڌندو هو ۽ جدا جدا صوبن جي حاڪمن لاءِ حڪم جاري ڪندو هو. شام جو سمورو وقت گهر ۾ ٻارن سان رهندو هو. رات جو ٻيهر وري درٻار ۾ ويهي صبح جي ڪيل ڪم تي غور ڪندو هو.

رات جو ڳچ حصو وزيرن سان صلاح مصلحت ڪندي گذري ويندو هوس. رات جو ننڊ بلڪل ٿوري ڪندو هو. صبح جو سوير اُٿي فوجن کي جاچيندو هو. سرحدي قلعن جي پوري سنڀال رکندو هو. فوجن جو پورو انتظام رکيل هوس، کين چڱا هٿيار هئا، ڪنجوس وري اهڙو هو جو خرچ پکي جي پائي پائي جو حساب ڪتاب پاڻ رکندو هو. انهيءَ لاءِ کيس ابو الدوانيقي جي نالي سان سڏيندا هئا. (دوانيقي درهم جي ڇهين حصي کي سڏيندا هئا)  سخت وري اهڙو هو جو سندس حڪم رعيت کي مڃڻو پوندو هو.

قاضيءَ جي درٻار ۾

هڪڙي ڀيري اُٺن جي چوريءَ جي نسبت مديني ۾ کيس قاضيءَ جي درٻار ۾ وڃڻو پيو. ٻين عام ماڻهن وانگر رواجي طور عدالت خاني ۾ قاضيءَ جي روبرو اچي حاضر ٿيو. وري قاضي به اهڙي مضبوط ارادي وارو انسان هو جو هن جي ڪا به پرواهه نه ڪيائين ته ڪو بادشاهه آهي. قاصيءَ سمورو قصو ٻُڌي جوابدارن کي جوڳي سزا ڏني. خليفي کي قاضيءَ جو انصاف گهڻو پسند آيو ۽ هڪ ناڻي جي ڳوٿري بطور انعام جي ڏنائينس.

سندس پٽ جو چوڻ آهي ته خزاني ۾ سلطنت جي ڏهن سالن جي خرچ جيترو خزانو ڇڏي ويو هو.  مسلمانن سندس ڏينهن ۾ مختلف علوم ۽ فنون طرف گهڻو ڌيان ڏنو. احاديث، فقهه ۽ تفسير جو سڀ ڪم، جو منتشر ٿيل هو، سو هڪڙي مرڪز تي آندائون. علمائن سڳورن به تاليف ۽ تصنيف جو چڱو ڪم ڪيو، جيئن ته حضرت امام مالڪرضه ، امام ابو حنيفرضه علم فقه جي ترتيب ۽ تصنيف لاءِ قلم کنيا. اِبن اسحاق رحه به چڱو ڪم ڪيو. تنهن کانسواءِ اَبن جريح، اوزاعي، سفيان ثوري، حماد بن سلمه رحه سڳورن مختلف علوم ۽ فنون ۾ بيش بها تصنيفات ۽ تاليفات تيار ڪيون. اِنهن علمن کانسواءِ لغت، نحو ۽ علم معاني جي باري ۾ جيڪي به ذخيرا، جن جو دارومدار اڃا تائين رڳو روايتن ۽ ماڻهن جي حافظي تي منحصر هو، تن کي ڪتابن جي صورت ۾ آندائون ۽ هميشه لاءِ محفوظ رکي ويا. تنهن کانسواءِ فارسي ۽ يوناني علوم مثلاً فلڪيات، طِب ۽ هندسه جي ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. خليفي جدا جدا ملڪن مان ترجمان گهرائي، ارسطو، افلاطون ۽ پئٿاگورس جي نادر ۽ ناياب حڪمتي ڪتابن جا ترجما ڪرايا. ساڳئي وقت علمي ضروريات کانسواءِ صنعتي ۽ حرفتي ڪمن ۾ به ملڪ ترقي ڪئي، بغداد شريف اِنهن ڳالهين ۾ ڪمن لاءِ خاص صدرگاهه هو.

محمد المهدي ابن منصور

خليفي منصور کي پنهنجي ڀائٽي عيسيٰ سان ڏاڍي دل هوندي هئي. سندس اها ئي مرضي هئي ته کانئس پوءِ هو تخت جو وارث ٿئي، پر هينئر مرڻ کان اڳ پنهنجي پٽ جي تخت نشينيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن کان هن جي بيعت ورتي هئائين. جڏهن مڪي ڏانهن ويندي بير ميمونه وٽ هن دم ڏنو، تڏهن سندس غلامن مان ربيع نالي مرڻ جي ڪنهن کي به خبر ڪانه ڏني بلڪ خليفي کي چڱي پوشاڪ پهرائي ٽيڪ ڏياري لاش جي منهن کي باريڪ نقاب سان ڍڪي اهڙيءَ طرح ويهاريائين ڄڻ بادشاهه سلامت جيئرو ويٺو آهي! پس ڪنهن کي خبر ڪانه پئي ته ڪو خليفو مري ويو آهي. تنهن کانپوءِ غلام خاندان جي حاضر معتبر رفيقن کي سڏائي سندس ڀرسان ويهاريائين ۽ پاڻ اڳيان دسته بست ٿي اهڙي ريت بيٺو جو عام ڏسڻ وارن ائين پي ڄاتو ڄڻ امير المومنين ڪنهن معاملي بنسبت حڪم ڏيئي رهيو آهي. ۽ ربيع نهايتي ادب ۽ تعظيم سان حڪم ٻُڌي رهيو آهي. ربيع ٿورو وقت جهڪي ۽ پوءِ اُٿي چوڻ لڳو. ته حضور حڪم ڏنو آهي ته ”محمد مهدي ابن منصور جي هٿن تي بيعت ورتي وڃي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کي ولي عهد مقرر ڪجي“. مطلب ته هن فرضي حڪم کانپوءِ سن 158هه ۾ شهزادي محمّد المهديءَ جي هٿن تي سڀني بيعت ورتي. پوءِ منصور جي جنازي کي دفنايائون ۽ سندس مرقد جي چؤطرف برابر هڪ سو ٻيون به قبرون تيار ڪرايائون، اِن لاءِ ته ماڻهن کي سندس اصلي قبر جو پتو نه لڳي. تنهن کانپوءِ بغداد ڏي قافلو موٽيو.

سخاوت جي درياهه جون موجون هڻڻ

سن 158هه مطابق سن 775ع ۾ محمد (المهديءَ) جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. سندس ماءُ قديم يمن جي حميري خاندان مان هئي. سندس طبيعت پيءَ کان بلڪل نرالي هئي. جيئن ته هو نرم دل ۽ سخي هو. تخت تي ويهڻ شرط پنهنجي پيءُ جي ڪيل ظلمن کي مٽائڻ لڳو. سندس پيءَ جا جيڪي به ڏوهي هئا يا ٻيا ڳرين سزائن وارا هئا، جي هن وقت قيد ڀوڳي رهيا هئا، تن سڀني کي آزاد ڪيائين. اِمام اِبراهيمرضه جو پٽ حسن، جو هن وقت ترنگ ۾ هو، تنهن کي به آزاد ڪري هن لاءِ وظيفو مقرر ڪيائين. مڪي معظمه ۽ مديني شريف جي ماڻهن لاءِ عام سهولتون ڪيائين. کين ڇنل حقوق موٽائي ڏنائين. آل رسول پاڪ کي جيڪي به وظيفا مصر کان ملندا هئا. سي کين موٽائي ڏنائين. سندس پيءَ جن جن ماڻهن کان ڏنڊ ورتا هئا يا جن جن حڪومت جي اهلڪارن کي سندن عهدن تان لاهي کانئن ڳرا ڏنڊ وصول ڪرڻ جي عيوض ۾ قيد ۾ رکيو هئائين، تن کان ڏنڊ وٺي جدا موڙي گڏ ڪري تنهن موڙيءَ کي (بيت المال المظلم) سڏڻ لڳو. جن ماڻهن جا پڻس پيسا ضبط ڪرايا هئا، تن کي مٿئين بيت المال مان موٽائي ڏيڻ لڳو. مسلمه جو حڪومت جي طرفان رومين سان وڙهندي شهيد ٿيو هو، تنهن جي پوئلڳن کي 20،000 درهم ساليانو وظيفو مقرر ڪري ڏنائين. سن 160هه ۾ جڏهن هو حج ڪرڻ لاءِ مڪي ويو، تڏهن وڏي تزڪ ۽ حشام سان شهر ۾ وارد ٿيو ۽ حجاز جي غريب مسڪينن کي 30،000،000 درهم بطور خيرات جي ورهائي ڏنائين ۽ 150،000 درهم ته فقط مڪي وارن کي ڏنائين.(1) سندس سخا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جي حج جو گرميءَ جي موسم هئي پر خليفي جي طرفان سڀني کي ٿڌو پاڻي ملڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو خليفة المسلمين وٽ برف جا اُٺ ڀريل هئا. هڪ لک ويهه هزار سون جا دينار خيرات ڪيائين.(2) حضرت سرورِ ڪائنات جي روضي مبارڪ کي مديني منوره ۾ ٻيهر پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. حجاز وارن سان جيترا به سندس پيءُ ظلم ڪيا هئا، تن کان وڌيڪ هن ساڻن مروتون ڪيون. مديني جي انصارن مان پنج سو جوان پنهنجي اردليءَ لاءِ چونڊيائين. حڪومت جي طول عرض ۾ جيڪي به حڪومت جا قرضائي هئا، تن لاءِ وظيفا مقرر ڪيائين. مقامات مقدس ڏي ويندڙ رستن تي آرامگاهون جوڙايائين، جن ۾ جدا جدا ڪمرا ۽ کوهه هئا. تنهن کانسواءِ حاجين جي ڀلي لاءِ پهرا مقرر ڪرايائين. جدا شهرن ۾ مڪتب ۽ مساجد تيار ڪرايائين. شام ۾ مروان ثانيءَ جي پٽ بغاوت ڪئي ۽ لشڪر هٿان قيد ٿي آيو، پر هن کيس آزاد ڪري هن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو. مروان جي زال معظنه، جا هن وقت بيواهه هئي، تنهن کي سندس راڻيءَ خضران پنهنجي محلات ۾ رهڻ لاءِ جدا محل ڏنو ۽ گهڻن ئي مروتن سان سندس سنڀال ڪرڻ لڳي. چون ٿا ته راڻي خضران سان خليفي جي گهڻي محبت هئي ۽ سندس مرضيءَ مطابق ڪم ڪندو هو. چون ٿا ته راڻيءَ جي محلات جي چؤطرف هر وقت عرضدارن جا انبوه لڳل هوندا هئا، جن لاءِ راڻي پاڻ وڃي خليفي کي عرض ڪندي هئي.

المُقنّعّ جي ڪوڙي دعوى

هي شخص حڪيم المقنّعّ خراسان ۾ مرو جو رهاڪو هو. هن نبوت ۽ پيغمبري جي دعويٰ ڪئي. (نعوذ بالله) هو هڪڙيءَ اک کان ڪاڻو هو. سندس علم ۾ ايترو تاثير هو جو سُتت ئي گهڻا ماڻهو اچي سندس جهنڊي هيٺان گڏ ٿيا.(3) سندس علمي ڪمالات جا گهڻائي ڪرشما آهن. جيئن ته هن نخشب جي کوهه مان هڪڙو مصنوعي چنڊ ڪڍيو هو، جنهن جي روشني ڇهن ميلن تائين پهچندي هئي. وٽس ايترا ته پوئلڳ اچي گڏ ٿيا، جو سن 161هه ۾ هن زور وٺي بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو ۽ سڄي ماوراءِ اَلنهر ۾ فساد پئجي ويو. ماڻهو کيس خراساني پيغمبر ڪري سڏڻ لڳا. جڏهن خليفي جون فوجون سندس مقابلي ۾ صف آرا ٿيون تڏهن هو وڃي قلعي ۾ لڪو. آخر بيوسيءَ جي حالت ۾ ڪاڻي خودڪشي اختيار ڪئي ۽ سندس ڪوڙي نبوت جو خاتمو ٿيو.(4)

عربن جي قسطنطنيه تي چوٿين يلغار

سن 163هه ۾ عربن وري رومين جو ايشيا ڪوچڪ ۾ مقابلو ڪيو، ڇاڪاڻ جو هنن وري ايشيا ڪوچڪ تي ڪاهي مسلمانن جي شهرن کي برباد ڪري ڪيترن ئي مسلمانن کي شهيد ڪيو. حسن بن ڪهتابا، جو اسلامي لشڪر جو سپهه سالار هو، تنهن بازنطيني سلطنت جي حد ٽپي عيسائين جي شهرن کي ساڙي شهيدن جي خون جو پورو بدلو ورتو. خليفي شهزادي موسيٰ کي بغداد ۾ ويهاري پاڻ فوجون وٺي ٻن سپهه سالارن عيسيٰ بن موسيٰ ۽ عبدالملڪ بن صالح جي پرداخت هيٺ رومين جي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليون. فوجن جو مهندار مشهور يحيٰ بن خالد هو. هنن طوفان وانگر شهرن پٺيان شهر فتح ڪيا. خليفو فوجن جو انتظام ڪري پاڻ بيت المقدس جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. هارون آذربائيجان ۽ آرمينيا جي علائقن تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. سندس صلاح ڪار ثابت بن موسيٰ ۽ فوجن جو مهندار يحى بن خالد مقرر ٿيا. رومي مئگٿاڪومس جي هٿ هيٺ عربن جي مقابلي لاءِ نڪتا ۽ قتل عام کڙو ڪيائون. يحيٰ بن خالد رومين کي شڪست ڏيئي قسطنطنيه تي حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. ٿوري ئي عرصي ۾ عربن باسفورس جي ڪناري تي وڃي ڇانوڻيون هنيون. شهزادي اِيرني Irene جا ليؤ Leo چوٿين جي بيواهه زال هئي ۽ هن وقت پنهنجي پٽ قسطنطنين چوٿين جي پاران بادشاهي ڪندي هئي. تنهن جڏهن اسلامي پرچم قسطنطنيه جي ديوارن هيٺان کتل ڏٺو، تڏهن هڪ وڏي فوج مقابلي لاءِ رواني ڪيائين پر هن فوج کي مسلمانن شڪست ڏني. لاچار رومي شهزاديءَ عرب شهزادي هارون کي صلح لاءِ درخواست رواني ڪئي، جا هن منظور ڪئي. هن صلح نامي ۾ اهي شرط لاڳو هئا ته بازنطيني شهنشاهيت عباسي سلطنت کي ساليانو خراج ڀري ڏيندي، تنهن کانسواءِ اسلامي فوجن جي موٽي وڃڻ لاءِ رستي جو سمورو خرچ ڀري ڏيندي. عرب رومي شهزاديءَ کي (ملڪه اَغسطه اَليون) جي نالي سان سڏيندا هئا. هن فتوحات جي ڪري خلافت جي عظمت جو چراغ وري روشن ٿيڻ لڳو ۽ عهدِ اسلام ۾ قسطنطنيه تي عربن جي هيءَ چوٿين ڪاهه هئي.

عيسيٰ بن موسيٰ جو اڃا تائين تخت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ هو ۽ پاڻ کي سلطنت جو وليعهد سمجهندو هو، سو بني هاشمين جي صلاح سان عهدي تان معزول ڪيو ويو ۽ خليفي پنهنجن ٻن پٽن موسيٰ ۽ هارون جي تخت تي ويهڻ لاءِ فتويٰ ڏني، جي پٽ کيس راڻي خضران جي پيٽان هئا. عيسيٰ کي عيوضي ۾ ڏهه هزار دينار بارگاهِه خلافت مان مرحمت ڪيا ويا.

رومين سان جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن خليفة المسلمين بيت المقدس ڏانهن  زيارت ڪرڻ پئي ويو تڏهن موت جو پيغام کيس رستي ۾ پهتو. جيئن ته مازندان جي جهنگ ۾ جڏهن هڪڙي ڀيري هرڻ جي پٺيان گهوڙو ڇڏيائين تڏهن گهوڙو اهڙو ته تکو پئي ويو جو هڪڙي ڊٺل ديوار سان وڃي زور سان ٽڪريو ۽ خليفو ڦٽجي زخمي ٿي پيو. 21 ماهه محرم الحرام سن 169هه مطابق سن 786ع ۾ هن دنيا مان لڏي دارالبقا ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڪي مؤرخ وري هن ريت لکن ٿا ته خليفي پنهنجي وزير ابو عبدالله کي عهدي تان لاهي ڇڏيو هو ۽ يعقوب بن دائود کي وزير مقرر ڪيو هئائين، جنهن جي ڪري اول الذڪر خليفي کي کاڌي ۾ زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. چون ٿا ته هڪڙي نوڪر خليفي کي کچڙيءَ ۾ زهر وجهي ڏنو. اڃا هن ٿالهيءَ مان ٻه ٽي لقما مس کنيا ته زهر جي وگهي مري ويو.(1) خليفي کي ابو عبدالله ۾ شڪ پيو ۽ کيس شاهي قيدخاني مطبق(2) ۾  قيد رکيائين، جڏهن هارون تخت تي ويٺو، تنهن آزاد ڪيس. مرڻ وقت خليفي مهديءَ جي عمر 43 ورهيه هئي هن 10 ورهيه حڪومت ڪئي. هو قد جو ڊگهو بدن ۾ مضبوط ۽ خوبصورت جوان هو. کيس مازندان جي مقام وٽ دفنايائون.

موسيٰ الهادي بن مهدي

شهزادو موسيٰ، جو هن وقت جرجان ۾ هو سو پيءُ جي مرڻ جو ٻڌي بجليءَ جيان اچي بغداد ۾ پهتو. ڇاڪاڻ جو بغداد ۾ شهزادي هارون کي ڪاروبار هلائڻ لاءِ خليفو مهدي ويهاري ويو هو. مرحوم خليفي جي وصيت موجب اميرن اُمرائن سميت سندس استقبال ڪيو. سڀني سندس بيعت ورتي. سن 169هه ۾ الهاديءَ جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. سندس عمر هن وقت 24 ورهيه هئي. هو دل جو ڪي قدر ڪٺور هو پر سخي ۽ علم دوست بادشاهه هو. هن پنهنجي پيءُ جي وصيت جي خلاف پنهنجي پٽ جعفر کي ولي عهد مقرر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي. يحيٰ بن خالد برمڪي، جو هن وقت ذي اقتدار سپهه سالار ۽ شهزادي هارون جو مشهور صلاحڪار هو، تنهن کي هارون جي سڀني صلاحڪارن ۽ رفيقن سميت قيد ۾ بند رکيائين. هن نه فقط ڀاءُ سان ڦيٽاڙو ڪيو پر پنهنجي ماءُ خضران سان به ڦٽايائين. ڇاڪاڻ جو راڻي اڳئين دستور موجب ملڪي ڪاروبار ۾ دخل ڏيندي هئي. هاديءَ ماءُ جا سڀ اختيارات کسي ورتا ۽ جن جن درٻارين راڻيءَ جي طرفداري ڪئي، تن تي به سخت نظرداري رکيائين. شاهي خاندان جي ڦيٽاڙي ڪري وڏو ممڻ مچي ويو. جيئن ته خليفو پنهنجي پٽ جي طرفداري ڪرڻ لڳو ۽ راڻي شهزادي هارون لاءِ ڪوشش وٺڻ لڳي، خوف هو ته متان هارون کي ڪو نقصان نه پهچي، تنهن ڪري حڪومت جي وفادار نمڪخوار يحيٰ بن خالد برمڪي جي اشاري تي هارون محلات مان نڪري ڀڄي ويو.

اهل بيت سان بيگناهه ظلم

خلافت جا وارث جيتوڻيڪ عباسي هئا، پر مديني منوره ۾ آل رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم  کي گهڻي عزت الله تعاليٰ بخشي هئي. هو فيض ۽ ڪرامات جا صاحب هئا. هن وقت حسين بن علي بن حسن ثاني بن حسن اول بن علي المرتضيٰرضه جي ماڻهو گهڻي عزت ڪرڻ لڳا. جيئن ته گهڻائي هن امام سڳوري جي بيعت جي حلقي ۾ داخل ٿيا، جا ڳالهه وقت جي خليفي الهاديءَ کي نه وڻي، سن 169هه ۾ هن مديني جي عامل عمر بن عبدالعزيز کي  اهل بيت تي سختيءَ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن لاچار بني حسن وارن تي شراب پيئڻ، (نعوذ بالله) جي الزام هيٺ گهڻا ئي ناروا ظلم ڪيا، جنهن ناانصافيءَ کان ماڻهن تنگ ٿي اِمام حسين رضه جي سرڪردگيءَ هيٺ بغاوت ڪئي. خليفي تازي فوج محمد بن سليمان جي هٿ هيٺ حجاز تي فوج رواني ڪئي. هن فساد ۾ امام حسين رضه شهيد ٿيو. سندس سر وڍي بارگاهه خلافت ۾ روانو ڪيائون. تنهن کانسواءِ ٻيا به گهڻائي ماڻهو جن کي اهل بيت لاءِ حُب هئي، هن معرڪي ۾ شهيد ٿيا يا ڪي ته وري جان بچائي ٻين ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا. منجهانئن امام ادريس بن عبدالله بن حسن بن حسن اول بن علي المرتضيٰ بن ابي طالب به هن بيگناهه قتل عام جي ڪري مديني کان مصر ڏي ڀڳو. اُتان وري مغرب الاقصيٰ (طنجه) ڏانهن ڀڄي ويو، جتي بربرن هن جي گهڻي مرحبا ڪئي. آخر هڪڙي رشيد نالي شخص شماخ جي معرفت هن امام کي زهر ڏياري مارائي ڇڏيو، پر سندس هڪڙي ٻانهي حامله هئي، جنهن کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو به ادريس رکيائون. هن يتيم سن 172هه ۾ مغرب الاقصيٰ جي شهنشاهت جو تاج پهريو. سندس خاندان آفريقا ۾ ادريسي خاندان جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن جو بيان اڳتي هلي ڏبو.

تخت نشينيءَ لاءِ ڇڪتاڻ ۽ هاديءَ جو موت

سلطنت جي باري ۾ يا تخت نشينيءَ لاءِ مسلمانن وٽ ڪو به وراثت لاءِ قانون مقرر ڪونهي. دراصل اهو قانون آهي، ته جنهن لاءِ عوام الناس پنهنجي راءِ ڏين. خلافت راشده، جا سچي خلافت شمار ڪجي ٿي، ان زماني ۾ مٿيون اصول قائم هوندو هو. هن زماني ۾ مسلمانن جون جدا جدا بادشاهتون آهن ۽ هرڪا سلطنت پنهنجي رسم ۽ رواج موجب جيئن موقعو ڏسي ٿي، اُهڙيءَ طرح مصلحت عملدرآمد ٿئي ٿي. پر يورپي مؤرخ جو هي لکن ٿا ته مسلمان بادشاهن پنهنجي اولاد ڪاڻ پنهنجن مائٽن جا حق تلف ڪيا، سو محض ناانصافي آهي. جيڪڏهن ڪن ٿورن کڻي ائين به ڪيو ته اُهو الزام سڀني تي مڙهي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ شاهان اِسلام کي الزام يافته سمجهڻ انصاف کان بعيد آهي. خليفي هاديءَ پنهنجي ڀاءُ هارون جا حقوق سلطنت کان محروم ڪرڻ، ۽ پنهنجي پٽ جعفر کي پنهنجو ولي عهد ۽ جانشين مقرر ڪرڻ لاءِ خيال ڪيو، پر هارون جي وڏي مشير يحيٰ ڄاتو ته ”جيڪڏهن سندس آقا تخت نشين ٿيو ته کيس ضرور وزارت جو عهدو عطا ڪندو. هاديءَ ان لاءِ يحيٰ کي پنهنجيءَ راءِ سان متفق ڪرڻ چاهيو. هڪڙي ڏينهن هن يحيٰ کي هيکلو گهرائي ويهه هزار دينارن جي ڳوٿري ۽ خلعت مرحمت ڪئي. پوءِ يحيٰ کي پنهنجي پٽ جي تخت نشينيءَ لاءِ چوريائين. يحيٰ چيو ته يا اَميرالمومنين جيڪڏهن توهين بادشاهه ٿي اهڙيءَ طرح عمل ڪندؤ ته رعايا به پنهنجن قولن ۽ قسمن تي قائم رهي نه سگهندي ۽ اهو مثال رهجي ويندو. بهتر ائين آهي ته وارن کانپوءِ جعفر جي تخت نشيني مقرر فرمايو، ڇاڪاڻ جو شهزادو جعفر هن وقت عمر ۾ ننڍو آهي، ائين نه ٿئي جو توهان کان پوءِ خدانخواسته سلطنت جي شاهي اُمرائن ۽ سردارن ۾ فساد نه پئجي وڃي. ٻيو ته جيڪڏهن مرحوم خليفو المهدي هارون کي وارث نه ڪري وڃي ها، ته اُن صورت ۾ البته توهين جعفر کي ولي عهد مقرر ڪري سگهو ها پر هينئر بني هاشمي خلافت کي قائم رهڻ جو رڳو اهو ئي رستو آهي، جو مان عرض ڪري چڪو آهيان“ جڏهن هاديءَ ڏٺو ته يحيٰ پنهنجي راءِ نه ٿو ڦيري، تڏهن هن کي کڻي قيد ڪيائين ۽ ڀاءُ سان به دشمنيءَ جو اظهار ڪيائين. جنهن ڪري پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ هو تخت گاهه ڇڏي ڀڄي ويو. هاديءَ جي ڪاوڙ وڌڻ لڳي. هن پنهنجي ماءُ خيزران کي زهر ڏيارڻ جو ارادو ڪيو. خيزران کي پٽ جي نيت معلوم ٿي. هن محلات جي ٻانهين کي رشوت ڏيئي، هڪڙيءَ رات جو جيئن هادي پلنگ تي ستو پيو هو، ٻانهين گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيس. هي واقعو سن 170هه مطابق سيپٽمبر سن 786 ۾ ٿيو.(1) وري ڪن مؤرخن جو رايو آهي، ته هادي بغداد جي ڀرسان عيسيٰ آباد جي ڳوٺ ۾ بيمار ٿيو. هن پنهنجيءَ ماءُ خيزران ڏانهن قاصد موڪلي کيس گهرايو، پوءِ باادب عرض ڪيائين ”ته ڪن ملڪي ڳالهين جي ڪري مون توکي دخل ڏيڻ کان روڪيو هو، نه ته مان تنهنجو ساڳيو فرمانبردار فرزند آهيان.“

ائين چئي پنهنجيءَ ماءُ جو هٿ چمي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيائين. پنهنجي ڀاءُ هارون لاءِ آخري وصيت لاءِ لفظ چئي اربع ڏينهن ماهه ربيع الاول سن 170هه ۾ دم ڏنائين.(2) وري ڪي لکن ٿا ته هاديءَ کي ڪنهن زهر ڏنو ۽ گهڻيءَ دقت سان دم ڏنائين.(3)

هارون الرشيد ابن مهدي

جڏهن هاديءَ جو دم ٽُٽو تڏهن هراثمه بن اعين هارون کي تخت تي وهڻ لاءِ اچي مبارڪباد ڏني. هارون ته هراثمه کي موت جو قاصد ڪري ڄاتو، پر جڏهن وزير يحيٰ برمڪي کي کلندو ڏٺائين، تڏهن پڪ ٿيس ته هينئر هادي ڪونهي. خلفاءِ عباسيه جو هي پنجون عظيم الشان تاجدار ربيع الاول جي سورهين تاريخ سن 170هه ۾ خلافت نشين ٿيو. سندس عمر هن وقت ٻاويهه ورهيه هئي ۽ يحيٰ جي پٽ فضل برمڪي کان ست ڏينهن ننڍو هو. فضل جي ماءُ هارون کي ۽ هارون جي ماءُ خيزران فضل کي کير پياريو هو. اڃا اها گفتگو هلي رهي هئي، ته هڪڙيءَ ٻانهي حضور معّليٰ ۾ فرزند ارجمند جي ولادت جي خوشخبري آڻي ڏني. هارون الرشيد هن ڇوڪري جو نالو عبدالله رکيو، جو کانئس پوءِ مامون اعظم جي لقب سان اسلامي تاريخ ۾ مشهور ٿيو. جنهن پنهنجي علم ۽ فضل سان اسلامي تاريخ جي صفحات کي آفتاب عالم جي طرح منّور ڪيو. مؤرخن جو رايو آهي ته اُها رات به ڪا رات چئبي جو اُن رات هڪڙي بادشاهه هي جهان ڇڏيو، ٻيو خلافت نشين ٿيو ۽ ٽيون وري عالمِ وجود ۾ آيو! ابراهيم موصلي جو اُن وقت درٻار جو عديم اَلنظير مفتي ٿي گذريو آهي، تنهن هارون جي تخت نشيني وقت جيڪي بيت پڙهيا تن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

”ڇا توهان نه ڏٺو ته آفتاب بيمار هو، جڏهن هارون آيو، تڏهن سندس نُور چمڪيو.“

 ”دنيا سندس حڪومت ۾ خوبصورتي جو لباس پهريو، ڇاڪاڻ جو هارون سندس بادشاهه ۽ يحيٰ وزير.“

ابراهيم موصلي اڃا شعر ختم ڪين ڪيو هو، ته ايتري ۾ هڪڙو صحرا جو بدّوي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته مون کي خواب ۾ هڪڙي شخص هڪ شعر ٻڌايو، چيائين ته وڃي خليفي هارون الرشيد جي حضور ۾ ٻُڌاءِ. انهن اشعارن جا ترجما هيٺ ڏجن ٿا:

”تو ورثي ۾ قريش کان خلافت پاتي، جا هميشه توهان ٻنهي وٽ ڪنوار ٿي ايندي.

”موسيٰ کان پوءِ هارون ڏانهن ناز ڪندي آئي آهي، ۽ هوءَ ڇو نه ناز ڪري.“

هارون الرشيد تخت تي ويهڻ سان ڪي ڦير ڦارون ڪيون، جيئن ته وزارت جو قلمدان يحيٰ جي سپرد ڪيائين، جو هن وقت سندس هم نشين ۽ هم رفيق هو ۽ جيل جا در کڙڪائي چڪو هو. کيس وزارت جو قلمدان ڏيئي خلعت پهرائي هن ريت چيائين ”ته توکي پنهنجي رعايا تي حڪمراني ڪرڻ جا ڪامل اختيارات عطا ڪريان ٿو، پس جيئن تون چاهين اهڙيءَ طرح عمل ڪر. جنهن کي چاهين معزول ڪر، جنهن کي گهُرين مقرر ڪر“ ائين چئي پنهنجي خاص مهر آڱر مان لاهي کيس سپرد ڪيائين. يحيٰ برمڪي برابر 17 سالن تائين شان شوڪت سان وزارت عاليه جي عهدي تي رهيو.

مذهبي عقائد، علمي فضيلت ۽ فياضي

هي جليل قدر بادشاهه ماهه ذي الحج سن 145هه مطابق 20 مارچ  سن 763ع ٻيءَ روايت موجب پهرين محرم سن 149هه مطابق 15 فيبروري سن 766 ۾ رائي شهر ۾ پيدا ٿيو، سندس پورو نالو هارون بن محمد بن عبدالله ابن محمد ابن علي بن عبدالله ابن عباس آهي. الرشيد سندس لقب هو. جن جن مؤرخين سندس سوانح عمري لکي آهي سي هن ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته سڀني عباسي خليفن مان هارون جامع جميع صفات، وڏو عالم، فاضل، بليغ گهڻو فياض ۽ سخي شهنشاهه ٿي گذريو. هي اُولو العزم شهنشاهه اڪثر ويس بدلائي شب بيدار پيادو بغداد شهر ۽ ان جي ٻاهران گهمندو رعايا جو حال جاچيندو هو. مشهور الف ليله جي داستانن ۾ سندس بامذاق واقعات ڏنل آهن. هر ٻئي سال هو پيادو حج ڪرڻ لاءِ مڪي شريف ويندو هو ۽ جنهن سال نه ويندو هو. اُن سال اسلام جي دشمن سان جهاد ڪندو هو. هو هميشه بغداد ۽ مڪي شريف جو وڏو سفر پيادل ڪندو هو. ڇا وقت جو بادشاهه ۽ عربستان جي تپيل ريگستانن مان پنڌ ڪرڻ مان سندس عادات ۽ استقلال جو پورو پتو پئجي سگهي ٿو. فقط هارون الرشيد اهڙو بادشاهه هو جنهن فرض ادا ڪرڻ لاءِ ايترا مصائب پاڻ تي سٺا هئا. غالباً هارون ئي هڪڙو شخص هو جو روزانو معمولي نمازون ادا ڪرڻ کانسواءِ سڀ رڪعتون پڙهندو هو. جڏهن حج تي ويندو هو، تڏهن پنهنجي همراهه هڪ سو علمائن ۽ پنهنجي پٽن کي وٺي ويندو هو ۽ جڏهن پاڻ نه ويندو هو، تڏهن ٽي سو ماڻهو حج تي روانا ڪندو هو، جي وڏي شان ۽ تجمل سان شاهي خرچ سان ويندا هئا. سندس زهد ۽ رياضت خالص ۽ بي ريا هئي. هو عادتن ۾ خليفي منصور وانگر هو، پر گهڻو سخي ۽ فياض هو. علوم ۽ فنون جو ڏاڍو شائق ۽ خاص ڪري شاعري سان گهڻو شوق رکندو هو. عالمن ۽ فاضلن سڳورن جي محفل ۾ ويهڻ کي گهڻو پسند ڪندو هو. هڪڙي ڀيري سندس محفل ۾ جڏهن ابوالقاهيه انڌي شاعر هڪڙو شعر پڙهيو، جنهن جي معنيٰ هئي ته ”جڏهن موت ايندو ۽ تنهنجو دم سيني ۾ روڪجي نڪرندو تڏهن توکي معلوم ٿيندو ته هيءَ سڄي دنيا سراسر ڪوڙي ۽ فاني آهي.“

خليفو اهو شعر ٻڌي زارو زار روئڻ لڳو. فضل بن يحيٰ برمڪي جو ان وقت محفل ۾ حاضر هو، آخر وزيرزادو هو. بادشاهه جي حالت کي ڏسي غم کي ٽارڻ لاءِ، نابيني شاعر کي روڪڻ لڳو، پر اميرالمومنين فضل کي روڪي چيو ته ابوالقاهيه پنهنجي شعر ۾ جيڪي چئي رهيو آهي، سو سچ چئي رهيو آهي! وري عالمن ۽ فاضلن سڳورن لاءِ ايترو ادب ۽ لحاظ هوس جو، هڪڙي لڱا جڏهن ابو معاويه، هڪڙو انڌو عالم، سندس محفل ۾ آيو تڏهن شهنشاهه پاڻ آفتاب ۽ چلمچي کڻي سندس هٿ ڌوئاريا، اِنهن ڳالهين مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪيتري قدر بادشاهه کي علم لاءِ دوستي دل ۾ هئي.

تخت تي ويهڻ وقت پهرئين ئي سال حج بيت الله جي زيارت لاءِ حرمين شريفين روانو ٿيو. دوران سفر ۾ ايتريقدر خيرات ڪيائين جو حجاز ۾ ماڻهو سندس فياضيءَ کان مالامال ٿي ويا.

برمڪي خاندان جو ڪمال ۽ زوال

هن جليل القدر خليفي جي عهد مهد ۾ گهڻائي اهل ڪمال ۽ عقلاء ٿي گذريا، جن جي حسن انتظام جي ڪري ئي سلطنت کي رونق حاصل ٿي، خاص ڪري برمڪي خاندان جون قابليتون ۽ لياقتون اظهر من الشمس آهن. رڳو يحيٰ بن خالد 17 ورهين تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي مامور رهيو ۽ سلطنت کي وڏي اوج تي پهچايائين. جيئن ساساني شهنشاهه نوشيروان پنهنجي عدل ۽ ڪمال جي ڪري مشهور ليکجي ٿو تيئن خير الامم جي تاجدارن مان خليفة المسلمين هارون الرشيد به هڪ زبردست شهنشاهه ٿي گذريو آهي. هو پڪو زاهد، سخي دل انسان ۽ پنهنجي حسن اخلاق جي خدائي ڏات سان پنهنجي سلطنت جي طول ۽ عرض ۾ هر دل عزيز هو. سندس حڪومت جو زمانو رعايا لاءِ نهايت ئي ڪمال مسرت ۽ راحت جو بينظير زمانو هو. هو پنهنجيءَ وسيع سلطنت جي هر هڪ علائقي ۾ پاڻ گهمي ملڪ جي صحيح حالت جاچيندو هو ۽ رعايا سان پورو پورو انصاف ڪندو هو. سندس ڏينهن ۾ جيڪي به ڌارين ملڪن جا واپاري يا سياح آيا سي سندس ڏاڍي تعريف ڪن ٿا. هن پنهنجي عهدِ مهد ۾ مڪتب، شفاخانا، شاهي رستا، مسافر خانا، نهرون، پليون، سيرگاهون ۽ مساجد تعمير ڪرايا. تن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته بني نوع جي ڀلي لاءِ ۽ سنڀال لاءِ کيس ڪيترو نه خيال هو.

اسين اڳ ذڪر ڪري چڪا آهيون، ته عربن جيڪي ملڪ فتح ڪيا، اُتي جو انتظام به اُنهن ملڪن جي حڪام موجب عمل ۾ آندائون. خاص ڪري عباسين کي جيڪو عروج ۽ اقتدار حاصل ٿيو، سو محض اِيرانين جي مدد سان ئي ٿيو. تنهن ڪري اهو فطرتاً هو ته ايرانين کي بغداد ۾ زياده اقتدار حاصل هو. اسين هينئر ڏسي رهيا آهيون، ته هڪڙي ايراني نسل جي شخص جي هٿ هيٺ سڄيءَ سلطنت جون واڳون آهن، جنهن جي طرزِ حڪومت به ساساني نموني جهڙي آهي، هن وقت سڄيءَ خلافت جون واڳون وزيراعظم جي هٿ هيٺ هيون، اهو سلسلو وڌي وڌي ايتري پيماني تي وڃي پهتو جو پويان خليفا گويا وزارت جي هٿن ۾ کيڏوڻا هئا. جيئن وزير ڪري تيئن ٿيڻ لڳو. تنهن جو بيان ته اڳتي هلي ڏبو، في الحال اسان کي برمڪي خاندان جي باري ۾ ڪجهه روشني وجهڻي آهي. يحيٰ جو پيءَ خالد، جو برمڪ جو پٽ هو. سو هڪڙي شريف ايراني خاندان مان هو. جنهن خاندان کي فوجي خدمتن جي عيوض ڪي جاگيرون مليل هيون. خالد جو شجرو به قديم ايران جي اُن زماني تائين وڃي پهچي ٿو، جڏهن فارس جي سلطنت پنهنجي ڪمال اوج تي پهتل هئي. خالد جو پيءُ برمڪ نوبهار جي هڪڙي عظيم الشان آتشڪده جو برمڪ يعنيٰ متولي هو، جنهن کي فارس جي شهنشاهه منوچهر ماهتاب جو نالو ڏنو هو. حضرت عثمان رضهّ جي ڏينهن ۾ جڏهن اسلامي فوجن خراسان سَر ڪيو، تڏهن مٿيون آتشڪدو به ويران ٿي ويو، جو ڪو وقت شان شوڪت جي لحاظ سان دنيا ۾ مشهور هو. مندر جي ويران ٿيڻ کان پوءِ برمڪي خاندان سخت تڪليفون سٺيون. سن 86هه ۾ خليفي وليد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ جڏهن قتيبه بن مسلم حجاج بن يوسف جي پاران خراسان جو حاڪم ٿيو، تڏهن مسلمانن مروّ تي ڪاه ڪئي ۽ گهڻو غنيمت جو مال مسلمانن کي هٿ لڳو. اتفاق سان مال سان گڏ برمڪي خاندان جون ڪي زالون به هيون. جن مان هڪڙي عبدالله بن مسلم قتيبه جي ڀاءُ کي ورهاڱي ۾ ملي. قدرت سان ٿورن ڏينهن ۾ هن عورت کي حمل ٿيو. جڏهن بلخ وارن سان پوءِ صلح ٿيو، تڏهن قتيبه جي حڪم سان سموريون زالون موٽائي ڏنائون. عبدالله به پنهنجي زال برمڪين کي موٽائي ڏني پر ان شرط سان، ته  جي پٽ ڄائو ته اسان جو ڪري ليکبو. حمل جي پوري ٿيڻ کان پوءِ خالد ڄائو جنهن جي تعليم ۽ تربيت جي باري ۾ مؤرخ ڪا وڌيڪ خام فرسائي نه ٿا ڪن، پر ايترو چئبو ته خالد جي عروج جو زمانو سفّاح جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو، جڏهن ابو مسلم خراساني قتل ٿيو، تڏهن وزارت جي معزز منصب تي خالد مقرر ٿيو.(1)

خالد نهايت ئي ذهين ۽ هشيار هو. مشهور مؤرخ اَلمسعودي سندس تعريف ڪري ٿو. هن ظاهري طرح هن وقت مذهب اسلام اختيار ڪيو هو پر تڏهن به پنهنجي وطن مالوف جي پراڻين روايتن ۽ اڳوڻي مذهب، اَباڻي ڏانهن سندس طبيعت مائل هئي. خليفي منصور جي ڏينهن ۾ وزارت تي قائم رهيو. پر بعض بغاوتن کي مٽائڻ لاءِ سپھ سالاري جو ڪم به کيس سپرد هو. مهدي بن منصور جي زماني ۾ ولي عهدن جو اتاليق ٿي رهيو. آخر سن 163هه ۾ وفات پاتائين. سندس پٽن مان هڪڙو يحيٰ هو جو دنيا جي مشهور وزيرن مان ليکجي ٿو. هو هشام بن عبدالملڪ اُموي جي حڪومت جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو. سندس طفوليت، تعليم ۽ تربيت جي گهڻي خبر پئجي نه ٿي سگهي. فقط ايتري سو خبر پئي ٿي ته سلطنت جو ڪارڪن هو. سندس قابليت کي ڏسي خليفي مهدي کيس هارون جو اتاليق مقرر ڪيو. هن آذربائيجان ۽ آرمينا جي جنگين ۾ چڱو نالو ڪڍيو. هادي جي زماني ۾ به وزارت تي مامور رهيو. هارون جي تخت نشيني جي باري ۾ هن خليفي جي مخالفت ڪئي ۽ جيل ڀوڳيائين، پر جڏهن هارون خلافت تي قدم رکيو، تڏهن کيس سياه ۽ سفيد جو مختيار ڪل مقرر ڪيائين. هن پنهنجو فرض منصبي نهايت ئي بيدار مغزي ۽ لياقت سان انجام ڏنو. سرحدن تي قلعا تعمير ڪرايائين. سلطنت جي جن جن ڪمن ۾ ڪمي هئي، تن کي مڪمل طرح سان درست ڪيائين. شاهي خزاني کي معمور ڪري ڇڏيائين. سلطنت جي صوبن کي واپار سان ترقي ڏنائين. اَمن امان رکڻ ۾ اهڙو پاڻ پتوڙيائين، جو عام جي حفاظت رکڻ سلطنت کي خوشحال فارغ البال ۽ شان شوڪت سان اعليٰ ترين درجي تي پهچايائين. هو سڀني ڳالهين ۾ نهايت ئي فصيح عقيل ۽ شعور جو صاحب هو. سلطنت ۾ جيڪي به فساد ۽ فتنا ٿيندا هئا، تن کي پنهنجي خداداد لياقت سان رفع ڪندو هو. اخلاق اهڙو هوس جو هر هڪ شخص کي هن لاءِ عزت هئي. خليفةالمسلمين جي درٻار ۾ هزارين اهل علم ۽ ڪمال جا صاحب موجود رهندا هئا پر يحي! به وڏو شاعر ۽ خاص ڪري نجوم جي علم ۾ گهڻي مهارت رکندڙ هو. اِهو ئي سبب هوجو لکين رپيا وقت تي خيرات ڪندو هو. اڪثر دنيا جي فاضلن ۽ شاعرن سندس فياضيءَ تي وڏا وڏا قصيدا لکيا آهن.(1) کيس 8 پٽ هئا. فضل، محمد، جعفر، موسيٰ، عباس، احمد، خالد ۽ عبدالله سندن نالا هئا. جي پيءُ کي سلطنت جي ڪاروبار ۾ مدد ڏيندا هئا. جعفر وزارت جو شاهي صلاح ڪار ۽ خزانچي هو ۽ خليفي جو رضاعي ڀاءُ هو، پر خليفةالمسلمين جعفر کي پنهنجيءَ صحبت ۾ گهڻو رکندو هو. سير ۽ تفريح طبع جي وقت به جعفر کي پاڻ سان گڏ وٺي نڪرندو هو. اڪثر رات جو جڏهن عيش ۽ عشرت جي محفل گرم ٿيندي هئي، تڏهن جعفر، اَبو نواس شاعر ۽ مسرور حبشي جلاد هڪڙي ئي هنڌ تي گڏ ٿي ويهندا هئا ۽ صبح جي نماز جي وقت تائين محفل گرم رهندي هئي.(2) اسحاق بن ابراهيم موصلي هڪڙي ٻانهي فضل بن يحيٰ وٽ تحفه طور پيش ڪئي. کيس 50 هزار دينار وزير زادي وٺائي ڏنا. امام محمد بن ابراهيم وٽس آيو، چيائين ته مون تي ڏهه لک درهم قرض چڙهي ويو آهي، ڪنهن سان حال ڪري نه ٿو سگهان. فضل جواهرات جي هڪڙي صندوق سندس گهر رواني ڪئي، جنهن جي قيمت ڏهه لک درهم هئي.

(1)                     سلطنت جو سمورو ڪاروبار برمڪين جي هٿن ۾ هو، جي ايراني هئا. پر عربن جي جماعت کي هنن سان وير هو. هن جماعت جو باني فضل بن اَلربيع هو، جنهن جو پيءُ خليفي هاديءَ جو وزير هو، پر جڏهن هارون تخت تي ويٺو، تڏهن هن وزارت جون واڳون يحيٰ جي سپرد ڪيون، اُن ڏينهن کان وٺي عرب برمڪين جي مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ روز خليفةالمسلمين کي پنهنجي وزيرن جي خلاف گمنام خط ملڻ لڳا. هنن خليفي کي ڄاڻايو ته ”تون خدا جي زمين تي محض نالي طور بادشاهه آهين، مگر حقيقت ۾ ملڪ جا والي وارث برمڪي آهن، جي تنهنجي مرڻ کانپوءِ بني هاشمي سلطنت جو خاتمو ڪري ساساني سلطنت کي قائم رکندا.“ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته برمڪي هن وقت اوج جي ڪمال تي پهتل هئا. سندن محلات خليفي جي محلات قصرالخلد کان هزار دفعا بيش بها هئا. جن  جون ڇتيون عنبر جون ۽ فرش تي موتي ۽ لعل جڙيل هئا. سندن جاهه ۽ حشمت کان زمين لرزه براندام هئي. جڏهن برمڪي محلات کان ٻاهر نڪرندا هئا ته اشرفين ۽ رپين جون ٿيلهيون ساڻ کڻي نڪرندا هئا ۽ لکين رپيا هڪڙي لحذي ۾ خيرات ڪندا هئا ته اشرفين جي طور عرض ۾ سندن سخا ۽ مروت جو چرچو لڳل هو. ايتريقدر جو خود شاهي درٻار جا شاعر به سندن ثنا خواني ڪرڻ کان ڪين ڍاپندا هئا. اِهي سڀ اهڙيو ڳالهيون هيون جن بادشاهه جي طبيعت کي مشتعل ڪري ڇڏيو.

(2)        برمڪي خاندان وارا مذهبي پابندين تي پورا ڪين هئا. شيعن جي پيدا ڪيل بدعتن طرف سندن طبيعت جو گهڻو ميلان هو. سندن محلاتن ۾ جيڪي به مذهبي محفلون برپا ٿينديون هيون تن ۾ هو کليءَ طرح سان راءِ زني ڪندا هئا. جي ڳالهيون سندن دشمن خليفةالمسلمين جي ڪن تي پهچائيندا هئا. خليفو هوڏانهن پڪو سني مسلمان هو، ٻيو ته سوين مسلمانن جي صحيح سان هڪڙي وڏي عالم بادشاهه جي حضور ۾ وزيرن جي خلاف هڪڙي عرضي پيش ڪئي جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته يحيٰ بن خالد ۽ سندس پٽ ۽ ٻيا مائٽ مُرتد ۽ زاني آهن، پر کين مسلمانن تي غير محدود اختيارات حڪومت ڪرڻ لاءِ ڏنل آهن. خليفي اُها عرضي يحيٰ کي ڏيکاري ۽ سندس چوڻ تي مٿئين عالم محمد نالي کي قيد ڪرايائين پر تنهن هوندي به سندس دل ۾ شڪ رهجي ويو.

(3)        هڪڙو خانگي واقعو ٿي گذريو جنهن کي مٽائڻ لاءِ لاچار خليفةالمسلمين کي ڪي اهڙا ڪم ڪرڻا پيا جنهن مان برمڪين جي خاندان جي تباهي ٿي. اُهو واقعو اگرچه افسانو آهي پر مؤرخين اڪثر راءِ زني ڪن ٿا

 يحيٰ پراڻو نوڪر هو ۽ بادشاهه جو اتاليق به هو تنهنڪري کيس ديرينه خذمات جي ڪري اجازت هئي ته ڪنهن به وقت سواءِ اجازت جي بارگاهه خلافت ۾ حاضر ٿي سگهي ٿو. پر هاڻي جڏهن خليفي جي ڪنن کي ماڻهن شڪايتن سان ڦوڪي ڇڏيو هو، تنهن حالتن ۾ جڏهن به يحيٰ ايندو هو ته بادشاهه کي غصو لڳندو هو پر هو ظاهري وزير کي ڪجهه چئي نه سگهندو هو.

هڪڙي ڏينهن جڏهن خليفي حضور وٽ بختيشوع(1) طبيب حاضر هوتڏهن يحيٰ به اچي حاضر ٿيو، پر حڪيم چئي ٿو ته بادشاهه مونکي چيو: ڏس بختيشوع تنهنجي گهر ائين ڪو به ماڻهو اجازت کانسواءِ گِهڙي سگهي ٿو؟ ڏس هي وزير ڪيئن نه اجازت کانسواءِ اچي وڃي ٿو“. قصو ڪوتاهه يحيٰ نااُميديءَ جي حالت ۾ سن 190هه ۾ ڪوفي جي جيل ۾ آخري دم ڏنو.

فضل سان به خليفي جي ازحد محبت هئي. کيس ڀاءُ ڪري سڏيندو هو. هو پيءُ وانگر سخي ۽ فياض هو. علم ۽ هنر جو اهڙو قدر دان هو جو چون ٿا ته سڀ کان پهرين هن ڪاغذن جوڙڻ جو ڪارخانو جاري ڪيو هو. سن 147هه ۾ ڄائو هو ۽ 45 ورهين جي ڄمار ۾ راقه جي جيل ۾ دم ڏنائين.

جعفر برمڪي يحيٰ جو ٻيو نمبر وڏو پٽ هو. خليفي جي هن سان ايتري ته محبت هئي جو هڪڙو پل به پاڻ کان جدا ڪين رکندو هوس. جيڪو لباس اَميرالمومنين پاڻ پائيندو هو اُهڙو جعفر کي به پهرائيندو هو. بعض گهمرا ته خليفي سان هڪڙيئي پلنگ تي گڏ سمهندو هو. سندس ذهانت ۽ دانشمندي تي گويا بادشاهه عاشق هوس. هو وڏو فاضل، فقيهه، حديث ۽ عربستان جي تاريخ مان خوب واقف هو. ماڻهو جعفر جي خلاف به بادشاهه کي شڪايتون ڪندا هئا پر بادشاهه گهڻو غور ڪونه ڏيندو هو. پر وڏي ناراضگيءَ جو پهريون سبب هي هو جو جڏهن فضل برمڪيءَ حضرت علي جي اولاد مان يحيٰ بن عبدالله کي، جنهن ديلم ۾ بغاوت ڪئي هئي، بغداد ۾ آندو. تڏهن خليفي هن جي لاءِ قتل جو حڪم ڏنو ۽ يحيٰ جي ٻانهن جعفر حوالي ڪيائين. پر جعفر هن کي آزاد ڪري ڇڏيو. اُن ڏينهن کان وٺي خليفي جي طبيعت کي هٿ نه لڳي تيسين ڪجهه نه پئي ڪري سگهيو. جعفر جو محلات به نهايت ئي قيمتي هو. مٿس بيشمار خرچ لڳو هو. خليفو به حيران هو، ته رڳو وزير جو محلات ايترو قيمتي آهي ته سندس ٻيو خرچ الائي ڪيتري پيماني تي هوندو!

عّباسه جي جعفر سان شادي ۽ برمڪي خاندان جي تباهي

سڀني مؤرخن جعفر جي قتل جي افساني ۾ رنگ آميزي ڪئي آهي. اِهو واقعو جيتوڻيڪ عقل جي خلاف نظر ٿو اچي پر افسوس جو اِسلامي تاريخ جي شهرهء آفاق مؤرخ اَبو جعفر محمد جرير (طبري) به پنهنجيءَ تاريخ ڪبير ۾ هن واقعي جو ذڪر ڏنو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو کانئس پوءِ زماني جي اڪثر مؤرخن هن ڳالهه کي سچو سمجهي بيان ڏنو آهي. وري ناول نويسن ۽ فسانه نگارن هن تي حاشيا چاڙهيا ۽ مخالفن به پنهنجي دل جا اَرمان ڪڍيا آهن. تنهنڪري اسين به لاچار هن واقعي کي پنهنجيءَ تاريخ ۾ قلمبند ڪريون ٿا. الائي هي ڳالهه ڪيتري قدر سچ آهي، تنهن لاءِ اسين اَمير علي جهڙن ۽ ٻين، جي تاريخ اِسلام جا مايهء ناز گوهر آهن، سي ڏيکارين ٿا ته شهزادي عباسه جي شادي جعفر بن يحيٰ برمڪي سان ٿي هئي.

عّلامه طبري هيٺين لفظن ۾ هن واقعي جو بيان ڪري ٿو.

” مونسان احمد بن زهريءَ هيءَ حڪايت بيان ڪئي، مان ڄاڻان ٿو ته هن پنهنجي چاچي زاهر بن حربه کان ٻڌي آهي. اها هن ريت آهي، ته ڪهڙي ڳالهه جعفر ۽ برمڪي خاندان جي هلاڪت جو سبب ٿي. خليفو هارون الرشيد جعفر ۽ پنهنجي ڀيڻ عباسه کانسواءِ صبر ۾ رهي نه سگهندو هو. هن جي مرضي هئي ته ٻئي ڄڻان شراب نوشي جي محفل ۾ شامل ٿين. (هو ائين ڪري نه پئي سگهيا، ڇاڪاڻ جو غير محرم هئا). تنهنڪري هارون (هڪ ٻئي جي ملاقات کي حلال ۽ مباح ڪرڻ لاءِ) جعفر کي چيو ته مان عباسه جو عقد جعفر سان ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته شهزادي عباسه سان خليفي هارون الرشيد کي ڏاڍي محبت هئي. پر پردي جي سبب ڪري هوءَ جعفر جي سامهون اچي نه سگهندي هئي. ان ڪري خليفي خيال ڪيو ته جيڪڏهن عباسه جو نڪاح جعفر سان ڪبو ته پوءِ پردي جو حجاب لهي ويندو ۽ ٻئي منهنجي خلوت گاهه ۾ اچي وڃي سگهندا.

پر ياد رکڻ گهرجي ته خليفي هارون الرشيد کي هن ڳالهه تي فخر هو ۽ پاڻ به چوندو هو ته مان پهريون ئي خليفو آهيان جو خالص هاشمي نسل مان آهيان. پس سندس اِها مراد ڪانه هئي ته سندس خاندان جو خالص خون هڪڙي ايراني جوان جي خون جي آميزش کان ميرو ٿي وڃي. اِنڪري نڪاح وقت خليفي پنهنجي ڀيڻ عباسه ۽ وزير جعفر کان قسم کڻايو ته ملاقات ڪرڻ کان سواءِ هو شاديءَ وارا ٻيا ڪي به تعلقات نه رکندا پر ياد رکو ته توهان جو نڪاح محض نالي طور ڪيو ويو آهي.

هن نڪاح ۽ قسم کان پوءِ جعفر آزاديءَ سان سلطاني حرم ۾ ايندو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اتفاق به ٿيندو هو، جو شهزادين سان گڏ اُٿندو ويهندو هو. خليفةالمسلمين جي ناراضگيءَ جي به هن کي چڱي پرخبر هئي، تنهن ڪري ڪڏهن به عباسه ڏانهن اک ڦيري به نه سگهيو. مگر عباسه جي حال ڏانهن به غور ڪري ڏسو جو هن شادي ڪانه ڪئي هئي ۽ ڪنواري رهندي هئي، پر سندس اها مرضي نه هئي ته ڪو سڄي عمر ڪنوار پڻي ۾ رهان! تنهن کانسواءِ وزيرزادو نهايتي حسين خوبصورت جوان هو، تنهن ڪري عباسه کي اچي هن لاءِ دل ۾ عشق جاڳيو. هن جعفر جي ماءُ کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ لالچ ڏني. ڪجهه خوف کان هن پوڙهيءَ ٻنهين جي ملاقات پاڻ ۾ ڪرائي. افسوس جو جعفر کي اها خبر نه پئي ته ڪو هي عباسه آهي؟ جڏهن صبح جو اڌ رات جي شراب جي نشي جا خمار ٽٽا تڏهن جعفر ماءُ کي پُڪاري چيو ته اجهو برباد ٿياسون. خير ڳالهه لڪائي رکيائون. جو ان ۾ طرفين جو ڀلو هو. ملاقاتون پاڻ ۾ ڪندا رهيا. کيس جعفر مان ٻه پٽ به ڄاوا جي ڳجهيءَ طرح سان مڪي شريف ۾ تعليم ۽ تربيت وٺندا هئا. ڪائي خبر ڪانه پئي ته معاملو ڪيئن ٿو هلي. جعفر کي سطاني حرم ۾ گهڻي عزت هئي، ڇاڪاڻ جو شهزادين جا سمورا ڪم جعفر جي معرفت پورا ٿيندا هئا. پر افسوس جو هو راڻي زبيده کي راضي رکي نه سگهيو، جا خليفي جي چاچي جي ڌيءُ هئي ۽ بادشاهه جي سڀني راڻين کي هن سان دل هئي. ٻيو ته جڏهن جعفر سرڪاري باغي يحيٰ بن عبدالله کي قيد مان آزاد ڪيو، تڏهن خليفي کي وزير جي ڪاروائي تي ڏاڍو غصو آيو. جڏهن هن پنهنجيءَ پياري راڻيءَ سان وزير بنسبت صلاح مصلحت ڪئي تڏهن راڻيءَ سمورو راز بادشاهه کي سليو. آخرڪار سن 187هه ۾ جڏهن خليفي حج ڪري انبار وٽ منزل ڪئي، تڏهن جعفر به سندس همراهه هو. تڏهن هن مسرور جلاد کي جعفر جي قتل ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. جنهن وزير کي قتل ڪري ڇڏيو. ساڳيءَ رات فضل کي به قيد ڪيائين. يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جون جيڪي جاگيرون، محلات، غلام ۽ مال سميت هٿ لڳس سي سڀ گرفتار ڪيائين ۽ هڪڙو فرمان جاري ڪيائين. جنهن موجب ننڍا توڙي وڏا هن خاندان جا ماڻهو سڀ گرفتار ڪيا ويا. جعفر جي لاش کي ٻه ٽڪرا ڪرائي بغداد جي پل جي ٻنهي پاسن کان لڙڪائي ڇڏيائين. هن عتاب شاهي کان فقط محمد بن خالد برمڪي باقي بچي ويو. خليفي اها مهرباني سو ڪئي جو يحيٰ جي ڌيئرن کي ڪجهه به نه ڪيائين.

خليفي کي هن واقعي کان سخت صدمو رسيو ڇاڪاڻ جو شاهي عزت لاءِ هڪڙو سياهه داغ هو. هڪڙي رات جو جيئن شهزادي عباسه پنهنجي محلات جي ڪمري ۾ ستل هئي، تيئن خليفو مسرور جلاد ۽ ڏهن مزدورن سان ڀيڻ جي ڪمري ۾ ويو، جلاد کي مارڻ لاءِ حڪم ڏنائين، جنهن هڪڙي ڌڪ سان عباسه جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. پوءِ ڪمري جو فرش مزدورن کان پاڻ بيهي کوٽائي عباسه جي لاش کي هڪڙي صندوق ۾ بند ڪرائي دفنائي ڇڏيائين. تاڪه هن واقعي جي ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي. محلات جي ڪمري جون ڪنجيون پنهنجي قبضي ۾ رکيائين.

هڪڙو شخص مديني منوره روانو ڪيائين، جنهن جعفر جي ٻن پٽن کي بغداد آندو، سندن نالو الحسن ۽ الحسين هو. هو نهايتي خوبصورت هئا. منجهن هاشمي فصاحت ۽ بلاغت موجود هئي. خليفو کين ڏسي گهڻو رُنو. پوءِ مسرور جلاد جي هٿان کين قتل ڪرائي محلات جي ساڳي ڪمري ۾ دفنائي ڇڏيائين.

رومين خلاف جهاد

هن وقت بازنطيني سلطنت جي اڳوڻن شهنشاهن جيڪي به عهدناما عباسي خليفن سان ڪيا هئا، سي ڀڃي ڇڏيائون. خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ هنن سن 181هه ۾ موصل جي علائقي تي ڪاهه ڪئي پر متارن ۽ اُنسريا جي معرڪن ۾ شڪست کاڌائون. تنهن کان پوءِ بحيره روم ۾ يونانين ۽ عربن جي بحري جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪريٽ ۽ قبرس جا ٻيٽ مسلمانن فتح ڪيا ۽ يوناني اميرالبحر هٿيو فيلوس کي قيد ڪري خليفي جي حضور ۾ آندائون. خليفي کيس اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني، پر هن انڪار ڪيو جنهن تي قتل ٿي ويو. رومين صلح لاءِ درخواست ڪئي، جا خليفي منظور ڪئي، پر ستت ئي قسطنطنيه جي سلطنت ۾ ڦيرڦار پئجي ويو. جنهن ڪري لاچار خليفةالمسلمين کي به مياڻ مان تلوار ڪڍڻي پئي. اُهو واقعو هن ريت آهي. سن 182هه مطابق سن 792ع ۾ شهزادي اغسطه اَليون، جا تاريخن ۾ ايرنيءَ Irene جي نالي سان مشهور آهي، تنهن پنهنجي همزاد عطيوس جي اِشاري تي پنهنجي پٽ شهزادي قسطنطنين کي، جو تخت لاءِ ولي عهد هو، اَنڌو ڪري پاڻ تخت تي ويٺي ۽ اغسطه جي لقب سان پنجن سالن تائين قسطنطنيه تي حڪومت ڪيائين. هن راڻيءَ خليفي سان صلح ڪيو هو ۽ عهدنامي جي مطابق قيدين جي به مٽاسٽ ٿي ۽ ستر هزار دينار ساليانو خرچ عباسي سلطنت کي ڏيڻو ڪيائين. بازنطيني شهنشاهيت، جا هن وقت برسر اِقتدار هئي، يورپ کي جنهن تي ناز هو، سا اِسلامي سلطنت کي خراج ڀرڻ لڳي. راڻي جي چال کان ستت ئي يوناني بيزار ٿيا، هنن فساد کڙو ڪيو. آخر هنن راڻيءَ کي معزول ڪري شاهي خاندان مان نقفور Nicephorus نالي هڪڙي اَمير کي سن 802ع ۾ قسطنطنيه جي تخت تي ويهاريو. هن مٿئين عهدنامي جي اِنحرافي ڪئي. بلڪ هڪڙو خط خليفي ڏانهن روانو ڪيائين. جنهن جو مضمون هن ريت هو

”نقفور رومي شهنشاهه جي طرفان هارون الرشيد عرب جي بادشاهه کي معلوم هجي ته سابق ملڪه ايرني پنهنجي نادانيءَ جي ڪري توکي خراج ڀريندي هئي حالانڪه توکي ٻيڻو خراج ادا ڪرڻو هو! اِهو رڳو زالن جي فطري ڪمزورين ۽ حماقت سبب ائين ٿيو. پس هن خط ڏسڻ شرط جيڪي به مال تو وصول ڪيو آهي، اُهو سڀ معافي جي جرم ۾، جيڪي روانو ڪرين، سو سڀ جلد روانو ڪر، نه ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ تلوار فيصلو ڪندي“     - فقط نقفور شاه روم-

خط کي پڙهي خليفةالمسلمين ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو. يڪدم قلمندان کولي ساڳئي خط جي پٺيان هيٺان لفظ لکي نقفور ڏي موڪليائين.

شروع ڪريان ٿو

الله جي نالي سان

جو نهايت ئي ٻاجهارو

۽ رحم ڪندڙ آهي.

”هارون امير المومنين جي طرفان روم جي ڪتي نقفور کي معلوم ٿئي ته اي ڪافر جا پٽ مون تنهنجو خط پڙهيو اُن جو جواب ڪنن سان ٻڌڻ کان تون اکين سان ڏسندين.“

جنگ جي بيان ڏيڻ کان اڳ اَسين پڙهندڙن جو هن ڳالهه تي ڌيان ڇڪايون ٿا ته بغداد جا عباسي خليفا ڪيتري نه طاقت رکندا هئا، جو بازنطيني شهنشاهه سندن اڳيان ڪتي جي مثل هئا! خليفي يڪدم مضبوط فوجن سان حملو  ڪيو ۽ پهرين منزل هرقله Heraclea وٽ ڪيائين، جو بازنطيني شهنشاهيت جو وڏو قلعو هو، تنهن کي فتح ڪري ويران ڪري ڇڏيائين. نقفور اُن وقت بارڊينس نالي هڪڙي باغيءَ سان جنگ ۾ رڌل هو. نقفور عاجزئ سان صلح لاءِ درخواست ڪئي. ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيائين. خليفو صلح کان پوءِ راقا ڏانهن موٽيو. پر جڏهن نقفور بارڊينس تي فتح پاتي تڏهن وري عهدنامو ڀڳائين. برفاني موسم هئي خليفو پوئين پير طارس جبل لتاڙي ايشيا ڪوچڪ ۾ آيو. اِسلامي فوجن کي جيتوڻيڪ مصيبت پيش ٿي، پر تنهن هوندي به 40000 هزار ڪفار مسلمانن هٿان قتل ٿيا.(1) ٻيو دفعو نقفور صلح ڪيو خليفي به موٽڻ جي ڪئي، ڇاڪاڻ جو علي بن عيسيٰ خراسان ۾ بغاوت کڙي ڪئي هئي. رومي شهنشاهه ٽيون دفعو واعدو ڀڳو. خليفي هڪ لک 35 هزار فوجن سان ٽيهر هرقله تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيترائي قلعا اِسلامي فوجن فتح ڪيا ۽ اسلامي ٻيڙي حميد بن يعرب جي سرڪردگي هيٺ قبرص ٻيٽ مان 17000 يوناني قيد ڪري شام ڏانهن روانا ڪيا. چون ٿا ته نقفور ٽي دفعا عهدنامو ڀڳو ۽ ٽنهي دفعي سخت چوٽون کاڌائين.(2) عربن هن وقت قونيا ۾ وڃي خيما کوڙيا.(3)

بيٿائينيا Bithynia، ميسيا  Mysia ۽ ڪاريا Caria شهر فتح ٿيا. اُتر ۾ فرغانه ۾ فساد پيا. تنهن ڪري اِسلامي لشڪر کي ترڪمانن سان مقابلو ڪرڻو پيو. شهزادو قاسم بترستان ۽ ميڊيا جي سرڪش قومن کي مات ڪري بغداد ڏانهن موٽيو. اَفيسوس ۽ ليڊيا جا شهر يزيد ابن مخلد فتح ڪيا. دابيا، مالڪوپيا، سڊرو پالس ۽ ائڊراساس جا شهر شرابيل ابن معان فتح ڪيا. اِسلامي فوجون هن وقت بحيره اَسود جي ڪناري تائين وڃي پهتيون هيون. سن 807ع ۾ طورطوس جي مقام وٽ رومين يزيد ابن مخلد کي ڏهن هزارن فوجن سان شڪست ڏني.

 

عيسوي نائين صديءَ ۾ بازنطيني سلطنت جو نظارو

 

عربن ڇهون گهمرو طوفان وانگر ڪاهه ڪئي نقفور کي خوف جاڳيو، ته متان قسطنطنيه تي مسلمان غلبو نه ڪن، هن ڇهون گهمرو به مقابلو ڪيو، پر سخت شڪست کاڌائين. هن خليفي کي ڇهون گهمرو صلح لاءِ عرض ڪيو، جو منظور ٿيو. هن عهدنامي موجب 30،000 دينار بطور جزيه جي ڏيڻ منظور ڪيائين. تنهن کان سواءِ سڄي شاهي خاندان جي ماڻهن کان خليفي صلح نامي تي صحيحون ورتيون. هن عهدنامي کان پوءِ رومين کي ڪجهه وقت تائين مسلمانن کان خوف رهيو نه ته وجهه وٺي مسلمانن تي ڪاهه ڪندا هئا.

مغرب اقصيٰ

سڀ کان پهريون سن 194هه ۾ مصر جي رهندڙ هوفيه قوم وارن، جن جو تعلق قيس ۾ قداحه جي قومن سان هو، تن هتي جي عامل اسحٰق بن سليمان جي خلاف فساد ڪيو. پر خليفي جي حڪم سان فلسطين جي حاڪم هراثمه بن اعين هنن کي شڪست ڏيئي اطاعت قبول ڪرائي.

هن وقت آفريقا جو حاڪم يزيد بن حاتم مهلبي هو، هو پوريءَ طرح سان اَمن اَمان رکي نه سگهيو، سن 175هه ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ دائود عارضي طرح سان حاڪم مقرر ٿيو. خارجين جي هڪڙي فرقي عباديه وارن بغاوت ڪئي. جن کي خونريز معرڪن کان پوءِ حڪم هيٺ آندو ويو. سن 171هه ۾ خليفي يزيد جي ڀاءُ روح بن حاتم کي آفريقا جو گورنر مقرر ڪيو هو. جنهن ٽن سالن تائين حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ الفضل بن روح آفريقا جو حاڪم مقرر ٿيو. هن پنهنجي ڀائيٽيءَ المغيره کي تيونس جو حاڪم مقرر ڪيو پر اُتي جي ماڻهن ابن الجارو ۽ ابن الفارسيءَ جي هٿ هيٺ بغاوت ڪئي. ان لاءِ ته الفضل مغيره کي معزول ڪري. الفضل فسادن کي مٽائڻ لاءِ عبدالله ابن زيد کي لشڪر ڏئي اوڏانهن روانو ڪيو پر هو شڪست کائي مارجي ويو ۽ الفضل کي به هڪ ٻن معرڪن ۾ شڪست ڏنائون. الفضل قبرص ڏانهن ڀڄي ويو پر آخرڪار فسادين هٿان گرفتار ٿي مارجي ويو. ابن الجارود جي بغاوت وئي زور پوندي. لاچار خليفي هراثمه بن اعين کي آفريقا موڪليو جنهن ابن الجارود کي قيد ڪري بغداد روانو ڪيو ۽ قيروان ۾ اَمن اَمان قائم رکيائين. سن 181هه ۾ هن عهدي تان استعيفا ڏني، ڇاڪاڻ جو مختلف فسادن هئڻ ڪري آفريقا جي صوبي جي مالي حالت نهايت خراب هئي، جيئن ته هن صوبي تي 100،000 دينار اُٽلندو مصر ولايت جي اُپت مان خرچ ٿيندا هئا. سن 183هه ۾ مغربي آفريقا جي حڪومت ۾ ڦيرڦار ٿيڻ لڳي. جيئن ته ابراهيم بن اغلب جنهن کي خليفي آفريقا جو حاڪم مقرر ڪيو، تنهن خليفةالمسلمين کي عرض ڪيو، ته جيڪڏهن مونکي آفريقا جي عاملي ملندي ته 40،000 دينار ساليانو بغداد جي حڪومت کي خراج ڀري ڏيندس. هيءَ صلاح خليفي منظور ڪئي. اهڙيءَ طرح سان آفريقا ۾ جدا اغلبي خاندان جو پايو پيو. سن 296هه تائين اغلبي فرمانروائن آفريقا تي حڪومت ڪئي. هو فقط ساليانو خراج بغداد جي عباسي سلطنت کي ڀريندا هئا. مراڪش ۾ سن 807ع ۾ ادريس ثاني اَدريسي خاندان جو پايو وڌو . هنن فيض Fez جي شهر جو بنياد وڌو. اِبراهيم اغلبي جي مرضي هئي ته مراڪش تي به قبضو ڪيان، ڇاڪاڻ جو ادريس ثاني اڃا نابالغ هو، پر اُندلس جي سلطنت، جا مراڪش جي پرئين ڪپ اسپين ۾ مضبوط هئي تنهن جي خوف کان اِهو خيال مٽائي ڇڏيائين.

مسئله تخت نشيني

تخت تي ويهڻ کان پوءِ ڇهين سال سن 186هه ۾ خليفو حج جي سفر تي نڪتو. جڏهن انبار وٽ پهتو تڏهن سندس ٽي پٽ امين، مامون ۽ قاسم به ساڻس موجود هئا. هتي خليفي امين کي ولي عهد مقرر ڪري هن لاءِ ماڻهن کان بيعت ورتي. کيس عراق، شام ۽ عربستان جو حاڪم مقرر ڪيائين. کانئس پوءِ مامون کي ولي عهد مقرر ڪيائين. کيس خراسان، همدان ۽ مشرق اقصيٰ جو حاڪم مقرر ڪيائين. اهو به فيصلو ڪيائين ته امين جي مر ڻ کان پوءِ مامون سڄيءَ سلطنت جو مالڪ ليکبو. پنهنجي ٽئين پٽ قاسم کان به بيعت ورتائين ته جيڪڏهن مامون ڏسي ته قاسم منصبي لاءِ لائق نه آهي، ته پوءِ کيس اختيار آهي ته جنهن کي وڻيس تنهن کي ولي عهد مقرر ڪري.قاسم کي به عراق عجم جي حڪومت ڏنائين. تنهن کان پوءِ حج تي ويو ۽ ماڻهو سندس فياضي ۽ خيرات کان مالا مال ٿي ويا. فقط شهزادي مامون پنهنجي طرفان هڪ ڪروڙ پنج لک دينار خدا جي راهه ۾ خيرات ڪيا.مڪي ۾ خليفي معزز بزرگن، پنهنجن اميرن ۽ فوج جي سردارن کي گهرائي امين ۽ مامون کان هڪ ٻئي سان وفادار رهڻ لاءِ عهدناما لکائي ورتا. جنهن تي سلطنت جي ممتاز اڪابرن به صحيحون وڌيون. جو عهدنامو ڪعبي جي ڇٽ تي لڙڪائي رکيائون. راڻي زبيده حاجين جي سک لاءِ مڪي معظمه ۾ هڪڙي نهر کوٽائي جا اڃا تائين (نهر زبيده) جي نالي سان ليکجي ٿي. مٿس ڏيڍ لک دينار خرچ آيو.

خراسان ۾ فساد ۽ خليفي جو موت

جيئن بني اُميه جي ڏينهن ۾ ايران، خراسان ۽ مشرقي ملڪن مان فساد اُٿيو، هينئر عباسين جي دور ۾ به هي علائقا فسادن جو مرڪز ٿي پيا، سڀ کان پهريون ڪوهستاني علائقي ۾ حمزه بن اترڪ فساد ۽ لٽ مار مچائي ڏني. سن 796ع ۾ هي هرات جي عامل کي فوجن سميت ماري بلخ جو شهر هٿ ڪري ويهي رهيو. علي بن عيسيٰ خراسان جي عامل پنهنجي پٽ حسين کي 10،000 لشڪر سان باغين جي سرڪوبي لاءِ موڪليو. پر هو مقابلي ۾ پڄي نه سگهيو. کانئس پوءِ سندس ٻئي پٽ عيسيٰ باغين سان مقابلو ڪيو. حمزو چاليهن همراهن سان جان بچائي جبلن ۾ وڃي لِڪيو. عيسيٰ اٽڪل 30،000 ماڻهن کي بغاوت جي ڏوهه ۾ مارائي ڇڏيو، پر جن جن ڳوٺن حمزي کي مدد ڏني هئي، اُهي ڳوٺ به ساڙائي ڇڏيائين. اهڙي طرح طاهر بن حسين به باغين سان ڏاڍا ظلم ڪيا.

سن 192هه مطابق سن 808ع ۾ رفيع بن ليث، جو ناصر ابن سجام جو پوٽو هو، تنهن ماوراءَ النهر جي عامل کي سمرقند ۾ قتل ڪري فساد کڙو ڪيو. علي بن عيسيٰ خراسان جي حاڪم کان ماڻهو گهڻو تنگ هئا. ڇاڪاڻ جو هو وڏيون رشوتون وٺندو هو. جڏهن فسادن جي باهه جا شعلا سمرقند ۾ اُٿيا ته بلخ وارن به سندن طرفداري ڪئي. علي پٽن سميت سندن مقابلو ڪيو پر شڪست کائي مرّو ڏانهن ڀڳو. اُتان خليفةالمسلمين کي خط لکيائين. هراثمه، جو هن وقت مشهور سپهه سالار هو، تنهن کي خليفي طاهر علي جي مدد لاءِ خراسان لاءِ وڃڻ جو حڪم ڏنو، پر اندروني کيس سمجهايائين ته وڃڻ شرط عليءَ کي گرفتار ڪري سندس مال ۽ اسباب تي قبضو ڪجانءِ، ڇاڪاڻ جو رعايا عليءَ کان گهڻو بيزار آهي. خليفي جي حڪم مطابق هراثمه عليءَ کي گرفتار ڪري سندس پيرن ۾ ڳريون ٻيڙيون وجهي روزانو کيس مّرو جي جامع مسجد ۾ وٺي ايندو هو ۽ جن جن ماڻهن کان مال ڦريو هئائين، تن کي وٺائي ڏنائين. تنهن کان پوءِ اُٺ تي چاڙهي بارگاههِ خلافت ڏانهن ڏياري موڪليائين. چون ٿا ته علي بن عيسيٰ جي خزاني مان خليفي کي ساڍا پنج ڪروڙ رپيا هٿ لڳا.(1)

رفيع بن ليث جي بغاوت هن وقت سڄي ترڪستان ۾ پکڙجي ويئي. خود هراثمه جي فوجن به جيحون درياهه کي ٽپڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي خليفو پاڻ خراسان ڏانهن روانو ٿيو. ماهه 5 شعبان المعظم سن 192هه ۾ خليفو راقا ۽ بغداد جون واڳون پنهنجي پٽ قاسم کي سپرد ڪري پاڻ نهروان ڏي روانو ٿيو. خليفي جي اُسرڻ کي شهزادن نيڪ شگون ڪين ڄاتو. جيئن ته اَمين، جو راڻي زبيده جي بطن مان هو، تنهن جي ماءُ طرفدار هئي، مامون جي ماءُ ايرانڻ هئي. سندس رفيق فضل بن سهل هو، جو ايراني نسل مان هو، تنهن کي خوف هو ته خليفي جي مرڻ کان پوءِ شهزادن ۾ جنگ نه لڳي. پر عرب به امين جا طرفدار هئا، ڇاڪاڻ جو هو خالص هاشمي نسل مان هو. خليفو راقا ۾ اڳ بيمار هو ۽ بيماري جي حالت ۾ فارستان ۽ اصفهان جي پهاڙي ميدانن کي لتاڙيندو جڏهن طوس ۾ پهتو، تڏهن سخت بيمار ٿيو. فضل بن ربيع وزيراعظم ۽ جبرئيل بن بختيشوع شاهي طبيب به موجود هو پر خليفي کي هنن تي اعتبار ڪونه هو.ڇاڪاڻ جو اُهي سڀ سندس پٽن جا جاسوس هئا. جيئن ته بختيشوع  شاهي طبيب امين جي طرفان جاسوس هو ۽ غلام مسرور حبشي مامون طرفان جاسوسي ڪندو هو. خليفو پنهنجن وزيرن تي ناراض هو، هر وقت برمڪين کي ياد ڪري روئندو هو. ايتري ۾ رفيع بن ليث کي گرفتار ڪري آيا هن کي قتل ڪرايائين. پوءِ غشي ۾ پئجي ويو. جيڪي خزانو هوس سو فوج جي سردارن کي ورهائي ڏنائين. کين وصيت ڪيائين ته مون کان پوءِ جيڪڏهن شهزادا پاڻ ۾ وڙهن ته اُنهن کي روڪجو. ٻن ڏينهن کان پوءِ 4 جماد الثاني سن 193هه مطابق سن 809ع ۾ 23 ورهيه حڪومت ڪري فاني دنيا مان پرواز ڪيائين.

اسلامي سلطنت جو ڪمال عروج

هارون الرشيد جي زماني کانپوءِ جيڪي به مؤرخين ٿي گذريا، سي جيتوڻيڪ خليفي جي پوري طرح سان تعريف نه ٿا ڪن. پر اِهو معلوم آهي ته خلافتِ اسلاميه جي تاريخ ۾ هارون الرشيد جي سلطنت ۽ حڪومت جو زمانو نهايت ئي اعليٰ ترين شان شوڪت ۽ ڪمال رونق جو زمانو هو. دنيا جو وڏو حصو ويندي مراڪش تائين سندس زير نگين ۽ تابع فرمان هو. يورپ جي مايهء ناز بازنطيني سلطنت کيس خراج ڀريندي هئي. عيسائي بادشاهن کانسواءِ چين جي خاقان به هن اَميرالمومنين کي شهنشاهه تسليم ڪيو هو. خاقان هڪڙو گهڙيال به خليفةالمسلمين جي خدمت ۾ موڪليو هو. هيڏي عظيم الشان سلطنت جو بادشاهه پاڻ سفر ڪندو هو ۽ 9 ڀيرا حج ادا ڪيو هئائين. غريب توڙي اَمير جو يار هو. فياض وري اهڙو هو جو سندس دربار ۾  شعراء، فضلا، علماء، اديب، نجومين ۽ اَهل ڪمال جو هجوم لڳل رهندو هو، جي سندس، رحمدلي ۽ انصاف جي ساراهه ڪندا هئا. هو سڀني ڳالهين ۾ مربي هو ۽ بذات خود منجهس سڀ خوبيون موجود هيون. شاعري، علم تاريخ، حديث ۽ فقهه ۾ پاڻ ماهر هو. خوش اخلاق، بامروت ۽ حليم اهڙو هو، جو ننڍي وڏي کي هن لاءِ عزت هئي. اِهو ئي سبب آهي، جو سڀئي همعصر مؤرخين سندس تعريف ۾ متفق آهن. سندس زماني ۾ ابو علي حسن عبدالرحمٰن ڪوفي، حميد طوسي، سفيان بن عينيه (قاضي القضاة) قاضي ابو يوسف، اسحٰق مغني، اسمٰعيل بن صلح، ابراهيم موصلي، ابو مريم مدني، اصمعي بصري ۽ عبيدابن الابرص جهڙا عالم ۽ زاهد ٿي گذريا. قاضي ابو يوسف جو سلطنت جو مفتي اعظم هو. تنهن بغداد ۾ وڏي حنفي مڪتب جو بنياد وڌو، سو حضرت اِمام ابو حنيفه جو شاگرد رشيد هو. سن 117هه ۾ ڪوفي ۾ ڄائو. سن 166هه ۾ خليفي مهدي جي ڏينهن ۾ قاضي مقرر ٿيو ۽ هارون جي ڏينهن ۾ سڄي اسلامي سلطنت جو قاضي القضاة مقرر ٿيو، عمش، هشام بن عروه، سليمان تميمي، ابو اسحٰق، شيباني، يحيٰ ابن سعيد الانصاري، محمد بن اسحٰق ۽ محمد بن ابي ليليٰ بزرگن کان علم تحصيل ڪيائين.(1)

سن 182هه ۾ وفات پاتائين. مرڻ مهل وصيت ڪري ويو ته چار لک رپيا، مڪي معظمه، مدينة المنوره، ڪوفي ۽ بغداد جي محتاجن کي ڏنا وڃن. حنفي مذهب جو شڪريو هن امام سڳوري هن ريت ادا ڪيو.

هارون الرشيداعظم هر هڪ فرقي جي علمائن جي عزت ڪئي، اهڙي عزت ڏسي اُنهن خليفةالمسلمين کي سندس هر هڪ ڪم ۾ مدد ڏني. سندس عهد مهد ۾ گهڻن علمن جي ترقي ٿي. بغداد علم ۽ هنر جو مرڪز هو. هي شهر قدرتي طرح سان هڪڙي عظيم دارالخلافه هئڻ لاءِ گهڻو موزون هو. هو اِسلامي دنيا جو ۽ وڏي واپار جو مرڪز هو. عباسي دور م هن شهر اڳي کان گهڻي رونق ورتي. هتي جي تاجدارن هن شهر تي ڪروڙها رپيا خرچ ڪيا. ساساني شهنشاهن جي محلاتن ۽ براعظيم ايشيا جي وڏن وڏن شهرن جي عمارتن مان جيڪي به نقش ونگار جا پٿر ۽ سرون هٿ لڳيون، تن کي اُکاڙي سندن عمدن مصالحن مان بغداد جون عمارتون جڙيون. ڪوفو به وڏي رونق ۽ علم جو هنڌ هو.خليفي هارون راقا کي به گهڻي رونق وٺائي، گويا سندس تختگاهه هو. تنهن کانسواءِ عراق عجم ۾ رائي به قديم شهر ليکبو هو. عرب هن کي اُم البلاد ۽ شيخ البلاد جي نالن سان سڏيندا هئا. چون ٿا ته حضرت شيث عليھ السلام هن شهر جو بنياد وڌو هو. هوشنگ، منوچهر ۽ فريدون جي ڏينهن ۾ هن گهڻي رونق ورتي. فارس جي زوال کان پوءِ عهدِ اسلام ۾ مهدي عباسيءَ هن کي گهڻو آباد ڪرايو.

هارون الرشيد جي خزاني متعلق مسٽر پامر لکي ٿو ته هارون الرشيد مرڻ وقت بيشمار خزانو ڇڏي ويو. بعض مؤرخن 9 سؤ ملين دينار يا چار سئو ملين پائونڊ يا 8 ارب روپيا لکن ٿا. والله اعلم. پر ايترو چئبو ته اسلامي سلطنت بلڪل وسيع هئي ۽ يورپ جي بازنطيني سلطنت کان اٺ حصا وڌيڪ هئي. پر ايترو چئبو ته خليفةالمسلمين ڏاڍو فياض ۽ سخي هو. لکين روپيا وقت تي خيرات ڏيندو هو. جيڪو به سندس عامل رشوت وٺندو هو، تنهن کي سخت سزا ڏيندو هو. جيئن علي بن عيسيٰ خراسان جي عامل جو بيان اڳ ڏيئي چڪا آهيون. راڻيءَ لاءِ کاڌو، سون ۽ رپين جي برتنن ۾ ايندو هو. جڏهن ٻاهر نڪرندي هئي ته صندل ۽ آبنوس جي مخمل ۾ نڪرندي هئي. راڻيءَ جي باڊي گارڊ ۾ جيڪي ٻانهيون هونديون هيون، تن جي پوشاڪ زري ۽ مخمل جي هوندي هئي. اهو رواج بغداد جي دولتمند ماڻهن جي گهرن ۾ به پوءِ پئجي ويو.

هن وقت اِسلامي سلطنت جي ساليانه آمدني 7500 قنطار هئي. هڪڙو قنطار اٺ هزار چئن سون دينارن جي برابر هوندو هو. دينار گهٽ ۾ گهٽ 5 رپين جي برابر هو. يا کڻي ائين چئجي ته 315000000 رپيا ڪل آمدني هئي. صوبي جي گورنرن (عاملن) کي تمام فوجي، عدالتي ۽ ٻيا اختيار مليل هئا. فوجن جو تعداد جملهء ٻه لک هو. اُنهن ڏينهن ۾ گولي بارود جا هٿيار ڪين هئا. پر تير اندازي، نيزا ۽ تلوارون مکيه هٿيار هئا. اِن لاءِ فوجن کي قواعد سيکارڻ جي ضرورت ڪانه پوندي هئي. جهاد وقت هر ڪو شامل ٿي سگهندو هو. پيغمبر پاڪ جي اولاد مان مديني منوره ۾ هن وقت حضرت امام موسيٰ ڪاظم رحه  جليل القدر اِمام سڳورا هئا. خليفةالمسلمين هن کي بيگناهه قيد ڪرائي عراق پاڻ سان وٺي آيو. السندي نالي هڪڙي شخص جي گهر ۾ قيد ۾ رکيائينس. آخر سندس اشاري تي شهيد ٿي ويو.(1) پر ڪي چون ٿا ته برمڪي خاندان وارن اِمام سڳوري کي زهر ڏيئي مارائي ڇڏيو(2). کانئن پوءِ سندن پٽ علي الرضا جي لقب سان مسند نشين ٿيا. خليفي هارون الرشيد هرقله جي پادريءَ جي ڌيءَ هيلين تي عاشق هو. سندس عشق ۾ گهڻائي شعر چيائين. جڏهن روم جي مهم ۾ مٿيون شهر فتح ٿيو تڏهن خليفي پادريءَ جي ڌيءُ کي پاڻ سان گڏ آندو ۽ رفيقا جي شهر ۾ فرات ندي جي ڪپ تي هن لاءِ خلاصو محلات جوڙايو هئائين. جتي هوءَ رهندي هئي. خليفي ڪڏهن به شراب ڪين پيتو(3).


(1) تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي.

(2)  رومن ايمپائر گبن جلد ڏهون

(3)  تاريخ اسلام، علامّه سيد اَمير علي.

(4)  الهارون               علامّه مسٽر پامر PALMER

(1)   دروس التاريخ اسلام علامه محي الدين الخياط

(2)  مطبق عباسين جي شاهي قيدخاني کي سڏيندا هئا.

(1)  الهارون   محمد مصباح الدين احمد

(2)  تاريخ اسلام علامهّ مسعودي

(3)  خاندان برامڪه جي تباهي از ملڪ محمد طفيل صاحب عليگ، بي. اي، بي. ٽي، ايل. ايل. بي.

(1)  برمڪي خاندان جي تباهي از ملڪ محمد طفيل صاحب بي، اي، بي، ٽي عليگ.

(1)  البرامڪه مولوي عبدالرزاق صاحب پيشڪار مونسپل بورڊ ڪانپور.

(2)  ابو نواس جو اصل نالو ابو علي حسن بن هاني بن عبدالاول ابن صباح آهي. ابن طبري جي تذڪري ۾ لکيل آهي ته هو جليل القدر فاضل ۽ نامور شاعر هو. ابو عمر لکي ٿو ته ابو نواس علم لِغت جو وڏو  عالم هو. نشي جي حالت ۾ به شعر چوندو هو. عباسي خليفن ۽ برمڪين جي باري ۾ هن وڏا قصيدا لکيا آهن. سن 129هه يا 115هه ۾ اهواز ۾ ڄائو ۽ سن 195هه ۾ بغداد ۾ انتقال ڪيائين. سندس صندوقن مان گهڻائي ڪاغذ هٿ لڳا جنهن ۾ شعر لکيل هئا. اِبراهيم موصلي هارون الرشيد جي درٻار ۾ سرڪاري وظيفي تي شاعر مقرر هو کيس اڍائي هزار رپيا ماهوار پگهار ملندو هو. سندس پٽ ابو محمد اسحٰق موصلي به مشهور راڳيندڙ هو جنهن موسيقي فن کي ڪمال معراج تي پهچايو. سندس تخلص حقير هو جنهن نالي سان مشهور ٿيو. خليفي مامون الرشيد جي درٻار ۾ کيس درٻارين جهڙي عزت حاصل هئي. خليفو معتصم بالله چئي ٿو ته جڏهن اسحٰق ڳائي ٿو تڏهن مون کي وڏي خوشي حاصل ٿئي ٿي. سن 235هه ۾ خليفي المتوڪل جي زماني ۾ وفات ڪيائين.

(1) بختيشوع بن جبرئيل طبيعت ۾ نهايتي جليل القدر ۽ فاضل طبيب هو. عباسي خليفن جي دور ۾ هن کي بيشمار دولت حاصل ٿي. خليفي متوڪل جي زماني ۾ هن جي لباس ۽ آرائش جو سامان شاهاڻو هو. سن 256هه ۾ مُئو ”طبغات الاطبا“

(1)   رومن ايمپائر گبن

(2)  خلافت وليم ميور

(3)  تاريخ اسلامي علامه ابن خلدون

(1)  رفيع بن ليث فساد ڪيو هو. جو خليفي جي هڪڙي آزاد ڪيل ٻانهيءَ کي دغا سان سندس مڙس کان طلاق ڏياري پاڻ شادي ڪئي هئائين. خليفي هن لاءِ حڪم ڏنو ته سندس منهن ڪارو ڪري گڏه تي چاڙهي گهمايوس.

مّرو اُن زماني ۾ ترڪستان جو تختگاه هو. طوس خراسان ۾ هڪڙو شهر آهي، هتي فردوسي شاعر ڄائو هو.

(1)  سيرةالنعمان علامه شبلي نعماني.

(1) تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي

(2)  زهر الربيع از رئيس المحدثين سيد نعمت الله الموسوي الحسني الجزائري.

(3)  تاريخ اِسلام ابن خلدون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org