سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:12 

هارون الواثق بالله ابن معتصم

المعتصم بالله جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شهزادو اَبو جعفر هارون الواثق بالله جي لقب سان سن 227هه ۾ تخت تي ويٺو. سندس تختگاهه سمارا ۾ هو. سندس ڏينهن ۾ قيسيسه دمشق ۾ ۽ مبرقع فلسطين ۾ فساد کڙا ڪيا. خليفي رجاءِ بن ايوب الحضارئ کي فوجون ڏيئي اوڏانهن روانو ڪيو. جنهن قيسيسه کي دمشق ۾ شڪست ڏني ۽ مبرقع کي گرفتار ڪيائين. سن 230هه ۾ بنو سليم وارن مديني منوره ۾ بغاوت ڪئي. محمد بن صالح جو اُتي جو عامل هو، سو باغين سان پهچي نه سگهيو، پر واثق جي هڪڙي سپهه سالار باغين کي شڪست ڏيئي فساد بند ڪرايا.

فتوحات صقّليه ۽ آفريقا

واثق بالله جي ڏينهن ۾ اسلامي فوجن محمد بن عبدالله بن اغلب جي زير قيادت صقليه (سسلي) ٻيٽ تي حملو ڪيو. ڪيترائي شهر فتح ڪيائون. هن مهم ۾ مال غنيمت سان گڏ سِسِلي اسلامي پرچم هيٺ اچي ويو. ساڳئي وقت مسلمانن عزم ۽ استقلال سان مشرقي آفريقا ڏي قدم کنيو. جيئن ته باب المندب کان زنجبار ۽ بحر الهند جو وڏو ٻيٽ مدغاسڪر Madagascar ڳولي ڪڍيائون. مطلب ته اِسلامي بحري قوت جو، پڙهندڙ ان مان بخوبي اندازو ڪري سگهندا ته وڏا وڏا سمنڊ عربن جا جولانگاهه بنجي چڪا هئا.

رومين سان عهدنامون

 

رومين سان ساندهه جنگين لڳڻ ڪري قيدين جو تعداد ٻنهين طرفن کان وڌي ويو هو. سن 231هه ۾ طرفين قيدين جي مٽاسٽا لاءِ خواهش ڏيکاري. خليفةالمسلمين مٿئين مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ احمد بن سعيد جي هٿ هيٺ هڪڙو وفد ڏياري موڪليو. طرطوس وٽ وڏو اجتماع ٿيو. جتي ٻنهي سلطنتن جي قيدين جي مٽاسٽا ٿي.

خليفي واثق جي متعلق مورخن جا جدا جدا رايا آهن، پر هو لائق، صاحب جبروت، شاعر ۽ دل جو وڏو سخي هو. هو هر وقت خنده پيشاني نظر ايندو هو ۽ ڪاوڙ مهل صبر ۾ رهندو هو. سندس وزير لائق هئا. باوجوديڪ هر وقت عيش عشرت ۾ رهندو هو،  پر تنهن هوندي به تعليم، هنر ۽ واپار کي ترقي ڏنائين. سخاوت جي سندس ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سندس شهنشاهيت ۾ گداگر ڪو ورلي نظر ايندو هو. راڳ جو ايتريقدر شوقين هو جو هر وقت خوش الحان گويا سندس محفل کي ساز سرورن ۽ مٺن آوازن سان رونق وٺائيندا هئا. هن پيءُ وانگر ترڪماني فوجن کي زور وٺايو. جن جو سمورو خرچ عرب ۽ ايراني ڀريندا هئا. هن 5 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ 22 ورهين جي ڄمار ۾ 24 ذوالحج سن 232هه ۾ انتقال ڪيائين. احمد بن نصر بن هشيم هڪڙي وڏي عالم کي ڪن مذهبي ڳالهين جي ڪري پنهنجي هٿ سان قتل ڪيو هئائين. کانئس پوءِ عباسين جي طاقت وئي گهٽجندي. ڇاڪاڻ جو پوين ٻن صدين ۾ جيڪي به خليفا بغداد جي تخت تي ويٺا، سي ايتريقدر ڪم طاقت هئا، جو جڏهن مرندا هئا ته سندن ماتم گذاري به ڪانه ٿيندي هئي.

جعفر المتوڪل علي الله (اول) ابن معتصمð

واثق جي مرڻ کانپوءِ وڏي قاضي ابن دائود (جو معتزله فرقي جو هو) ۽ وزير محمد بن عبدالملڪ ۽ ٻين دربار جي اڪابرن جي اها مرضي ٿي ته خليفي جي پٽ کي تخت تي وهارجي، پر واثق نالي هڪڙي ترڪماني فوجي امير جي مرضي هئي ته خليفي جي ڀاءُ کي تخت تي ويهارجي. ڇاڪاڻ جو واثق جو پٽ اڃا صغير هو. آخر سڀني جي راءِ سان شهزادو اَبو الفضل جعفر سن 232هه مطابق سن 842ع ۾ المتوڪل علي الله اول جي لقب سان تخت تي جلوه گر ٿيو.

جيئن روم جو شهنشاهه نيرو NERO ظالم ۽ شرابي جي لقب ڪري مشهور آهي، تيئن خليفو متوڪل وري عربي خليفن ۾ ساڳي نالي سان سڏجي ٿو. هن ڪل 15 سال حڪومت ڪئي. هو نفس پرست ۽ مست شرابي هو. اهي منجهس مکيه اوگڻ هئا، جنهن ڪري حڪومت کي زوال پهچندو ويو. پر ايترو چئبو جو مذهبي ڳالهين ۾ هن ڪنهن به قسم جو دخل ڪونه ڏنو ۽ خليفي مامون واري مذهبي برپا ڪيل محفل کي رد ڪري ڇڏيائين. جن جن ماڻهن جو سرڪاري ڪمن ۽ رعايا جي ڳالهين ۾ دخل هو، سي سڀئي تڙجي ويا. جنهن ڪري تعليم، حڪمت ۽ ٻين ڪمن کي گهڻو لوڏو اچي ويو. مشهور قاضي احمد بن اَبو دائود ۽ سندس پٽ کي قيد ڪري سندن جائداد ضبط ڪيائين. غير مسلم جيڪي به عهدن تي هئا، تن کي لاهي ڦٽو ڪيائين. سن 236هه ۾ هن ظالم حضرت اِمام حسين رضه  جي روضي مبارڪ ۽ ٻين خانقاهن کي زوريءَ ڊهرائي ڇڏيو. ان لاءِ ته عام  مسلمانن جو عقيدو اِمامن سڳورن کان مٽجي وڃي. تنهن کانسواءِ جيڪي به ماڻهو زيارت ڪرڻ ايندا هئا، تن سان طرح طرح جون جٺيون ڪرڻ لڳو ۽ عام اعلان ڪيائين ته ڪوبه زيارت ڪرڻ نه اچي. مشهور وزير ابن زيارت کيس اهڙي ظلم کان منع ڪئي، پر هن کي بيگناهه مارائي ڇڏيائين.

رومين جي ڪاهه:

رومي جن کي اڳوڻا خليفا وقت  بوقت شڪستون ڏيندا هئا، تن هينئر نئين خليفي کي بادهء مستئ ۾ غلطان ڏسي سن 238هه ۾ وري ڪاهه ڪئي. هنن ٽن سون جنگي غورابن سان مصر جي دمياط تي ڪاه ڪري ان کي ساڙي ڇڏيو. ٻئي طرف ايشيا ڪوچڪ جي سليشيا جي علائقي تي ڪاه ڪري ويهه هزار رهاڪو قيد ڪيائون. منجهانئن 12 هزار ته رڳو قيصر جي راڻي ٿيوڊورا قتل ڪرائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ جو اُنهن قيدين عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. سن 237هه ۾ آرمينا جي وڏي پادرئ هتي جي حاڪم يوسف بن محمد کي مارائي ڇڏيو. خليفي جي هڪڙي ترڪمان سپهه سالار طفلس تي ڪاهي ويو، پر بدقسمتيءَ سان مٿيون شهر آتش بازيءَ جي ڪري سڙي خاڪ ٿي ويو.

سن 240هه ۾ حبش وارن اُتي جي رهندڙ مسلمانن جي خلاف بغاوت ڪئي. پر محمد بن عبدالله کين شڪست ڏيئي مسلمانن جي حقن کي قائم رکيو.

حڪومت ۾ بدانتطامي ۽ خليفي جو قتل ٿيڻ

هن خليفي جي اونڌن افعالن هڪڙي طرف مخلوق خدا کي تنگ ڪيو، ته ٻئي طرف کان الهيٰ غضب به نازل ٿيو. شام، خراسان، ايران ۽ يمن ۾ سخت طوفان لڳا، جنهن ڪري گهڻين جاين ۽ جانين جو نقصان ٿيو.

سن 244هه ۾ جڏهن عروس البلاد دمشق جي سير تي نڪتو، تڏهن هي شهر کيس ايتريقدر پسند آيو جو تختگاه ڦيرائڻ جو خيال ڪيائين. پر هتي جي آب و هوا کيس پسند نه آئي، تنهنڪري موٽي سماره ۾ آيو. پنهنجي جيئري سلطنت کي ٽن حصن ۾ ورهائي ٽن پٽن جي حوالي ڪيائين. جيئن مغرب ۽ آفريقا، عواصم، قنسرين، شام، جزيريه، مصر، حجاز، حضرالموت، بحرين ۽ سنڌ جا علائقا منتصر کي، خراسان، ايران، طبرستان آرمينا ۽ آذربائيجان معتز کي ۽ دمشق، حمص، ماوراءِ النهر، يردون ۽ فلسطين وليد جي حوالي ڪيائين.

سلطنت جي بد انتظاميءَ جي ڪري حالتون نازڪ ٿيڻ لڳيون. ڪن ترڪماني آفيسرن ۽ شهزادي منتصر جي اشاري تي سن 247هه مطابق سن 861ع ۾ هڪڙئ رات جيئن خليفو نشي ۾ غلطان بستري تي ستل هو. تڏهن باغر نالي هڪڙي ترڪي غلام تلوار هڻي قتل ڪري ڇڏيس. ساڳئي وقت سندس وزير فتح بن خاقان به مارجي ويو. مرڻ مهل خليفي جي عمر چاليهه ورهيه هئي. سندس ڏينهن ۾ ابوبڪر بن محمد بن ابوالليث جو ولايت مصر جو وڏو قاضي هو،  سو وڏو رشوت خور ۽ ظالم هو. اَهل مصرين مصر جي حاڪم کي سندس خلاف فرياد ڪئي، پر سندن انصاف ڪونه ٿيو. آخر ڪن بغداد اچي خليفةالمسلين کي روبرو فرياد ڪئي. جنهن تي قاضي کي گهرائي سندس ڏاڙهي ڪوڙائي گڏهه تي چاڙهي بازار ۾ گهمائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ هميشه قاضيءَ کي هر روز دُرا هڻائيندو رهيو.

محمد المنتصر بالله (اول) ابن متوڪل

خليفي متوڪل جي قتل ٿيڻ کانپوءِ فوجي اَميرن جو اجتماع ٿيو. جتي سڀني شهزادي محمد کي المنتصر بالله جي لقب سان تخت تي ويهاريائون. ترڪماني فوجي اميرن جو زور هن وقت ايتريقدر وڌي ويو هو جو خلافت جون سموريون واڳون وصيف ۽ بغا نالي ٻن اميرن جي هٿ ۾ هيون. تنهن کانسواءِ طوائف الملوڪي جو رواج به هن زماني ۾ شروع ٿيو. رفته رفته خلافت عباسيه جي طاقت ڇڄي جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي. مٿين اميرن جي زور تي هن پنهنجي ڀائرن کي تخت تان دست بردار ڪري پنهنجي پٽ شهزادي عبدالوهاب کي ولي عهد مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ ڀائرن کي گهرائي کين چيائين ته مان لاچار توهانکي تخت تان دست بردار ڪيان ٿو، ڇاڪاڻ جو ترڪي اميرن مون تي زور ڀريو آهي. هڪڙي شاعر خليفةالمسلمين جي بيڪسيءَ جي باري ۾ جيڪي شعر چيا آهن، تن جو ترجمو هن ريت آهي:

يعنيٰ وصيف ۽ بغا ٻن صيادن جي چنبي ۾ خليفو منتصر مرغِ قفص جيان بيوس آهي

جيئن طوطي کي جيڪي پڙهائبو آهي، سو ئي ڳالهائيندو آهي. تيئن خليفو به اهڙئ ريت چئي ٿو جيڪي وصيف ۽ بغا پاڙهينس ٿا!!

خليفي جي وزيرن مان احمد بن خصيب جي، ترڪي اَمير وصيف سان گهڻي وقت کان وٺي دشمني هئي. هن بادشاهه کي سندس جلاوطنيءَ لاءِ چوريو پر خليفي کي ايتري جراءت نه پئي ٿي. جو هن کي جلا وطن ڪري سگهي. پر مٿئين وزير جي صلاح سان کيس ملطيه جي سرحد تي فوجن سميت وڃڻ لاءِ حڪم ڏنائين. جو فوجون وٺي اوڏانهين ويو پر خليفي جي مرڻ کان ستت  پوءِ موٽي آيو.

خليفو  منتصر بالله بلڪل عابد، انصاف پرست ۽ سخي بادشاهه ٿي گذريو. هن رعيت جي ڀلي لاءِ گهڻي ڪوشش ورتي. جناب علي المرتضيٰ ڪرم الله وجه ۽ اِمامن جي روضن کي پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرايائين ۽ مقامات مقدس جي مزارن جون ملڪيتون، جي سندس پيءُ ضبط ڪري ويو هو، سي سڀ کين موٽائي ڏنائين ۽ مسلمانن تان هر ڪنهن قسم جون تڪليفون لاٿائين، پر افسوس جو هن رڳو 6 مهينا حڪومت ڪئي ۽ 22 ورهين جي عمر ۾ سن 248هه مطابق سن 862ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. هو حڪومت جي انتظام رکڻ ۾ بلڪل ڪمزور هو، تنهنڪري کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيائون. اڳوڻا عباسي خليفا پنهنجن لاشن کي ڳجهيءَ طرح سان دفنائي ڇڏيندا هئا، پر منتصر پهريون خليفو هو، جنهن تي قبو اڏايو ويو.

ابوالعباس احمد المستعين بالله (اول)

المنتصر جي مرڻ کانپوءِ سلطنت جي اراڪين جو اجتماع ٿيو. جنهن ۾ بغاالڪبير ۽ بغاالصغير، اتامش ۽ ٻيا ترڪي امير به شامل هئا. ترڪي اميرن کي خليفي منتصر جي ڀائرن کان خوف هو، تنهنڪري سڀني گڏجي سن 248 هه ۾ شهزادي ابوالعباس احمد ابن محمد مصتعصم کي المستعين جي لقب سان تخت تي ويهاريائون. هن تخت تي ويهڻ کانپوءِ منتصر جي ڀائرن کي، جن مان ترڪي اميرن کي خوف هو، سمارا جي جيل ۾ قيد رکيائين. هي خليفو به وزارت ۽ فوجي اميرن جي هٿ هيٺ کيڏوڻي جيان هو. کيس ڪنهن به قسم  جي اختياري ڪانه هئي. اهڙي روبڪار ڏسي سلطنت جي وڏن وڏن ذي اِقتدار صوبن خودمختياري اختيار ڪئي. عبدالله بن طاهر، جو خليفي مصتعصم جي ڏينهن کان خراسان جو حاڪم هو تنهن وفات ڪئي. سندس گادئ تي پٽس طاهر تخت تي ويٺو. هو پيءُ وانگر آزاد ۽ دل وارو ۽ انصاف پرست حاڪم هو. طاهري خاندان جو تختگاهه نيشاپور هو، جو خراسان ۾ وڏي علم  ۽ واپار جو هنڌ هو. طاهر بن عبدالله سن862ع ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سن 873ع تائين سندس پٽ محمد بادشاهي ڪئي. هو خود مختيار هئا. کين ڏسي مشرقي علائقن جي ٻين صوبيدارن به خودمختياري اختيار ڪئي. ۽ اُهي سڀئي علائقا عباسي سلطنت کان ڇڄي ڌار ٿيا. سن 250ع ۾ حسن بن يزيد علوي طبرستان ۾ خودمختياري حاصل ڪئي. جنهن 73 ورهين جي عمر تائين اُتي حڪومت ڪئي. سن 287ع ۾  ڪنهن هنگامي ڪري قتل ٿي ويو. سندس جاءِ تي حسن بن علي قائم مقام ٿيو. جنهن مٿئين علائقي ۾  علوي حڪومت جو سنگ بنياد وڌو. سن 316هه تائين مٿين حڪومت قائم رهي.

بغداد ۾ فساد ۽ خليفي جو موت:

عربن جڏهن ڏٺو ته خلافت جون سموريون واڳون ترڪماني فوجي اَميرن جي هٿ هيٺ آهن ۽ اُهي جنهن کي وڻين خليفو ڪن ۽ جنهن کي وڻين قتل ڪن. اهڙين روزمره جي وارداتن کي ڏسي آخر سن 249هه ۾ بغداد ۾ وڏي فساد منهن ڪڍيو. فسادين قيد جا در ڀڳا.ڪيتريون ڀليون جايون ناس ٿي ويون ۽ اميرن جون دولتون لٽجي ويو. ستت ئي ايران ۽ اهواز جي پهاڙي علائقن ۾ به فساد جي ڪري بداَمني پئجي ويئي. وڌندي وڌندي سمارا تائين فساد جا شعلا وڃي پهتا. اتامش جو منتصر جو وزير هو، سو فسادين هٿان مارجي ويو. سندس دولت ۽ محلات لٽي ڇڏيائون. بني قلب وارن حمص ۾ فساد ڪري اُتي جي عامل فضل بن قارن کي ماري وڌو. خليفي موسيٰ بن بغا کي حمص ڏانهن روانو ڪيو. جنهن باغين کي شڪست ڏئي شهر ساڙائي ڇڏيو. جڏهن سمارا ۾ فسادن زور ورتو. تڏهن اميرالمومنين خوف کان بغداد ۾ آيو. ان لاءِ ته عربن ۽ ايرانين جي مدد سان ترڪمانن جو زور ڀڃي پر سندس غيرحاضريءَ ۾ باغين متوڪل جي پٽ معتذ کي شاهي قيد مان ڪڍي سندس بيعت ورتائون. معتذ معزول خليفي جي مال ۽ جائداد تي قبضو ڪري پنهنجي ڀاءُ مويد جي هٿ هيٺ هڪڙي فوج سندس پٺيان بغداد رواني ڪئي. جڏهن هن فوج بغداد تي گهيرو  ڪيو تڏهن پراڻن سلطنت جي نمڪ خوارن وچ ۾  پئي اهو فيصلو ڪيو ته المستعين مديني منوره ۾ وڃي باقي زندگيءَ جا ڏينهن ويهي پورا ڪري. پر حجاز ڏانهن ويندي واسِط جي شهر ۾ سن252هه ۾ معتذ جي ماڻهن هٿان مارجي ويو. المستعين نهايتي سخي بادشاهه هو، هن اٽڪل 9 مهينا حڪومت ڪئي مرڻ مهل سندس عمر 31 ورهيه هئي. عباسي خليفن جي اهڙي بيڪسيءَ کي ڏسي گهڻن شاعرن مرثيه خواني ڪئي ڇاڪاڻ اقبال جوآفتاب، جو اڳ ترقيءَ تي هو، سو هينئر غروب ٿيڻ لڳو.

محمد المعتذ بالله ابن متوڪل

سن 252هه ۾ معتذ تخت تي ويٺو. هن پنهنجي ڀاءُ مويد کي قيد ۾ وڌو، ته متان ڪا مخالفت ڪري. جنهن قيد ۾ دم ڏنو.

ساڳي سال ۾ مساور نالي خارجيءَ موصل ۾ فساد ڪيو. هن بغاوت ايتريقدر زور ورتو، جو سلطنت کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين برسرپيڪار رهڻو پيو. آخر ڇهن سالن جي ڪثير عرصي کانپوءِ سن 258هه ۾ مسرور بلخئ فاتحانه طور سان هن بغاوت جو خاتمو ڪيو. سن 253هه ۾ عبدالعزيز بن ابي دلف خارجيءَ همدان ۾ بغاوت ڪئي. اٽڪل 20،000 باغي سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا.  پر موسيٰ ابن بغاالڪبير بهادريءَ سان هن بغاوت کي مٽايو. عبدالعزيز نهاوند جي قلعي ۾ پناهه ورتي، پر هن اهڙي شڪست کاڌي جو وري مٿو کڻي نه سگهيو.

مصر ۾ آزاد حڪومت

 

سن 254هه ۾ احمد بن طولون مصر ولايت جو حاڪم مقرر ٿيو، جنهن نهايتي انصاف ۽ ايمانداريءَ سان اُتي حڪومت ڪئي. هن شام تي به قبضو ڪيو ۽ مصر ۾ هڪ جدا خودمختيار حڪومت جو سنگ بنياد وڌو. جنهن کي دولت طولونيه سڏڻ لڳا. هن حڪومت جو آغاز سن 254هه ۾ شروع ٿيو. سن 292هه ۾ ختم ٿي. سلطان احمد بن طولون مصر ۾ گهڻائي مقبرا ۽ عمارتون جوڙيون، جي اڃا تائين قائم آهن.

سن868ع ۾ اِمام علي نقي وفات ڪئي. سندس مسند تي اِمام حسن العسڪريؓ امام ٿيو.

سن 255هه مطابق سن869ع ۾ خليفي جي شاهي فوجن پگهارن لاءِ گهر ڪئي. پروصيف ۽ بغا کين اضافي پگهار ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن ڪري مٿيان ٻئي ذي اقتدار ۽ امير فوجن هٿان مارجي ويا. بالاخر باغين جي جماعت خليفي جي محلات تي گهيرو ڪري کيس گرفتار ڪيو ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين هڪڙي تهخاني ۾ بند ڪري ڏنڊن سان ماري سندس ساهه ڪڍي ڇڏيائون. هن ٽن سالن ستن مهينن تائين حڪومت ڪئي. 30 ورهين جي عمر ۾ دم ڏنائين. هو عياش هو.

مهتدي بالله ابن واثق

سن 255هه ۾ شهزادو ابو عبدالله محمد بن واثق شاهي خاندان مان المهتدي بالله جي لقب سان گادي نشين ٿيو. هو بلڪل نيڪ اخلاق ۽ برجستو بادشاهه ٿي گذريو. کيس هر وقت رعيت لاءِ فڪر ۽ مذهب لاءِ درد لڳل رهندو هو. شاهي درٻار ۾ جيڪي به شاعر رهندا هئا، تن کي ڪڍي ڇڏيائين. عباسي دور  ۾ هو عمر بن عبدالعزيز ڪري ليکبو هو. پر هن وقت سلطنت جي اقبال جو آفتاب غروب ٿيڻ تي هو، فسادن ۽ ظلم جي بازار چؤطرف گرم لڳل هئي. شاهي فرمان کي مڃڻ لاءِ فوجي امير مخالفت ڪندا هئا. هينئر به موسيٰ بن بغا، جوذي اقتدار فوجي امير هو، تنهن مان اميرالمومنين کي خوف رهندو هو. تنهنڪري هن هڪڙي ٻئي سپهه سالار بايڪال نالي کي، جنهن جو فوجن تي اثر هو تنهن کي موسيٰ جي قتل لاءِ حڪم ڏنو. بايڪال اندروني طور تي وڃي موسيٰ سان گڏيو، پر آخر خليفي هٿان مارجي ويو. پوءِ خليفو فوجون وٺي موسيٰ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نڪتو. پر واٽ تي فوجن کيس دغا ڏني. اميرالمومنين ظالم ترڪمانن هٿان پاڻ قيد ٿي ويو ۽ 38 سالن جي عمر ۾ 11 مهينا حڪومت ڪري، ترڪمان نمڪ حرامن هٿان شهادت جو جام نوش فرمائي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. هي واقعو سن 256هه ۾ ٿيو.

معتمد علي الله ابن متوڪل

خليفي مهتدئ جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ترڪماني بالا عملدارن، جي هن وقت طول و عرض ڪشور ۾ سياهه ۽ سفيد جا مالڪ هئا. تن شهزادي ابوالعباس احمد متوڪل جي پٽ کي، جو هن وقت سمارا ۾ قيد ۾ هو. سن 256هه ۾ قيد مان ڪڍي، سندس بيعت ورتي. هو معتمد علي الله جي لقب سان سڏجڻ لڳو. پر هو عياش ۽ ضعيف اخلاق انسان هو، تنهنڪري عملي طور حڪومت جون واڳون سندس ڀاءُ شهزادي اَبو احمد (موفق) جي هٿ ۾ هنيون، جو  هڪ زبردست سپاهي ۽ انتظام رکڻ ۾ ماهر هو. هن پنهنجي مرڻ تائين حڪومت ۾ خلافت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ رکيون ۽ سندس ڏينهن ۾ حڪومت جو انتظام به چڱيءَ پر پئي هليو. هن بغداد کي ٻيهر دارالخلافه جو شرف ڏنو. جنهن ڪري ايرانين ۽ عربن کي هن سان همدردي هئي. ايراني ۽ عرب جي سلطنت جا قديم نمڪ خوار هئا تن جي سعي ۽ ڪوششن سان ترڪماني قزاقن جو زور گهٽجڻ لڳو. ملڪ ۾ اَمن ۽ امان جو اُميدون، جي مامون الرشيد جي ڏينهن کان وٺي غائب ٿي ويون هيون سي وري نمودار ٿيڻ لڳيون.

هن خليفي جي ڏينهن ۾ سلطنت عباسيه جي طول و عرض ۾ ڪي علائقا ڇڄي ڌار ٿيا، جن تي جدا جدا خاندانن جي حڪومت جو بنياد پئجي ويو، جي خودمختيار هئا ۽ سندن طاقت جو ڏونڪو طول و عرض ڪشور ۾ وڃڻ لڳو ۽ ڪنهن لڱا اُهي سڀ حڪومتون اِسلام جي وسيع دائري ۾ شامل هيون.

اُنهن مختلف خاندانن جو بيان مختصر طرح هيٺ ڏجي ٿو. سڀ کان اول جڏهن آفتاب خلافت غروب ٿيڻ لڳو، تڏهن اهو اَمر ضروري هو ته ذي اقتدار صوبا خودمختياري اختيار ڪن. اهو رواج زماني قديم کان هلندو ٿو اچي. سن 864ع ۾ طبرستان جو علائقو ڇڄي ڌار ٿيو ۽ امام حسن بن زيد جي سرڪردگي هيٺ اُتي جي ڪفارن دين اسلام اختيار ڪيو ۽ اِمام موصوف مٿئين علائقي تي حڪمراني ڪرڻ لڳو.

دولت صفاريه

سن 870ع ۾ مشهور صفاري: Coppersmith يعقوب صفار، صفاريه خاندان جو بنياد رکيو، هو اصل ۾ هڪ تجربيڪار سپاهي هو ۽ سجستان جو سمورو علائقو طاهرين The Tahirides کان فتح ڪيو. رفته رفته سڄي اقليم ايران، طبرستان ۽ خراسان تي به قبضو ڪيائين. سن 873ع ۾ هن طاهر جي پوٽي محمد کي طبرستان مان لوڌي ڪڍيو. پوءِ ته ايتريقدر زور وٺي ويو، جو هن عراق تي به حملو ڪيو، پر واسط جي خونريز معرڪي ۾ موفق هٿان سخت شڪست کاڌائين. سندس تختگاهه هرات هو. هن ٻيهر عراق تي حملي ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي، پر سندس ڏينهن پورا هئا، جو ستتئي مري ويو. کانئس پوءِ سن 879ع ۾ سندس ڀاءُ عامر بن ليث حاڪم ٿيو. جنهن خليفةالمسلمين سان صلح ڪيو. صلح جي عيوض خليفي سندن ملڪ هميشه لاءِ کيس لکي ڏنو ۽ هو آزاد حاڪمران ليکجڻ ۾ آيا. هن خاندان جي تاجدارن سن 298هه تائين حڪومت ڪئي.

سمانيه خاندان

سماني پنهنجو نسل سمان کان ڇڪين ٿا، جو قافلي جو ساربان هو ۽ سندس قبيلي جو ظهور خليفي مامون جي ڏينهن ۾ ٿيو. جنهن سن 819ع ۾ سمان جي پوٽي اَحمد سمانيءَ کي بخارا شريف جو حاڪم مقرر ڪيو. کانئس پوءِ سندس پٽ نصر بن احمد سماني حاڪم ٿيو. جنهن خلافت جي مرڪز کي ڪم طاقت ڏسي پنهنجا تعلقات خلافت بغداد کان منقطع ڪري ڇڏيا. سن 892ع ۾ نصر وفات ڪئي. سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ اِسمٰعيل تخت نشين ٿيو. جو بهادر ۽ وڏي استقلال وارو بادشاهه ٿي گذريو. سندس ڏينهن ۾ رعيت گهڻو آسودي هئي. سندس عدل ۽ انصاف جي ڪري سماني خاندان جو سنگ بنياد ايتريقدر مضبوط ٿيو، جو برابر سن 389هه تائين هن خاندان جي بادشاهن حڪومت ڪئي.

ابن طولون جي طاقت

خلافت عباسيه جي ڪم طاقتي جو راز ته هن مان پڌرو ٿئي ٿو، جو خلافت تي ترڪمانين جو قبضو مضبوط ٿي چڪو هو. پوين خليفن جي عياشي ۽ ناتجربيڪارئ کي ڏسي مختلف صوبا ويا ڇڄي ڌار ٿيندا. مشرق ۾ ايران ۽ فرغانه جا زبردست صوبا ڇڄي ڌار ٿيا. مغرب ۾ به ساڳيو حال هو. هڪ طرف اغلبي خاندان جو بنياد مغرب اقصيٰ ۾ پيو ته ٻئي طرف مصر ۽ شام تي ابن طولون جو قبضو هو. سن 264هه ۾ پنهنجي حڪومت کي وڌائڻ جي ارادي سان حلب تي ڪاهي هتي جي عامل سيما طويل کي شڪست ڏني، جو هن جنگ ۾ مارجي ويو. هن جنگ کانپوءِ حلب، دمشق، حمص، حماه، رقا ۽ قنسرين جا سمورا شهر مصر جي حڪومت سان لاڳو ٿي ويا.

سن 270هه مطابق سن 884ع ۾ چوويهه سال حڪومت ڪري ابن طولون وفات پاتي. کانئس پوءِ سندس پٽ خمارويه دمشق جي تخت تي ويٺو. طولونيه خاندان جا جيڪي تاجدار ٿي گذريا سي فاتح باجبروت ٿي گذريا. سندس عهدِ مهد ۾ تعليم، هنر ۽ واپار گهڻي ترقي ڪئي. هو وڏا رعيت پرور ۽ انصاف وارا ٿي گذريا. سن 271هه اَبو العباس بن موفق ۽ خمارويه بن طولون جي دمشق ۽ رمله جي ميدان ۾ سخت جنگ لڳي. جنهن جو اِهو نتيجو نڪتو جو ابن طولون کي واپس مصر ڏانهن موٽڻو پيو.

رومين سان جنگ

جنهن صورت ۾ سلطنت جي طول و عرض ۾ صوبن خودمختياري اختيار ڪئي هئي، اُن حالت ۾ رومي وجهه وٺي سرڪشي ڪرڻ لڳا. خليفي معتمد عبدالله بن رشيد جي هٿ هيٺ فوج سندن مقابلي ۾ رواني ڪئي. پهرين جنگ ۾ رومي پٺتي هٽيا پر ٻئي ڀيري سخت گهيري ۾ اچي ويا. گهڻائي مسلمان ڪفارن هٿان شهيد ٿيا. خود عبدالله قيد ٿي قسطنطنيه ڏانهن روانو ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو درياهه بيڪر تي رومين جو قبضو ٿي ويو. سن 270هه ۾ رومين ٻيهر طورطوس تي ڪاهه ڪئي، پر اُتي جي عامل بازمار کين شڪست ڏيئي ديار بيڪر جي شهيدن جو پورو بدلو دشمنن کان ورتو. هن جنگ ۾ گهڻائي نصارا مسلمانن هٿان جهنم داخل ٿيا ۽ کين گهڻو ئي مال غنيمت هٿ لڳو.

صاحب اَلزبح جو ظهور

جن ڏينهن ۾ مهتدي اونگ خلافت هو. اُنهن ڏينهن ۾ هڪري ايراني علي بن محمد جو صاحب اَلزبح جي نالي سان مشهور هو، ڇاڪاڻ جو سندس مريد اڪثر شيدي هئا. هن داعويٰ ڪئي ته مان حضرت علي بن اَبي طالب جي خاندان مان آهيان. وٽس اهڙو ته ڪو غيب جو علم هو. جو گهڻائي شيدي سندس نشان هيٺ اچي گڏ ٿيا. خليفي مهتدئ سندس مقابلي ۾ هڪڙي فوج رواني ڪئي هئي. پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. خليفي معتمدن جي ڏينهن ۾ ته هن گهڻو زور ورتو. جيئن ته قلاديا، اَهواز ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي سندس پوئلڳن قبضو ڪري ورتو. سالن جا سال هن دعويدار ۽ شاهي فوجن جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي لڳي رهي، پر کڙ تيل ڪونه نڪتو. آخر خليفةالمسلمين پريشان ٿي پنهنجي ڀاءُ موفق بالله کي سندس گوشمالئ لاءِ ڏياري موڪليو. پنڌرهن سالن جي چٽاڀيٽي کان پوءِ سن 282هه ۾ محمد جي پٽ شڪست کاڌي. موفق سندس سر وڍرائي بغداد ڏانهن روانو ڪيو. جتي فتح جي يادگار لاءِ هڪ شاهي جشن منايو ويو.

احمد المعتضد بالله (اول)

خليفةالمسلمين معتمد جي مرڻ کانپوءِ سندس ڀائيٽيو شهزادو اَبوالعباس احمد موفق سن 891ع مطابق سن 279هه ۾ معتضد بالله جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. هن حڪومت جون سموريون واڳون پنهنجي قبضي ۾ رکيون. بغداد جي گرد نواح ۾ ڪي علائقا، جي اڳ خلافت کان ڇڄي ڌار ٿيا هئا، تن کي وري قبضي هيٺ آندائين. جنهن ڪري عباسي طاقت جا زبونئ جي حالت کي وڃي پهتي هئي، تنهن ۾ ڪجهه اضافو ٿيڻ لڳو. هو پيءُ وانگر نه فقط جوڌو سپاهي هو، پر ملڪي انتظام جي لحاظ سان عادل به هو. دل جو سچو البته ڪٺور هو، جنهنڪري ڪن ماڻهن کي هن لاءِ نفرت به هئي. ماڻهن کي کانئس هر وقت حراس رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس اڪثر سفاح ثانيءَ جي لقب سان ڪوٺيندا هئا.*

اَمير حمدان موصلي ۽ ابن طولون

سن 258هه ۾ معتزبالله جي ڏينهن ۾ مساور خارجئ موصل ۾ فساد ڪيو هو، پر مسرور بلخئ هن کي شڪست ڏني هئي. هينئر وري سن 281هه ۾ موصل ۾ هارون شاري خارجئ ساڳيا پير کنيا. وڏي ڳالهه ته اَمير حمدان بن حمدون، جو اُتي جو عامل هو، سو به فسادين سان ملي ويو. خليفي معتضد بالله پاڻ موصل تي فوج ڪشي ڪئي. امير حمدان ماردين جي قلعي ۾ وڃي لِڪو، پر آخر بغداد ۾ اچي خليفةالمسلمين کان معافي گهريائين. باقي هارون سن 283هه ۾ بغداد جي ڳلين ۾ سرِميدان سولئ جي تختي تي لٽڪايو ويو. دمشق ۾ به گڙٻڙ مچي ويئي. جيئن ته خمارويه بن اَبن طولون مصر جي والي کي ڪنهن فسادئ دمشق ۾ ماري وڌو. کانئس پوءِ سندس پٽ شهزادو هارون مصر جي تخت تي ويٺو. جنهن پنهنجئ سعادتمنديءَ جو ڪمال ثبوت ڏنو. هن خليفةالمسلمين جي آڻ مڃي ۽ بارگاهه خلافت ۾ هڪ لک اشرفيون ساليانو خراج ڀريندو رهيو. ساڳئ طرح مصر جي حڪومت خليفي کيس مرحمت ڪئي. مصر ۽ بغداد جا تعلقات ايتريقدر زور وٺي ويا جو سلطان پنهنجي ڌئ شهزادي قطرالندا جي شادي خليفةالمسلمين سان ڪرائي ڇڏي. مصر ولايت جي اهڙي اطاعت ڪري بغداد جي سلطنت وري ڪجهه اوج کي پهتي.

قسطنطنيه تي فرزندان توحيد جي ڪاهه ۽ سندن شجاعت

هن وقت صقليا ٻيٽ تي مسلمانن جو قبضو هو. مسلمان هتي بيٺڪون جوڙي ويٺا هئا. سندن علمي ترقيءَ جو چرچو يورپ ۾ پيل هو. سن 283هه ۾ هتي جي مسلمانن بازنطيني سلطنت جي تختگاهه قسطنطنيه تي ڪاهه ڪئي. قيصر کين روڪڻ لاءِءِ گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندس سڀ ڪارروايون ناڪافي ثبوت ٿيون. آخر جڏهن نصارن جي فوج تاب آڻي نه سگهي تڏهن لاچار وٽس جيڪي به مسلمان قيدي موجود هئا تن کي هٿيار ڏيئي مقابلي لاءِ موڪليائين. جن پنهنجي ڪمال بهادري ۽ نمڪ حلاليءَ جو ثبوت ڏنو. جيئن ته اهل صقليا موٽ کاڌي. اميرانِ اسلام جي هن بهادريءَ کي ڏسي قيصر 2504 مسلمان قيدي آزاد ڪري ڇڏيا.

جشن نئو روز تي بندش قانون سازئ جو نئون دور

اِيراني، جي عربن سان رلي ملي ويا هئا، سندن مذهب به اسلام هو. پر اڃا به منجهن سندن اڳوڻي مذهب جون ڪي اهڙيون رسمون پيل هيون، جن جي کلئ طرح سان پيروي ڪندا هئا. جيئن ته اڳ نئون روز جي ڏينهن ۾ آتش پرستن جو وڏو ڏينهن ٿيندو آهي. اُن ڏينهن عام ماڻهو آتش بازي ڪندا هئا. هڪ ٻئي تي خوشبودار عطر جهڙيون شيون ڇڙڪيندا هئا. پر خليفةالمسلمين آتش بازئ جي رسم ڪتب آڻڻ بند ڪرائي ڇڏي. اڳ آتش پرست مٿيون ڏينهن پنهنجي رواج موجب مارچ مهيني ۾ ملهائيندا هئا، پر هينئر نئين قانون موجب مهيني ۾ ملهائڻ لڳا جو پوءِ نئوروز المعتضدي جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

ٻيو قديم رواج عربن ۾ پيل هو ته فوتيءَ جو مال ڌئ يا ڀيڻ کي ڪونه ملندو هو پر اهڙو مال بيت المال ۾ داخل ٿيندو هو. پر هن خليفي اهو قانون بند ڪرائي ڇڏيو. فوتيءَ کي پٽ کان سواءِ جيڪڏهن ڌئ يا ڀيڻ هوندي هئي ته مال اُنهن کي ملڻ لڳو.

قرامطي فرقي وارن جو ظهور

خليفي معتمد بن متوڪل جي ڏينهن ۾ سن 278هه ۾ پهريون ڀيرو ڪوفي ۾ قرامطي فرقي وارن جو ظهور ٿيو. سلطنت عباسيه ۾ جيڪي به اندروني فساد پيا، تن مان هي فساد بلڪل زبردست هو. هن فرقي جو باني هڪ شخص حمدان قرمطي هو. عربستان، شام ۽ عراق توڙي ٻي اسلامي دنيا ۾ قتل غارتگري ۽ ظلم جي بازار گرم ٿي. خليفي معتضد جي ڏينهن ۾ سن 287هه مطابق سن 891ع ۾ قرامطين اَبو سعيد الجنابي جي هٿ هيٺ بحرين ۾ سخت فساد کڙو ڪيو. هنن قلاديا تي حملو ڪيو. خليفي سندن مقابلي لاءِ هڪ فوج رواني ڪئي. پر هن فوج شڪست کاڌي. ٻن سالن کان پوءِ قرامطي ايتريقدر زور وٺي ويا جو هنن شام تي ڪاهه ڪئي.

سن 301هه ۾ اَبو سعيدالجنابئ جي هٿ هيٺ هن فرقي وارن بصره ۽ هجر کي ڦرمار ڪري ساڙي ناس ڪيو. هو ايترو زور وٺي ويا، جوسن 317هه ۾ خليفي مقتدر جي ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري حج جي موقعي تي هنن مڪي معظمه تي به ڪاه ڪئي ۽ گهڻن ئي حاجين کي قتل ڪري حجراَسود جي به بيحرمتي ڪيائون. جيئن ته اُهو مقدس پٿر به، ساڻ کڻي ويا. اهڙي بيحرمتي ۽ خانه ڪعبةالله جي بيحرمتيءَ جي ڪري عام مسلمانن  ۾ بي چيني پکڙجي ويئي. جنهن ڪري سلطنت جي طول و عرض ۾ پري پري کان مسلمان اچي گڏ ٿيا. آمدم برسر مطلب ته 15 سالن جي ساندهه جدوجهد کان پوءِ مس مس مسلمانن مٿئين فرقي وارن کي مات ڪيو، پر تنهن هوندي به سانده ويڙهه جي ڪري عرب، قلاديا ۽ شام جي ملڪن ۾ تاريڪي ڇائنجي ويئي ۽ سانده ويڙهه لڳڻ ڪري خلافت اعظميٰ جي مرڪز جو بنياد لوڏي ۾ اچي ويو. هن ساندهه اندروني فسادن ڪري رومي ڪفارن کي به وجهه ملي ويو، هنن اسلامي حدن اندر ٽپي گهڻن ئي مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. تنهن کان سواءِ آذربائيجان ۾ ايتريقدر وبا اچي پئي جو مسلمانن کي ڪفن ملڻ به دشوار هو. جنهن ڪري لاچارئ جي حالتن ۾ ماڻهن لاشا رستن تي ڦٽا ڪيا. کين دفنائڻ وارو ڪيو ڪونه هو.

ماه ربيع الثاني سن 289هه مطابق سن 902ع ۾ معتضدبالله وفات پاتي. مرڻ مهل سندس عمر 47 ورهيه هئي. هن ڪل 9 سال ۽ 9 مهينا حڪومت ڪئي.

ابو محمد المڪتفي بالله ابن معتضد

سن 289هه ۾ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ شهزادو اَبو محمد علي المڪتفي بالله جي لقب سان تخت تي ويٺو جو پنهنجي پيءُ وانگر صلح پسند بادشاهه هو. قرامطي فرقو هڪ آفت ناگهاني هو، جو سلطنت جي اَمن امان لاءِ نهايت ئي خطرناڪ ثابت ٿيو. هن فرقي وارن سن 290هه ۾ شيخ يحيٰ جي هٿ هيٺ وري فساد کڙو  ڪيو. هن دفعي مصر جي سلطان طفج بن جف جي زير قيادت هڪڙي فوج رواني ڪئي. پر باغين جي طاقت زبردست هئي. طفج شڪست کاڌي ۽ دمشق جو شهر  گهيري ۾ اچي ويو. طولونيه سلطان ٻي هڪڙي فوج رواني ڪئي. جنهن سان چوٽ کائيندي شيخ يحيٰ مارجي ويو. سندس مرڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ شيخ حسين سرداري جي پڳ ٻڌي. هن روحانيت جي دعويٰ ڪئي ۽ اهڙئ فريب سازئ سان  هن عوام جي حسن عقيدت جو قبله گاهه بنجي ويو. وٽس گهڻائي احمق اچي گڏ ٿيا. هيءَ پاڻ کي اميرالمومنين جي لقب سان مهدي آخر زمان سڏائڻ لڳو ۽ دمشق وارن تي جزيه ڍل مڙهيائين ۽ پنهنجي سؤٽ عبدالله کي مُدثر جي لقب سان پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيائين. سندس فريب جو ڄار ويو وسيع ٿيندو، جيئن ته مصري فوجن جي شڪست کائڻ کان پوءِ حما، معره ۽ سلينه جي شهرن تي به باغين قبضو ڪري ورتو. جڏهن خليفةالمسلمين کي خبر پيئي، ته فتنو آهستي آهستي وڌي رهيو آهي، تڏهن دارالخلافه مان فوجون وٺي راقا ۾ آيو. هوڏانهن هي شيخ حسين به فوجون وٺي مقابلي لاءِ آيو. تمتع جي مقام وٽ وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ باغين شڪست کاڌي. ۽ شيخ صاحب پنهنجي ولي عهد سميت گرفتار ٿي ويو. خليفي سندس سر وڍائي بغداد جي بازارن ۾ گهمايو. ان لاءِ ته آئينده ڪوبه خليفةالمسلمين جي خلاف حرڪت ۽ جرات نه ڪري.

طولونيه حڪومت جو خاتمو

سن 292هه ۾ مصر وارن پنهنجي سلطان هارون طولون جي خلاف بغاوت جو جهنڊ و بلند ڪيو. اهڙي انقلاب کي غنيمت ڄاڻي. خليفي مڪتفيءَ پنهنجي هڪڙي اَمير محمد بن سليمان کي مصر تي قبضي ڪرڻ لاءِ فوجون ڏيئي روانو ڪيو. هوڏانهن هارون طولون به تلوار هٿ ۾ کڻي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو. اهڙيءَ طرح کانئس پوءِ طولونيه خاندان جو مصر ۾ خاتمو ٿيو.

ابراهيم خلجي ۽ قرامطين جا فساد

سن 293هه ۾ شام جي هڪڙي طولوني اَمير ابراهيم خلجيءَ نالي وٺي فساد کڙو ڪيو. خليفي دمشق جي عامل اَحمد بن ڪيلغ کي جنگ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. ٻن ٽن معرڪن کانپوءِ ابراهيم قيد ٿي ويو.خليفي کيس بغداد ۾ قيد رکيو. ابراهيم خلجيءَ جي سرگرمي کي ڏسي قرامطين شام جو ميدان خالي ڏسي ٻيهر مٿو ڪڍيو. قتل ۽ حرص جا شعلا، جي سندن دلين ۾ بند هئا، سي وري ڀڙڪڻ لڳا. هنن دمشق ۾ ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪرڻ کانپوءِ ڪوفي ڏي رخ رکيو. سن 294هه ۾ هنن عراق جي شاهراهه تي قبضو ڪري حاجين جي قافلن کي لٽي اٽڪل ويهه هزار بيگناهه انسانن کي ماري وڌو. جڏهن هڪ خوفناڪ حادثي جي خبر بارگاهه خلافت ۾ پهتي. تڏهن خليفةالمسلمين جو خون جوش کائڻ لڳو. هن هڪ فوج سندن مقابلي لاءِ رواني ڪئي. سخت خونريز معرڪي کانپوءِ باغين شاهي فوجن جي هٿان سخت شڪست کاڌي. سندن بيشمار ماڻهو قتل ٿي ويا. سندن سردار ذڪريه گرفتار ٿي مارجي ويو.خليفي سندس سر وڍرائي بغداد جي ڳلين ۾ گهمرايو.

رومين کي شڪست ڏيڻ

سن 292هه ۾ رومين مرعش ۽ گرد نواح علائقن ۾ غارتگري شروع ڪئي، پر ابوالعشر اُتي جي عامل ڪوبه عملي قدم ڪونه کنيو. جنهن تي خليفي کيس عهدي تان لاهي، رستم بن برد کي انا طوليه جو حاڪم مقرر ڪيو. جنهن اناتاقيه جي معرڪي ۾ رومين کي شڪست ڏيئي کانئن بدلو ورتو.

هي خليفو نهايت ئي امن پسند ۽ رحمدل بادشاهه هو سندس جنگ ڪرڻ لاءِ ڪو لاڙو ڪين هو. پر تنهن هوندي به قرامطين جي عراق ۾ ۽ رومين جي اناطوليه جي جارحانه ڪارواين کي چڱي طرح روڪيائين. سندس پيءُ جيڪي به تهخانا ۽ قيد جوڙايا هئا تن کي ڊهرائي اُتي مساجد جوڙائي پنهنجيءَ رحمدليءَ جو ڪمال ثبوت ڏنائين. جن جن ماڻهن جون جائدادون وزارت ضبط ڪيون هيون. تن کي موٽائي ڏنائين. سندس فياضيانه ڪمن ڪري رعيت کي هن لاءِ ڏاڍي محبت هئي. سن 295هه ۾ 6 سال حڪومت ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس عمر 33 سال هئي. هن خلافت جون واڳون پنهنجي ڀائٽي شهزادي اَبو الفضل جعفر جي سپرد ڪيون. چون ٿا ته عباسي خليفن ۾ هن جهڙس صلح پسند شهنشاهه ڪو ورلي ٿي گذريو.

جعفرالمقتدر بالله ابن معتضد

 شهزادو اَبو الفضل جعفر جنهن کي مڪتفي بالله ولي عهد مقرر ڪري ويو هو سو 12 ذوالقده سن 295هه مطابق سن 908ع ۾ خلافت نشين ٿيو. سندس عمر هن وقت 13 سال هئي. مرحوم خليفي جي وصيت موجب سلطنت جون واڳون وزارت جي سپرد هيون. جنهن جي مدد سان هن 25 ورهيه حڪومت ڪئي. پر وزارت جي غدارئ جي ڪري اهڙو ڪو سال خالي ڪين هو. جنهن ۾ فساد نه ٿيا هجن. جن جو مختصر بيان هيٺ ڏبو. اَبوالفضل جعفر جنهن هن وقت المقتدر بالله جو لقب ورتو هو، سو صغيرالعمر هو. تنهن ڪري خلافت جون واڳون حرم جي خواتين ۽ خادمن جي هٿ ۾ هيون. جا ڳالهه فوجي اَميرن ۽ وزارت جي ٻين ميمبرن کي پسند نه آئي. وڏي ڳالهه ته عباس بن حسن جو هن وقت وزيراعظم هو، تنهن کي تخت ۽ تاج لاءِ اچي دل ۾ لالچ جاڳي. نتيجو اهو نڪتو جو ڪن دربارين ۽ خواجه سرائن جي اشاري تي مارجي ويو. هن ڪشمڪش ۾ المقتدر بالله سن 296هه ۾ تخت تان لاٿو ويو ۽ اَبن المعتذ نالي نئون خليفو تخت تي ٿاڦيو ويو.

ابن المعتذ جو قتل ٿيڻ

 عبدالله بن المعتذ، جو هن وقت نالي طور خليفو ٿاڦيو ويو هو. تنهن جو لاڙو شاعرئ ڏانهن هو ۽ واقعي سندس شعر ۽ سخن جو چرچو اُن زماني جي محفلن ۾ گهڻو هلندڙ هو. کيس مسند خلافت لاءِ ڪنهن به قسم جي لالچ ڪانه هئي، پر آخر طرفين جي اچي پاڻ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ اَبن اَلمعتذ پنجاه ورهين جي ڄمار ۾ مقتدر هٿان بيڪسيءَ جي حالت ۾ گرفتار ٿي مارجي ويو. هن فقط ٿورو وقت حڪومت ڪئي. تنهن ڪري سندس نالو عباسي خليفن جي فهرست ۾ شمار ڪيو نه ٿو وڃي. مطلب ته هو پنهنجي وقت جو وڏو مايهء ناز اديب ۽ شاعر هو. سندس خلافت تي ويهڻ ۽ بيڪسيءَ جي حالت ۾ وري قتل ٿي وڃڻ جي باري ۾ مشهور شاعر علي بسام گهڻائي شعر چيا.

فاطميه حڪومت جو آغاز

المقتدر جي عهدِ حڪومت ۾ عبدالله مهدي فاطمي جو سلجماسته ۾ ظهور ٿيو. هن ايتريقدر زور ورتو جو سمورو اُتر آفريقا سندس قبضي ۾ اچي ويو. زيادة الله اَغلبي، جو اَغلبي خاندان جو پويون چشم  ۽ چراغ هو، تنهن کي آفريقا مان لوڌي ڪڍيائين. جنهن اچي عراق ۾ پناهه ورتي. سن 296هه ۾ فاطمي تبليغ ۽ تحريڪ قيروان مقدس ۾ ايتريقدر زور ورتو جو اغلبي خاندان جو آفريقا ۾ خاتمو ٿي ويو ۽ فاطمي خاندان جو دور شروع ٿيو. سن 362هه ۾ فاطمي اَثر مصر تي به پيو ۽ هن خاندان شان ۽ شوڪت سان مصر تي حڪومت ڪئي. جن جو بيان اڳتي هلي ڏبو.

ميڊيا جي قديم لوڪن جو دين اسلام اختيار ڪرڻ ۽ بازنطيني سلطنت جو نئون عهدنامو ڪرڻ

سن 303هه ۾ اِمامن سڳورن جي پيڙهيءَ مان اِمام حسين نالي هڪ بزرگ وڏي اقتدار ۽ ذوق جو صاحب ٿي گذريو. هن جي تبليغ جو اَثر گهڻن قومن تي پيو. ۽ قديم ميڊيا جي لوڪن دين اِسلام اختيار ڪيو. سن 305هه ۾ هن اِمام سمانيه خاندان جي اَميرن کان طبرستان ۽ گيلان جا علائقا فتح ڪيا. سندس طاقت کي ڏسي خليفةالمسلمين کي خوف جاڳيو. هن پنهنجي وزيرن مان رائص جي هٿ هيٺ فوج مقابلي لاءِ رواني ڪئي. پر هن اِمام حسين جي هٿان شڪست کاڌي. خليفي پنهنجي هڪڙي سپهه سالار مونس کي فوجون ڏئي روانو ڪيو. هن معرڪي ۾ حسين پنهنجي پٽ سميت قيد ٿي بغداد ۾ آيو.

ساڳئي سال ۾ قسطنطنيه جي قيصر هڪڙو وفد بارگاهه خلافت ۾ صلاح مصلحت لاءِ ڏياري موڪليو. جنهن جو استقبال خليفي جي اهلڪارن ڏاڍي گرم جوشيءَ سان ڪيو. سپهه سالار مونس جي سرپرستي هيٺ ٻنهي سلطنتن جو پاڻ ۾ نئون عهدنامو ٿيو. جنهن موجب قيدين جي مٽا سٽ ٿي.

اسلام جو مايهء ناز مؤرخ طبري

سن 310هه ۾ اِسلام جي مشهور مورخ اَبو جعفر محمد بن جرير، جو طبري جي نالي سان مشهور آهي، تنهن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. هو اَصل طبرستان جو رهاڪو هو. حنبلين سندس جنازي کي بغداد شريف ۾ دفنائڻ کان منع ڪئي. ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي شهرهء آفاق تاريخ طبري ۾ امام احمد بن حنبل جي تعريف نه ڪئي هئي. حنبلين هن مشهور مصنف جي دفنائڻ تي گهڻو فساد ڪيو ۽ بغداد جي گهڻن ئي دڪانن کي لٽيائون. پر طبريءَ جي دوستن سندس جنازي کي خفيه طرح سان دفنائي ڇڏيو. مسلمان، جي فن تاريخ جا ماهر آهن، تن بي بها گوهرن مان علامه طبري وڏو تاريخ نويس ٿي گذريو. مسلمان مٿس جيترو به ناز ڪن بجا آهي. هاڻوڪا مصنف جيڪي به تاريخون قلمبند ڪن ٿا، سي اِسلام جي مؤرخن جي تاريخن کان مدد وٺن ٿا. اڃا تائين مصر جي جامع الازهر ۾ تاريخ طبري جو نسخو موجود آهي. (1)

قرامطين جي شرارت

سن312هه ۾ قرامطي فرقي وارن وري قوت حاصل ڪئي. خليفي مقتدر جي فوجن کي شڪست ڏئي وادئ فرات جي علائقن تي قبضو ڪيائون. سن 317هه ۾ هنن حجاز ۾ اهڙو ته وحشت انگيز طوفان برپا ڪيو، جو برابر ٻن سالن تائين ڪوبه مسلمان حج تي ڪونه ويو. خليفي سندن سرڪوبي لاءِ منصور ديلميءَ جي زير قيادت هڪ وڏي فوج رواني ڪئي. پر منصور جي فوج سخت شڪست کاڌي. ۽ عين حج جي موقعي تي فسادي مسجد الحرام ۾ ڪاهي پيا ۽ حاجين کي قتل ڪري سندن لاشن کي بير زم زم ۾ ڦٽو ڪيائون. قرامطي سردار جو اڃا به خون سرد ڪين ٿيو. هن غضب ۾ اچي حجرِ اسود کي اُکاڙي پاڻ سان گڏ هجر ڏانهن کڻي ويو. جتي ٻاويهن سالن تائين پٿر رکيل هو،  پر سن 339هه ۾ خليفي مطيع جي زماني ۾ اُهو پٿر موٽي مڪي شريف  ۾ آندو ويو.

قصر خلافت ۾ فساد ۽ خليفي مقتدر بالله جو موت

خليفي مقتدر بالله جي چشم غفلت ۽ عيش پرستيءَ جي ڪري حڪومت جون واڳون وزارت ۽ نازنينان حرم جي هٿ ۾ هيون. تنهن کانسواءِ خواجه سرائن جي طاقت به وڌي ويئي هئي. اهڙي حالت ۾ حڪومت جو شيرازو بدلجڻ لڳو ۽ وزارت ناجائز صورتن ۾ پنهنجا کيسا پُر ڪرڻ لڳي ۽ وزير مختلف صيغن جي عهديدارن کي پنهنجي عهدن تان لاهڻ ۽ ٿاڦڻ لڳا. اهڙي روبڪار جي ڪري رعايا ڏاڍو اچي تنگ ٿي. نتيجو اهو نڪتو جو سن 317هه ۾ رعيت فوجن سان ملي ڪري بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو عام جي راءِ سان محمد بن معتضد خليفو انتخاب ٿيو. جنهن القاهر بالله جو لقب ورتو. نئين خليفي کان ماڻهن پنهنجي اڳوڻن حقن جي گهر ڪئي. پر هن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. جنهن تي ٻيهر بغداد ۾ فساد ٿيو. قاهر بالله پنهنجي جان بچائي ڀڳو. مقتدر بالله وري تخت تي ٿاڦيو ويو، پر ستتئي سندس سپهه سالار مونس سان ناسازي پيدا ٿي. خليفي مونس کي جلا وطن ڪيو پر هن فوج جي مدد سان ٻيهر بغداد تي ڪاهه ڪئي. مقتدر وزارت جي صلاح سان سندس مقابلي لاءِ نڪتو، پر سن 320هه ۾ ميدان ۾ وڙهندي قتل ٿي ويو.مقتدر بالله جي پهرين ڏينهن ۾ حڪومت جو ڪو انتظام ڪونه هو، پر پوين ڏينهن ۾ سمورو ڪاروبار سندس ماءُ هلائيندي هئي. جا بلڪل هوشيار ۽ باهمت خاتون هئي. هوءَ جمعي جي ڏينهن پاڻ قاضين جي محفل ۾ ويهي انصاف ڪندي هئي. ۽ غريبن جي فرياد ٻڌندي هئي. هن خليفي پنهنجي خرچ سان بغداد ۾ هڪ وڏو شفاخانو تيار ڪرايو. جنهن جو ساليانو خرچ ست هزار دينار هو. سندس وزيرن مان اَبو علي بن يحيٰ بن خاقان وڏو نامي رشوت خور هو. هن لاءِ ماڻهن کي ايتريقدر نفرت هئي جو اُن وقت جي شاعرن سندس رشوت خوري جي باري ۾ گهڻائي شعر جوڙيا هئا. هن خليفي ڪل 25 ورهيه حڪومت ڪئي. مرڻ وقت سندس عمر 38 سال هئي.

القاهر بالله ابن معتضد

خليفي المقتدر بالله جي وفات ٿيڻ کانپوءِ نئين خليفي جي چونڊ لاءِ وزارت ۾ سوال پيو. اَمير مونس جي اها راءِ هئي ته شهزادي ابوالعباس بن مقتدر بالله کي خلافت جي بار کڻڻ لاءِ اهڙي بادشاهه جي ضرورت هئي جو وقت سر خلافت جو ڪاروبار هلائي سگهي. تنهنڪري سن 320هه مطابق سن 932ع ۾ شهزادو اَبو المنصور محمد بن معتضد راءِ عام سان القاهر بالله جي لقب سان خلافت تي رونق افروز ٿيو.

قاهر بالله جي وزارت سان ناسازي ۽ سندس بيڪسي

القاهر بالله 6 جمادي الاول سن 320هه ۾ خلافت جو چوغو پهريو هو پر هو ظالم دل جو ڪٺور ۽ شهنشاهي ڪمن هلائڻ جي لائق نه هو. سندس وزارت سان اچي ناسازي جاڳي، جي هن وقت وڏي جاهه و جمال جا مالڪ بنجي چڪا هئا. تخت تي ويهڻ شرط هي مرحوم خليفي جي اولاد جي ملڪيت تي جهٽ هڻڻ لڳو. جنهن ڪري خوف کان خليفي مقتدر جي والده جواهرات ۽ ٻيو قيمتي سامان لڪائي ڇڏيو. فقط ڪي معمولي ڪپڙا بارگاهه ۾ پيش ڪيائين. جنهن تي خليفي کي غصو لڳو. ۽ مقتدر جي ملڪيت کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. سندس ناروا افعالن جي اها پهرين قسط هئي، جنهن تي عام توڙي خاص کي هن لاءِ نفرت جاڳي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪن ڳالهين تي سندس رفيقن مثلاً امير مونس، امير بليق، علي بن بليق ۽ ابو علي بن مقله جي وچ ۾ اچي ناسازي جاڳي. مٿين مخالفت ۽ بي اعتمادي ايتريقدر وڌي وئي، جو خليفي جا دوست ۽ حمايتي گرم جوشيءَ سان خليفةالمسلمين جي نگراني ڪرڻ لڳا. نه فقط ايترو پر حرم جي خواتين ۽ خواجه سرائن جي به نگراني ٿيڻ لڳي. جيڪڏهن خليفي لاءِ کير جو پيالو ايندو هو ته به نگران اُن کي چڪاسيندا هئا. القاهر بالله جڏهن پاڻ کي اهڙيءَ گرفتاريءَ ۾ ڦاٿل ڏٺو، تڏهن بجاءِ  عاقلانه تدبير جي هو سياسي حڪمت عملي طور ڪم آڻڻ لڳو. پنهنجي فوجي اَميرن مان يوسف بن ساج نالي کي جو ساجيه جي لقب سان مشهور هو. جنهن جي اَمير مونس سان دشمني هئي. ريڙهي پنهنجو طرفدار ڪيائين. ساڻس ڪي اهڙا مخفي انجام اڪرام به ڪيائين، جو ساجيه فوج جي دستي سان سندس مدد لاءِ تيار ٿي ويو. امير مونس ۽ وزارت جي ٻين عهديدارن کي جڏهن هن خفيه معاهدي جو راز معلوم ٿيو، تڏهن هنن کيس تخت تان لاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ امير علي بن بليق جي هٿ هيٺ فوجون ڏياري روانو ڪيائون. جنهن دارالخلافه بغداد تي گهيرو ڪيو ۽ خليفي کي تخت تان دست بردار ٿيڻ لاءِ فوري گهُر ڪئي.

خليفي کي سندس جاسوسن مان هڪڙي طريف سبڪرئ نالي، جنهن زنانو لباس پهري وڃي خليفي کي ڪارواين جي خبر ڏني، جنهن تي خليفي هڪڙي فوج محلات جي حفاظت لاءِ کڙي ڪئي. اِنهيءَ وچ ۾ اهلڪارن جو هڪڙو عملو جو خليفي کان باز پرس ڪرڻ جي ارادي سان بارگاهه خلافت ۾ ويو هو جنهن ۾ علي بن بليق، اَبن مقله ۽ علي بن زيراڪ جهڙا ذي اقتدار اشخاص هئا. اُهي سمورا ساجيه فوج جي نوجوان سپاهين هٿان قيد ٿي ويا. خليفي جي حڪم سان اَمير علئ جو سر وڍي هڪريءَ ٿالهي ۾ رکي بليق جي روبرو آندائون. جو پنهنجي لخت جگر جو سر وڍيل ڏسي زار زار روئڻ لڳو. تنهن کان پوءِ بيلق جو به سر وڍي ساڳيءَ ٿالهيءَ ۾ رکي اَمير مونس اڳيان رکيائون. جو شهادت جو ڪلمو پڙهندي تلوار جي هڪڙي ڌڪ سان شهيد ٿي ويو. پوءِ خليفي ٽيهن وزيرن جا وڍيل سر بغداد شهر جي مکيه چؤسولن ۾ ڦيرائي اعلان پڌرو ڪيو ته ”جيڪو خليفةالمسلمين جي مخالفت ڪندو تنهن سان ساڳيو هال ٿيندو“.

اها روبڪار نه فقط مٿين ٽن وزيرن سان ٿي گذري پر خود (اَبو يعقوب اِسحٰق نو بختي) جنهن جي مشوري سان قاهر بغداد جي تخت تي ويٺو، تنهن سان به ٿي، ان کي به گهرائي سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيائين!!

اسين قاهر جي ڪاميابين جي بيان کي ختم ڪري ٿورو سندس بيڪسيءَ جو به حال ڏيون ٿا. ته خليفي جي اهڙي جارحانه پاليسي کي ڏسي خود سندس رفيق اَمير ساجيه کي اچي خوف جاڳيو، ڇاڪاڻ جو سندس حڪم سان اَبو يعقوب اِسحٰق جهڙو وفادار وزير بيگناهه قتل ٿي ويو. ٻيو ته ابن مقله جو علي بن بليق ۽ علي بن زيرڪ سان گڏ گرفتار ٿيو هو، سو ڪنهن حڪمت عملي سان روپوش ٿي ڀڄي ويو. هن ٻاهر اچي ساجيه فوجن کي خليفي جي برخلاف ڀڙڪايو. سندس ايتريقدر تحريڪ زور ورتو جو سيما نالي هڪڙي فوجي امير ساجيه فوجن سان خوف کان بغداد تي ڪاهه ڪئي. هن اوچتي حملي جي خليفي کي ڪابه خبر ڪانه پئي. هن ڀڄڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي. پر سن 322هه  مطابق سن 934ع ۾ گرفتار ٿي ويو. فوجي اميرن کيس تخت تان لاهي سندس اکيون ڪڍيون. هن ڪل هڪ سال ۽ ست مهينا حڪومت ڪئي ۽ ڇهن سالن تائين انڌو رهيو. آخر سن 338هه ۾ مارجي ويو. اُن وقت سندس عمر 35 سال هئي. چون ٿا ته زندگيءَ جي پوين ٻن سالن ۾ هو بغداد جي ڳلين ۾ گداگري ڪري پيٽ پاليندو هو.

چیست یاران طریقت بعد ازین تدبیرما

الراضي بالله بن مقتدر

جيئن غلام قادر روهيلي مغل شهنشاهه شاه عالم ثانيءَ جون اکيون ڪڍي مغليه حرم سان ناروا هلت ڪئي هئي. تيئن خليفي قاهربالله  سان ٿي گذري. سندس تخت تان لهڻ بعد حڪومت جي ذي اقتدار اَهلڪارن شهزادي ابو العباس احمد کي، جو هن وقت ماءُ سميت شاهي ترنگ ۾ نظر بند هو، قيد مان ڪڍي الراضي بالله جي لقب سان کڻي خلافت تي ٿاڦيائون. هن تخت تي ويهڻ سان اَبن مقله کي وزارت جو قلمدان سپرد ڪيو ۽ اُنهن ماڻهن کي، جن اڳ ساڻس برا پير کنيا هئا. تن کي عام معافي ڏيئي ساڻن چڱي هلت ڪرڻ لڳو.

اَخشيديه حڪومت جو آغاز

سن 323هه ۾ خليفي راضي بالله محمد بن طبغ کي مصر جو والي مقرر ڪيو. جنهن مصر تي مڪمل طرح سان پنهنجو قبضو ڪري ورتو. ڇاڪاڻ جو بغداد جي طاقت گهڻو گهٽجي ويئي هئي ۽ خليفةالمسلمين جي تابعداري محض رسمي هئي. لاچار خليفي کي به سندس طاقت اڳيان سر تسليم خم ڪرڻو پيو. شام به محمد ابن طبغ جي قبضي هيٺ اچي ويو. هو فرغانه جي مملوڪن جي خاندان مان هو، تنهن ڪري بارگاهِه خلافت مان کيس اَخشيد جو لقب ڏنو ويو. جنهن جي معنيٰ آهي: سلطان السلاطين، هن حڪومت جو آغاز سن 323هه ۾ ٿيو ۽ سن 364هه تائين قائم رهي.

عباسي سلطنت ۾ پهريون اَمير الامراء

اڳ اسين لکي چڪا آهيون، ته جڏهن عباسي سلطنت ۾ ترڪن دخل ڏنو، تڏهن کان وٺي حڪومت ڏينهون ڏينهن ويئي زواليت کي پهچندي. ايتريقدر جو خلافت جي عروج ۽ اقبال کي گهٽجندو ڏسي جدا علائقن جي صوبن خودمختياري ڪئي. ڪن ته ساليانو خراج ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري سلطنت جي مالي ۽ فوجي حالت وئي ڪمزور پوندي. خاص ڪري خليفي راضي بالله جي ڏينهن ۾ ته حالتون وڌيڪ بدتر هيون. اهڙن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ خليفي محمد بن رايق بصره ۽ واسط جي حاڪم کي پنهنجو وزير ۽ فوجن جو سپهه سالار مقرر ڪيو. محمد بن رايق وزارت جي عهدي لاءِ گهڻيئي دير کان منتظر هو. تنهنڪري هن فوجي ۽ مالي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ خليفي سان انجام ڪيو ۽ وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتائين. مٿين ڪمن جي سنڀال لاءِ خليفةالمسلمين کيس سموريون اختياريون سپرد ڪيون ۽ کيس بارگاهِه خلافت مان (اميرالامراء) جو خطاب مرحمت ٿيو. عباسي دور ۾ هي پهريون شخص هو، جنهن کي اهڙيون اختياريون ۽ مٿيون لقب ڏنو ويو. نه رڳو اختياريون کيس ڏنيون ويون پر خطبي ۾ خليفةالمسلمين سان گڏ اميرالامراءِ جو نالو به پڙهجڻ ۾ آيو. هن نئين عهدي مطابق خلافت سياسي ڪمن کان ڇڄي ڌار ٿي ۽ سمورا پوليٽيڪل معاملات اميرالامراءِ جي دفتر سان لاڳو ٿي ويا ۽ خليفةالمسلمين جو مٿين ڪمن ۾ ڪو دخل نه رهيو. سندس عزت محض مذهبي رهجي ويئي، ڇاڪاڻ جو هن انقلاب کانپوءِ شاهي سڪن تي به اميرالامراء جو نالو اُڪرجڻ لڳو. بغداد جي عظيم الشان حڪومت فقط بغداد ۽ گرد نواح شهرن تي محدود ٿي وئي. باقي سمورا علائقا هن وقت خودمختيار هئا. بصره ۽ واسط جا علائقا ابن رايق جي زيرنگين هئا. راءِ ۽ اصفهان ۾ رڪن الدين ابن بويه ۽ شمڪير بن زيار پنهنجي قسمت آزمائي ڪري رهيا هئا، موصل، ديار بيڪر ۽ ربيعه تي بنو حمدان وارا فرمان روائي ڪري رهيا هئا، مصر ۽ شام تي اَخشيدي جهنڊو لهرائي رهيو هو، مغرب اقصيٰ ۽ آفريقا تي علوي اقتدار هو. اهڙي ريت اِسپين تي بني اُميه وارن جو قبضو ٿي چڪو هو، جي پاڻ کي اميرالمومنين سڏائڻ لڳا. مشرق ۾ خراسان ۽ بخارا تي سمانيه خاندان وارا بادشاهي ڪندا هئا، طبرستان ۽ جرجان تي ديلمي اَمير حڪومت ڪندا هئا. بحرين ۽ عمان تي ابو طاهر قرامطي برسرِ اقتدار هو مطلب ته عباسي خليفي جي حڪومت فقط بغداد ۽ ڪن ٿورن پسگردائي جي ڳوٺن تي هئي. ويتر جو ابن رايق اميرالامراء مقرر ٿيو ته باقي ٽڪرا به ڇڄي پرزا پرزا ٿي ويا. اهڙي تاريڪي جي حالت ۾ اميرالامراء جي هٿ هيٺ خليفةالمسلمين گويا هڪڙو کيڏڻو هو. باوجود خليفي جي ناعاقبت انديشي جي هڪڙي رفيق ابن مقله خط و ڪتابت جي ذريعي کيس خواب پريشان کان سجاڳ رهڻ لاءِ گهڻا ڀيرا اطلاع ڏنا. پر جڏهن ابن رايق کي هن راز و نياز جي خبر پئجي ويئي. تڏهن پهريون هن اَبن معله جا هٿ وڍايا پر اهڙي بيڪسي ۽ سرو ساماني جي حالت ۾ به هو خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رکندو هيو.پر ٻئي ڀيري هن سندس زبان وڍائي ڪڍي ۽ قيد رکيائينس جتي هن سن 328هه ۾ بي زبان دم ڏنو.

خليفة المسلمين اَبن رايق کي ان لاءِ اَمير الامراء مقرر ڪيو ته من سلطنت کي ڪو عروج حاصل ٿئي پر خليفي جون مشڪلاتون ويون روز بروز ترقي ڪنديون، اُهو ساڳيو ڳن ۽ ساڳي ڪوڏي!

سن326هه ۾ يحڪم نالي هڪڙو فوجي امير ابن رايق جي وڌندڙ طاقت کي ڏسي کيس معزول ڪرڻ جي اِرادي سان بغداد تي ڪاهي ويو. ابن رايق سندس مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ جان بچائي ڀڄي ويو. خليفي لاءِ اِن کان سواءِ ٻي واهه ڪانه هئي. جو هن يحڪم کي امير الامراء جو خطاب ڏنو. اهڙيءَ طرح اَميرالامراء لاءِ اچي جنگ جو ميدان گرم ٿيو.

سن 377هه ۾ ولايت موصل جي حاڪم ناصرالدوله بن حمدان خراج ڏيڻ کان انڪار ڪيو. سندس سرڪوبيءَ لاءِ راضي بالله ۽ يحڪم فوجون وٺي هليا. ٻي طرف ابن رايق بغداد خالي ڏسي شهر تي ڪاهه ڪئي. گهڻن ئي اُتي جي رهاڪن کي به پنهنجو طرفدار ڪري ڇڏيائين. اهڙي تگ ودو ۾ لاچار خليفي کي حوران، رها، قنسرين ۽ عواصم جا علائقا ابن رايق جي حوالي ڪرڻا پيا. مس مس فساد بند ٿيو. هينئر ابن رايق کليءَ طرح سان پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو. هن سن 328هه ۾ ايتريقدر زور ورتو جو اَخشيدي شام جي نائب بدر کي شڪست ڏيئي شام تائين ملڪ تي قبضو ڪيائين. اَخشيدي سلطان پنهنجي ڀاءُ جي مدد سان سندس مقابلو ڪيو. پر شڪست کاڌائين. سندس ڀاءُ ويڙه ۾ مارجي ويو، اهڙي طرح ابن رايق سڄي شام ولايت تي به قبضو ڪري ورتو.

سن329هه مطابق سن 940ع ۾ راضي بالله 32 ورهين جي عمر ۾ 6 ورهيه 10 مهينا حڪومت ڪري مري ويو. هي خليفو به پنهنجي وقت جو مشهور اديب ۽ شاعر هو. سندس وفات کانپوءِ جيڪي به عباسي خليفا خلافت نشين ٿيا، سي آزاد ڪين هئا. نه وري ڪنهن جمعي جي ڏينهن منبر تي بيهي خطبو پڙهيو. نه وري سندن درٻار ۾ اڳوڻو علم ۽ ادب جو چرچو رهيو.


ð سلطان معرفت حضرت ذوالنون مصري، اهل مصر سندن رتبي کان بيخبر هئا. خليفي متوڪل وٽ سندس شڪايت ڪيائون، جنهن کين چاليهه ڏينهن قيد ۾ رکيو. پوءِ کانئن ڪي سوال  پڇيائين، جن جا حضرت جن صحيح جواب ڏنا. خليفو ٻڌي روئڻ لڳو ۽ سندن مريد ٿيو ۽ عزت سان مصر روانو ڪيائين.

”تذڪرةالاوليا شيخ عطارءِ“

* ماهه رجب المرجب سن 279هه ۾ معتمد پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 23 سال حڪومت ڪري دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس حڪومت عربستان، عراق، آذربائيجان، آرمينيا ۽ بحيره هند وارن ملڪن تي هئي.

(1)  علامه ابو جعفر محمد بن جرير طبري اُنهن مصنفن مان آهي جنهن پهريون يونان ۽ روم جو ذڪر ڏنو هو. هن اِسلام  جي مايه ناز مورخ اِبتدا کان وٺي سن 301هه تائين اسلام جي تاريخ لکي، جنهن ۾ ٽيهه هزار ورق هئا. طبرستان جي شهر آمل ۾ ڄائو. تفسير، حديث، فقه ۽ تاريخ ۾ ڪامل امام هو. اخبارالرسول والملوڪ، تهذيب آلاثار، تفسير القرآن قابل ذڪر سندس جڙيل ڪتاب آهن. سندس تاريخ جو ابو محمد تبريز فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. علامه ابن اثير سندس ڪتاب اخبار الرسول والملوڪ جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. سن 310هه ۾ هن وفات پاتي. ”اَدبيات عرب“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org