سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:24 

 

اُزبڪن جا ايران تي حملا

 

شاهه طهماسپ صفوّي هٿان شڪستون کائڻ

سن 931هه مطابق سن 1524ع ۾ شاهه اسمٰعيل صفوي جي مرڻ کانپوءِ سندس فرزند شاهه طهماسپ صفوي ايران جي تخت تي ويٺو. جيتوڻيڪ هن وقت صغيرالعمر هو، پر پيءُ وانگر منجهس بهادرئ جا آثار نمايان هئا. اُزبڪن شاهه اسمٰعيل جي مرڻ جو ٻڌي ٽين ڪاهه جو ارادو ڪيو. هن حملي ۾ عبيدالله مرو تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪوتشڪونجي سلطان جي پٽ اَبو سعيد هرات تي گهيرو ڪيو. هنن مرو، هرات، مشهد ۽ اُستراآباد تائين ملڪ فتح ڪيو ۽ اُستراآباد تي عبيدالله پنهنجي پٽ عبدالعزيز کي حاڪم مقرر ڪيو. ٻي طرح نوعمر شاهه طهماسپ بلخ جي معرڪي ۾ اُزبڪن کي شڪست ڏئي اَبو سعيد کان هرات به کسي ورتي. تنهن کان پوءِ اُزبڪن سان آخري جنگ جوٽڻ لاءِ ايرانين جي وڏي فوج جمع ڪيائين. سندس خوف کان عبيدالله اُزبڪن جي سردارن کي سجاڳ ڪيو.

سن 935هه مطابق سن 1528ع ۾ عبيدالله چوٿون گهمرو خراسان تي حملو ڪيو، هن ڀيري گهڻائي اُزبڪن جا امير ۽ شهزادا ساڻس هن مهم ۾ شامل هئا. مثلاً بوراق سلطان تاشقند جو والي، ابو سعيد سمرقند کان، حمزه سلطان حصار کان، قارا سلطان بلخ کان ۽ ٻيا، ڪتاب رياضت الصفا ۾ لکيل آهي، ته اٽڪل 2 لک  اُزبڪن جي فوج گڏ ٿي ۽ اڳي ڪڏهن به ايتري فوج گڏ ڪانه ٿي. ٻي طرف شاهه طهماسپ صفوي6000 توپن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ آيو، توراني، ترڪن ۽ اُزبڪن لاءِ هي پهريون گهمرو هو جوهنن  توپن جا وسڪارا ۽ ڌڏڪار ٻڌا ۽ ڏٺا. جام ۽ زورآباد جي ميدان ۾ جتي بابر مرزا لکي ٿو ته اُزبڪن جي 3 لک فوج هئي ۽ ايرانين جي ڪل 50 هزار فوج هئي. پر شاهه وٽ مضبوط توپخانو هو. محرم الحرام مهيني جي نائين تاريخ جنگ لڳي. هي ڏينهن طرفين لاءِ شهادت جو ڏينهن هو ٻنهين طرفن سپاهين روزا رکيا هئا. گويا ڪربلا جو رڻ هو، جيئن افراسياب ۽ رستم جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي. تيئن هينئر به ايران ۽ توران جو فيصلو ٿيڻو هو. صبح صادق نمودار ٿيڻ سان اُزبڪن ايرانين تي تيرن جي برسات نازل ڪئي ۽ ايراني جنگ جي تعليم عثماني ترڪن کان گهڻو سکي چڪا هئا، ڇاڪاڻ جو دولت عثمانيه هن وقت براعظم يورپ ۾ پنهنجي فوجي طاقت جي لحاظ سان شهره آفاق هئي. ايرانين هڪدم خندقون کوٽي پاڻ کي تيرن جي برسات کان بچايائون. سندن توپن جي ڌڌڪار ۽ دونهين جي انڌوڪار کان اُزبڪ ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. بابر مرزا لکي ٿو ته هن معرڪي ۾ ڏيڍ لک اُزبڪ شهيد ٿيا. ڪيترائي سندن شهزادا ۽ 9 امير مارجي ويا.ٻي طرف ايراني لشڪر مان ويهه هزار مارجي ويا.

اُزبڪن جي ايران تي ڇهين ڪاهه

سن 938هه مطابق سن 1531ع ۾ شاهه طهماسپ صفوي ۽ قسطنطنيه جي سلطان سليمان خان اعظم جي اچي پاڻ ۾ جنگ لڳي. هن ڀيري شاهه کي جنگ ۾ رڌل ڏسي عبيدالله جدا جدا طرفن کان ايران تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. پاڻ هرات تي ڪاهي ويو ۽ سندس پٽ مشهد تي ڪاهه ڪئي. ۽ ڏيڍ سال تائين ڪاهون ڪندو رهيو. پر جڏهن ترڪئ جي سلطان ۽ ايران جي شاهه جو پاڻ ۾ صلح ٿيو، تڏهن ايراني فوجن اُزبڪن کان بدلي وٺڻ لاءِ خراسان ڏي موٽ کاڌي. اُزبڪن خراسان ۾ ڦرلٽ ڪري خوب هٿ ٺاريا هئا. عبيدالله سڄي ترڪستان جو بادشاهه هو ۽ ابو سعيد به 3 ورهيه حڪومت ڪري مري چڪو هو. سن 942هه مطابق سن 1535ع ۾ هن ڇهون گهمرو ايران تي حملو ڪيو. پر سندس  موت جا ڏينهن ويجها هئا ۽ 4 سال پوءِ سن 946هه مطابق سن 1539ع ۾ 56 ورهيه حڪومت ڪري وفات پاتائين. اِنالله واِنا اليھ راجعون. کيس هڪڙي مڪتب ۾ دفنايائون جو هن جوڙايو هو.

سلطان عبدالعزيز

سلطان عبيدالله کانپوءِ سڄي ترڪستان ۾ بدامني ۽ بغاوت پئجي ويئي. شيباني محمد خان ۽ ڪوتشڪونجي سلطان جا پٽ جدا جدا علائقن تي حڪمراني ڪرڻ لڳا. ڪوتشڪونجي جي اولاد مان سندس پٽ عبدالله 6 مهينا حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ عبدالطيف کي سمرقند جي تخت تي ويهاريائون. عبيدالله کانپوءِ سندس پٽ سلطان عبدالعزيز سن 948هه مطابق سن 1541ع ۾ تخت تي ويٺو، پر هو پئ وانگر جنگجو ڪين هو. هن هڪ ٻه گهمرا بلخ تي ڪاهون ڪيون، پر آخر ايران جي شاهه سان صلح ڪيائين. هو علم دوست ۽ خدا پرست سلطان ٿي گذريو. سندس درويش ۽ علمائن سڳورن سان دوستي هئي. مڪتب ۽ مساجد جوڙيائين ٻيا به گهڻا خير جا ڪم ڪيائين. سندس ڏينهن ۾ ڌارين ملڪن سان ڪا جنگ ڪانه لڳي جنهنڪري ماڻهو امن ۽ امان ۾ هئا.

سلطان محمد يار

سلطان عبدالعزيز جي وفات کانپوءِ سندس سؤٽ سلطان محمد يار تاشقند جي والئ کي بخارا جي تخت تي ويهاريائون، جو سن 961هه مطابق سن 1553ع ۾ سمرقند وارن هٿان شهيد ٿي ويو. کانئس پوءِ سلطان عبيدالله جو ٻيو پٽ برهان خان بخارا شريف جي تخت تي ويٺو، جو شوخ طبع ۽ ظالم هو. کانئس رعيت بيزار هئي ۽ چؤطرف بدامني پکڙيل هئي. سندس ڏينهن ۾ (نئو روز احمد) جو بوراق خان جي لقب سان مشهور هو، جو محمود خان جو پٽ هو، جنهنکي شيباني محمد خان شڪستون ڏنيون هيون، تنهن وسط ايشيا جي ميدان مان نڪري قتل عام کي جاري رکيو. سندس ظلمن جي ڪري ماوراءِ النهر جا شاداب علائقا ناس ٿي ويا.

اَمير عبدالله جو بخارا تي قبضو

بوراق خان جي هٿان مخلوق جي جان بچائڻ لاءِ ترڪستان مان فقط هڪڙو امير عبدالله خان اُٿيو، جو اِسڪندر خان جو پٽ هو ۽ جاني بيگ جو پوٽو هو ۽ اَمير ابوالخير جو پڙ پوٽو هو. سن 945هه مطابق سن 1533ع ۾ عالم اِرواح کان عالم وجود ۾ آيو. اَمير جاني بيگ وڏو زاهد ۽ عابد ٿي گذريو، جڏهن کيس پوٽو عبدالله ڄائو تڏهن کيس اُن وقت جي بزرگ حضرت خواجه ڪاشاني وٽ دعا لاءِ کڻي ويو. چون ٿا ته مٿئين بزرگ ٻار کي ڏسي واڪو ڪري پڪاريو ته ”هي ڇوڪرو وڏي نصيب واروو ٿيندو ۽ ڪنهن زماني ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيندو“.

اِئين چئي هن بزرگ پنهنجي اُٺ جي مهار سان سندس ڪمربند جوڙي، اَمير اسڪندر کي سندس تعليم ۽ تربيت لاءِ تاڪيد ڪيائين. اَمير موصوف پٽ جي تعليم ۽ تربيت جي پوري پرداخت ڪئي. کيس وڏن وڏن وقت جي علمائن، مشائخن جي صحبت ۾ تربيت لاءِ ويهاريائين. تعليم کان فارغ ٿي اڃا 22 ورهين جي عمر ۾ مس هو، ته ٿورو لشڪر ساڻ ڪري بوراق خان جهڙي زبردست شخص رهزن جي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ پنهنجي آبائي ناموس جي بچاءَ جي لحاظ سان پهرين ئي يلغار ۾ کيس اهڙي چوٽ ڏنائين جو هو بخارا خالي ڪري ڀڳو. سندس جوانمردي ۽ استقلال کي ڏسي اَهل بخارا هن نو عمر اَمير زادي جي مرحبا ڪئي ۽ بوراق خان ظالم جي مقابلي ڪرڻ لاءِ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. پر قضا سان بوراق خان نئو روز احمد سن 963هه مطابق سن 1555ع ۾ انتقال ڪيو ۽ اَمير عبدالله لاءِ ميدان صاف ٿيو. اهو سندس اقبال جو پهريون شگون هو.

بُرهان خان کي مجال نه هئي، جو سندس اڳيان مقابلو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ جو اَمير عبدالله خان بخارا وارن کان خراج تحسين وصول ڪري چڪو هو، سندس ادنيٰ جنبش کان برهان خان مارجي ويو ۽ هن بخارا تي قبضو ڪري ورتو. هن شيباني خاندان جي سلطنت جي پيڙهه کي نئي سر مضبوط ڪيو. جيئن ته شيباني محمد خان توڻي عبيدالله خان جيتوڻيڪ ترڪستان جا سچا مالڪ ٿي گذريا، ته به هنن جدا جدا علائقن جي حڪومتن کي پنهنجي فوجي سردارن جي حوالي ڪري پاڻ فقط فوجي سپهه سالارن جي حيثيت ۾ زندگي بسر ڪئي. پر امير عبدالله خان ترڪستان جي حڪومت جي واڳن کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي پنهنجي آبائي سلطنت جي قديم حدن کي ٻيهر سنوارڻ لڳو. مٿئين دستور عمل کي قائم رکڻ ۾ کيس گهڻو وقت لڳو، پر تنهن هوندي به رعايا کي گهڻو خوش رکيائين. آمو ۽ سير درياهن جي علائقن ۾ چؤطرف اَمن امان هو ۽ بخارا جي خانات کي اڳي کان گهڻو مضبوط رکيائين.

خاندان آل تيمور جي پڄاڻي

سن 975هه مطابق سن 1567ع ۾ ترڪستان ۾ وري بداَمني پئجي ويئي. بوراق خان جي مئي کان پوءِ سندس پٽ بابر خان وري پئ جا پير کنيا. هن سمرقند تي ڪاهي هتي جي شهزادي خسرو شاهه ۽ ٻين گهڻن اميرن کي قيد ڪري سندن دولتون لُٽيون. سن 983هه ۾ هن عبدالله خان هٿان سير درياهه وٽ شڪست کاڌي، پر سفيد ڪوه جي پوئين معرڪي ۾ سخت جنگ کانپوءِ شڪست کائي وسط ايشيا جي ميدان ڏي ڀڄي ويو. اَمير عبدالله خان الغ تاغ تائين سندس پٺيان پيو، جتي فتوحات جي يادگيرئ لاءِ هڪڙو نشان تعمير ڪرايائين. تنهن کانپوءِ فرغانه، قاشغر ۽ ختن جي علائقن کي به شيباني سلطنت هيٺ آندائين. هن وقت بلخ ۾ اڃا به گورگاني اَمير حڪومت ڪندا هئا. جو علائقو به آخر اُزبڪن جي سلطنت اندر اچي ويو. مغل خاندان مان اَبو سعيد مرزا ۽ يونس بيگ جي قبيلن مان باقي ٻه شهزادا وڃي رهيا هئا. يونس بيگ سلطان اَبو سعيد مرزا، جو هڪ سردار هو، جنهن جي نياڻي سان سلطان موصوف جي پٽ شهزادي عمر شيخ مرزا شادي ڪئي هئي ۽ شهزادو بابر مرزا هن اَميرزادئ جي تن مان هو، جنهن ترڪستان مان تڙجي وڃڻ کانپوءِ ڪابل ۽ دهلئ جون بادشاهتون فتح ڪري هندوستان ۾ چغتائي سلطنت جو بنياد وڌو. وري يونس خان جي پٽن مان محمود خان کي شيباني محمد خان شڪست ڏني هئي. نو روز احمد خان محمود خان جو پٽ هو کانئس پوءِ بابر خان پويون مغلن جي پيڙهي مان هو، جو عبدالله خان هٿان شڪست کائي صحرا ڏانهن ڀڄي ويو. اهڙئ ريت مغل خاندان ترڪستان مان مٽجي ويو.

عبدالله خان فاتح

عبدالله خان نه فقط بلخ ۽ بدخشان فتح ڪيا، پر اولهندي ۾ اُسترا خان ۽ گيلان به فتح ڪيائين. گيلان جي حاڪم سندس خوف کان قسطنطنيه جي سلطان مراد ثالث وٽ وڃي پناهه ورتي. شيباني سلطنت جون حدون اڳي کان گهڻو وڌي ويون. اُزبڪن جي خوف کان شاهه طهماسپ صفوي به سن 969هه مطابق سن 1561ع ۾ ترڪئ جي سلطان سليمان خان اعظم سان صلح ڪيو هو.

شيباني خاندان ۽ صفويه خاندان جو خوني داستان

جهاد لاءِ ٽي شرط جنگ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن: (1) ته قتال في سبيل الله هجي (2) ته فقط اُن ماڻهن سان جنگ ڪجي جي مسلمانن سان جنگ ڪن (3) ته جنگ ۾ زيادتي نه ٿئي. في سبيل الله هن کي ان ڪري ڪوٺيو ويو ته ”الله تعاليٰ جو نالو دنيا کان نه مٽايو وڃي“ اهي هئا شرط مسلمانن کي جنگ ڪرڻ لاءِ، پر ڏٺو ويو ته مسلمانن مٿئين تلوار جا حقيقت ۾ الله تعاليٰ جي نالي کي قائم رکڻ لاءِ کنئي هئي، اُها جيئن پوءِ تيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي ڳلي ڪپڻ لاءِ هٿ ۾ کنئي.

هجري ڏهين صدي مطابق عيسوي سورهين صدئ جي زماني ۾ دولت عثمانيه ترڪئ ۾ دولت صفويه ايران  ۾ اُزبڪن جي حڪومت ماوراءِ النهر ۾ ۽ مغل شهنشاهت هندوستان ۾ بلڪل زبردست طاقتور هيون، پر مٿين سلطنتن پنهنجي اسلامي حقيقت جي روايتن کي وساري، جيڪي پاڻ ۾ جنگيون ڪيون، سي تاريخ ۾ اظهر من الشمس آهن. عثماني ترڪن جي ايرانين سان عداوت هئي، اُزبڪن ۽ ايرانين جي ٻئي طرف کان پاڻ ۾ عداوت هئي. ورهن کان ڪري جيڪا هندوستان جي مغل سلاطين جي صفويه خاندان جي شاهن سان دوستي هئي، سا شاهه عباس ثاني جي ڪوتاهه بينيءَ ڪري ٽٽي پئي اهڙي طرح سان ڪردستان ۽ عراق جي سرحدن تي سال بسال خون جا درياهه پئي وهيا. ساڳئ طرح سان خراسان ۾ مسلمانن جي رت جون نديون وهڻ لڳيون. ٽئين طرف قنڌار لاءِ جيڪي مغلن ۽ ايرانين پاڻ ۾ جنگيون ڪيون تن تي ٻئي موقعي تي ڳالهائبو. مطلب ته اِهي هئا خوني داستان اُنهن مسلمانن جا، جن لاءِ فخر دو جهان نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جنگ بدر جي ڏينهن روئي پنهنجي الله کان هن ريت دعا گهُري هئي. اي خدا جيڪڏهن تو هن مُٺ جيترن مسلمانن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو ته پوءِ زمين تي ڪڏهن به تنهنجي عبادت ڪانه ٿيندي“.

پر افسوس اهڙي زماني ۾ جڏهن هڪڙي طرف يورپ جون قومون پنهنجيءَ غفلت جي ننڊ کان بيدار ٿي ترقئ جي جدوجهد ۾ مشغول هيون. تڏهن  مسلمانن جون پاڻ ۾ ان ڪري جنگيون لڳل هيون ته ايراني شيعا هئا ۽ ترڪ ۽ مغل سني هئا.

آمدم برسر مطلب ته طهماسپ صفوي جي وفات کان پوءِ اُزبڪن خراسان ۾ گهڻو زور ورتو. ڇاڪاڻ جو شاهه جي پٽن جي پاڻ ۾ نااتفاقي هئي. سن 984هه مطابق سن 1566ع ۾ شاهه جي پٽن مان شهزادي محمد مرزا 15000 لشڪر سان هرات تي ڪاه ڪئي. پر تربت حيدرئ جي قلعي ۾ گهڻي مشڪل سان اُزبڪن کان جان بچايائين. ايران جي شاهي خاندان ۾ فساد لڳو رهيو. شاهه عباس اعظم ۽ محمد خدا بندئ جي اندروني جنگين جي ڪري9 مهينن جي گهيري کانپوءِ هرات فتح ڪيو. علي قلي خان شملو، جو هن وقت خراسان جو حاڪم هو، سو اُزبڪن جي هٿان قيد ٿي ويو. تنهن کانسواءِ ڪيترن ئي خراسان جي رهندڙ ماڻهن کي اُزبڪن قيد ڪري بخارا ڏي موڪليو. وڏي ڳالهه سلطان الغربا اِمام موسيٰ رضا جي روضي جي اُزبڪن بي حرمتي ڪئي. اِمام سڳوري  جو روضو مشهد مقدس ۾ آهي. خراسان ۾ گهڻا باغ زيارتگاهه جي ملڪيت آهن، جتي مسافرخانا ۽ حمام جڙيل آهن، جن ۾ زيارتين جي آسائش لاءِ پورو بندوبست ٿيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو اِمام سڳوري کي ايران ۾ سلطان الغربا جو لقب مليل آهي. هتي سال بسال زيارت ڪرڻ لاءِ اسلامي دنيا مان گهڻائي مسلمان ايندا آهن، پر اُزبڪ، جي هن وقت فتوحات جي نشي ۾ سرشار هئا، تن امام سڳوري جي باغن ۽ ٻين گهڻن عمارتن کي هڻي ناس ڪري وڌو. جنهنڪري طول ۽ عرض ايران ۾ واويلا مچي ويئي.

ايران جي شيعن علمائن هڪ وڏي مجلس ڪوٺائي، جتي سني علمائن کي صلح مصلحت لاءِ دعوت ڏنائون، پر ڪوٺاهه ٿي نه سگهيو. اَهل سنت جماعت وارن جي اهڙي نازيبا روش ڪري، شيعن کي آخر ماٺ ڪرڻي پئي(1) شاهه عباس اعظم لشڪر وٺي مشهد مقدس جي حفاظت ڪرڻ لاءِ خراسان ۾ آيو، پر ان وچ ۾ سندس جارجيا سان جنگ لڳي جنهن ۾ هن هار کاڌي.

مشهد جي بيحرمتي

ستت ئي شاهه عباس جي ترڪيءَ جي سلطان سان جنگ لڳي ۽ ايراني فوجن کي اتي مصروف ڏسي عبدالله خان وجهه وٺي پنهنجي پٽ عبدالمومن کي، جو هن وقت بلخ  جو والي هو، بيشمار فوجون ڏئي موڪليو، سندس  چاچو دين محمد خان ۽ هرات جو حاڪم قل بابا ڪوڪلتاش به ساڻس رفيق هئا. ايراني به هن پاڪ شهر کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ آيا. پهريون نيشاپور جي معرڪي ۾ اُزبڪن شڪست کاڌي، هنن ٻيو حملو مشهد مقدس تي ڪيو. هنن خراسان ۾ باهه ٻاري ڏني. خراسان جا گهڻائي رهندڙ ايراني اُزبڪن جي خوف کان هن پاڪ شهر کي دارالامان سمجهي اچي رهڻ لڳا. اُمت خان اُستجلو هتي جي حاڪم شهر کي بچائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي. اُزبڪن شهر جا رستا کڻي بند ڪيا. سامان رسد جي قلت ڪري شهر ۾ اچي ڏڪر پيو. لاچار ماڻهن اُزبڪ سردار جي آڻ مڃي. هنن شهر ۾ ڦر لٽ ۽ قتل عام کڙو ڪيو. گهڻائي درويش ۽ علماء سڳورا خوف کان وڃي درگاهه شريف ۾ لِڪا، پرفاتح اُزبڪن هن پاڪ جڳهه جي ڪائي پرواهه نه ڪئي. هو اندر ڪاهي پيا. جيڪي هٿ لڳن سو هٿ ڪيائون، باقي ماڻهن کي قتل ڪيائون. ايتريقدر جو درگاهه جو متولي به مارجي ويو. عبدالمومن بيپرواهئ سان سڀ ڪجهه ويٺي ڏٺو. اُزبڪن بي درديءَ سان زالن ٻارن ۽ ضعيفن کي ويٺي ڪٺو. جن جي فريادن کان هيٺ زمين ۽ مٿي آسمان پئي ڪُنبيو. شهر جي عمارتن، بازارن، مسجدن ۽ خود اِمام سڳوري جي تربت مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. روضي مبارڪ ۾ ٽن صدين کان اسلام جي بادشاهن جيڪي به نذراني ۾ ڏنو هو، سو لُٽي ويا. خاندان آل تيمور جي شهزادن تربت تي گهڻو خرچ ڪري اڏاوت تيار ڪرائي هئي، تنهن کي گهڻو نقصان پهتو. اُهي سون جون شمعون جن تي هيرن ۽ جواهرن جو ڪم ٿيل هو. ٻيا ظرف ظروف قيمتي تنهن کان سواءِ عاليشان ڪتب خانو جنهن ۾ بيش بها ڪتاب ۽ علمي جواهر صدين کان گڏيل هئا، سي سمورا سامان سوڌو اُزبڪ لٽي ويا. مرحوم شاهه طهماسپ صفوي جو مقبرو، جو روضي شريف سان گڏ هو، تنهن کي ڊاهي برباد ڪري سندس قبر کوٽي سندس هڏين کي ساڙي رک هوا ۾ اُڏائي ڇڏيائون. مٿئين هولناڪ واقعي جو ذڪر عبدالمومن هڪڙي خط ۾ لکي پنهنجي هڪڙي امير محمد قلئ جي معرفت ترڪئ جي سلطان مراد ثالث ڏي قسطنطنيه روانو ڪيو. جنهن کي ڏيکاريو هئائين ته مان شيعن کان خوب بدلو ورتو آهي ۽ شاهه طهماسپ صفوي جي لاش کي ساڙي هوا ۾ اُڏائي ڇڏيو اٿم وغيره. تنهنڪري اُميد ڪريان ٿو ته توهان مونکي ايرانين جي خلاف عراق فتح ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. پر چون ٿا ته جڏهن سلطان کي مٿيون خط پهتو تڏهن سندس اهڙي فعل تي سخت افسوس ظاهر ڪيائين ۽ جواب ۾ لکي موڪليائين ته ”جيڪڏهن شيعا ايراني آهن، پر اسلام جي دائري ۾ هو اسان جا ڀائر آهن“ شاهه عباس هن وقت تهران ۾ هو، کيس مشهد جي ظلمن جي سموري خبر هئي پر لاچار هو.

اُزبڪن جي عروج جي گهٽتائي

فاتح امير عبدالله خان جيتوڻيڪ شيباني سلطنت جي حدن کي ايران ۽ عجم تائين وڌايو، پر پاڻ گهڻو وقت ترڪستان تي خودمختيار ٿي حڪومت ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ جو سن 975هه مطابق سن 1567ع ۾ سندس پيءُ جي مرڻ کانپوءِ جڏهن خسرو شاهه سمرقند جي تخت تي ويٺو تڏهن بابر تاشقند مان ڪاهه ڪري خسرو شاهه کي ماري وڌو. اهڙي دستور ماوراءِ النهر جي مختلف حصن تي  مختلف بادشاهن حڪومت ڪئي، پر سُتت ئي سمرقند جي ولايت اندروني فسادن جو مرڪز بنجي ويئي.

بلخ ۽سمرقند بخارا سان گڏجڻ

خسرو شاهه واليءَ سمرقند جي شهادت کان پوءِ ابو سعيد جو پٽ سلطان سعيد حاڪم ٿيو. هن 5 ورهيه حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ علم گهڻو زور ورتو ۽ سمرقند ۾ امن امان هو. سن 980هه مطابق سن 1578ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ علي بهادر سمرقند جي تخت تي ويٺو، پر سندس ٻن پٽن ابوالخير سلطان ۽ مظفر سلطان جي پاڻ ۾ ناسازي ڪري سمرقند جي حڪومت بخارا سان لاڳو ٿي ويئي. جيئن ته ابوالخير بابرخان کان مدد گهري ٻئي طرف مظفر عبدالله کان مدد گهري، سن 986هه مطابق سن 1578ع ۾ عبدالله خان علي بهادر کي سندس پٽن سوڌو مارائي سمرقند جي حڪومت کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. بلخ جي علائقي تي قارا سلطان جاني بيگ جو پٽ حڪومت ڪندو هو، جنهن 974هه مطابق سن 1566ع تائين خودمختيار رهي حڪومت ڪئي، سندس مُئي کانپوءِ عبدالله خان سندس پٽ شهزادي دين محمد خان کي حڪومت سپرد ڪئي، پر سنگدل عبدالمومن هن شهزادي کي سندس امير سميت قيد ڪري پاڻ مالڪ ٿي ويٺو، هو دل جو ڪارو هو. عبدالله خان هن وقت نه رڳو ترڪستان جو حاڪم هو، پر سڄو توران خراسان ۽ طبرستان سندس قبضي هيٺ هئا. هن عبدالمومن کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪري کيس (خان) جو خطاب ڏنو. نوٽ ) ايران، افغانستان، بلوچستان يا هندوستان ۾ امير پاڻ کي خان سڏائي سگهن ٿا پر ترڪيءَ ۾ فقط سلطان کي اهو لقب مليل آهي.[

شاهه عباس اعظم هٿان عبدالله خان کي شڪست

اُزبڪن جيڪي خراسان ۾ ايرانين سان ظلم ڪيا ۽ امام موسى رضا رضهّ جي روضي شريف جي جيڪا مشهد مقدس ۾ بي حرمتي ڪئي، تنهن ناروا ظلم جي ڪري سڄي ايران ۾ ماتم جون صفون وڇائجي ويون ۽ اسين اڳ چئي چڪا آهيون، ته ان وقت شاهه عباس اعظم لاچار هو، ڇاڪاڻ جو اولهندي ۾ کيس ٻن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، پهريون جارجيا ۽ ٻيو ترڪي جي سلطان سان. پر امام سڳوري جي بددعا ۽ شهيدن جي فرياد اهڙي پراثر هئي جو آخر اُن غم ۾ دم ڏنائين.

عبدالمومن جنهن کي پڻس هينئر خان جو خطاب ڏنو هو ۽ سندس هٿ مشهد مقدس جي مظلومن جي خون کان اڃا رڱيل هئا، تنهن پنهنجيءَ سعادتمنديءَ جو ثبوت هن ريت ڏنو، جو پيءَ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اُٿيو. هن نُور محمد خان خوارزم جي واليءَ کي شڪست ڏيئي 20،000 فوجن سان هرات جي والي قبل بابا ڪوڪلتاش تي به ڪاهه ڪئي سن 1004هه مطابق سن 1595ع ۾ امير شاهه محمد خان پنهنجي سفير کي پيءُ جي درٻار ڏانهن مُڪائين. ان مراد سان ته نڪري جنگ جي ميدان ۾ مقابلو ڪري. امير عبدالله خان، جو هن وقت آمو درياهه جي ٻيلن ۾ شڪار ڪرڻ ۾ مشغول هو، تنهن کي جڏهن فرزند رشيد جو قاصد پهتو تڏهن موٽي بخارا ڏانهن آيو ۽ پٽ سان هڪ ٻه چوٽون به کاڌائين پر فضا هن وقت بدلجي ويئي، جيئن ته خوارزم جي واليءَ تي جو سندس پٽ بيگناهه حملو ڪيو هو، تنهن شاهه عباس اعظم کي مدد لاءِ لکيو، ٻئي طرف صحرا جا قبيلا بخارا تي حملو ڪرڻ لڳا. سن 1007هه مطابق سن 1597 ۾ شاهه عباس اعظم کانئن بدلي وٺڻ لاءِ زبردست ايراني فوجن سان مٿن ڪاهي آيو ۽ طوفان وانگر مشهد مقدس، مروّ ۽ هرات جا علائقا فتح ڪيائين. اُزبڪن جي شڪست جو فاتح عبدالله خان تي ايترو اثر پيو جو ساڳي سال ماهه رجب المرجب جي 2 تاريخ شڪست جي غم ڪري سندس روح قفس عنصري کان دارالبقا ڏي پرواز ڪيو. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. هن وقت سندس عمر 68 ورهيه هئي. هن 40 سال ترڪستان تي حڪومت ڪئي. سندس نالو اڃا سوڌو بخارا جي ماڻهن جي زبان تي آهي. جيئن شاهه عباس اعظم ايران جو نامور بادشاهه ٿي گذريو، تيئن عبدالله خان به ترڪستان جي سلاطين مان نامور ٿي گذريو. هن رعايا جي ڀلي لاءِ گهڻا ڪم ڪيا. رستن تي پليون جوڙيائين ۽ جبلن کي ڪاٽائي رستا جوڙايائين ۽ مسافرن جي سُک لاءِ قافلي سرائون تعمير ڪرايائين. جملهء 1001 مسجدون، مڪتب ۽ حمام تيار ڪرايائين. سندس ملڪ جو اندروني انتظام به چڱو هو. سندس سرپرستيءَ هيٺ ترڪمانن تجارتي ۽ تمدني حالتن ۾ گهڻي ترقي ڪئي. هن گهڻا باغ جوڙايا، جن مان بخارا شريف ۾ چار باغ بلڪل مشهور آهن. سمرقند، ڪرمانيه ۽ مشهد مقدس ۾ وڏيون سرائون تعمير ڪرايائين، جن ۾ بيشمار وڻ به رکايائين، جتي موسم گرما ۾ اڃا تائين ماڻهو آسائش وٺن ٿا ۽ مشهد واري سراءِ اڃا به (اُزبڪ سراءِ) جي نالي سان سڏجي ٿي. بخارا شريف ۾ جا مشهور بازار آهي، سان هن 990 هه مطابق سن 1552ع ۾ تيار ڪرائي. ڪرمانيه ۾ زرافشان نديءَ تي هڪ عاليشان پل تيار ڪرايائين، جنهن کي چار وڏا برج آهن. زمين جي پيمائش لاءِ پٿر هڻايائين. رستن جو انتظام درست ڪرايائين، جنهنڪري واپار ۾ ترقي ٿيڻ لڳي. سن 990هه ترڪستان ۾ هڪ وڏي بيماري پئي، جنهن ۾ گهڻا جانور مري ويا. عبدالله خان ترڪستان جو پويون سلطان ٿي گذريو، جنهن جي درٻار ۾ خاقان چين، ترڪيءَ جي سلطان، ڪريميا جي خان جا سفير رهندا هئا. خاقان چين ساڻس دوستي رکي ۽ پنهنجي سفير جي معرفت بيش بها سوغاتون روانيون ڪيون هئائينس ۽ ترڪيءَ جو سلطان هن وقت مراد ثالث هو، جنهن جي ساڻس دوستي هئي. ترڪستان جو هي پويون سلطان هو، جنهن شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي.

سلطان عبدالمومن

جڏهن عبدالمومن تخت تي ويٺو تڏهن ظلم ٻاري ڏنائين. کانئس دنيا بيزار هئي، تخت تي ويهڻ سان هرات جي حاڪم قل بابا ڪوڪلتاش، جو سندس پيءُ جو نمڪ حلال صوبيدار هو، جنهن جي شخصيت سڄي ترڪستان ۾ ماڻهن جي دلين تي ويٺل هئي، تنهن کي بيگناهه قيد ڪري سندس پيرن ۾ ڳريون لوهه جون ٻيڙيون وجهرائي هرات جي بازارن ۾ گهمائڻ لاءِ حڪم ڏنائين. ٻيڙيون ايتريقدر ڳريون هيون جو هو هلي نه پئي سگهيو، کيس پٺن تي درّا هڻائي سندس مائٽن سوڌو مارائي ڇڏيائين. جڏهن بخارا ۾ وارد ٿيو تڏهن حسب دستور ماڻهن سندس استقبال ڪيو ۽ ساڻس وفاداريءَ جو قسم کنيائون، پر سڀني جو خوف کان رنگ زرد هو. سلطنت جي دفترن کي جاچي پراڻن اهلڪارن کي انعام اڪرام ڏيڻ جي بجاءِ جلاد کي گهرائي مارائي ڇڏيائين.بخارا، سمرقند ۽ خوجند ۾ ساڳيا حادثا ٿيا، پڻس جا جيڪي به وفادار نوڪر هئا، تن کي مارائي پوءِ ماٺ ڪيائين، پر ماڻهن کي منجهانئس خوف هو.

سلطان عبدالمومن جو موت

جن اهلڪارن سان هن عقوبتون ڪيون سي گهڻا ته سندس ويجها مائٽ هئا، جن گڏجي هڪ مجلس برپا ڪئي، جتي اهو فيصلو ڪيائون، ته عبدالمومن کي جيسين قتل نه ڪبو تيسين قتل ۽ خون جاري رهندا. مٿئين مجلس ۾ ڪي فوجي عملدار به هئا جن مان عبدالوسيع بلڪل پراڻو تجربيڪار عملدار هو. ساڻس گڏ جيڪي به هن سازش ۾ شريڪ ٿيا، تن جي ڇاتين تي هٿ رکي سندن دليون جاچڻ لڳو. هڪڙيءَ رات جو جڏهن بادشاهه سمرقند ڏانهن ٿي آيو، تڏهن عبدالوسيع جا همراهه به هڪڙي سوڙهي پيچري وٽ هٿيارن سان لڪي ويهي رهيا. جڏهن سلطاني محافظ لنگهي ويا ۽ بادشاهه جي لنگهڻ جو وارو آيو، تڏهن عيارن مٿس تيرن جي برسات کڙي ڪئي هو بيهوش ٿي گهوڙن تان هيٺ ڪري پيو، هڪڙي جهٽ هڻي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري وڌو. ساڻس گڏ سندس هڪڙو هم رقاب به مارجي ويو. مٿئين حادثي جي ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي.آخر صبح جو جڏهن ماڻهن کي خبر پهتي تڏهن سندس لاش کي اچي ڳولي لڌائون. هن جملهء 6 مهينا ترڪستان تي حڪومت ڪئي، پر گهڻا ظلم ڪيائين. بلخ ۾ ڪي ڪاشيءَ جي گنبذن سان عمارتون ٺهرايائين، هتي جي مشهور بازار (بابا جانباز) به سندس تعمير ڪيل آهي. ڪن بزرگن جي تربتن تي به گنبذ اڏرايائين، پر بقول مقيم خاني سڀني کان خوبصورت عمارت سندس محلات جي هئي.

توڪل سلطان جا حملا

سلطان عبدالمومن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ شيباني خاندان ۾ اچي وڳوڙ پيو، ڇاڪاڻ جو هن خاندان ۾ ٻيو ڪو اهڙو شهزادو موجود نه هو، جنهن کي تخت تي وهاري سگهن. امير عبدالله خان فاتح جي راڻي هڪڙو ڇوڪرو پيش ڪيو، چيائين ته ”مون هن ڇوڪري کي زالاڻي لباس ۾ پالي وڏو ڪيو آهي، پر ڪنهن به مٿس اعتبار ڪين آندو. ٻين اميرن جي اها مرضي ٿي ته مرحوم امير عبدالله جي پوٽي عبدالمومن جي پٽ کي تخت تي ٿاڦجي جو هن وقت ٻه ورهين جو هو. ڪن وري شهزادي پير محمد، امير عبدالله خان جي ڀاءُ لاءِ راءِ ڏني، پر بدقسمتيءَ سان هو آفيمي هو. غرض ته تخت ۽ تاج جي وراثت لاءِ اميرن ۽ اهلڪارن جي پاڻ ۾ صلاح مصلحت هلندڙ هئي، ته ڌارين کي ڪاهن ڪرڻ لاءِ وجهه مليو، جن کي عبدالله خان جي تلوار هيترو وقت روڪي بيٺي هئي. سڀ کان پهريون شاهه عباس اعظم چاليهه هزار ايراني فوجن سان اُزبڪن تي ڪاهه ڪئي، هن ڀيري اُزبڪن ايرانين هٿان سخت چوٽ کاڏي. اُتر کان وري صحرا جي رهندڙ قزاقن مغلن جي مدد سان تاشقند ۽ سمرقند تي حملا ڪيا. اُهي ڪرغيز لوڪ هئا ۽ ڪرغزيستان جا رهاڪو هئا. پهريون پهريون سن 941هه مطابق سن 1534ع ۾ ترڪستان ۾ ظاهر ٿيا. سندن مهندار توڪل سلطان نالي هو، جنهن جي اُن وقت جي روس جي زار فيڊار سان دوستي هئي، جنهن جي درٻار ماسڪو ۾ سندس سفير به رهندو هو.  بيجو هن وقت سمرقند جو والي هو، تنهن قزاقن کي لوڌي ڪڍيو، پر سندس نيت ۾ اهڙو ته فرق پئجي ويو، جو شيباني خاندان جو نمڪ خوار ٿي ڪري هن خاندان جي چئن شهزادن کي ماري وڌائين، جن جا نالا هزارا سلطان، پير محمد سلطان، ٽيون محمد قلي سلطان ۽ چوٿين جي نالي جي خبر نه ٿي پئي، اهي اڪثر اُذبيگ خان سليمان سلطان ]۽ چوٿين جي پيءُ جو نالو محمد سلطان هو[ جا پٽ هئا. مطلب ته هن اندروني فساد جي ڪري هن خاندان جو عروج ويو گهٽندو.

شيباني خاندان تي هڪ نگاهه

هن خاندان جا جيڪي به بادشاهه ٿي گذريا، سي وقت جي علمائن سڳورن ۽ مشائخن جي گهڻي خاطرداري ڪندا هئا ۽ ساڻن تواضع سان پيش ايندا هئا. اُن وقت ترڪستان ۾ ٻه وڏا مشهور ڪماليت جا صاحب بزرگ ٿي گذريا. هڪڙو حضرت مخدوم اعظمرحه جو حضرت خواجه احراررحه جو شاگرد رشيد هو. هي بزرگ وڏيءَ ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو. 21 محرم الحرام سن 949هه مطابق سن 1542ع ۾ سمرقند ۾ وفات پاتائون. اِنالله و اِنااليھ راجعون. سندن تربت اڃا تائين موجود آهي، جتي هزارين ماڻهو زيارت ڪرڻ اچن ٿا. ٻئي بزرگ جو نالو حضرت قاسم شيخ عزيزاترحه هو ۽ علم جي لحاظ سان بحربي پايان هو، سندس ملاقات لاءِ عبدالله خان فاتح جهڙا مرد پيرين اُگهاڙا ويندا هئا. چون ٿا ته جڏهن سلطان عبدالله خان فاتح هن بزرگ جي ملاقات لاءِ ويندو هو، تڏهن پيرين اُگهاڙو ٿي ڳچيءَ ۾ طوق وجهي ويندو هو، وري جڏهن ڪنهن مهم تي نڪرندو هو ته پهريون هن بزرگ وٽ دعا پنڻ ويندو هو. اهي هئا عقيدا اسلام جي باجبروت شهنشاهن جا وقت جي بزرگن ۾ ۽ وقت جابزرگ به صاف دل بي ريا هئا. علي بهادر خان سمرقند جي حاڪم کي جو سلطان عبدالله خان شڪست ڏني، ڏسو به مٿئين بزرگ جي دعا سان، نه ته علي بهادر جهڙو نالو هوس اُهڙو ئي بهادر مرد هو. حضرت شيخ قاسم عزيزان رحه ڪرمانيھ جا رهندڙ هئا. 989هه مطابق سن 1581ع ۾ وفات پاتائون. اِنالله و اِنا اليھ راجعون. حضرت عصام الدين بن عرب شاههرحه وڏي تصوّف جا صاحب ۽ مشهور صوفي ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا. پهريون سلطان حسين بائيقرا جي درٻار هرات ۾ رهندا هئا، پر پوءِ بخارا شريف ۾ اچي رهڻ لڳا. فاتح سلطان عبدالله خان جي هن بزرگ سان گهڻي محبت هئي. صوفي صاحب عربي علم ادب ۾ اهڙو ته مايهء ناز گوهر هو جو هر هڪ سٽ جون 656 معنائون جدا جدا نموني تي ڪندو هو. اهڙا هئا ترڪستان جا صوفي ۽ سندن علمي لياقت جو چرچو وقت جي سلاطين جي درٻارن ۾ هلندو هو. سن 943هه مطابق سن 1536ع ۾ سمرقند ۾ وفات ڪيائين. انالله و انا اليھ راجعون. هن بزرگ پنهنجي علمي يادگار لاءِ مولانا جاميرحه جي ليک تي هڪ نئون ڪتاب (تفسير قاضي) جي نالي سان تيار ڪيو. حضرت مولانا صادق عليھ رحه جي سمرقند جي ڪاليج جا شاگرد هئا، وڏا صوفي پاڪ نفس ٿي گذريا، ٻه ڀيرا مڪه معظمه ۾ حج ادا ڪيا هئائون، پوين ڏينهن ۾ ڪابل جي والي حڪيم شاهه جي درٻار ۾ رهندا هئا. سن 1007هه مطابق سن 1597ع ۾ وفات ڪيائون. انالله و اِنا اليھ راجعون. مولانا ضياءُ الدينرحه به مشهور صوفي ٿي گذريو. 973هه مطابق سن 1565ع ۾ وفات ڪيائون. خواجه جلال جبيري رحه جي حضرت مخدوم اعظمرحه جا شاگرد رشيد هئا، سي پاڻ به اُستاد ڪامل ٿي گذريا، سندن علمي صحبت مان گهڻن فيض حاصل ڪيو. شهزادو محمد صالح جنهن جي پيءُ تيمورين کان خوارزم فتح ڪيو ۽ شيباني سلاطين وٽ نوڪر هو، سو ترڪي زبان جو مشاهير هو. هن ”شيباني نامو“ تيار ڪيو جو وئينا (Vienna) جي شاهي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. مولانا مشفقي به تاريخ نويس هو، فاتح عبدالله خان جيڪي به عمارتون تيار ڪرايون، تن تي هن قصيدا لکيا، 994هه ۾ وفات ڪيائين.

قاضي پيونديرحه جو قل بابا ڪوڪلتاش جي تاريخ جو مصنف آهي، تنهن جيڪا تاريخ جوڙي اُن ۾ اهڙا اکر ڪم آندائين جو هڪڙو اکر به نقطي سان ڪونه ڏنل آهي، جيئن ته سڄي ڪتاب ۾ ب، خ، ف، ج، ق، ن، پ، ش، ت ۽ ز جو ته ڪو به اکر ڪونه ڏنل آهي! مغرب جا علم ادب جا ماهر هن مشرقي اديب جي محنت ۽ دماغ سوزيءَ جا ازحد ثنا خوان آهن. سندس جڙيل ڪتاب ”بي نڪتي“ يعني Undotted جي نالي سان مشهور آهي. خواجه شيرين شاعر ۽ خير حافظ سلطان عبدالله خان جي درٻار ۾ مشهور شاعر ۽ راڳيندڙ ٿي گذريا. ترڪستان جي بزرگن، مشائخن ۽ صوفياء جي يادگارن کي قائم رکڻ لاءِ سندن تربتن تي وڏيون عمارتون پنهنجي خرچن سان تيار ڪرايون. هنن هر ڪنهن شهر ۾ مڪتب ۽ مساجد تعمير ڪرايا. وزير عليق ڪوڪلتاش 934هه مطابق سن 1527ع ۾ سمرقند ۾ هڪ عاليشان جامع مسجد تعمير ڪرائي، جنهن ۾ ڪوتشڪونجي سلطان سنگ مرمر جو فرش وجهرايو. سلطان عبدالله خان جيڪو عظيم الشان مڪتب تعمير ڪرايو، تنهن جي ڇت تي سڄو قران شريف ڪاشيءَ جي سرن تي اُڪريل آهي ۽ هر هڪ اکر 2 فوٽ ڊيگهه ۾ آهي، هڪڙو ماڻهو پري کان ويهي سڄو قرآن شريف پڙهي سگهي ٿو. اُهو مڪتب اڃا تائين موجود آهي. سلطان عبدالعزيز خان حضرت خواجه بهاءُ الدين نقشبنديرحه جي مزار تي عاليشان عمارت تعمير ڪرائي، جا بخارا شريف جي ويجهوآهي. امير سعيد ۽ مير عرب بخارا ۾ جيڪو مڪتب جوڙايو سو  به اڃا سوڌو موجود آهي. طول ۽ عرض ترڪستان ۾ مشهور مڪتب آهي. هن زماني ۾ ترڪستان ۾ سلطان عبدالله خان فاتح ۽ ايران ۾ شاهه عباس اعظم صفوّي ۽ هندوستان ۾ جلال الدين محمد اڪبر اعظم پنهنجي وقت جا مشهور اسلام جا سلاطين ٿي گذريا، جن جي جلال ۽ جبروت جو ڏؤنڪو اڃا تائين دنيا ۾ پيو وڄي. اسلام جي نُور جي قنديلن جن جن زمين جي ٽڪرن کي روشن ڪيو، اُنهن زمين جي ٽڪرن سندس نُور کان آرائش ورتي. تاريخن جي ڪاغذي دنيا ۾ جتي قيصر ۽ فغفور جا ذڪر ڏنل آهن، اُنهن تذڪرن ۾ اسلام جي مايهء ناز فرزندن جي ڪارنامن کان اڄ دنيا به آشنا آهي. عاشقانِ مصطفى پنهنجي ڪارنامن تي جيڪي به ناز ڪن اُن لاءِ هو مستحق آهن، ڇاڪاڻ جو اهو دينِ مصطفى ئي هو جنهن جي برڪت سان ناتوان توانا ٿيا ۽ سندن قدمن جي برڪت سان دنيا جا طبق روشن ٿيا.

 

اَشترخاني خاندان The Ashtarkhanides Dynasty

 

اَشترخاني ۽ سندن نسل

گذريل ٽن صدين کان اسين اَشترخاني خاندان کي معلوم ڪري سگهون ٿا. هي اُهو خاندان هو جنهن شيباني اُزبڪن جي خاندان کان پوءِ ترڪستان تي حڪومت ڪئي. پڙهندرن کي ياد هوندو ته اَمير تيمور تاتارين کي ترڪستان مان لوڌي ڪڍيو هو، پر کيس روس جي وُلگاندي جي ڪپ تي هڪڙي مغل سردار سان مقابلو ڪرڻو پيو. اُهو عروس خان هو، سندس پٽ توڪتمش، جو اصل امير جي فوج ۾ هڪ فوجي عملدار هو ۽ ڪجهه وقت امير جي طرفان سندس دشمنن سان وڙهندو رهيو، پر آخر سندس امير سان اچي خصومت پئي، جنهنڪري هن گهڻائي ڀيرا امير سان چوٽون کاڌيون، پر آخر شڪستون کائي جان بچائي سائبيريا ڏانهن ڀڄي ويو، جتي شادي بيگ نالي اُتي جي هڪڙي امير هٿان مارجي ويو.اشترخاني قبيلا جدا جدا ڀاڱن ۾ رهي پنهنجو گذران ڪندا هئا. سندن نسل جوجيءَ جي خاندان مان هو، پر تاتاري سلطنت جي زوال کان پوءِ هن خاندان جا شهزادا ڇڙوڇڙ ٿي، ترڪستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي رهيا ، پر سندن پاڻ ۾ اتفاق هو. منجهانئن قتل تيمور مشهور ٿي گذريو، جنهن ترڪستان جي جنگين ۾ حصو ورتو. هو امير صاحبِ قران جو دوست هو. سندس حڪومت روس جي ڏاکڻئي ڀاڱي يوڪرين جي علائقي تي هئي، سندس تختگاهه ڪيف Kiev جي شهر ۾ هو.سن 802هه مطابق سن 1399ع ۾ هن توڪتمش کي شڪست ڏيئي امير تيمور کان خراج تحسين وصول ڪري دوستي جو پورو ثبوت ڏنو. پوليند وارن سان به هن شهزادي جي دوستي جو رستو هو. سندس پوين وري اشتراخان Ashtrakhan جي علائقي ۾ وُلگانديءَ جي ڊيلٽا وٽ بيٺڪ وڌي،(1) مٿئين علائقي جي رولو قبيلن هن خاندان جي آڻ مڃي ۽ ٻن صدين تائين هتي ساندهه رهڻ جي ڪري  اشترخاني ڪوٺجڻ لڳا، پر اصل هو تاتاري نسل مان چنگيز جو اولاد هئا.

اَمير يار محمد خان جي هجرت

روس جي طاقت ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي جنهنڪري لاچار هن خاندان کي هتان هجرت ڪرڻي پئي ۽ پنهنجي رهائش لاءِ کين نئون گهر ڳولڻو پيو. امير يار محمد خان، جو تيمور جي پيڙهيءَ مان هن خاندان جو ڇهون امير هو، سو پنهنجي پٽ جاني بيگ سميت ترڪستان ڏانهن هجرت ڪري آيو. اسڪندر خان شيباني جو اُن وقت سمرقند جو والي هو،تنهن اميرموصوف جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي ۽ پنهنجيءَ درٻار ۾ کيس عزت ڏنائين، ايتريقدر جو پنهنجي نياڻي شهزادي زهرا خانم جو سڱ سندس پٽ شهزادي جاني بيگ کي ڏنائين. ٿوري وقت کان پوءِ اِسڪندر خان ۽ اَمير يار محمد خان وفات ڪئي.

سلطان دين محمد خان

اِسڪندر خان کانپوءِ جڏهن سلطان عبدالله خان فاتح ترڪستان تخت تي ويٺو تڏهن اَمير جاني بيگ اَمير فاتح کي سندس جنگين ۾ مدد ڏيندو رهيو. مطلب ته شيباني خاندان ۽ اَشتر خاني خاندان جو هڪ ته پاڻ ۾ مائٽي جو رستو ٿي ويو. ٻيو جاني بيگ جيڪا فوجي خدمت ڏني، تنهن جي عيوض اَمير فاتح سندس پٽن مان هڪڙي کي نيشاپور جي حڪومت جون واڳون مرحمت ڪيون جنهن امير فاتح جي پٽ سلطان عبدالمومن کي ايرانين جي خلاف جنگين ڪرڻ ۾ فوجي مدد ڏيئي پنهنجي خاندان جو شيباني خاندان وارن کي پورو ثبوت ڏنو. اَمير جاني بيگ کي 3 پٽ هئا. دين محمد خان، ولي محمد وفاداري ۽ باقي محمد خان. جڏهن سلطان عبدالمومن کي سندس اَهلڪارن شهيد ڪيو، تڏهن ترڪستان جي تخت ۽ تاج لاءِ اچي صلاح مصلحت شروع ٿي، ته ڪنهن  لائق شهزادي کي تخت ۽ تاج حوالي ڪجي. پر شيباني خاندان ۾ هن وقت ڪو اهڙو لائق شهزادو ڪونه هو، جو حڪومت جو بارگران پنهنجي ڪلهن تي کڻي سگهي. آخر اهلڪارن ۽ حڪومت جي اَمير گڏجي راءِ عامه موجب تخت ۽ تاج اَمير جاني بيگ جي سپرد ڪيو. جو هن وقت پيرسن هو  پر هن شيباني خاندان جي اميرن کي ڪوٺائي چيو ته ”مان چنگيز جي اولاد مان آهيان تنهنڪري تخت ۽ تاج اُن جي حوالي ڪيو جو هن خاندان مان هجي“.

اِئين چئي هن پنهنجي پٽ شهزادي دين محمد خان ڏانهن اشارو ڪيو جو شهزادي زهرا خانم جي تن مان هو ۽ هن وقت ترڪستان جي تخت ۽ تاج لاءِ حقيقي وارث هو. اهڙي راءِ ۽ مصلحت موجب شهزادو دين محمد خان سمرقند جي تخت تي ويٺو.

دين محمد خان جو هرات جي جنگ ۾ شهيد ٿيڻ

ايرانين ۽ اُزبڪن جي عداوت وري ڀڙڪو کاڌو، شاهه عباس صفوي وري خراسان تي ڪاهه ڪئي. تنهنڪري  سلطان دين محمد خان فوجون وٺي سندس مقابلي لاءِ نڪتو. پر هرات جي خونريز  معرڪي ۾ شاهه جي فوجن هٿان شهيد ٿي ويو، سندس خزانا وغيره به دشمنن جي  هٿ چڙهي ويا، ايتريقدر جو سندس راڻي به گهڻي مشڪل سان دشمنن هٿان بچي ويئي. جيئن ته خاڪي يا سؤل نالي سلطان جو نمڪ حلال اهلڪار هو، جنهن راڻي کي گهوڙي تي چاڙهي ۽ سندس ٻن ننڍن پٽن شهزادي اِمام قلي ۽ نظر محمد خان کي خرزنين ۾ وجهي ميدان مان ڀڳو پر جنهن خرزين ۾ شهزادو نظر محمد خان هو، تنهن کي واٽ تي اهڙو ڌڪ لڳو جو هميشه لاءِ منڊو ٿي پيو، پر راڻي خير ۽ سلامتي سان جنگ جي ميدان مان ڀڄي نڪتي.

سلطان باقي محمد خان

دين محمد خان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ باقي محمد خان سن 1007هه مطابق سن 1598ع ۾ تخت تي اَميرن جي راءِ سان ويٺو ۽ پنهنجي ڀاءُ شهزادي ولي محمد خان کي بلخ جي حڪومت سپرد ڪيائين. توڪل خان قزاق، جنهن ترڪستان تي ڪاهه ڪئي، تنهن کي شڪست ڏيئي ملڪ ۾ اَمن اَمان آندائين. پر شاهه عباس صفوي جنهن هرات فتح ڪيو هو، تنهن جون اڃا اکيون افغاني ترڪستان تي کتل هيون.

حضرت علي ڪرم الله وجهھ جي تربت جو راز

شاهه عباس صفوي جيڪي به سلاطين اُزبڪ سان جنگيون جوٽيون تن جو خاص سبب اِهو هو ته شاهه جي مرضي هئي ته مرزا شريف ۽ خواجه خيران جا ٻه شهر فتح ڪريان، جيئن ته مٿيان ٻئي شهر جي هن وقت قلمرو ترڪستان سان لاڳو هئا، سي مذهبي لحاظ سان شيعن لاءِ پاڪ شهر هئا. ان بابت هن ريت ذڪر ڏنل آهي ته جن ڏينهن ۾ سلطان حسين مرزا بائيقرا هرات جي تخت تي هو. اُنهن ڏينهن ۾ هڪڙو وڏو عالم، جو تاريخ دان به هو، سو هرات ۾ آيو. هن اهل هرات کي خبر ڏني ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جو مقبرو خواجه خيران جي ڳوٺ ۾ بلخ جي ويجهو آهي. چون ٿا ته سلاطين سلجوقيه مان سلطان سنجر کي به هن ڳالهه جي خبر هئي. مٿئين  عالم ماڻهن کي ساڻ وٺي وڃي اُهو هنڌ ڏيکاريو. ماڻهن اُن هنڌ کي کوٽيو ته برابر زمين مان هڪڙي تربت نڪتي اُن تي هڪڙو پٿر لڳل هو. جنهن تي حضرت علي ڪرم الله وجهه جو اسم مبارڪ اُڪريل هو. سلطان حسين مرزا کي جڏهن هن انڪشاف جي خبر پئي، تڏهن ڏاڍي ڌوم سان اچي زيارت ڪيائين. اهڙي ريت سن 885هه مطابق سن 1480ع ۾ پهريون گهمرو هن تربت جي ماڻهن کي خبر پئي. سلطان موصوف هن تربت تي هڪڙي عاليشان عمارت جوڙائي. اڄ ڪالهه هن شهر کي مزار شريف نالي سان سڏين ٿا، جو افغاني ترڪستان ۾ آهي. عام طرح سان ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جي تربت مبارڪ نجف اشرف عراق ۾ آهي، پر افغانستان توڙي ايران جا ماڻهو ائين سمجهن ٿا ته حضرت علي ڪرم الله وجھ جو روضو مزار شريف ۾ آهي. جتي پري پري کان مسلمان اچي زيارت ڪندا آهن.

جابر عبدل جي جنگ ۾ شاهه عباس کي شڪست

سمانيه خاندان جي سلاطين جي زماني کان بلخ ۽ بدخشان جا علائقا بخارا جي سلطنت سان لاڳو هئا. تنهنڪري اُزبڪن کي به مٿين علائقن سان محبت هئي، اها هن خاندان وارن لاءِ بي عزتي هئي، ته مٿيان علائقا سندن قبضي مان نڪري وڃن. ٻئي طرف شاهه عباس صفوي جنهن هرات ۽ خراسان تي قبضو ڪيو هو. تنهن جي خاص مرضي هئي، ته مزار شريف ايراني سلطنت سان لاڳو ٿئي. ڇاڪاڻ جو مزار شريف شيعن جو خاص پاڪ شهر هو. بلخ جو حاڪم اَمير محمد ابراهيم خان جو پاڻ اُزبڪ هو، پر شيباني تخت جي نئين ڦيرڦار ٿيڻ ڪري هن شاهه سان دوستي رکي، پر اَهل بلخ جي اها مرضي نه هئي ته ڪو سندن علائقن تي ايراني قبضو ڪن. هنن شهزادي ولي محمد خان جي حڪومت کي تسليم ڪري امير محمد ابراهيم خان کي ماري وڌو، سندس جيڪي به اهلڪار هئا، تن خوف کان اصفهان ۾ پناهه ورتي. وٽن هڪڙو قيمتي لعل هو، جو عبدالمومن خان مشهد مقدس کي لٽڻ وقت اِمام موسيٰ رضه جي روضي مبارڪ مان هٿ ڪيو هو. اُهو هنن شاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو. جنهن وڏي ڌوم ڌام سان وڃي اِمام سڳوري جي روضي ۾ رکيو.

اَمير محمد ابراهيم خان جي مارجڻ جي بدلي وٺڻ لاءِ شاهه قارائي Karai جي رهندڙ ترڪمانن کي اُزبڪن جي خلاف ڇيڙيو. جن شهزادي ولي محمد خان کي شهيد ڪري ڇڏيو. جنهنڪري سلطان محمد باقي خان کي ايران تي ڪاه ڪرڻي پيئي. سن 1011هه مطابق سن 1602ع ۾ هن قارائي ترڪمانن تي ڪاهه ڪئي، جن قندوز جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي. پر سلطاني فوجن قلعي کي اُڏائي، جيڪي به ترڪمان هٿ لڳن تن کي ماري ڇڏيائون. هن گهيري ۾ سڀ قارائي ترڪمان اُزبڪن هٿان مارجي ويا. شاهه عباس صفوي کي جڏهن خبر پئي، تڏهن سندن مدد لاءِ مرو مان فوجون وٺي بلخ تي ڪاهي آيو، ۽ پوءِ آمو درياهه کي لتاڙي بخارا تي ڪاهه ڪيائين. بابر عبدل جي ڳوٺ ۾، جو بلخ جي ويجهو آهي. اُتي ايرانين ۽ اُزبڪن جي سخت جنگ لڳي. هن جنگ ۾ شاهه اُزبڪن هٿان شڪست کاڌي. هن سلطان جي ڏينهن ۾ هي مشهور جنگ هئي. جنهن شاهه اُزبڪن هٿان شڪست کاڌي. هن سلطان جي ڏينهن ۾ سندس ڀائٽي بديع الزمان بدخشان جي والي ۽ محمد زمان خان سرڪشي ڪئي. پر ٻئي سندس حڪم سان مارجي ويا.

سلطان باقي محمد خان

سلطان باقي محمد خان ترڪستان تي اڃا ست ورهيه حڪومت مس ڪئي هئي. ته سن 1014هه ۾ اوچتو بيمار ٿيو. ايتريقدر جو سندس حياتي جي ڪا اُميد ڪانه هئي. پر حضرت شيخ عالم عزيز ان رحمت الله عليھ اُهو بزرگ هو، جنهن جي دعا جي برڪت سان سلطان شفا پاتي. مٿئين بزرگ سلطان کي آبهوا بدلائڻ لاءِ هدايت ڪئي. جنهن موجب هن ڪيترائي ڏينهن ٻيڙئ ۾ چڙهي آمو درياهه جا سير ڪيا. پر هن دنيا ۾ سندس ڏينهن پورا ٿيا هئا. جيئن ته ماهه رجب اَلمرجب سن 1014هه مطابق سن 1605ع ۾ وفات پاتائين. اِنالله واِنا اِليھ راجعون.

شهزادو ولي محمد خان، جو هن وقت بلخ ۾ هو، سو ڀاءُ جي بيمارئ جو ٻڌي کيس بخارا ۾ گڏجڻ آيو. کيس اُمرائن تخت تي ويهاريو. سندس وزير شاهه بيگ ڪوڪلتاش، جو هن وقت بلخ جو والي هو، سو ظالم هو، جيئن ته ڏوهارين کي گرم تيل ۾ ساڙائيندو هو. يا ڪن جون جيئري کلون لهرائيندو هو، جنهنڪري مخلوق خدا کانئس بيزار هئي.

سلطان اِمام قلي خان هٿان ولي محمد خان جو اصفهان ڀڄڻ

جڏهن بلخ جي والي شاهه بيگ ڪوڪلتاش ظلم کڙا ڪيا، تڏهن سلطان ولي محمد خان جي خلاف  وزير کڙا ٿيا. (1) دستوم اَرغون (2) شيخ ڪشڪ (3) حاجي نعمان نالي جي عبدالله خان فاتح جي ڏينهن ۾ وزارت تي ممتاز هئا ۽ هينئر به ميرئ جا منصبدار هئا. هنن گڏجي شهزادي اِمام قلئ خان (کي جو مرحوم سلطان دين محمد خان جو پٽ هو ۽ تخت لاءِ حقيقي وارث هو تخت تي ويهاريو. سلطان ولي محمد خان، جو هن وقت محلات ۾ عيش جي محفلن ۾ گذاريندو هو، تنهن کي تڙي ڪڍيائون ۽ شاهه بيگ ڪوڪلتاش کي به مارائي ڦٽو ڪيائون. ولي محممد خان بي يار مددگار سر جي خوف کان ٻي واهه نه ڏسي ايران ڏي ڀڳو، جتي شاهه عباس صفوي وٽ وڃي دم پٽيائين. اُزبڪ سلاطين ۽ صفوي شهنشاهن جي باوجود قديم عرصي کان پاڻ ۾ جگري دشمني هئي. پر شاهه هن وقت معزول سلطان جي گهڻي خاطرداري ڪئي. چون ٿا ته شاهه هن وقت پنهنجي تختگاهه اصفهان ۾ هو، جڏهن اَشترخاني سلطان جي اچڻ جي قاصدن خبر ڏنس، تڏهن شاهه هڪدم پنهنجي اهلڪارن کي حڪم ڏنو، ته وڃي سلطان جو استقبال ڪيو. شاهه ڪجڪلاهه جي اهلڪارن ٽن گهنٽن جي فاصلي تي دولت آباد جي شهر وٽ وڃي سلطان جو استقبال ڪيو، ۽ شاهه ساڻس بغلگير ٿيو. اٽڪل 20،000 جانباز ايراني فوجن سلطان جي سلامي ورتي. جڏهن سلطان اصفهان ۾ نزول اجلال فرمايو، تڏهن دوڪاندارن پنهنجي دوڪانن کي قيمتي قالينن سان سينگاريو ۽ شاعرن ٻن تاجدارنن جي ملاقات تي قصيدا چيا. واقعي ايران جا صفوي شهنشاهه ڏاڍا فياض ٿي گذريا. هنن اِسلام جي باجبروت شهنشاه کي پناهه ڏني ۽ سندن شاهي ضيافتون ڪيون. جيتوڻيڪ هو شيعا هئا. پر هنن اهل سنت جماعت وارن سان ڪانه ڦٽائي. شاهه طهماسپ صفوي جي عهدمهد ۾ مغل شهنشاهه نصيرالدين همايون مرزا جڏهن غازي شير شاهه سورئ کان شڪست کائي ايران آيو، تڏهن شاهه سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. ۽ ايراني فوجن جي مدد سان سن 1551ع ۾ وري ڪابل ۽ دهلي جون بادشاهتون فتح ڪيائين. هن ڀيري به شاهه عباس اعظم 180،000 جرار ايراني فوج سلطان جي هم رقاب ڪري بخارا تي چاڙهي موڪليا. مطلب ته وقت بوقت جڏهن اسلام جي بادشاهن پنهنجو وطن ۽ تخت ۽ تاج ڇڏيو. تڏهن سندن خريدارئ لاءِ اصفهان جي درٻار کليل هئي ۽ براعظم ايشيا ۾ صفوي شهنشاهن پنهنجي شاهانه فياضئ جي ڪري جيڪا نيڪ نامي دنيا ۾ حاصل ڪئي، سا تاريخن ۾ اظهر من الشمس آهي. جيتوڻيڪ بخارا، ترڪي يا هندوستان جي سلاطين سان سندن وقت بوقت جنگيون لڳنديون رهيون. پر ٻئي طرف اسلامي مساوات جي شاهراهه تي جيڪي هنن مالي ۽ جاني قربانيون وقت جي سلاطين اڳيان پيش ڪيون، اهڙو فخر کين ئي نصيب هو. هو نه رڳو جاه ۽ جلال جا مالڪ هئا. پر سچا درويش به ٿي گذريا.

خواجه محمد امين رحه جي دعا جو اثر امام قلي جي فتح

اِصفهان جي سرزمين تي قدم رکڻ سلطان ولي محمد خان جي قسمت ۾ شگون نيڪ نڪتو. شاهه عاليجاهه ڪجڪلاهه جي فوج ظفر موج سان سلطان موصوف آمودرياهه تي ڪاهي ويو. جڏهن طوفان بخارا جي ويجهو پهتو، تڏهن نوعمر سلطان اِمام قلي گهٻرائجي ويو. ڇاڪاڻ جو 180،000 جانباز ايراني فوجن سان مقابلو ڪرڻ چرچو ڪين هو. پر اڳيان به بخارا شريف جي سرزمين هئي. چپي چپي تي بزرگن ۽ درويشن جون محفلون گرم هيون. بخاري پيرن جي مستئ جو چرچو ته هونءَ به اسلامي دنيا ۾ پيو ڳائجي. اِمام قلئ به ٻي واهه ڪانه ڏسي حضرت خواجه محمد امين رحمةالله عليھ جي دهليز تي فتح ۽ نصرت لاءِ دعا پنڻ ويو.

خواجه محمد امين حضرت خواجه مخدوم اعظم جن جي اولاد مان هو ۽ بخارا شريف جو ممتاز بزرگ هو. جڏهن دهليز مبارڪ سلطان اچي چمي، تڏهن هن بزرگ سڳوري فرمايو”ته تو وٽ فوج بلڪل ٿوري آهي تنهن کانسواءِ فتح ولي محمد خان جي قسمت ۾ لکيل آهي“. پر اِمام قلي وقت جو بادشاهه هو ۽ هن وقت دعا پنڻ ۽ پناهه وٺڻ آيو هو، جڏهن بزرگ تي زور وڌائين، تڏهن خواجه صاحب پا ترڪش هٿ ۾ کڻي لشڪر جي اڳيان ٿي وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتو. پهريون تير پاڻ هنيائين، پوءِ ٿوري مٽي کڻي هٿ ۾ جهلي اُن تي ڪجهه پڙهي ولي محمد خان جي فوج تي اُڇلايائين، ته هڪ غيبي اونداهي ايراني فوجن تي پکڙجي ويئي، ايتريقدر تاريڪي ڇانئجي ويئي جو هو منجهي پيا، پوءِ بزرگ امام قليءَ کي وڙهڻ لاءِ اشارو ڪيو.

ايراني فوجن، جن ماغيان نديءَ جي ڪپ تي خيما کوڙيا هئا، ماهه رجب المرجب سن 1020هه مطابق سن 1611ع ۾ سخت جنگ لڳي، پر ايراني ڪجهه به ڪري ڪين سگهيا، ڇاڪاڻ جو اُزبڪن وٽ هڪ قدرتي امداد جو هٿ موجودهو. منجهن ڀاڄ پئي. ولي محمد خان اُزبڪن هٿان قيد ٿي مارجي ويو. سلطان امام قلي جو ايرانين جي خوف کان بخارا ڇڏي ڀڄي ويو هو، تنهن سوڀ کٽي. هن شڪست کان پوءِ ايرانين وري ڪڏهن به توران تي ڪاهه نه ڪئي، پر شاهه عباس اعظم جي به عزت رهجي آئي، ڇاڪاڻ جو ستت ئي سندس ترڪيءَ جي سلطان سان جنگ ٿي جنهن ۾ هن کٽيو.

سلطان امام قلي ۽ سندس درٻار

هن وقت ايران جي اُترين حصي ۾ بحيره خضر جي ڪناري وارن علائقن ۾ گهڻائي ترڪمان قزاقن جا قبيلا رهندا هئا جن سمرقند تي ڪاهه ڪئي ۽ ملڪ لُٽيائون. سلطان امام قلي جو فرزند شهزادو اسڪندر به ساڻن ڦرلٽ ۾ شامل هو. جڏهن هن تاشقند ۾ ڦرلٽ ڪئي، تڏهن اُتي جي ماڻهن گڏجي بغاوت ڪئي ۽ شهزادو سندن هٿان مارجي ويو. سلطان کي جڏهن مٿئين حادثي جي خبر پئي، تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ هڪدم تاشقند تي ڪاهي ويو. هتي ايتريقدر قتل عام ڪرايائين جو رت جا درياهه وهي هليا. پوڙهن ۽ ٻارن کانسواءِ ٻيا سڀ سندس تلوار جو شڪار ٿي ويا. هن هتي هڪ وڏي کاهي کوٽائي، جنهن ۾ مقتولن جو خون وهي هلڻ لڳو، پوءِ پاڻ گهوڙي تي چڙهي اُن مان لنگهيو جڏهن خون سندس گهوڙي جي رقيبن تائين پهتو تڏهن تلوار مياڻ ۾ وڌائين. ائين چئي ڪين سگهبو ته ڪو سلطان اِمام قلي خان ظالم بادشاهه هو، پر تاشقند جي ماڻهن جي شايد قسمت ۾ ائين لکيل هو.

هن سلطان جي ڏينهن ۾ طول ۽ عرض ڪشور ۾ امن امان هيو، توران وارا به سندس سائي هيٺ خوش ۽ آبادگار هئا. سندس ڏينهن ۾ شرعي احڪامن گهڻو زور ورتو. جملهء 38 سال هن حڪومت ڪئي. سمورو وقت بزرگن، علمائن ۽ درويشن جي خدمت ۾ گذاريائين. جڏهن درٻار ۾ ويهندو هو، تڏهن شاهي لباس ۾ تاج پهريندو هو نه ته درويشن جو خرقو پهري پنهنجي گودڙيءَ تي قناعت ڪندو هو.خليفي هارون الرشيد اعظم وانگر پنهنجن ٻن وزيرن ديوان بيگي ۽ عبدالوسيع کي ساڻ ڪري شهر جي گشت تي نڪرندو هو، ۽ رعايا جي ڏک سک مان واقف ٿيندو هو. حضرت مولائي يوسف رحه قاراباغي ۽ مولائي نخلي ۽ مولائي جي پويان ٻئي وڏا شاعر هئا، تن جي صحبت ۾ وقت گذاريندو هو. حضرت مولائي نحلي قصيدن جو هڪ وڏ ڪتاب جوڙيو،  جو سلطان سون ۾ تورائي کانئس ورتو ۽ پاڻ به شاعر هو. سندس شعر مشهور هئا، جي هن هيٺين آکاڻيءَ تي چيا اُهو قصو هن ريت هو.

”هڪڙو نوعمر ملان هڪڙي وڏ گهراڻي جي نوعمر ڇوڪريءَ جي حسن کي ڏسي سندس محبت ۾ ايتريقدر اچي مست ٿيو جو دنيا کان بي خبر ٿي ويو. ڇوڪريءَ جڏهن ملان کي عشق ۾ چريو ڏٺو تڏهن جند ڇڏائڻ لاءِ کانئس جواهرن جي گهر ڪيائين. پر ملان جو سچو پچو سندس دام گيسوءَ ۾ گرفتار هو، سو هڪڙيءَ رات جو سمرقند جي هڪڙي هندو دوڪاندار جي دوڪان جو در ڀڃي، ڪي جواهر چوري ڪري آيو، پر سرڪاري چوبدارن کي کڙڪ پئجي ويئي، تن جهلي گرفتار ڪيس، پر حريف ملان چوبدارن کي چيو ته مان امام سلطان قلي ترڪستان جو بادشاهه آهيان! چوڪيدارن خوف کان کڻي هن کي ڇڏي ڏنو. صبح جو جڏهن چوبدارن جوهريءَ سان احوال ڪيو، تڏهن هن بارگاهه سلطاني ۾ ان باري ۾ درخواست ڪئي. جڏهن سلطان ملان کي درٻار ۾ گهرائي کانئس پڇا ڪئي، ته ڇو پرايو مال چورايو؟ تڏهن هن جواب ڏنو ته جيئندا قبلا عشق جي صراط المستقيم کي پهچڻ لاءِ! سلطان چيس، ته پرائي مال کي چورائڻ سان تون هرگز عشق جي منزل کي ڪين پهچي سگهندين، تڏهن ملان سڳوري عرض ڪيو ته ”مال ڪافرين هست برمومينن حلال“ سلطان سندس جواب ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو. اُهو دڪاندار جوهري به دراصل هندوستان جو رهاڪو هوندو هو، پوءِ سلطان ٻنهي کي انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيو.“

 سلطان جي شاعريءَ جو بياض مٿئين واقعي تي ڇانيل آهي، جي شعر اڃا تائين موجود آهن. اَشترخاني سلاطين جي عهد مهد ۾ ترڪستان وڏي اوج کي رسيل هو ۽ بخارا سمرقند هتي جا اُهي اسلامي تختگاهه ٿي گذريا جن جي حشمت کان چين جي ديوار ڪنبدي هئي.

شهنشاهه نُورالدين جو وفد بخارا ۾

جن ڏينهن ۾ سلطان اِمام قلي بخارا شريف تي حڪومت ڪندو هو، انهن ڏينهن ۾ دهليءَ جي تخت تي شهنشاهه نُورالدين جهانگير حڪومت ڪندو هو، سلطان جي پاران دهليءَ جي درٻار ۾ سفير رهندو هو. اهڙي ريت مغل شهنشاهه اُزبڪ تاجدار جي خدمت ۾ هڪڙو وفد موڪليو، جنهن کي بيش بها تحفا ڏيئي، روانو ڪيائين. اُنهن سوکڙين سان گڏ هڪڙو ڳاڙهي مخمل جو شاميانو به هو جنهن تي هيرن ۽ جواهرن جي جڙت جو ڪم ڪيل هو. ائين چون ٿا ته اُهو هندستان جي سڄي سال جي اُپت مان تيار ٿيو هو. 6 مهينا ساندهه هندوستاني وفد بخارا ۾ ٽڪيل هو، پر سلطان وفد کي ملاقات جو شرف ڪين بخشيو نه وري سوکڙيون ئي ورتائين، ڇاڪاڻ جو سلطان جو اهو رايو هو، ته جيڪڏهن سوکڙيون وٺندس ته دوستيءَ ۾ رخنو پئجي ويندو تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو جو نه ملاقات ڪجي ۽ نه وري تحفا ئي وٺجن. هڪڙي ڏينهن جڏهن سلطان شڪار لاءِ نڪتو تڏهن هندوستان جي سفير مٿيون شاميانو کڙو ڪري، جيڪي به عجيب ۽ غريب سوکڙيون آنديون هئائين، سي منجهس رکي ڇڏيائين، تڏهن سلطان پنهنجو رستي کان رخ ڦيري ڇڏيو تنهن تي سفير عرض ڪيو ته قبلا هي سڀ سوکڙيون اوهان لاءِ آهن پر سلطان لاپرواهيءَ سان سڀ پنهنجي هڪڙي غلام کي بخشش ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن ايلچي وري سلطان جي خدمت ۾ عرض ڪيو، ته اڃا به سوکڙين مان هڪڙي جڙائودار شمشير رهيل آهي، وڌيڪ عرض ڪيائين ته جهان پناهه عرش آشياني شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر اعظم ٻه تلوارون ڇڏي ويو هو، جن مان هڪڙي شهنشاهه جهانگير جي ڪمر سان ٻڌل آهي، باقي هيءَ ٻي توهان جي خدمت ۾ موڪلي ويئي آهي. سلطان تلوار کي گهرائي ڏٺو ته بلڪل جواهر نگار هئي، پوءِ هن تلوار کي ميان مان ڇڪي ڪڍڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪيائين پر تلوار مياڻ مان نه نڪري سگهي، تنهن تي سفير ڏي مخاطب ٿي چيائين، ته هيءَ تلوار ڇالاءِ مياڻ مان نه ٿي نڪري؟ سفير عرض ڪيو ته جهان پناهه”هيءَ صلح جي تلوار آهي، جو نه ٿي نڪري، پر جنگ جي هجي ها، ته هڪدم ٽپي ٻاهر نڪري پوي ها.“ سلطان سفير جي سياڻپ تي ڏاڍو خوش ٿيو، کيس بيش بها تحفا ڏيئي انعام اڪرامن سان خوش ڪري روانو ڪيائين.

سن 1036هه مطابق سن 1626ع ۾ هندوستاني وفد دهليءَ ڏانهن موٽيو.  سال گذرڻ کان پوءِ شهنشاهه جهانگير وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند شهاب الدين محمد شاهه جهان جي لقب سان تخت تي ويٺو، جنهن بلخ فتح ڪيو. سلطان اِمام قلي پنهنجي عدالت جي مشير حاجي منصور کي فوجون ڏيئي هندوستاني لشڪر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو، پر مٿئين وزير جي قابليت سان طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو.

ترڪستان ۽ ايران جو صلح امير نظرمحمد

سلطان اِمام قلي خان جي شاهه عباس اعظم سان دوستي هئي، پر مروّ ۾ فساد پوڻ ڪري 15,000 لشڪر بخارا کان روانو ڪيائين، ٻئي طرف بلخ جي حاڪم امير نظر محمد 20,000 فوج پنهنجي پٽ عبدالعزيز جي هٿ هيٺ موڪلي، پر ايراني فوجن جي اچڻ ڪري اُزبڪن ايراني علائقي کي خالي ڪيو ۽ امير نظر محمد  ۽ شاهه جو پاڻ ۾ صلح ٿيو، جنهن موجب سن 1031هه مطابق سن 1621ع ۾ پيوندي مرزا بخارا جي درٻار طرفان اصفهان ۾ سفير ٿي رهڻ لڳو. سلطان شاهه ايران جي خدمت ۾ بيش بها تحفا روانا ڪيا جن ۾ 50 توراني گهوڙا به هئا. امير نظر محمد خان ۽ امام موسىرضه جي پوين جي پاڻ ۾ مائٽي به هئي. جيئن ته جڏهن عبدالمومن مشهد شريف ۾ قتل عام لاءِ حڪم ڏنو، تڏهن ابو طالب، جو امام سڳوري جي اولاد مان هو تنهن دين محمد خان جي گهوڙي جي واڳ کي جهلي کيس اهل بيت تي رحم ڪرڻ لاءِ التجا ڪئي، جنهن تي دين محمد خان پنهنجيءَ تلوار کي روڪيو، ۽ مٿئين سيد جي گهر ۾ بطور مهمان جي وڃي رهيو . ابوطالب کيس پنهنجيءَ ڌيءَ بيبي زهرا بيگم بانو جو سڱ ڏنو، جنهن سيدزاديءَ جي تن مان کيس نظر محمد پٽ ڄائو، جو هن وقت ماءُ جي طرفان سيد هو. اهل ترڪستان ۾ به امير نظر محمد خان جي عزت ٿيڻ لڳي، جيئن ته جڏهن شاهه جهان جي فوجن بلخ تي ڪاهه ڪئي، ۽ سلطان اِمام قلي خان فوجن سميت مقابلي ڪرڻ لاءِ بلخ ۾ وارد ٿيو، تڏهن سندس استقبال لاءِ امير نظر محمد خان پنهنجن ٻارهن پٽن سميت پيرين پيادو شهر کان ٻاهر نڪري بيٺو. سلطان سندس گهڻي عزت ڪئي، ۽ فرمايائين ته تون اهل بيت مان آهين، وري جڏهن سلطان جي سواري شهر ۾ داخل ٿي، تڏهن شهر جا معزز ماڻهو گڏجي سلطان جي ملاقات لاءِ آيا. تڏهن شاهي دستور موجب نظر محمد خان اٺن غلامن جو دستو سلطان کي نذراني طور پيش ڪيو ۽ پاڻ به غلامن جي صفن ۾ ٿي بيٺو، پر بقول علامهّ شرف الدين علي يزدي ته سلطان سندس گهڻي عزت ڪئي.

دين محمد خان کي جڏهن عبدالمومن مارائي ڇڏيو، تڏهن مڙس جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ بيبي زهرا بيگم بانو پنهنجي ٻن شهزادن سميت ڪجهه وقت وڃي بخارا شريف ۾ رهڻ لڳي، پر اُتان پنهنجي وطن ايران موٽي آئي ۽ شاهه اعظم وٽ رهڻ لڳي، جنهن بيبي جي مرضي موجب سندس نڪاح ثاني پنهنجي هڪڙي امير محراب خان قاچار سان ڪرائي ڇڏيو. پوئين خاوند مان بيبي کي مرتضيٰ قلي نالي پٽ ڄائو، جو پوءِ مشهد جو والي ٿيو. وري جڏهن سلطان امام قليءَ جي فوجن مروّ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن مٿيون شهزادو اُزبڪن هٿان قيد ٿي ويو، جڏهن بخارا ۾ آندو ويو، تڏهن سلطان سندس گهڻي خاطرداري ڪئي. اهڙيءَ ريت ايران جي قاچار خاندان جي شاهن جي بخارا جي سلاطين سان مائٽي جو رستو هو.

بلخ کان موٽڻ بعد سلطان امام قلي خان موٽي بخارا آيو، جتي امن امان سان حڪومت ڪيائين. رعايا منجهانئس گهڻو خوش هئي، سن 1050هه مطابق سن 1640ع ۾ اچي بيمار ٿيو، سندس ارادو هو ته فاني زندگيءَ جا پويان ڏينهن وڃي مدينھ منوره ۾ گذاريان. هن پنهنجي ڀاءُ امير نظر محمد خان کي ان ارادي سان بلخ کان گهرايو ۽ جمع ڏينهن پنهنجي روبرو سندس نالي تي خطبي پڙهڻ لاءِ حڪم ڏنائين، جنهن تي گهڻا ماڻهو ٻُڌي روئڻ لڳا. آخر پنهنجي اُمرائن وزيرن ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي ايران جي رستي مڪه معظمه ڏانهن روانو ٿيو. رستي تي شاهه ايران سندس عزت سان استقبال ڪيو، هو خير ۽ سلامتيءَ سان وڃي حجاز پهتو، جتي 62 ورهين جي عمر ۾ انتقال ڪيائين. انالله و انااليھ راجعون. پنهنجي يادگار لاءِ هتي هڪڙو حمام ۽ باغيچو به جوڙايو هئائين.

سلطان نظر محمد خان

سن 1052هه مطابق سن 1642ع ۾ نظر محمد خان بخارا جي تخت تي ويٺو. چون ٿا ته سڀني شيباني ۽ اشترخاني سلاطين مان هي دولتمند سلطان هو ڇاڪاڻ جو 600 اُٺ خزاني جا بلخ مان پاڻ سان آندائين، سندس اصطبل ۾ 8000 گهوڙا هئا، 80،000 رڍون ۽ خچرن جو ته وٽس شمار ئي ڪين هو. سُتت ئي سندس خوارزم جي حاڪم اسفند يار سان عداوت پئي، اڃا اها عداوت مس مس پوري ٿي، ته باقي يوز نالي هڪڙي ٻي فساديءَ اُتر وارن ملڪن ۾ فساد کڙو ڪيو جنهن جي مقابلي لاءِ هن پنهنجي پٽ شهزادي عبدالعزيز کي موڪليو.

نظرمحمد خان سان پٽن جو فساد

عبدالعزيز خان جنهن کي سلطان فوجون ڏيئي فسادن کي بند ڪرڻ لاءِ موڪليو هو،  تنهن اُٽلندو پيءُ جي خلاف جنگ جو اعلان پڌرو ڪيو ۽ بخارا شريف تي ڪاهه ڪيائين، نظر محمد خان جنهن کي، بلخ ڇڏي 50 سال ٿيا هئا، سو موٽي بلخ ڏانهن ويو، جتي جي ماڻهن سندس گهڻي عزت ڪئي. ساڻس جيڪي پٽ وفادار هئا تن کي پنهنجو ملڪ ورهائي ڏنائين. غور جو علائقو شهزادي خسرو سلطان کي عندڪوهي ۽ ميمني قاسم سلطان کي، گلاب جو علائقو، بهرام سلطان کي، چراغ جوئي صبحان قليءَ کي ۽ قندوز قتلق سلطان کي، ان لاءِ ته پٽ پاڻ ۾ فساد نه ڪن، پر شهزادو عبدالعزيز خان جنهن هن وقت بخارا تي قبضو ڪيو هو، تنهن پيءُ ۽ ڀائرن کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هن هڪ ڪوڙو خط پيءُ جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن ۾ هن معافي گهري پر جڏهن سندس دعوت تي شهزادو قتلق سلطان بخارا ڏانهن روانو ٿيو تڏهن هن مٿس ڪاهه ڪئي، هو خوف کان وڃي قندوز جي قلعه ۾ لڪو  تنهن کان پوءِ شهزادي صبحان قلي کي ڪوڙا دلاسا ڏيئي سندس هٿان قتلق خان کي مارائي ڇڏيائين. ٻئي ڀيري صبحان قلي پيءُ جي خلاف فساد ڪيو. سلطان نظر محمد خان کي پٽن جي اڻبڻت تي ڏاڍو ڏک ٿيو، هو هر وقت مايوس رهندو هو، پر پٽن کيس آرام سان رهڻ ڪين ڏنو. هن لاچار ٿي دهليءَ جي مغل شهنشاهه شهاب الدين محمد شاهه جهان کي مدد لاءِ لکيو، جنهن پنهنجي ٻن پٽن شهزادي محي الدين ۽ مراد بخش کي جرار فوجن سان بلخ ڏياري موڪليو. شهزادي خسرو سلطان مغل فوجن سان مقابلو ڪيو، پر قيد ٿي دهليءَ ڏانهن روانو ڪيو ويو، پر مغلن خواهه اُزبڪن جي نيت بدليل ڏسي سلطان کي سر بچائڻ جو فڪردامنگير ٿيو.

نظرمحمد خان جو اصفهان ڏانهن ڀڄي وڃڻ

سلطان نظر محمد خان بيڪسيءَ ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ ايران ڏانهن ڀڄي ويو. شاهه عباس ثاني صفويّ جو هن وقت اصفهان جي تخت تي هو، تنهن هڪدم هڪ هزار اشرفيون سندس خدمت ۾ پيش ڪيون، تنهن کانسواءِ هر هڪ صوبي جي بالاعملدار کي هدايت ڪيائين ته جتان به سلطان جي سواري لنگهي اُتي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. جڏهن سلطان شاهه ايران جي پايهء تخت اصفهان ۾ پهتو، تڏهن شاهه ٻارهن ميلن جي فاصلي تي پنهنجي اميرن کي استقبال لاءِ ڏياري موڪليو ۽ پاڻ به ٻن ميلن جي فاصلي تي استقبال لاءِ نڪري بيٺو. تاريخ مقيم خاني جي روايت موجب ته شاهه معمولي سپاهي جي پوشاڪ ۾ هو، جڏهن سلطان جي سواري ويجهو پهتي، تڏهن شاهه ڊوڙي سندس رقاب چميو ۽ گهڻي دير کان پوءِ سلطان شاهه کي سڃاتو ۽ لهي ساڻس بغلگير ٿيو. نظر محمد خان جي هن وقت عجيب حالت هئي، هو هڪڙي معمولي ڊڙي تي سوار هو. شاهه سندس سواري لاءِ زرپوش ترڪي تازي گهرايو، جڏهن سندس سواريون اصفهان پهتيون تڏهن ايرانين شادمانا وڄايا ۽ اڍائي ورهين تائين سلطان بطور شاهي مهمان جي اصفهان ۾ ٽڪيل هو. ترڪستان جي حالتن گهڻو ڦيرو کاڌو، ڇاڪاڻ جو شاهه جهاني فوجن بخارا فتح ڪرڻ جي ارادي سان عبدالعزيز سان جنگ جوٽي، ٽئين طرف شاهه ايراني فوجون سلطان کي ڏيئي ترڪستان روانو ڪيو. سلطان بلخ فتح ڪيو پر ٽن طرفن کان جنگ جي باهه ٻرڻ جي ڪري ملڪ جو خانو خراب ٿي چڪو هو. خاص ڪري بلخ ته ڄڻ دوزخ بڻجي چڪو هو. اهڙي ته ڏڪر مٿو ڪڍيو، جو هڪ هزار روپئي اُٺ اَن سان ڀريل ملڻ محال هو، وري 1060هه مطابق 1650ع ۾ اهڙي ته سردي اچي ملڪ ۾ پئي جو هندوستاني فوجن به موٽ کاڌي ۽ بقول مقيم خاني، ته خيبر جي دره ۾ هندوستاني فوجن جي هڏن جا ڍير لڳل هئا. هن ڀيري شهزادي صبحان قليءَ ٽيون ڀيرو پيءُ تي ڪاهه ڪئي، جنهنڪري هن تخت ۽ تاج جي پچر ڇڏي مدينھ منوره ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. آخر پٽن کي دعا ڪري مديني ڏي رخ رکيائين، پر واٽ تي سمنان وٽ وفات ڪيائين. انالله و انااليھ راجعون. سندس ميت کي وڃي مڪي شريف ۾ دفنايائون.

جڏهن سيدنا سلطان نظر محمد خان جي وفات جي خبر ترڪستان پهتي، تڏهن آخر پٽن کي پيءُ لاءِ ڏک ٿيو، هنن وڏيون خيراتون ڪيون ۽ سلطان مرحوم جي ماتم خواني ۾ گهڻو وقت گذاريائون. سلطان مرحوم هر دل عزيز ۽ وڏيءَ قناعت وارو هو. اهل بلخ وارا کيس بطور مرشد جي سندس عزت ڪندا هئا. هو فقير تن ۽ وڏو عابد به هو. پٽن سڄي عمر ساڻس عداوت رکي، پر خدا جو هو نيڪ بندو مرڻ گهڙيءَ تائين کين دعائون ڪندو ويو.

کب لباس دنیوی چھپتے ہیں روشن ضمیر؟

جامۂ فانوس میں بھی شعلہ عریاں ہی رہا۔

سلطان عبدالعزيز

ڀائرن والد مرحوم جي مرڻ تي ماتم خواني ڪئي، پر سندن دليون اڃا بغض سان لبريز هيون. شهزادو صبحان قلي، جو پيءُ جي وفات کان پوءِ بلخ جي حڪومت والاري ويٺو هو، تنهن جي خلاف عبدالعزيز خان شهزادي محمد قاسم کي چاڙهي موڪليو، پر هو به پيءُ وانگر فقير تن هو، هن جي مجال نه هئي جو صبحان قلي جهڙي رهزن سان مقابلو ڪري سگهي. وڏي ويڙهه ڪرڻ کان پوءِ محمد قاسم سلطان حصار ڏانهن ڀڄي ويو. آخر ڀائرن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو، پر هڪڙي ڏينهن صبحان قليءَ جي اشاري تي مارجي ويو. هي شهزادو وڏو شاعر ٿي گذريو. هن هڪڙو وڏو ديوان فارسي ۽ ترڪي زبان ۾ جوڙيو هو، جنهن ۾ هزارين بيت هئا.

ابوالغازي خيوا جي واليءَ جي بخارا تي ڪاهه

سن 1054هه مطابق سن 1646ع ۾ ابوالغازي محمد بهادر خان جو وڏيءَ همت وارو هو، جنهن خيوا جي حڪومت تي به قبضو ڪيو هو، پر خيوا هن وقت خودمختيار حڪومت هئي. عبدالعزيز خان 60،000 فوج وٺي سندس مقابلي لاءِ نڪتو، هن جنگ ۾ ابوالغازي ۽ سندس نوعمر پٽ اَنوشاخان بهادريءَ جو ثبوت ڏنو، جيئن ته اُزبڪ فوجن شڪست کاڌي، سلطان عبدالعزيز خان زخمي ٿي پيو، جي آمو درياهه ۾ ٽپي پار نه پهچي ته جيڪر مارجي وڃي ها. ابوالعازي بيشمار خزانن ۽ قيدين سان خيوا ڏانهن موٽيو.

خوارزمي فوجن جو بخارا تي قبضو ۽ سندن موٽ کائڻ

سن 1074هه مطابق سن 1663ع ۾ ابوالغازي جي مرڻ کان پوءِ جڏهن سندس پٽ اَنوشاخان خوارزم جي تخت تي ويٺو، تڏهن پڻهس جيڪي به بخارا جي سلطان سان عهدناما ڪيا هئا، تن کي ڀڃي 1076ع ۾ بخارا تي ڪاهه ڪيائين. هو وڏو جنگجو هو. هن خواجه جبير رحه جي روضي جي ڦر ڪئي ۽ بخارا تي قبضو ڪيائين. عبدالعزيز خان، جو هن وقت ڪرمانيه ۾ هو تنهن کي جڏهن هن اوچتي حملي جي خبر پهتي. تڏهن راتو واهه پنهنجي چاليهن وفادارن سان بخارا تي ڪاهي آيو ۽ خوارزمي فوج جا جيڪي سپاهي شهر جي دروازي تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن کي ماري اندر گهڙيو ۽ بخارا وارن لاءِ اعلان پڌرو ڪيائين ته جيڪو تلوار کڻي سگهي سو نڪري ميدان ۾ نروار ٿئي.سندس حڪم تي اُزبڪ، تاجڪ ۽ شهر جا واپاري هٿيار ٻڌي ٻاهر نڪتا ۽ خوارزمي فوجون، جي موت جي ننڊ ۾ غافل هيون، تن جي مٿان اچي ڪڙڪيا، سخت خونرزي جاري رهي. اَنوشاخان ڪن ٿورن همراهن جي مدد سان جان بچائي ڀڳو. هن شڪست کان پوءِ خوارزمي فوجن جي همت هارجي ويئي. سندن بخارا سان صلح ٿيو.

سلطان عبدالعزيز خان جي تخت ۽ تاج کان بيزاري

سلطان عبدالعزيز خان جيڪي پيءُ ۽ ڀائرن سان پير کنيا، تن اعمالن جي ڪري هر وقت سندس دل غمگين رهندي هئي، ايتريقدر جو دنيا مان سندس دل کڄي ويئي ۽ پيءُ وانگر مڪي شريف وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. اهڙي ارادي سان پنهنجي ڀاءُ شهزادي صبحان قلي خان کي بخارا اچڻ لاءِ دعوت موڪليائين. پر جنهن صورت ۾ سلطان شڪي مزاج هو، تنهن صورت ۾ شهزادي پنهنجي ٻن وزيرن اتاليق، امام قلي ۽ تنجري برديءَ ڀاءُ جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو، جن سلطان کي عرض ڪيو، ته جيڪڏهن توهين بخارا ڇڏي هليا ويندؤ، تڏهن هو پاڻهي اچي بخارا جي تخت تي ويهندو. ڀاءُ جي اهڙي جواب تي سلطان کي ڏک ٿيو، کيس بخارا جي ماڻهن عربستان جي ڊگهيءَ مسافريءَ ڪرڻ کان روڪيو، پر وزير تنجري برديءَ هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”اي وقت جا بادشاهه! جيڪڏهن توهان مڪي شريف وڃڻ جو ارادو ڪيو آهي، ته خداوند تعاليٰ توهان کي حضرت سلطان ابراهيم ادهم بلخي وانگر ڏهه دنيا ستر آخرت جو بدلو ڏيندو.“

پوءِ سلطان کي حضرت ابراهيم ادهم بلخي جو قصو درٻار ۾ کڻي ٻڌايائين. جنهن جي ذڪر ڏيڻ جو هتي ضرور ڪونهي، تذڪره اولياء، جن پڙهيو هوندو تن کي قصي جي خبر هوندي. آمدم برسر مطلب ته سلطان قصو ٻڌي روئڻ لڳو. پوءِ هڪدم مسافري لاءِ تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

مڪي ڏانهن سفر ۽ وفات:

سن 1091هه مطابق سن 1680ع ۾ مڪه شريف جي زيارت ڪرڻ لاءِ سلطان قافلي جي تياريءَ لاءِ حڪم ڏنو، آخر 3000 حاجين جي دستي سان مڪه معظمه ڏانهن روانو ٿيو، واٽ تي ايرانين سندس گهڻي خاطرداري ۽ خدمت ڪئي، شاهه سليمان صفوي، جو هن وقت اصفهان جي تخت تي هو، تنهن سلطان جي پنهنجي شاهي محلات (چهل ستون) ۾ مهماني ڪئي. اُهو نئون روز جو ڏينهن هو، جنهنڪري طول ۽ عرض ايران ۾ شادمانا هئا. شاهه ايران جي درٻار جو تجمل ڏسي سلطان وائڙو ٿي ويو. آخر همدان ۽ بغداد مان سير ڪندو جڏهن نجد جي صحرا ۾ سلطاني قافلو پهتو، تڏهن صحرا جي بدوين اچي قافلي تي گهيرو ڪيو ۽ 40،000 روپين لاءِ گهر ڪيائون، پر سلطان کين 20،000 جي آڇ ڪئي، هنن وٺڻ کان انڪار ڪيو، تنهن تي سلطان خدا جي درگاهه ۾ هن ريت پڪار ڪئي ته 40 ورهيه بخارا جي تخت تي ويهي بادشاهي ڪيم ۽ اڄ بيابان ۾ بدوين هٿان گرفتار ٿيو آهيان!“ ائين چئي تلوار مياڻ مان ڪڍيائين، ساڻس جيڪي به همراهه هئا، تن به هٿيار کنيا ۽ بدوين کي ماري مات ڪيائون پوءِ خير ۽ سلامتيءَ سان وڃي مدينھ منوره پهتو ۽ پنهنجي مراد حاصل ڪيائين. 74 ورهين جي ڄمار ۾ وفات پاتائين، انا لله و انااليھ راجعون. کيس مديني ۾ دفنايائون، جتي اڳ سندس والد ۽ چاچو مدفون هئا.

سلطان عبدالعزيز خان بخارا جو مشهور سلطان ٿي گذريو هو پنهنجيءَ بهادريءَ جي ڪري مشهور هو. تاريخ نويس لکن ٿا، ته چئن سالن جو ٻار آسانيءَ سان سندس جتيءَ ۾ ويهي سگهندو هو. هڪڙي شاعر اِن باري ۾ سندس جُتيءَ جي تعريف ڪئي، پر سلطان کي ان تي چڙ لڳي ۽ شاعر کي درٻار ۾ گهرايائين، پر هو خوف کان ڪنبڻ لڳو، سلطان کي جيتوڻيڪ سندس شعر، ڪين هو پر سندس حالت کي ڏسي رحم آيس. کيس ڏهه هزار دينار ۽ هڪڙي بيش بها خلعت انعام ڏيئي رخصت ڪيائين. پاڻ به وڏو شاعر هو. مديني ڏانهن ويندي واٽ تي شعر چيائين. عالمن، فاضلن ۽ درويشن جو سچو دوست هو. مولانا حاجي رحه سان گهڻي دوستي هيس. جنهن سندس حڪم موجب ديوان حافظ ٻيهر جوڙيو. جڏهن سلطان شاهه سليمان صفويّ وٽ اصفهان ۾ مهمان هو، تڏهن مٿيون ڪتاب شاهه کي بطور تحفي جي ڏنائين. شاهه ڪتاب کي پڙهي ايتريقدر خوش ٿيو جو فرمايائين ته ”ترڪستان جي بادشاهن جيڪي به اڳ سوغاتون ايران جي شاهن کي ڏنيون آهن، تن مان هي ڪتاب هڪڙو بي بها لعل آهي“. سلطان عبدالعزيز خان جنگ جي وقت بهادر ۽ مصيبت وقت وڏي استقلال جو صاحب هو، ترڪستان ۾ جيڪي به بادشاهه ٿي گذريا، تن تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ پهريون ظلمن کان ڪم ورتو پر پوءِ درويشن، بزرگن جي صحبت ڪري وڏي فيض ۽ ڪرم جا صاحب ٿي گذريا. سندن دلين تي هر وقت خداوند تعاليٰ جو خوف طاري رهندو هو. هو اڪثر دنيوي ڳالهين کان پاسي ٿي ڪامل درويشن جي صحبت ۾ وقت گذاريندا هئا. وري سرزمين بخارا تي اهڙا ڪامل بزرگ ڪشف ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا، جن وقت جي سلاطين جي دلين کي فقط اشاري سان ڦيري ڏيکاريو. هو ظالمن مان ڦري عابد ٿي پوندا هئا ۽ رعيت کي به فيض پهچائيندا هئا.

سلطان صبحان قلي خان

ٻن صدين کان وٺي تيموري خاندان جي زوال کان پوءِ ترڪستان جي حالت ڏينهون ڏينهن ويئي بدلجندي ۽ ڪمزور پوندي. سلطان عبدالعزيز خان جي هجرت ڪرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ صبحان قلي خان جو بلخ جو والي هو، کيس پنهنجي مائٽن سان به وڙهڻو پيو. هن بلخ جي حڪومت پنهنجي پٽن مان شهزادي اسڪندر کي سپرد ڪئي پر سندس ٻئي پٽ شهزادي ابوالمنصور ڪن دغابازن جي مدد سان ڀاءُ کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ بلخ جي تخت تي ويٺو. سلطان جڏهن ٽئين پٽ شهزادي عبدالله کي بلخ ڏياري موڪليو، ته اُهو به ابوالمنصور جي سازش جو شڪار ٿي ويو. سندس اهڙن افعالن جي ڪري ماڻهو سُتت کانئس بيزار ٿي ويا. هڪڙيءَ رات جو قاتلن وجهه وٺي کيس محلات ۾ ڌڪ هڻي ماري وڌو. سلطان پنهنجي چوٿين پٽ صديق محمد خان کي بلخ جي حڪومت ڏني، ان زماني ۾ خوارزمين سان سلطان جي جنگ لڳي، پر هن پيءُ کي ڪنهن به قسم جي مدد ڪانه ڏني، اُٽلندو خودمختياري اختيار ڪيائين، وري جڏهن سلطان جنگ مان واندو ٿيو، تڏهن پٽ کي خط جي ذريعي گهڻو شرمايائين، کيس آئينده لاءِ فرمانبردار ٿي رهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين. سن 1096هه مطابق سن 1084ع ۾ پيءُ کان معافي وٺڻ لاءِ بخارا ڏانهن روانو ٿيو، پر واٽ تي انتقال ڪيائين. پٽ جي مرڻ کان پوءِ سلطان خيال ڪيو ته جيڪڏهن بلخ جي حڪومت ڪنهن ويجهي مائٽ جي حوالي ڪندس ته ضرور خودمختياري اختيار ڪندو، تنهنڪري پنهنجي وزيرن مان (خادم بي اتاليق) کي بلخ جي حڪومت سپرد ڪيائين، جو برجستو امير هو. هن اُزبڪن ۽ تورانين تي چڱي طرح حڪومت هلائي. سندس دور ۾ بلخ خواهه پسگردائي جي علائقن ۾ اَمن امان هو. آسودگيءَ جو اهو حال هو جو بلخ ۾ اڍائي روپين ۾ اَن جو گڏهه ملندو هو، ميون جو ته ڪو شمار ڪونه هو.

بخارا تي ڪاهُون

اُزبڪ امير جي هن وقت جدا جدا ننڍين رياستن تي حڪومت ڪندا هئا، سي اڪثر پاڻ ۾ وڙهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سلطان جي خلاف به سرڪشي ڪندا هئا. اُنهن اميرن مان (بيات قارا) نالي هڪڙو مشهور جنگجو پهلوان هو، جو هن وقت حصار جي جبلن ۾ رهندو هو، هن اَٺ گهمرا سلطان جي خلاف فساد ڪيا، پر اٺين ڀيري محمود جي هٿان شڪست کائي مارجي ويو. محمود جي سندس سر وڍي سلطان جي خدمت ۾ بخارا ڏانهن ڏياري موڪليو.

هن کان پوءِ وري ميمنيءَ ۽ ڪپشاق جي اُزبڪن فساد ڪيا. هن فسادن جي ڪري اَنوشا خان خوارزم جي حاڪم وجهه ورتو، جنهن کي اڳ سلطان عبدالعزيز خان مات ڪيو، تنهن سن 1095هه ۾ بخارا تي ڪاهه ڪئي. سلطان صبحان قلي خان سان سندس مقابلي لاءِ نڪتو، باقي ٻين سندس صوبن مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو، فقط محمود جي هڪڙو ئي سندس سردارن مان هو، جنهن مٿئين حاڪم کي شڪست ڏيئي خوارزم ڏانهن تڙي ڪڍيو. اَنوشاخان ٻيو گهمرو وجهه وٺي ڪاهه ڪئي، پر شڪست کاڌائين. وري جڏهن خوارزم پهتو تڏهن پنهنجن ماڻهن هٿان مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ اَرناڪ سن 1098هه ۾ بخارا تي ڪاهه ڪئي. هن ڪاهن جي ڪري اَهل بخارا وارن  جي حالت ويئي نازڪ ٿيندي، هن ڀيري به محمود جي خوارزم تي ڪاه ڪئي. اِرناڪ زهر کائي مري ويو. سندس مرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي خوارزم جي اَميرن محمود جي آڻ مڃي ۽ خوارزم ٻن سالن تائين بخارا جي ماتحت رهيو.

سلطان صبحان قلي خان جي درٻار جو نظارو

جيتوڻيڪ سلطنت بخارا جي حڪومت جا سياسي خواه اندروني معاملات هن وقت پيچيدا هئا. پر تنهن هوندي به ملڪ ۾ آسودگي جو دور هو. هن وقت به سلطان جي درٻار ۾ ختن، قاشغر، ڪرميا ۽ هندوستان جا سفير موجود هئا. مٿئين سلطنتن جا بادشاهه سلطان سان دوستي جو دم ڀرينداهئا. سن 1096هه مطابق سن 1684ع ۾ دهلئ جي مغل شهنشاهه غازي محي الدين اورنگزيب عالمگير اَمير زبردست خان جي هٿ هيٺ هڪ هاٿين جو ٽلو ۽ ٻيون قيمتي سوغاتون سلطان جي خدمت ۾ روانيون ڪيون، پر مغل شهنشاهه ڪامياب ٿي نه سگهيو. ساڳئي وقت ۾ سلطان سن 1691ع ۾ 14 جولاءِ ۾ ترڪيءَ جي سلطان اَحمد خان ثاني جي تاجپوشيءَ جي موقعي تي هڪ وفد قسطنطنيه روانو ڪيو. سلطان جي وفد باب عالئ جي درٻار قصر بلدز ۾ جيڪو خط پيش ڪيو، تنهن ۾ اهڙي قسم جي ناياب مشڪ بند ٿيل هئي. جو بابعالئ جڏهن لفافو ولي پڙهيو، تڏهن يلدز جي ايوان ۾ جيڪي به موجود هئا، تن جا دماغ خوشبو سان معطر ٿي ويا. سلطاني وفد پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو، ڇاڪاڻ جو ساڳئي سال بابعالي پنهنجو وفد بخارا ڏانهن روانو ڪيو. ان لاءِ ته دولت عثمانيه ۽ بخارا جا ڊپلوميٽڪ تعلقات پاڻ ۾ قائم رهن. ڇاڪاڻ جو سن 1683ع ۾ عثماني فوجن جي وئينا تي حملي ڪرڻ کانپوءِ عثماني فوجي طاقت گهڻو گهٽبي ويئي هئي. ٻئي طرف يورپ سان ترڪن جي دشمني هئي. سلطان سليمان خان اعظم کانپوءِ  هنگري، پولينڊ، دالميشه، شام ۽ بحيره روم جي معرڪن ۾ ترڪن عيسائي طاقتن هٿان شڪستون کاڌيون. وڏي ڳالهه ته ترڪن جي روس سان اچي دشمني جاڳي هئي ۽ روس جي زارن جون اکيون دارالخلافت قسطنطنيه تي کُتل هيون. تنهنڪري خليفةالمسلمين جو اِهو مقصد هو ته اسلام جون دولتون مسيحي طاقتن جي مقابلي ۾ گڏجي هڪ ٿي بيهن ۽ اتحاد اسلام جو بنياد قائم رهي. بابعالي جو وفد مصطفيٰ چاؤش جي سرڪردگي هيٺ بخارا شريف پهتو. ترڪي وفد السطان جو خط سلطان جي اڳيان پيش ڪيو. جنهن جو مضمون هن ريت هو.

”تعريف خداوند تعاليٰ جي، جو پنهنجن ٻانهن کي سلطنتون عنايت ڪري ٿو، جو دنيا ۾ اَمن امان رکڻ وارو ۽ سڀني کان برتر آهي.

طرف سّيدنا سلطان المعظم صبحان قلي خان مدظله بعد هزار هزار سلامن مبارڪبادي ۽ اتحاد اسلام جي لکجي ٿو، ته توهان جو خط محبت ڀريو پهتو. خط کولڻ سان اَهل محفل ۽ قصر يلدز جا ايوان معطر ٿي ويا ۽ درٻار ۾ دوستئ جي هٻڪار پکڙجي ويئي. اسان جا وڏا، جي شهادت جي تختي تي بيهي شهادت جو جام نوش فرمائي ويا. اسين  به هينئر ساڳي جهاد في سبيل الله ۾ سر بڪف بيٺل آهيون. اسين هن وقت فرنگين سان جنگ ۾ رڌل آهيون ۽ هن وقت تائين جيڪي به جنگيون لڳيون، تن ۾ الله تعالى اسانکي فتح ڏني آهي. جنگين جي ميدانن ۾ اسان بيشمار عيسائي گرفتار ڪيا آهن ۽ گهڻن کي تڙي ڪڍيو اٿئون. يورپ وارا ظاهري اسانجو دم ڀرين ٿا، پر اندروني وڌيڪ اسان سان عداوت رکن ٿا. اسين به الله تعالى ۽ سندس پيغمبر رسول مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي فرمان موجب اسلام جي عزت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجن مالن ۽ جانين کي قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺا آهيون. توهين اُن ملڪ جا فرمانروا آهيون جو مقام علمائن سڳورن جو وطن آهي، جي علم ۽ فيض جا درياه آهن. توهان تي فرض آهي ته هن وقت تلوار مياڻ مان ڪڍي اسلام جي عزت کي بچايو ۽ عراق جي سرزمين تي جيڪي به ڪنڊا پکڙيل آهن. تن کي ڪڍي صاف ڪريو. توهان کي هن خط جي ذريعي ان باري ۾ دعوت ٿي ڏجي ته جهاد في سبيل الله ۾ شامل ٿي وڃو“(1)

سيدنا سلطان صبحان قلي خان کي جڏهن اَميرالمومنين جو خط پهتو، تهن خلافت اسلاميه جي شان کي برقرار رکڻ لاءِ سندن خاص مرضي هئي، ته جانباز اُزبڪن جون فوجون عراق جي رستي بابعالي جي خدمت ۾ قسطنطنيه روانيون ڪجن، پر افسوس جو سندن اميرن جي ساڻن نااتفاقي هئي. تنهنڪري لاچار خاموشئ کان سواءِ ٻيو ڪنهن به قسم جو جواب ڏيئي نه سگهيا.

سندن اميرن مان امير محمود جي هڪڙو ئي امير هو، جو وقت سر کيس مدد ڏيندو هو، جنهن سان بادشاهه کي به محبت هئي. سيدنا سلطان صبحان قلي خان علم پرور ۽ خدا ترس بادشاهه ٿي گذريو. شاعري نڪته نگاهه سان هن هڪ مشهور ڪتاب (ديوان نيشاني) نالي جوڙيو. جو اڃا تائين هرات جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي(1). سندن شاعرئ جا سڀيئي ديوان فارسي  زبان ۾ جڙيل آهن، پر حڪمت جا ڪتاب ترڪي زبان ۾ آهن. پنهنجي رعيت ڀلي لاءِ جيڪو حڪمت جو ڪتاب جوڙيائون تنهن ۾ پاڻ لکي ٿو ته اِنشاء الله تعالى  گهڻن بيمارين تي پوندو. سلطان جي عمر هن وقت 80 ورهيه هئي. آخر اچي بيمار ٿيو، پوءِ سڀني اميرن وزيرن علمائن کي گهرائي چيائين ته مون لاءِ خداوند تعالى جي درگاهه مان شفاعت لاءِ دعا گهرو. شهزادي مقيم خان سان کيس گهڻي محبت هئي. پر هو عمر ۾ ننڍو هو. پوءِ وڏي پٽ شهزادي عبيدالله کي ولي عهد مقرر ڪري کيس وصيت ڪيائين ته جڏهن شهزادو مقيم خان وڏو ٿئي تڏهن بخارا شريف جو تخت ۽ تاج سندس حوالي ڪجانءِ. ماهه ربيع الاخر سن 1114هه مطابق سن 1702ع ۾ هن فاني جهان مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. اِنالله واِنا اِليھ راجعون. هن بادشاهه 31 ورهيه بلخ تي ۽ 24 ورهيه بخارا شريف تي فرمانروائي ڪئي.

سلطان عبيدالله خان

سيدنا سلطان صبحان قلي خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽن، جن کي مرڻ مهل وصيت ڪري ويو. تن جو تخت ۽ تاج لاءِ اچي جهڳڙو شروع ٿيو. مقيم خان، جو هن وقت بلخ جو والي هو، تنهن ڀاءُ کي تخت تي ويهڻ لاءِ مبارڪبادئ جو پيغام موڪليو. پر شهزادي عبيدالله  کي اندروني هن لاءِ دل ۾ دغا هئي. هن ظاهري پيغام کي قبول فرمايو. پر اندروني عداوت رکڻ لڳو. سندس مددگار امير رحيم جي اتاليق هو. ٻي طرف شهزادي مقيم  خان جو امير محمود جي مددگار هو. اهڙئ طرح شاهي خاندان جي گهرو جهڳڙن جي لڳڻ ڪري هن خاندان جو شاهي اقتدار گهٽجڻ لڳو، ٻئي شهزادا اميرن ۽ وزيرن جي هٿن ۾ کيڏوڻا هئا. 50 ورهين جي ساندهه اندروني فساد کانپوءِ عبيدالله زور وٺي ويو، پر ستت ئي سندس امير رحيم جي سان عداوت پئجي ويئي. جنهن سن 1130هه مطابق سن 1717ع ۾ قتل ڪرائي وڌس.

سلطان ابوالفيض خان

عبيدالله خان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ ابوالفيض خان بخارا جي تخت تي ويٺو، هو درويش مزاج ۽ حليم الطبع سلطان هو. ايتريقدر جو سندس حڪومت جون واڳون اميرن ۽ وزيرن جي هٿ ۾ اچي ويون. هن 40 ورهين تائين حڪومت ڪئي، پر سمورو ڪاروبار رحيم بي جي هٿ هيٺ هو. بلخ ۽ بدخشان تي صالح خواجه جي حڪومت هئي، جو امير نظر محمد خان جي ڌئ جي اولاد مان هو. جنهن صبحان قلي خان جي جيئري مقيم خان سان جنگ جوٽي. بلخ هٿ ڪيو هو. آمودرياهه جي ڪپ جا اوريان ملڪ بلخ سان لاڳو هئا ۽ پريان ملڪ بخارا جي سلطنت سان لاڳو هئا. پر آشتر خاني خاندان جو زوال تڏهن ٿيو جڏهن ايران ۾ انقلاب پيو.

ايران ۾ انقلاب نادر شاهه افشار

ايران ۾ جيڪي هن وقت انقلاب پيو، اُن طوفان جو سرڪردو بقول مرزا مهدي نادر قلي هو، جو پوءِ (نادر شاهه) جي نالي سان مشهور ٿيو. نادر قلي ترڪماني اَفشار خاندان مان هو. مٿيون قبيلو مغلن جي زماني ۾ ترڪستان مان هجرت ڪري اچي آذربائيجان ۾ رهڻ لڳو ۽ جن ڏينهن ۾ شاهه اسماعيل صفوي ايران جي تخت تي هو، اُنهن ڏينهن ۾ هو لڏي اچي خراسان ۾ رهڻ لڳا. 6 محرم الحرام سن 1110هه مطابق سن 1698ع ۾ نادر قلي مشهد شريف کان 20 فرسخن جي مفاصلي تي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو. اَمير تيمور کانپوءِ مشرق ۾ هي ٻيو نمبر فاتح ٿي گذريو. هن نه فقط ترڪستان ايران ۽ هندوستان جون دولتون فتح ڪيون، پر مغرب ۾ هن جارجيا ۽ عربستان به فتح ڪيا ۽ سلاطين عثمانيه سان جنگيون به جوٽيائين. جن ڏينهن ۾ هن قنڌار تي گهيرو ڪيو. اُنهن ڏينهن ۾ هن پنهنجي پٽ رضا قلي کي هڪڙي فوج ڏيئي ترڪستان تي چاڙهي موڪليو، پر سن 1149ع مطابق سن 1736ع ۾ عند ڪوهي جي امير علي مردان هتي جي قارا ۽ جيليار قبيلن جي مدد سان ايراني فوجن کي شڪست ڏيئي، کانئن گهڻو خزانو هٿ ڪيو. پر هن وقت ترڪستان جي اميرن جي پاڻ ۾ نااتفاقي هئي، علي مردان هيڪلو هو. آخر وڙهندي قيد ٿي نادر شاهه جي درٻار ۾ روانو ڪيو ويو. هن فتح کانپوءِ رضا قلئ بلخ تي گهيرو ڪيو. سيد ابوالحسن، جوهن وقت بلخ جو حاڪم هو ۽ خواجه صالح جو فرزند هو. تنهن پنهنجئ طاقت آهر ايرانين جو خوب مقابلو ڪيو. پر آخر شڪست کاڌائين ۽ بلخ گهيري هيٺ اچي ويو.هن فتوحات جي عيوض نادر شاهه پنهنجي پٽ کي 12،000 سونيون اشرفيون 3000 زرين خلعتون ۽ هڪڙو ترڪي تازي سونن سنجن سان جنهن تي جواهرات جو ڪم ٿيل هو. مرحمت فرمايائين.

بلخ فتح ڪرڻ کانپوءِ رضا قلئ آمودرياهه کي لتاڙي سلطان ابوالفيض تي ڪاهه ڪئي. تاريخ نويسن جو رايو آهي، ته رضا قلي هن مهم ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ جو خيوا جي امير يلبرس خان جي بهادرئ ڪري ايرانين شڪست کاڌي.  هن شڪست کانپوءِ نادر شاهه ترڪستان جي اُزبڪ اميرن جي نالي تي هڪڙو اعلان پڌرو ڪيو. جنهن ۾ ظاهر ڪيائين ته ”شهزادي رضا قلي منهنجي مرضئ جي خلاف ترڪستان تي حملو ڪيو آهي، پر منهنجي اِها خواهش آهي ته ترڪستان جا اَمير مونسان دوست ٿي رهن، ڇاڪاڻ جو منهنجي اها مرضي، ناهي ته ڪو چنگيز اعظم جي اولاد سان ڦٽايان يا بخارا جي شاهي خاندان سان دشمني رکان(1).   نادر شاهه جو مٿيون اعلان فقط سياسي نڪته نگاهه سان هو ڇاڪاڻ جو هنکي اُزبڪن جي ٻه مهين تلوار جي خبر هئي.

نادر قلي، جو هڪڙي معمولي عهدي کان هفت اقليم جي تخت جو مالڪ ٿيو هو، سو جيتوڻيڪ پاڻ به وقت جو مشهور جنگ جو فاتح ٿي گذريو، پر تنهن هوندي به زماني جي نشيب ۽ فراز کان بيخبر ڪين هو. هو ڪنهن ڪنهن وقت سياست داني کان به ڪم وٺندو هو. بخت ۽ اقبال سندس قدم چمڻ لاءِ منتظر هئا. هن وقت هن پنهنجي سياسي چال سان اُزبڪن جي گرم دلين تي ڇنڊو وڌو، نه ته اهي چنگيز خاني کيس

 ڏاکڻئي افغانستان ۽ توران کي فتح ڪرڻ ۾ شايد روڪ ڪن ها ۽  واقعي کيس به بخارا ۽ خوارزم جي  گڏيل فوجن کان خوف هو.

سلطان ابوالفيض جو نادري اقبال اڳيان جهڪڻ

خوارزمي فوجن جو سرڪردو هن وقت سلطان يلبرس خان هو ۽ بخارا جو فوجي سپهه سالار رحيم بي اتاليق هو. هن وقت سياهه ۽ سفيد جو مالڪ هو. پر چنگيز خاني اقبال جو ستارو هن وقت غروب ٿيڻ تي هو. اَميرن جي ناسازئ جي ڪري بخارا ۽ خوارزم جي به اچي پاڻ ۾ خصومت جاڳي، جنهنڪري سندن گڏيل طاقت جو شيرازو بدلجڻ  لڳو. جن ڏينهن ۾ نادر شاهه دهلئ جا خزانا  ڦري ايران ڏانهن ٿي موٽيو، تڏهن موٽندي ملڪ ۾ بدامني جي فضا ڏسي آمو درياهه وارا علائقا سواءِ ڪنهن رنڊڪ جي هٿ ڪيائين. حصار ۽ قارشئ جي اميرن کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ سندس دسترخوان تي حاضر رهڻ لاچار ٿيو. رحيم بي اتاليق به پنهنجي طرفان سرخرو ٿيڻ لاءِ سندس استقبال ڪيو. بخارا جون ديوارون نادري طوفان اڳيان سر بسجود هيون. هتي جي ڪاريگرن هڪڙي عمدي ٻيڙي تيار  ڪئي. جنهن ۾ شاهه سوار ٿي آمو درياهه جي پار لنگهيو. درياهه جي وارياسن ڪپن تي طلائي اطلس جا فرش وڇائجي ويا. جن جي زردريزي ۽ بوقلموني تجلن جو بيان رديڪي پنهنجي شعرن ۾ ڏنو آهي. بخارا شريف کان چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ عاليشان شاميانو کوڙيو ويو. جت سلطان ابوالفيض شاهه جي صحبت جو جام نوش فرمايو. چنگيزخاني ترڪ، جي زمين جي طبقي تي ڪنهن کي پنهنجو مٽ ثاني ڪين  سمجهندا هئا. تنکي هن غيبي شهنشاهه جي آڻ مڃڻي پئي، الله تعالى جون سڀ مملڪتون آهن، جن کي ڏياري بيشڪ اُن جو نشان آفتاب کان به بلند آهي.

19 جمادي الاخر سن 1153هه مطابق ماهه سيپٽمبر سن 1740ع ۾ جڏهن سيدنا ابوالفيض شامياني اندر وارد ٿيو. ساڻس بخارا شريف جا علماء ۽ مشائخ به ساڻ هئا. تڏهن شاهه اڳيان فرمانبردارئ لاءِ قسم کنيائين. هڪڙو عربي گهوڙو زرين ڪمربند سميت، جنهن تي جواهر جو ڪم ٿيل هو، شاهه اڳيان بطور نذراني جي پيش ڪيائين. شاهه به سلطان جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو. آمو درياهه جي هيٺئين ڪپ وارا علائقا ۽ ڪجهه فوج شاهه جي حوالي ڪيائين ۽ پنهنجي نياڻي جو سنڱ شاهه جي پوٽي کي ڏنائين. اهڙي طرح چنگيز جي اولاد سان ناتو ڳنڍي خوارزم ڏانهن اُسريو. ڇاڪاڻ جو خود بخارا جي سلطنت کي به اُتي جي حاڪم يلبرس خان کان خوف رهندو هو. هن مهم ۾ شاهه فاتح ۽ ڪامران ٿي موٽيو. موٽندي چارجوئي جي مقام وٽ سلطان شاهه جو استقبال بجا آڻي پنهنجي فرمانبردارئ جو ثبوت ڏنو ۽ آئينده لاءِ ثابت قدم ٿي رهڻ لاءِ انجام ڪيائين.

بخارا فتح ڪرڻ کانپوءِ شاهه مشهد شريف موٽيو. هت اِمام سڳوري جي روضي اندر چاندئ جو ڪٽهڙو جوڙايائين. بلڪه درگاه شريف لاءِ جيڪو قلف هو، سو به سونو جوڙايائين، جنهن تي لعل جڙيل هئا. آخر نادر شاهه جي اقبال جو ستارو غروب ٿيڻ لڳو. سندس فوجن ۾ جيڪي اُزبڪ ۽ افغان سپاهي هئا، تن ايران جي شيعن سان ڏاڍا ظلم ڪيا. آخر انهئ مذهبي وڳوڙ ۾ شاهه جي زندگئ جو به خاتمو ٿيو.

اشتر خاني خاندان جو خاتمو

نادر شاهه جي مُئي پڄاڻان سندس پوٽي شاهه رخ مرزا خراسان تي حڪومت ڪئي. شاهه جيڪي به ملڪ فتح ڪري ايران جي جهنڊي هيٺ آندا هئا، اهي ڇڄي ڌار ٿيا، سيدنا سلطان اَبوالفيض کي سندس نمڪ حرام وزير سن 1150هه مطابق سن 1737ع ۾ تخت تان لاهي شهيد ڪري وڌو. اِنالله وَ اِنا اِليھ راجعون. سندس فرزند جنهن وزير جي ڌئ سان شادي ڪئي هئي، تنهن به هن نمڪ حرام جي هٿان شهادت جو جام پيتو. سيدنا سلطان ابوالفيض سلطان سبحان قلي خان جو ننڍو پٽ ۽ پنهنجي خاندان جو پويون چشم ۽ چراغ هو. هن 50 ورهيه بخارا تي حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ اُزبڪن ڪا سياسي فتوحات ڪانه ڪئي. پر علم ۽ تمدن جي مقابلي ۾ بخارا جي مسلمانن گهڻي ترقي ڪئي. هن وقت مغرب ۾ قسطنطنيه ايران ۾ اصفهان ۽ هندوستان دهلي ۽ ترڪستان ۾ بخارا شريف وڏي عروج کي پهتل هئا. يورپي لوڪ جي هن زماني ۾ سياحن ۽ واپارين جي صورت ۾ مٿين اسلامي ملڪن کي اچي ڏٺو. تن يورپ جي مسيحي ٽلن کي مٿين ملڪن جي دولتن کي لٽڻ لاءِ لالچايو. جنهنڪري چئني طرفن کان اسلامي دنيا تي حملا ٿيڻ لڳا. مذهبي نڪته نظر سان بخارا شريف اول کان آخر تائين علم ۽ فيض جو سرچشمو ٿي رهيو. هتي جي علمائن سڳورن ۽ صوفي مشائخن جي علمي صحبتن ڪري دنيا کي گهڻو فيض رسيو. هتي جيڪي به سلاطين ٿي گذريا، سي پاڻ به ڪامل درويش ٿي گذريا. سندن دورِ زمان مسلمانن جي ڪمال عروج جو زمانو هو. خود يورپي مورخ اُن زماني کي (گولڊن پيرئڊ آف اسلام) ڪري سڏين ٿا. سلطان سبحان قلي جو زمانو خاص ڪري برک ليکجي ٿو. سندس عهدِ مهد ۾ زراعتي ڪمن گهڻو زور ورتو. اهي بخارا شريف جا تاجدار هئا، جن اهڙي ملڪ جي تخت ۽ تاج کي لت هڻي وڃي رسول عربي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ڀر ۾ دم ڏٺو، هو نه رڳو شبِ پيماني يا گوشهء نشيني ۾ وقت گذاريندا هئا. پر تلوارن جا به ڌڻي هئا. کين الله تعالى جي ذات پاڪ ۽ پنهنجي استقلال تي ڪامل ڀروسو هو. وري سخا جا ته اهڙا بحر بي پايان هئا.جو جابجا مسجدون، منارا ۽ مڪتب جوڙايائون ته ڀل مخلوق خدا به سندس ظّل همايوني هيٺ فيض وٺي. بقول سيد رقيم ته بخارا شريف جو سن 1030هه مطابق سن 1621ع ۾ عجيب نظارو هو. آخر مغرب کان مغربي مسيحي طوفان اُٿيو. جو ظاهري نيلم پري جي لباس ۾ هو، پر جڏهن اکيون پٽيون تڏهن خبر پئي ته هٿ پيرن ۾ ٻيڙيون پيل آهن.

نہ دام دانم ونے دانہ این قدر دانم

کہ پائے تاسرم ہرچہ ہست دربند است!


 

خاندان منغيت “The House of Manghit”

اَمير معصوم

بقول ابوالغازي ته منغيت خاندان وارا خيوا جا رهاڪو هئا. جي چنگيز جي هٿ هيٺ هئا. ترڪن وانگر هو بهادر شجاع ۽ جنگجو هئا. سلطان محمد شيباني خان کي ڏن ڀريندا هئا. بخارا جي درٻار ۾ هميشه کان کين عزت مليل هئي. ڇاڪاڻ جو بهادرئ کانسواءِ منجهن وفادارئ جو ڳڻ به هو. جيسين اَشتر خاني سلاطين طاقتور هئا. تيسين منغيتي به فرمانبردار  هئا.پر جيئن پويان تاجدار ويا ڪم طاقت ٿيندا، تيئن هوبه ويا زور وٺندا. وزير رحيم جي اتاليق (جنهن جي نمڪ حرامي ڪري سلطان ابوالفيض ۽ سندس فرزند شهادت جو جام پيتو). منغيت قوم مان هو، پر ماءُ جي طرفان اشترخاني هو. هن ابوالفيض جي پٽ شهزادي ابوالغازي کي تخت تي ٿاڦيو. گويا شهزادو سندس هٿن ۾ نظربند هو، ڇاڪاڻ جو کيس ٻاهر قدم رکڻ جي اجازت ڪانه هئي. ابوالغازئ کي هڪڙو پٽ شهزادو معصوم نالي هو، جنهن لاءِ اهل بخارا کي بيحد عزت هئي.

نوٽ:- ترڪن، افغانن ۽ بلوچستان جي ڪن قومن ۾ اهو رواج آهي ته هو پيار منجهان پنهنجن ننڍن ٻارن کي (جان) جي لقب سان سڏيندا آهن. مثلاً بابر جان، جان جان، مير جان، رحيم جان وغيره. شهزادو ننڍي هوندي کان درويش مزاج هو. پڻس کيس (شاهه مراد) جي لقب سان سڏيندو هو. هميشه ڪامل درويش جي صحبت ۾ گذاريندو هو. اهڙي لحاظ سان کيس (خرقه درويشان) جو لقب مليل هو. هو ٻين شاهي خاندان جي فرزندن وانگر محلاتن ۾ ڪين گذاريندو هو. پر اڪثر خانقاهن ۾ وڃي رهندو هو. بعض اوقات مساجد ۽ علمائن ۽ مشائخن جي محفلن ۾ وقت گذاريندو هو. جڏهن اهلڪار کيس تخت تي ويهڻ لاءِ چوندا هئا.تڏهن ائين فرمائيندو هو ته ”بخارا جو تخت وڃي خدا جي نالي خيرات ڪري ڇڏيو“.

هو شاهي پوشاڪ پهري ڪمر سان تلوار ٻڌي بخارا شريف جي ڳلين ۾ روئيندو ۽ هڪ هڪ ماڻهوءَ کي چوندو هو ته ”جيڪڏهن منهنجي پئ يا ڏاڏي توهان سان ناانصافي ڪئي هجي. ته کين بخش ڪريو.“ اهڙن خصلتن ڪري بخارا وارن جي نظر ۾ امير معصوم سڀني اميرن خواهه شاهي شهزادن ۾ ممتاز نظر هو. هي سلطان صاحبِ قلم به ٿي گذريو، جيئن ته مشهور ڪتاب (عين الحڪمت) سندس جڙيل هو. سندس محلات جي چؤگرد هميشه ماڻهن جو هجوم بيٺل نظر ايندو هو، جي کيس وڏي آواز سان دعائون ڪندا هئا. وري جڏهن ڪنهن وقت سير تي نڪرندو هو ته وڏو ڪٽڪ ماڻهن جو ساڻس گڏ هلندو هو. وقت جي سلطان جي فياضي ۽ درويش مزاجي کي ڏسي گهڻن ئي بخارا تي حملي ڪرڻ لاءِ منصوبا تيار ڪيا. هڪڙي طرف وقت جي بادشاهه جي فياضي ڏي غور ڪريو، وري ٻئي طرف اُنهن غدارن ڏي به غور ڪيو، جن جي چشم فسون گر اڳيان سلطان ساده لوح هو. اهڙا ماڻهو هميشه بدنيتي جي ڪري گمراهه رهن ٿا. بادشاهي ۽ اقبال به هڪڙو خدائي سايو آهي، اهو جنهن انسان مٿان رهي ٿو، اُهو اُن راز کي پاڻ ڄاڻي ٿو يا اهڙن رازن کي وري ڪو اهڙو فلاسافر پروڙي سگهي. جنهن جو رموز جهاندارئ ۾ دخل هجي. بخارا ۾ آخر فساد پيو، سرڪشن جو باني نياز علي بيگ شهر سبزي هو.

هن بخارا تي حملو ڪيو. هڪڙي ڀيري ته شهر ۾ اهڙو فساد پيو جو هزارين ماڻهو مٿئين سيلاب هيٺ اچي ويا. پر جڏهن چنگيزي خون سلطان جي رڳن ۾ جوش آندو تڏهن درويشي حجاب کان رخصت وٺي سرِ بڪف ميدان ۾ ٽپي پيو. اهڙي ته فسادين کي چوٽ ڏنائين، جو نه رڳو باغي برطرف ٿي ويا، پر حصار ۽ قارشي جا شهر به فتح ڪيائين. بخارا تي به هن فتح جو عجيب اثر پيو. ملان ۽ مشائخ، جي مساجد ۽ خانقاهن جي ٻرن ۾ لڪل هئا، اُنهن سلطان جي ڪرامت ۽ تلوار کي ڏسي وري علميت ۽ فضيلت جا راڳ الاپڻ شروع ڪيا ۽ ملڪ ۾ وري اَمن اَمان ڇانئجي ويو!

جڏهن سلطان ڏٺو ته ماڻهو سندس درويش مزاجي جي ڪري غير جائز فائدو وٺڻ گهرن ٿا تڏهن ماهه شعبان المعظم سن 1199هه مطابق سن 1794ع ۾  پنهنجي سر وڃي بخارا جي تخت تي ويٺو. ملائن ۽ مشائخن ڏٺو، ته هن درويش لباس بادشاهه جي ڪشڪول ۾ ڪي گڻ نظر اچن ٿا، ته اڳ ته سلطان کي (خرقهء درويشان) جو لقب ڏنائون ۽ واقعي سلطان به رعيت سان ساڳيا پير کنيا، جيئن مرشد پنهنجي سعادتمند مريدن سان کڻندو آهي، پر هينئر جو سلطان چنگيزي لباس پاتو، تڏهن ڀاڙي جي ٽٽن وانگر ملائن سڳورن ۽ مشائخن به رنگ بدليو ۽ بادشاهه کي خوش رکڻ لاءِ کيس (غازي المعصوم) جي لقب سان سڏڻ لڳا. سبحان الله اهڙن مسجدن جي ملن جي اخلاق ۽ سياسي تربيت جي ڪهڙي تعريف ڪجي؟ جيڪي صبح جي ماني ٻن پهرن کان پوءِ کائين ۽ رات جي ماني اڌ رات کان پوءِ نوش فرمائين، ته متان ڪو سڻڀو ٽڪر اچي وڃي يا ڪو خير خيرات لاءِ سڏڻ نه اچي! رات جو مسجد ۾ ٻليءَ جي پيرن جو آواز ٻُڌائون ته به هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا ته ڪير آيو؟ ڇا آندائين يا هوا جي ڪري مسجد جي در جو ڪڙو کڙڪيو ته جهٽ مراقبي مان منهن کڻي ڏسندا ته ڪير ٿو اچي؟ ڇا آندو اَٿئين؟ ڪاش اهڙن پيٽوڙين کي مسائل ۽ رموزِ سلطنت جي ڪهڙي خبر؟

ترڪستان ۾ جيڪي به سلاطين ٿي گذريا، سي اڪثر اَهل سنت ۽ جماعت ۽ شريعت جا پڪا پابند هئا ۽ بخارا شريف جا علماء سڳورا به سني هئا، پر جڏهن سلطاني اِيران جي شاهن سان جنگ ڪندا هئا ته اُهي علماءِ ڪرام سلاطين کي غازي جو لقب ڏيندا هئا ۽ ايراني شيعن لاءِ ڪفر جي فتوى ڏيندا هئا پر جڏهن ايراني پنهنجي پاڙيسري عثماني ترڪن سان جنگ ڪندا هئا ته قسطنطنيه جي شيخ الاسلام ڪڏهن به شيعن جي خلاف جهاد جو حڪم نه ڏنو! اهي ترڪستان جا ئي علماءَ سڳورا هئا، جن جي فتوائن ورهين تائين توران ۽ خراسان جي سرزمين کي مسلمانن جي خون سان رڱيو.

منهنجي مٿئين خامهء فرسائي جو اهو مطلب ڪين آهي، ته مان پاڻ ڪو شيعو آهيان! نه نه مان پنهنجي بانس مان حنفي بانس پسان ٿو، فقط لطيفو هن ريت آهي ته جڏهن مسجدن جي امامن سڳورن جي پيٽ جي پرورش شاهي دسترخوانن تي ٿيندي هئي، تڏهن سندن علميت، ڪرامت ۽ فتوائن جا رخ به اوڏاهين ڦري ويندا هئا. تاريخ جي سياسي صحبتن ۾ اهڙا بيشمار مثال لڀندا. اسپين جي علمائن سڳورن جو بيان ڏيئي آيو آهيان، بخارا جي علمائن سڳورن ايرانين لاءِ ڪفر جي فتوى صادر ڪئي، جنهن جي اثر ڪري گهڻو وقت ترڪستان ۽ ايران جون پڻ ۾ جنگيون جاري رهيو، پر انشاءَ الله جڏهن هندوستان جي تاريخ جو وارو آيو تڏهن پاڻ ئي انصاف ڪندا، ته مسجدن جي فرمانروائن کي سياست ۾ ڪيتري قدر دخل هو ۽ واقعي هو اسلام لاءِ خير خواهه ثابت ٿيا يا اُٽلندو دشمني ڪيائون.

منهنجو مطلب رڳو اهو آهي، ته ترڪستان جي علمائن سڳورن جي فتوائن جي ڪري ترڪن ۽ ايرانين جي عداوت وئي ڏينهون ڏينهن وڌندي، نتيجو اهو نڪتو جو اتحادِ اسلام جي بنياد کي گهڻو لوڏو اچي ويو جڏهن ترڪي، ايران، بخارا ۽ هندوستان جي مسلمان بادشاهن جو پاڻ ۾ صلح ۽ اخوت هجي ها، ته اڄ جيڪر مشرق هرگز مغرب جو غلام نه ٿئي ها. ايران جا وڏا وڏا شهر مثلاً نيشاپور، مروّ، طوس ۽ مشهد مقدس ۽ ٻيا ڪيترا خراسان جا شهر علم ۽ ادب جي لحاظ سان قديم زماني کان وڏي عروج کي پهتال هئا. مٿين شهرن ۾ ترڪستان جا به گهڻائي مشائخ، بزرگ ۽ صوفيه ڪرام رهندا هئا، جن کي ايراني فرقه بنديءَ جي ڪري تنگ ڪندا هئا، پوءِ ته اچي جنگيون لڳنديون هيون. ترڪ خراسان تي حملا ڪندا هئا، ايرانين جي زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪري ٻئي مال غنيمت سميت بخارا آڻيندا هئا، جتي زالون ۽ ٻار بطور غلامن جي بازارن ۾ وڪامندا هئا. سلطان امير معصوم جي ڏينهن ۾ ملن سڳورن قديم شرارات کي وري جاري رکيو، جنهنڪري ترڪماني ۽ اُزبڪ فوجن مرو جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا. نادر شاهه اَفشار جي مرڻ کان پوءِ ايران جون واڳون قاچار خاندان جي هٿ ۾ اچي ويون، جي صفوي تاجدارن جي ڏينهن ۾ وڏن وڏن عهدن تي مقرر هئا. خراسان جا ڪثير امير يا ٻيا سردار ساڳي خاندان مان هئا. قاچار خاندان وارا به ترڪي نسل مان هئا. سندن اشترخاني خاندان سان مائٽي جو رستو هو. هن وقت ايران ۾ وڏو ممڻ متل هو، تخت ۽ تاج ڪياني جي هٿ ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ اندروني فسادن جي ٻاهه پي ٻري، مثلاً ڏاکڻي ايران ۾ آغا محمد خان ۽ لطف علي خان پاڻ ۾ برسرِ پيڪار هئا. هن اندروني جنگ ۽ قتال جي ڪري هر ڪو امير خودمختيار هو. سلطان معصوم جي مقابلي لاءِ ايراني فوجن جو مهندار بهرام علي خان هو، جنهن اڳ قزاقن کي به روڪيو هو. هرات جو والي نادر شاهه جو پوٽو شاهه رخ مرزا هو، سندس ڏاڏي جي بخارا جي سلطان سان دوستي هئي ۽ قاچار خاندان سان سندس عداوت هئي. بهرام خان جي فوجن ۾ مسلح زالن جي به فوج هئي، هو بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو. سلطان معصوم خان چنگيزي رسم موجب سندس سر وڍي بخارا جي مينار تي وڃي ٽنگيو. بهرام جي بهادريءَ جا شعر اڃا به خراسان ۾ پيا ڳائجن. مروّ هڪ آباد شهر خراسان ۽ ترڪستان جي شاهراهه تي آهي. خراسان غالباً پهريون نمبر شهر  آهي، هتي جي باغن جي پرورش مرغاب نديءَ جي پاڻيءَ تي ٿيندي آهي. پر افسوس جو سلطان معصوم جهڙي خدا پرست انسان هٿان مٿيان باغات ناس ٿي ويا. بهرام خان جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ محمد حسين مروّ تي حڪومت ڪئي، کيس افغاني امير تيمور شاهه به اُزبڪن جي خلاف مدد ڏني، پر شهزادي نصرالدين امير معصوم جي پٽ مٿيون شهر فتح ڪيو. مروّ ۾ جيڪي به ترڪ رهندا هئا تن کي زوريءَ لڏائي بخارا آندائين، جن کي اڃا تائين مروّي سڏين ٿا. 1205هه هتي سارق ترڪماني قوم اچي آباد ٿي.

مذهبي فرقي بنديءَ جي باهه ويئي ڏينهون ڏينهن زور پوندي. سندس شعلن نه فقط مروّ جي باغات کي ساڙي ناس ڪيو، پر ٻئي ڀيري امير معصوم مشهد مقدس تي ڪاهه ڪئي ۽ حسب دستور اُزبڪن جون فوجون قلعي جي ٻاهران اچي لٿيون. پر رات جو خواب ۾ سلطان جناب سيدنا امام موسى رضه کي ڏٺو. فرمايائينس ته منهنجي روضي جي بي حرمتي نه ڪر. صبح صادق خواب مان بيدار ٿيڻ شرط سلطان پنهنجي اُزبڪن کي سڏي چيو ته ”امام سڳورو زندهه ولي آهي، مون کي خواب ۾ اشارو ڪيو اٿائين ته منهنجو آرام ڪين ڦٽاءِ، تنهنڪري سندن آرام ڦٽائڻ نه گهرجي.“

ائين چئي فوجن سميت موٽي بخارا ڏانهن ويو. اُزبڪن اڳ به سلطان شيباني خان ۽ عبدالمومنن جي ڏينهن ۾ ڦرلٽون ڪيون، پر سلطان معصوم ايترا ته ظلم ڪيا ۽ ايترا ايراني قيد ڪيا جو بخارا ۽ خيوا جي مارڪيٽن ۾ هڪڙي پئسي به ايرانين کي ڪوئي خريد نه پيو ڪري! اهي هئا حريت ۽ اخوت جا مسلمانن جا ڪارناما، جنهن مروت سان هڪ هڪ ٻئي سان پيش ايندا هئا.

مرزا صادق لکي ٿو، ته خدا جي اها قدرت چئبي جو سلطان معصوم خان جهڙو فقير تن ۽ خدا پرست انسان ايرانين سان جيڪا هلت ڪئي، سا بلڪل قابل رحم هئي. ٻارهن سالن تائين سانده ايرانين سان اهي ظلم ٿيندا رهيا، تان جو سن 1212هه مطابق سن 1797ع ۾ آغا محمد خان قاچار قاچار خاندان جي بانيءَ فارس ۽ عراق عجميءَ ۾ امن امان قائم رکڻ کانپوءِ خراسان جي ايرانين جي پرداخت ڪئي، ڇاڪاڻ جو اُهي ايراني اُزبڪن جي هٿ هيٺ گهڻو عاجز هئا. آغا محمد خان بلڪل هوشيار ۽ دانا بادشاهه هو. هن جي مرضي هئي ته اسلامي سلطنتن جو پاڻ ۾ اتحاد رهي، ڇاڪاڻ جو يورپ جون عيسائي قومون ڏينهون ڏينهن ويون پي زور وٺنديون ۽ اسلامي سلطنتن کي مٽائڻ جو سندن پورو خيال هو. انهيءَ مقصد سان آغا محمد خان هڪڙو خلاصو خط ايزدالدين لوجي مروّ جي حاڪم هٿان بخارا جي سلطان جي خدمت ۾ لکي موڪليو، اُهو هن ريت هو.

”ڪل مومنين اَهل وطن

توهان کي خبر هوندي، ته شيباني محمد خان کان وٺي ويندي نادر شاهه افشار تائين بلڪل اُن کان اڳ به بلخ، زميندار، سيستان، قنڌار ۽ ڪابل جا شهر ايران جي سلطنت سان لاڳو هئا. پوءِ الائي ڪهڙي خيال سان اوهان مروّ تي ڪاهه ئي ۽ بهرام علي خان کي بيگناهه شهيد ڪيو، جو منهنجي خاندان جو ممتاز امير هو. منهنجا دوست توهين وري قديم زماني وانگر افراسياب وانگر ايران ۽ توران جي پاڻ ۾ دشمني وجهي رهيا آهيو. شينهن کي پڇ کان جهلڻ يا چيتي کي ڪن کان جهلڻ سياڻپ جو ڪم نه آهي. اسين سڀ حضرت آدم عليھ السلام ۽ بي بي حوّا جي اولاد مان آهيون. سچ ڪري پڇو ته توهانجو ۽ منهنجو خاندان هڪڙو ئي آهي ۽ اسين ٻئي ترڪي نسل مان آهيون پر منهنجو خاندان قاچار نويان ضغيتي خاندان کان افضل آهي. اسان سڀني مسلمان بادشاهن کي خداوند تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪرڻ گهرجي. جنهن اسان کي چين، روس، روم، ايران، توران ۽ هندوستان جون شهنشاهتون مرحمت فرمايون آهن ۽ اسين سڀ بادشاهه خالص ترڪي نسل مان آهيون، تنهنڪري اسان سڀني کي صبر، تحمل ۽ اتحاد سان رهڻ گهرجي، نه ڪه پاڻ ۾ خون خرابو ڪيون. مان توهان سان امن امان ۾ رهندس ۽ آمو درياهه واري سرحد تي قناعت ڪندس“.

آغا محمد خان قاچار

سلطان معصوم خان کي جڏهن مٿيون خط پهتو، تڏهن بلڪل لاپرواهيءَ سان ڪو به جواب ڪونه ڏنائين. نه وري ايرانين کي آزاد ڪيائين، جن جو تعداد هن وقت 80،000 هو! اَهڙن بداتفاقين جو جيڪو نتيجو نڪتو تنهنجو مسلمانن جبل اطلس کان وٺي برهمپترا نديءَ تائين رهندڙن اکين سان ڏٺو ته ساڻن ڇا ڇا ٿي گذريو.

میری دل کی سوزش کوکب اشک بجھانے والے ہیں،

بلکہ یہ تو اور زیادہ آگ لگانے والے ہیں۔

اسلامي دنيا تي مغربي ڪاهه

دور حاضر ۾ اسلامي ملڪن کي ويران ڪرڻ جو خيال پهرين نيپولين بوناپارٽ کي ٿيو. هن مصر ۽ شام تي ڪاهه ڪئي، پر ترڪن جي تلوار خارا شگاف مصر ۽ شام جي ميدانن ۾ سندس ارادن کي مٽائي ڇڏيو. فرانس کانپوءِ ٻيو نمبر روسي سلطنت هئي، جنهن يورپ ۾ دولت عثمانيه ايشيا ۾ ايران، بخارا ۽ هندوستان جي ملڪن کي لُٽڻ ۽ هٿ ڪرڻ جو خيال ڪيو هو. هن وقت جڏهن ترڪستان ۽ ايران جي مسلمان بادشاهن جي مذهبي فرقي بندي جي ڪري پاڻ ۾ عداوت هئي، تڏهن روس جي مشهور راڻي ڪئٿرائين CATHERINE جارجيا تي ڪاهه ڪئي ۽ اُتي جي مسلمانن سان روسين ناروا ظلم ڪيا. آغا محمد خان واليءَ اِيران جي اها مرضي ٿي، ته پاڻ ۾ وڙهڻ کان بهتر اهو آهي جو ٻئي مسلمان بادشاهه گڏجي روس جي خلاف جهاد جو اعلان ڪجي، پر هوڏانهن خبر تڏهن پئي جو سلطان معصوم خان خراسان تي وري ڪاهه ڪئي ۽ سندس ڪاهه کان ماڻهو تنگ ٿيا، پر قدرت کي به ڪمال ڏيکارڻو هو ۽ مسلمانن کي پنهنجي ناعاقبت انديشي جو خميازو ڀوڳڻو هو. افغان، مغل، ترڪ ۽ عرب سُتت ئي اهڙين مشڪلاتن ۾ گرفتار ٿي پيا، جن مشڪلاتن جو بيان قلم کي طاقت نه آهي جو چٽيءَ طرح ڏيئي سگهي، پر جيئن جيئن تاريخ جا ورق اُٿلندا، تيئن مغربي قومن جي عياري ۽ مشرق جي غفلت جو گريبان پاڻ مرادو چاڪ ٿي ويندو.

افغانن جون ڪاهون غازي احمد شاهه

نادري انقلاب نه فقط ايشيا ۾ انقلاب آندو، پر هن انقلاب کان پوءِ افغان قوم آزاديءَ جي شاهراهه تي نڪري نروار ٿي. هن وقت آمو درياهه کان وٺي ويندي سنڌو درياهه تائين سمورو ملڪ افغانستان سان لاڳو ٿي ويو، پر امير غازي محمود غلزئي جي هٿ هيٺ افغانن اصفهان تائين ايران جو ملڪ فتح ڪيو، پر نادر شاهه کين تڙي ڪڍيو. نادر شاهه جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مغل شهنشاهت دهليءَ جي ڪم زور ٿي وئي، تڏهن افغانن احمد شاهه ابداليءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ آمو درياهه جا علائقا فتح ڪيا ۽ اندر شاهه جي پوٽي مرزا شاهه رخ به غازي احمد شاهه جي مدد ڪئي. ائين نه آهي ته ڪو افغانن مرزا شاهه رخ جي مدد سان ترڪستان جا علائقا فتح ڪيا پر نه غازي احمد شاهه دراني جنهن کي هندوستان جي تاريخ ۾ احمد شاهه ابدالي ڪري سڏين ٿا، سو مشهور غازي ٿي گذريو. نادر شاهه کان پوءِ هن هندوستان خواهه افغانستان ۾ ڏؤنڪو وڄايو. سن 1203هه مطابق سن 1788ع ۾ جڏهن احمد شاهه غازيءَ جي مُئي کان پوءِ سندس جاءِ نشين تيمور شاهه جڏهن بهاولپور جي نواب سان جنگ ۾ رُڌل هو، تڏهن اُزبڪن بلخ ۽ بدخشان ۽ افغانستان جو گهڻو ملڪ فتح ڪيو، پر 1204هه مطابق 1789ع ۾ جڏهن تيمور شاهه ڪابل ڏي موٽيو تڏهن اُزبڪن کي شڪست ڏنائين. سلطان معصوم، جو هن وقت خراسان ۾ هو، تنهن امير مراد ۽ رحمت بائي جي هٿ هيٺ لشڪر افغانن جي مقابلي لاءِ موڪليو، پر شڪست کاڌائون. سلطان آخر بخارا جي علمائن جو هڪڙو وفد صلح لاءِ ڏياري موڪليو، آخر وفد ڪامياب ٿيو ۽ افغانن کي کٽيل ملڪ سلطان ڏياري ڇڏيو. سن 1208هه مطابق سن 1793ع ۾ جڏهن امير تيمور شاهه وفات ڪئي، ۽ افغانستان جون واڳون (غازي شاهه زمان) جي هٿ هيٺ آيون، تڏهن افغانن ٻيهر بلخ امير کي ڏنو ۽ طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. وري جڏهن غازي شاهه زمان هندوستان ۾ جنگين ۾ مشغول هو، تڏهن سندس ڀاءُ شاهه محمود سن 1214هه مطابق سن 1799ع ۾ فساد کڙو ڪيو ۽ بخارا جي سلطان وٽ وڃي پناهه ورتائين. جڏهن امير کانئس گهر ڪئي، تڏهن شاهه محمود خيوا جي امير محمد رحيم خان وٽ وڃي پناهه ورتي.

امير معصوم جي درٻار تي نگاهه

سن 1217هه مطابق سن 1802ع ۾ سلطان معصوم 18 ورهيه حڪومت ڪري وفات پاتي، انالله و انااليھ راجعون. سندس دور بخارا وارن لاءِ نادر زمانو هو. اڃا تائين اُتي جا تاجڪ ۽ اُزبڪ سندس پاڪدامني جو دم ڀرين ٿا. هن اَهل تشيع وارن سان ظلم ڪيا پر تنهن هوندي به ماڻهو آسودا هئا. هو رئيس الشريعت جي لقب سان سڏبو هو. بخارا ۾ شرعي کاتو جدا هو، رئيس الشريعت فوج سان شهر ۾ گهمندو هو. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو شريعت جي خلاف ڪم ڪندو هو، ته اُن کي قيد ۾ بند رکندا هئا. بخارا شريف جي مساجد ۾ جدا هڪ دفتر هوندو هو. جنهن ۾ ماڻهن جي نالن جي فهرست موجود رهندي هئي. پس ڪو به ماڻهو فرض الاهي بجاءِ آڻڻ کان ڪوتاهي ڪندو هو ته پهريون گهمرو کيس معافي ڏيندا هئا. پر ٻئي گهمري کيس قيد جي سزا ملندي هئي. اهڙي ريت نشيدار شين جي واپرائڻ واري کي به سزا ملندي هئي. باقي چورن ۽ ٻين مجرمن کي حڪومت جي طرفان سزائون ملنديون هيون. زڪوات ڏيڻ مومنن تي فرض هو، غريبن کي حال سارو ڍلون ڏيڻيون پونديون هيون.  يهودين ۽ نصارن تي جزيهّ ڍل مقرر هئي. سلطان معصوم عياش ڪين هو، پر زاهد پارسا هو، محلات ۾ به سادگي هئي. سندس پوشاڪ سادي ۽ کاڌو سادو هو. سندس اهلڪار ۽ غلام به سادگي سان گذاريندا هئا. سندس خرچ سان 30،000 طالب علم بخارا شريف جي مڪتبن ۾ توحيد باريءَ جي تعليم وٺندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سندس اهلڪار طلائي پوشاڪن سان سلطان جي دسترخوان تي اچي ويهندا هئا، پر سلطان کٿو ويڙهي ساڻن گڏ ويهندو هو ۽ سندس تنبو به سادا هئا. کيس نفس تي قناعت هئي. هر وقت درويشن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. قوقندجو والي امير عالم خان، جنهن 30 ورهين تائين بخارا کي بيروني حملن کان بچايو، تنهن 1202 هه ۾ وفات ڪئي.

سلطان سيّد حيدر طور

سن 1218هه مطابق سن 1803ع ۾ سلطان معصوم جو فرزند شهزادو حيدر طور بخارا جي تخت تي ويٺو ۽ پيءُ وانگر حليم طبع ۽ درويش مزاج هو. سندس ڀاءُ شهزادي نصيرالدين ساڻس جنگ ڪئي، جو پيءُ جي جيئري مروّ جو والي هو. هو ڪامياب ٿي نه سگهيو. آخر ايران جي شاهه فتح علي قاچار وٽ پناهه ورتائين. کانئس مدد به گهريائين، پر هن نه ڏنس. سلطان سيد حيدر طور بلڪل زاهد پارسا هو چون ٿا ته جڏهن بخارا شريف جي ڳلين مان لنگهندو هو، سندس مٿو هيٺ جهڪيل هوندو هو. غازي شاهه زمان، جو هن وقت اکين کان سڄو هو ۽ سندس درٻار ۾ پناهه ورتي هئائين، تنهن جي ڌيءَ سان، جا بلڪل حسين ۽ جميله هئي، زوريءَ نڪاح وڌائين. البته هن فعل جي ڪري سندس پاڪدامنيءَ تي ٽُڪو لڳو. پر عشق جو خانو آباد ٿي کانئس ڪو بچي ڪين سگهيو. ڇا شاهه ڇا گدا مطلب ته جنهن تي سايو ڪيائين، سو بدنام ٿيو.

اَمير نصرالله خان

سن 1242هه مطابق سن 1826ع ۾ سيّد حيدر طور جي مُئي کانپوءِ سندس فرزند امير نصرالله خان بخارا جي تخت تي ويٺو، جو پيءُ جي جيئري قارشيءَ جو حاڪم هو. اميرنمان حڪيم بائي ۽ مومن بائي، جي حصار جا حاڪم هئا، تن پهريون سلطان حيدر طور جي وڏي پٽ شهزادي امير سيّد حسين جي طرفداري ڪئي، پر پوءِ کيس قتل ڪري شهزادي نصرالله خان جا مددگار ٿي بيٺا. سيّد حسين جنهن 3 مهينا حڪومت ڪئي، ته اميرن کيس زهر ڏيئي شهيد ڪيو، سلطان جي ٽين پٽ عمر خان قارشيءَ جي قاضيءَ اڳيان ڀاءُ جي بيگناهه خون لاءِ درخواست ڪئي. پر شهزادي نصرالله خان سمرقند، قطي ۽ ڪرمينيانه تي ڪاهي ماڻهن کي دٻايو. هن پوءِ چاليهن ڏينهن تائين بخارا تي ڪاهه ڪئي ۽ شهر جو پاڻي بند ڪيائين. جنهنڪري ماڻهن لاچار سندس آڻ مڃي. 22 مارچ سن 1826ع ۾ نصرالله خان جي تاجپوشي جو جلسو رغستان جي محلات م ٿيو. شهزادو عمر جان پنهنجي جان بچائي قوقند جي امير وٽ وڃي پناهه ورتي، جنهن سندس گهڻي خاطرداري ڪئي، آخراُتي وفات ڪيائين. جڏهن نصرالله خان ڀائرن جي فسادن کان واندو ٿيو، تڏهن رعيت جي ڀلي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن 34 ورهيه بخارا تي حڪومت ڪئي. ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس جنهن اُن زماني ۾ بخارا جو سير ڪيو، سو لکي ٿو ته هي سلطان بلڪل بي ريا ۽ انصاف پرست هو.(1) امير حڪيم بائي جنهن سلطان کي تخت هٿ ڪرڻ مهل مدد ڏني هئي. سو هن وقت وڏي رتبي تي هو. تنهن گهڻو زور ورتو. هو وڏيءَ ملڪيت جو صاحب بنجي پيو. هڪ هزار غلام هر وقت سندس خدمت ۾ رهندا هئا. خود سلطان کي اچي منجهانئس خوف جاڳيو، آخر ڪنهن بهاني سان کيس قيد ڪري نظربند رکيائين. سندس سهرو اياز بائي جو توپخاني جو اعلى آفيسر هو، تنهن کي به قيد ڪيائين، سن 1840ع ۾ ٻنهي کي مارائي ڇڏيائين.

بخارا ۾ بدامني

اهل بخارا وارن کي اچي سلطان مان خوف جاڳيو، جن کي دٻائڻ لاءِ هن مشهور ڌاڙيل (معصوم برديءَ) کي پوليس جو اعلى عملدار مقرر ڪيو، جنهن ماڻهن کي گهڻو ستايو، پر بخارا ۾ جيڪي به واپاري هئا تن کي ڦرڻ لڳو ۽ گهڻن کان ڳريون ڳريون رشوتون وٺڻ لڳو. وڏن وڏن اميرن جي ڇوڪرين کي هٿ ڪرڻ لاءِ ناپاڪ ارادن سان مٿن ڳريون تهمتون مڙهي کين گرفتار ڪرڻ لڳو. بخارا شريف، جو اڳ قوتِ اسلام سڏبو هو، سو هينئر دوزخ بنجي پيو. هتي جا وڏا وڏا علماء، جي وقت جي بادشاهن جي خلاف به فتوائون ڏيندا هئا، سي هينئر خوف کان ڪجهه به نه ڪري پئي سگهيا. ڪي ته سياهه چاهه تهخانن ۾ سڙي ڳري ويا ۽ ڪي ته نمرودي آتش ڪوهن ۾ جيئري ساڙايا ويا.

ترڪستان تي روس جو قبضو

يورپ جي حريص سلطنتن، جن اسلامي دولتن کي لُٽي مزو چکي ڏٺو هو، تن بخارا ۾ بدامني ڏسي آخر اچي ترڪستان جا به در کڙڪايا. پيٽراعظم Peter The Great روس جو اُهو زار هو، جنهن روسين کي اسلامي سلطنتن جي خلاف دعوت ڏيئي هڪڙي مرڪز تي آڻي بيهاريو هو. هن وقت يورپ جون مغربي مسيحي طاقتون جيئن بيروني فتوحات جي ڪمن ۾ رُڌل هيون، تيئن مشرقي يورپ ۾ روس اُها  طاقت هئي جنهن جون يورپ ۾ قسطنطنيه ۽ ايشيا ۾ بخارا تي اکيون کُتل هيون. روسي هن وقت سير درياهه تائين اچي پهتا هئا. ٻئي طرف انگريز هندوستان تي قبضو ڪري ڪابل جي پهاڙين کي ٽپڻ جي ڪوششن ۾ هو. اهڙيءَ ريت افغانستان، ترڪستان ۽ ترڪيءَ جون اسلامي سلطنتون هن وقت گهڻي مشڪلات ۾ ڦاٿل هيون. مصر ۽ آفريقا جي اسلامي سلطنتن تي جيڪي عيسائين قهر جون بجليون وسايون، سي تاريخ جا رموزدان چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا.

قوقند جي امير محمد علي خان جنهن چيني ترڪستان ۾ گهڻي فتوحات ڪئي هئي، تنهن سان نصرالله خان جي عداوت پئجي ويئي. عبدالصمد خان ايراني، جنهن يورپي تعليم حاصل ڪئي هئي، سو بخارا ۾ هن وقت قسمت آزمائي ڪرڻ آيو هو، تنهن کي نصرالله خان فوجن جون نائب مقرر ڪيو. جنهن اُزبڪن کي فوجي تعليم ڏني. سن 1839ع ۾ هن قوقند تي ڪاهه ڪئي. سن 1841ع ۾ امير محمد علي خان ٻيهر بخارا تي ڪاهه ڪئي. پهريون ازبڪن شڪست کاڌي، پر ٻي جنگ ۾ محمد علي خان جي هار ٿي. امير نصرالله خان جنهن وٽ هن وقت به 30،000سوار فوج 1000 سرباز ۽ 100000 ترڪماني پيادل فوج هئي، تن سان هن قوقند تي ڪاهه ڪئي. امير محمد علي جو تخت ڇڏي ڀڳو، سو قيد ٿي ويو.ساڻس گڏ سندس ڀاءُ ٻه پٽ ۽ زال، جا حاملا هئي، سي سڀ مارجي ويا. تنهن کانسواءِ قوقند جا گهڻائي ماڻهو رئيس امير مارجي ويا.

سلطان پنهنجي امير ابراهيم بي مروّي کي قوقند جي حڪومت حوالي ڪري مال ۽ خزانن سميت لُٽي بخارا ڏانهن موٽيو پر امير ابراهيم گهڻووقت قوقند ۾ رهي نه سگهيو. ڇاڪاڻ جوڪپشاق قوم وارن امير شير علي کي قوقند جو حاڪم مقرر ڪيو. هن وقت روسين جي سرگرمين ڪري گهڻن ئي ترڪمانن خوف کان اچي بخارا ۾ پناهه ورتي، پر هتي جي حاڪمن مٿن ڳريون ڍلون وڌيون جنهن ظلم ڪري هو ٻنهي جي خلاف ٿي بيٺا. روسي جرنيل پروسڪي جي سرپرستي هيٺ سن 1855ع ۾ الله قلي خان ۽ رحيم قلي خان ۽ محمد امين خان يڪي بعد ديگر خيوا تي حڪومت ڪئي. تن سان سلطان نصرالله خان جي عداوت پئي. جيتوڻيڪ ڌاريا دشمن سندن دروازي تي بيٺل هئا. هوڏانهن وري شاهه عباس مرزا ايران جي شاهه سان به سندس خصومت هئي. افغانن سکن جي راجا رنجيت سنگهه هٿان نوشهره جي جنگ ۾ شڪست کاڌي. ايرانين ٽن طرفن کان هرات تي ڪاهه ڪئي، اهڙين وارداتن جي نمودار ٿيڻ ڪري برطانيه ۽ روس گهڻو فائدو ورتو. سڀ کان پهريون روسين بخارا جي سلطان سان تجارتي عهدنامو ڪيو، سن 1820ع ۾ روسي وفد پهريون گهمرو ايم نيگري M.Negri جي سرپرستيءَ هيٺ بخارا ۾ وارد ٿيو. ايم بئرن جي مينڊراف پهريون مشير هو، جنهن روسي حڪومت کي بخارا جي خلاف چوريو. روسي حڪومت پهريون حدبنديءَ جي باري ۾ سياسي گرفتو ڇيڙيو. پر بخارا جي خانات طاقتور هئي، تنهنڪري هو پهريون ننڍن ننڍن رياستن کي ڳڙڪائڻ لڳو. سن 1832ع ۾ انگريزن جي طرفان اليگزينڊر برنس بخارا ۾ آيو، ٻئي طرف زار نڪالس اسلام جي دشمن سلطان تي زور وڌو. سلطان زار کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجو سفير سوغاتن سميت سينٽ پيٽرس برگ ڏانهن روانو ڪيو. زار روس ڪي پنهنجا عملدار سلطاني فوجن کي فوجي تعليم سيکارڻ لاءِ روانا ڪيا، پر سلطان جي اها مرضي نه هئي ته ڪو ڌاريا سندس فوجن ۾ دخل ٿين. هوڏانهن وري انگريزن، جن ڪابل تي گهيرو ڪيو هو، تن امير دوست محمد خان کي ڪابل کان ڀڄائي ڪڍيو. جنهن اچي سلطان وٽ پناهه ورتي. انگريز ۽ افغانين جي جنگين مان فائدي وٺڻ لاءِ روس جي زار سن 1840ع ۾ ميجر بيٽونيف Butenieff کي بخارا ڏياري موڪليو جنهن سلطان کي تصديق ڏني ته روس اسلام جو دوست آهي جيئن ته:

جڏهن مصر جي والي محمد علي پاشا بابعاليءَ جي خلاف فوج ڪشي ڪئي هئي، تڏهن سلطان محمود خان ثاني جي مدد لاءِ روسين جو ٻيڙو قسطنطنيه جي بچاءَ لاءِ باسفورس ڏانهن روانو ڪيو ويو هو.

ٻئي طرف زار ايران جي شاهه کي سبز باغ ڏيکارڻ لڳو ته متان برطانيه سياسي دنگل گاهه ۾ گوءِ کڻي نه وڃي. سلطان روسي وفد کي تسلي ڏني ته روسين جا تجارتي حقوق بخارا ۾ هر طرح سان محفوظ رهندا. انگريزن هن وقت پنجاب سکن کان کٽيو ۽ افغانين کان شڪست ڏنائون، پر روس جي سرگرمي وسط ايشيا ۾ ڏسي هنن سن 1838ع ۾ هڪڙو وفد ڪرنل سٽاڊرٽ Stoddart جي هٿ هيٺ بخارا ڏانهن روانو ڪيو. ٻئي طرف کان برطاني سفير مقيم طهران به سلطان کي سبز باغ ڏيکارڻ لڳو، ته انگريزن جو افغانستان سان جنگين جو رڳو اهو مطلب آهي ته بخارا جي حڪومت جو انگريزن سان دوستي جو رستو صاف ٿئي! برطانيا ۽ روس جي ڪشمڪش جي ڪري سلطان ٻنهي طرفن کان اهڙو ته اچي ڦاٿو، جو حيران هو ته ڇا ڪجي؟ ڪرنل سٽاڊرٽ برطانوي وفد جو سرڪردو بلڪل مغرور انسان هو. بعض ڪن سياسي مسئلن تي سلطان سان گستاخيءَ سان پيش آيو، جنهنڪري سلطان قيد ۾ رکيس. 3 سيپٽمبر سن 1840ع ۾ ڪابل کان ٻيو انگريزي وفد ڪپتان آرٿر ڪانولي C.Arthar Conolly جي سرپرستي هيٺ بخارا روانو ٿيو. ٻئي طرف لنڊن جي سياسي ايوان (ڪورٽ آف جيمس) ۽ سينٽ پيٽرسبرگ جي شاهي ايوان (ڪورٽ آف نيوا) ۾ وسط ايشيا جي اسلامي سلطنتن جي متعلق ڊپلوميٽڪ خط و ڪتابت جاري رهي. ڪپتان آرٿر به سلطان هٿان قيد ٿيو. 17 جون سن 1842ع ۾ انگريزن جا وفد سلطاني فرمان موجب کلئي ميدان ۾ مارجي ويا. شهزادي مظفرالدين جي به سلطان سان عداوت پئجي ويئي. 14 مارچ سن 1868ع ۾ روسين سمرقند تي ڪاهه ڪئي ۽ سوڀ پاتائون. هن وقت اليگزينڊر ثاني روس جو زار هو. سن 1870ع ۾ وسط ايشيا جا سمورا علائقا روسين جي قبضي هيٺ اچي ويا. سلطان مظفرالدين ترڪستان جو پويون بادشاهه هو جنهن جي ڏينهن ۾ روسين ملڪ تي قبضو ڪيو. سن 1914ع ۾ روس جڏهن يورپ جي جنگ عظيم ۾ شامل ٿيو تڏهن هن جرمنيءَ کان شڪست کاڌي. هن شڪست جي ڪري لينن جي سرپرستيءَ هيٺ بالشويڪ تحريڪ روس ۾ زور ورتو. سن 1918ع ۾ زار روس قتل ٿي ويو. روسي شهنشاهن جو تختو انقلاب ڦيري ڇڏيو. ۽ (سويت بالشويڪ) حڪومت جو بنياد پيو. نئين حڪومت جي تحريڪ سان يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، ڪرغستان ۽ وسط ايشيا جون سموريون رياستون جمهوريت جي لحاظ سان آزاد ٿي ويون. فقط سندن سياسي خارجي تعلقات ماسڪو جي حڪومت جي نگاهه هيٺ آيا.

قیصر پرانی وضع کے گرمٹ گئے تو کیا،

اُن کی جگہ نئے نئے فغفور آگئے۔

مهاڀارت جو زمانو

آريه لوڪ جڏهن وچ ايشيا کان لڏي هندوستان ۾ آيا، تڏهن هنن هندوستان جي زمين کي برهم ورت يا ديوتائن جو گهر ڪري ڪوٺيو. سندن پراڻو ڪتاب رگ ويد آهي، تنهن مان سڌ پئجي ٿي سگهي ته هو سج، اِندر ۽ اگني جي پوڄا ڪندا هئا. عيسوي سن کان 1500 ورهيه جي ڳالهه آهي ته هنن اِندر ديوتا جي نالي تي جمنا جي مٿئين ڪپ تي اِندر پرست جو مکيه شهر ٻَڌو، جو پوءِ دهليءَ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. گنگانديءَ جي مٿئين پاسي سٺ کن ميل پري اُنهن ٻيو شهر اڏيو جو هستيناپور جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هنن پوءِ آگرو، ڪامپيليا (قنوج) جا شهر ٻڌا. وري جتي گنگا ۽ جمنا نديون گڏجن ٿيون اُتي هنن (پرياگ) جو وڏو شهر ٻڌو جو پوءِ دور اسلام ۾ (الله آباد) سڏجڻ ۾ آيو. اسان کي برهمڻ وياس جي شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هستيناپور جي آريه قوم ڪَوَرَوَ ۽ ڪامپيليا جي رهندڙ قوم پنچال جي وچ ۾ وڏي يڌ لڳي. هستيناپور جي راجا ڌر تراشتر پنهنجو راڄ ننڍي ڀاءُ پانڊوءَ کي ڏنو. ڌر تراشتر کي هڪ سو پٽ هئا منجهن مکيه دُريو ڌن هو. پانڊوءَ کي 5 پٽ هئا، تن ۾ مکيه يڌشتر، ڀيم ۽ ارجن نالي هئا.

دروپدي جي چشم فسون گرجا ڪارناما آريه ويرن جي طاقت جو گهٽجڻ

ڪامپيليا جي رهندڙ پنچال قوم جي راجا جو نالو دروپد هو، کيس هڪ سوڀياوان ڪنيا دروپدي نالي هئي. انهن ڏينهن ۾ اهو رواج هوندو هو ته راجائن جون ڪنيائون پاڻ لاءِ ور پاڻ ڳولي لهنديون هيون. اهڙيءَ رسم کي (سُيَموَرَ) سڏبو هو. شهزادي دروپدي جي مرضي هئي ته آءٌ انهيءَ راج ڪنور سان پرڻبيس جو پڻس جي ڳوريءَ ڪمان سان تير چُٽيندو. گهڻن راج ڪنورن ڪوروَن سميت جتن ڪيا پر سڀ گُٿا. نيٺ ارجن، جو ڀائرن سان گڏجي ڪامپيليا ۾ آيو هو. اُن ڌنش موڙيو ۽ نشان چٽيو. انهيءَ ڪري دروپدي ساڻس ۽ ساڳئي وقت ٻين چئن ڀائرن سان پرڻي.

قماربازيءَ جي ڪري ڪروڪشيتر جي يڌ

پنچال قوم جو ٻلوان راجا جڏهن پانڊوَن جو سهرو ٿيو، تڏهن ڪوروَن هستيناپور ديس جو اڌ کڻي پنهنجي سؤٽن کي ڏنو. پانڊوَن هتي اِندر پرست نگر (دهلي) جو پايو وڌو. ڪَورُ سانت ۾ رهي نه سگهيا. هنن سؤٽن کي ڪوٺي وڏي جوابازي ۾ ڦاسايو ۽ ٻيو جيڪي هون سو ته سڀ بي واجبي اُنهن کان کٽيائون، پر سندن راڄ ۽ رڳڻو سندن استري دروپدي به کَٽي ويا. پوءِ ته اُنهن سؤٽن جي ٻنهي ڪٽنبن ۾ اچي موت مار يڌ (جنگ) لڳي. دوارڪا جي راجا ڪرشن، جنهن کي پوءِ هندو ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا، سو پانڊوَن جو مددگار هو. (ڪروڪشينز) هاڻوڪي پاڻي پٽ جي ميدان ۾ 18 ڏينهن ساندهه جنگ لڳي، ڪوروَ جي هارٿي ۽ پانڊوَن هستناپور جو راڄ ورتو.

رامائڻ جو زمانو

عيسوي سن کان اڳي 1200 کان وٺي عيسوي سن کان 1000 ورهيه اڳ آريه لوڪن جو جدا جدا سردارن هيٺ بيٺڪون هيون. ڀارتن ۽ پنچالن کانسواءِ اَيوڌيا ۾ ڪوسل قوم به رهندي هئي. ترهوت جي رهاڪن کي وديها سندن مکيه شهر ۽ مٿيلا هوڪاسي وارن جو مکيه شهر ڪاشي (بنارس) هو، جو هندن جو سڀني کان وڏو بت خانو آهي. رامائڻ جو بيان والميڪي، وياس ۽ تلسي داس جي ڪتابن مان پڌرو آهي. اَيوڌيا جي راجا ڌسترٿ کي ٻه راڻيون ڪوشلا ۽ ڪيڪئي نالي هيون. ڪوشلا مکيه راڻي هئي، جنهن کي رام نالي پٽ هو، جو تخت لاءِ وارث هو، پر ٻڍي راجا جي دل پنهنجي ننڍي سهڻي زال ڪيڪيءَ سان هئي. ڪيڪيءَ جي مرضي هئي ته سندس پٽ ڀرٿ کي راڄ ملي. راجا جي ٽئين پٽ جو نالو لڪشمڻ هو جو ٻيءَ زال مان هوس. مٿيلا جي راجا جنگ کي سيتا نالي سوڀياوان ڌيءَ هئي، جا رام ڌنش موڙي سُيمَوَرُ جي موقعي تي کٽي ۽ ساڻس شادي ڪيائين.آخر ڀرٿ ايوڌيا جي تخت تي ويٺو. رام – لڪشمڻ ۽ سيتا وڃي بن ۾ رهڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن جڏهن ٻئي ڀائر شڪار تي ويل هئا، تڏهن لنڪا جي راجا راوڻ سيتاجي حسن جي هاڪ ٻُڌي جهنگ ۾ آيو ۽ سيتا کي لنڪا کڻي ويو. آخر رام اُلهندي گهاٽن جي رهندڙ باندرن جي راجا سگريوَ جي سپه سالار هنومان جي مدد سان راوڻ کي جيتي سيتا وٺي آيا ۽ پوءِ گهڻن ورهين تائين ايوڌيا تي راڄ ڪيائين، هندو هن کي ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا.


(1)  150 ورهيه پوءِ جڏهن نادر شاهه افشار ايران جي تخت تي ويٺو، تنهن سُنن ۽ شيعن جي دشمنئ کي گهٽائڻ لاءِ بغداد شريف ۾ هڪ وڏي مجلس ڪوٺائي، جتي ٻنهي فرقن جي علمائن کي دعوت ڏنائين. ڇاڪاڻ جو پاڻ سني هو، پر نتيجو اِهو نڪتو جو اُٽلندو دشمني وڌي ويئي. خود نادر شاهه به اُنهن فسادن جي ڪري مارجي ويو.

(1)  اَشتراخان جو علائقو يورل جبل جي شروعات کان وٺي بحيره خضر جي اُتر تائين پورو ٿئي ٿو. هن علائقي جو تختگاهه اشتراخان آهي، جو ولگا جي ڊيلٽا وٽ بحيره خضر جي اُتر ۾ بندرگاهه آهي.

(1)  مٿيون خط ترڪي زبان ۾ لکيل هو ۽ سلطان جي مير منشي فريدون بي سلطان جي حڪم موجب لکيو هو. فريدون بي سلطان مراد ثالث جو مير منشي هو. هن ترڪئ جي سلاطين جي شاهي خط و ڪتابت بابت هڪڙو ڪتاب جوڙيو، جو قسطنطنيه  جي شاهي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. مٿئين ڪتاب ۾ اٽڪل 18000 خطوط موجود آهن.

(1)  تاريخ بخارا آر مينوس ۽ ويمبيري جي جڙيل.

(1)  تاريخ ايران از مالڪولم “History of Persia By Molcolm

(1)  سياحت نامو جڙيل اليگزينڊر برنس جو، سن 1834ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو.

The travelles in Bokhara By Alexandar Burns

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org