سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:2 

ٽيبل 1

سنڌو- سڀيتا جي دور جو مڪمل خاڪو

پهريون دور، پوکي راهيءَ جي ارادي سان ڳوٺن جي اڏاوتن ۽ مالوند سانگي (Pastoral) ماڻهن جي وانڍن اڏجڻ جو دور

ڪلي گل محمد

7000 ق.م کان 5000 ق.م

برج بئسڪيٽ نشانن (Burj Basket marked)  وارو مرحلو

5000ق.م کان 4300 ق.م

ٻيو دور پوکي راهيءَ جي ارادي سان اڏيل سڌريل ڳوٺَ ۽ ترقي يافته سانگي سماج

ٽوگائو مرحلو

4300 ق.م کان 3800 ق.م

ڪيچي بيگ مرحلو

3800 ق.م کان 3200 ق.م

هاڪڙي جي ٺڪر جي ٿانون وارو مرحلو

3800 ق.م کان 3200 ق.م

ڪيچي بيگ مرحلو ۽ هاڪڙي جي ٺڪر جي ٿانون  وارو مرحلو ٻئي سهيوڳي آهن

آمري نال وارو مرحلو

3200 ق.م کان 2000 ق.م

ڪوٽڏيجيءَ وارو مرحلو

3200 ق.م کان 2000 ق.م

سورٺي سِسوال مرحلو

3200 ق.م کان 2600 ق.م

دنب سعادت مرحلو

3200 ق.م کان 2600 ق.م

چوٿون دور- ابتدائي ترقي يافته ٿور وقتي هڙپا

ابتدائي ترقي يافته عبوري يا ٿور وقتي هڙپا

2600 ق.م کان 2500 ق.م

پنجون دور- ترقي يافته هڙپا

هن منزل ۾ پنج مرحلا آهن جيڪي پاڻ ۾ سهيوڳي آهن

سنڌي هڙپا مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

ڪولي هڙپا مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

سورٺ هڙپا مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

پنجابي هڙپا مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

اوڀر هڙپا مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

اهو تصور به موجود آهي ته ڀر وارن علائقن جا مرحلا به ترقي يافته هڙپا جا سهيوڳي آهن

ڪوٽيا مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

پويون ڪوٽڏيجي مرحلو

2500 ق.م کان 2000 ق.م

ڇهون دور شهري هڙپا دور کان پوءِ

جُهڪر مرحلو

2000 ق.م کان 1800 ق.م

پيرڪ جو ابتدائي مرحلو

1800 ق.م کان 1000 ق.م

سورٺ- هڙپا پويون مرحلو

2000 ق.م کان 1600 ق.م

چمڪدار ڳاڙهن ٿانون وارو مرحلو

1600 ق.م کان 1300 ق.م

“H” قبرستان وارو دور

2000 ق.م کان 1500 ق.م

سوات ماٿري IV

1650 ق.م کان 1300 ق.م

هرياڻا ۽ اتر پرديش وارو پويون هڙپا مرحلو

2000 ق.م کان 1300 ق.م

ڇانهين رنگ جي چِٽيل ٿانون وارو پويو هڙپا مرحلو

1300 ق.م کان 1000 ق.م

ابتدائي گنڌارا قبرستاني ثقافت جو مرحلو

1700 ق.م کان 1300 ق.م

ستون دور اتر هندستان ۽ پاڪستان جي لوهه جي استعمال وارو مرحلو

پيرڪ جو پويون مرحلو

1000 ق.م کان 700 ق.م

چٽيل ڇانهين رنگ جي ٿانون جو مرحلو

1000 ق.م کان 500 ق.م

گنڌارا جي قبرستان ثقافت جو پويون مرحلو

1000 ق.م کان 600 ق.م

مهر ڳڙهه ۾ اسان کي هڪ تسلسل ۾ تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ماڳ جي دور IIB ۾، ٺڪر جا لسا (ص 10) ۽ هلڪي ڀوري رنگ جا ٿانو موجود آهن، جنهن کي گاهه، ڪک، ڪاني يا ڪڻڪ جي بُهه جي ٻارڻ سان پچائي تيار ڪيو ويو آهي. هن جهڙو ٺڪر، اسان ايراني پوٺي تي پڻ ڏسون ٿا (يحيٰ دور VII کان V تيپي سيالڪ بيلت ۽ هوتو غار) هن قسم جي ٿانوَن جا امڪاني اهڃاڻ، گهڻو اولهه زگروس (Zagros) (جرمو Jarmo) تائين به موجود آهن، پر مهر ڳڙهه جي اهڙن ٿانون جو تفصيلي ذڪر نظر نٿو اچي (جئرج 1981-22-23) جيڪڏهن مهر ڳڙهه جي هن دور جو واسطو بُهه مان پڪل ٿانون واري دور (Chaff ware Horizon) سان آهي ته پوءِ ان جو تعلق 5500 ق.م جي زماني سان آهي. مهر ڳڙهه جو اٺڪر (Accrarmic) دور، گهڻو قديم نظر اچي ٿو. هن ماڳ جي دور IA واري وسندي، ٽن يا چئن هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. (ميڊو 299:1993)

مهر ڳڙهه جي اَٺڪر دور جون اڏاوتون ۽ قبرستان:

هن ماڳ جي دور I جي وسنديءَ ۾، سادن گهرن جي اڏاوت ڏسجي ٿي، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪمرا آهن. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته رهائشي اڏاوتن جي وچ تي ڪنهن هنر ۽ ڪاريگريءَ سان لاڳاپيل ڪي تعميراتون يا قبرستان (ليچيواليئر Lechevaller ۽ ڪيورون Quivron 72:1981-82) پهرئين ۽ ٻئي قبرستان جون قبرون يا انهن جون سماديون، سرن جون اوساريل آهن. پوئين اَٺڪر دور سان لاڳاپيل قبرن مان، سنک ۽ فيروزي جا مڻيا هٿ آيا آهن. انهن شين ۾ ’هڪ لاجوَرد‘ (Lapis Lazuli) ۽ هڪ ٽامي جو مڻيو آهي، جيڪو اڻ رِجيل آهي. سنک، فيروزي ۽ لاجورد جي موجودگيءَ مان لڳي ٿو ته اهي شيون واپار، سفر يا ڀر وارن ماڻهن سان اچ وڃ وارن لاڳاپن وسيلي هٿ ڪيون ويون ٿيو ڀائنجن.

 

مهر ڳڙهه II:

دور IIB ۾ پڪي ڳاڙهي ۽ لسي (Plain) ٺڪر جا ٿانو ڏسجي ٿا. انهن ٿانون جي اهڙيءَ ڪاريگريءَ جو زمانو قديم دور کان وٺي، ثقافتي شين جي ٺاهڻ تائين ڪو ڳنڍيو پيو ڏسجي ٿو. ان کان سواءِ هڪ نُڪتو ٻيو به آهي جنهن جا اثرات واضح ڪونه آهي سو هي آهي ته بُهه يا ڪکن ڪانن سان ٻرندڙ آويءَ ۾ پچي راس ٿيندڙ ٿانون جو سلسلو، مشرق قريب جي PPNB جي وسيع ڪنڀارڪي ڌنڌي تائين هلندو ٿو نظر اچي. اهڙيءَ ريت مهر ڳڙهه جي IB ۽ IIB دورن لاءِ چئي سگهجي ٿوته انهن دورن جي ٿانون جو نمونو ۽ گهاڙُ، مقامي هو جنهن کي ’برج بئسڪيٽ مارڪڊ‘ سڏيو ويندو آهي.

مهر ڳڙهه جي ماڳ ۾ ترتيب ۽ توازن جو سلسلو:

هن ماڳ ۾ موجود، ترتيب ۽ توازن جو سلسلو نهايت اهم آهي ڇاڪاڻ ته پورهئي هن اڪيلي جاتيءَ  (Community) جي تاريخ کي واضح ڪري بيهاري ڇڏيو آهي. مهر ڳڙهه جي ابتدائي ۽ قديم پوئين پٿر واري دور کان سواءِ پاڪستان ۾ ٿيل نئين کوٽاين مان پڻ معلوم ٿئي ٿو. انهن ماڳن جي ٿانون جو ’گهاڙ‘ به مقامي آهي. اهڙيون نيون کوٽايون ڪوٽڏيجي (خان 1965)، جليل پور (مغل 1972)، بالاڪوٽ (ڊيلس Dales 1974ع، 1979ع)، رحمان ڍيري (دراني 1988)، شيري خان تَرڪئي، اسلام چؤڪي، لڪ لارگئي (ايف خان، ڪاڪس (Knox) ۽ ٿامس 1991)، غازي شاهه (فلئم (Flam) 1993)، ليوان (Lewan)، (آلچن ۽ آلچن 1993) وغيره. جيڪڏهن هنن ماڳن جي منظم نموني ٿيل کوٽائيءَ جو مجموعي طور اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته جيئن جيئن سنڌو- سڀيتا جي اوج ۽ ترقي يافته دور ڏانهن ويجهو ايندو وڃبو ته ثقافتي ماڳن جي هيئت، وضح ۽ ترتيب (Configuration) ۾  اوسر ايندي ڏسجي ٿي.

سنڌو سڀيتا جو ابتدائي دور ۽ ان جو شهري تهذيب ڏانهن سفر:

سنڌو- سڀيتا جو ابتدائي دور به نهايت اعليٰ ۽ ترقي يافته آهي، جنهن جو پهريون تفصيلي ذڪر اي- ايم رفيق مغل (1970) ڪيو آهي. انهيءَ منزل دوران، گجرات جي سورٺ واري ماڳ کان سواءِ، سنڌو ماٿريءَ جي هر هڪ ثقافتي ماڳ تي کاڌ خوراڪ اُپائيندڙ سماج پنهنجا پير چڱيءَ ريت پختا ڪري چڪو هو. سنڌو- سڀيتا جي ابتدائي دور ۾ هن جا چار مختلف روپ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر انهن ۾ هڪ جهڙائي ۽ ثقافتي اثر ڇانيل نظر ايندو. هتي اهڙا به ڪي اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچڻ ٿا، جيڪي شهري تمدن ۽ رياست جي وجود ۾ اچڻ لاءِ رڪاوٽ بڻيل آهن. مثال طور هتي لِپي يا دستاويزن کي سانڍي رکڻ لاءِ ڪي ڳالهيون نظر ڪونه اينديون، هر هڪ وسنديءَ ۾ ڪو پير يا پنڊت موجود آهي، پر سماجي ترتيب (Social hierarchy) ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. ٽوگائو مرحلي ۾ هتي جي ماڻهن ۾ ڌنڌي جي مهارت ڏسجي ٿي، پر ان ۾ ڪابه اوسر ۽ تبديلي موجود نه آهي.

سنڌوءَ جي وسيع ماٿريءَ ۾، سنڌو- سڀيتا جي اُسريل ۽ ترقي يافته شڪل موجود آهي، جيڪا هن تهذيب جي انتها ترقي يافته روپ جيان نمايان آهي؛ پر هن سڀيتا جي ٻنهي منزلن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ وارو مرحلو چٽو نه آهي. مثال طور لپيءَ جو شروعاتي نظام موجود نه آهي، جيڪا هن سڀيتا جي نهايت ئي ترقي يافته شڪل آهي. ان سان گڏ چٽيل ٿانون جي به خبر نه ٿي پوي ته اهو ڪم ڪهڙي زماني کان وٺي (ص 11) شروع ٿيو آهي. ان کان سواء هن سڀيتا جي شروعاتي مرحلي جي پوئين ترقي يافته شڪل به نه ٿي ڏسجي. جنهن کي اوائلي سنڌو- سڀيتا (Proto Harrapan) جو هڪ نمونو سڏي سگهجي.

سنڌو سڀيتا جي ترقي يافته شهري تهذيب:

جنهن زماني ۾ موهن جو دڙو ۽ هڙپا، ترقي يافته شهرن جي صورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، تنهن زماني کي سنڌو- سڀيتا جو نهايت ترقي يافته دور سڏي سگهجي ٿو. هي اهو زمانو آهي، جڏهن تاريخي دور کان اڳ وارو ماڻهو، ايشيا کنڊ جي هڪ حصي ۾ گهڻ پاسائين ترقي حاصل ڪري چڪو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن، وچ ايشيا، ايران ۽ ميسوپوٽئميا سان ايراني نار وسيلي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا ڳنڍي ڇڏيا هئا. (رتن گر 1981، پاٽس 1990، ايڊنس 1993، پوسيل تحقيق پريس ۾ آهي)

هن سڀيتا جي ماڻهن جو وڌيڪ گهرو لاڳاپو ميسو پوٽئميا سان هو، جنهن مان ڪيتريون ئي سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل مهرون، ٺڪر جا ٿانو ۽ عقيق جا چِٽيل مڻيا لڌا ويا آهن. موجود دور جي محققن جو خيال آهي ته قديم دور جي اڪد خطي جا ماڻهو، سنڌو- سڀيتا واري ملڪ کي، ميلوها (Meluha) جي نالي سان سڏيندا هئا. ان کان سواءِ هڪ اهڙي مهر به لڌي وئي آهي جيڪا ميلوها ٻوليءَ جي مترجم وٽ موجود آهي (ڊي ڪلرڪ De Clercq 1888، پليٽ 9، نمبر 83) ۽ ان ملڪ جي ماڻهن کي ميلوها جي نالي پٺيان پڻ سڏيو ويندو هو. (پرپولا، پرپولاءِ برنسيوگ 1977).

هتي جي قديم آثارن جي کوٽاين مان ڪي ٻج ۽ هڏا به لڌا آهن. هن حقيقت وسيلي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جا ماڻهو جَوَن جي پوکي ڪندا هئا. ان کان سواءِ ڪڻڪ، مٽر، وونئڻ ۽ ٻيون زراعتي جنسون پڻ اُپائيندا هئا. ڀاڳيا به هئا ۽ چوپايو مالڻ پالڻ سندن مکيه ڌنڌو هو. هن ڌنڌي ۾ اُهي ٻين ملڪن جي ماڻهن کان گهڻو اڳڀرو هئا. سندن ڌَڻَ هنن لاءِ وڏو ڌَنُ هوندو هو. هنن ماڻهن پنهنجي پيٽ قوت لاءِ رڍون، ٻڪريون، سوئر ۽ ڪڪڙيون پالڻ به شروع ڪيون هيون (سويل ۽ گوها 1931ع). حقيقت به اها آهي ته ’سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن، ڪڪڙين پالڻ ۽ مال ڌارڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو هو.‘ اُتر افغانستان جي ’آمون درياهه‘ کان وٺي ويندي گجرات جي سامونڊي ڪناري تائين اهڙا سوين ڳوٺ آهن، جتي هن سنڌو سڀيتا جا ماڻهو وڏا ڀاڳيا هئا، جن جي پنهنجي ڳوٺاڻي زندگي پنهنجي سڀيتا جي اصولن مطابق هوندي هئي.

هن سڀيتا جا ماڻهو، ڪنڀار، لوهارَ، سونارا ۽ ٺاٺارا هوندا هئا جيڪي ٺڪر جي ٿانون، لوهه جي سامان، سون، چانديءَ جي ڳهن، ڳنن، ٽامي ۽ شيهي جي ڀاسڻن ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هئا. سرن ٿڦڻ ۽ انهن کي بٺن ۾ پچائڻ جو ڌنڌو به عام هوندو هو. سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جو ٺهيل شيون پنهنجي گهاڙ ۽ وڙ ۾ بي مثال هونديون هيون، ۽ انهن شين کي ٺاهڻ ۾ کين ساري ’ڪيميڪل پروسيس‘ جي ڄاڻ هئي.

مهرن ٺاهڻ ۾ ته هن سڀيتا جي ماڻهن جو ڪو مثال ئي ڪو نه هو. سنڌو- سڀيتا جو لکيل مواد به گهڻو ڪري اهڙين شين تي مشتمل آهي. هنن مهرن لاءِ سر موٽيمر ويلر جو بيان آهي ته هن ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ ڪونهي ته اهي مهرون پنهنجي ننڍيءَ مقرر ماپ اندر، پنهنجي ڪاريگريءَ جو هڪ نادر نمونو آهن. هڪ ته اهي بي انتها مضبوط آهن ته ٻئي طرف کان انهن هر پاسو، ماپ ۾ بلڪل پورو ۽ لکت سان پورو ٺهڪي بيهي ٿو (ويلر 1968-101). اهڙين بي مثال مهرن مان نمبر 337 ۽ پليٽ-1 واري مهر ته ڪاريگريءَ جو مثال آهي، جيڪو هنر جي نقطه نظر مطابق پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ’الهڏني ساند‘ ۽ ’لوٿل‘ مان مليل مهرن جي ڪپ ڪور ڪجهه مختلف ضرور آهي، پر انهن جو بنيادي تصور، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي مهرن تان ورتل آهي. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جا وڏي ۾ وڏا ڪاريگر، مهرن ٺاهڻ جا ڪاريگر هئا. معلوم ٿو ائين ٿئي ته اهو هنر، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي سيکارڻ وقت، ڪنهن ماهر استاد جي ضرورت هوندي هئي.

هنن مهرن کان سواءِ پٿر جون ٺهيل ڪي مورتيون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون (1919، 1983 Arddeanu- Jansen) جن جو مثال ’پنڊت راجا‘ يا ’پريسٽ ڪنگ‘ (Priest King) آهي (Figure 3)، ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هو نه پنڊت هو ۽ نه ئي وري ڪو راجا ئي هوندو. هن کان سواءِ ٺڪر جون به بي مثال شيون آهن، جهڙوڪ: مورتيون، ڪن شين جا نمونا، رانديڪا ۽ گڏيون، جيڪي پڻ هتي جي ماڻهن جي ڪاريگريءَ جي ثابتي آهن.

سنڌو- سڀيتا ۾ مندر ۽ محلاتون ڪونه آهن:

هن سڀيتا جو اڃا تائين ڪو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي، پر گهڻن سببن جي ڪري هيءَ سڀيتا ڏاڍي اهم سمجهي وڃي ٿي، جهڙوڪ: ٽائون پلاننگ، جديد انجنيئرنگ ۽ ماپ ۽ تور جا اصول؛ پر اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته هتي ڪنهن مندر جي اڏاوت موجود ئي ڪانه ڏسبي، ۽ نه ئي وري ڪا اهڙي اڏاوت آهي، جتي ڌرمي ڪريا ڪرم جون رسمون ادا ڪيون وينديون هجن.

هتي، مصر جي حڪمران خاندان جيان، ’پرئمڊ‘ ميسو پوٽئميا جي ’زگورت‘ (Ziggurat) جيان ڪي عاليشان عمارتون نظر ڪونه اينديون.

Figure 3. “Priest King” of Mohenjo-daro

سنڌو- سڀيتا ۾ هلڪو سلڪو مذهبي تصور ته موجود آهي. هن مان ظاهر ٿو ٿئي هن سڀيتا جا ماڻهو ڪنهن گهڻ پاسائين مذهب جا پابند هئا، پر انهن جي اظهار جو طريقو، سندن الهندين پاڙيسري ملڪن کان گهڻو مختلف هو. هي ماڻهو، پنهنجي ڌرمي ديوين يا ديوتائن مٿان، عاليشان عمارتن اڏڻ جا شوقين ڪونه هئا. وڏن شهرن جي رٿا بنديءَ مان لڳي ٿو ته هنن ماڻهن پنهنجيءَ سوچ ۽ فڪر جو سارو زور، مذهب ڏانهن نه، پر انجنيئرنگ جي شعبي ڏانهن ڏنو هو، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته سنڌو سڀيتا جا ماڻهو محنتي ۽ جفاڪش هئا، تنهن ڪري سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي فطرت کي سمجهڻ واسطي اهڙين خاص ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو، پر ڪنهن به ماهر اڳي ائين ڪونه ڪيو آهي.

مصر ۽ ميسوپوٽئميا جي تهذيبن کان سنڌو- سڀيتا جي نمايان حيثيت ان ڪري به آهي ته هن سڀيتا جي وسيع ايراضيءَ ۾ ڪٿي به ڪو شاهي محلات، ملڪي انتظام هلائڻ وارن وزيرن، اميرن ۽ نوابن جون خوبصورت جايون نظر ڪونه اينديون. امڪان اهو آهي ته سنڌو- سڀيتا جي ساري سياسي نظام ۾، بادشاهه جو ڪو تصور ئي موجود نه آهي، ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتي شاهي محلاتون عدم موجود آهن.

مصر ۽ ميسوپوٽئميا ۾، شاهي گهراڻو ۽ مذهبي خاندان موجود هوندا هئا. ٻنهي ملڪن ۾ پنهنجي پنهنجي هوڏ، اڊمبر ۽ چٽاڀيٽي رهندي هئي. سندن وچ ۾ اهڙو اختلاف، تخليق جو هڪ وسيلو هوندو هو. وڏن کان وڏن مندرن ۽ محلاتن ٺاهڻ جو ڄڻ منجهن جنون قائم هوندو هو. انهيءَ ڪري اهڙا حرم، عاليشان نگروت ۽ مقبرا تعمير ڪيا ويندا هئا. اهڙين اڏاوتن جو ڪم، دشمن ڌر کان ورتو ويندو هو. اهڙي چٽا ڀيٽي نه رڳو بهترين يادگارن جي تعمير ڪرڻ ۾ اُتساهه جو ڪم ڏيندي هئي، پر اهو تخليق واسطي هڪ اهم عنصر هو. سنڌو- سڀيتا ۾ اهڙا يادگار موجود نه آهن، تنهن ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته هن سڀيتا جي تنظيمي ۽ ڪارڪردگيءَ جا اهم اصول، مصر ۽ ميسوپوٽئميا جي تهذيبن کان گهڻو مختلف هئا. هن مان اهو مطلب هرگز وٺڻ نه گهرجي ته سنڌو سڀيتا جا ماڻهو سماجي ۽ ثقافتي نقطه نظر کان ايڏو سڌريل ۽ ترقي يافته ڪونه هئا، پر ڏسجي ٿو ته مٿين ٻن تهذيبن جي ڀيٽ ۾، سنڌو- سڀيتا جي شهري زندگي نقطه عروج تي پهتل هئي. هتي جا ماڻهو انتظامي (management) صلاحيتن جا مالڪ هئا. انجنيئرنگ ۽ مختلف ڌنڌن جي بهترين ٽيڪنالاجيءَ جا ماهر هئا. وٽن پنهنجي هڪ پاليسي موجود هئي. کين ڏورانهن علائقن جي وسيلن کي ڪم آڻڻ جو ڏانءُ به هو، تنهن ڪري اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جا ماڻهو سماجي، ثقافتي ترقي ۽ اوسر جي نقطه نظر کان اولاهين تهذيبن جيترا ئي اڳتي هئا.

ان ڪري اهو سمجهڻ ته جيڪڏهن سنڌو- سڀيتا ۾ مندر ۽ محلاتون يا ڪي ٻيون يادگار عمارتون نه آهن ته هيءَ سڀيتا ايتري ترقي يافته ڪانه هئي، سو غلط آهي (فيئر سروس 1986). هيءَ ته وڌيڪ سٺيءَ ڳالهه جي ثابتي آهي ته بنا ڪنهن شهنشاهي انتظام جي قيام جي به سماجي ۽ ثقافتي عروج حاصل ڪري سگهجي ٿو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌو سڀيتا، مصر ۽ ميسوپوٽئميا جي تهذيبن جهڙي ئي عظيم آهي، پر ڪن خاص ڳالهين ۾ ته هيءَ سڀيتا مٿي بيان ڪيل ٻنهي تهذيبن کان مختلف ۽ منفرد به آهي، ڇاڪاڻ ته مصر ۽ ميسوپوٽئميا ۾، شهنشاهيت ۽ مذهب جي انتهاپسندي موجود آهي، پر اهي ٻئي ڳالهيون هن سڀيتا ۾ موجود نه آهن. موهن جي دڙي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عمارتون موجود آهن، جن کي مذهبي اڏاوتن ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. سر جان مارشل، قديم آثارن جو پهريون ماهر آهي. جنهن موهن جي دڙي جي تمام گهڻي کوٽائي ڪرائي هئي. هن ڪيترين جڳهين جي فهرست به ڏني آهي جيڪي هن جي خيال مطابق هتي مندر يا ڪي مذهبي عمارتون آهن، پر جڏهن انهن جڳهين جي چڱيءَ ريت کوجنا ڪئي وئي ته اهي ڌرمي جڳهيون ثابت ٿي نه سگهيون (23-22:1931a). هن جي پيش ڪيل فهرست ۾ ’وڏي حوض‘ (Great Bath) واري دڙي تي اهڙيون چار جڳهيون آهن، جن کي هو مذهبي اڏاوتن ڏانهن منسوب ڪري ٿو. هن جي ابتدائي خيال موجب خود ’وڏي حوض‘ واري جاءِ، پنڊتن جي هڪ پاٺشالا هئي. ٻي جاءِ ’سا‘ ايراضيءَ ۾ موجود عمارت نمبر 10 آهي (ص 13) جيڪا HR-A ايراضيءَ ۾ استوپا هيٺان آهي، جنهن ۾ هڪ اسيمبلي هال به آهي، باقي ٻيون ٻه اڏاوتون DK-G ايراضيءَ ۾ آهن. هن ڪتاب ۾ اهڙين جڳهين جي مذهبي حيثيت تي بحث پڻ ڪيو ويو آهي.

لوٿل ۽ ڪاليبئنگن ۾ به ڪي اڏاوتون آهن، جن کي ’آتش ڪده‘ (Fire alters) ڪري سڏيو ويو آهي، جن جي ڀرسان ڌرمي ڪريا ڪرم لاءِ به اڏاوت آهي، پر سنڌو سڀيتا جي ڪاليبئنگن وارو ماڳ اهڙو آهي جنهن لاءِ پوري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هتي اهڙي ڪا به اڏاوت ڪانه آهي، جنهن کي مذهبي رسمن جي ادائگيءَ ڏانهن منسوب ڪري سگهجي. هن سڀيتا ۾ ’وڏي حوض‘ جي اڏاوت کان سواءِ اهڙي نوعيت جي ڪا به ٻي جڳهه نه آهي، جنهن کي مذهبي عمارت سمجهي سگهجي. سرجان مارشل پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:

”اهو پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته جڳهه جي بلڪل وچ تي وهنجڻ جو تلاءُ ٺهرائڻ جو ڪهڙو مقصد هو. جيڪڏهن سڀني ڳالهين تي ويچاربو ۽ خاص طور تي جڳهه جو وقوع ۽ ان جي متاثر ڪندڙ تعميري نوعيت ڏانهن ڌيان ڪبو ته معلوم ائين ٿيندو ته هيءَ جاءِ شهر جي مذهبي عمارت آهي. اهو به امڪان آهي ته ڀرواري مذهبي عمارت ڏانهن وڃڻ وارا پوڄاري، هن تلاءَ تان وهنجي، پاڪ صاف ٿي، پوءِ وڃي پوڄا پاٺ ڪندا هوندا. هن ڳالهه جو پڻ يقين ڪري سگهجي ٿو، هن شهر جو وڏو عبادتگاهه هن ايراضيءَ ۾ موجود هوندو. هن تلاءَ لاءِ اهو به چئي سگهجي ٿو ته منجهس ڪا مقدس قسم جي مڇي يا واڳو يا ڪو اهڙو ٻيو جانور رکيو ويو هوندو. ڇاڪاڻ ته هندستان اندر تلائن ۾ اهڙين شين رکڻ جو رواج هو، جيڪو ٽامي جي قديم دور کان وٺي هلندو پيو اچي.“ (مارشل 1925: 26-78)

سنڌو- سڀيتا جا ماڻهو، مذهبي رهيا آهن ۽ هن قسم جي باقيات تي سرجان مارشل جو اظهار خيال به موجود آهي (1931c). جيڪڏهن سر جان مارشل جو هن جڳهه جي ڪارج بابت نقطه نظر صحيح آهي ته پوءِ سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جو ڌرم فقط هن هڪ اڏاوت ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترين مورتين تي مشتمل آهي ۽ وڌيڪ نه. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءَ سڀيتا، ميسو پوٽئميا ۽ مصر جي تهذيبن يا ملڪن ۽ جديد دنيا کان گهڻي مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته مذڪوره تهذيبن ۽ نئينءَ دنيا ۾ مذهب جو ڪردار نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. قديم دور کان وٺي موجوده دور تائين مذهبي ادارن کي ائين پيش ڪيو ويو آهي ته ڄڻ ته اهي دنيا جي هر چيز کان اتم ۽ عظيم آهن، ۽ انهن جي تعمير تي تمام گهڻو پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪيو ويندو آهي، پوءِ اهي پرئمڊ هجن يا زگروت، مندر هجن يا گرجا گهر.

سنڌو- سڀيتا ۾ ڏيکاءُ يا نمائش ڪانه آهي جنهن ۾ انفرادي عظمت عدم موجود نظر ايندي:

ڪي ڳالهيون قديم آثارن جي ماڳن ۾ موجود ڪونه هونديون آهن، پر انهن کي وڌائي اينگهائي بيان ڪرڻ سولو هوندو آهي ۽ حقيقت جي مخالف شاهدين مان حوالا ڏيئي بحث ڪرڻ گهڻو خطرناڪ به هوندو آهي. جيڪڏهن اسان قديم زماني جي ملڪن جي دورن تي نگاهه وجهنداسين ته سنڌو- سڀيتا کي پنهنجو هڪ الڳ مقام آهي ڇاڪاڻ ته هن جي سياسي ۽ مذهبي ادارن جو اظهار، قديم آثارن جي دستاويزن ۾ موجود آهي. اسان کي پورو يقين هئڻ کپي ته اهڙيون حقيقتون سنڌو- سڀيتا جي قديم آثارن جي دستاويزن ۾ موجود آهن، پر انهن جو ذڪر تمام مختصر ۽ شائستگيءَ سان ڪيو ويو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته انساني جذبن ۽ قائم ڪيل تنظيمن جو اظهار به نهايت نماڻائيءَ سان ڪيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي. هنن ڳالهين مان اهو سمجهڻ ۽ ائين وسهڻ نه گهرجي ته هن سڀيتا جا ماڻهو پنهنجي روزمره واريءَ ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ به اهڙيءَ نماڻيءَ طرز جو اظهار ڪندا هوندا. امڪان آهي ته هتي سياسي هلچل هوندي، دوستيون، دشمنيون ۽ مخالفتون هونديون، جهيڙا جهٽا ۽ جنگيون به لڳيون هونديون، ۽ ڪن ڌرين جي وچ ۾ چٽا ڀيٽيون به ٿيون هونديون. اڄ ته اها ڄاڻ به ملي نٿي سگهي ته موهن جي دڙي جي شهري سياست ڪهڙي رنگ ۽ ڍنگ جي هئي. ساڳيءَ ريت اسان کي هتي جي ڌرم بابت به ڪا خبر نه آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ان جي ثابتي، يادگارن جي شڪل ۾ موجود ڪانهي، تنهن ڪري هن مان اهو سمجهڻ غلط آهي ته سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڌرم جو ڪو عمل دخل ئي ڪونه هو.

اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کي ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي. مان ڀانيان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌو- سڀيتا جا ننڍن ۽ وڏن شهرن جا رهاڪو ڌرمي پوڄا پاٺ جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت موهن جي دڙي ۾ به مذهبي رسمون، نهايت پابنديءَ سان ادا ڪيون وينديون هيون. هتي آءٌ ڪي اختلافي ڳالهيون بيان ڪندس، جن جو واسطو ڌرمي اڏاوتن جي موجودگيءَ ۽ اڻ موجودگيءَ تي نه آهي ۽ نه ئي وري انهن جو لاڳاپو هن حقيقت سان آهي ته مذهب، هتي جي ماڻهن مٿان ڪيترو ڇانيل هو، پر انهن ڳالهين جو واسطو هن حقيقت سان ضرور آهي ته اهي هن سڀيتا جي ماڻهوءَ جي روز مرهه واريءَ زندگيءَ ۾ ڪيتري قدر عيان آهن.

قديم ملڪن ۽ تهذيبن جي نقطه نگاهه کان هي تقابلي اڀياس هو، ان ڪري به ضروري آهي ته متان سنڌو- سڀيتا کي فقط انساني تنظيم جي حيثيت ڏني وڃي. نظر ائين اچي رهيوآهي ته سنڌو سڀيتا گهڻ پاسائين  تهذيب هئي، جيڪا پنهنجي سهيوڳي تهذيبن کان گهڻين ڳالهين ۾ نرالي هئي، جن مان هڪ مکيه ڳالهه شاهي محلاتن ۽ مندرن جي عمارتن جي عدم موجودگي آهي، پر جيڪڏهن هن ڳالهه کي سمجهيو وڃي ته اهي عاليشان محلاتون ۽ مندر، قديم آثارن جي دستاويزن مطابق هڪ متبادل شيون آهن، جنهن جي قصن ۽ ڪهاڻين کان وڌيڪ اهميت ڪانه آهي، جيڪي سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي روز مرهه جي زندگيءَ جي مختلف اهم پهلوئن تي پڻ روشني وجهن ٿيون. اهي مختلف پهلو ڪهڙا آهن، تن بابت اڄ تائين ڪنهن کي به ڪا سڌي معلومات ملي ڪانه سگهي آهي. ڀانئجي ائين ٿو ته هتي جا سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ، هتي جي سنڌو سماج ۾ اهڙيءَ نماڻائيءَ ۽ نهٺائي سان ڪم ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ سندن نالي جي نمائش ۽ ڏيکاءُ موجود نه آهي. هڪ فرد طور هو پاڻ کي ادارن جيان اعتدال پسند رکيو آيا. هو ان دنيا ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا، جنهن ۾ جيئڻ جو هو پڪو ارادو ڪري چڪا هئا ۽ هن کان وڌيڪ هنن ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو.

هيءَ حقيقت بلڪل چٽي ۽ پڌري آهي ته هتي جي ’سياسي سگهه، شخصي پوڄا واري سهنجي نظام تي بيٺل ڪانه هئي‘. هتي اهڙي شاهدي به موجود ڪانهي ته سنڌو- سڀيتا واري وسيع ايراضيءَ ۾ ڪو مهاراجا، ڪو ڌرمي پنڊت يا ڪي گهڻا پنڊت موجود هئا. ماڻهن جي ڌنڌن ڌاڙن ۽ خاص هندن مان لڳي ٿو ته سنڌو سماج مختلف طبقن ۾ ورهايل هو. اڏاوتن ۽ آرائشي سامان مان به معلوم ٿي رهيو آهي ته هتي غريب ۽ امير طبقو موجود هو. ان کان سواءِ ننڍڙي قسم جي مهرن جي موجودگيءَ مان به ڀائنجي ٿو ته سنڌو سماج ۾ اوچو طبقو يا سماج جي مختلف طبقن ۾ درجه بندي ٿيل هئي.

سنڌو- سڀيتا، ۾ ميسوپوٽئميا ۽ مصر جيان ڪا سماجي، ثقافتي ۽ پيچيدگي موجود ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته مٿين ٻنهي تهذيبن کي سماجي، ثقافتي تنظيم تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ملڪ سڏي سگهجي ٿو، پر سنڌو- سڀيتا کي پنهنجو الڳ روپ ۽ تنظيم آهي، تنهن ڪري محقق هن سڀيتا کي، مصر ۽ ميسوپوٽئميا جهڙي تنظيم سمجهڻ مهل ٿورو جهجڪي ٿو. اهو بلڪه قوي امڪان آهي ته سنڌو- سڀيتا ۾ ڪو حڪمران ڪونه هو، پر ملڪي انتظام سنڀالڻ جو خاص طريقو هو جنهن ۾ مصر ۽ ميسوپوٽئميا جيان پنهنجو پاڻ اعليٰ عظيم سمجهڻ واري ڪا ڳالهه ڪانه هئي.

سنڌو سڀيتا جي اوج واري دور ۾ لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت:

سنڌو- سڀيتا جا لکيل دستاويز، هم چورس قسم جون مهرون آهن، جن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، پر هتي ڳڻڻ جو سرشتو نظر ڪونه ٿو اچي. ٿي سگهي ٿو ته هن سڀيتا جي ڳڻڻ واري طريقي کي اڃا تائين سمجهيو ئي نه ويو آهي. هنن مهرن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آهن، جن تي سنڌو- لکت تحرير ٿيل ڏسجي ٿي. انهن مان هڪ ’سائين بورڊ‘ آهي جيڪو ڍولاويرا (Dholavira) جي تازي کوٽائيءَ دوران هٿ آيو آهي (بشٽ Bishat 1991ع). معلوم ٿو ٿئي ته مذڪوره سائين بورڊ، قديم زماني ۾ نصب ٿيل هوندو. ان کان سواءِ هڪ پٿر به مليو آهي، جنهن تي سنڌو لکت تحرير ٿيل ٿي ڏسجي.

مهرن واري لکت پڙهي ڪونه سگهيا آهيون. اسان کي اُن جي سمجهڻ لاءِ ڪي سبب آهن ته مهرن مٿان نظر ايندڙ لکت، شخصي نالن، طبقن ۽ لاڳاپيل ماڳن جي نالن سان تعلق رکي ٿي. جيڪڏهن اسين پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ مختلف جڳهين ۽ مختلف دورن جي اهڙين لکتن ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته اهي مهرون به مناسب معلومات فراهم ڪري سگهن ٿيون. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته هتي مهرن وسيلي چٽيل شيون تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيون آهن. نظر ائين ٿو اچي ته سنڌو- سڀيتا جا ماڻهو، ميسوپوٽئميا جي انتظاميه جي ڀيٽ ۾، مهرن جو استعمال تمام گهٽ ڪندا هئا، ۽ جن ملڪن مان سنڌو ماٿريءَ جون مهرون لڌيون ويون آهن، تن ملڪن جي ٻوليءَ ۾ هنن مهرن جي لکتن جو ترجمو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

سنڌو- سڀيتا جي عروج واري زماني ۾ لکڻ پڙهڻ جو دائرو پنهنجي شخصي سُڃاڻ تائين محدود هوندو هو. ميسو- آمريڪا جيان هن لکت جو واسطو، سياسي تاريخ ۾ پرو پئگنڊا سان به ڪونه هو (مارڪوس marcus 1922ع)، نه ئي وري هيءَ لکت ميسوپوٽئميا جيان اقتصاديات ۽ ڳڻپ سان لاڳاپيل هئي (شمنت Schamandt بيسيرٽ Besserat 1974، 1979، 1981a 1981b) پر هتي انهيءَ لاءِ به ڪي سبب نظر اچن ٿا.

اسان کي لکت ابناس شيون جهڙوڪ: پٿر، ٺڪر ۽ ڌاتوءَ تي ملي آهي. سنڌو- سڀيتا جي اوج واري زماني ۾ سڀ ناس ٿيندڙ شيون، ڳري، مٽي ٿي ويو آهن، پر اتفاق سان جيڪي مليون آهن، سي ٽڪرن ٽوٽن جي حالت ۾ مليون آهن، يا وري ايتريون ننڍيون ۽ بگڙي ويل آهن جو سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندو ته انهن تي ڪا لکت موجود هوندي. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هيءَ لکت، ڪاٺ جي ڦرهين، ڪپڙي، ڪاغذ ۽ چمڙي تي تحرير ڪئي وئي هوندي، پر اهڙين شين جي طبعي شاهدي موجود ڪانهي. هيءَ هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان انڪار ڪرڻ ممڪن نه آهي. هيءَ لکت مٿي ذڪر ڪيل شين مان ڪنهن نه ڪنهن تي ضرور تحرير ڪئي وَئي هوندي . قديم آثارن ۾ هن قسم جي منطق تي اعتماد ڪرڻ هر ڪنهن جي پنهنجي ذميواري آهي.

هن ڪتاب ۾ مذڪوره حقيقتن تي به پڻ بحث ڪيو ويو آهي، پر شروعات ۾ ئي هيءُ ذڪر ڪرڻ لازمي آهي ته اسان کي اهو پتو نه آهي ته اهي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، ڪهڙي طبقي سان واسطو رکندا هئا. ٿي سگهي ٿو، ان زماني ۾ ڪاتبن (Scribes) (هي لفظ پاتي استعمال ڪيو آهي- مترجم) جو خاص طبقو موجود هجي. اهو به ممڪن نظر نٿو اچي ته سنڌو- سڀيتا جي آباديءَ جي ماڻهن جو وڏو تعداد ڪو گهڻو پڙهيل هجي. حقيقت هيءَ آهي ته ٻين تهذيبن جي ڀيٽ ۾، انهي قديم دور ۾ پڙهيلن ماڻهن جو شمار آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ئي مس هوندو، پر ٺڪر جي ٿانو تي لکت (graffiti) تمام گهڻي لڙي آهي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هن سڀيتا جا ماڻهو سنڌو- لکت جي نشانين جي معنيٰ ۽ مفهوم کان گهڻي قدر واقف هئا. هن حقيقت مان اهو سمجهڻ نه کپي ته اهي ماڻهو هرو ڀرو ڪي پڙهيل هوندا، پر هيءَ حقيقت سنڌو- لکت جي سڀاءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي. هن قسم جي ٿوري علمي ڄاڻ، قديم دور جي لکت کي ڀڃڻ ۾ مدد ڏيندي. هر سماج جا سڀ ماڻهو پڙهي لکي ڪونه سگهندا آهن، پر اُتي جا گهڻا ماڻهو، اُتي جي لکت جي وصف کان ضرور واقف هوندا، خاص طور تي انگن ۽ شخصي نالا لکي پڙهي سگهندا هئا. تنهن ڪري هي سوال ضرور پُڇي سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، ڪهڙي طبقي سان تعلق رکندا هئا؟ انهن جو ٻيو ڌنڌو ڪهڙو هو؟ انهن کي سکيا ڪهڙي طريقي سان ڏني ويندي هئي؟ هن سڀيتا جي اونهي راز کي سمجهڻ ۾ مستقبل جي کوجنا جي للڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ هيءَ معلومات حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل سماج گهڻين ئي ڳالهين ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هوندو آهي، تنهن ڪري هن قسم جو موضوع نهايت اهم آهي.

پروفيسر جئڪ گوڊي (Jack Goody)، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل سماج جي وچ ۾ موجود فرق بابت کوجنا ڪئي آهي (1968، 1986، 1987) جنهن جو نتيجو (171: 1986) هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. جيئن ته پڙهڻ ۽ لکڻ ڪنهن سماج جي انتهائي سماجي ترقي سمجهي ويندي آهي، تنهن ڪري انهيءَ سماج ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ وارن جو هڪ طبقو پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو هڪ ٻئي کان الڳ هوندو آهي. مختلف سماج جا پڙهيل لکيل ماڻهو مذهبي اڳواڻ هوندا هئا. سندن علم حاصل ڪرڻ جو مقصد اهو هوندو هو ته جيئن هو مقدس ڪتابن کي پڙهي ۽ سمجهي سگهن. ٻهراڙين ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد گهٽ هوندو آهي. پڙهيل هئڻ ڪري سندن سماجي حيثيت بدلجي ويندي آهي. جيڪڏهن هو لکيل پڙهيل نه هجن ها ته سماج ۾ سندن ايڏي عزت نه هجي ها. لکيل پڙهيل سماج ملڪي معيشت کي اڻ پڙهيل سماج کان وڌيڪ بهتر نموني سان هم آهنگ ۽ منظم ڪري سگهي ٿو، ۽ پنهنجي سرمائي (Capital) کي سهڻي نموني سان استعمال ڪري سگهي ٿو. اهڙو سماج، هرشيءِ جو حساب ڪتاب لکت ۾ رکندو آهي.

پڙهيل لکيل معاشري ۾ لکڻ جي سياست يا سياست جي لکتن جي هڪ وڏي اهميت هوندي آهي. هيءَ ڳالهه نئين دنيا جي قديم ملڪن ۾ نظر اچي ٿي، جتي هي اصول مٽجي ويل شين جي آثارن جي تاريخ ۽ تعليم جو اڪيلو ۽ اهم پهلو هوندو آهي (مارڪوس 1992). تاريخ يا پروپئگنڊا، تخليق ڪرڻ جي اهليت ۽ ان کي حڪومت واري دٻدٻي ۽ اختيار سان عوامي اظهار طور ڪنهن قديم يادگار ڏانهن سرد مهريءَ سان منسوب ڪرڻ اهڙن پڙهيل ماڻهن جو نئون ۽ ڪارگر هٿيار هوندو آهي.

هر معاشري ۾ علم کي ڏاڍي سليقي ۽ ڏانءَ سان منظم ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهو علم، زباني طور سيکاريو ويندو آهي ته اهڙيءَ سکيا ۾ لچڪ ۽ معلوم حقيقتن وارو اصول ڪم آندو ويندو آهي. علم سيکارڻ ۾ ويجهن مائٽن کي پڙهائڻ وارو اصول وڌيڪ سٺو آهي. جڏهن ڪي ڳالهيون لکيل ڪونه هونديون آهن ته تڪرار کي نبيرڻ سولو ٿي پوندو آهي. لکت، معلومات کي هڪ جاءِ تي محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن کي ڪنهن چالاڪيءَ سان ڪتب آڻڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. لکت جي استعمال سان ٻن ڌرين ۾ موجود تڪرار کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي ٿو. هي نڪتو، هيءَ ڳالهه سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ به بهتر آهي ته گهڻا ئي ماڻهو لکت کان ڇو ڇرڪندا آهن. ’گو ڊيءَ‘ هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ٻُڌ ڌرم، پنهنجي مذهبي ڪتابن جي آڌار سان ئي گهڻو پکڙيو ۽ ٻين مذهبن سان لاڳاپيل ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجو اصل مذهب ڇڏي، ٻُڌ ٿي ويا هئا. گوڊيءَ جو خيال آهي ته هندو ڌرم جو زور، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾، ٻڌ ڌرم جي ترقيءَ ڪري گهٽيو نه هو، پر هندو ڌرم، زباني طور سيکاريو ويندو هو، ۽ ٻنهي ۾ ڪمال ۽ زوال جو فقط اهو ڪارڻ هو.

هن ڏاهي ماڻهوءَ جي تحقيقي تخليق پڙهڻ وٽان آهي، پر هتي سماجي تاريخ ۾ اڻ پڙهيل ۽ پڙهيل سماجي تبديليءَ ۾ وڏو فرق موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گوڊي جو عام طور اهو احساس آهي ته سندس تحقيقي علم جو تعلق، ذميواريءَ جي تبديليءَ سان آهي. سندس نقطه نظر موجب اڳي تعليم جي ذميواري، وسيلن ۽ پيداوري لاڳاپن تي هئي، پر هاڻي اها وسيلن ۽ ذريعه ابلاغ جي لاڳاپن تي هئڻ گهرجي (گوڊي 1986: 175)

هنن اصولن مان سنڌو- سڀيتا جي علمي ڄاڻ بابت ڪا وڏي مدد نٿي ملي، پر هيءَ ڳالهه پوري يقين سان چئي سگهجي ٿي ته هن سڀيتا جا ماڻهو ڪنهن حد تائين پڙهيل ضرور هئا، پر اُن پڙهيل طبقي، معاشري کي ڪيترو اثر انداز ڪيو هو، تنهن جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. هن موضوع تي گهري کوجنا مستقبل جي هڪ وڏي للڪار آهي.

تاريخي پس منظر ۾ سنڌو- سڀيتا جي قديم ماڻهوءَ جو اڀياس:

سنڌو- سڀيتا جي دريافت، سن 1924ع ۾ ٿي هئي. هتي ۽ هن سڀيتا جي ملڻ جو اهو ئي عام مشهور آهي. سرجان مارشل جو مقالو به ان ئي سال ’السٽريٽيڊ لنڊن نيوز‘ ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ هن، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي دريافت ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. ان زماني ۾ قديم آثارن جو علم گهڻي ترقي ڪري چڪو هو ۽ تاريخ کان اڳ وارين قديم شين جي معلومات بابت اجائي پٽاڙ وارو دور پڄاڻيءَ کي پهتو هو. انسان ذات بابت اُن قديم دور کي سمجهڻ جي ڪوشش وڌي هئي، جنهن دور جي جانورن جو نسل ئي دنيا مان ختم ٿي چڪو هو، ۽ ڊارون جو ’بائيولاجيڪل‘ نظريو مڃتا ماڻي چڪو هو. ’طلسمي تيرن‘ ۽ اسرائيل جي گم ٿي ويل قبيلن کي ڳولي لهڻ جون ڳالهيون پنهنجي اهميت وڃائي چڪيون هيون. قديم آثارن جي ماهرن ۽ مورخن وٽ هڪ نسل وارو نظريو موجود هو، پر تاريخ کان اڳ وارن ماڻهن جو ۽ ثقافتن جو باهمي لاڳاپو عام سمجهه کان مٿڀرو هو.

ارڙهينءَ صديءَ جي هڪ وڏي اديب ۽ ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج، سر وليم جونس William Jones) (1876ع)، هيءُ خيال پيش ڪيو هو ته سنسڪرت، يوناني ۽ لاطيني ٻولين ۾ هڪ لاڳاپو موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هن، اهو خيال ’ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال‘ جي ٽينءَ سالگرهه جي موقعي تي ظاهر ڪيو هو، جنهن جو بنياد هن پاڻ رکيو هو. ٻولين جي تاريخي تذڪري سان لاڳاپيل سندس هي نظريو، گهڻو مشهور آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

”سنسڪرت جي اهليت ڪهڙي به هجي، پر سندس جوڙجڪ اچرج جهڙي آهي. هيءَ ٻولي، يونانيءَ کان وڌيڪ مڪمل، لاطينيءَ کان وڌيڪ وسيع ۽ ٻنهي ٻولين کان وڌيڪ خوبصورت ۽ نفيس آهي. هن ٻوليءَ جي، انهن ٻنهي ٻولين سان ويجهڙائي آهي. ٻنهي ٻولين جو فعلي پاڙون ۽ گرامر، سنسڪرت جهڙو آهي، ۽ اها ڪا اتفاقي ڳالهه ڪانهي. انهن ٻولين ۾ موجود تعلق، اهڙو ته مضبوط آهي، جو لسانيات جو هر ماهر، هن سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته اهي ٽيئي، هڪ ئي مرڪزي ٻوليءَ منجهان ڦٽي نڪتيون آهن، جيڪا هاڻي موجود ڪانه آهي. گوٿڪ ۽ ڪيلٽڪ ٻولين لاءِ به ساڳي ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته هنن جو تعلق به سنسڪرت ۽ قديم فارسي ٻوليءَ سان آهي، پر اهڙو اظهار پوري يقين سان نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن هتي ايران جي قدامت تي بحث نه ڪيو وڃي ته پوءِ اعتماد سان ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته انهن سڀني ٻولين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.“ (جونس 1788: 348، 49)

هن کان سواءِ ٻيا به ڪي اهڙا ماڻهو موجود هئا جن 1583ع ڌاري ساڳين خيالن جو اظهار ڪيو هو (Mallory 1989:273 fn1). جونس هڪ ڏاهو ماڻهو هو جنهن اديبن جي وڏي تعداد آڏو پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هو ۽ پاڻ به ان نظريي جو پابند هو. مڪرجي (1968) جيڪو پڻ جونس کان گهڻو متاثر آهي)

هن ٻوليءَ کان سواءِ، ننڍي کنڊ جون ٻوليون پڻ تحقيق جو موضوع بڻيون آهن، جيڪي انڊو- يورپين ٻولين کان مختلف آهن.

لسانيات جا ماهر اڳيئي هن نتيجي تي پهتا آهن ته هندستان، خاص طور ڏکڻ ۽ وچ هندستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو، اهڙيون ٻوليون ڳالهائيندا هئا، جن جو لاڳاپو آريائي ٻولين سان ڪونه هو، جن ۾ گهٽ درجي وارا لفظ استعمال ٿيندا هئا. رابرٽ ڪالڊويل Robert caldwell انهن ٻولين لاءِ دراوڙي (Dravidian) لفظ ڪتب آندو آهي (سنسڪرت ۾ ’دراوي‘ لفظ نظر اچي ٿو جيڪو هڪ ملڪ جي نالي طور ڪم آيل آهي. اُن کان سواءِ هي لفظ ڏکڻ هندستان جي رهاڪن لاءِ به استعمال ٿيل ڏسجي ٿو جيڪو اُپٻيٽ جهڙي هندستان، اتر هندستان يا اتر پٿ (uttara patha) يا ڏکڻ هندستان کي ’دکن يا دکشن پٿ‘ (Daksina patha) کان الڳ بيهاري ٿو، جنهن ۾ ’دکشن پٿ‘ سان اتريون علائقو به شامل سمجهڻ گهرجي) هن نئين ڳالهه ڪري ماڻهو سمجهندا ته ٻولين جو هڪ نئون من گهڙت خاندان پيدا ڪيو ويو آهي. هيءُ رايو، هن نقطه نظر تي به بحث ڪري ٿو ته اهي ٻوليون، سنسڪرت کان مختلف آهن ۽ سندن لاڳاپو ٻولين جي ڪنهن ٻئي خاندان سان آهي (1874: 67، انڊين Inden 1990).

دراوڙي ۽ انڊو يورپين جي مختلف خاندانن جي سوچ جا دوررس نتيجا نڪتا آهن، جنهن هندستان تي تحقيق جي تاريخ جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو گهڻو واسطو ڏکڻ ايشيا سان آهي (هئلب فئس Halb fass 1988، انڊين Inden 1990ع. هنن ٻنهي محققن، 1985ع ۽ 1993ع ۾ ڏکڻ ايشيا کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي)

هن دريافت، لسانيات جي ماهرن ۽ مورخن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو ته سنسڪرت ۽ ان سان تعلق رکندڙ ٻين ٻولين، هندي، سنڌي، اردو، پنجابي، بنگالي، اويستا ۽ جديد فارسيءَ جي ويجهڙائيءَ ۽ يوناني، لاطيني ۽ يورپ جي ٻين جديد ٻولين سان پڻ تعلق آهي، پر پوءِ به هڪ غير متوقع نظريي جي ڪڍ لڳي پيا. کين آريائي نسل جو هڪ سراغ ملي ويو هو، جيڪو هنن جي خيال مطابق انڊو- يورپين ٻولين مان، ڪا ٻولي ڳالهائيندو هو. يورپ جي اوڻيهينءَ ۽ ويهينءَ صديءَ جي ڪن عالمن ۾ احساس برتري جاڳي پيو هو، جنهن کي يورپي ملڪن جي قائم نو آبادي نظام، عيسائيت ۽ صنعتي انقلاب وڏي هٿي ڏني هئي. اهڙي احساس برتريءَ جي شروعات يونان کان ٿي. روم جا ماڻهو به پاڻ کي ٻين کان برتر سمجهڻ لڳا هئا. انڊو- يورپين ٻولين جي خاندان جي دريافت ٿيڻ کان پوءِ کين هڪ قديم تاريخي شاهدي ملي وئي. ان سان گڏ هنن عالمن کي ٻه ٽي ٻوليون اهڙيون به ڏسڻ ۾ آيون جن جو تعلق، تاريخ کان اڳ واري دور سان هو، جن کي فقط قديم آثارن جا ماهر دريافت ڪري ٿي سگهيا. آريا نسل يا انڊو- يورپين ماڻهن کي پڻ احساس برتري هو، جن بنگال جي اُپسمنڊ کان وٺي اسڪئنڊينويا جي ٻاهرين ٻيٽن ۾، يونائيٽيڊ ڪنگڊم ملڪن کي فتح ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي هئي.

اهڙيءَ ريت هڪ برتر نسل ۽ هڪ برتر ٻولي پاڻ ۾ گڏجي ويا هئا. هندستان جيئن ته مختلف جاتين ۾ ورهايل هو ۽ نسلي برتريءَ جي احساس کان، هڪ جاتيءَ جا ماڻهو، ٻيءَ جاتيءَ سان شادي وغيره ڪونه ڪندا هئا، تنهن ڪري انهن ماڻهن کي به اهو احساس هو ته هو جنگي صلاحيت، ثقافتي، ذهني ۽ قانوني طور ٻين جاتين جي ماڻهن کان برتر آهن. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ويهينءَ صديءَ جي شروعات ۾، ڪيترن ئي مشهور عالمن، انهن نسلن (Geological population) جي پس منظر ۾، تاريخ تي سوچڻ ۽ ويچارڻ شروع ڪيو، جيڪي هڪ خاص قسم جي ٻولي ڳالهائيندا هئا. کين پنهنجي الڳ ثقافت هئي ۽ پاڻ کي هڪ جدا قوم تصور ڪندا هئا. هن قسم جي نقطه نظر تي ’رونالڊ انڊين‘ (Ronald Indean) (66، 56، 1990ع) گهڻي روشني وڌي آهي. اوڻيهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ويهينءَ صديءَ جي شروعات ۾، جرمن عالم، پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ٻين ملڪن جي عالمن کان وڌيڪ سگهارا هئا. خاص طور آرين ۽ انڊو- يورپين موضوع تي کين ٻين کان وڌيڪ مطالعو هو، ۽ پنهنجي اهڙي نقطه نظر کي چڱيءَ ريت پيش ڪري ۽ سمجهائي سگهندا هئا.

وي. گورڊن چائيلڊ (V. Gordon childe) به ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي انسان هو، جنهن پنهنجي ساري فڪري زندگي، انڊو- يورپين موضوع تي سوچيندي ۽ ويچاريندي گذاري ڇڏي هئي. سندس بيان آهي ته:

”آرين، مفتوح ماڻهن کي جيڪا بهتر ۾ بهتر سوکڙي ڏني هئي، سا نه ثقافتي هئي ۽ نه سندن جسماني سگهه هئي، پر هڪ بهتر ٻولي ۽ فڪري صلاحيت هئي، جنهن جو هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي“.

پر ساڳئي وقت هيءَ ڳالهه به ڪنهن اهميت کان خالي ڪانهي ته پهريان آريا ’ناردڪ‘ يعني اتر يورپ جا ماڻهو هئا. هنن ماڻهن کي تمام گهڻي جسماني سگهه هئي، جنهن جي آڌار تي انهن پاڻ کان وڌيڪ ترقي يافته ماڻهن کي فتح ڪري، مٿانئن پنهنجي ٻولي نافذ ڪري ڇڏي هئي، ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ انهن فتح ڪيل ايراضين مان سندن طاقتور جسم ئي گم ٿي ويا. جرمن دانشورن وٽ، جرمن نسل جي برتريءَ جو هڪ تصور موجود هو، ۽ ناردڪ نسل جي برتري به ان حقيقت جي هڪ ڪڙي آهي. اُتر يورپ جي هن نسل جي وڏي جسماني سگهه، جرمن نظريي جي عين مطابق هئي، جيڪا اعليٰ افضل ٻولي واري تصور سان پوري ٺهڪي ٿي بيٺي (گورڊن چائيلڊ 1926: 211، 12).

هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ پڌرو ٿيو هو. انهيءَ زماني ۾ سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ مشغول هو، ۽ سنڌو- سڀيتا جي تلاش ڪرڻ وارو هو.

هن حقيقت سان لاڳاپيل مختصر قصو هيءُ به آهي ته ڏکڻ ايشيا هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي آريا نسل موجود هو، جنهن کي پنهنجي هڪ جدا ثقافت هئي، ۽ اهو نسل انڊو- يورپين ٻولي ڳالهائيندو هو. هن نسل جا ماڻهو پنهنجي وطن کان لڏپلاڻ ڪري، جيڏانهن ڪيڏانهن پکڙجي ويا ۽ ايتري وسيع علائقي کي فتح ڪري، قبضي هيٺ ڪري ويهي رهيا جنهن جي پکيڙ مٿي بيان ڪئي وئي آهي. هن نسل جي اها ڪاميابي، تاريخ کان اڳ واري دور سان تعلق رکي ٿي. هن قسم جو نظريو جيڪڏهن يورپي نسل جي برتريءَ کي ثابت نه ٿو به ڪري سگهي ته به ان کي هٿي ته ضرور ڏئي ٿو. هندستان جي ماڻهن، مختلف جاتين جي درجه بندي ڪري کين گهڻو لويو هو، تنهن ڪري هو هن قسم جي مختلف شين جي ڍير کان لنوائڻ لڳا هئا.

آريا نسل وارو نظريو، تاريخي، انساني نسل، ٻولي ۽ ثقافت جي نقطه نظر کان بلڪل غلط آهي. مون کي ته ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ’لسانيات جي تاريخي سونهري اصول‘، ’فرانز بوس‘ (Franz Boas) کان شروع ٿيو آهي، جنهن اهڙو تصور پنهنجي مشهور ڪتاب Race, Lauguage and culture (1940ع) ۾ پيش ڪيو آهي، سندس خيال آهي ته اهي ٽيئي عنصر، جهڙوڪ: نسل، ٻولي ۽ ثقافت، هڪ ٻئي کان آزاد، تاريخي ۽ تبديل ٿيندڙ شيون آهن، جيڪي تمام ٿوري وقت اندر هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ ڏانهن تبديل ٿي سگهنديون آهن. هڪ مرڪز کان مختلف هنڌن ڏانهن منتقل ٿي سگهنديون آهن، پاڻ ۾ گڏجي سگهنديون آهن ۽ مٽجي سٽجي به سگهنديون آهن. تاريخي اَڀياس مان پتو پوي ٿو ته ايسڪيمو کان سواءِ اهي ٽيئي شيون، انساني نسل ۽ ثقافت جي روپ ۾ هميشه لاءِ ڪٿي به گڏجي، رهي ڪونه سگهيون آهن. اُن کانسواءِ ڪن مشهور عالمن (Renfew 1987) اهڙو نظريو به پيش ڪيو، جيڪو لسانيات جي تاريخي سونهري اصول (golden role) کي غلط سمجهي ٿو. ان کان سواءِ اوڻيهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ويهينءَ صديءَ جي شروعات ۾ آريه نسل وارو جيڪو نظريو پيش ڪيو ويو هو، تنهن کي اڄ انساني نسل جي اصول موجب ڪابه اهميت ڪانه آهي. مختلف انساني نسلن جي اڀياس کان پوءِ ڪوبه ماهر بشريات (سائنسدان)، مختلف انساني نسل جي درجه بنديءَ جي تاريخ کي نظر ۾ رکڻ کان سواءِ ’پيدا ڪرڻ واري نئين تحقيق‘ (Preonetive research) جي نظريي يا لفظ کي استعمال ڪري ڪونه سگهندو.

مٿي ذڪر ڪيل تاريخي عنصر جهڙوڪ: نسل، ٻولي ۽ ثقافت، هڪ ٻئي کان آزاد ۽ الڳ حيثيت رکن ٿا، تنهن ڪري قديم آثارن جي ماهرن لاءِ ٻولين جي تاريخ تي چڱيءَ ريت کوجنا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي؛ پر ڪي حقيقتون اهڙيون به آهن، جن تي مٿيون اصول لاڳو نه ٿو ٿئي، پولينيشيا (ڪرچ Krech 1984) ۽ ڏکڻ ايشيا (بيل ووڊ Bell wood) 1985: 102- 29) جي ٻولين جي کوجنا مان پتو پيو آهي ته اتي لسانيات جي تاريخ ۽ قديم آثارن جو سنگم موجود آهي. اهو به ڏسڻ ۾ آيو اهي ته انڊو- يورپين ٻولين جي ادب ۽ قديم آثارن کي غلط سمجهيو ويو آهي. (گمبو ٽاس Gimbutas 1973- 1977 رينفيو Renfew 1987ع). ان کان سواءِ انڊو- يورپين ٻولين ۽ قديم آثارن جو هڪ جاءِ گڏجڻ جو بهترين مثال مئلوري Mallory (1989ع) ۽ ائنٿني Anthony) (1991ع) جي تصنيفن ۾ پڻ موجود آهي.

اوڻيهينءَ صدي جي پڇاڙيءَ ۽ ويهينءَ صديءَ جي شروعات ۾، جنهن نسلي تصور کي اهيمت حاصل هئي، سو انساني نسل جي نظريي مطابق پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي. بشريات جو ماهر سائنسدان، مختلف انساني نسلن جي درجه بنديءَ ۾ تاريخ کي منظر ۾ رکڻ کان سواءِ ’پيدا ڪرڻ واري نئين تحقيق‘ (New productive research) جو نظريو يا اصطلاح ڪم آڻي ڪونه سگهندو.

هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ته ڪو سبب ئي ڪونه آهي ته آريا نالي ڪو نسل به هو، جيڪو انڊو- يورپين ٻولي ڳالهائيندو هو، ۽ انڊو- يورپين ثقافت جو مالڪ به هو (شئفر Shaffer 1984ع)، پر سنڌو- ثقافت جي دريافت ٿيڻ وقت ائين سمجهيو ڪونه ويندو هو ته 1920 کان 1930 تائين انسان ذات جي نسلي قوم واري نظريي کي اڃا به سگهه هئي. نسل جي برتريءَ ڪري هڪ طبقي جو ٻئي تي غلبو اڃا به موجود هو، پر ان وقت زوال پذير ضرور هو. ان وقت تائين فرانز بوس پنهنجيءَ تصنيف Golden rule of historical linguistics کي، عالمن ۽ اديبن آڏو رکيو نه هو، تنهن ڪري آرين، انڊو- يورپين، سنڌو- سڀيتا ۽ ان جي مصر سان لاڳاپن ۽ خاص طور سمير سان تعلقات تي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي. انڊس ايج (Indus age)  ڪتاب ۾، سمير تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر هيءَ هڪ حقيقت آهي جيڪا مختلف ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي ته سنڌو- سڀيتا ۽ سمير ثقافت پاڻ ۾ گڏيل آهن ۽ امڪاني حد تائين ساڳيون آهن، خود سرجان مارشل به 1925ع تائين سنڌو- سڀيتا کي ’انڊو- سميرين سولائيزئشن‘ ڪوٺيو آهي. (مارشل 1925، 1926: 75، مارشل 1926، 1927: 53)

سنڌو- سڀيتا جي ابتدائي اڀياس کي 1944ع کان، اڳ واري ان زماني کان شروع ڪرڻ گهرجي، جڏهن مورٽيم ويلر، آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿي آيو هو. هن ڪتاب ۾ سندس خيالن ۽ اندازن جي مختصر نموني وضاحت ڪئي وئي آهي. هن وقت تائين پاڪستان ۽ هندستان جي قديم آثارن جون ڪيتريون ئي کوٽايون ۽ کوجنائون به ٿي چڪيون آهن. سنڌو لکت جي ڀاڃ لاءِ ابتدائي يا ان کان پوءِ واريون ڪوششون، نسل (Race) جي تصور کي آڏو رکي ڪيو ويون آهن، ۽ فرانسز بوس جي سونهري اصول (Golden rule of historical linguistics) واريءَ ڏاهپ جو قدر ڪونه ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org