سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:28 

پڙهندڙن کي خبر هئڻ گهرجي، ته حضرت مير معصوم بکري ڪير هو؟ مٿيون بزرگ سيد خاندان مان هو، جي اصل ترمز بخارا شريف جا رهاڪو هئا. کانئس  ٻه پيڙهيون اڳ سندس وڏا اچي قنڌار ۾ ويٺا. سندس والد شريف بکر ۾ رهندو هو. تاريخ طبقات جو مصنف مرزا نظام الدين احمد تنهنجي معرفت مير موصوف شاهه اڪبر سان ملاقات ٿي، قدرت جي جوهري کيس دو صد ۽ پنجاس جي منصبي عطا ڪئي. مير جي قابليت ستت شهنشاهه کي معلوم ٿي، جيئن ته 1012هه مطابق سن 1603ع ۾ شهنشاهه جي پاران تهران جي درٻار ۾ بطور سفير جي روانو ڪيو ويو. سندس قابليت کان ايران جو شاهه عباس صفوي گهڻو راضي ٿيو. مير موصوف نه رڳو مؤرخ هو، پر پنهنجي وقت جو شاعر به هو سندس تخلص (نامي) هو. (نوٽ سنڌ جي تاريخن مان پهريون 613هه (1217)ع ۾ علي بن ابوبڪر ڪوفي جو اُچ ۾ اچي رهيو جو پوءِ بکر ۽ الور ۾ رهيو هو، تنهن قاضي اسمٰعيل بن علي بن موسى بن طائي جي مدد سان پهريون سنڌ جي تاريخ جوڙي جا پوءِ چچ نامه جي نالي سان پڌري ٿي. تنهن کانپوءِ سنڌ جي تاريخ مير معصوم جوڙي، جا تاريخ معصومي جي نالي سان پڌري ٿي. مير موصوف اڪبر بادشاهه جي پاران امير خان خانا سان گڏ سنڌ جي جنگ ۾ شامل هو. سن 1613ع ۾ سيد طاهر نيساني بن سيد حسين ٺٽي واري سنڌ جي تاريخ طاهري لکي، وري 1187هه مطابق 1782ع ۾ سيد علي شير قانع، جو سيد مير شڪرالله شيرازي جي اولاد مان هو ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو هو، تنهن (تاريخ تحفةالڪرام)  لکي، ڏسو قديم سنڌ از شمس العلماء مرزا قليچ بيگ[

آمدم برسرِ مطلب ته مير موصوف عمارتسازي جو ڏاڍو شوقين هو. سندس جڙيل عمارتون ۽ مساجد، جي هندوستان، طبريز ۽ اصفهان ۾ آهن، سي عجيب ۽ غريب آهن. فتح پور جي دروازي کانسواءِ آگره جي قلعي تي به سندس نالو اُڪريل آهي. سنڌ ۾ جيڪا مشهور عمارت مير جوڙائي، سو سکر جو منارو آهي. جو 1007هه مطابق 1598ع ۾ تعمير ڪرايائين. اڄ به سندس نالي تي معصوم شاهه جو مناروڪري ليکجي ٿو، پر دراصل سندس نالو (گنبذ دريائي) آهي. سيد صاحب کي هونئن ته قنڌاري ڪري ليکين ٿا، ڇاڪاڻ جو سندس وڏا سيد شرين بابا حسن ابدال رحه سبز اوري قنڌاري هو. پر سيد جو والد  سيد صفا بکر ۾ اچي رهيو هو. سيد موصوف وقت جو سخي ٿي گذريو. 1014هه مطابق 1605ع ۾ وفات ڪيائين. مرڻ مهل به 40 لک رپيا نقد پنهنجي پٽ مير بزرگ لاءِ ڇڏي ويو.

دين الهى ۽ سن الهى وقت جي علمائن جي فتوى

شهنشاهه اڻ پڙهيل هو. سلطنت جا ديواني ۽ فوجداري کاتا قاضين ۽ مفتين جي حوالي هئا. جن کي شرعي لحاظ سان اختياريون مليل هيون. خدا پرستي ۽ حق جوئي هئي. اهڙي عالي حوصله شهنشاهه جي ڏينهن ۾ جيڪي حرڪتون دين جي دوڪاندارن ڪيون، ايتريقدر جو هر فرقي وارن جو اچي پاڻ ۾ فساد جاڳيو. بادشاهه جي دل به کانئن اچي بيزار ٿي. قاضي علي بغدادي جو ملا حسين جو پوٽو ۽ ڪشمير جو ڪو وقت ديوان به هو، سو صدرالصدور جي درجي کي پهتو، پر سندس ٽپڙ ستت ظاهر ٿيا ۽ مسند تان لاٿو ويو. ملن ۽ مشائخن  جو اهڙو ته اچي مان ٿيو جو طرح طرح جون فتوائون سانچن ۾ گهڙڻ لڳا، ڇونه ڪن ڪمر تي اشرفين جون جوهماڻيون ٻڌل هين! وري انصاف ته ڏسو جو جڏهن بادشاهه ڪنهن جنگ تي نڪرندو هو، ته هو فسادين وانگر طرح طرح جون فتوائون شايع ڪندا هئا. ملا محمد يزدي جو ولايت جونپور ۾ قاضي القضاة هو، تنهن جي فتوى جون سندون جڏهن ملڪ ۾ ڇپجي ورهاجي ويون تڏهن پراڻا پراڻا مغل اهلڪار به بدظن ٿي ويا ۽ بنگال ۾ فساد پئجي ويو. ملن به فتوى ڏني ته اجهو ٿي بادشاهي چٽ ٿئي! ڇاڪاڻ جو بادشاهه اسانجي روزگار ۾ هٿ وڌو آهي. ملن کي جڏهن سندن حوصلي کان وڌيڪ عزت ملڻ لڳي ۽ جڏهن تر لقما ۽ شربت جا پيالا پيئڻ لاءِ ملڻ لڳا، تڏهن سندن گردن جون رڳون ٿلهيون ٿينديون ويون ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. آخر شهنشاهه حڪم ڏنو ته جيڪو شور ڪندو تنهن کي ڪڍي ڦٽي ڪبو. پر بادشاهه تڏهن به حق مطلق جو سچو طالب هو. هو هر هڪ امر ۽ هر هڪ طبقي کي معلوم ڪرڻ لاءِ علمائن کي سڏائيندو هو. هو بي علم هو پر سمجهه وارو هو، ڪنهن به فرقي واري کي مجال نه هئي. جو پنهنجي مذهب ڏانهن کيس آڻي سگهي. هو سندن روايتون ٻڌندو هو، پر سندس پاڪ نيتي ۽ نيڪ اعتقادي ۾ فرق نه پيو. اڪثر حج جي موقعي تي شاهي خرچ سان جيڪو حج تي وڃڻ گهرندو هو. تنهن کي موڪليندو هو. هڪڙي ڀيري هڪڙي خاندان جي بزرگ کي امير حج مقرر ڪري کيس 6 لک روپيا نقد 12 هزار خلعتون ۽ هزارن رپين جا تحفا مڪي معظمه جي شرفا ۽ غربا جي خيرات لاءِ روانا ڪيائين. پوءِ پاڻ به حاجين وانگر وار ڪوڙائي احرام ٻڌي ڪجهه وقت قافلي سان گڏجي هليو، عجيب نظارو هو. پوءِ  امير حج جا هٿ چمي فرمايائين، ته مان توکي وڪيل ڪري موڪليان ٿو. 984هه ۾ جهاز الهى ۾ حاجي سوار ٿيا، باقي شاهي بيگمون سليم نالي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿيا. مٿيان جهاز ترڪ سوداگرن جا هئا، جي گجرات ۽ سورت جي بندرن تي واپار ڪرڻ ايندا هئا. اهڙئ طرح 6 سال ساندهه حاجين جا قافلا روانا ٿيندا رهيا.

هن وقت تلوار پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي. فتوحات جو ڪم پورو ٿي چڪو هو. هينئر قلم کي عرق ريزي ڪرڻ جو وقت هو. درٻار ۾ اهڙا اعلماء اچي چڪا هئا، جو قدرت جا ڄڻ نسخا هئا، خوشامد انعامن جي لالچ ڪري اهڙا کڻي مسئلا تيار ڪيائون جو نئين اصلاح ۽ انتظام جا رستا کولي ويا. ابوالفضل ۽ ملافيضي جو نالو ته مفت ۾ بدنام آهي، ٻيا گهڻا ڪاريگر موجود هئا، جي وقت جا افلاطون ۽ ارسطو هئا! جيئن ته غازي خان بدخشي اها فتوى ڏني، ته بادشاهه کي سجدو ڪرڻ جائز آهي (نعوذبالله) ٻين به گهڻن اهڙن مسئلن تي حاشيا چاڙهيا ڪن چيو، ته حضرت آدم عليھ السلام کي فرشتن سجدو ڪيو. ڪن چيو ته حضرت يوسف عليھ السلام کي ڀائرن ۽ پيءُ سجدو ڪيو. آخر شطرنج بازن اها چال پکيڙي ته شاهي مهر تي الله اڪبر لکيو وڃي، سو بحال ٿيو. 997هه ۾ مٿيون نالو مهرن تي اُڪريو ويو. امام عادل اها فتوى ڏني ته جيئن خلفاء راشدين ۽ اڪثر اسلام جا سلاطين جمعي جي ڏينهن منبر تي چڙهي خطبو پڙهندا هئا تيئن بادشاهه به بيهي پڙهي.

حضرت شيخ سليمرحه فتح پور ۾ هڪڙي مسجد جوڙائي هئي. جنهن ۾ پاڻ 6 مهينا ويهي عبادت ڪئي هئائون. شهنشاهه 989هه ۾ وڌائي جامع مسجد ڪرائي، مٿس وڏي خرچ سان نقاش ڪاري جو ڪم ٿيل آهي “.

بقول علامه ابوالفضل ته جلوس اڪبري جي ڇويهين سال 986هه مطابق 1579ع ۾ جڏهن جمعي جي نماز مٿين مسجد ۾ ادا ڪئي ويئي، تڏهن لاچار شهنشاهه خطبي پڙهڻ لاءِ منبر تي چڙهيو ۽ ملا فيضي جو جڙيل بيت ڏڪندو ڏڪندو پڙهي هيٺ لٿو. وقت جي علمائن بادشاهه جي مذهبي جوش کي ڏسي کيس (امام عادل اميرالمومنين ابوالفتح جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه غازي) جو لقب ڏنو. مٿين فتوى تي مخدوم الملڪ مولانا عبدالله سلطان پوري، شيخ الاسلام شيخ عبدالنبي صدرالصدور، حڪيم الملڪ غازي خان بدخشي، حاجي ابراهيم سرهندي، قاضي القضاة، جلال الدين ملتاني ۽ صدر جهان مفتي اعظم شيخ مبارڪ صحيحون وڌيون. مٿين فتوى علامه بدايوني وٽ موجود هئي ۽ خان بهادر سيد عبدالطيف صاحب تاريخ آگره ۾ هن ريت ڏيکاري آهي.

جيئن اڳوڻا اسلام جا خليفا ۽ امام پاڻ خطبو پڙهندا هئا تيئن بقول علامه ابوالفضل ته گورگاني خاندان جي سلاطين جلال الدين محمد اڪبر اعظم، جو خدا جي فضل سان هندوستان جهڙي هفت اقليم جو شهنشاهه هو، اهڙئ ريت وقت جي علمائن رعايا جو بار به شهنشاهه جي ڪلهن تي رکيو، ته آئينده بادشاهه سلامت جمعي جي ڏينهن خطبو پڙهي. ان لاءِ ته رعيت جي دلين تي اهو به ظاهر ٿئي ته اسانجو بادشاهه عادل به وقت جو مجتهد آهي، اسين چئي چڪا آهيون، ته فتوى کانپوءِ پهرين جمادي اول 987هه ۾ شهنشاهه حافظ محمد امين جي زير نظر منبر تي چڙهي خطبو پڙهيو ۽ علامه شيخ ابوالفضل اهڙي نيڪ ساعت هڪ بيت ڏنو، جنهن مان سندس حسن عقيدت جي خبر پئجي سگهي ٿي تنهن کانسواءِ پڻ اهو به ظاهر ٿي سگهي ٿو ته هن انصاف پرست شهنشاهه لاءِ سندس اُمرائن کي ڪيتري قدر محبت ۽ عزت هئي.

اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻي حاجي ابراهيم سرهندي هڪڙو پراڻو اُڏوهي کاڌل قلمي ڪتاب بادشاهه اڳيان رکيو، جو شيخ شير عرب جي هٿن جو لکيل هو. اُن ۾ ڏيکاريل هو ته صاحبِ زمان کي اجازت آهي ته گهڻيون زالون رکي ۽ ڏاڙهي ڪوڙائي! اهڙن ڳالهين جي ڪري اهڙي باجبروت شهنشاهه کي ڪائي ميار ڏيئي نه ٿي سگهجي، پر اهڙن سمورين فتوائن لاءِ اُهي ملان سڳورائي جوابدار رهي سگهن ٿا، جن انعامن جي لالچ تي الائي ڇا ڪري ڏيکاريو، نه رڳو ايترو ڪيائون پر اڳتي هلي هيڏانهن هوڏانهن جون عراق عرب ۽ عجم مان فتوائون گڏ ڪري ڏيکاريائون ته 999هه ۾ هڪڙو شخص اِمام مهدي پيدا ٿيندو، سو اسلام جي 72 فرقن کي گڏي ڇڏيندو، سو غالباً شهنشاهه اڪبر آهي! وري غضب ته ڏسو جو هڪڙو عالم مڪي معظمه کان آيو، تنهن شريف مڪي جو جڙيل ڪتاب آندو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو، ته شهنشاهه اڪبر مهدئ آخر زمان آهي! ڀلا ڪيئن نه چئي لکين رپيا جو کيس سال بسال درٻار اڪبري کان ملندا هئا. نيڪ نيت دريا دل بادشاهه حق جو طالب هو، سڀ ڪجهه ويهي مزي سان ڏسندو هو. پارسي آتش پرست گجرات کان آيا ۽ زردشتي دين جا ڪتاب به ساڻ آندائون. شهنشاهه سندن تعظيم ڪئي جلوس اڪبري جي 25 سال هڪڙو آتشڪده ٺهرايائين ۽ باهه ٻاريائين. پاڻ به سجدو ڪيائين، چيائين ته ”هي به نور الهى آهي“. پارسين کي جاگيرون ڏيئي مالا مال ڪري ڇڏيائين. منجهانئن ڪن وٽ اڃا سوڌو شاهي سندون موجود آهن مولوي محمد حسين صاحب درٻار اڪبري جي 45 سال پادري فرابتون FARABATUN گووا GOA جي بندر کان آيو. ساڻس گڏ اَرمني ۽ حبشي به هئا، جن پنهنجي ملڪن جون شهنشاهه لاءِ سوکڙيون آنديون. پادر ڪي يوناني ڪتاب شهنشاهه عاليجاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيا، جن جو عربي ۽ فارسئ ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ صبح شام ناقوس وڄائڻ لڳا. شيخ قطب الدين جاليسرئ کي جو جوش آيو، سو کڻي وڏي باهه ٻاريائين، ۽ سرِ ميدان نڪري پادرين کي چيائين ته جيڪڏهن نصرانيت توهانجي نظر ۾ حقيقي مذهب آهي، ته اُٿوهن باه مان لنگهي ڏيکاريو يا ته مان ٿو لنگهي ڏيکاريان! پر فياض فطرت جي مصور شهنشاهه کيس دم دلاسا ڏيئي روڪيس، نه ته شيخ وجد ۾ اچي شايد پادرين کي ساڙي ڇڏي ها! ساڳي وقت جين ڌرم جا مهنت به اچي نڪتا. جي پنهنجي ڌرم جا ڪتاب شهنشاهه کي پڙهي ٻڌائيندا هئا. شهنشاهه غور سان ويهي ٻڌندو هو، آمدم برسرِ مطلب ته هڪڙي طرف مئي عرفان جو جام هلندو هو، ته ٻئي طرف توحيد ۽ معرفت جو درياهه موجن ۾ ايندو هو. اهڙي دستور جڏهن بادهء معرفت کان ساقي پيالو ڀريندو هو .

روزمره معرفت ۽ عرفان جي محفلن ۽ خوش الحان قوالن جي معرفت جي نغمن هڪڙي طرف کان ۽ ساڌو سناسين جي محفلن ۾ چشم فسون گر آخر اهڙو اثر ڏيکاريو جو نئون طريقو نئين ساز ۽ سامان سان پيدا ٿيو. هن فرقي کي توحيد الهى ۽ اڪبر شاهي سڏڻ لڳا، شهنشاهه پاڻ هن فرقي جو باني ۽ شيخ ابوالفضل سندس خليفو ٿيو. شهنشاهه جي دل کي خوش رکڻ لاءِ گهڻائي خوشامدي اچي سندس مريد ٿيا پر ڪي درٻاري امير به نالي طور شامل ٿيا، جن جا نالا هن ريت هئا.

(1)

شيخ ابوالفضل

(9)

صوفي احمد

(2)

ملڪ الشعراء ملا فيضي

(10)

مير شريف املي

(3)

صدر جهان مفتي ڪل ممالڪ هندوستان شيخ مبارڪ ناگوري (يمني)

(11)

سلطان خواجه صدر

(4)

مؤرخ جعفر بيگ

(12)

حاڪم سنڌ مرزا جاني بيگ شاعر و منصبدار

(5)

ڪابلي شاعر قاسم

(13)

نقي شوستري شاعر و منصبدار

(6)

مصّور عبدالصمد

(14)

شيخ زاده گوساله بنارسي

(7)

ڪوڪه خان اعظم خان

(15)

مهيشداس بيربل

(8)

مؤرخ ملا شاهه محمد

 

 

فتح پور جي درٻار جو دٻدٻو

مرزا نظام احمد پنهنجي تاريخ طبقات ۾ فتح پور جي شاهي دٻدٻي جو ذڪر هن ريت ڏيئي ٿو، هن مان پڙهندڙن کي خبر پئجي سگهندي ته فتح پور سيڪرئ ۾ اڪبري درٻار جو ڪهڙو نظارو هو.طبقات اڪبري ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته هڪڙي ڀيري جڏهن سلطان مرزا سليمان بدخشان جو والي شهنشاهه جي ملاقات ڪرڻ لاءِ فتح پور آيو تڏهن 5 ڪوهن جي مفاصلي تائين مٿئين حاڪم جي استقبال جو بندوبست  هن ريت ڪيو ويو. شهنشاهه پاڻ استقبال لاءِ ويو ڇاڪاڻ جو مرزا سليمان به ابو سعيد مرزا جو پوٽو هو ۽ امير تيمور جي ڇهين پيڙهئ مان هو، ماهه رجب المرجب 983هه مطابق 1575ع ۾ جڏهن شاهي سواري استقبال لاءِ نڪتي، تڏهن 5 هزار هاٿي زري زربفت ۽ مخملي پوشن سان سون ۽ چانديءَ جي زنجيرن سان آويزان رستي جي ٻنهين پاسن کان قطار ۾ بيهاريا ويا ٻن ٻن هاٿين کانپوءِ چيتن جون گاڏيون بيهاريو ويون. اُنهن چيتن جي ڳچين ۾ سونا روپا طوق پيل هئا ۽ مٿن بوقلموني ريشمي جهول پيل هئا. جڏهن شاهي سواري ويجهو پهتي تڏهن مرزا شهنشاهه کي ڏسي پنهنجي سامونڊي گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ شهنشاهه به مرزا کي ڏسي هيٺ لٿو ۽ ڊوڙ پائي مرزا کي وڃي بغلگير ٿيو. ايتري عزت هفت ڪشور جي شهنشاهه مرزا کي ان ڪري ڏني جو هو عمر رسيد هو. تنهن کانپوءِ مرزا کي پنهنجي ساڄي پاسي کان سوار ڪري تختگاه ڏانهن موٽيو. رستي تي ساڻس خير عافيت بابت گفتگو ڪندو هليو. جڏهن محلات ۾ پهتا تڏهن شهنشاهه پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريائينس. ننڍا شهزادا ۽ شهزاديون اچي مرزا کي گڏيا. تنهن کان پوءِ محلات جي هڪڙي خاص ڪمري ۾ سندس رهائش جو بندوبست ڪيو ويو. شهنشاهه جو جيڪو خاص خواب گاهه هو، اُتي مرزا آرام ورتو، جو ڪمرو 15 فٽ چورس هو.

ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن مرزا پنهنجي وطن ڏانهن راهي ٿيو، تڏهن شهنشاهه جهان خان پنجاب جي صوبيدار کي فرمان ڏنو ته 5 هزار سوارن جي فوج مرزا جي هم رقاب رهي، کيس بدخشان جي سرحد تائين اُماڻي اچي.

آگري جو تختگاه جڙڻ - فتح پور جي عروج جي گهٽتائي

اهي هئا فتح پور (سيڪرئ) جي اوج جا چرچا جڏهن هندوستان جو مٿيون شهر دورِ اڪبرئ ۾ تختگاهه هو. پر ستت سندس اوج ويو گهٽجندو. سندس ويراني جو سبب هن ريت هو جو هڪڙي ڏينهن حضرت شيخ سليم چشتي رح بادشاهه وٽ آيو  ۽چيائينس ته هتي فتح پور ۾ منهنجو آرام ڦٽو آهي، توهين هت رهو يا مان رهان. تنهن تي شهنشاهه چيو ته غلام وڃڻ لاءِ تيار آهي. حضور جن هت رهن. ائين چئي پنهنجو تختگاهه ڦيري آگري ۾ ڪيائين. جشن اڪبري جي 43 سال سن 1598ع ۾ آگرهه هندوستان جو تختگاهه ٿيو. مٿس اڪبرآباد نالو رکيائين. جڏهن مٿئين درويش وفات ڪئي تڏهن مٿس مقبرو جو شاهي خرچ سان تيار ٿيو، سا عمارت هندوستان جي عمارتن ۾ قابل ديد آهي.

مٿئين شعر مان درويش جي رحلت 979هه مطابق 1571ع معلوم ٿئي ٿي. اولهندي ۾ بيبي زينب شيخ موصوف جي پوٽي جو مقبرو آهي جنهن تي هيٺيان لفظ اُڪريل آهن.

حضرت شيخ سليم چستي رحه جي اولاد کي شهنشاهه وڏا وڏا عهدا ڏنا جي وڏين وڏين منصبدارين جا مالڪ هئا. جن جو سمورو بيان ڏيڻ هت محال آهي.

درٻار اڪبري

ارسطو حڪيم جو قول آهي ته ”جنهن ماڻهوءَ کي اڪيلائي وڻي ٿي، سو ته جهنگلي جانور آهي يا ته ديوتا آهي“.

جيئن ٻرهل جي بيمارئ لاءِ رڪ جو عرق کائن ٿا يا ڦڦڙن جي لاءِ گوگرد کائن ٿا يا مغز لاءِ بادام روغن پيئن ٿا. پر دل جي بيماري جي ڇٽائڻ لاءِ سچي ايمانداري جاني دوست کانسواءِ ٻيو ڪوئي نسخو يا علاج ڪونهي. پنهنجي دوست کي پنهنجي اندر جا ڏک سور اوري ۽ خوشيون، اميدون، ڊپ، شڪ، رايون، صلاحون سڀ ٻڌائي جيڪو هانو تي بار آهي سو سڀ ماڻهو هلڪو ڪري ٿو. اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو وڏن وڏن بادشاهن وٽ دوستي جي ڦل جو گهڻو قدر آهي ۽ اُنجي تمام گهڻي گهرج آهي. هو پنهنجي سلامتي ۽ وڏائي کي ڊپ ۾ وجهيو به اُن کي خريد ڪن ٿا. بادشاهه پنهنجي رعيت ۽ پنهنجن نوڪرن کان نصيب ۽ شان ۾ گهڻو مٿي ۽ پري آهن، تنهنڪري هنن کي هي ڦل اهڙي سهنجائي سان هٿ نه ٿو اچي مگر انهي شرط جو هو ڪنهن کي چاڙهي آڻي پنهنجو سنگتي يا دوست ڪن يا پاڻ سان مٽ يا برابر ڪن. جنهن مان اڪثر جوکو پيدا ٿي ٿو. اهڙئ ماڻهوءَ کي هن زماني ۾ قرب سڏين ٿا. ڄڻ ته بادشاهه رڳو هنن کي پنهنجي ويجهو ويهاري، هن سان اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري ٿو. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. اڳين ڏينهن ۾ رومي ماڻهو سچو سبب ڄاڻي اهڙي ماڻهو کي شريڪ الافڪار ڪري سڏيندا هئا. يعنى جو ڏکن ۽ سکن ۾ حال ڀائي هجي. اها ئي ڳالهه آهي، جنهنڪري ههڙي پڙهڻ مان اسانکي معلوم ٿيندو، ته اهو حال نه رڳو ضعيفن پر متن ۽ پهه وارن بادشاهن جو آهي، پر وڏن تمام ڏاهن سياڻن ۽ اٽڪل وارن بادشاهن جوبه آهي. انهن اڪثر پنهنجن خدمتگارن مان ڪن کي چاڙهي آڻي پاڻ سان گڏيو آهي ۽ اُنهن کي پاڻ پنهنجي زبان مبارڪ سان دوست ۽ ادا ڪري سڏيو آهي ۽ ٻين کي به فهمائش ڏني اٿن ته انهن کي ائين ڄاڻن ۽ ائين سڏين جهڙي طرح عام ۽ دوست هڪ ٻي کي سڏين ٿا. اهي مثال نه رڳو رومي شهنشاهن سان لاڳو ٿي سگهن ٿا، پر هر مذهب ۽ ملت جي تاجدارن اهڙي پرک ڪئي. مثال لاءِ روم جي شهنشاهن مان سلا گهڻي مهرباني سان فامفيوس کي اهڙو مٿي چاڙهيو جو هو ٻٽاڪ هڻندو هو ته آءٌ شهنشاهه کان به وڌيڪ آهيان. ۽ آخر اعظم جو لقب مليس. يوليوس قيصر انهئ طرح بروطس کي زور وٺايو ۽ هن کي پنهنجي ڳچ جيتري ورثي جو وارث به ڪيائين ۽ آخر موت به اُن جي هٿان آيس. اغسطوس قيصر به انهي طرح اڪرفوس کي مٿي کنيون جوتمام نيچ ذات جو ماڻهو هو ۽ انهئ ساڳئ کي پنهنجي ڌئ پرڻائڻ جي ٿي ڪيائين. طبريوس قيصر وري سجينوس کي ايترو مٿي چاڙهيو جو ماڻهو اُنهن ٻنهي کي يارن جو جوڙو ڪري سڏيندا هئا. اهڙو حال وري سفطميوس جو هو جنهن پنهنجي پٽ کي زور ڪري فلاطينوس جي ڌئ پرڻائي. ڇاڪاڻ جو هن سان گهڻي محبت هيس. انهئ شخص بابت هڪڙي خط ۾ لکي ٿو ته ”آءٌ فلاڻي کي ايترو ٿو گهران جو ڀانيان  ته شل هن کي جيئرو ڇڏي آءٌ مري وڃان“! ارسطو جي علمي محفل ۾ وڏا وڏا آدمي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيڻ لڳا. اُنهن مان حرمياض نالي به هڪڙو دولت مند شخص هو، جو علماء جو ڏاڍو قدردان هو. 344 ق م جڏهن اٽارمينس جي رهاڪن کيس پنهنجي شهر جو حاڪم اعلى منتخب ڪيو، تڏهن اهڙي جليل القدر مرتبي تي فائز ٿيڻ بعد هن نه رڳو ارسطو کي مال دولت ڏيئي مالا مال ڪري ڇڏيو. پر قدرداني جي لحاظ سان پنهنجي ڀيڻ هن سان شادي ڪرائي ڇڏيائين. سڪندر مقدوني مٿين ساڳي حڪيم کي پنهنجي پئ جي برابر سمجهندو هو، بقول پلوٽارڪ ته بعض اوقات هو پاڻ چوندو هو ته اگرچه ”منهنجي پئ زندگي عطا ڪئي پر زندگي بسر ڪرڻ لاءِ طريقو مونکي ارسطو ئي سيکاريو“. هارون الرشيد اعظم جعفر برمڪي سان همراز ۽ همنشين هو، هو وزيرن کان هڪڙو پل به جدا رهي ڪين سگهندو هو. سندن دوستئ جي باري ۾ جيڪي راز بعد ۾ لکيا تن مان معلوم ٿي سگهي ٿو، ته هن شهنشاهه کي پنهنجي وزير لاءِ ڪيتري قدرمحبت هئي. ساڳيو حال غزنئ جي باجبروت شهنشاهه غازي محمود غزنوي جو هو، جو پنهنجي هڪڙي حبشي غلام اياز جي زلف ۾ گرفتار ٿي ويو، هن کان هڪڙو پل به جدا رهي ڪين سگهندو هو. سلطان سنجر سلجوقي هڪڙي ڏينهن مستئ جي عالم ۾ ابوبڪر بن سعد زنگي ۽ ٻين ٻن ڄڻن کي پنهنجي تخت ۽ تاج جو مالڪ مقرر ڪيا. ۽ مرڻ مهل تائين پنهنجي واعدي تي پورو رهيو. هاڻي ڏسبو ته هي سڀ جي ذرو ضعيف ۽ سادا هجن ها ته به چئجي ته هنن پنهنجي چڱي سڀاءُ جي ڪري اهڙي نرم هلت ٿي ڪئي، پر تاريخ شاهد آهي ته انهن مان ته هڪڙو هڪڙو اهڙو ڏاهو ۽ عقل وارو اهڙو جابر ۽ همت وارو اهڙو مغرور ۽ حشمت واري ٿي گذريو آهي!

اِهي آهن محبت جي حقيقت جا ڪارناما جن جي جوهرين پرک ڪئي هئي، بقول مولانا رحه ته محبت بي جانن ۾ ساهه وجهي ٿو، ۽ جان وارن کي مردو ڪري ٿي، ۽ خاڪي جسم کي آسمانن جو سير ڪرائي ٿي، مٿئين مثالن جي بموجب سلطان جلال الدين محمد اڪبر اعظم به اقبال جي آسمان تي گويا بدر ڪامل هو، سندس چؤطرف جيڪي ستارا نور افشاني ڪندا هئا، جن جي هن قدرت جي جوهري پرک ڪئي، سي يا ته صاحبِ سيف هئا يا حڪمت ۽ تدبير جا ماهر هئا. وري ڪي اهل قلم اهڙا به هئا، جن جي صحبت کانسواءِ جليل القدر شهنشاهه هڪڙو پل به جدا رهي نه سگهندو هو. پس قدرت جي جوهري جيڪي هندوستان جي خاڪ مان موتي ڳولي ڪڍيا، تن جي قدر ۽ قيمت جو ٿورو مختصر بيان هت ڏجي ٿو ۽ پڙهندڙن کي معلوم ٿي ويندو ته دراصل اُهي ڪير هئا ۽ ڇو ايتري وڏي رتبي کي پهتا ۽ ڇا لاءِشهنشاهه سندن عزت ڪئي. اُهي ڪهڙيون منجهن وصفون هيون؟

مهيشداس بيربل

مهيشداس (بيربل) جنهن جو نالو اڪبر سان گڏ ائين لکجي ٿو جيئن سڪندر اعظم سان سندس اُستاد ارسطو جو نالو لکجي ٿو، پر هن ڀٽ فقير جي اقبال ڏي جيڪڏهن غور ڪندؤ ته معلوم ٿيندو، ته هن ارسطو کان به وڌيڪ پاڻ سان اقبال آندو! سڄي درٻار اڪبري ڏي نگاهه ڦيري ڏسندو ته معلوم ٿيندو، ته هي هڪ ناياب گوهر هو! هو ڀاٽ قوم مان هو، سندس وطن ڪالپي هو، پهريون رامچندر ڀٽ وٽ نوڪر هو ۽ سندس پيشو به اُهو ئي هو، جيئن اڪثر ڀٽ شهرن ۾ هوڪو ڏيندا آهن! جلوس اڪبرئ جي موقعي تي پهريون شهنشاهه سان سندس گفتگو ٿي. خدا ڄاڻي ڳالهيون ڪندي ڪندي شهنشاهه جي مزاج ۾ اهڙو ته دخل ٿي ويو، جو قربت ۽ مصاحبت جي حيثيت سان ڪو عاليجاهه امير ۽ جليل القدر سردار به سندس رتبي کي پهچي ڪين سگهيو!

منصب عالي تي کيس ملڪ الشعراء ۽ راجا بيربل جي لقب سان سڏيندا هئا. سدس حاضر ڪلامي بابت قلم کي طاقت نه آهي، جو ڪا نڪته ريزي ڪري سگهي، مطلب ته وڏن وڏن سرڪش راجائن جي درٻار ۾ بطور سفير ٿي ڪري شهنشاهه جي طرفان ويندو هو ۽ ڳالهين ۾ ڪم ائين راس ڪري موٽندو هو جو ڪم تلوار به ڪري نه سگهي! اڪبر شهنشاهه ڪيتريون ئي راجپوت ۽ ٻيون هندو راڻيون شاديون ڪيون هيون. ڊونگپور جي راجا راءِ لون ڪرن به پنهنجي ڌئ شهنشاهه کي ڏيڻي ڪئي هئي، پر ڪن ڳالهين ڪري ناراض ٿي ويو هو. شهنشاهه هن کي موڪليو، هن وڃي اهڙو ته مٿس منتر پڙهيو جو سلامت مبارڪ اُجهو سواريون وٺي اچي حاضر ٿيو! 993هه ۾ سوات ۽ باجوڙ جي سرحد وٽ پٺاڻن ڪجهه سر شوري اختيار ڪئي. شهنشاهه زين خان ڪوڪلتاش کي فوجون ۽ سامان ڏيئي روانو ڪيو ۽ فتوحات جو ڏؤنڪو وڄي ويو. پر اڃا به فوجن جي ضرورت هئي. هن شهنشاهه کي لکي موڪليو. بادشاهه جي مرضي ٿي ته ڪو تجربيڪار مهندار موڪلجي جو وڃي پهاڙي علائقن جي گهاٽين ۽ ڦيرن ۾ فوجن جو بندوبست رکي. الائي بيربل کي ڪهڙي خيال کنيو جو اُٿي شهنشاهه کي عرض ڪيائين، ته غلام کي موڪليو؟ سوات ۽ باجوڙ هندوستان ۾ ڪين هئا، پر سرحدي علائقو هو، اُتي جا وحشي خود سر رهاڪو ته هميشه کان مشهور آهن. پس بيربل جهڙي جي مجال نه هئي جو پٺاڻن کي گوشمالي ڏيئي سگهي. جنهن صورت ۾ زين خان ڪوڪلتاش جهڙا مشفق فوجي عملدار به لاچار هئا. خوش اعتقادي جي حد ايتريقدر وسيع ٿي ويئي هئي جو جڏهن سرحدي مسئلو درٻار ۾ پئي هليو، ته هن ٽپو ڏيئي، اُٿي چيو، ته غلام حاضر آهي! شهنشاهه سياڻو هو، تنهن شيخ ابوالفضل کي مٿئين ڪم لاءِ مقرر ڪيو، پر ملڪ الشعرا جو اچي وچ ۾ ڏڦيڙ وڌو سو لاچار سڀني کڻي ماٺ ڪئي. ويچار ڪري ڏسو جو زين خان جهڙن اميرن جا پٺاڻن ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. اُت ڌوتي بند ڀٽ جي ڇا مجال هئي جو پهاڙي پيچرن سردين ۽ راتين ۾ وڙهي سگهي. لاچار شهنشاهه خاص توبخاني، سوارن ۽ پيادن کي سنڀرائي سندس حوالي ڪيو. وري شهنشاهه جي محبت جي انداز ڏي به ڏسو جو راجا بيربل جي ڪلهن تي هٿ رکي چيائين، ته ادا جلد اچجاءِ.خير راجا کي امام ضامن جو ڌاڳو ٻڌي روانو ڪيائين. ڳچ ڏينهن لنگهيا نه صلح نه پيام! شهنشاهه کي به خبر هئي، ته ڀٽ جو پٽ ڇا وڙهي سگهندو! آخر حڪيم ابوالفتح کي فوجون ڏيئي، سندس ڏس پنڌ لاءِ روانو ڪيائين. زرين خان به مالاڪنڊ ۾ موجود هو تنهن پٺاڻن تي رڻ ٻاري ڏنو پر بيربل جو چئي ته مان بادشاهي لاڏلو، سو ان خيال ۾ هو ته هيڪلي سر فتح ڪريان. آخر جنگ لڳي، هزارين سپاهي مارجي ويا. ايتريقدر جو سلطنت اڪبرئ ۾ ڪڏهن به مغلن اهڙي شڪست ڪانه کاڌي. راجا جو بيان ٻڌو جو حڪيم صاحب ۽ ٻيا مصاحب ته رڳو سندس لاشن کي ڳولڻ ۾ لڳي ويا ته به پتو ڪين پيو. ڪي چون ته غيرت جي ڪري مڙس ڪاڏي منهن ڪري هليو ويو. غرض راجا جو خاتمو اهڙي طرح ٿيو. جيتوڻيڪ سندس عهدو ٻن هزارن جي منصبدارئ جو هو، پر سندس خطاب صاحب السيف و القلم هو. شيخ ابوالفضل وانگر هن کي به خلوت خاص ۾ اچڻ جي اجازت هئي. هڪڙي ڀيري چار هزاري منصبداري جي امير شهباز خان ڪنڀوءَ درٻار ۾ ڪنهن ڳالهه تان بيربل کي ٽوڪيو، پر ائين ڏٺو ويو ته خود شهنشاهه بيربل جو طرف ورتو. درٻار اڪبري ۾ ٻيا به گهڻائي درٻاري موجود هئا، جي تلوار ۽ قلم جا صاحب هئا، جن وڏيون وڏيون جنگيون کٽيون هيون. پر جيترو شهنشاهه راجا جي مرڻ تي رنج ظاهر ڪيو اوترو ڪنهن ٻئي لاءِ ٿورو ڪيائين اڪثر ماڻهو ان ڳالهه تي حيران هئا. درٻار ۾ ٻيا به مدبر موجود رهندا هئا. مثلاً فيضي، ابوالفضل، شاهه فتح الله، حڪيم ابوالفتح، حڪيم همام ۽ ٻيا، پر بيربل اُهو شخص هو جو جنهن تي ٽوڪ ڪري ڪنهن کي مجال نه ٿيندي هئي جواک کڻي سگهي. مطلب ته عجب انداز جو انسان هو. شهنشاهه جي سواري نڪري ته اڳيون بيربل ڏسو ته گهوڙي تي چڙهي ٿو اچي. شڪار جو ارادو هجي، ته اڳ ۾ بيربل رستي ۾ ڳالهين جا ڪتاب شهنشاهه کي پيو ٻڌائي. وري جو ڪاٿي شينهن سامهون اچي پوي ته بيربل گم! شينهن جي مارجڻ کانپوءِ به ڪجهه وقت رکي ڏسو ته هاٿي جي هوده مان مٿو ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن پيو نهاري. مطلب ته محفل جو سينگار چؤس يا راجا اندر ناچ راڳ جي محفلن ۾ چؤس. گفتگو ڪندي گرم مصالح چؤس، غرض اُها گهڙي ڪانه ڏسندو، جنهن ۾ بيربل کي شهنشاهه يا نه ڪري! هو شڪل ۾ بلڪل سانورو ۽ بي ڊول هو، پر تيزفهمي ۽ دانائيءَ جي ڪري سڀئي مؤرخ سندس ثنا خوان آهن. کانئس پوءِ سندس ٻه پٽ هرمراءِ ۽ لالا ٻئي درٻاري هئا، پر منجهن پيءُ جهڙو تر جيترو به گڻ ڪين هو.

شيخ مبارڪ الله ناگوري

صدر جهان مفتي اعظم ڪل ممالڪ هندوستان شيخ مبارڪ الله، جنهن جو اسين هت مختصر بيان ڏيون ٿا، سو درٻار اڪبرئ جي ٻن روشن مڻين شيخ ابوالفضل ۽ فيضي جو پئ هو. علوم عقلي ۾ حڪيم ۽ ڏاهو ۽ علوم نقلي ۾ به اجتهاد جو صاحب هو. هؤن ته سندس نالو مبارڪ هو ۽ وري قسمت به اهڙي ساڻ آندي هئائين جو 63 ورهين تائين ته اهڙي مصيبت ۾ وقت ڪاٽيائين جو خدا شل دشمن کي به نصيب نه ڪري! وري سندس پٽن جي جاهه و جلال، قابليت ۽ سندن اقبال ڏي غور ڪبو ته عبرت وٺي ويندي. اگرچه خافي خان پنهنجي تاريخ ۾ شيخ جي حسب ۽ نسل تي نڪته چيني ڪندي ڇا مان ڇا لکيو آهي پر بقول مولانا جامي

بندهء عشق شدي ترک نسب کن جامي-  کاندرين راه فلان ابن فلان چيزي نيست

علامّه شيخ ابوالفضل لکي ٿو، ته اسانجو اصلي وطن يمن ولايت هو. شيخ موسى منهنجو ڏاڏو جو تارڪ الدنيا هو، هجري نوين صدي ۾ آبائي وطن کي خيرآباد چئي سنڌ جي شهر سيوستان سيوهڻ ۾ اچي گوشهء نشيني اختيار ڪئي. ڏهين صدئ ۾ شيخ خضر کي هند جي اوليائن سان ملاقات ڪرڻ جو شوق جاڳيو. تنهنڪري گهمندي گهمندي ناگور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. جو شهر اجمير شريف جي اُتر اولهندي ۾ آهي، هتي 911هه ۾ شيخ مبارڪ الله ڄائو. حضرت شيخ عطن جنهن سلطان سڪندر لوڌي جي زماني ۾ ناگور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ هن وقت 120 ورهين جي عمر ۾ هو، تنهن وٽ شيخ تعليم ورتي. شيخ عطن وقت جو ڪامل بزرگ هو ۽ حضرت شيخ سالار ناگوري کان فيض جي روشني حاصل ڪئي هئائين. تنهن کانسواءِ ايران ۽ توران جي سياحت ڪري عقل جو ڪافي ذخيرو حاصل ڪيو هئائين. شيخ مبارڪ ناگور ۾ اصلاح طبيعت ۾ مصروف رهيو، تحصيل علوم ۽ فن تاريخ ۾ گهڻي آگاهي حاصل ڪيائين. ايتريقدر جو عالم سڏجڻ لڳو. اُنهن ڏينهن ۾ حضرت خواجه عبيدالله احرار، جو هندوستان جي سير لاءِ نڪتو هو، تنهن بزرگ جي خدمت ۾ رهي فيض معنوي حاصل ڪيائين. تصوف ۽ علم اشراق جا گهڻا ڪتاب پڙهيائين، پاڻ حنفي طريقو رکندو هو.

تنهن کانسواءِ شيخ محي الدين ابن عربي، شيخ ابن فارض ۽ شيخ صدرالدين قونوي ۽ ٻين گهڻن ئي اهل حال ۽ اهل قال جون تصنيفات پڙهيائين. اُنهن ڏينهن ۾ حضرت خطيب ابوالفضل گازروني جنهن کي گجرات جي حاڪم شيراز کان گهرايو هو تنهن جي ملازمت اختيار ڪيائين. هن بزرگ جي خدمت ۾ رهڻ ڪري سندس دانش ۽ دانائي نئين روشني ورتي، مگر علوم حقيقي مولانا جلال الدين دواني کان حاصل ڪيائين، جنهن جي شاگردي به اختيار ڪيائين. شيخ موصوف جي اها خاص مرضي هئي، ته زمين جي ٻنهي طبقن جو سير ڪريان، پر شيخ عمر ٺٽوي ۽ شيخ يوسف مجذوب کان گهڻو باطني نور حاصل ڪيائين. ايتريقدر جو سياحت جو ارادو ترڪ ڪيائين جيئن ته شيخ يوسف کيس آگري ۾ وڃي رهڻ لاءِ اشارو ڪيو. 950هه حسب اشارات اچي آگري ۾ لٿو، هتي مير رفيع الدين صفوي چشتي رحه سان ملاقات ٿيس، جو قريش خاندان جو مايهء ناز فرزند هو. مير موصوف صاحب دولت ۽ دستگاهه هو، هن رهڻ لاءِ چيس، پر شيخ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪري پيٽ گذران ڪندو هو. کيس 43 ورهين جي عمر ۾ 954هه مطابق 1547ع ۾ فيضي ۽ 958هه مطابق 1551ع ۾ ابوالفضل نالي ٻه پٽ ڄاوا. شير شاهي ۽ سليم شاهي دور هو، کيس شاهي خزاني مان نقد ۽ جاگير بطور انعام ملڻ جو امڪان هو، پر مڙس صاحب علم هو، چڱي هاڪ ڪڍيائين ۽ انعام اڪرام وٺڻ کان انڪار ڪيائين. شيخ جي پارسائي کي ڏسي مخدوم الملڪ ملا عبدالله سلطانپوري جو شير شاهه، سليم شاهه ۽ همايون جي درٻارين ۾ شريعت جو مالڪ هو ۽ شيخ عبدالنبي جهڙن مشائخن جي پاڻ کي فضيلت جا صاحب سمجهندا هئا، سي شيخ جي علم جي دولت کي ڏسي رشڪ کائڻ لڳا. پر شيخ مبارڪ الله جو دنيوي دولت جاهه ۽ منصب دارئ جي لالچ کان پاڪ هو، تنهن هنن جي ڪائي پرواهه نه ڪئي. اڪبري دور تائين ته اڪثر ملڪ ۾ انقلاب پوندا رهيا. آخر اڪبري اقبال جي آفتاب منهن ڪڍيو، شهنشاهه علم جي گوهرن کي پرکڻ ۾ ماهر هو، پر ملا سڳورا ٻئي طرف هڪ ٻئي سان عداوت لڳايو ويٺا هئا. اهڙي تگ ۽ دوجي زماني ۾ شيخ جي دال ڳري نه پئي سگهي. ڇاڪاڻ جو اڳيئي سندس دشمن گهڻا هئا، پر شيخ هن وقت ضعيف العمر هو سندس پٽ جواني جي ۽ علم جي نشي ۾ سرشار هئا سندن مرضي هئي ته قسمت آزمائي ڪجي.

کام سب تقدیر پر ہیں ہی مگر تدبیر شرط

کچھ سبب بھی چاہیے اس عالم اسباب میں

وارو مثال کين ياد هو، تان جو جڏهن شيخ 63 ورهين جي عمر جو هو تڏهن سندس پٽ فيضي 984هه بطور شاعر ۽ 981هه ۾ ابوالفضل بطور مير منشي جي درٻار اڪبري ۾ داخل ٿيا. عرش آشياني اڪبر، ته پاڻ قدرت جو جوهري هو، فتح پور ۾ (چار ايوان) نالي عبادتخانو تعمير ڪرايو هئائين، جو ملن ۽ علمائن مشائخن لاءِ ڄڻ علم جو آکاڙو هو. جتي ايران، عجم ۽ عرب جا مشائخ اچي گڏ ٿيا هئا. راتين جي جلسن ۾ شهنشاهه پاڻ به اچي رونق افروز ٿيندو هو ۽ ملن، علمائن ۽ مشائخن جون حڪايتون ٻڌندو هو. فيضي تانسين جهڙن ڪلونتن کي مات ڪري ڏيکاريو ۽ ابوالفضل فلسفياني ادا سان ڪيترن ئي کي علمي جنگ ۾ جيتيو. وري شهنشاهه کي عربي دانن لاءِ شوق هو. سو شيخ مبارڪ الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير هو؟ جو (حيواةالحيوان) جهڙي ڪتاب جو عربي ۾ ترجمو ڪري سگهي، غرض مشڪلاتن جو دور ختم ٿيو ۽ شيخ مبارڪ به نوراني چهري سان عبادتخاني جو گويا پير خضر هو! حريفن کي مجال نه ٿي جو پئ ۽ پٽن کي ڪيرائي سگهن.

ہے غلط کہیے اگر تدبیر پھر سکتی نہیں

وہ تو پھر سکتی ہے پر تقدیر پھر سکتی نہیں-

شيخ جي علم جو اندازو هن مان معلوم ٿي سگهي ٿو، ته آخر عمر ۾ اکين کان معذور هو ته به عجيب ڪتاب (منبع نفائس العلوم) جو وڏو ڪتاب سندس تصنيف ڪيل آهي، جو چئن جلدن ۾ آهي ۽ اِمام فخرالدين رازي رحه جي تفسير جو هم پلئه آهي. جيتوڻيڪ هن وقت نقشبندين ۽ چشتين علمائن جو زور هو، ته به شيخ صاحب کي ابن فارض جو قصيدو جنهن ۾ ست سو شعر آهن ۽ قصيدهء برده ۽ کعب بن زهير ۽ ٻين بزرگن جا قصيدا ته  دلتي حفظ هئا! 17 ذي القعد 1000هه ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. اوائل عمر ۾ ته جڏهن ڪنهن مجلس ۾ سندس گذر ٿيندو هو ته ڪنهن کي ڪا منڊي لعل يا الماس جي ڏسندو هو يا ڪنهن کي رنگين پوشاڪ پيل ڏسندو هو، ته يڪدم لهرائي ڇڏيندو هو. پر آخر ۾ راڳ سان اهڙو شوق ٿيس جو سواءِ ٻڌڻ جي آرام نه ٿيندو هو. هندوستان جي علمائن کان هو وڌيڪ تصوّف جو ماهر هو. هو ڪڏهن به بادشاهن جي درٻار ۾ نه ويو، پاڻ خوش طبيعت هو. حڪايات ۽ واقعات جي دلچسپين سان گويا محفل کي گلذار ڪري ڇڏيندو هو. سندس مقبرو آگري ۾ جمنا جي ڪناري تي چار باغ ۾ آهي، جو فردوس مڪاني بابر بادشاهه جوڙايو هو.

ابوالفيض فيضي

954هه ۾ جڏهن سليم شاهي سلطنت مٿان چغتائي ڪڪر غبار ڪري بيٺا هئا، تڏهن شيخ مبارڪ آگره ۾ چار باغ ۾ رهڻ لڳو، هتي کيس فيضي پٽ تولد ٿيو. ايام طفلگي کان وٺي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ پلجي جواني جي بهار کي پهتو. اقبال سندس قدم چمايا، جيئن ته اڪبر جهڙي شهنشاهه زمين ۽ زمن جي مزاج ۾ ايتريقدر دخل ڪيائين جو شهنشاهه کانئس هڪ پل به جدا نه رهيو. هو علم جو بحر بي پايان هو ۽ سمورو علم پيءُ کان پرايو هئائين. دور اڪبري ۾ جيڪي به علوم ايشيا ۾ مروج هئا، تن سڀني ۾ هن کي مهارت حاصل هئي. پر سڀني کان وڌيڪ شاعرئ ۾ جيڪو هن فن ڏيکاريو، تنهن مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته سندس دل ۽ دماغ قدرت جي طرف کان ان فن کان شاداب هئا. شيخ مبارڪ جيڪڏهن وڏو عالم ۽ فاضل هو، پر تنهن هوندي به پٽ جا شعر ٻڌي سندس خامين ۾ درستي ڪندو هو.فن طب ۾ به مهارت حاصل ڪيائين، ايتريقدر جو مخلوق خدا کي مفت دوا ڏيندو هو. جڏهن خداوند تعالى سندس اقبال کي بلند ڪيو. تڏهن پنهنجي خرچ سان هڪ شفاخانو تعمير ڪرايائين. شيخ مبارڪ الله پنهنجئ ننڍڙئ مسجد ۾ ويهي درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. هن کي خبر هئي ته شهنشاهه اڪبر علم جو ڪوڏيو آهي. علمائن کي انعام ۽ جاگيرون ڏيئي ٿو، پر آفرين جو هو اهڙي لالچ ڏي ڪڏهن ڪين جهڪيو، پر جڏهن فيضي عمل جي ميدان ۾ قدم رکيو تڏهن اُهي گل ڇڙڪيائين جو سندن خوشبوءِ درٻار اڪبري تائين وڃي پهتي، 974هه ۾ جڏهن شهنشاهي لشڪر چتوڙ تي يلغارون پئي هيون تڏهن قدرت جي جوهرئ کي جواهرن جو اهڙو ته شوق اچي جاڳيو جو جهٽ آگري جي حاڪم جي نالي چٺي لکيائين. شيخ مبارڪ جي گهر اوچتا لنڊا گهوڙا پهتا ۽ فيضي کي شهنشاهي درٻار ۾ آڻي حاضر ڪيائون. اهڙو ته قصيدو پڙهيائين جو بادشاهه ويهڻ لاءِ اشارو ڪيس وري سندس شگفته مزاجي فراخدلي ۽ خداداد دانش اهڙو ته اثر وڌو جو ٿوري عرصي ۾ مصاحبت جي درجي کي پهتو. شيخ فيضي جيتوڻيڪ ڪنهن مالي يا ملڪي ڪم ۾ ڪو بهرو ڪين ورتو، پر ملڪ جي مال ۽ جزوي معاملن م سندس صلاح درڪار هئي. شاهي خاندان جي شهزادن جي اتاليقي به سندس سپرد هئي. سليم، مراد ۽ دانيال سندس شاگرد هئا. فيضي پاڻ لکي ٿو، ته ظاهري مان شهزادن جو اُستاد هوس، پر باطني مان پاڻ کانئن آداب ۽ اقبال جو سبق وٺندو هوس. چغتائي سلاطين جي عهد مهد ۾ ملڪ الشعرا جو لقب پهريون غزالي شهيد کي مليو، تنهن کانپوءِ ابوالفيض فيضي کي نصيب ٿيو. 996هه ۾ حڪومت جي طرفان کيس معزز خطاب مليو. شهنشاهه اڪبر نه رڳو سندس ڪلام کي پسند ڪندو هو، پر سندس هر هڪ ڳالهه کي پنهنجي درٻار جي خلعت سمجهندو هو. ٻئي ڀائر شاهي ڪمن کي اهڙي جانفشاني ۽ عرق ريزي سان پورو ڪندا هئا. جو شهنشاهه به گهڻي خاطرداري ۽ دلدارئ سان کانئن ڪم وٺندو هو. شهنشاهه کيس (شيخ جي) نالي سان درٻار ۾ پڪاريندو هو. هڪڙي شهنشاهه سو به وري اڪبر جهڙي جي واتان اهو نالو نڪري! سو شيخ جو وڏو ڪمال چئبو! اڪبر بادشاهه جي اهائي مرضي هئي ته سڄو هندوستان منهنجي زير رهي، پر دکن ۾ جدا جدا اسلامي حڪومتون هيون. سڀني مان راجي علي خانديش جو حاڪم گويا دکن جي ڪنجي هو. تنهن ڏي سفارت جو ڪم فيضيءَ جي معرفت ٿيو. هن مٿيون ڪم اهڙي خوش اسلوبي سان ڪري ڏيکاريو جو شهنشاهه کي حيرت وٺي ويئي. دکن جي سفر کان موٽندي کيس بيماري گهڻو اثر ڪري ويئي، ايتريقدر جو 1004هه ۾ هن فضل ۽ ڪمال جي گهر مان ماتم جو شور اُٿيو. چون ٿا ته جڏهن شيخ بيهوشي جي حالت ۾ هو تڏهن شهنشاهه ٻه گهمرا سندس مٿي کان جهلي کيس اُٿارڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر هو نه اُٿيو آخر پنهنجي پڳڙي لاهي پٽ تي اُڇلايائين ۽ ابوالفضل کي تسلي ڏيئي موٽيو. سندس ديوان کي (تباشيرالصبح) سڏين ٿا، جنهن ۾ نو هزار بيت ڏنل آهن، جو سڀ فارسي شسته زبان ۾ آهي. سندس تصنيفات جي تفصيل هن ريت آهي.

مخزن اِسرار يا مرڪز دوار

3 هزار بيت

نل دمن

4 هزار بيت

اڪبرنامھ

5 هزار بيت(1)

سليمان و بلقيس

4 هزار بيت

هفت ڪشور

5 هزار بيت

 

 

مٿيان ڪتاب اهڙي پيرائي ۾ لکيل آهن جو هندوستان جي مشهور صاحب ڪمال هندو شاعر ڪاليداس، جنهن 9 ڪتاب افساني جي صورت ۾ لکيا، جي نزاڪت ۽ لطافت ۾ لاجواب آهن پر فيضي اُهو شاعر هو جنهن ڪاليداس جي مشهور افسانن نل دمن جي منتر سان تصوير کي فارسي زبان ۾ اُتاريو، جو هندوستان جي شاعرن لاءِ گويا فخر جو سرمايو آهي. نل دمن سنسڪرت زبان ۾ آهي، هن جي ترجمي ڪري فارسي زبان گهڻي رونق ورتي. هن کان اڳ خسرو شيرين مقبول عام ڪتاب هو، پر نل دمن وڌيڪ نزاڪت سان لبريز آهي. سليمان و بلقيس، جا آکاڻي سيماطيڪي زبان ۾ مايهء ناز آهي تنهن نئون جامون پاتو. ليلاوتي، جو سنسڪرت ۾ علم رياضي جو ڪتاب آهي، تنهن فارسي ۾ نئون گلگون لباس پهريو تنهن کان سواءِ مهاڀارت، ڀاڳوت ۽ اٿرويد بلڪ چئني ويدن جو فارسئ ۾ ترجمو ڪرڻ، شيخ ابوالفيض فيضي جي فارسي بيتن جو مجموعو پنجاهه هزار آهي تنهن کانسواءِ (تفسير سواطع الالهام) جنهن ۾ شيخ صاحب پنهنجي والد ۽ ڀائرن جي سوانح عمري لکي آهي. تنهن ۾ هڪ هزار بيت آهن. فيضي ۽ ابوالفضل جي مذهب بابت ملا عبدالقادر بدايوني لکي ٿو، ته هو دهريه هئا ڪي لکن ٿا ته آفتاب پرست هئا، پر ڪي لکن ٿا ته: موحد ڪامل هئا. نه وري خوشامدي هئا پس درٻاري اميرن به شهنشاهه کي هر حالت ۾ مدد ڏني. حڪيم ابوالفتح ۽ مير فتح الله شيرازي جي مرڻ تي جيڪي شيخ مرثيه لکيا آهن، تن ۾ هر هڪ لفظ ماتم سان رنڱيل آهي. محفل ۾ دوستن جي اجتماع کي گهڻو پسند ڪندو هو. سخي ۽ مهمان نواز هو سندس ديوان خانو شاعرن ۽ علمائن اهلڪارن ۽ اهل ڪمال لاءِ گويا هوٽل هو. سندس دسترخوان بلڪل وسيع هو. ملا يعقوب ڪشميري سندس محفلن جو بيان خوب اُنهن خطن ۾ ڏنو آهي، جي هن شيخ صاحب ڏي روانا ڪيا. تن ۾ ڏيکاري ٿو ته شيخ جي ديوان خاني جو سيتل پاٽ فرش ٻن پهرن جي وقت ڪشمير کان به وڌيڪ سرد هو.

شيخ ابوالفضل

6 محرم الحرام 958هه ۾ سلطان محمد اسلام شاهه جي عهد ۾ هي علم ۽ ادب جو پتلو ماءُ جي شڪم مان نڪري سندس جهوليءَ ۾ آيو. پڻهس سندس نالو ابوالفضل پنهنجي اُستاد جو نالو مٿس رکيو. پر ڪماليت ۽ فضيلت ۾ هزار درجا افضل هو. جيئن اسين چئي چڪا آهيون، ته اُنهن ڏينهن ۾ شيخن ۽ مخدومن جي فتوائن جي بازار گرم هئي ۽ ڏينهن به ڏينهن شيخ مبارڪ کي تڪليفون درپيش ٿيون تيئن قاعدو آهي، ته نيڪ بخت ۽ اقبالمند ماڻهو اهڙن مشڪلاتن مان به نيڪئ جو سبق پرائيندا آهن. تيئن شيخ ابوالفضل به پئ کان تعليم وٺندو رهيو، پر مصيبتن جي وقت جيڪا مشق پچايائين، تنهن صبر ۽ رضا جو بدلو کيس ستت مليو جو ڪنهن نيڪ بخت انسان کي شايد مشڪل سان نصيب ٿي.

15 ورهين جي عمر ۾ علم ۽ ادب سکي گويا پيءُ جي خزانن جو خزانچي بنجي ويٺو. پاڻ هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته:

 ”مان علم وارن کي بي انصاف ڏسي هيڪلائي ۾ رهندو هوس. وري جڏهن شام غربت نمودار ٿيندي هئي تڏهن رات جون گهڙيون ويرانگي ۾ گذاريندو هوس. اهڙئ طرح ياس ۽ ارمان کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين نظر پئي آيم. پر همت هر وقت اهو ئي اشارو ڪندي هئي، ته علم جي جوهر کي نڪري نروار ڪر ۽ قلم جي نوڪ سان علم جي دامن کي چاڪ ڪري وقت جي علمائن کي ميدان ۾ فنا ڪري ڇڏيان، پر اڃا اقبال جو ستارو طلوع ڪين ٿيو هو، تنهنڪري وقت جي انتظار ۾ رهندو هوس“.

حالت پيءُ ۽ پٽن جي اها هئي جو کاڌو نه ملندو هون، ته پرواهه نه هوندي هين. شيخ کي بک جي ڪائي پرواهه ڪانه هوندي هئي، پر سندس طبيعت ۽ دل هر وقت علم معاني ڏانهن مائل رهندي هئي. جيئن بيمار جي دل ضعيف ڪري کاڌي کان بدلي ويندي آهي، تيئن شيخ به علم سان ايتريقدر چهٽيل هو جو کيس خبر به نه پوندي هئي ته غذا کاڌي اٿم يا نه! سندس شڪم پرور نفساني دوست کيس ڏسي تعجب ڪندا هئا. سندس پير ويهن سالن ۾ هو، هڪڙي طرح سندس دل علم ۽ ادب جي خزانن کان معمور ٻي طرف جواني ديواني جو جوش. دل چئيس ڪم ڪار ڦٽا ڪر ۽ هن جوهر جو به تماشو وٺي ڏس ۽ هن صحرا ۾ به ڪي گل چونڊي ڏس. سچ چيو اٿن ته لعل گودڙئ ۾ لڪي نه ٿا سگهن، پس جوانن جو اقبال به روشن ٿيو. 974هه پهريون فيضي بارگاهه سلطاني مان فيضياب ٿيو. اهڙي طرح 981هه ۾ ابوالفضل تي به فيضان الهى جي برسات نازل ٿي. اهڙي جواني جي وقت ۾ هن نعمت کي ڪيئن سنڀاليو؟ سي داستان ته وڏا آهن، پر هت نمونو ٿورن لفظن ۾ ڏيکارجي ٿو. اڪبري سلطنت ڏيهون ڏينهن وڌڻ لڳي. سلطنت قانون ۽ انتظام لاءِ محتاج هئي. ملڪ رڳو تلوار جي زور سان زير ڪرڻ مصلحت جي خلاف هو. قوم ۾ جدا جدا فرقا جدا رسمون ۽ رواج هر هڪ ڳالهه ۾ مخالفت خود ترڪي قوم تنگ دل ۽ معتصب هئي، سا اهڙي عظيم الشان ڪم لاءِ ناقابل هئي پڻ شهنشاهه جي دل پنهنجئ قوم کان ڦريل هئي. ڇاڪاڻ جو سندس ڏاڏي ۽ والد جيڪي تڪليفون  قوم جي بدنيتي ڪري ڏٺيون هيون، سي سڀ ڳالهيون کيس دل تي ياد هيون. شهنشاهه پاڻ بي علم هو، درٻار تي پراڻن خيالن وارن علمائن ۽ ملواڻن جو زور ڇانيل هو. اهو ئي سبب هو جو بادشاهه فتح پور ۾ عبادتخانو تعمير ڪرايو. انهئ مراد سان ته ڪي نئين خيال جا ماڻهو هٿ ڪريان ته مسئلو حل ٿي سگهي. پر پراڻي خيالن وارا ملا سڳورا ٿورو ڪا نئين ڳالهه ٻڌندا هئا، ته جهٽ بگڙجي پوندا هئا، جدا جدا فتوائون کڙيون ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته عبادتخاني ۾ ڳالهين ڳالهين تان هڪ ٻي سان وڙهي پوندا هئا. بادشاهه کين ٽوڪيندو به هو، پر سندس دلي مراد پوري ڪانه ٿيندي هئي. پر آفرين هجي شيخ مبارڪ الله ۽ سندس فرزندن کي جن اچڻ سان ترقي جي شاهه راه  کي پهچڻ جي ارادي سان پيءُ نوراني چهري سان ۽ پٽن جواني جي جوش سان سڀني کي ماري مات ڪري ڏيکاريو. ٻئي طرف شهنشاهه به سندن رمز سهي ڪري ورتي ته هي نئين خيال ۽ تازي دماغ وارا ضرور اُميدن کي پورو ڪندا. آفرين برهمت مردانه تو اَڪبري درٻار ڪو چرچو ڪين هو. طلسمِ هوش ربا هو يا جامِ جمشيد هو بابل جي فسون سازي جي مجال نه هئي جو اڪبري چشم فسون گر اڳيان ڪامنتر سازي ڪري ڏيکاري. هن اندر جي آکاڙي ۾ جڏهن تانسين جهڙا ڪلاونت پنهنجي تنبوري جي تار تي هٿ اڃا مس گهمائيندا هئا، ته بادل وسڻ جا ويس ڪري نڪري ايندا هئا. هڪڙي طرف چين جا دانا ويٺل نظر ايندا هئا، ته ٻي طرف دشت ليبان جا مرتاض ويٺل نظر ايندا هئا. ٽئين طرف تبت جا لاما دم گهُٽي اِسرار خودئ ۾ اسرار جون ڳالهيون ڪندا هئا. هتي پرتگال جا پادري تثليث جي تصويرن سان موجود هئا. نئون رنگ هو، نئون طلسم هو وڏا وڏا وير ۽ هر فن ۽ علم جا اڪابر موجود هئا، شهنشاهه قدردان سندن تقريرون ٻڌندو هو، پر سندس دل کي چين ۽ سچو آرام نصيب ڪين ٿيندو هو، جنهن منزل مقصود لاءِ فياض ۽ بيتاب دل مائل هئي، اُها منزل جڏهن نظر نه ايندي هيس تڏهن دل جي بيتابيءَ کي مٽائڻ لاءِ ساز ۽ سرور جي محفل به پڇاڙئ جو گرم ٿيندي هئي. جت پرستان ۽ ڪشمير جون خوبصورت لونڊيون رنگا رنگ لباسن ۾ ناچ ۽ خوش الحان آوازن سان نيم برهنه بدن جي جنبش سان هزار ناز ۽ خرام سان محفل کي گرمائينديون هيون. شهنشاهه به کليل ايوان ۾ زرنگا تخت پوش تي ويهي شيرازي پيچوان کي يلغارون هڻي پوءِ سڀني کي سخا جي دولت سان مالا مال ڪري اُٿي هليو ويندو هو ۽ محفل برخاست ٿيندي هئي. اها حالت هئي جڏهن شيخ مبارڪ پنهنجي پٽن سان درٻار ۾ آيو.

ساقی بھار آتے ہی رنگ اور ہوگیا

گلشن کے پھول دینے لگے بو شراب کی

آخر سر زمين عرب جي خاڪ جا هي ٻه پتلا اهڙي انداز سان درٻار ۾ وارد ٿيا جو سڀني سحرنگارن جي طلسم کي ڪن ٿورن ئي اشارن ۾ مات ڪيائون. شهنشاهه پاٽنا فتح ڪري اجمير شريف مان ٿيندو فتح پور آيو. اهو پهريون دفعو هو جو ابوالفضل ايوان ۾ حاضر ٿيو. شهنشاهه دين ۽ دنيا جو مجمع هو، ساڻس ٿوري دير گفتگو ڪيائين. اهڙو ته دل تي اثر ويٺس جو گويا مقصود جون ڪنجيون ٻنهي ڀائرن جي هٿ ۾ هيون. پهريون پهريون دارالانشا جي خدمت تي ممتاز ٿيو. پر جيئن وقت ويو گذرندو ۽ شهنشاهه جي طبيعت تي دخل ٿيندو ويو، تان جو منصبدارن جي صف ۾ وڃي جهنڊو کوڙيائين. اَميرن  اُمرائن شايد سندس ڊگهي ڏاڙهي جبو ۽ وڏي دستار ڏسي سمجهيو، ته هئ به ڪا دسترخوان جي مک آهي، سو تلوار سان ڇا کيڏي سگهندو، پر نه، سندن خيال غلط هو، ڇاڪاڻ جو هو عربي تهذيب جي مورت هو. شهنشاهه زماني ساز ۽ قدردان هو. 993هه ۾ جشن اڪبرئ جي موقعه تي جڏهن ٻين اميرن کي انعام ۽ درجا مرحمت ڪيا ويا اُتي شيخ اَبوالفضل به هڪ هزار جان بازن مٿان يڪ هزاري منصب دار مقرر ڪيو ويو. پر سلطنت جي تاريخ لکڻ جو ڳرو ڪم به سندس حوالي ڪيو ويو، 1000هه ۾ جڏهن شهزادي سليم جي پٽ خسرو جي پيدا ٿيڻ تي جشن ملهايو ويو. اُتي شيخ صاحب ٻن هزارن جو منصبدار مقرر ٿيو، پر سعادت اڃا به سندس پيشانئ کي چمڪائڻ لاءِ منتظر هئي. شيخ اَبوالفضل ڪير هو؟ شهنشاهه اڪبراعظم جو هن وقت مصاحب خاص، شاهي صلاحڪار، صاحب اعتبار، مير منشي ممالڪ ڪل هندوستان، واضع قوانين، صاحبِ ديوان، عقل جي ڪنجي سمجهوس يا سڪندر اڳيان اَرسطو سمجهوس، مطلب ته خدا جي شان چئجي. دنيا تماشو ويٺي ڏٺو ته هن ٻنهين ڀائرن عظيم الشان سلطنت جي بارگران کي ڪلهن تي کنيون ۽ وري جنهن مردانگي ۽ خوش اسلوبي سان هنن ڪمن کي سنواري ڏيکاريو، ماڻهو ڏسي حيران ٿي ويا ته ڪيئن نه هڪڙي مسجد جي ملا جا پٽ سڀني ڳالهين ۾ طاق هئا!

دکن تي جيڪڏهن شهنشاهه لشڪر موڪلي ته ابوالفضل جي هٿ هيٺ، جي احمدنگر ۾ فساد پوي ته به ابوالفضل وڃي، غرض جتي ويو اُتي جانفشاني جو قابل ثبوت ڏنائين. آخر شهزادي سليم الله آباد ۾ بغاوت اختيار ڪئي، پنهنجي نالي تي سڪو هلائڻ لڳو تمام هندو راجا سندس رفيق هئا، هن آگري تي ڪاهه ڪئي. شهنشاهه معاملي فهم هو، تنهن شيخ ابوالفضل کي معاملي کي سڌارڻ لاءِ موڪليو. پر شهزادي سليم اُجين جي راجا کي 3 هزار سوار ڏيئي گواليار جي رستي بيهاري ڇڏيو. جيئن شيخ اُتان لنگهيو تيئن مٿس حملو ٿيو. جيتوڻيڪ لشڪر سان چڱي چوٽ ڏنائين، پر آخر زخمي ٿي شهيد ٿيو. اناللهِ وانا اليھ راجعون.

مطلب ته جڏهن درٻار ۾ هن عقل جي پتلي جي موت جي خبر پهتي، تڏهن شهنشاهه زارو زار رنو ڇاتي ڪٽيائين. ڪيترائي ڏينهن درٻار ۾ نه ويٺو ۽ وري نه ڪنهن امير سان ڳالهايائين. ائين چوندو هو ته جي شهزادي سليم کي شهنشاهي وٺڻي هئي ته مونکي مارائي ها.

شيخ جي تربت انتري جي مقام وٽ آهي، جاگواليار کان 5 ڪوهن جي فاصلي تي آهي. اڄ تائين به جمعي جي رات انتري جا ماڻهو ڏيئا ٻاريندا آهن ۽ منتون باسيندا آهن. شيخ جي نيڪ نيتي چئبي.

شيخ صاحب انشا پردازي ۾ پنهنجي وقت جو بادشاهه هو . سندس مطلب نگاري جي تعريف ڪري نه ٿي سگهجي. گويا اها نعمت خداداد خدا وٽان وٺي آيو هو. هر هڪ مطلب کي اهڙي خوبصورتي سان ۽ وقت جي لحاظ سان انجام ڏيندو هو. اڪثر ڏٺو ويو آهي، ته اِنشا پرداز پنهنجي عبادتن کي حسن، جمال ۽ ٻين خوبين سان رنگ ڏيندا آهن، پر هن ڪلام جي قادر پنهنجي عبارتن کي پاڪ خيالات ۽ سادن لفظن ۾ ائين ڪري ڏيکاريو آهي، جو هزار نگينون سندس ڪلام تي قربان آهن. هو سادگئ جي چمنستان ۾ اهڙو مصور هو جو جيئن لفظن کي لباس ۽ رنگ چاڙهي سگهندو هو. امير احمد رازي جنهن اُنوقت ۾ (تذڪرهء هفت اقليم) لکيو هو، جيتوڻيڪ ايراني هو. پر هندوستان جي شيخ جي فضل ۽ ڪلام جي گهڻي تعريف ڪئي اٿئين. شيخ موصوف (اڪبر نامو) ٻن جلدن ۾ تيار ڪيو. 1006هه ۾ آئين اڪبري لکي تيار ڪيائين. فارسي زبان جي پراڻي لياقت کي وري تازو ڪيائين. سلاطين تيموريه ۾ علامه جو خطاب شيخ ابوالفضل کانپوءِ سعدالله خان چنيوٽي کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به نصيب ڪونه ٿيو. عيار دانش جو ڪتاب، جو دراصل سنسڪرت ۾ هو ۽ هندوستان مان نو شيروان گهرائي فارسئ ۾ ترجمو ڪرايو هو ۽ دور عباسيه ۾ عربي لباس  ورتائين، وري سلاطين سمانوي جي زماني ۾ رود ڪئي هن کي نظم جي صورت ۾ آندو. اڪبر شيخ کي حڪم ڏنو، ته سنسڪرت زبان تان ترجمو ڪر جو 996هه ۾ لکي پورو ڪيائين، پر اهڙي معنى سان جو پڙهڻ  سان دل شاد ٿيو وڃي، (رقعات ابوالفضل) ۾ خط اهڙي انداز ۾ لکيل آهن. جن مان طبعي حالات، دلي خيالات ۽ گهرو معاملات مان پوري خبر پئي ٿي (ڪشڪول) به سندس جڙيل ڪتاب آهي جنهن ۾ فقير جي گدائي ٽڪرن وانگر طرح طرح جي قسمن جو مزو اچي ٿو، هو فهميده مزاج انسان هو، ڪڏهن برو لفظ زبان مان نه ڪڍيائين، غير ته ڇڏيو پر پنهنجي نوڪرن تي به ڪڏهن غصو ڪين ڪيائين. کيس 3 زالون هيون. منجهانئن هڪ ڪشميرڻ هئي. سندس دسترخوان تي اٽڪل 22 سيروزن کاڌو مختلف نمونن ۾ رکيو ويندو هو. اڪثر سندس دسترخوان تي امرائن جو ميڙ رهندو هو. اقبال اڪبرئ جي صدقي سندس در تي هروقت کچڙئ جون ديڳون چڙهيل رهنديون هيون. جتان بکيا ڏکيا رزق وٺي خوش ٿيندا هئا. 52 ورهين جي عمر ۾ شهادت جو جام نوش فرمايائين. پاڻ جسم ۾ ڳرو سانوري رنگ جو هو. کيس هڪ پٽ عبدالرحمٰن نالي هو، شهنشاهه سندس شادي سعادت يار خان ڪوڪهء جي ڌئ سان ڪرائي. هو پئ وانگر جانباز سپاهي ٿي گذريو ۽ شهنشاهه جهانگير جي عهد ۾ دو هزاري منصبئ تي ممتاز هو، کيس افضل خان جو لقب مليل هو. عبدالرحمن کي پشوتن نالي پٽ هو، جو دور شاهه جهاني ۾ پنج صدي منصبئ تي ممتاز هو.

راجا توڏر مل

ڪشور هند جو ديوان اعظم ۽ شهنشاهه جو خاص وزير هو. کيس موتمن الدوله ۽ عمدة الملڪ جا خطاب مليل هئا. هو پنجاب جي ضلع لاهور جو رهندڙ کتري هو، پر ايشياٽڪ سوسائٽي وارن سندس ڳوٺ جو نالو هريپور اوڌ ۾ ڏيکاريو آهي. سندس والده جا بيوهه هئي، پر افلاس جي حالت ۾ به پيٽ پالي پٽ کي پاڙهي وڏو ڪيائين. سندس دعائن وڃي اثر ڪيو جيئن ته اڪبر اعظم شهنشاهه جي درٻار ۾ 22 پرڳڻن جو ديوان ڪل وزير باتدبير مقرر ٿيو. اوائل ۾ ته حڪومت جي دفترن ۾ عام منشي هو، مگر ڪم صفائي ۽ هوشياري سان ڪري رفته رفته شهنشاهه کان ڪاغذات تي صحين وٺڻ جي ڪم تي مقرر ٿيو، اڪثر سفر ۾ خدمت انجام ڏيڻ لڳو. هو معامله فهم هو، ڌوتي لاهي چوغا پائڻ لڳو ۽ ترڪن وانگر چمڙي جا جوراب پائڻ لڳو. لشڪر ۽ توپخاني ۽ پيادل فوجن جي انتظام ۾ ڪي درستيون ڪري ڏيکاريائين. اڪبر اعظم ته انسان جو جوهري هو ۽ خدمت جو صراف هو، تنهن جڏهن سندس سپاهيانه ڦڙتي ڪمر بستگي ۽ ترڪي چال ڏٺي تڏهن سمجهيائين ته متصدي گري جي علاوه سپاهگري ۽ سردارئ جا به منجهس ڳڻ آهن. چتوڙ، رئٿنمبور، سورت ۽ قنوج جي جنگين ۾ جيڪي هن تدبيرون ڏيکاريون ۽ عرق ريزي ڏيکاريائين سو فقط سندس ئي ڪم هو. 980هه ۾ جڏهن شهنشاهه کيس گجرات جي ڪاروبار سنڀالڻ آئين دفتر سنڀالڻ لاءِ اوڏانهن روانو ڪيو. بنگال ۽ پاٽنا جي جنگين ۾ هن جيڪا مردانگي ڏيکاري، تنهن جي عيوض فتح نامن ۾ سندس نالو منعم خان جي برابر ليکجي ٿو. شهنشاهه وٽ ٻيا به هندو امير رامداس ۽ مان سنگهه جهڙا موجود هئا، پر شهنشاهه کي هن امير جي جيترو عقل ۽ تدبير تي اعتبار هو اوترو ٻئي ڪنهن تي مشڪل هو. هو ديانتدار، نمڪ حلال، وفا شعار ۽ سچو جان نثار هو. هن نه فقط سرڪاري دفاتر جي ڪمن کي سڌاريو بلڪه ضرب خانن، ملڪي پيدائش، زراعتي معاملن ۾ وڏا وڏا رسالا لکيائين ۽ ڪري ڏيکاريائين. مير فتح الله شيرازي، حڪيم ابوالفتح، حڪيم همام، نظام الدين بخشي، فيضي ۽ خواجه شاهه منصور يا مظفر خان جي وڏا وڏا درٻار اڪبرئ جا قانون دان هئا، پر هن شخص جي اچڻ سان سڀني جي ڪمن تي پاڻي ڦري ويو. حسن تدبير ۽ شهرت جي ميدان ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو. بلڪه اڄ ڏينهن تائين هندوستان ۾ مالگذاري ۽ حساب جو جيڪي به ڪم هلي رهيو آهي. سو سندس اصلاحن جو نمونو آهي. وڏا وڏا امير جڏهن ڪو ملڪ فتح ڪندا هئا ته گهڻو مال هضم ڪندا هئا. مثال لاءِ جيئن ادهم خان گجرات جي مهم ۾ وڏو مال لڪائي ڇڏيو هو. تان جو شهنشاهه پاڻ گجرات ڏانهن معاملي کي درست ڪرڻ لاءِ ويو هو. پر هن مرد سڀ ڪجهه مال غنيمت خزاني ۾ داخل ڪري ديانتدارئ ۾ به گوءِ کڻي ويو. اڪثر ٻيا مسلمان اُمراء مٿس رشڪ کائيندا هئا ۽ شهنشاهه کي به ڪيترائي ڀيرا سندس خلاف شڪايتون ڪيائون، پر بادشاهه جو سينو انهن ڳالهين کان صاف هو. سندن ڪائي پرواه ڪانه ڪيائين.

یہ کہاں کی دوستی ہے کہ دوست بنے ہیں ناصح

کوئی چارہ ساز ہوتا کوئی غمگسار ہوتا

سلطان جلال الدين محمد اڪبراعظم جي وفات

هن اسلام جي مايه ناز فرزند ۽ بااقبال شهنشاهه جي اولاد ڏي جيڪڏهن غور ڪبو ته معلوم ٿيندو، ته پڇاڙي جي عمر ۾ هن اولاد کان ڏاڍا ڏک ڏٺا. فقط هڪڙو پٽ جو باقي وڃي رهيو هوس، تنهن مان به خوش ڪين هو. خداوند تعالى کيس ٽي فرزند عطا ڪيا هئا. پس جيڪڏهن هو صاحب توفيق هجن ها، ته جيڪر پيء کي هر حالت ۾ مدد ڪن ها ۽ عظيم الشان دولت جا بازو ٿي رهن ها. هن باجبروت شهنشاهه جي اولاد جيڪڏهن سعادتمند هجي ها ته ممڪن هو ته دکن جو رستو صاف ٿي وڃي ها ۽ هندوڪش جبل کي لتاڙي وڃي اُزبڪن کان ڏاڏي جو ملڪ به آزاد ڪرائين ها، پر خلاف ان ڳالهه جي هو شرابي هئا ۽ سمورو وقت عيش ۽ نشاط جي محفلن ۾ گذاريائون. ٻن ڄڻن ته جواني جي باغ ۾ لاڏاڻو ڪيو، باقي شهزادو سليم وڃي رهيو مورخ خواهه ڪيتري به سندس تعريف ڪن واقعي مان به چوان ٿو ته هو تعريف جي لائق ٿي گذريو، پر افسوس جو شهنشاه جي دل کانئس ناراض هئي، ايتريقدر جو کانئس بيزار هو، سندس ولادت جو ذڪر اڳ ڏيئي چڪا آهيون ته 17 ربيع الاول 977هه ۾ (مريم زماني) راجپوت راڻي ٻائي جي تن مان پيدا ٿيو. هندن راجائن سان سندس اهڙئ ريت مائٽي هئي، مثلاً راجا بهاري مل ڪڇو جو ڏهٽو، راجا ڀڳوانداس جو ڀاڻيجو ۽ مان سنگهه جي پڦيءَ جو پٽ وغيره.

شهزادو مراد، 10 محرم الحرام 987هه ۾ فتحپور جي پهاڙين ۾ ڄائو. ان ڪري شهنشاهه کيس پهاڙي راجا جي نالي سان سڏيندو هو. هو سبزه رنگ، باريڪ اندام، خوش قد، نهايت سخي هو. سندس ولادت جي شڪراني جي عيوض شهنشاهه اجمير شريف جي درگاهه جي زيارت ڪئي ۽ شهر جي چؤطرف عالم پناهه ڏياريائين. عمارتن ۽ محلاتن کانسواءِ قلعو به جوڙايائين. تنهن کانسواءِ اُمرائن کي حڪم ڏنائين ته اُهي به اجمير ۾ محلات جوڙائين. مطلت ته ٽن سالن جي قليل عرصي ۾ اجمير بابل جي طلسمات کي مات ڪرڻ لڳو. پر جوان مرگ شهزادي کي شرابخوريءَ جي عادت هئي. شهنشاهه جڏهن کيس دکن جو سپهه سالار ڪري موڪليو، تڏهن ويتر شراب پيئڻ جو کيس موقعو مليو. ايتريقدر 1007هه ۾ 30 ورهين جي عمر ۾ بيماريءَ جي وگهي پيءَ جي دل کي داغ هڻي ويو.

اُنهيءَ سال اجمير شريف ۾ شيخ دانيال جي گهر ۾ شهزادو دانيال ڄائو. شهنشاهه شهزادي جو نالو به دانيال رکيو. جڏهن وڏو ٿيو تڏهن ميرزا خان خانان جي ڌيءَ سان ساڻس شادي ڪرائي ويئي. هو سخت شرابي هو. جڏهن شهنشاهه کيس مرزا خان خانان جي اتاليقي هيٺ دکن ۾ مهم تي روانو ڪيو تڏهن سندس پرداخت لاءِ مرزا کي تاڪيد ڪري ڇڏيو هئائون. مرزا نوڪرن کي تنبيهه ڪئي، ته جيئن شراب جي هڪ بوند به شهزادي وٽ نه پهچي سگهي. هوڏانهن شهزادو به نوڪرن کي عرض منٿون ڪرڻ لڳو. آخر نوڪرن شهزادي جي بندوق جي نالين کي شراب سان ڀري آڻي شهزادي کي ڏنو. ڪجهه ته نالين جي دونهين جو زهر ڪجهه شراب پوڻ ڪري لوهه جو زنگ، شراب سان گڏجي ويو سو پيڻ سان لوٽ پوٽ ٿي ڪري پيو ۽ مري ويو. شهزادو هو نازڪ اندام. شايد لوهه ۽ بارود جي زنگ هڻي ڦڦڙن کي چيري ڇڏيس! هي 1013هه پيءُ جي جگر تي جدائيءَ جو داغ هڻي ويو.

علامهّ شيخ ابوالفضل جو شهزادي سليم جي چرچ تي شهيد ٿي ويو، سو رڳو راجا نرسنگهه جي شرارت ڪري جنهن کي سليم چوريو هو، شهنشاهه البته پٽ کي ڪجهه چئي نه سگهيو، پر راجا جي گوشمالي لاءِ لشڪر ڏياري موڪليائين. آخر شهزادو سليم آگري ۾ آيو. پشيماني ظاهر ڪيائين ۽ معافي گهريائين. شهنشاهه کيس گهڻي مروّت سان گڏيو، مٿس هيرا ۽ جواهر نثار ڪيائين. آخر ڪجهه پٽن جي ڏکن ۽ ڪجهه درٻار جي اميرن جي موت کي اکين سان ڏسي سندس دل جي بيماري ويئي وڌندي، تڏهن پنهنجن اميرن اهلڪارن ۽ درٻارين کي سڏائي پٽ لاءِ کين تاڪيد ڪيائين ته مُنهنجي وفات کان پوءِ منهنجي ملڪيت جو وارث شهزادو سليم آهي، هن جيڪي به ڪجهه ڪيو، تنهن لاءِ آءُ توهان کان معافي ٿو گهران، پوءِ پنهنجي هٿن سان تيموري تلوار شهزادي جي ڪمر سان ٻڌي کيس به تاڪيد ڪيائين ته منهنجي مُئي کان پوءِ منهنجي درٻارين اهلڪارن، اميرن ۽ راڻين سان چڱو سلوڪ رکجانءِ. ائين چئي 13 آڪٽوبر 1605 مطابق 1014هه ۾ هي اقبال جو ستارو غروب ٿي ويو. انالله و اناليھ راجعون. سترهين عيسوي صديءَ جي شروعات مشرق توڙي مغرب لاءِ اُها منحوس ساعت چئبي جو 1605ع ۾ هينري لي گرانڊ فرانس جي شهنشاهه وفات ڪئي. ساڳئي وقت 1629ع ۾ شاهه عباس اعظم ايران جي شهنشاهه وفات ڪئي. تڏهن چئبو ته واقع 17 صدي عيسوي جي شروعات دنيا لاءِ نيڪ ثبوت ڪانه ٿي.

شهنشاهه جي لاش کي آگري کان 5 ميلن جي فاصلي تي اسڪندريه ۾ دفنايائون. تربت مٿان ڳاڙهي پٿر ۽ سنگ مر مر جي 5 ماڙ عمارت اڏيل آهي. 150 ايڪڙن ۾ عمارتن جي چؤطرف عاليشان باغ آهي، جنهن جي چؤطرف ديوار ڏنل آهي. جنهن جي بلندي 25 فوٽن تي آهي. وڏو دروازو صفيه سنگ مرمر جو برجن سان آهي. هتي نوبت خانو به آهي، جتي صبح ۽ شام نوبت وڄندي آهي. عمارت چيني نموني جي آهي، شايد چين جي ڪاريگرن جوڙي هوندي، مٿس 15 لک رپيا خرچ لڳو ۽ 8 سالن ۾ شهنشاهه جهانگير جي زماني ۾ جڙي راس ٿيو. جهانگير جڏهن تخت تي ويٺو، تڏهن آگره کان پيرين پيادو پيءُ عرش آشياني جي تربت جي زيارت ڪرڻ آيو. عمارت جي متعلق مسٽر ٽيلر Tylor لکي ٿو ته ”جڏهن اسڪندريه ۾ مٿين عمارت ڏٺم، تڏهن شبيله جو محلات القصر ۽ غرناطه جو محلات الحمراه ڏسڻ سان وسري ويم! غدر جي زماني ۾ مقبري جي ماڙين مٿان انگريزي فوج ڪجهه وقت لاءِ رکي ويئي هئي.“

سلطان نُورالدين محمد

ماهه جمادي الآخر 1014هه مطابق 1605ع ۾ شهزادو سليم نورالدين محمد (جهانگير) جي لقب سان آگري جي تخت تي جلوه گر ٿيو.

يورپ جي بيدرد واقعه نگارن اسلام جي سلاطين جي غفلت شعاري ۽ عيش پرستي جي واقعات کي اهڙي بلند آهنگيءَ سان دنيا ۾ مشهور ڪيو جو خود اسان کي به مٿن يقين آيو ۽ تقليد پرست بنجي پياسون. هندوستان جي سڀني کان وڏي انشا پرداز شمس العلماء مولوي محمد حسين صاحب آزاد جهڙن بزرگن (نيرنگ خيال) ۾ شهنشاهه جهانگير جي هن ريت تصوير ڪڍي آهي

”هڪڙو (1) بادشاهه آيو، جو پنهنجي وضع جي ڪري هندو راجا پئي معلوم ٿيو. هو پاڻ نشي ۾ مخمور ۽ ڍور هو. هڪڙي عورت صاحبِ جمال (نُورجهان) سندس هٿ وٺيو پي آئي ۽ جيڏانهن وڻيس پيو اوڏانهن ٿي آئيس. هو جيڪي به ڏسي رهيو هو، سندس جمال سان ڏسي پيو ۽ جيڪي چئي پيو، سندس ئي زبان سان چئي پيو. اهڙي حال ۾ به سندس هٿ ۾ ڪي ڪاغذ هئا ۽ ڪن ۾ قلم هوس. اهڙو سانگ ڏسي سڀ مسڪرائڻ لڳا، پر دولت هن سان گڏ هئي ۽ اقبال سندس اڳيان اهتمام ڪندو پيو هجي، تنهنڪري بدمست به نه پي ٿيو. جڏهن نشي کان اکيون کلنديون هيس تڏهن ڪجهه لکندو به هو.“

مولوي محمد حسين صاحب آزاد ڪڏهن ڪڏهن هوش ۾ اچڻ جو جيڪو مطلب لکيو آهي، سو شهنشاهه جو لکيل ڪتاب (توزک جهانگيري) ڏانهن اشارو ڪيو اٿن. مٿيون ڪتاب واقعات جو نهايت ئي صحيح ۽ سچو مرقع آهي. هن ڪتاب ۾ شهنشاهه ڪنهن به قسم جي رنگ آميزي ڪانه ڪئي آهي. بلڪ فخر سان انهن واقعن جو اظهار ڏنو آهي. مولانا شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب (جهانگير) ۾ هن جو مختصر احوال هن ريت ڏنو آهي:

جيئن ته مؤرخن کي پنهنجي راز جو ئي تي ناز آهي، ته اُنهن علامهّ ابوالفضل جي قتل جي سازش ڳولي لڌي آهي، جنهن ۾ هنن شهزادي کي جوابدار ڪيو آهي، پر جهانگير پاڻ صاف صاف ان باري ۾ هن ريت لکي ٿو:

”منهنجي والد جي آخري دور ۾ شيخ ابوالفضل کي هندستان ۾ پنهنجي علم ۽ فضل جي ڪري نمايان اهميت حاصل هئي. ان کي منهنجي والد دکن جي صوبي ۾ طلب ڪيو. ڇو ته هن جي دل مون ڏي صاف نه هئي ۽ سدائين منهنجي گِلا ڪندو رهندو هو. ان ڪري مون کي يقين هو ته اگر ابوالفضل دکن پهچي ويو ته هو ضرور منهنجي خلاف ڳالهائيندو ۽ مون کي والد صاحب جي ملاقات کان محروم رهڻو پوندو. ڇو ته ان ۾ نرسنگهه مخالفن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ ابوالفضل کي به دکن مان هن جي علائقي مان گذرڻو پوندو، ان ڪري مون راجا نرسنگهه ڏي پيغام موڪليو ته ابوالفضل کي ختم ڪيو وڃي، هن کيس قتل ڪرائي منڍي مون ڏي موڪلي ڏني، هي واقعو 1011هه ۾ پيش آيو.“

توزک جهانگيري سندس روزنامچه آهي، جنهن ۾ سڀني اُنهن واقعن جو، جيڪي کيس پيش اچن ٿا ۽ جن اشغال ۾ مشغول رهي ٿو، تفصيل سان بيان ڪري ٿو. هن ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي، ته سندس عمر جو وڏو حصو ملڪ جي دوري ڪرڻ ۾ گذري ويو آهي، جنهن جي ذريعي ملڪ ۽ رعايا جي حالات جا اطلاع حاصل ڪيا اٿس. اهڙين ڳالهين جي ڪري معلوم ٿي سگهي ٿو، ته کانئس اڳ يا پوءِ جيڪي به سلاطين ٿي گذريا، تن سڀني کان سندس سفر جو مدو وڌيڪ آهي، سفر جي روزانه حالات جيڪي هن قلمبند ڪيا آهن، تن ۾ عيش ۽ عشرت جو حصو گهڻو گهٽ نظر اچي ٿو. ائين نه آهي ته ڪو عيش جي واقعات کي قلم انداز نه ڪيو اٿئين نه شبستان عيش ۾ بسر ڪرڻ، شراب جا جلسا قائم ڪرڻ، جشن آرائي جي ڌام ڌوم نغمه سرود جون محفلون. اهڙن واقعاتن کي ته هو مزي سان بيان ڪري ٿو. پر جڏهن هن قسم جي حالت جي سندس ملڪي ۽ عملي اشغال سان ڀيٽ ڪري ڏسجي ٿي ته صاف نظر اچي ٿو ته اهڙي تفريحي اشغال کي هن ڪنهن خاص حد تائين جائز رکيو هو، جيئن اڄ يورپ باوجود ڪمال تهذيب جي جائز رکيو آهي. يورپ پنهنجي بدڪارين تي ڪائي نڪته چيني نه ٿو ڪري، لکين عورتون يورپ ۾ آهن، جن کي مڙس نه ٿا ملن، هڪڙي شراب جي پالي تي پنهنجي عصمت جي دامن کي چاڪ ڪرڻ لاءِ هو هر وقت تيار آهن. بغير مڙسن جي هزارين ٻار ڄڻين ٿيون، جن لا والد حرام جي تخمن جي سرڪاري پرورش لاءِ انتظام رکيل آهي ۽ علانيه کلم کلا جابجا شراب خانا ۽ جوئا خانا کليل آهن. هت هرڪو وڃي ڪارو منهن ڪري سگهي ٿو پوءِ به هي تهذيب جا ٺيڪيدار اسلام جي باجبروت شهنشاهن تي نڪته چيني ڪن ٿا ته هو عياش هئا ۽ شرابي هئا وغيره وغيره.

مظلومن جي داد رسي احڪام جهانگير

وڏين وڏين جنگين تي پاڻ فوجن موڪلڻ جو انتظام رکندو هو. سندس درٻار جا طاقتور امير سندس انصاف پسند نگاهه کان ڪُنبندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پرڳڻن جي پيمائش پنهنجي سر ڪندو هو. مختلف صوبن جي حاڪمن ڏي پاڻ فرمان جاري ڪندو هو. ملڪي پيداواري جي تحقيقات ۾ ڪڏهن ڪڏهن مصروف رهندو هو. سرحدي حڪمرانن سان هميشه تعلقات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، تاڪه ملڪ تي ڪا ڌاري ڪاهه نه ٿئي. هو علمائن سڳورن جي محفلن ۾ پاڻ ويندو هو ۽ کانئن فيض ۽ ڪمال حاصل ڪندو هو. عرش آشياني اڪبر وانگر هو غير مذهب وارن سان علمي مباحثا ڪرائيندو هو. وري جڏهن ڪم ڪري ٿڪجي پوندو هو تڏهن ارباب نشاط ۽ نغمه سرود سان دل به وندرائيندو هو. پس جيڪڏهن اهو جرم آهي ته بيشڪ اسين تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

تخت تي ويهڻ شرط جلوس جهانگيري جي پهرئين سال جنت مڪاني شهنشاهه نورالدين محمد جيڪو حڪم صادر ڪيو اُهو هي هو ته عدالت لاءِ زنجير آويزان ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو جنت مڪاني کي اها خبر هئي ته شخصي حڪومتن ۾ رعايا کي دادرسي ۾ جيڪا دقت ٿئي ٿي انڪري اُهو ضروري ڄاتو ويو. اڪثر درٻاري، نقيب ۽ دربانن جي هجوم ۾ مظلومن لاءِ اهو مشڪل آهي جو پنهنجي آواز کي بادشاهه جي ڪن تائين پهچائي سگهن پر جنت مڪاني حڪم ڏنو ته قلعي جي برج کان درياهه تائين هڪڙو زنجير لڙڪايو وڃي تاڪه جن مظلومن جي درٻار شاهي تائين پهچي نه ٿي سگهي، اُهي هن زنجير کي لوڏين.

جڏهن ڪو فريادي مٿين زنجير کي لوڏيندو هو ته قلعي ۾ جهٽ خبر پئجي ويندي هئي، ته شهنشاهه پاڻ ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ فريادي جي دادرسي ڪندو هو. زنجير 30 گز ڊگهو ۽ سندس وزن 4 مڻ هو، منجهس 60 گهنگهرو جڙيل هئا، جي لوڏڻ سان وڄندا هئا. جلوس جهانگيري جي پهرئين سال جيڪي 12 احڪام سندس فرمان موجب صادر ٿيا تن جي تفصيل هن ريت آهي(1).

(1)               بحري ٽيڪس يا ٻيون ڍلون، جي جدا جدا صوبن جي جاگيردارن مقرر ڪيون هيون، سي قطعاً موقوف ڪري ڇڏيائين.

(2)              جن رستن تي ڊاڪو ڦرلٽ ڪندا هئا، حڪم ڏنائين ته اُهڙن رستن تي منزل بمنزل مسافرن لاءِ سِرائون، کوهه ۽ مساجد تيار ٿين تاڪه ماڻهو آباد اچي ٿين ۽ چورين جو خاتمو ٿئي. اُن سان گڏ هي به حڪم ڏنائين، ته سوداگرن جومال سندن مرضي کانسواءِ ڪوبه نه کولي.

(3)              هن وقت تائين اِهو قاعدو هو، ته جيڪڏهن ڪو شخص مرندو هو، ته سندس مال ضبط ٿي شاهي خزاني ۾ داخل ٿيندو هو ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو وارث جاڳندو هو، ته اُن کي موٽائي ملندو هو، پر شاهي احسان سمجهيو ويندو هو. پر شهنشاهه حڪم ڏنو ته جائداد ۽ مال وارثن ئي جو حق آهي. ڪنهن کي به خرچ ڪرڻ جو حق ڪونهي. پر جيڪڏهن ڪو لاوارث مري ته سندس مال بيت المال ۾ داخل ٿي پر اُهو به فقط پبلڪ ورڪس يعنى اُهو مال سرائن، پلين ۽ تلائن جي تيارئ تي خرچ ٿئي.

(4)              تمام ممالڪ محروسه ۾ شراب ۽ ٻين نشيدار شين جو وڪرو بند ٿئي. جهانگير جت هن حڪم جو ذڪر ڏنو آهي اُتي انصاف پسندي سان پنهنجي جرم جو اعتراف ڪري ٿو.

(5)              ڪنهن جي گهر ۾ ڪوبه سرڪاري ملازم نه لهي.

(6)              نڪ ۽ ڪن ڪپڻ جو، سزائون جي اڳ ڏنيون وينديون هيون، سي يڪدم بند ڪرائي ڇڏيائين.

(7)              رعايا جون زمينون زبردستي سان خالصه ۾ شريڪ نه ڪيون وڃن.

(8)              سرڪاري ملازم پنهنجي علائقن ۾ سواءِ اجازت وٺڻ جي شاديون ڪري نه سگهندا.

(9)              طول ۽ عرض ڪشور ۾ وڏن وڏن شهرن ۾ شفا خانا قائم ڪجن، جتي طبيب ۽ جراح مقرر رهن، اهڙو سمورو خرچ شهنشاهه جنت مڪاني پنهنجي کيسي مان ڀريندو.

(10)          جيئن ته 18- ربيع الاول (تاريخ ولادت جهانگير) تنهن کانسواءِ جمع رات ۽ ڇنڇر ڏينهن جانور ذبح ڪيا وڃن.

(11)           عام حڪم ڏنو ويو ته والد ماجد (عرش آشياني اڪبر) جي زماني جا سڀ منصب ۽ عهدا برقرار رکيا وڃن.

(12)          جيڪي به قيدي قلعن ۽ جيل خانن ۾ مقيد آهن، سي سڀ آزاد ڪيا وڃن.

اهي هئا ڪارناما جنت مڪاني جهانگير جا جنهن جون اکيون هر وقت محبت ۽ رحم جي درياهه کان مست رهنديون هيون. سندس عهدمهد ۾ غريب توڙي امير هڪ برابر هئا. هڪڙي ڀيري جڏهن سندس پٽ خسرو فساد ڪري دهلي ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ ڪابل ڏانهن ڀڄي ويو تڏهن پاڻ چڙهي کيس گرفتار ڪرايائين. شهزادي جا هٿ پير زنجيرن سان ٻڌي هاٿي تي چاڙهي شهر جي گلين ۾ گهمرايائينس. پوءِ ڪابل جي قلعي ۾ بند رکيائينس. آخر سال کانپوءِ ڪن اميرن جي سفارش تي مس مس زنجيرن مان آزاد ٿيو.

جيتوڻيڪ جنت مڪاني جو زمانو شاهاڻي ناز ۽ نعمت جي شباب جو اوج هو، سندس عهد مهد ۾ زمين ۽ آسمان راحت ۽ آرام بنجي ويا هئا، تاهم هن شهنشاهه ۾ فوجي جفاڪشي ۽ محنت جو انداز موجود هو. اهي سندس اسلاف جا جوهر هئا. اڪثر انگريزي مؤرخ ۽ سندن پيروڪارن جنهن عينڪ سان جهانگير کي ڏٺو آهي، تنهن مان کين ائين نظر آيو آهي ته هو مست الست عياش نظر اچي ٿو، پر تاريخي نگاهه رکندڙ پهرين نظر ۾ سڃاڻي سگهندا ته ساڳي تيمور جو پوٽو ۽ اڪبر اعظم جو پٽ آهي. هڪڙي ڀيري جڏهن اوچتو شينهن اچي سندس تنبوءَ ۾ گهڙيو تڏهن سندس پياري راڻي نورجهان بيگم خوف کان تنبوءَ مان ڀڄي ويئي ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين ساڻس ڪين ڳالهائيندو هو، مٿس ناراض هو. مهابت خان سندس سپه سالار هڪڙي ڀيري جڏهن باغي ٿي ستن هزارن راجپوتن سان مٿس ڪاهه ڪئي، تڏهن شهنشاهه هڪدم تلوار مياڻ مان ڪڍي مهابت خان تي حملو ڪيو سندس مرضي هئي ته باغي سردار جو سر هڪڙي ڌڪ سان هڻي ڌار ڪري، پر سندس مشيرن کيس روڪيو، ته جهان پناهه هي تحمل ۽ بلند حوصلي جو وقت آهي(1) شڪار ۽ تير اندازي ۾ کيس گهڻو تجربو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڄار کڻي درياهه ۾ ٽپي مڇين جوبه شڪار ڪندو هو، پر ڏاڍي شوق سان.

ڪابل ۾ ست باغ پري پري هئا، پر سڀني جو سير پيرين پيادو هڪڙئ ڏينهن ۾ ڪري ٿو ۽ وڻن تي چڙهي پاڻ ميوا ڇِني کائي ٿو ۽ اهڙي ڇنڻ ۽ کائڻ ۾ کيس مزو اچي ٿو.

شمشير بازي جو فن بادشاهه مرتضى خان دکني کان سکيو هو، جو هن فن جو اُستاد هو. جلوس جهانگيري جي 8 سال پنهنجي اُستاد کي ورزش خان جو لقب ڏنائين. ايشيائي سلطنتن ۾ قاعدو آهي، ته بادشاهه جي مذاق جو سڄي ملڪ ۾ چرچو پئجي ويندو آهي ۽ سڀني ماڻهن ۾ ساڳيا خصائل پيدا ٿيندا آهن، جي خود بادشاهه ۾ هوندا آهن. جهانگير جي زماني ۾ سپھ گيري ۽ بهادري جو مذاق ايتريقدر عام هو، جو ماڻهو شينهن سان هٿين پئجي ويندا هئا ۽ کلين هٿن سان وڙهندا هئا. جلوس جهانگيري جي پنجين سال جڏهن هڪڙي شينهن بادشاهه تي جهٽ هنيو تڏهن راڻي اَنوپ ڊڪي شينهن سان مقابلو ڪيو.

سن جلوس جي يارهين سال جڏهن چورن شاهي خزاني تي کاٽ هنيو ۽ ٿورن ڏينهن ۾ جڏهن گرفتار ٿيا تڏهن جهانگير سندن سردار کي هاٿي جي هيٺيان لتاڙڻ لاءِ حڪم ڏنو، چورن جي سردار عرض ڪيو ته جي حڪم ٿئي ته هاٿي سان لڙي سگهان ٿو. شهنشاهه اجازت ڏنس، هو خنجر کڻي نڪتو. هاٿي ڪيترا ئي ڀيرا کيس کڻي اُڇلايو پر هو ڀيري ڀيري سان مقابلو ڪندو رهيو. آخر هاٿي وڙهي وڙهي ٿڪجي پيو. اهي بهادري جا مذاق ماڻهن جا هئا. اڄ اسانجا نو عمر جوان جيڪڏهن بهادري ڪري ڄاڻن به ته رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ، ٽينس کيڏڻ يا فٽ بال جي ميدان ۾ ڪلهو گسائي ڄاڻن!

حریف مطلب مشکل نہیں فسون نیاز

دُعا قبول ہو یا رب کہ عمرِ خضر دراز

مخالف ته ائين چون ٿا، ته جهانگير شراب ۽ ڪباب کانسواءِ ڪو ٻيو ڪم ڪين ڪندو هو، پر واقعات پاڻ ٻڌائن ٿا ته رعايا جي دادرسي، عدل ۽ انصاف ملڪ جي خبر گيري رکڻ ۾ اڪبر اعظم کانپوءِ سندس ئي ڪم هو. پنهنجي نامور پيءُ وانگر رات ڏينهن ۾ رڳو 3 گهنٽا سمهندو هو.

احمد آباد گجرات جي آبهوا کيس موافق نه آئي پر جيترو وقت اُتي رهيو عين گرمي جو وقت هو ته به ٻن پهرن کان پوءِ کلئي ميدان ۾ درٻار عام ڪندو هو پر ڪوبه چوبدار يا نقيب در تي ڪين بيهاريندو هو، تاڪي ڪنهن کي به ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿئي. هو انصاف ڪرڻ وقت بلڪل بي ريا هو جيئن ته اسين اڳ چئي چڪا آهيون ته وڏا وڏا منصب دار سندس انصاف جي نگاهه کان ڪُنبندا هئا. مقرب خان کان وڌيڪ ٻيو ڪير منصبدار هوندو. منصبدارئ کانسواءِ سلطنت جو ڪارڪن اعظم هو. تاهم جڏهن هڪڙي ضعيف بيوهه سندس خلاف بارگاهه سلطاني ۾ فرياد ڪئي تڏهن شهنشاهه گهڻي سختي سان تحقيقات ڪئي. مقرب خان جي نوڪرن مان هڪڙي جنهن تي قتل جو گناهه ثابت ٿيو، تنهن کي قتل جي سزا ڏني ويئي ۽ مقرب خان جي منصبي گهٽائي ويئي. اهي آهن اسلامي تاريخن جون روايتون جنهن جي اقبال ۽ انصاف ۽ جبروت کي ڏسي وقت جي شاعرن ڏاڍي تعريف ڪئي آهي.

38 ورهين جي عمر ۾ آگري جي تخت تي ويٺو محلات ۾ جشن ملهايو ويو ۽ شاهي طبل خاني ۾ 40 ڏينهن تائين نوبت وڳي شاهي محلات چراغان سان روشن ڪيا ويا. سخا جا در پٽجي ويا. راجائن، نوابن ۽ اميرن کي خلعتون ڏنيون ويون. خاص ڪري مهابت کي 15 هزارن جي منصبي عطا ڪئي ويئي کيس زمان خان جو لقب ڏنو ويو. خواجه عبدالصمد جي پٽ امير شريف کي امير الامراء جو لقب ڏنو ويو. تنهن کانسواءِ محتاجن ۽ غريبن جي سنڀال لڌي ويئي. غريب توڙي محتاج مالا مال ٿي ويا.

مهرالنساء بيگم

مغل شهنشاهن جي تاريخ جيئن رنگين ڪارنامن سان لبريز آهي تيئن محبت ۽ عشق جي بازار کي جيڪا هنن رونق وٺائي سا عالمِ آشڪار آهي. شهنشاهه جهانگير جو دورِ حڪومت نه فقط آسودگئ جو يا انصاف جو دور هو پر پاڻ عشق جو پتلو هو. محبت جي درياهه ۾ هن جيڪي ٽٻيون هيون سي سڀ ڪارناما سندس باب کي رنگين ڪن ٿا. سندس محبت جي راز جو درحقيقت هڪڙئ ايراني ڇوڪرئ اچي پٽيو جا پوءِ محبت جي صراط کي ٽپي وڃي هفت ڪشور هندوستان جي تخت جي مالڪياڻي ٿي. جيئن فرانس ۾ جون آف آرڪ جو نالو اسپين ۾ ازابيلا، رشيا ۾ ملڪه ڪئٿرائين ۽ ايليزبيٿ جو نالو انگلينڊ ۾ مشهور آهي تيئن هندوستان ۾ مهرالنساء (نورجهان) اُها راڻي ٿي گذري جا هفت اقليم جي تخت تي ويٺي ۽ اقبال جواهرنگار ڇٽ سندس مٿي تي رکيو. مهرالنساء بيگم اصل ايرانڻ هئي سندس ڏاڏو تهران جو رهاڪو هو ۽ حڪومت ايران جي پاران ڪنهن ممتاز عهدي تي هو. پر گردش سندس پوين کي اهڙو آڻي سوڙهو ڪيو جو سندس پٽ مرزا غياث بلڪل مفلسئ جي پرين ڪپ تي اچي پيو. وڏ گهراڻي جو ماڻهو هو خانداني ٻچو هو پر هينئر جو افلاس آڻي تنگ ڪيس سو آبائي وطن ۾ اهڙي حال ۾ رهڻ کي عار سمجهي هندوستان ڏي اچڻ جو خيال ڪيائين. سر زمين هند جي آسودگي مغل شهنشاهن جي درٻار سندن فياضي ۽ قدرداني جون ڳالهيون ٻڌيون هئائين سو پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن کي ساڻ ڪري خدا تي توڪل رکي کڻي قنڌار جي واٽ ورتائين پر سندس زال پيرين ڳوري هئي. جڏهن دشت قنڌار وٽ لانگهو ٿيا تڏهن سواريءَ وارو ڍور اُڃ ۽ بک جي وگهي مري ويو. ڏٻرئ کي ڏک گهڻا سو مڙس اچي حيران ٿيو. اڃا انهئ سوارئ جي ڳڻتئ ۾ هو ته سندس رفيق حيات کي اچي سور ٿيا مائي پير لڌا کيس هڪڙي نياڻي ڄائي جا هن وقت ماءُ سان ڏکن ۾ شريڪ هئي. مرزا غياث جي پريشاني جي ڪا حد ڪانه هئي ڇاڪاڻ جو اهڙي بر ۽ بيان جي مسافرئ ۾ معصوم ٻار کي کڻي هلڻ نه فقط اُن معصوم لاءِ تڪليف هئي پر اُن محبت جي ماري لاءِ به ازحد تڪليف هئي جنهن هن وقت پير لڌا هئا ۽ ويم جي سورن جي ڪري چور هئي. ماءُ محبت جي مارئ جا آخر آنڊا هئا تنهنڪري لاچار ٻار کي هنج ۾ کڻي راهي ٿي ٿورو پنڌ مس ڪيائين ته وري لاچار ٿي ڪِري پئي. آخر اهڙي تگ ودو ۾ زال مڙس ٻئي اچي اهڙو لاچار ٿيا جو صغير کي بيابان ۾ هڪڙي ڪانڊيري جي وڻ جي ڇانو هيٺ سمهاري اڳتي هليا.

خداوند تعالى کي مرزا غياث جي شام غربت تي رحم آيو. هڪڙئ ماڪوڙي بي پرکي هوا ۾ اُڏائڻ منظور هو جيئن ته هڪڙو قافلو ساڳي رستي کان اُتان لانگهائو ٿيو. اُهو ايران کان هندوستان پئي ويو قافلي جي امير هڪڙي خوبصورت ڇوڪري بيابان ۾ پيل ڏٺي جنهن مٿان هڪڙو ازدها سايو ڪري پيو هو. سالار قافلي اهڙي شگون مان ڇوڪرئ جو بخت ۽ اقبال صحيح ڪري ورتو. کيس نوڙي بسم الله ڪري کنيائين دائي جي ڳولا ۾ هو ته اڳيان مرزا غياث کي ويندو ڏٺائين ڇوڪري ماءُ جي حوالي ڪيائين کيس مٿن رحم آيو، کين کائڻ لاءِ ڪجهه ڏنائين. پوءِ مرزا کي سندس پٽ سميت هن پير خضر واپار ۾ شامل ڪري اڳتي هليو جڏهن قافلو دهلي ۾ پهتو تڏهن قافلي جي سالار شهنشاهه اڪبر جي درٻار ۾ مرزا غياث جي خاندان جي تعريف ڪئي ۽ شهنشاهه اڳيان سندن مفلسي جو حال به ظاهر ڪيائين. جليل القدر شهنشاهه قدردان هو وڏي پرک وارو انسان هو تنهن مرزا ۽ سندس ننڍي پٽ کي درٻار ۾ ننڍن ننڍن عهدن تي مقرر ڪيو. ٻئي خانداني ٻچا هئا پنهنجي خدمت ۽ ايماندارئ جو ستت ثبوت ڏنائون ٻئي طرف فياض حڪمران سندن خدمتن جو بدلو ويو ڏيندو جيئن ته ٿوري عرصي ۾ پيءُ پٽ وڃي وڏن عهدن تي ممتاز ٿيا ۽ حڪومت جي طرفان ذميوار عهدن جا مالڪ هئا. سندن بخت جو ستارو درخشان ٿيڻ لڳو. مرزا غياث جي عزت ويئي وڌندي. مهر به اچي عمر ۾ ڪجهه وڏي ٿي سندس خداداد حسن ۽ سعادتمندي جو چرچو به بلند ٿيڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي والده ماجده سان گڏ شهنشاهه جي حرم ۾ ويندي هئي. هڪ لڱا مرزا غياث جڏهن پنهنجن پٽن جي شادي جي موقعي تي وڏن وڏن اميرن ۽ شاهي اهلڪارن کي دعوت ڏني هئي قضا سان شهزادو سليم جو هن وقت نو عمر هو سو به هن محفل ۾ شريڪ هو. سندس نگاهه جڏهن مهر تي پئي تڏهن هزار دلين سان سندس زلفِ عنبر شميم ۾ گرفتار ٿي ويو ۽ صراط العشق تي جيڪو عاشقن قول چيو آهي تنهن قول موجب چشم فسون گر مٿس  پورو پورو اثر ڪيو.

محفل وارن جڏهن شهزادي جي اکين کي ڦريل ڏٺو تڏهن شهزادي جي رنگين طبيعت مان هرڪو واقف هو. هنن ان ڳالهه کي رواجي چرچو ڪري ڄاتو پر جت باهه ٻري اُها جاءِ سڙي شهزادو مهر جي نگاهه جو شڪار بنجي چڪو.

ستت ئي محبت جي راز ۽ نياز جون ڳالهيون پاڻمرادو اظهار ٿيڻ لڳيون. هڪ لڱا جڏهن عشق جي زخمين جي وري جڏهن مينا بازار ۾ لنگهندي ملاقات ٿي تڏهن راز ۽ نياز جيڪو اثر ڪيو سو هت ڏيئي نه ٿو سگهجي. آمدم برسرِ مطلب ته جڏهن عشق ناتو ڳنڍيو ۽ محبت جي قاضئ اڃا نڪاح جو پيغام مس آندو ته باجبروت شهنشاهه جي ڪن تي شهزادي جي نيرنگي چال جون خبرون وڃي پهتيون. مرزا غياث جو خانداني ماڻهو هو ۽ هن وقت سلطنت جو وڏو خزانچي هو تنهن تي شهنشاهه پنهنجي پٽ لاءِ زور رکي سا ڳالهه باجبروت شهنشاهه جي نظر اڳيان شانائتي نه هئي. تنهنڪري مهر جي شادي (مشير افگن) نالي هڪڙي ايراني جوان سان ڪرائي ڇڏيائين.

جهانگير جي هٿان شيرافگن جو موت

هاڻي پڙهندڙن کي اُن جوان جي حسب ۽ نسب جي خبر هئڻ گهرجي جنهن سان مهر جي شادي ٿي. اُهو جوان شيرافگن هو سندس نالو علي قلي بيگ هو ۽ ترڪي استجلو خاندان جو امير هو(1). ۽ شاهه اسماعيل ثاني صفوي والئ ايران وٽ فراش هو. جڏهن شاهه وفات ڪئي تڏهن شير افگن هندوستان ۾ قسمت آزمائڻ آيو. مرزا عبدالرحيم خان خانان، محمد بيرم خان خانان جي پٽ سان ملاقات ڪيائين، جو اُن وقت ملتان ۾ هو، جڏهن عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن ٺٽي جي جنگ ۾ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ ستت ئي وڃي اميرئ جي منصبي کي پهتو. وري جڏهن شهنشاهه اڪبر جي ميواڙ جي راڻي سان جنگ لڳي تڏهن هن مهم جون واڳون شير افگن جي سپرد ڪيون ويون مڙس دلير هو ميدان ۾ اهڙو ته جوهر ڏيکاريائين جو قدردان شهنشاهه کيس شير افگن جو خطاب مرحمت ڪري کيس بردوان ۾ وڏي جاگير به عنايت ڪئي. غرض هو مهر کي به ساڻ بردوان وٺي ويو، جت ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ کير کنڊ هئا. هيڏانهن سليم جو اِهو حال هو جو سندس دل جو سور نت نئين ڏينهن تازو ٿي رهيو هو. هينئر جو هو دهلئ جو شهنشاهه ٿيو، سو پراڻي سلسلي کي وري نئين سر ڇيڙڻ لڳو.

جيڪڏهن دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي واقعات جي ابتدا تي غور ڪبو ته نوي پنجانوي فيصد واقعات ۾ توهانکي ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿ ڪار فرما نظر ايندو! ٻين تاريخن کي ڇڏيو رڳو هندوستان جي تاريخ ۾ اسانکي اهڙا عظيم واقعات نظر ايندا ۽ پاڻ مرادو اهو ظاهر ٿيندو ته ڪيئن نه هن ملڪ ۾ عورتن جي ڪري واقعات ۽ انقلاب نمودار ٿيا. مهاڀارت کي جيڪا اهميت ۽ خصوصيت حاصل آهي، تنهن کان هر هڪ هندوستاني واقف آهي. هن جنگ ۾ ارض هند جي سڀني راجائن حصو ورتو ۽ هندوستان ۾ ايتري بربادي ۽ تباهي پکڙجي ويئي جو صدين تائين هندوستان وري نه جاڳيو. هن جنگ جي ابتدا مهاراڻي (دروپدي) جي بيحرمتي هئي. هن بيحرمتي جي ڪري هر طرف کان شعله ڀڙڪيا ۽ لکين انسان خون ۽ خاڪ ۾ ملي ويا!

اچو راوڻ ۽ رامچندر جي جنگ تي؟ هڪڙي عورت جي ضد تي مريادا پرشوتم بن باس اختيار ڪرڻو پيو ۽ سلطنت جي گرداب ۽ خطرات ۾ گرفتار ٿيڻو پيو! وري هڪڙي راڻي ۽ خادمه جي سازش جي ڪري لنڪا جي سِر سان سِر وڄي ويئي. سلطنت عثمانيه جي بربادي ۽ رومن شهنشاهت جي تباهي ۾ به عورتن جو هٿ مصروف ڪار فرمائي نظر ايندو! پر جيترو يورپ زالن جي هٿان نقصان کنيون، تنهن جو مثال ته ڪره ارض ۾ ملڻ مشڪل آهي. پهرين عالمي جنگ ۾ لکين بلڪه ڪروڙها قيمتي جانيون جنگ جي شعلن ۾ سڙي ڀسم ٿي ويون! پر اسان منجهان ڪي ٿورا اصحاب اهڙا هوندا جن کي معلوم هوندو ته هن جنگ ۾ به تحريڪ جو پهريون هٿ جنهن اُڀو ڪيو سا هڪ زال هئي جا ايليو نوره آف هاسبرگ هئي! مشهور مؤرخ موسيو اسٽيفن تازو هڪڙي ڪتاب ۾ هن راز جو پورو بيان ڏنو آهي ته ڪيئن نه آسٽريا جي شاهي خاندان ۾ سياسي معاملات جي ڪري شديد اختلاف پيدا ٿيو ۽ سيري جيو جي شهر ۾ شهزادي فرديننڊ ۽ سندس بيگم جو شاهراهه تي قتل ٿيو. جنهن شعله جي اُٿڻ ڪري سڄي دنيا جنگ جي باه ۾ وڪوڙجي ويئي!

جب توقع ہی اُٹھ گئی غالب

 

کیا کسی کا گلہ کرے کوئی!

پس هندوستان ۾ جيڪي واقعات ٿيا يا دنيا ۾ صنف نازڪ هٿان جيڪي انقلاب عظيم پيا تن جي مقابلي ۾ شايد جهانگير ۽ نورجهان جو قصو بلڪل معمولي آهي. منهنجي اها مرضي نه آهي ته شهنشاهه جي ڪارستانين تي قلم جي زور سان پردو وجهي ڇڏيان! نه، منهنجو اهو مطلب آهي، ته پڙهندڙن کي معلوم  هئڻ گهرجي، ته صنف نازڪ کي جو ايتري طاقت پيدا ٿي اُها ڪٿان ٿي؟ اُهو وٽن هٿيار خوبصورتي هئي! پس جن دلين ۾ ذوق آهي سي جلد کائنن متاثر ٿين ٿا، ذوق اُن قوت جو نالو آهي، جنهن جي ذريعي اسين خوبصورت شين جي حسن کان متاثر ٿي وڃون ٿا. ذوق جي قوت ڪمزور ٿئي ٿي. اُهي جمال جي لطيف اندروني ۽ نمايان حالتن کان لطف اندوز ٿي نه ٿا سگهن. پس اُهي انسان جن جو ذوق قوي ٿئي ٿو تن جي نگاهه کان حسن جي باريڪ کان باريڪ ۽ نازڪ کان نازڪ صورت پوشيده رهي نه ٿي سگهي. وري ذوق لاءِ عقل سليم ۽ قوت تميز ٻئي شيون ضروري آهن، تاڪه حسن جي برائي ۽ ڀلائي جي پروڙ پئجي سگهي! نه ته ٻي صورت ۾ محبت هڪڙي آتش، سرديءَ کان معمور، هي اُهو جذبو آهي جنهن جي خوراڪ آهي خواهش، مڪر ۽ فريب جون چالون سندس موت آهي ۽ بيوفائي سندس ڪفن آهي! غرض نه هير ۽ رانجهي جو قصو ئي ختم ٿيندو نه وري سارنگي ئي ڀڄندي!

جهانگير جي سينه نگاري سڀ ڪجهه ڪيو تاڪه مهرالنساء کي سندس پراڻن زخمن جي انگورن جي خبر پئي پر هوءَ خانداني ڇوڪري هئي، تنهنڪري شهنشاهه جي سطوت ۽ جبروت جو به خيال دل ۾ نه آندائين. پنهنجي مڙس سان خوش گذارڻ لڳي پر اُها ڳالهه جا ورهين جي دل ۾ سانڍيل هئي ۽ ڪجهه وقت اڳ گرم بازاري ڪري چڪي هئي، سا آخر وڃي شير افگن جي به ڪن تي پهتي. پر مڙس دلير هو، تنهنڪري شهنشاهه جي تلوار جو تلوار سان جواب ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. حضرت شيخ سليم چشتي رحه جي اولاد کي شهنشاهه اڪبر وڏا عهدا ڏنا هئا تنهن بزرگ جي اولاد مان شيخ قطب الدين، جو هن وقت بنگال جو صوبيدار هو، تنهن کي جهانگير خط جي ذريعي سمورو راز لکي موڪليو. آخر قطب الدين ۽ شير افگن جي پاڻ ۾ جنگ لڳي آخر شير افگن تنگ ٿي ڪري سرڪاري نوڪريءَ کان استعيفا ڏني. هو ايراني هو سندس رڳن ۾ غيرت جي بجلي هئي، هو پنهنجي وقت جو مشهور پهلوان هو. شهنشاه جي سپھ سالارن کي مجال نه هئي جو سندس کلئي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهن. پر هڪڙي طرف شهنشاهي زور ۽ ظلم هو، ته ٻئي طرف هو هڪڙو بي يارمددگار، بيوطن امير، هو ڇا ڪري سگهندو؟ آخر جهانگير جي سازش ڪري بردوان جي کلين ڳلين ۾ هن مرد ميدان مغل سپاهين هٿان شهادت جو جام پيتو. انالله وانا اليھ راجعون.

جهانگير مهرالنساء کي قيد ڪرائي دهلي آندو جت جدا هڪ محلات سندس رهڻ لاءِ مقرر ڪيائين. ٿوري وقت کانپوءِ ڏانهس شادي جو پيغام مڪائين. پر مهر انڪار ڪيو، پر ٽن سالن تائين پنهنجي شهيد مرد جي عدت گذاريائين ۽ ڪڏهن به شهنشاهه جو ان عرصي ۾ منهن ڪين ڏٺائين. پر شهنشاهه ويو جيئن پوءِ تيئن سندس محبت ۾ غلطان ٿيندو. ايتريقدر جو خود مهر کي مٿس رحم آيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ قبول ڪيائين. سن 1019هه ۾ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿي.

شهنشاهه نورجهان جي پيءُ کي وزيراعظم مقرر ڪيو. سندس ڀاءُ کي آصف جاهه جو لقب مرحمت فرمايائين.

--------

مغربي دنيا کي جيڪڏهن پنهنجن راڻين تي فخر آهي ته مشرق ۾ به جيڪا راڻي نورجهان جي هاڪ پيل آهي، تنهن لاءِ تاريخون شاهد آهن. جيڪڏهن روس وارا ملڪه ڪئٿرائين جي نالي کي فخر سان ياد ڪن ٿا يا آسٽريا وارا مئراٿريسا کي پاڻ لاءِ باعث فخر سمجهن ٿا يا فرانس جي تاريخ ۾ جون آف آرڪ جو نالو سونهري لفظن ۾ لکيل آهي، يا انگلستان جي تخت کي الزبيٿ سينگاري سگهي ٿي، يا اسپين کي ملڪه ازابيلا آزادي جو جامون پهرائي سگهي ٿي تيئن هندوستان هفت اقليم جي شهنشاهت تي سڪي هلائڻ واري راڻي نورجهان بيگم هئي، هندوستان جون راڻيون پنهنجي پاڪ دامني، عقل ۽ دانش جي لحاظ سان جيڪا شهرت رکن ٿيون، سي سندن گڻ ڪنهن به مڪر ۽ فريب سان لڪي نه ٿا سگهن. مٿن جيڪڏهن مصيبت جو پهاڙ کڻي ڪري پوي ته به ڪا پرواهه نه ٿيون ڪن. وڏي ۾ وڏو  اِها صفت هئي جو هنن پنهنجي خاوند ۽ اولاد کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز ڪري ڄاتو. راڻي نورجهان جيڪڏهن ايران جي خاڪ مان هئي ته به پرواهه نه آهي، ڇاڪاڻ جو هندوستان جيڪڏهن پنهنجي تهذيب ۽ فلاسافي جي ڪري زماني قديم کان شهرت رکي ٿو پر گهڻو عرصو کيس ايراني تهذيب ۽ معاشرت جي زير اثر رهڻو پيو. راڻي نورجهان صورت خواه سيرت ۾ مايه ناز هئي، پنهنجي حسن ۽ اخلاق جي زور تي شهنشاهه جي دل تي قبضو ڪري ورتائين. ايتريقدر جو باجبروت شهنشاهه فرط محبت جي ڪري پهريون سندس نالو نور محل پوءِ نورجهان رکيو. هن دانش مند راڻي شهنشاهه جي دل تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ امور سلطنت ڏانهن سمورو ڌيان ڏنو. آئين جهانداري ۽ تمدن جي ميدان ۾ هن دانشمند راڻي جيڪي سامونڊي ڊوڙايا تن ۾ گوءِ به کڻي ويئي. مثلاً سڀ کان پهريون هن پنهنجي خاوند جي دل تي قبضي ڄمائڻ جي عيوض سندس شراب پيئڻ جي عادت کي گهڻو گهٽائي ڇڏيو. تنهن کانسواءِ سرڪاري خرچ کي گهٽائڻ ۾ به چڱو پاڻ پتوڙيائين. سندس تڪلف آميز صحبتن ۾ شاهي بيگمات جو هر وقت جهرمٽ رهندو هو. اهڙن شيرازي دعوتن جو اثر شاهي بيگمات تي گهڻو پيو. سندن لباس ۾ ڦيرو پيو. جت اڳ شاهي حرم خاني ۾ راجپوتانا جو طوطو ٻوليندو هو، اُتي هينئر ايراني شهزادين جي عزت ٿيڻ لڳي. هڪڙي ڀيري حرم ۾ جڏهن غسل ٿي فرمايائين تڏهن گلاب جي گلن کي پاڻي مٿان ترندو ڏسي صحيح ڪيائين ته هنن مان ضرور تيل نڪرندو. سندس حسن اخلاق جو نتيجو هو جو هندستان ۾ گلن جي عطر ڪڍڻ جي هنر جو بنياد پيو ۽ 80 روپئي تولي جي حساب سان وڪامڻ لڳو. محبت خان جي فساد وقت هن جڏهن ميدان تي نڪري تلوار هلائي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته منجهس ڪيتري قدر سپاهيانه لياقت هئي. پر ايتريقدر به چئبو ته شهنشاهه بخت وارو هو، جو کيس اهڙي زال نصيب ٿي. جنهن ڪمال دانشمندي ۾ ڏاهپ سان رعيت تي راڄ هلايو.

جهانگير کي چار پٽ هئا، خسرو، پرويز، خورم ۽ شهريار. منجهانئن خورم پي کي گهڻو وڻندو هو جو نورجهان جي ڀائٽي پرڻيو هو. جڏهن ڪا جنگ لڳندي هئي اُتي لشڪر سان موڪليو ويندو هو، پر نورجهان کي پهرين مڙس شيرافگن مان هڪڙي ڌيء هئي، جا شهزادي شهريار سان پرڻائي هئائين. تنهنڪري جيڪي وس پيس سي هنکي تخت جي وارث ڪرڻ لاءِ هلايائين. شهنشاهه جي بادشاهي جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ سندس پٽ خرم کيس گهڻو هلاڪ ڪيو. ٻنهي شهزادن جي تخت ۽ تاج لاءِ اچي پاڻ ۾ جنگ لڳي. محبت خان، جو هن وقت ڪابل جو صوبيدار هو، تنهن پهريون خرم کي دکن ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ ڪن ڳالهين تان تڪرار ڪري بغاوت اختيار ڪيائين. هڪڙي ڀيري جڏهن شهنشاهه ڪابل ٿي ويو ته  اٽڪ وٽ هن مٿس حملو ڪري کيس گرفتار ڪيو. جيڪڏهن جهانگير کي هن وقت نورجهان جا هٿ نه پڄن ها ته جيڪر سندس حياتي جوکي ۾ هئي. 28 آڪٽوبر 1627ع مطابق صفرالمظفر 1037هه ۾ شهنشاهه بيمار ٿي ڪشمير ڏانهن ٿي ويو تڏهن وفات پاتائين. انالله وانا اليھ راجعون. سندس تربت لاهور وٽ آهي.

مغربي لوڪن جي سياحت مشرق کي لٽڻ جي جدوجهد

جڏهن مشرق ۾ اسلامي تلوار تهذيب جي هلال جي صورت ۾ چمڪي رهي هئي، تڏهن مغربي لوڪ جاهل هئا. سندن جهالت جو داستان وڏو آهي، پر اسپين ۾ اسلامي سلطنت اندر قرطبه ۽ غرناطه ٻه فيض جا چشما پي وهيا. اُتان هي سفيد فام لوگ تعليم پرائي اهڙو ته ڀڙ ٿيا جو اٽلي، فرانس، انگلينڊ، جرمني، پولينڊ ۽ اسپين جي اُپٻيٽ جا رهاڪو معاشرتي ۽ تمدني ترقي ڪرڻ لڳا. مارڪو پولو پهريون مغربي سياح هو جنهن مشرقي ملڪن جو سير ڪري وڃي يورپ جي لوڪن کي مشرق جي پيداوارين ۽ دولت جي خبر ڏني، تنهن کانپوءِ هو سمنڊ جي رستي مشرق ڏانهن وڃڻ جا رستا ڳولڻ لڳا ڇاڪاڻ ايشيا مائنز ۽ آفريقا جا رستا ترڪن جي هٿ هيٺ هئا. 1492ع جو زمانو ٻن واقعاتن جي ڪري مشهور آهي، هڪ ته يورپ ۾ اسپين ۾ شاندار اسلامي سلطنت جو خاتمو ٿيو، ٻيو ته جنيوا شهر جي هڪڙي ڪوريءَ جي پٽ، جو جاگرافي دان هو ۽ بحري سفرن ڪرڻ جو کيس شوق هو، سندس نالو ڪرسٽو فرڪولمبس هو، تنهن اسپين جي مايه ناز راڻي ازابيلا جي جهنڊي هيٺ آمريڪا جا کنڊ ڳولي ڪڍيا. پر هندوستان ڏانهن ويندڙ بحري رستو ڳولي نه سگهيو. سندس اولوالعزمي کي ڏسي انگريز، ڊچ، جرمن، پورچوگيز ۽ ٻين قومن کي بحري مسافري ڪرڻ لاءِ شوق جاڳيو. هنن مشرقي يا ڌارين ملڪن جي دولتن کي لٽڻ لاءِ ڏاڍا ڪشالا ڪيا ۽ پاڻ ۾ لڙندا به رهيا. آخر هو هن جدوجهد ۾ وڃي ڪامياب ٿيا. مثلاً براعظم آفريقا جي ڪناري جي چؤگرد ڦري هن گجرات- ڪاليڪٽ، گووا، بنگالي ۽ ايراني نار جي بندرن تي واپار جون ڪوٺيون وڌيون.جيئن ڪجهه وقت اڳ ڪروزيڊرن مشرق جي دولت کي لٽڻ لاءِ مشرق تي حملا ڪيا هئا، تيئن هينئر به مغربي سياحن مشرق جي اڻ کٽ دولت جي ارادي سان هندوستان ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون، واسڪو ڊيگاما هڪڙي پورچوگيز جهازران سڀ کان پهريون آفريقا جي چؤگرد ڦري 22 مئي 1498ع ۾ 400 ملاحن جي دستي سان ڪاليڪٽ Calicut جي بندرگاه تي لٿو. هتي جي بادشاهه زئمورن Zamorin سندس مهماني ڪئي ۽ مشرقي تهذيب جي لحاظ سان مهمان نوازيءَ جا فرض ادا ڪيائين، پر کيس مغربي لوڪن جي لچائي جي خبر ڪانه هئي، جيئن ته 12 سالن کان پوءِ ساڳين قزاقن سندس ملڪ تي قبضو ڪري سندس محلات کي باهه ڏني!

پرتگالن جي فوج قليل التعداد هئي، زئمورن وڏي لشڪر سان سندن مقابلو ڪيو، پر ڀيري ڀيري سان نقصان ۽ شڪست کائي موٽيو. ڪاليڪٽ جو بندرگاهه ٿورن توپن جي وسڪاري سان مسمار ٿي ويو. پرچوگيز فوجي تعليم ۾ ماهر هئا، وٽن آتش خيز هٿيار موجود هئا. اهڙن هٿيارن کان اڃان هندوستان جا ماڻهو بيخبر هئا. پورچوگيزن آسانيءَ سان فتح حاصل ڪئي ۽ هڪ صديءَ جي اندر سندن جهنڊو فاتحانه انداز ۾ مئنگلور، ڪوچين، سيلان، آرمز، ڊيو ۽ گووا تي ڦڙڪڻ لڳو. هنن بيشمار آمدني ڏسي بندرگاهن تي قلعا جوڙڻ شروع ڪيا، پر ملڪ جي ديسي بدنصيب رهاڪن سان اهڙا پير کنيائون جو پورچوگيزن جي زوال تي ڳوڙها ڳاڙيندي الفنسو ڊي سوزا ALFONSO DE SOUZA هن ريت ماتم ڪيو ته :

” پورچوگيز جڏهن هندوستان ۾ گهڙيا تڏهن سندن هڪڙي هٿ ۾ تلوار هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ظلم هو. هندوستان ۾ بي شمار دولت ڏسي سندن حوصلا خطا ٿي ويا، هو پنهنجا کيسا سون سان ڀرڻ لڳا، پر دولت ايتريقدر بي انداز هئي جو تلوار به ڦٽي ڪري ميڙڻ ۾ لڳي ويا، آخر ايترو مال ڪٺو ڪيائون جو کانئن پوءِ جيڪي مغربي لوڪ آيا تن کين آسانيءَ سان زير ڪري ڇڏيو“(1).

پورچوگيزن کان پوءِ جيڪا مغربي قوم هندوستان ۾ آئي، اهي ڊچ هئا، جي هالينڊ جا رهاڪو هئا. هڪڙوو ڊچ، جو ڪجهه وقت پورچوگيزن وٽ قيد هو ،سو جڏهن هالينڊ پهتو تڏهن پنهنجي قوم کي هندوستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ سجاڳ ڪيائين. ستت ئي ڊچن جا 8 جهاز شمال مشرقي ۽ آفريقا جي درياهي رستن تان هندوستان ڏانهن روانا ٿيا. 1598ع سندن آفريقا وارو چئن جهازن جو دستو جاوا پهتو ۽ 1663ع ڌاري هنن مدراس، آگره، پٽنا، سورت ۽ احمدآباد ۾ واپار جون ڪوٺيون وڌيون. 1675ع ۾ هنن چنشورا ۾ ڪارخانو به وڌو. ڪجهه وقت تائين هنن به خوب دولت ڪمائي، پر جڏهن بنگال جي نواب مير جعفر جڏهن انگريزن کان تنگ ٿي کانئن فوجي مدد گهري، تڏهن سندن 7 جهاز 1100 لشڪر سان جڏهن بٽيوا کان بنگال پهتو. تڏهن انگريزي مهندار ڪلائيو Clive هٿان سندن جهاز چنشورا پهچڻ کان اڳ ناس ٿي ويا. 1805ع ۾ هنن مئلاڪا ۽ چنشورا جا علائقا هندوستان ۾ انگريزن جي حوالي ڪري سماترا ٻيٽ تي قناعت ڪئي. جڏهن لسبن ۾ هندوستان جي دولت اچڻ لڳي تڏهن انگريزن کي هندوستان سان واپار ڪرڻ جو خيال جاڳيو. 1527ع ۾ رابرٽ ٿارن Robert Thorne انگلينڊ جي هڪڙي واپاري پنهنجي بادشاهه هينري اٺين کي هندوستان سان واپار ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. ته اُتر اولهندي بحري رستي کان هندوستان ڏي رستو ڳولي لهجي، پر اها اسڪيم ڪامياب ٿي نه سگهي. سن 1578ع ۾ انگلينڊ جي مشهور اميرالبحر سرفرئنسز ڊريڪ Sir Francis Drake هڪڙي مشرق کان ايندڙ پورچوگيزن جي جهاز کي جڏهن لٽيو تڏهن ٻئي مال سان گڏ کيس هڪڙو قيمتي نقشو به هٿ لڳو، جنهن ۾ هندوستان ڏانهن ويندڙ رستن جي پوري خبر ملي پئي سگهي. 1594ع ۾ لئنڪاسٽر نالي هڪڙو انگريز ڏکڻ آفريقا کي لتاڙي وڃي جاوا پهتو. تنهن کانپوءِ (ايسٽ انڊيا ڪمپني) جو انگلينڊ ۾ بنياد پيو ۽ راڻي ايلزبينٿ واپارين جي مجلس کي هندوستان سان واپار ڪرڻ لاءِ فرمان جاري ڪيو، ڪپتان هاڪنس Capt Hawkins  پهريون انگريز هو، جنهن 1608ع ۾ سورت ۾ واپار جي ڪوٺي وڌي، پنهنجي شهنشاهه جيمس اول جي طرفان هڪڙو خط شهنشاهه جهانگير جي درٻار ۾ پيش ڪيو، ڪجهه وقت سندن پورچوگيزن سان ڇڪتاڻ ٿي، پر 1612ع ۾ هنن انگريزن پورچوگيزن کي شڪست ڏيئي سورت ۾ واپار جي بيٺڪ وڌي، ستت ئي سندن ڪوٺيون ويون وڌنديون. کين پير رکڻ جي اجازت ملي. انگريزن جو هندوستان تي قبضي ڪرڻ جو ڪو خيال ڪونه هو ڇاڪاڻ جو سرٿامس رو Sir. Thomas.Roe جو جيمس اول جي پاران مغل اعظم جي درٻار ۾ سفير هو، تنهن انگريزن کي صلاح ڏني ته ”جيڪڏهن توهين ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته سمنڊ تي ترقي ڪيو ۽ امن امان سان هندوستان سان واپار ڪيو“ ڇاڪاڻ جو سرٿامس رو درٻار ۾ رهي مغل شهنشاهن جي طاقت کي ڏٺو هو، پر 13 اپريل 1661ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڪمپني جي ڊائريڪٽرن اها اجازت ڏني ته هو هندوستانين سان صلح يا جنگ ڪري سگهي ٿي. سياسي نڪته نگاه سان اهو امر صحيح هو ته انگريزن کي سياسي ڄار پکيڙڻ جي هندوستان ۾ اجازت ملي. جيئن پوءِ تيئن ويا ڪامياب ٿيندا، تن جا ٻه مکيه سبق هي آهن.

(1)  ته ديسي رهاڪن وٽ آتش خيز هٿيار ڪين هئا، پر مغربي فوجن ۾ گهڻو ماهر هئا.

(2) جيتوڻيڪ سندن تعداد هندوستان ۾ ٿورو هو، پر ديسي سپاهين کي نوڪري ۾ ڀرتي ڪري کين پاڻ جهڙي فوجي تعليم ڏيئي پاڻ ديسي فوجن هٿان ڪم وٺڻ لڳا.

1664ع ۾ ڪالبرٽ Colbert جي سرپرستيءَ هيٺ فرينچ ڪمپني هندوستان سان واپار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي، جنهن جو نالو “Coripagie Des Indes” هو. 1668ع ۾ فرينچن به سورت ۾ واپار جي ڪوٺي وڌي ۽ 1674ع ۾ فرئنڪوس مارٽن F. Martin جي تحريڪ سان هنن پانڊيچري ۾ بيٺڪ وڌي. جيسين مغل شهنشاهت طاقتور هئي تيسين ته مغربي لوڪ واپارين جي لباس ۾ هندوستان جي دولت لٽڻ لڳا، پر جڏهن مغل شهنشاهت ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي، تڏهن هو ننڍن ننڍن حاڪمن کي هڪ ٻي جي خلاف مدد ڏيڻ لڳا. تان جو ”آئي ٽانڊا کڻڻ بنجي ويٺي بورچياڻي“ واري مثال وانگر سڄي ملڪ جا مالڪ بڻجي ويٺا! ستن سمنڊن جي پار رهندڙ ڪيئن هندوستان جا مالڪ ٿيا. تنهن جو بيان انشاءالله ڪنهن ٻئي باب ۾ ڏبو في الحال پڙهندڙن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڌارين قومن هندوستان تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جو هن وقت ظاهري واپار جي صورت ۾ هو.

ابوالمظفر سلطان محمد شاهجهان

جڏهن جنت مڪاني جهانگير لاهور ۾ بيمار هو تڏهن نورجهان لاچار هئي، ڇاڪاڻ جو شهزادو شهريار به غير حاضر هو. آصف جاه هڪدم هڪ پيغام تيزگام شهزادي خرم ڏانهن دکن روانو ڪيو. قاصد کي هڪڙو خط ۽ شاهي مهر بطور نشاني ڏنائين، ته جيترو جلد ٿي سگهي اچي حاضر ٿئي.  هرهڪ ڪوهه لاءِ هڪ اشرفي ڏيڻ ۽ ٻيو انعام به ڏيڻو ڪيائين. مهته بنارسي نالي قاصد مٿيون نشانيون وٺي هوا وانگر جبلن ۽ درياهن کي لتاڙي اچي دکن پهتو ۽ شهزادي کي خط پيش ڪيائين. شهزادو خرم جلد آگره ۾ اچي آصف جاه ۽ محبت خان جي مدد سان 26 جنوري 1628ع مطابق سن 1037هه جمادي الاخر پنهنجي بادشاهي جو اعلان ڪيائين. شهزادو خرم نيڪ نيت انسان هو تنهنڪري اهڙو ڪو فساد ڪونه ٿيو جنهن کان سلطنت جي بنياد کي لوڏو اچي البته خان جهان لوڌيءَ دکن ۾ فساد ڪيو، پر خان جهان ته  ڪامياب ٿي نه سگهيو، پر اٽلندو دکن جي حاڪمن کي مطيع ڪرڻ ۾ وڏا معرڪا ٿيا آخر نون عهدنامن ڪرڻ کانپوءِ اُتي جي حاڪمن کي مطيع رهڻو پيو. بيجاپور، احمد نگر ۽ گولڪنڊه قلمرو مغل شهنشاهت سان لاڳو ٿي ويا. جن جن بادشاهه کي تخت هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڏني تنکي وڏا وڏا عهدا مليا، باقي غريبن ۽ اميرن کي خيراتون ۽ شاهي خلعتون سرفراز ڪيون ويون. راڻي نورجهان لاءِ معقول وظيفو مقرر ڪيو ويو، جا زندگي جا پويان ڏينهن پنهنجي مڙس جي يادگيري ۾ گذارڻ لڳي. هوءَ سفيد پوشاڪ پهريندي هئي. ملڪي ڪمن ۾ ڪڏهن بهرو ڪين ورتائين. پنهنجي جيئري شهنشاهه جهانگير جي مقبري جي ڀرسان پنهنجو مقبرو جوڙايو هئائين. جتي کيس وفات ڪرڻ بعد دفنايائون.

شهزادو خرم، جو هن وقت محمد شاهجهان جي لقب سان دهليءَ جي تخت تي رونق افروز ٿيو. سو نيڪ دل ۽ پڪو مسلمان هو. کيس محل ساز بادشاه ڪوٺين ٿا، ڇاڪاڻ جو سلطنت جي مختلف شهرن ۾ محلات ۽ مساجد تعمير ڪرايائين. سندس جلوه ۽ حشم جي آئين جشن جمشيد ۽ آئين اسڪندرئ کي مات ڪري ڇڏيو. دور اڪبري جي زماني جا جيڪي خلاف شرع قائدا هئا، سي موقوف ڪري عيش جي محفلن کي هميشه لاءِ ٻنجو ڏيئي بندوبست جا آئين ۽ قوانين جاري ڪيائين.

قلعه دهلي جشن ماهتابي

جڏهن جاه ۽ حشم جي هجوم لاءِ آگره ۽ لاهور جي قلعن ۾ ڪا گنجائش نه رهي، تڏهن دهلي ۾ نئون قلعو تيار ڪيو ويو. هڪ ڪروڙ رپين جي خرچ سان ڏهن ورهين ۾ جڙي راس ٿيو. جڏهن مير عمارت عرضي لکي پيش ڪئي تڏهن فردوس آشياني شهنشاهه محمد شاهجهان دولت جي سامونڊي تي سوار ٿي جمنا نديءَ جي ڪناري واري دروازي کان قلعي ۾ داخل ٿيو. قلعو سڄو ڳاڙهي پٿر جو مٿس سنگ مرمر جا حاشيا چڙهيل غرض نرالي ڍنگ سان هو. قلعي جي برجن، دلڪشا باغن ۽ ايوانن ۽ مرغولن جي بيان ڪرڻ لاءِ وڏي دفتر جي ضرورت آهي پر قلعي جو جيڪڏهن ڪاغذ تي نقشو ڪڍبو ته اٺ ڪنڊياري گل جي تصوير نظر ايندي، القصّه جشن جو سامان شروع ٿيو. ديوان ديوان عام جي اڳيان اُهو شاميانو جنهن جو نالو (دل بادل) هو ۽ ديوان خاص جي ميدان ۾ سها منڊل شاميانا کڙا ڪيا ويا. جنجون چوٽيون آسمان سان ڳالهائڻ لڳيون. مٿيان شاميانا به ستن ورهين جي محنت سان تيار ٿيا هئا. مٿن هزارها گز ڪشميري پشميني گجراتي مخمل ۽ زربغت جا خرچ ٿيا هئا. سندن ستون ۽ ڪنارا سون ۽ چانديءَ جا هئا. مٿين شاميانن جي سامهون اطلسي ۽ زربافي شاميانا سونن روپن جهالرن سان کڙا ڪيا ويا. ايوان عالي جي ڇت مٿان طلائي مينا ڪاري هئي جنهن جا  پردا بنارسي ڪيمخاب جا هئا، ته هيٺان وري ايراني غاليچا وڇائجي ويا. ايوان کان وٺي دروازن تائين درن ۽ ديوارن تي مخمل، زرباف، ڪمخاب رومي اطلس ۽ چيني ريشم جا فرش پردا لڳي ويا. جن نگار چين کي مات ڪري ڇڏيو. وچ ۾ (تخت طاؤس) رکيو ويو، جو دنيا جي غائبات جو هڪڙو نمونو هو جو ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تيار ٿيو. هن تخت جي ٽيڪ واري پٺ ڏهن لکن جي خرچ سان جڙي، ڇٽ ۽ ستون جاڙائودار هئا مٿن ميناڪاري جو ڪم ٿيل هو، چوٽيءَ کان وٺي فرش تائين جواهرن سان جڙيل هو، جن جي آبداريءَ جي ڪري سڄو ايوان جهڳ مڳ پي لڳو. تخت جي اڳئين محراب وٽ هڪ جڙائودار درخت بيٺل هو، جو سڄو طلائي جنهن جا پن سبزه، الماس، لعل ۽ ياقتون کان رنگا رنگ هئا. ٻن پاسن کان تخت جي ٻه مور جواهر نگار بيٺل هئا، جن جي چنهنبن ۾ سچن موتين جون تسبيحون پي لٽڪيون. ڪاريگرن اهڙي نموني سان مور بيهاريا هئا ڄڻ اجهو ٿا نچن. ڇت جي ڪنارن تان زرنگار موتين جون جهالرون لڙڪي رهيون هيون.

تخت طاؤس جي اڳيان جيڪو شاميانو هو، سو آبدار موتين ۽ جواهرات سان جَڙيل هو. جو درياهه وانگر نُور وانگر لهريون هڻي رهيو هو، جوهڪ لک رپين جي خرچ سان جڙيو. سندس ستون سونا ۽ روپا هئا، چؤطرف هر ڪنهن منصبي جي مرتبي مطابق ڪرسيون ۽ چوڪيون وڇائجي ويون. تخت جي اڳيان شاهي اداب بجاءِ آڻڻ لاءِ ڪن گزن جي مفاصلي تي چانديءَ جو هڪڙو ڪٽهڙو جڙيل هو. اُهو ايتريقدر خوشنما ڄارين سان جڙيل هو جو نگاهه کڻڻ جي مجال نه پي ٿي. ڪٽهڙي جي ٻاهران پهرين صف ۾ شهزادا اُن کان پوءِ راجا، مهاراجا، صوبن جا حاڪم امير وزير پنهنجا پنهنجا وٺي بيٺا. سڀني فرمانبردارن جون اکيون هيٺ ۽ دليون پنهنجي آقا جي حڪم ٻڌڻ لاءِ ڏيو بيٺا هئا. هر هڪ دروازي تي ٻه ٻه خاص بردار مخمل جي غلافن سان بندوقون ڪلهن سان جهليون بيٺا هئا. ٻئي هٿ ۾ سندن فولادي چوٽين سان تيرا هئا. ٻاهرئين دالان ۾ عهديدار، منصب دار، حڪم جا منتظر بيٺل هئا. دالانن جي ٻاهرين دروازن تي ٽي ٽي ڪارا ديو حبشي ڳاڙهين اکين سان زربفت جون ورديون پاتل فولادي گرز ڪلهن تي رکي بت بڻيو بيٺا هئا. ٽئين درجي ۾ اهلڪارن، ڪارخانن جا ڪاردار، دفترن جا منشي متهّدي جن جا قلمدان ڪمر سان لٽڪيل اڳيان دفتر رکيو ويٺا هئا. دروازن تي سپاهي اُگهاڙين تلوارن سان ڪٽهڙي سان لڳ بت بڻيو بيٺا هئا.

ڪٽهڙي جي پريان شاهي افواج قاهره جا بهادر سپاهي ساڄي کاٻي ترڪ ۽ افغان بيٺل، سامهون جانباز راجپوت سونهري لباسن ۾ جلوه گر هٿن ۾ جهنڊا کڻيو بيٺا هئا، هتان کان وٺي ٻاهرين در تائين رستي جي ٻنهي طرفن کان سوار فوج بيٺل هئا. درٻاري اچڻ لڳا، هر ڪو پنهنجو نالو نشان ٻُڌائي ٽنهي سلام گاهن وٽ تسليم بجا آڻڻ لڳا، دٻدٻي ۽ دهشت جو اهو عالم هو جو قدم اڳتي کڻي نه پئي سگهيا، جڏهن نقيب آواز پئي ڪيو ته آداب بجا آڻيو، تڏهن جهان پناهه بادشاهه سلامت عالم پناهه بادشاهه سلامت! جي آواز کان دل ڪنبي پئي ويو. ڪٽهڙي وٽ (ڪورنش) جا آداب اداڪرڻ لڳا. غرض هر ڪنهن کي خلعتون ۽ منصبي جي ترقي جا احڪام ٻڌايا ويا. خاص ڪري سعدالله خان وزيراعظم کي هفت هزاري جي منصبي عطا ڪئي ويئي. باقي ٻين راجائن ۽ نوابن اميرن کي سندن لياقت موجب منصبداريءَ جا عهدا عنايت ڪيا ويا.

نو راتيون چنڊ جون جشن ماهتابي ملهايو ويو. سڄو ديوان عام بقئه نُور نظر پي آيو. رات جو ديوارن ۽ فرش تي سفيد مخمل ۽ سفيد قالينون وڇايل هيون، مطلب ته بلوري شمعدانن جي روشني سفيد، درٻار جو لباس به سفيد، مطلب ته زمين کان وٺي آسمان تائين نُور جو عالم هو. مهتاب درياهه لهرائيندو نظر پي آيو. نون ڏينهن تائين برابر انعام اڪرام جاري رهيا. اها هئي فردوس آشياني ابوالمظفر سلطان محمد شاهجهان جي درٻار، جنهن جو مشرق توڙي مغرب ۾ چرچو لڳل هو.

نئون تختگاهه دهلي شاهجهان آباد

فردوس آشياني محمد شاهه جهان پنهنجو تختگاهه دهلي مقرر ڪيو، مٿس جهان آباد نالو رکيائين. هندوستان هن شهنشاهه جي عهد مهد ۾ بلڪل آسودو  هو. ماڻهو اهڙا ته ڀاڳن ڀريا هئا جو چون ٿا ته ڪڏهن به نه ٿيا. حڪومت جي ڏينهن ۾ امن امان هو، انصاف جي بازار گرم هئي، جنهنڪري ماڻهو آبادگار ۽ خوش هئا. نيڪ دل شهنشاهه کي رعيت جي ڀلي لاءِ هر وقت فڪردامنگير هو. سندس وزير قابل هئا جن قاعدن جي سموري جوڙجڪ ڪئي. هي اُهو زمانو هو جو تاريخن ۾ سونهري زمانو Goldern Age ڪري ليکجي ٿو. بقول خافي خان ته اڪبر اعظم جيتوڻيڪ فاتح ۽ قانون ساز هو پر هندوستان جي فوجي اقتصادي ۽ مالي حالت شاهجهان جي ڏينهن ۾ بلند پايه تي بيٺل هئي، تهڙي ٻئي بادشاهه جي عهد ۾ ورلي ٿي. ٽئورنر TAVERNIER مغربي سياح لکي ٿو ته هن شهنشاهه کان ماڻهو اهڙو خوش هئا جو کيس آقا ڪري سڏيندا هئا. سندس عهد مهد ۾ دهلي نئين سر آباد ٿي. وانڊيلسو WANDELSO ٻيو هڪڙو مغربي سياح جنهن اصفهان، آگره ۽ دهليءَ جو 1638ع ۾ سير ڪيو سو لکي ٿو ته ”دهلي ۽ آگرو وڏي اوج کي پهتل هو، تنهن کان آگرو ٻيڻو. شهر ۾ اسي ته رڳو قافله سرائون هيون. آگره ۽ دهلي جون سڙڪون ڪشاديون ۽ عاليشان دڪان ۽ منجهن باغ هئا. هتي هرڪنهن قوم جا واپاري رهندا هئا. فرانس برنيئر F.BERNEIR لکي ٿو ته آگره جي قلعه ۾ شيش محل، موتي مسجد ۽ تاج محل ڏسي اچرج ۾ پئجي ويس! ايلفنسٽون صاحب لکي ٿو ته شهنشاهه شاهه جهان رومن شهنشاهه سيريوس SEUERUS کان، جنهن جي گبن تعريف ڪئي آهي، وڌيڪ ممتاز هو. جو ٽئورنر لکي ٿو ته شهنشاهه رعيت لاءِ خدائي سايو هو. هن جيترو به ڪيو فقط مخلوق خدا لاءِ ڪيائين. اها آهي تعريف جا اڄ اسين غير جي زبانن کان ٻُڌون ٿا. سنه 1639ع ۾ دهلي ٻيهر هندوستان جو تختگاهه ٿيو. هتي سن 1063هه ۾ فياض شهنشاهه عام جي ڀلي لاءِ هڪ بينظير جامع مسجد تيار ڪئي، جنهن تي 3 لک رپيا خرچ لڳو.

ايترا سارا ڪروڙها روپيا شاهي محلاتن، قلعن ۽ مساجد تي خرچ ڪرڻ کان پوءِ به هڪڙي پائي شاهي خزاني مان ڪين ڪڍيائين. دهليءَ جي جامع مسجد بلڪل شاندار مسجد آهي، وقت تي منجهس 10 هزار مسلمان پنهنجي قادر حقيقي اڳيان سجدو ڪري سگهن ٿا. جيئن قسطنطنيه ۾ جامع اَبا صوفيا ۽ اَدرنه ۾ جامع سليم يا قاهره ۾ جامع ازهر پنهنجي عمارتن جي ڪري مشهور آهن. تيئن سرزمين دهلي ۾ مٿيون خدا جو گهر به عجيب عبادتگاهه آهي. جامع مسجد سڄي ڳاڙهي پٿر جي جڙيل آهي، مٿس 3 گنبذ آهن. چون ٿا ته شهنشاهه فردوس آشياني مٿين مسجد جي تصوير خواب ۾ ڏٺي هئي ۽ پوءِ تعمير ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هئائين.

آگره جو تاج محل

فردوس آشياني شهنشاهه شاهجان 19 ورهين جي عمر ۾ مظفر حسين مرزا بن سلطان مرزا بن بهرام صفويّ جي نياڻي سان ماهه رجب المرجب 1019هه ۾ شادي ڪئي هئي. هن راڻيءَ مان کيس هونهار بيگم نالي نياڻي ڄائي هئي. 20 ورهين جي عمر ۾ جمع ڏينهن 9 ربيع الاول 1021هه ۾ شهزادي ارجمند بانو بيگم، مرزا ابوالحسن (آصف جاه) نورجهان بيگم جي ڀائٽي سان شادي ڏاڍي تزڪ ۽ احتشام سان آصف جاه جي محلات ۾ ٿي. شهزاديءَ جي عمر ان وقت 19 ورهيه هئي. شهنشاهه جهانگير پنهنجي هٿن سان جواهر نگار سهرو شهزادي جي مٿي سان ٻڌو ۽ 5 لک رپيا حق مهر مقرر ڪيو ويو. هيءَ راڻي ممتاز مڪاني جي لقب سان شاهي بيگمات ۾ مشهور آهي. هن شاديءَ کان پوءِ شاهه نواز خان بهرام خان خانان جي پٽ جي نياڻي سان سندس ٽين شادي ٿي. جنهن مان هو کيس شهزادو جهان افروز نالي ڄائو، جو هڪ سال جي عمر ۾ برهانپور ۾ مُئو. مرزا غياث به ايران جي عالي خاندان مان ڇاڪاڻ جو هندوستان ۾ اچڻ کانپوءِ تاريخ شاهد آهي، ته مغل شهنشاهن سندس خانداني نڪته نگاهه سان ساڻس مائٽي جو رستو رکيو. راڻي ممتاز محل سان بادشاهه جي ايتريقدر محبت هئي جو جنگ جي ميدان ڏانهن جيڪڏهن نڪرندو هو، ته به راڻي کي ساڻ کڻندو هو ۽ جيئن هوءَ چوندي هئس، تيئن ڪندو هو. کيس هن راڻي مان چوڏهن ٻار اَٺ پٽ ۽ 6 نياڻيون هيون.

(1)  شهزادي نورالنساءِ 8 صفر المظفر 1022هه ۾ ڄائي 1025هه ۾ آگره ۾ فوت ٿي.

(2) شهزادي جهان آرا بيگم، جا بيگم صاحب جي لقب سان سڏبي هئي، سا 21 صفر المظفر 1023هه ۾ ڄائي، جڏهن بادشاهه ميواڙ جي راڻي سان جنگ ۾ رُڌل هو.

(3) شهزادو محمد دارا شڪوه 29 صفر المظفر 1024هه ۾ اجمير شريف ۾ ڄائو.

(4) محمد شاهه شجاع 18 جمادي الآخر 1025هه ۾ اجمير شريف ۾ ڄائو.

(5)  روشن آرا بيگم 2 رمضان المبارڪ 1026هه ۾  برهانپور ۾ ڄائي.

(6) محمد اورنگزيب 15 ذي القعد 1027 هه ۾ ڄائو.

(7) اُميد بخش 11 محرم الحرام 1029هه ۾ سرهند ۾ ڄائو. 1031هه برهانپور ۾ وفات پاتائين.

(8) ثريا بيگم بانو 20 رجب المرجب 1030 هه ۾ ڄائي، 1037 هه ۾ وفات ڪيائين.

(9) هڪڙو پٽ 1031هه ۾ ڄائو، پر ٿورن ڏينهن ۾ مئو، نالي جي خبر ڪانهي.

(10) مراد بخش روهتاس جي قلعي ۾ 25 ذوالحج 1033 هه ۾ ڄائو.

(11)  لطف الله صفر المظفر 1036هه ۾ ڄائو. ماهه رمضان 1037هه ۾ مُئو.

(12) دولت افزا 1037 هه ۾ ڄائي، ٻئي سال مُئي.

(13) هڪڙي نياڻي 1039هه ۾ ڄائي، پر سُتت مُئي.

(14) گوهر آرا بيگم 17 ذي القعده 1040هه ۾ ڄائي، اهو پويون ٻار هو، جنهن جي ڄمڻ وقت راڻي ممتاز زماني وفات ڪئي.

ممتاز جي مرڻ جي باري ۾ بادشاهه نامه ۽ اعمال صالح جا مصنف هن ريت لکن ٿا، ته جڏهن شهنشاهه برهانپور (دکن) ۾ هو تڏهن راڻي کي صبح کان رات تائين سور ٿيا. جڏهن اڌ رات جو ٻار تولد ٿيو تڏهن راڻي بيهوش ٿي وئي. جڏهن راڻي ڏٺو ته بچڻ جي ڪا اُميد ڪانهي تڏهن شهزادي جهان آرا کي چيائين، ته پيءُ کي زنان خاني ۾ سڏي اچ. جڏهن بادشاه سلامت راڻي جي ڪمري ۾ آيو تڏهن راڻي ڏانهس نهاريو ۽ چشم آلوده ٿي ڪري چيائينس ته ”منهنجي ٻارن جي مون کان پوءِ سنڀال ڪجانءِ ائين نه ٿئي جو پاڻ ۾ تخت لاءِ وڙهن.“ ائين چئي صبح صادق دم ڏنائين. انالله وانااليھ راجعون. مرڻ مهل راڻيءَ جي عمر 39 سال 4 مهينا ۽ 4 ڏينهن هئي. بادل خان شاعر وفات بابت هي بيت چيو.

جائے ممتاز محل جنت بادینیٰ 1040ھ مطابق 1630ع.

شهنشاهه جنهن صورت ۾ هن وقت جنگ ۾ رُڌل هو، تنهن صورت ۾ شهزاديءَ جو جنازو برهانپور ۾ تاپيءَ نديءَ جي ڪناري تي زينب آباد باغ بطور امانت جي دفنايو ويو. ٻن سالن تائين بادشاهه غم ۾ رهيو. سندس پوشاڪ سادي فقط سفيد جامو هو. نه ڪڏهن درٻار ڪيائين نه ڪا سلامي ورتائين، سندس دل دنيا مان کڄي ويئي. بادشاهي پٽن کي ورهائي ڏنائين. جڏهن عيد جو ڏينهن ايندو هو ۽ محلات جون شهزاديون ۽ شهزادا شاهي لباسن ۾ جلوه گر ٿي اچي شهنشاهه کي مبارڪباد ڏيندا هئا تڏهن شهنشاهه پنهنجي پياري راڻي جي غم ۾ روئندو هو. ملا عبدالحميد لکي ٿو ته راڻيءَ جي مُئي کان ستت پوءِ شهنشاهه جا وار اڇا ٿي ويا. محلات جوسمورو ڪاروبار پنهنجي پياري ڌيءَ شهزادي جهان آرا بيگم جي حوالي ڪيائين. ۽ راڻيءَ جا زيور جن جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا هئي، تن مان اڌ ڌيءَ کي ڏنائين. باقي ٻين ٻارن کي ورهائي ڏنائين. 6 لک رپيا جو اڳ وظيفو مرحوم راڻي کي ملندو هو، سو جهان آرا بيگم کي مرحمت ڪيائين. تنهن کانسواءِ ساڍا چار لک رپيا به ڏنائينس، جن مان ٻن لکن جي جاگير سندس نالي تي مقرر ڪيائين. مرزا يزدي، جو اڳ ممتاز زماني جو مير سامان هو، سو بيگم صاحب لاءِ ديوان مقرر ڪيائين. بست النساء جا اڳ راڻي جي محلات جي خاص نوڪرياڻي هئي، تنهن کي شهزاديءَ جي خزاني جي چاٻين تي مقرر ڪيائين.

ممتاز زماني جي وفات کان پوءِ ڇهين مهيني جمع ڏينهن 17 جمادي الاول 1040هه مطابق 1631ع ۾ لاش برهانپور جي باغ مان ڪڍائي شهزادي محمد شجاع بهادر، بست النساءِ ۽ حڪيم وزير خان(1) جي سرڪردگي هيٺ اڪبر آباد (آگره) ڏانهن آندو ويو ۽ شاهي حڪم موجب برهانپور کان آگري تائين سڄي رستي غريبن ۽ محتاجن کي سون رپو ۽ کاڌو خيرات ڏنو ويو. آگره جي ڏکڻ ۾ جيڪا زمين مقبري لاءِ مقرر ڪئي ويئي، سا راجا مان سنگهه جي هئي جتي سندس محلات ۾ سندس پٽ راجا جئسنگهه هينئر رهندو هو. شهنشاهه راجا کي خلصه ۾ جاگير ڏيئي مٿيون ٽڪر ورتو. 15 جمادي الثاني 1041هه ۾ لاش دفنايو ويو. پهريون مٿس معمولي قبو اڏيو ويو. تنهن کان پوءِ تاج محل جي عمارت جُڙي.

عمارت جو سنگ مرمر جو ٿلهو 18 فوٽ اُچو 313 فوٽ چورس ويڪر ۾ آهي، جنهن تي مقبرو جڙيل آهي، ٿلهي جي هر هڪ ڪنڊ تي 133 فوٽن جي اُتاهين تي سنگ مرمر جا منارا آهن. گنبذ جي گولائي 186 فوٽ گولائي ۾ آهي ۽ 80 فوٽ اوچو آهي.

اندر شهنشاهه ۽ راڻيءَ جون تربتون آهن جن مان شهنشاهه جي تربت تي هي اکر اُڪريل آهن.

”مرقد منور بادشاهه رضوان دستگاه، خلد آرامگاه، اعلي حضرت عليين مڪاني فردوس آشياني، صاحبِ قران ثاني، شاهجهان  بادشاه غازي طاب تراه و جعل الجنته مثواه. هشت و ششم شهر رجب سند هزار و هفتا دوشش هجري از جهان فاني بھ بزمگاه جاوداني انتقال کردند.

راڻي ممتاز مڪاني جي مرقد تي هي لفظ لکيل آهن:

”مرقد منور ارجمند بانو بيگم مخاطب بممتاز محل توفته فيھ 1040هه“

”المقربون الذين قالو ربنا لله.“

بقول سيد محمد لطيف خان بهادر ته تاج محل جي تعمير ٿيڻ ۾ 18 ورهيه لڳا، پر مسٽر ٽئورنر لکي ٿو ته 220 سال اڳ مقبري جا چانديءَ جا در، جن جي قيمت 27،000 رپيا هئي، سي جاٽن 1764ع ۾ ڪڍي ورتا، جڏهن هنن آگري تي قبضو ڪيو. دروازن ڪڍڻ کانسواءِ هي اسڪندرا ۾ شهنشاهه اڪبر جي مقبري مان ڪي هٿيار ۽ بيش بها هٿيار ۽ ڪتاب کڻي ويا، جي مقبري ۾ بطور يادگار رکيل هئا. بقول ملا عبدالحميد ته تربت جي چؤطرف خالص سون ۽ جواهرات جو ڪٽهڙو ڏنل هو، جو بادل خان ڀنڊارچي جي سرپرستي هيٺ تيار ٿيو هو، جنهن تي 40 هزار تولا سون لڳل هو، جنهن جي قيمت 6 لک رپيا هئي. وري عنبري موم بتيون ۽ فرش جا غاليچا، جي تهران ۽ استنبول کان گهرايا ويا هئا، تن مان رڳو عنبري بيتن جي قيمت هڪ لک رپيا هئي. مٿئين ڪٽهڙي جي جڙڻ تي 10 ورهيه لڳا هئا. تنهن کانسواءِ تربت جي جواهر نگار چادر جنهن جي قيمت هڪ لک رپيا هئي، اهي سڀ شيون ڪٽهڙي سميت 1720ع ۾ لاٿيون ويون، ڇاڪاڻ جو خوف هو متان ڪو لاهي نه وڃي.

هن عديم النطير عمارت جي جڙڻ ۾ 22 سال لڳا ۽ اٽڪل 20 هزار مزدورن ڪاريگرن مٿس ڪم ڪيو بعض انگريزي مورخ لکن ٿا، ته تاج محل جي عمارت اِطالوي يا فرينچ ڪاريگرن جي رٿيل آهي. اهو سراسر ڪُوڙ آهي. مغربي سياحن، جن شاهجهان بادشاهه جي درٻار جو سير ڪيو، سي  فرينچ سياح هئا. هڪڙو برنيئر BERNIER ۽ ٽئورينر TAVERNIER نالي هئا، تن مان ٽئورينر تڏهن آيو جڏهن تاج محل جو ڪم شروع ٿيو هو ۽ برنيئر محل جي جڙڻ کان 5 سال پوءِ آيو. تاريخ تاج محل جا روضي جي متولين وٽ موجود آهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته اُستاد عيسيٰ عمارت جو نقشو تيار ڪيو هڪ هزار رپيا سندس ماهوار پگهار هو. سندس پٽ محمد شريف جنهن جي 500 رپيا پگهار هئي، سو رازن مٿان مستري هو. روضي تي جيڪي قران شريف جا اکر اُڪريل آهن، سي امانت خان شيرازيءَ جا اُڪريل آهن سندس پگهار هڪ هزار هو. قبن جي ڪم تي وڏو انجنيئر محمد حنيف بغدادي هڪ هزار پگهار سان هو سندس هٿ هيٺ ٻه ڪاريگر اسماعيل خان رومي ۽ محمد بغدادي ٻن ٻن سون رپين جي پگهار سان ڪم ڪندا هئا. پچڪاريءَ جوڪم منو بيگ رومي ڪيو، جنهن جو پگهار 780 رپيا هو. تنهن کانسواءِ منوهر سنگهه بلخي منولعل قنڌاري، دين محمد پشاوري، محمد يوسف اڪبر آبادي ۽ قائم خان لاهوري به مشهور ڪاريگر وڏين وڏين پگهارن تي مقرر هئا. مٿين ڪاريگرن جي نالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هندوستان، افغانستان، ايران ۽ ترڪيءَ جي ڪاريگرن عمارت تي ڪم ڪيو. مڪرم خان ۽ مير عبدالڪريم ڪاريگرن مٿان نگهباني جو ڪم ڪندا هئا. تاج محل تي جملهء 50 لک رپيا لڳا. حوالي پرڳڻي جي 30 ڳوٺن جي آمدني هڪ لک رپيا هئي. تنهن کانسواءِ قافلي سرائن دڪانن جي آمدني جا2 لک سالياني هئي. مٿين سموري آمدني تاج محل جي مرمت لاءِ مقرر ڪئي ويئي. اڇو سنگ مرمر جو پٿر جئپور کان، پيلو پٿر نربدا نديءَ جي ڪپ تان، ڪارو پٿر چار ڪوه جبل کان، شفاف پٿر چين ولايت کان تنهن کانسواءِ سيلان، پنجاب، تبت بغداد ۽ يمن کان به قيمتي پٿر گهرايا ويا. مرجان بحيره قلزم کان، لعلون بنديل کنڊ کان ڳاڙهو پٿر جيسلمير گواليار ۽ ايران کان گهرايو ويو. 1،14،000 گاڏيون سرخيءَ جون فتح پور کان گهرايون ويون. ڪيترائي قيمتي پٿر ته جاٽ قوم وارن ڪڍي ورتا، جي پوءِ هندوستان جي حاڪمن وٽ بطور سوکڙيءَ جي رکيل هئا. هيءَ عمارت خالص اسلامي مشرقي ڪاريگريءَ جو نمونو آهي. بادشاهه کي راڻيءَ لاءِ ڪيتري قدر عزت ۽ محبت هئي! سو هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن مقبرو جڙي راس ٿيو، تڏهن شاعرن شعر جوڙيا ۽ سياحن جا ڏسڻ سان وات ڦاٽي پيا.

ابيات مصنفھ شاهجهان

1041 هه مطابق 1631ع ۾ راڻيءَ جي وفات کان هڪ سال پوءِ جڏهن پهريون گهمرو ممتاز مڪاني جي آگري ۾ فاتح خواني جي رسم ادا ڪئي ويئي، تڏهن بقول ملا صاحب ته وڏو شاهي شاميانو باغ ۾ لڳايو ويو. جتي شهزادا، امير، نواب، مشائخ، علماءِ ڪرام اچي گڏ ٿيا. هر ڪو پنهنجي پنهنجي رتبي تي ٿي ويٺو. مرحوم راڻي جو پيءُ اعتماد الدوله جو هن وقت يمن الدوله آصف جاهه جي خطاب سان هو، سو به مرزا محمد علي بيگ شاهه ايران جي سفير سان گڏ ڪرسي تي ويٺو. قرآن شريف جو جڏهن ختم پورو ٿيو تڏهن شاهي دسترخوان وڇايو ويو. طعام ۽ ميون کان پوءِ محتاجن کي هڪ لک رپيا خيرات ڏيڻ لاءِ شهنشاهه ڏنا جنهن مان 50 هزار ته اُن وقت خيرات ۾ ڏنا ويا باقي 50 هزار ٻئي ڏينهن ڏنا ويا. شهنشاهه حڪم ڏنو ته آئينده هر سال جيڪڏهن اڄ جي تاريخ شهنشاهه آگري ۾ هوندو ته 50 هزار رپيا خيرات ڪيا ويندا پر جي بادشاهه غير حاضر هجي ته 12000 خيرات ڪجن. هن فرمان کان پوءِ هر سال ساڳيءَ طرح شاميانو لڳندو هو. امير، نواب، علماء ايندا هئا. شهزادا شهزاديون به پردي ۾ ٿي ويهنديون هيون، ۽ بادشاهه باقاعدو 50 هزارن جي رقم ٻن ڏينهن ۾ خيرات ڪندو هو. عجيب ميلو لڳندو هو. هندوستان جا ماڻهو پري پري کان ميلو ڏسڻ ايندا هئا.

شهزادي اورنگزيب کان منصبي کسڻ

شهزادو داراشڪوه، جو شاهجهان جو وڏو پٽ هو، تنهن شهنشاهه جو اورنگزيب سان پيار ڏسي سور سهي نه سگهيو پاڻ ۽ سندس رفيقن گڏجي شهزادي اورنگزيب جي خلاف شهنشاهه جا ڪن ڀريا، ته هو دکن ۾ چڱي ريت حڪومت نه ٿو هلائي. 20 مئي 1644ع ۾ جڏهن شهزادو پنهنجي ڀيڻ شهزادي روشن آرا کي ڏسڻ آگره آيو، تڏهن اهڙي موقعي تي شهنشاهه کيس منصبي کان لاٿو. ان باري ۾ جيڪو خط شهزادي ڀيڻ کي لکيو، تنهن مان ڀائرن جي اڻبڻت جي سچي تصوير معلوم ٿي سگهي ٿي:

”جنهن صورت ۾ درٻار کي مون لاءِ نفرت آهي ۽ ڪي منهنجا دشمن مون سان وير رکي مون کي هن ريت بيعزت ڪيو اٿن تنهن حالت ۾ مون تي فرض آهي ته شاهي فرمان جي پيروي ڪيان. مون کي دنيوي جاه و جلال جي ڪا پرواهه ڪانه آهي. جيڪڏهن منهنجي عهدي کان سلطنت کي ڪنهن به قسم جو خطرو آهي، ته مان عهدي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. ڏهن سالن کان منهنجا دشمن مون سان وير رکيو اچن ٿا، تنهنڪري مناسب ڄاڻان ٿو ته ڪنهن ڪنڊ ۾ آرام سان ويهي وقت گذاريان. ان لاءِ ته متان مون کان ڪنهن کي نقصان رسي يا مون کي ڪنهن کان نقصان رسي.“(1)

محمد اورنگزيب جي بلخ تي حڪومت

تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ کان اڳ شهزادي محمد اورنگزيب دورِ شاهجهاني ۾ جيڪي بهادريءَ ۽ ڪامرانيءَ جا ڪارناما پيش ڪيا ۽ سلطنت جا بيش بها خدمات جيڪي سرانجام ڏنائين، سي ڪارناما تاريخن ۾ لڪي نه ٿا سگهن. سندس بيش بها خدمت مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته شاهجهان  جي پٽن مان ڪير تخت ۽ تاج لاءِ لائق فرزند هو. اسين مٿي ذڪرڏيئي چڪا آهيون ته شهزادي دارا شڪوه ۽ سندس رفيقن ڪيئن نه شهنشاهه کي شهزادي جي برخلاف ڀڙڪايو، پر سُتت ئي سندن سازش جو شهنشاهه کي سراغ لڳي ويو، جيئن ته سن 1645ع ۾ شهزادي محمد اؤرنگزيب کي بارگاهه سلطاني مان گجرات جي منصبي مرحمت ڪئي ويئي گجرات جيتوڻيڪ فسادن جو مرڪز هو ۽ هتي جي پرڳڻي تي برجستي حاڪم جي ضرورت هئي پر بلخ جو علائقو، جو قلمرو هندوستان جي آخري سرحد تي هو ۽ هن وقت اُزبڪن جي زور هيٺ هو، تنهن کانسواءِ پيرسن شهنشاهه کي خوف هو ته متان ڀائر پاڻ ۾ وري ڪو فساد نه ڪن، تنهنڪري 1647ع ۾ شهزادي کي بلخ جي حڪومت مرحمت ڪئي ويئي، جتي پهچڻ سان بلند اقبال شهزادي پنهنجي سياسي قابليت جو پورو ثبوت پيش ڪيو. گجرات جو پرڳڻو قتل ۽ ڦرلٽ جو مرڪز بنجي چڪو هو. اها حالت هن پرڳڻي ۾ عرش آشياني محمد اڪبر اعظم جي زماني کان جاري هئي. خود عرش آشياني هن علائقي کي (لشڪر خيز) علائقو ڪري ڪوٺيو هو. پر شهزادي اورنگزيب حڪومتون جون واڳون هٿ ڪرڻ شرط فسادين کي مات ڪري سلطنت جي طرفان خراج تحسين وصول ڪيو. فردوس آشياني سندس انتظام جي عيوض کيس 60 لکن رپين جو وظيفو مقرر ڪري ڏنو.

شهزادي جي اهڙي جوانمرديءَ جي ڪري سڄي درٻار ۾ سندس بهادريءَ جي تعريف ٿيڻ لڳي.

جڏهن بلخ ۽ بدخشان جي بدامني جي خبر درٻار ۾ پهتي تڏهن شهنشاهه شهزادي کي لاهور ۾ گهرائي 20 جنوري 1649ع ۾ کيس فوجن سميت سرحدي پرڳڻن جي منصبي ڏيئي روانو ڪيو ۽ شائسته خان کي گجرات روانو ڪيائين. بلخ ۽ بدخشان جنهن تي اُزبڪن جون اکيون کتل هيون، اُهو علائقو جنهن جي سالياني آمدني ساڍا 22 لک رپيا هئي. جتي اُزبڪن سان جنگين ڪندي بهادر خان، علي مردان، سعدالله خان، قلچ خان جهڙن ايراني ۽ مغل جرنيلن جا ڏند کٽا ٿي چڪا هئا ۽ راجپوت سورمن ماڌو سنگهه ۽ جئسنگهه جهڙن بهادرن جي دال ڳري نه ٿي سگهي اُتي محمد اورنگزيب سردي ۽ ڪوهستاني علائقي ۾ جيڪي اُزبڪن کي چوٽون ڏنيون، سي تاريخن ۾ شاهد آهن. ٻه سال سانده جنگ لڳي، دهليءَ جي درٻار جا چار ڪروڙ رپيا خرچ لڳو، پر ڪو کڙتيل نڪري ڪين سگهيو. مغل جي صدين کان فردوس مڪاني بابر جي ڏينهن کان پنهنجي آبائي وطن سمرقند تي قبضي ڪرڻ لاءِ منتظر هئا، سي هينئر به ڪامياب ٿي نه سگهيا. کين بلخ ۽ بدخشان جي علائقن تي قناعت ڪرڻي پئي. ٻئي طرف اُزبڪن کي به خبر پئي ته بدخشان يا بلخ تي قبضو ڪرڻ جو ڪو آسان ڪم ڪين هو. افسوس جيڪڏهن هن وقت ڀائرن جي پاڻ ۾ ٻڌي هجي ها ۽ سڀئي جيڪڏهن گڏجي هن مهم ۾ اُزبڪن جو مقابلو ڪن ها، ته جيڪر ممڪن هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جي تختگاهه سمرقند تي قبضي ڪرڻ ۾ جيڪر ڪامياب ٿين ها، پر جيئن قدرت کي منظور هو اُئين ٿيو.

سرحد پار جيتوڻيڪ جنگ ختم ٿي پر شهزادي جي قابليت شهنشاهه جي دل تي ايترو اثر ڪيو جو جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ به کيس ملتان جي حڪومت مرحمت ڪئي وئي. ان لاءِ ته وقت بوقت جيڪڏهن ڪابل تي حملو ٿئي ته دشمنن کي روڪي سگهي. ملتان ۾ وٽس 2000 لشڪر هو، هتي ايرانين سان ٻه دفعا قنڌار تي چوٽون کاڌائين. سندس قابليت جي ڪري ملتان کانسواءِ کيس ٺٽي، بکر ۽ سيوستان جي علائقن جي به منصبي مرحمت ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي سرحد تي ۽ ديرجات جي علائقي ۾ هوت بلوچن، سبّي جي حاڪم مير چاڪر رند، بروهين ۽ جوکين کيرٿر جبل کان رڻ ٻاري ڏنو هو. شهزادي پنهنجي جرنيلن مان ملڪ حسين ابدائي کي فوجون ڏيئي روانو ڪيو. جنهن ڪيچ،مڪران، ٺٽي، ڪڪرالي ۽ ٻين هنڌن تي فسادين کي گوشمالي ڏيئي مغليه جهنڊي کي سرحدن تي بلند ڪيو. شهزادي جو خاص سيڪريٽري شيخ ابوالفتح هو، جو قابل خان جي لقب سان ممتاز هو ۽ عهد عالمگيري ۾ منشي الممالڪ جي عهدي کي وڃي پهتو هو. هن شهزادي جي جنگي ڪارنامن ۽ اخلاقي ڪارنامن تي چڱي روشني وڌي آهي. آمدم برسرَ مطلب ته سرحد جو سوال هميشه کان نازڪ هو. ملتان هن وقت صدر مقام هو. جتان مغليه فوجون افغانستان، بلوچستان کي شهزادي جي سرڪردگي هيٺ دشمنن کي منهن ڏيو بيٺيون هيون. خاص ڪري 1649ع مطابق 1070هه ۾ جڏهن شهزادي شاهه عباس صفويّ جهڙي شهنشاهه کي قنڌار جي ويڙهه م تلوار جو جوهر ڏيکاريو تڏهن ٽي ڏينهن شادماني لاءِ دهلي ۾ شاهي نوبت خاني ۾ نوبت پي وڳي! اهي هئا ڪارناما محمد اورنگزيب جا.

ڀائرن جي تخت ۽ تاج لاءِ جيڪا جنگ اندروني لڳل هئي، سا ڪنهن به صورت ۾ روڪجڻ جي نه هئي، شهنشاهه هن اندروني فسادن کي روڪڻ لاءِ جيتوڻيڪ وس ڪيا پر ڪا تدبير ڪارگر نه ٿي.

ڌرمت جو خونريز معرڪو

ٻئي دفعي شهنشاهه کيس دکن جي نوابي عنايت ڪئي، جتي جنگ جا شعلا هر وقت بلند رهندا هئا. ڪرناٽڪ، بيدر، بيجاپور، گولڪنڊه ۽ حيدرآباد سان جيڪي جنگيون لڳيون، تن تي بيشمار خزانو خرچ لڳو. ان ڳالهه تان حاسدن جي چرچ تي شهنشاهه شهزادي تي البت ناراض هو. شهزادي وٽ تجربيڪار فوجي عملدار هئا، مثلاً مرشد قلي خان، شيخ مير، عاقل خان رازي، خان زمان، محمد طاهر، وزير خان، عيسيٰ بيگ، شمس الدين مختيار خان، مير جمله، نجابت خان، راجا اندرا ديو، راءِ ڪرن، شڀ ڪرن، دلپت راءِ وغيره. شاهجهان پنهنجي جرنيلن جسونتسنگهه، مڪند سنگهه، مهيشداس گور، گورڌن ۽ قاسم خان کي فوجن ۽ سامان سميت مالوه ڏياري موڪليو، ته مراد ۽ اورنگزيب کي وڃي روڪين. شاهي فوج ۾ چندروت ۽ راٺوڙ راجپوت هئا، جن کي شهنشاهه بيشمار خزانا، توپخانا، تنبو ۽ ٻيو بار برداريءَ جو سامان ڏنو هو، ته جيئن به ٿئي ڀائرن کي آگره تي ڪاهه ڪرڻ کان روڪين.

جسونت سنگهه جو شاهي فوجن جو مهندار هو، وٽس 10،000 راجپوتن جي جرار فوج هئي، ٻئي طرف مراد ۽ اورنگزيب جي فوجن جو تعداد 35،000 هو، نجابت خان، ذوالفقار خان مرشد قلي خان مير آتش، مرتضى خان، شيخ مير ۽ ٻيا سپه سالار جن وٽ توپخاني کانسواءِ 8000 فولادي زره پوش پهلوان به هئا. 15 اپريل 1657ع ۾ نربدا نديءَ جي ڪپ تي جنگ لڳي، راجپوت سورمن رام رام جا نعرا هنيا، سخت معرڪو لڳو، رت جا درياهه وهي هليا، مير آتش مرشد قلي خان ميدان ۾ مارجي ويو. پر فتح ڀائرن جي ٿي. راجپوت هارائي ميدان ڇڏي ڀڳا. سندن مهندر جسونت سنگهه زخمي ٿي جوڌپور ڏانهن ڀڄي ويو. شاهي مال ۽ اسباب ڀائرن جي هٿ چڙهي ويو، جنهن مان ٻه حصا شهزادي اورنگزيب کٽيا. هڪڙو حصو مراد کٽيو، باقي فوجن کي ورهائي ڏنائون. فتح ۽ ڪامراني جي ڇانوڻين ۾ نوبت وڳي. هن فتح کان پوءِ سندس جوانمرديءَ جو ڏؤنڪو طول ۽ عرض ڪشور ۾ وڄڻ لڳو.فتح جي يادگار لاءِ هت فتح آباد ڳوٺ پڌرائي هڪڙي جامع مسجد، باغ ۽ هڪڙي سراءِ تعمير ڪرايائين. مٿيون ڳوٺ هن وقت ريلوي جنڪشن اسٽيشن آهي، باقي مسجد، باغ ۽ سراءِ زماني جي نيرنگين ڪري زبون ٿي ويا آهن.

سامو ڳڙهه جو خونريز معرڪو شاهجهان جو پٽن لاءِ غم

5 ڏينهن کان پوءِ شهزادو گواليار پهتو، هتي جو بالا عملدار مير ناصر، جنهن بيجاپور جي جنگين ۾ نالو ڪڍيو هو، تنهن شهنشاهه جي نوڪري ڦٽي ڪري اچي ساڻس گڏيو. شهزادي کيس خان دوران جو لقب عطا ڪيو. گواليار کان چنبل ندي لتاڙي سامو گڙهه وٽ ڇانوڻي هنيائين جو آگري کان اٺ ميل پري هو ٻئي طرف کان دارا جون فوجون بيٺل هيون. شاهجهان جي محمد دارا سان دل هئي، ڇاڪاڻ جو موڀي پٽ هو، ولي عهد هو، بلند اقبالي جو منصبدار هو. ٻئي طرف مراد اورنگ زيب ۽ محمد شجاع جي تخت ۽ تاج لاءِ پاڻ ۾ ڇڪتاڻ هئي. ٽئين طرف شهنشاهه پيرسن هو. پٽن جي پاڻ ۾ جنگ ڏسي ڏاڍو غمگين هو، پر ڪري سو ڪري ڇا؟ تخت ۽ تاج لاءِ اهي جهڳڙا هر ملت ۽ هر قوم ۾ هميشه کان هلندا ٿااچن. 25اپريل جڏهن ڌرمت جي شڪست جون خبرون درٻار ۾ پهتيون تنهن کان پوءِ ته ويتر اچي شهنشاهه دلگير ٿيو. پٽن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي وس آهر سڀ ڪجهه ڪيائين، پر سڀ سندس تدبيرون بي سود ثابت ٿيون. هڪڙي طرف بادشاهه شاهي فوجن کي حڪم ڏنو ته تيار ٿين، ٻئي طرف اميرن ۽ نوابن لاءِ فرمان جاري ڪيائين، ته محمد دارا کي هر طرح سان مدد ڏين. گهڙي پل ۾ 60،000 فوج تيار ٿي ويئي. هن فوج ۾ گهڻا درٻاري امير ۽ نواب شامل هئا. جن هميشه کان شاهي دسترخوان تي ٻوڙ ۽ پلاءُ کاڌا هئا. ميدان رزمگاهه جي کين ڪائي خبر ڪانه هئي! ٻئي طرف محمد اورنگزيب جي فوج ۾ اُهي سرفروش جانباز موجود هئاجن افغانستان ۽ دکن جي جابلو ملڪن ۾ خوفناڪ معرڪا اکين سان ڏٺا هئا. محمد دارا جي فوج ۾ اڪثر راجپوت سپاهي هئا. هن سليمان شڪوهه کي شجاع جي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو. درٻاري اميرن شهنشاهه کي صلاح ڏني، ته جيڪڏهن ائين ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ته خاندان جي بي عزتي ٿيندي. پر محمد دارا جا صلاح ڪار امير نه مڙيا. آخر جڏهن ڏٺائين ته هو نه ٿو مڙي تڏهن بيوس ٿي کيس جواهر، گهوڙا، هاٿي بيشمار جنگي سامان ڏيئي ڇاتيءَ سان لائي منهن ڪعبته الله شريف ڏي ڪري ٻئي هٿ مٿي ڪري سندس فتح ۽ نصرت لاءِ دعا گهريائين. جڏهن شهزادو ميدان ڏانهن اُسريو تڏهن شاهي نوبت خاني ۾ نوبت وڳي. سندس جهنڊي هيٺ 50،000 فوج هئي. سپرشڪوه، دلير خان، عسڪر خان، فيروز جنگ، رستم، سيد بهار خان، خليل خان ۽ ڪنور رامسنگهه جئپوري سندس فوج جا مکيه اڳواڻ هئا. 29 مئي 1658ع ۾ اچي خوفناڪ جنگ لڳي، دارا جي لشڪر جا 10،000 سپاهي چٽ ٿي ويا سندس باقي لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پئي، شهزادو مراد به زخمي ٿيو. محمد دارا آگره ڏانهن ڀڄي ويو ۽ محلات ۾ لڪي در کڻي بند ڪري ڇڏيائين. تخت ۽ تاج لاءِ هيءَ جيڪا گهمسان جي جنگ ڀائرن ۾ لڳي، تنهن لاءِ سڄي شهر ۾ ماتم مچي ويو. شاهي محلات ۾ روڄ ۽ پٽڪو پئجي ويو. شهزادي جهان آرا ۽ شاهجهان به ماتم ڪيو. هڪدم خچرون مال ۽ اسباب سان ڀرجي ويون. دارا پنهنجي زال نادرا بانو ٻارن ٻچن کي هاٿي تي چاڙهي حرم جون ڪي ڪنيزون ساڻ وٺي دهليءَ ڏانهن ڀڳو. محمد اورنگزيب  فاتحانه انداز سان آگري ۾ وارد ٿيو. شهزادي جهان آرا بيگم کيس پيءُ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ زور رکيو، پر ان وچ ۾ جاسوسن ڪي خفيه خط هٿ ڪيا، جنهن مان سمورو راز فاش ٿي ويو، پس جيڪڏهن اورنگزيب پيءُ سان ملاقات ڪري ها ته شايد جيڪر قيد ٿي وڃي ها. تنهنڪري هن وقت ملاقات کي مصلحت جي خلاف سمجهي ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. جڏهن دارا ڀڳو تڏهن کيس مراد مان خوف جاڳيو، ماهه جنوري 1659ع ۾ کيس ننڊ ۾ سندس پٽ ايزد بخش سميت قيد ڪرائي پيءُ ۽ پٽ ٻنهي کي گواليار جي قلعي ۾ بند رکيائين. 1072هه ۾ علي نقي جي خون معاملي ۾ جڏهن قاضي هن لاءِ موت جي فتوى ڏني تڏهن قتل ڪيو ويو. انالله و انا اليھ راجعون.

محمد دارا دهليءَ کان پهريون لاهور ڏانهن ڀڳو اُتان ملتان ۽ بکر کان ٿيندو ٺٽي جي رستي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو. هِتان هُتان لشڪر گڏ ڪري چوٽ ڏنائين، پر اجمير جي جنگ ۾ شڪست کائي سيوهڻ جي رستي کان ڍاڍر پهتو. سندس ارادو ايران ڏانهن وڃڻ جو هو، پر رستي تي هن گهڻيون تڪليفون ڏٺيون، سندس زال شهزادي نادرا بانو ايران ڏانهن وڃڻ جي خلاف هئي، شهزادي سُتت ئي بيمار ٿي ۽ وفات پاتائين. سندس جنازو خواجه مقال ۽ مير گل محمد جي حفاظت هيٺ لاهور پهچايو ۽ ميان مير ۾ دفنايو ويو. ڍاڍر جي جاگيردار ملڪه جيوڻ پهريون ته شهزادي جي گهڻي خاطرداري ڪئي، پر آخر انعام جي لالچ جي ڪري دغا سان کيس پٽ ۽ ٻن ڌيئرن سميت قيد ڪري محمد اورنگزيب جي حوالي ڪيائين. جڏهن دهلي پهتا تڏهن پيءُ ۽ پٽ ٻنهين جي پيرن ۾ نيل وجهي هاٿي تي چاڙهي دهلي جي بازارن ۾ گهمايائين. نديم دانشمند خان سندن جان بچائڻ لاءِ درخواست ۽ سفارش پيش ڪئي، پر اورنگزيب جي صلاح ڪارن مان شائسته خان، آمي خان ۽ حڪيم دائود سندن موت لاءِ فتوى ڏني، آخرٻئي پيءُ پٽ هڪٻئي سان بغلگير ٿي زارو زاررُنا ۽ ناظر بيگ غلام جي تلوار جي ٻن وارن سان شهادت جو جام پي شهنشاهه کي داغ مفارقت ڏئي دارالبقا ۾ وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيا. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون.

محمد شجاع سان کاجوا جي جنگ

ڀائرن جي پاڻ ۾ جنگ چالو هئي، پيرسن شهنشاهه بيوس ۽ مجبور هو پٽن جو موت اکين سان ويٺي ڏٺائين. بيوس هو. راڻيءَ جي موت کان اڳيئي سندس دل دنيا مان کڄي ويئي هئي. ويتر جيڪي حادثا يڪي بعد ديگر کيس پيش آيا تن سندس دل کي هڻي مجروح ڪري ڇڏيو. محمد شجاع، جو هن وقت بنگال جي منصبي تي هو، جڏهن شهنشاهه جي بيمارئ جي خبر کيس پهتي تڏهن راج محل پنهنجي تختگاهه ۾ پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪيائين. سندس عمر هن وقت 41 ورهيه هئي. 17 سال تائين هتي حڪومت ڪئي هئائين. پر بنگال جي آبهوا کيس موافق نه پئي تنهنڪري هر وقت بيمار گذاريندو هو. آرام طلب هو، وٽس ڪا اهڙي زبردست فوج به ڪانه هئي. محمد دارا سندس خلاف 20 هزار سوار فوج ۽ 2 هزار پيادل ۽ 2 هزار پيادل ۽ 2 سو برق اندازن جي فوج رواني ڪئي. جن جو واڳون سليمان شڪوه، دلير خان ۽ روهيلي ۽ جئسنگهه جي حوالي ڪري پنهنجي بادشاهي جي اعلان ۾ پاڻ کي ] ابوالفيض نصيرالدين محمد تيمور ثالث اِسڪندر ثاني شاه شجاع بهادر غازي[جي لقب سان پڌرو ڪيائين. 14 فيبروري جڏهن اورنگزيب جي فوجن سان سندس ٽڪرو ٿيو، تڏهن سندس فوجن ۾ ڀاڄ پئي سندس سپاهين اسلحو ۽ سامان جي ڦرلٽ ڪئي. اٽڪل 50 لکن جي سامان تي هٿ صاف ڪيائون. 6 لک سندس وزير مرزا جان بيگ جا لٽيائون. هو پاٽنا کان منگهير ڏانهن ڀڳو. خان دوران ۽ سلطان محمد اورنگزيب جي ٻن جرنيلن، جن سندس مقابلو ڪيو، تن وٽ 90,000  فوج هئي، تنهن کانسواءِ مضبوط توپخانو به هون. محمد شجاع کي جان بچائڻ مشڪل هئي. آخر پنهنجي پٽن سيد عالم ۽ علي وردي خان سميت دلشڪستو ٿي ميدان ڇڏي آراڪان ڏانهن ڀڄي ويو. مير جملو سندس گهڻو پٺيان پيو پر ڪو پتو نه پيو ته شجاع ڪيڏانهن ويو. اِها هئي مختصر آکاڻي ڀائرن جي پُر آشوب جنگ جي. جنهن ۾ محمد اورنگزيب فتحمند ٿيو ۽ پيرسن شهنشاهه قلعي ۾ نظر بند هو. 1068هه ۾ شهزادي محمد اورنگزيب کيس معزول ڪيو. هو قلعي ۾ رهندو هو، کيس عزت حاصل هئي. سندس پياري ڌئ شهزادي جهان آرا بيگم هر وقت سندس خدمت ۾ رهندي هئي. شهنشاهه باقي عمر جا ڏينهن عبادت الهى ۾ مشغول رهندو هو. سنه 1086هه رجب المرجب مطابق 1666ع ۾ سندس بيماري وڌڻ لڳي. هن وقت قلعي جي ثمن برج ۾ هو، سندس نگاهون ممتاز مڪاني جي روضهء تاج گنج تي کتل هيون. جڏهن سندس طائر روح قفس عنصري مان پرواز ڪيو. انالله وانا اليھ راجعون. شهزادي شهنشاهه جي لاش کي ثمن برج کان هيٺ لاٿو، سندس حڪم موجب سيد محمد قنوجي ۽ قاضي قربان اڪبر آبادئ شهنشاهه فردوس آشياني جي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ سندس وصيت موجب ممتاز مڪاني جي مقبري ۾ دفنايائون. شهنشاهه جيترا ڏينهن قلعي ۾ هو هميشه خيراتون ڏيندو هو، هر وقت سندس سخا جو در کليل هو. شهزادي ملڪھ جهان آرا بيگم جيڪا پيءُ جي خدمت ڪئي تنهن لاءِ سندس سعادتمندي جو اوج هميشه لاءِ تاريخن ۾ قائم رهندو ٿو اچي.

محي الدين اورنگزيب عالمگير اوّل

پناهه ملڪ و دين خلد مڪاني سلطان محي الدين غازي محمد اورنگزيب عالمگير اوّل جي باري ۾ جيڪا غير مسلم مؤرخن نڪته چيني ڪئي آهي، تن پنهنجي شرمنا ڪي لڪائڻ لاءِ مکيه اهي سبب پيش ڪيا آهن ته شهنشاهه عالمگير اول تخت ۽ تاج کي هٿ ڪرڻ لاءِ پيءُ کي قيد ڪيو ۽ ڀائرن کي قتل ڪيائين وغيره وغيره. ان باري ۾ فقط ايترو چوڻ ضروري آهي، ته تاريخ جي صحبت مان جيڪي اصحاب واقف آهن. اُهي بخوبي معلوم ڪري سگهندا ته جڏهن کان خلافت راشده جو خاتمو ٿيو. تڏهن کان وٺي ويندي. اڄ ڏينهن تائين اهڙا جهڳڙا اسلام جي مختلف خاندانن ۾ هلندا ٿا اچن. اهڙن مثالن تي جيڪڏهن هتي اسين روشني وجهنداسون ته اسانجي تاريخ جو داستان ويندو وسيع ٿيندو، مختصر هن ريت آهي، ته عربي ۾ هڪڙو بيت مونکي ياد آهي، ته کلمة حکمة مّن سفيهه فاقبلوهَا- وکلمةٌُ سفهةِِ فاغفروهَا- ته دانائي جي ڳالهه جيڪڏهن نادان چئي ته اُنکي قبول ڪجي پس ناداني جي ڳالهه جي دانا چئي ته بخشجيس“ ساڳي حالت آهي انهن مؤرخن جي منهنجي نظر ۾! باقي مغربي مؤرخن کي ته مشرق سان خدا ڪارڻ وير آهي، هنن مشرق جي هر هڪ اقبالمند ۽ ڪامران شهنشاهه جي باري ۾ گلا ڪئي. پس تعصب جو نوعِ انسان جو دشمن آهي، اهو قومن ۾ هميشه کان هلندو ٿو اچي، پر جيڪو دشمني ڪندو سو برباد ٿيندو.

پس جيڪڏهن در حقيقت ڪنهن انسان ۾ عيب هجن ۽ سندس عدم موجودگي ۾ اُهي بيان ڪيا وڃن ته اُها غيبت چئبي، پر جيڪڏهن هو مٿين بيان ڪيل عيبن کان پاڪ آهي، ته اُها غيبت نه چئبي، بلڪه تهمت ۽ بهتان چئبو. غيبت کان به تهمت شرعاً ۽ اخلاقاً بدترين اِنساني عيب آهي. پس اُهي مؤرخ جي پنهنجي شرعي ۽ اخلاقي عيب کي محسوس ڪري نه ٿا سگهن، تن کي ڪهڙو حق آهي، ته سياست جي دائري ۾ قدم رکن؟

بداخلاق مؤرخن مروڙي سروڙي جيڪا پنهنجي ايمانداري پيش ڪئي آهي، تنهن مان سندن لب لباب جو اهو مطلب آهي، ته خلد مڪاني محمد اورنگزيب ظالم هو. مان پنهنجي ڪمزور قلم جي طاقت آهر هيٺ هن اسلام جي مايهء ناز فرزند ۽ مشرق جي باجبروت شهنشاهه جو مختصر بيان ڏيان ٿو. اُميد ته غير مسلم مؤرخن جي تهمتن ۽ بهتانن جي ڪجهه خبر پئجي سگهندي.

محمد اورنگزيب جي ولادت

جڏهن جنت مڪاني نورالدين محمد جهانگير شهنشاهه احمد نگر ۾ ملڪ عنبر کي شڪست ڏيئي شاهي دٻدٻي سان گجرات کان آگري ڏي ٿي آيو ۽ ساڻس شهزادو خرم به گڏ هو. تڏهن دوهاد جي ڳوٺ ۾ 15 ذي القعده 1027هه مطابق 24 آڪٽوبر 1618ع ۾ شهزادو محمد اورنگزيب ڄائو. جڏهن شاهي قافلو مالوه جي تختگاهه اُجين ۾ پهتو تڏهن ولادت سعادت جي خوشيءَ ۾ جشن منايو ويو. 1622ع ۾ جڏهن راڻي نورجهان جي چئي تي جهانگير شاهجهان کي ولي عهد مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن هن فساد کڙو ڪيو ۽ خوف کان ڪڏهن تيليگام ڪڏهن جونپور ته ڪڏهن دکن جي جهنگن ۾ پئي ڦريو. آخر پيءُ سان صلح ڪرڻو پيس ۽ پنهنجا ٻه پٽ دارا ۽ اورنگزيب پيءُ وٽ بطور ضمانت جي رکڻا پيس. 1626ع ۾ ٻئي شهزادا ڏاڏي سان گڏ لاهور پهتا جت راڻي نورجهان سندن سنڀال ڪرڻ لڳي. جڏهن جنت مڪانيءَ وفات ڪئي ۽ شاهجهان تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو. تڏهن ٻئي شهزادا پنهنجي ناني آصف جاه جي حفاظت هيٺ آگري پهتا. راڻي ممتاز زماني پنهنجي دل جي ٽڪرن کي ڇاتيءَ سان لاتو. بقول ملا صاحب ته 1628ع ۾ شهزادي محمد اورنگزيب لاءِ 500 رپيا وظيفو مقرر ڪيو ويو.


(1)  مٿئين ڪتابن مان هفت ڪشور جو ته نالو ئي ڪينهين، مرڪز دوار موجود آهي. باقي ٻين جا متفرق اشعار موجود آهن (درٻار اڪبري شمس العلماء مولوي محمد حسين صاحب آزاد)

(1)  نيرنگِ خيال از شمس العلماء مولوي محمد حسين صاحب آزاد.

(1)  جهانگير از مولانا شبلي نعماني

(1)  مٿيون واقعه مآثر الامراء ۾ تفصيل سان ڏنل آهي.

(1)  تاريخ آگره از خان بهادر سيد عبداللطيف صاحب.

نوٽ:- جهانگير ۽ نورجهان جي عشق جو قصو ڪيتري قدر تاريخن ۾ مشهور آهي، پر تاريخ فرشته، تاريخ زڪائي ڪارنامه جهانگيري ۽ ٻين تاريخن ۾ اهڙو ڪو ذڪر ڪين ڏنل آهي. ڇاڪاڻ جو جڏهن نورجهان کي پهريون دفعو جهانگير محلات ۾ ڏٺو. اُن وقت نورجهان جي عمر 5 ورهيه ۽ جهانگير جي عمر 8 ورهيه هئي. اهڙي عمر ۾ مٿس عاشق ٿيو، سا ڳالهه قانون فطرت جي بلڪل خلاف آهي، نه وري جهانگير پنهنجي توزڪ ۾ اهڙو ذڪر ڏنو آهي. جهانگير جيڪڏهن کڻي مٿس عاشق به ٿيو ته پوءِ ڇو نه شهنشاهه اڪبر سندس شادي ڪرائي؟ انهن ڳالهين مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو طوفان غير مسلم تاريخ نويسن جو اُٿاريل نظر اچي ٿو“ اخبار رياست دهلي“ جولاءِ 1930ع

(1) “Struggle of different European Natious for supremacy in India by Kasturi B.A”

(1)  حڪيم وزير خان شاهي حڪيم هو. چنيوٽ جو رهاڪو هو. لاهور ۾ جيڪا وزير خان جي مسجد آهي، سا سندس جوڙايل آهي.

(1)  “History of Aurangzaib By J. Sarkar M.A.”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org