سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:16 

ايم.وي. اين. ڪرشن راءُ 1982 (M.V.N. Krishan Rao): مينهن ديوتا پسو-پتي ۽ سنڌو-لکت:

 ايم. وي. اين. ڪرشن راءُ، 1982 ۾ سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جي موضوع تي هڪ ڪتاب لکيو آهي (ڪرشن راءِ 1982: 1-203). هن پنهنجو تحقيقي ڪم هن تجويز سان شروع ڪيو آهي ته سنڌو لکت ۾ acophony جو اصول ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ تصويري نشانيون لفظ جي منڍ (Initial) جي نشاندهي ڪن ٿيون. سندس خيال آهي ته هن لکت ۾ ڪم آيل تصويرون، آوازن وارا لفظ (Phonograms) آهن. لکت جون اهي نشانيون ٻوليءَ ۾ موجود شين جي نمائندگي ڪن ٿيون. اُن کان پوءِ هن تصويري لفظ (Pictogram) ۾ ڪڏهن هڪ کليل پد ته ڪڏهن ٻه پد ڏنا آهن. اهو ائين آهي جهڙيءَ ريت انگريزيءَ ۾ cat ’ڪئٽ‘ (ٻلي) بدران رڳو ’c‘ جو استعمال ڪجي (ڪرشن راءِ 1982: 12)، اهو خيال ته سنڌو-لکت ۾ اهو اصول ڪم آندو ويندو هوندو، سو فقط هڪ مفروضو آهي. ڪرشن هن لکت جي ان مفروضي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوشش ڪا نه ڪئي آهي.

اُن کان پوءِ هي ماهر، موهن جي دڙي مان هٿ آيل ’مينهن ديوتا‘ جي مهر تي بحث ڪري ٿو ۽ ائڪرو فوني (cacophony) وارو اصول ڪم آڻيندي، مهر تي نظر ايندڙ پنجن جانورن مان چئن جانورن جي نالن جا پهريان اکر هن مفروضي جي آڌار تي ٻڌائي ٿو ته هن لکت ۾ ڪم آندل ٻولي ’قديم سنسڪرت‘ (Proto-Sanskrit) آهي ۽ پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

”جڏهن اسان هن اصول تحت لکت کي ساڄي کان کاٻي طرف پڙهون ٿا (ڇاڪاڻ ته اهم تصويرن جو منهن انهيءَ طرف آهي) ته اسان کي هيءَ پڙهڻيءَ معلوم ٿئي ٿي (1) ’مهيش‘ (مينهن) يعني پهريون پد مَ (ma) جيڪو مٿي نظر ايندڙ نشاني ڏانهن منسوب ڪجي ٿو. (2) ’کدگ‘ (khadga) (گينڊو) کَ (kha) پد تصوير مٿان نظر ايندڙ ٻيءَ نشاني ڏانهن منسوب ڪجي ٿو. (3) ’نر‘ (nara) (ماڻهو)، هن جي شڪل صورت ڪجهه ڊگهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي ٽينءَ نشانيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن کي ٻه نشانيون ڏئي ڪجهه تبديل ڪيو ويو آهي. (4) ’سدري‘ (sadri) يا ’ستري‘ (satri) (هاٿي) آهي، هن جو پد سَ sa آهي جيڪو نشاني نمبر 4 ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي ۽ آخري نشانيءَ جو پد ’ننر‘ (nan) بدران نَ (na) مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ سڀني صوتي ملهن کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. اهڙيءَ ريت پڙهڻيءَ مَ-کَ-نَ-سَ-نَ (ma-kha-na-sa-na) بيهي ٿي. (ڪرشن راءُ 1982: 12).

Figure 68. Krishna Rao’s values for signs on the “Proto-Siva” seal from Mohenjo-daro [Krishna Rao 1982: Figure 9]

ڪرشن راءِ مَ-کَ-نَ-سَ-نَ لفظ کي ’مکهن‘ (Makhahau) لفظ جي بدليل صورت سمجهي ٿو جيڪو آرين جي هڪ ديوتا ’اندر‘ (Indra) جو هڪ لقب آهي، ۽ ويدڪ ادب ۾ موجود آهي. مَکَ (Makha) جو لفظ پڻ رگويد ۾ نظر اچي ٿو ۽ اهو هڪ اڻ آريه ’دئت‘ ڏانهن منسوب آهي.

ڪرشن جي هن کوجنا ۾ چيتي لفظ جو صوتي ملهه ڪو نه ٿو ڏسجي، جيڪو ’مينهن ديوتا‘ واري مهر ۾ موجود آهي. البت هن ساهواري جي علامتي نشاني بنا ڪنهن دليل جي جنگ جي علامت تصوير ڪري ٿو (ڪرش 1982: 13-9 Figure).

ان کان پوءِ هن طريقه ڪار کي وڌائي، ٻين نشانين جي معنيٰ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ تصويري لفظ جي سڃاڻپ ڪري ان سان سنسڪرت لفظ سان هڪ جهڙائي ڏيئي صوتي مُلهه ڪڍيو ويو آهي، مثال طور ’پکي‘ (bird) سنسڪرت ’سڪُني‘ (sakuni) پد سَ (sa)، ’ڪمان‘ (bow) سنسڪرت ’ڌنش‘ (dhanus) پد-ڌ (dha) وغيره (ڪرشن راءِ 1982: 26) جيڪڏهن هيءَ نشاني گهڻي اڻ چٽي آهي ته پوءِ ڪرشن راءِ اهڙي نشانيءَ کي ڪن ٻين لکتن جهڙوڪ: برهمي، سمير، ڊائنسئڪ ايجپشين (Dynastic Egyptian)، ’منان‘ (Minoan) فونشين، هِتي، اوگم (Ogam) ۽ ريومنڪ (Rumic) تان کڻي ٿو. اهڙي نشانيءَ جي اُن جي ٻوليءَ ۾ معنيٰ معلوم ڪري ان کي سنسڪرت ۾ ترجمو ڪري پد ڪڍي ان جي مُلهه کي سنڌو-لکت جي پڙهڻ ۾ ڪتب آڻي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪرشن راءُ کي وَ Va جو آواز، سمير نشانيءَ وسيلي سنڌو لکت جي هنن نشانين  ۽  مان مليو آهي. کيس مَ (ma) جو اُچار سنڌوءَ جي هن تصويري لفظ  وسيلي مليو آهي، جيڪو مصر جي ساڳي شڪل واري نشاني تان کنيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ تيرٿ يا عبادتگاه آهي ۽ ان کي سنسڪرت ۾ ’منديرم‘ (mandiram) چئجي ٿو (ڪرشن راءِ 1982: 27 سندس سميري (Summary) واري 10Fig ڏسو پڻ نارعن وارو تبصرو 1984: 315- 317).

ڪرشن راءُ، پنهنجي ڏنل 10Fig ۾ مختلف نشانين جو تعداد ڏنو آهي، جن جو صوتي ملهه هڪ جهڙو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون نشانيون بدليل صورت واريون نشانيون هيون، يا ٿي سگهي ٿو ته سنڌو-لکت جي نشانين جي سڌريل ۽ ترقي يافته شڪل هجي. تصويري لفظ کي سمجهڻ لاءِ ڪن ٻين لکتن ويندي ريونڪ تائين جو اڀياس ڪرڻ بهتر قدم آهي، جيڪو تاريخي سبب سان واسطو رکي ٿو. اهو پتو پئجي نه ٿو سگهي ته سنڌو-سڀيتا جي ترقيءَ واري دور ۾، ان ڌرتيءَ جا ماڻهو سنڌو ماٿريءَ ۾ اچي آباد ٿيا هئا يا وري هن سڀيتا جي اوج واري دور ۾ هتي جي نسل جا ماڻهو لڏي وڃي انهيءَ ملڪ ۾ وسنديون جوڙي ويٺا هئا، ۽ کين سنڌو-لکت سيکاري هئائون، جيڪي هن جي خيال مطابق آريا هئا (ڪرشن راءِ 1982: 32، 36).

هن ڪتاب ۾ تمام گهڻيون ٽيبلس موجود آهن، جن ۾ سنڌو-لکت ۽ ٻين لکتن کي هڪ منظم طريقي سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف سنڌو-لکت کي پڙهڻ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان ڪوشش ڪئي آهي. آخرڪار هو پنهنجي قائم ڪيل مفروضن ۽ تقابلي اڀياس واري ڊگهي طريقه ڪار کان شڪست کائي وڃي ٿو. سندس ڀڃڻيءَ کي اهميت نٿي ڏيئي سگهجي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ٻئي ملازم ايس. آر. راءِ به تمام گهڻو تقابلي اڀياس ڏيئي، هن لکت کي پڙهڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ هن سنڌو-لکت تي لکيو به تمام گهڻو آهي.

شڪارپور رنگ ناٿ راءُ (Shikarpur Rangnath Rao) 1982: سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن الف-ب ايجاد ڪئي آهي:

ايس. آر. راءُ 1982 ۾، سنڌو-لکت جي ڀڃڻي پيش ڪئي هئي. پنهنجي ڪتاب شايع ڪرڻ کان اڳ هن ڪيترائي مقالا لکي سنڌو-لکت ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو هو، ۽ ان جي ڀڃڻيءَ جو هڪ خاڪو پڻ ڏنو هئائين (1978، 79-1978، 1979، 1980، 1982). هي عالم، قديم آثارن جو مشهور ماهر آهي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين ’آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا‘ سان لاڳاپيل رهيو. هن لوٿل (1954-1963) (رنگپور 1979، a1985) امريليءَ ۾ (1953-1956) (ايس. آر راءُ ۽ دائم آباد (ايس. آر. راءُ 1978) جي قديم آثارن جون کوٽايون ڪرايون آهن. ان کان پوءِ هن، پاڻيءَ هيٺان ٻڏل قديم آثارن جي کوٽاين ۽ کوجنائن ڏانهن ڌيان ڏنو، ۽ سنڌو-سڀيتا جي سمنڊ هيٺ آيل قديم ماڳ، دوارڪا کي ڳولي لڌائين، جيڪو ڪڏهن سوراشٽر جي اتر-اولهه واري سامونڊي پٽيءَ سان موجود هو (ايس. آر. راءُ a1988، b1988).

راءُ جو ڪتاب (1982: 1-455) گهڻو ضخيم آهي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ هڪ تحقيقي ڪم آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ سان گڏ ٻيون به ڪي ضمني ڳالهيون آهن، جنهن ۾ تصويرون ۽ خاڪا پڻ جام ڏسجن ٿا. منجهس سنڌو- لکت جا هٿ سان ڪڍيل خاڪا ۽ ٻيو به اضافي مواد آهي. انهن مان ڪي تصويرون ۽ خاڪا، اڳي به شايع ٿي چڪا آهن (مثال طور راءُ 1979: 170- 220). راءُ جي سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ تي گهڻن ئي عالمن تبصرو ڪيو آهي، جن مان مشهور اراواٿام مهاديوان (8-1481- لال 1983 نارمن 1984). مون به سندن اظهار راءِ جي کوجنا جو قدر ۽ قيمت معلوم ڪري ورتو ۽ مان سندن ٿورا مڃيندي هي تبصرو ڪري رهيو آهيان.

سنڌو- لکت جي ابتدا:

راءُ جي راءِ موجب سنڌو-لکت جي شروعات تصويري نشانين جي صورت ۾ سنڌو-سڀيتا جي عروج واري زماني ۾ ٿي آهي. هن لکت جي هڪ نشانيءَ، هڪ لفظ يا لفظ جي هڪ پد جي نمائنده طور يعني لوگو گرافڪ (Logographic) يا لوگو سلئبڪ (Logosyllabic) نموني سان ڪم ڪيو آهي. سندس ويچار آهي ته قديم دور ۾ هن لکت ۾ 62 بنيادي نشانيون هيون، جيڪي سنڌو- سڀيتا جي پوئين دور ۾ موجود رهيون. هيءَ لکت تبديل ٿيندي ۽ ارتقا ڪندي رهي آهي. ان کان پوءِ 62 نشانين مان گهٽجي 20 ٿيون آهن، بعد ۾ هن لکت جون نشانيون گهڻو ڪري الف-ب جي اکر طور استعمال ڪيون ويون آهن. (ايس. آر. راءُ 1982: 20). هن فنلئنڊ جي ماهرن جي تيار ڪيل نشانين جي فهرست (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو 1973-xxv1-xxv11) جي آڌار تي بحث ڪيو آهي (1982: 16، 20)، سندس بيان ۾ نشانين جو تعداد ٻين ماهرن جي ٻڌايل شمار کان گهٽ ڏسجي ٿو (لئنگڊن a1931: 288 نشانيون-مهاديوان a1977: 417 نشانيون). راءُ لاءِ نشانين جو تعداد نهايت اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو-لکت جي باري ۾ ڪنهن اختلاف راءِ لاءِ سندس مدد ڪري سگهي ٿي. سندس دعويٰ آهي ته 62 نشانين ڪري هيءَ لکت سنڌو- سڀيتا جي اوج واري دور ۾ ئي الف-ب واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي هئي (1982: 20).

سنڌو- لکت جي سڀاءُ کي اٺن مکيه نڪتن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو (ايس. آر. راءُ 1982: 8) جن کي مختصر ڪري هيٺ ڏجي ٿو.

(1) سڌين ليڪن وسيلي ٺهيل نشانين کي ڏنل ’اضافي اڙيون‘ (strokes)، ’امدادي سُر‘ (helper vowels) هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته پوئين دور جي هندستاني لکت ۾ به هنن جو استعمال ساڳيو آهي.

(2) ليڪن تي مشتمل (liniar) سنڌو-لکت جون نشانيون گهڻو ڪري ٻه ۽ گڏيل امتزاجي صورت ۾ نظر اينديون آهن، جيڪي هڪ تصوير جيان معلوم ٿينديون آهن. اهڙين نشانين جا مثال ته گهڻا آهن، پر وضاحت سان وڌيڪ بيان ڪيل ’ماڻهو‘ جهڙي نشاني آهي، هن ۾ ترڇيون ليڪون اهڙيءَ ريت جوڙي ڏنيون ويون آهن، جو اها ’تير چٽيندڙ ماڻهوءَ‘ جي تصوير به چٽي ڏسبي آهي (1982: 8). اهڙي نشاني  / + ( + جو مرڪب آهي. راءُ راءِ ڏئي ٿو ته انهي قسم جي مرڪب نشانين جو تجزيو ڪيو وڃي، يعني انهن کي مختلف جزن ۾ ڀڃيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته جيئن ان ۾ موجود نشانين جي صحيح تعداد جو پتو پئجي وڃي.

(3) سنڌو-سڀيتا جي ڪتابن ۾ نشانين اندر اُڀيون ليڪون ڏنيون آهن، جيڪي لفظ کي جدا ڪري بيهاريندڙ نشانيون آهن ۽ انهن کي امدادي سر (helper vowels) نه سمجهيو وڃي.

(4) ڏنگيون (brackets) تصويري يا ليڪن سان ٺهيل نشانين کي ڏنل هونديون آهن. ڪڏهن انهن ڏنگين جي شڪل وڏين يا ننڍين اُڀين ليڪن جهڙي هوندي آهي. اهڙيون نشانيون لکت جي نشانين کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري بيهارينديون آهن. انهن جو ڪم به مصري لکت جي بيضوي حلقي (Cartouche) جهڙو هوندو آهي. (Cartouche) نشانيون فقط مصري نالن ۽ لقبن جو احاطو ڪنديون آهن، پر سنڌو-لکت واريون ڏنگيون،
’سرڪمگراف‘
(Circumgraph) ۽ پاسي واريون ٻه ليڪون نه رڳو لفظن کي جدا ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون، ليڪن اهي شخصي نالن ۽ لقبن جي به نشاندهي ڪن ٿيون (1982: 8)

سنڌو- لکت ۾، صوتي آواز (Phonetisation) موجود آهن ۽ هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي ڳالهه به ڪا نه آهي.

(6) هن  ۽ هن   نشانيءَ جي ڪنهن تصويري نشانيءَ جي ميلاپ مان هن گروهه جي پدن جي ملهن (syllabic values) جي تبديليءَ جو اشارو ملندو آهي.

(7) هڪ نشاني آخري پڇاڙي ۽ صوتي نشاني (phonetic sign) طور به ڪم اچي سگهندي آهي.

(8) سنڌو- لکت جي هن ڀڃڻيءَ ۾ مسئلي جي حل لاءِ نئين دريافت (break through) اهو آهي ته هن لکت ۾ بنيادي نشاني ۽ مرڪب نشانيءَ جي حدبنديءَ جو پتو پئجي ويو آهي. راءُ هن تحقيق ۾ گهرين (Grids) کي ڪم آندو آهي ۽ ڪمپيوٽر کي استعمال ڪو نه ڪيو اٿس.

ڀڃڻي:

راءُ، سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ جي شروعات، رنگپور ۽ گجرات جي ٻين قديم ماڳن مان هٿ آيل ٺڪر جي ٿانو واري لکت (Graffiti) تي تحقيق سان ڪئي آهي. ٺڪر جي ٿانو واريون مذڪوره نشانيون، سندس تجزيو (disarticulation) ۽ سنڌو-سڀيتا جي اوج واريءَ لکت جي نشانين جي نئين سر ترتيب (reconstructed matured signs) کي سندس ڪتاب جي (Fegure) 5 ۾ ڏسجي سگهجي ٿي (ايس. آر. راءُ 1982: 38) (69 Fegure). هن خاڪي ۾ ڏنل صوتي ملهه، اولهه سامي (West Semetic) لکت جي تقابلي اُڀياس جي مدد سان ڏنو ويو آهي. اها اصلي موضوع کان هٽي وڃڻ جي ڳالهه آهي.

الف-ب جي شروعات:

گهڻن عالمن جو خيال آهي الف-ب جي پهرين شروعات، مشرق قريب (Near East) کان ٿي آهي. اهڙي الف-ب جو تعلق اولهه سامي ٻولين سان آهي. هن موضوع تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو ويو آهي. ’جوسف ناويهه‘ (Joseph Naveh) (1982) هن موضوع جو اهم ماخذ (source) آهي ۽ ’جيلب‘ (Gelb) (1969) کان وڌيڪ جديد معيار مطابق آهي. سامي ٻولين جي عام طور نوعيت ڪجهه هن ريت آهي:

مشرقي سامي- اَڪَدي (Akkadian)، بابلي (Babylonean)، آشوري (Assyrian). اولهه سامي: آراميائي (Aramaic) ۽ ڪنڪانتي (Canaanite) جنهن ۾ عبراني (Hebrew)، فينقي (Phoenician)، موابي (Moabite)، اموري (Ammorite) ۽ گهڻو ڪري اگاري (Ugaritie) به. ڏکڻ سامي- ڏاکڻي عربي (South Arabic)، حبش (Ethiopian) ۽ عربي (ناويهه Naveh 1982: 9).

قديم لکتن، جهڙوڪ: ابتدائي تصويري (Cuneiform) ۽ مصر جي هيرو غليفي جي الف-ب جي صورت ۾ منتقلي 1700 ق. م ۾ عمل ۾ آئي آهي (ناويهه 1982: 1)، ان سان گڏوگڏ الف-ب جي.

Figure 69. S.R. Rao’s analysis of Late Harrapan Rangpur graffiti

[Rao 1982: Figure 5]

اکرن جي بنيادي تحرير (syllabary) ۾ به ڦيرو آيو آهي. لکت جي هن نئين نظام جي اوسر ۽ ترقيءَ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو، جنهن جو پڻ ڳوڙهو اڀياس ڪيو ويو آهي. کوجنا مان پتو پوي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن لکڻ جي نظام ۾ تبديليون، هر ڏهين سال کان پوءِ آيون آهن. تبديليءَ واري اهڙي دور جي ايڪائي هڪ سئو سال کان ننڍي معلوم ٿئي ٿي. اُنهي ڪري الف-ب جي شروعات جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ عالمن لاءِ مختلف لکتن جي شجري (family tree) ٺاهڻ ۾ سولائي ٿي پئي آهي (70Figure).

تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته سامي الف-ب جا سڀ اکر، وينجن يا حرف صحيح (consonants) هئا، ان کان پوءِ آرميائي (Aramaie) ۽ عبراني (Hebrew) لکت ۾ ڪن (mattres locations) اکرن جو واڌارو ڪيو ويو، جن جو ڪم گم ٿيل آوازن جي نشاندهي ڪرڻ هو. پهريان ماڻهو يوناني هئا، جن حرف علت (Vowels) جو استعمال ڪيو آهي. لکت جي شجري ۾ لکت جي هيءَ شاخ وڌيڪ ترقي پسند ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

راءِ (1982: 26-27) اولهه سامي لکت تي پڻ بحث ڪيو آهي ۽ ان بابت سندس آخري سٽون هي آهن:

Figure 70. The “Family Tree” of the alphabet [Navah 1982: 10]

سڀ کان وڌيڪ اهم لکت، بئبلاس (Byblos) جي سامي آهي، جيڪا اهرام جي پٿر جي قانون تي لکيل ڏسجي ٿي، جنهن جي تاريخ 1300 ق.م آهي، جيڪا جيلب مقرر ڪئي آهي (1969: 131). جڏهن ته ڊيرنجر (Durenger) ان کي 1100 ق.م ٻڌائي ٿو (1965: 114). اڀياس ڪبو ته سامي (جيلب 1969: 64Feg-ڊرائيور Driver: 1948: 98.....) لاشِش (Laehish) (جينسِن Jensen 1970: 78-277، 23Feg) ۽ اهرام (Ahiram) (جيلب 1969: 131، 70 Feg) لکتون 1600 ق.م کان 1300 جون قديم آهن. جڏهن ته سنڌو ماٿريءَ جي پوئين دور واري الف-ب، موهن جي دڙي، لوٿل B-، رنگپور ۽ دائم آباد جي پڇاڙيءَ واري دور جي مهرن تي لکيل ڏسجي ٿي، جن جو دور 1900 ق.م ۽ 1500 ق.م جي وچ تي آهي. انهن جي ٿوري گهڻي هڪ جهڙائي، قديم سينيا (Proto sinaitic) (1600 ق.م) ۽ اهرام (1200 ق.م) جي لکتن سان معلوم ٿئي ٿي (ايس. آر. راءُ 1982: 27)

* S. SEMITIC

Figure 71. Chart showing Rao’s proposed phonetic values for Harappan signs, as derived from the Semitic scripts [Rao 1982: Figure 8]

ان کان ٿورو هيٺ راءُ جو بيان هن ريت ڏسجي ٿو:

”سامي ۽ سينائيءَ جون لکتون جن کي تقابلي اڀياس لاءِ چونڊيو ويو آهي، تن جو تعلق 1500 ق.م سان آهي، پر جيئن ته سنڌو-سڀيتا کان پوءِ واري ۽ سامي لکت پاڻ ۾ سهيوڳي آهن، تنهن ڪري انهن جي دور بابت ڪو به مونجهارو ڪو نه آهي (ايس. آر. راءُ. 1982: 27).“ اها حقيقت ڪانهي ڇاڪاڻ ته اسان کي دور جو مونجهارو نظر اچي ٿو، پر انهيءَ تي بحث راءُ جي سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ تي تبصري ڪرڻ وقت ڪيو ويندو، ان کان پوءِ راءُ، سامي لکت جون علامتون پيش ڪري ٿو ۽ انهن سان هڪ جهڙائي رکندڙ سنڌو- سڀيتا جي اوج ۽ ان کان پوءِ واري زماني جي نشانين کي سامهون رکي ٿو (1982: 27-31 8Fig ) (71Figure). هو وضاحت سان بيان ٿو ڪري ته ”پوئين دور جي سنڌو-سڀيتا جي الف-ب، سامي الف-ب جو بنياد آهي“ (1982: 27 ۽ 7). ايس. آر. راءَ کي اتر جي طرف يا هن معاملي ۾ ايجاد جي ڏات بابت ڪو به شڪ شبهو ڪو نه آهي.

هن مقام تي راءُ، سنڌو ماٿريءَ جي الف-ب جي گهڻن اکرن جي دريافت ڪري ٿو، جن کي استعمال ڪري سنڌو-لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهڙي شروعات پنهنجي ڪتاب جي 3 باب ۾ ڪري ٿو. هن جي ڀڃڻيءَ جو ڪجهه حصو سندس هن دريافت سان تعلق رکي ٿو.

مهرن ۾ لکيل ٻولي، ويدڪ سنسڪرت سان ويجهڙائپ رکي ٿي (ايس. آر. راءُ 1982: 234-236). هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مهرن ۾ تحرير ٿيل پيغام، ماڻهن جا نالا، لقب ٻيا ڪي اهڙا خطاب وغيره آهن (1982- باب 6). سندس اهو به خيال آهي ته مهرن جي اَڀياس مان سنڌو-ماٿري جي نظريي جو پڻ ڀليءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو.

راءُ جي تحقيقي ڪم لاءِ ٻه اضافي ڳالهيون چئي سگهجن ٿيون. اسان سندس 5:Feg (اسان جي 69: Fig) ۽ 8:Fig (اسان جي 71: Fig) ۾ فرق موجود آهي. اهو فرق نظر ته ننڍو اچي ٿو، پر پوءِ به فرق آهي. جيڪڏهن ڌيان سان اَڀياس ڪبو ته ماڻهو حيران ٿي ويندو. 71:Fig جون آخري ٻه نشانيون ماڻهو  ۽   آهي، جن ۾ راءُ ڪجهه دوکو کائي ويو آهي، جن جو ملهه سامي نشانين تان نه، پر ’ويدڪ سنسڪرت‘ تان ورتو آهي. هن، ماڻهوءَ جهڙيءَ نشاني جي خال ڀرڻ لاءِ پورا 51 صفحا (31 کان 82 تائين) ڀري ڇڏيا آهن. ان کان پوءِ هو ٻيءَ نشاني کي سمجهائڻ لاءِ وري ٻيا 8 صفحا (82-90) لکي ٿو.

راءُ جو ويچار آهي ته سنڌو-سڀيتا جي اوج ۽ ان کان پوءِ، ماڻهوءَ جهڙي نشانيءَ کي تصويري طور ڪم آڻڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪا پوءِ صوتي طور سڃاڻي ويندي هئي، يا جيڪڏهن ان جو الف-ب جي اکر طور نه، ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي هڪ پد جي شڪل ۾ ڪم آندو ويندو هوندو. حقيقت اها آهي اُن نشانيءَ سان عام طور تي ننڍيون اڙيون جوڙ ڪيو وينديون هيون، جنهن مان پتو پوي ٿو ته ان جي سُر (vowels) جا صوتي ملهه به بدلجي ويا هوندا (ايس. آر. راءُ 1982: 83) سندس چوڻ آهي ته سنڌو-ماٿريءَ ۽ ويدڪ ٻوليءَ ۾ ويجهڙائي آهي ته ان صورت ۾ ماڻهوءَ جي جهڙي نشانيءَ جي معنيٰ معمي واري اصول سان ويدڪ ٻوليءَ مان ڪڍجي ٿي جهڙوڪ: نر (nr/nara). تنهن ڪري ماڻهوءَ جهڙي نشاني لاءِ نر لفظ مان ’ر‘ (r) جو صوتي ملهه مقرر ڪجي ٿو (1982: 83) ٻيو متبادل نر (Nara) فقط سمجهاڻي خاطر ڏنو ويو آهي.

مڇيءَ جهڙي نشانيءَ ۾ به هڪ امدادي سر (helper Vowel) آهي ۽ اها ڳالهه ساڻس جوڙ ڏنل ننڍين اڙين مان محسوس ڪري سگهجي ٿي. ويدن جي ٻوليءَ ۾ مڇيءَ لاءِ فقط ٻه لفظ آهن جن مان هڪ ’مين‘ (min) ۽ ٻيو ’متسيه‘ (matsya) آهي. هن لفظ مان م (m) جو صوتي ملهه کنيو ويو آهي، پر الف-ب جي هن اکر جي هڪ ٻي نشاني پڻ نمائندگي ڪري رهي آهي. جيڪڏهن مڇيءَ جهڙي نشانيءَ مان م جو صوتي ملهه ورتو ويو آهي ته هن نشانيءَ واريون لکتون ڪو به مفهوم ادا ڪري ڪو نه سگهنديون. ان ڪري هن نشانيءَ ۾ ’م‘ جي صوتي ملهه جي امڪانن کي رد ڪري سگهجي ٿو. رگويد ۾ مڇيءَ لاءِ ڪم ايندڙ ٻيا لفظ جهڙو ’جهس‘ (Jhasa) ۽ ’سڪول‘ (Sakula) به موجود آهن (ايس. آر. راءِ 1982: 90). ان کان پوءِ راءُ، ج، س، ل جي صوتي قدرن تي بحث ڪري ٿو ۽ انهن مان ’س‘ ملهه کي چونڊي ٿو. سندس چونڊيل هي ملهه اهڙو آهي، جيڪو لکتن اندر ڪو مفهوم پيدا ڪري سگهي ٿو. تصويري نشانين تي ڪتاب جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾ (53-151) بحث ڪيو ويو آهي. انهن جون پڙهڻيون به معمي جي اصول موجب قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي ويدن کان ڦرنديون گهرنديون وڃي سنڌو لکت تائين پهچن ٿيون.

ايس. آر. راءُ جي ڀڃڻيءَ جو تنقيدي جائزو:

راءُ جي ڀڃڻيءَ جي گهڻن ئي عالمن آجيان ڪئي آهي ۽ سندن ڪيل تبصرا تعريف لائق آهن. هنن سڀني مان ڪي. آر. نارمن جي تنقيد مٿاهين آهي، ڇاڪاڻ ته هو لسانيات جو ماهر آهي (1984: 20-318). اراواٿام مهاديوان جي سندس ڀڃڻيءَ تي ڪيل تنقيد ڇپجي پڌري ٿي آهي (82-1981).

راءُ، سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ واسطي جنهن حقيقت کي استعمال ڪيو آهي، تنهن تي بحث ڪرڻ لاءِ ڪجهه نڪتا موجود آهن. سندس دعويٰ آهي ته سنڌو- لکت ۾ فقط 62 نشانيون آهن، پر سندس هن خيال سان ڪو به محقق متفق ڪو نه ٿيندو. مثال طور هن ڳالهه مان اڻ سڌيءَ طور اهو معلوم ٿيندو ته ماڻهوءَ جهڙيون سڀ نشانيون ساڳيون آهن. فنلئنڊ جي ماهرن جي فهرست ۾ هن جون 43 بدل صورت نشانيون آهن (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا 1973: xx11). مهاديوان جي ڏنل فهرست ۾ اهڙين بدل صورت نشانين جو تعداد 46 آهي. ساڳيو حال مڇيءَ جهڙي ۽ ٿانو جهڙي نشانيءَ جو آهي. تنهن ڪري راءُ جو خيال ڀروسي جوڳو نه آهي، جو جنهن طريقي سان ماڻهوءَ ۽ مڇيءَ جهڙي نشانيءَ جي معنيٰ مقرر ڪري ٿو, سا به ڄڻ جڙتو پيئي معلوم ٿئي. راءُ جي تحقيقي ڪم ۾ پنهنجو من پسند طريقو ڪتب آندو آهي ۽ تحقيق جو مقرر طريقه ڪار جي پرواهه نه ڪندي، ڪيتريون ئي معنائون ڏئي ٿو، پوءِ جيڪا سندس دل کي وڻي ٿي، مقرر ڪري ٿو ڇڏي. مهاديوان، راءَ جي هن ڀڃڻيءَ تي تنقيد ڪئي آهي (82- 1981: 61- 64) ۽ هن موضوع تي اهم بحث به ڪيو آهي.

سنڌو-سڀيتا کان پوءِ واري دور جي ٺڪر ٿانو واري لکت تي ويچاربو ته ايس.آر.راءُ جي دعويٰ ۾ دور ۽ نظريي سان لاڳاپيل مونجهارا موجود آهن. گجرات ۾ سنڌو-سڀيتا جا مختلف دور هيٺ ڏجن ٿا:

رنگپور111

سنڌو-سڀيتا کان پوءِ واري ڳاڙهي چمڪدار ٿانون جو دور

1700 ق. م-1400 ق.م

رنگپور111C

سنڌو-سڀيتا کان پوءِ وارو شروعاتي دور

2000 ق.م-1700 ق.م

رنگپور 11-A-B

سنڌو-سڀيتا جو ترقي يافته دور

2500 ق.م-2000 ق.م

راءُ جو خيال آهي ته سامي لکت جي الف-ب وارو دور، 1500 ق.م آهي، ۽ هن دور کي ڌيان ۾ رکي، سنڌو-لکت جي الف-ب ۽ سمير لکت جي الف-ب کي سهيوڳي سمجهيو آهي. هيءُ سنڌو-سڀيتا کان پوءِ وارو زمانو آهي، جنهن دوران رنگپور ۽ لوٿل جو چمڪدار ڳاڙهو ٿانو نظر اچي ٿو. انهن جي تصويرن ۽ پليٽن جهڙين شاهدين جي جاچ مان پتو پوي ٿو ته رنگپورIII سان لاڳاپيل لکت ۾ فقط اڪيلي نشاني ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر تحرير جو هڪ سلسلو موجود نه آهي. (ايس. آر. راءُ a1963: 130-132). اهڙيءَ ريت لوٿل B مان، ٺڪر ٿانو تي لکت جا ٽي سلسلا مليا آهن (ايس. آر. راءُ a1985: 459 نمبر 43، 45، 46). سنڌو-سڀيتا کان پوءِ واري هي ٺڪر- لکت (graffiti) ڀڳل ٽٽل (sarapry) آهي يا جڏي سڏي آهي. جنهن جو لکت سان ڪو ٿورو گهڻو واسطو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بي ڌيانيءَ سان تحرير ڪيل هن يا ٻيءَ اڪيلي نشانيءَ تي مشتمل لکتون اهڙيون آهن، جو اهو پتو نٿو پوي ته واقعي اهي لکتون آهن به يا نه؟ راءُ جي اهڙين شاهدين کي استعمال ڪرڻ، توڙي جو انهن جو واسطو ڪنهن مفروضي سان آهي ته به مناسب ڪو نه ٿو لڳي.

راءُ هن ڳالهه تي به بحث ڪري ٿو ته لوٿل-B، رنگپور ۽ روجڙيءَ مان لڌل هر هڪ لکت، چئن کان ڇهن نشانين تي مشتمل آهي (راءُ 1982: 237). رنگپور واري لکت جو رپورٽ ۾ ذڪر موجود نه آهي. ايس. آر. (راءُ a1963: 130-133). روجڙيءَ مان هٿ آيل لکت، اڌ گول شڪل جهڙي رءُ پڪل ڳاڙهي پيالي جي ڪناري سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ٺڪر تي نظر ايندڙ لکت چٽي نه آهي (انڊين آرڪيالاجي-اي رِوِيو. 58-1957: 18-21). پر حالتن مان معلوم ڪيل شاهدين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ان جو دور 2200 ق.م کان 2000 ق.م تائين آهي، جيڪو راءُ جي بيان ڪيل سنڌو- سڀيتا کان پوءِ واري دور کان اڳ آهي. تنهن ڪري هيءَ موضوع سان اڻ لاڳاپيل لکت آهي (پليٽ 17). راءُ سامي لکتن کي به استعمال ڪيو آهي، تن لاءِ به پڻ اعتراض ڪري سگهجي ٿو. اولهه ايشيا جي حوالي سان لکت جي ارتقا هڪ حقيقت آهي، جيڪا پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي وڌي ويجهي ۽ اُسري آهي، پر راءُ جي هن ڳالهه کي قبول نٿو ڪري سگهجي ته ان تي سنڌو-لکت جو اثر آهي. خاص ڪري هن ڳالهه ڪري ته راءُ اهو نه ٿو سمجهائي ته اهو اثر ڪيئن پيو ۽ ڪهڙن بنيادن تي پيو، تنهن ڪري شڪ موجود آهي. اها به حقيقت آهي ته 2600 ق.م کان پوءِ سنڌو-ماٿريءَ جي وسيع علائقي ۽ ميسو پوٽئميا وچ ۾ تمام گهڻو واپار هلندو هو، جنهن کي ’ميلوها واپار‘ جي نالي سڏيو ويندو آهي. پر اهڙي تجارت 1500 ق.م کان اڳ ختم ٿي چڪي هئي ۽ هن دور لاءِ راءُ پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي ته هن زماني دوران سنڌو-لکت ۽ اولهه سامي لکت وچ ۾ لاڳاپا موجود هئا.

البت هيءَ اهڙي عالم جي ڀڃڻيءَ بابت اهم دعويٰ آهي جنهن پنهنجي تحقيقي ڪم کي هر وقت ڌيان ۽ توجهه سان قلمبند ڪيو آهي، پر پوءِ به هو سوڀارو ڪونه ٿيو آهي. اهڙيءَ ناڪاميءَ جي شروعات راءُ جي نشانين بابت تصور ۽ سنڌو-لکت جي الف-ب سمجهڻ سان ٿئي ٿي. هن ڀڃڻيءَ ۾ معمي وارو اصول ڪم آندو آهي، جيڪا سندس چوڪ آهي. ان کان سواءِ هو مهرن جي ٻولي سنسڪرت سمجهي ٿو. هيءَ سندس اهڙي غلطي آهي، جو پنهنجو بچاءُ به ڪري ڪونه سگهندو.

راءَ جي سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ تعريف لائق ۽ عالمانه آهي، ڇاڪاڻ ته هن اهڙو ڏکيو ڪم اڪيلي سر ڪيو آهي. سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جو هڪ ٻيو مثال به موجود آهي جيڪو ٿورو مختلف آهي، پر اهو اڳين ٽن محققن جي گڏيل ڪم جو هڪ روپ آهي.

شنڪر مڪيشي پونيڪر 1984 (Shankar mukashi punekar): واڊيل، پارگيٽر (Pargiter) ۽ ايس. آر. راء:

پونيڪر، 1984 ۾ ’موهن جو دڙو سيلس: ريڊ ائنڊ ڊسائفرڊ‘
 (Mohen jo Daro seals read and deciphered) جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو آهي. هي ميسور يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر آهي ۽ ڊبليو. بي. ييٽس (W.B. Yeats) جي تخليقي ڪم تي هڪ ڪتاب پڻ تصنيف ڪيو آهي. پاڻ شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي.

پونيڪر، سنڌو-لکت سان لاڳاپيل پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ ايس.آر.راءُ جي کوجنا وارو طريقه ڪار اختيار آهي. سندس دعويٰ آهي ته سنڌو-سڀيتا جي مهرن ۾، انڊو-يورپين ٻولي لکي وئي آهي. ايندڙ صفحن مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي ويندو ته مهرن واري تحرير جي آڌار تي سنڌو لکت پڙهجي نه ٿي سگهجي. مهرن ٺاهڻ جي ڪاريگري، انهن جي بناوت ۾ مختلف ٺپن جو استعمال، مهر جي سُڪڻ کان اڳ ان کي مڪمل ڪرڻ جو ڪوششون، اختصار لاءِ ٻيون پڻ اختيار ڪيل ڳالهيون، مهر تي لکت جي نموني بابت سوچ ويچار ٻٽي معنيٰ وارن لفظن جي چونڊ، ننڍي مهر هجڻ ڪري جاءِ جو نه بچڻ يا جڳهه بچائڻ ڪاڻ اکر سوڙها ڪري لکڻ، اهڙيون ڳالهيون آهن، جن ڪري لکڻهارن جي لکتن ۾ ڪي اوڻايون آهن، جيڪي صوتي نقطه نظر کان صحيح نه آهن (پونيڪر 1984: 19).

پونيڪر جو اندازو آهي ته سنڌو-لکت ۽ ويدن جي بيان ڪيل سونهري دور (golden age) ۾ ڪو به فرق نه آهي، تنهن ڪري هن ڪنهن حد تائين واڊيل جي نقطه نظر جي پوئلڳي ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت سندس بيان آهي ته ”ماضيءَ ۾ يور-ئشيا (Urasia) جو هڪ نسل هو، جنهن سان لاڳاپيل انساني گروهه ’ميسوپوٽئميا‘، يونان، هندستان، ناروي ۽ انگلنڊ پهتا هئا.“ واڊيل جو استعمال ڪيل پدن وارو طريقه ڪار ناڪام ثابت ٿيو هو جنهن کي ڪٿان به ڪا مڃتا ڪانه ملي هئي، پر سندس سوچ ۽ فڪر ۾ سچائي ضرور هئي (پونيڪر 1984: 20). هن جو تصور اي.ايف.پارگيٽر جي پراڻڪ تاريخ ۽ اُن جي تجويز ڪيل مفروضي مطابق هو. هن جي ڀڃڻيءَ جي واٽ واڊيل-پارگيٽر جي سوچ فڪر ۽ ايس. آر. راءُ جي اختيار ڪيل طريقه ڪار موجب هئي. (1984: 20).

پونيڪر جي ڪتاب جو توازن سندس اخلاقي، فلاسافي، هندستان جي قديم تاريخ جي مطالعي جو مفهوم آهي. سندس نقطه نظر موجب، ويدڪ دور، سنڌو-سڀيتا جو ٻيو روپ آهي. ان کان پوءِ هو ايس. آر. راءُ جي مقرر ڪيل نشانين جي صوتي ملهن ۾ ٿوري گهڻي ترميم ڪري، سرجان مارشل (a1931) جي هٿ ڪيل پهرين هڪ سو مهرن جي معنيٰ ٻڌائي ٿو. ضميمي (1984: 145-146) ۾ ’پتن راند‘ جي اصليت تي (The Origin of playing cards) جي عنوان سان هڪ نوٽ پڻ لکيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ان جون علامتون سنڌو- سڀيتا يا ويدڪ دور تان کنيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org