سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:12 

ٽالپرن جو انگريزن سان ٻيو عهدنامو:

مسٽر مئنڪي سمٿ دوستانه معاهدي لاءِ ڳالهه چوري، مير صاحب سان سندس وزير به خلوتگاهه ۾ موجود هئا. مير صاحب وفد جي صدر کي چيو ته جيڪڏهن لارڊ منٽو کي بلوچي اميرن جي دوستي درڪار آهي ته انگريز ميرن کي ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ ۾ مدد ڏين. انگريزن کي سنڌ هٿ ڪرڻ کان اڳ ڪڇ تي قبضي ڪرڻ جو ارادو هو انڪري لارڊ منٽو جي حڪومت مٿين شرط کان انڪار ڪيو(1). مير صاحب انگريزن جي ارادي کي صحي ڪيو. پوءِ پنهنجن وزيرن مان نواب ولي محمد خان، آخوند محمد بقا ۽ منشي مشتاق رام کي شرطن جي فيصلي لاءِ حڪم ڏنو. 22- آگسٽ 1809ع ۾ آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني ٽالپرن سان نئون عهدنامو ڪيو. جنهن جا هيٺيان شرط هئا:

1.            آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ٽالپر اميرن سان دوستانو ناتو قائم رهندو.

2.           ٻئي حڪومتون هڪ ٻئي کي دشمني جي نظر سان نه ڏسنديون.

3.           ٻنهي حڪومتن پاران وڪيل بطور ايلچين جي رهندا.

4.           ٽالپر سرڪار فرينچن کي سنڌ اندر اچڻ نه ڏيندي.

رجب المرجب 1224هه/22- آگسٽ 1809ع هن معاهدي موجب ٽالپري سرڪار پاران ميرزا مظهر ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿيو. گورنر جنرل ڪلڪتي جي فورٽ وليم قلعي مان معاهدي کي منظور ڪيو(2). انگريزي وفد جا ميمبر آڪٽوبر مهيني ۾ سمنڊ رستي بمبئي پهتا. مٿئين معاهدي ۾ فرينچن متعلق فقرو اهميت رکندڙ هو. فرينچن جو زور انگريزن هندستان ۾ گهٽائي ڇڏيو هو. باقي فرينچ عملدار ديسي نوابن ۽ راجائن جي فوجن ۾ نوڪريون ڪري سندن فوجن کي ولائتي نموني جا قاعدا قانون سيکاريندا هئا. انگريزن انڪري سنڌ ۾ اچڻ لاءِ مٿن بندش وجهرائي ڇڏي. مسٽر هئنڪي سمٿ جي نائب مسٽر هينري ايلس پنهنجي تجربي آڌار سنڌ متعلق گورنر جنرل کي ڪائونسل لاءِ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

”ٽالپر امير ڪابل سرڪار کان بلڪل آزاد آهن. فقط نالي طور سندن سفير ڪابل ۾ رهي ٿو. سنڌ جي بلوچي حڪومت ايشيا ٻين غيرمحدود حڪومتن وانگر هڪڙي فوجي حڪومت آهي. جنگ جي وقت حڪومت جي قوت جو مدار بلوچي سپاهين تي منحصر رهي ٿو. واپار هندن جي هٿن ۾ آهي. سنڌ ۾ اٽڪل 42 سردار يا وڏا زميندار رهن ٿا. اُهي جنگ وقت اميرن کي مدد ڏين ٿا. شهداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سهراباڻي اميرن جي گڏيل فوجن جو تعداد 36 هزار آهي. فوجن ۾ بي قاعده سوار ۽ پيادا رهن ٿا، جن وٽ ڀرمار بندوقون، تراريون ۽ ڍالون هٿيار آهن. بلوچ سپاهي بهادر آهن، جن کي روزانو پنج پئسا ملن ٿا ۽ امن جي زماني ۾ هڪ سير چانور ملن ٿا. ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ سنڌ جي سالياني اُپت اسي لک رپيا هئي، هينئر 42 لک 78 هزار رپيا آهي. اُن مان 12 لک رپيا ساليانو ڪابل کي ملن ٿا. شاهي خاندان جي اميرن ۾ اڻبڻت آهي. ملڪ جي آبادي جو دارومدار سنڌوندي تي آهي، جنهن جي وسيلي ايشيا جي ٻين ملڪن سان واپار ڪري سگهجي ٿو. مگر ڍلون ايتريون ڳريون آهن، جنهنڪري واپار کي نقصان رسي ٿو. ان هوندي به ايشيا جا واپاري سنڌ۾ نصيب آزمائڻ اچن ٿا. ٽالپر امير ڪڙمين کان ٿوري اگهه تي سموري پيداوار خريد ڪن ٿا. سنڌو درياءَ جي ڪناري وارا زرخيز علائقا شڪارگاهن لاءِ محفوظ آهن. ڪراچي جهڙي مکيه بندر جي سالياني اُپت هڪ لک ڏهه هزار رپيا آهي. اڳ سنڌ کان چانور ٻاهر ويندا هئا مگر هاڻ برساتن نه پوڻ ڪري چانور ٻاهريان اچن ٿا. ٺٽو جيڪو اڳ سنڌ جو تختگاهه هو ۽ هنرن ڪري برک هو، تنهن جي آدمشماري گهٽجي وئي آهي. اميرن کي هن شهر مان ساليانو هڪ لک 45 هزار رپيا آمدني آهي. حيدرآباد راڄڌاني آهي، پر سندس آمدني فقط سٺ هزار رپيا آهي. هتي چمڙي جو ڪم سٺو ٿئي ٿو. ڪسٽم (گمرگ) ۽ روينيو کاتن جي آمدني خانگي واپارين جي هٿ ۾ آهي. اهي اميرن کان ٺيڪا کڻن ٿا. چانور، نير، مڃٺ، چمڙو، گيهه، لوبان، کستوري، گهوڙا، زعفران مکيه روانگي جون شيون آهن، ملتاني صرافڪي ڪم ڪرڻ ڪري وڏا شاهوڪار آهن. ٽين، لوه شيهو، فولاد، صندل، عاج يورپ جو مال آمدني جون شيون آهن. ريشم، سڪل ميوا، غاليچا، خراسان کان وڪري لاءِ اچن ٿا. بهاولپور، ڪڇ، پنجاب، جوڌپور، قلات درٻار سان ميرن جا سٺا لاڳاپا آهن. فرينچن جي چرچ تي ايران جي قاچار ميرن سان دوستي ڳنڍي آهي. لسٻيلي جو ڄام مير خان قلات هٿ ڪرڻ لاءِ ميرن ڏانهن واجهائي رهيو آهي. فرينچ ايران ۽ سنڌ رستي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جا ارادا ڪن ٿا. جسونت راءِ هولڪر جو سفير مير ٺاري خان وٽ ڪيٽي پهتو هو. هولڪر خط ۾ لکيو هو ته فرينچ، ايراني ۽ ٽالپر گڏجي انگريزن تي حملو ڪن. مگر مير صاحب خط تي ڪو ڌيان نه ڏنو. سنڌ آباد ملڪ آهي، مٿس قبضو ڪري جيڪڏهن سڌارا ڪبا ته پڪ آمدني ۾ اضافو ٿيندو.“

مير غلام علي خان جي وفات:

ايسٽ انڊيا ڪمپني سان معاهدو ڪرڻ کانپوءِ ٻه سال امن امان سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جيئن مير صاحب هرڻ شڪار ڪري ان کي ذبح ڪرڻ لڳو ته هرڻ جو سنڱ سندس پير کي لڳو ۽ رت بند نه پئي ٿيو. حڪيمن ۽ جراحن رت کي بند ڪرڻ لاءِ گهڻائي حيلا ڪيا، مگر تقدير جي لکئي کي ڪير موڙي. آخر 6 جمادي الثاني 1227هه/1811ع ۾ مير صاحب دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو(1).

مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر:

مير غلام علي خان جي وفات ڪري سنڌ ۾ ستن ڏينهن تائين ماتم رهيو، پوءِ مير مرحوم جي فرزند شهزادي مير محمد خان کي پڳ ٻڌائي ويئي. مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر گادي تي جلوه گر ٿيو. پنهنجي ڀاءُ مير مراد علي خان جي صلاح مشوري سان حڪومت هلائڻ لڳو. شاعري مذاق رکڻ کان سواءِ نڪته دان ۽ علم پرور هو. ان ڪري ايران ۽ عجم جي علمائن حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ٺٽي کانپوءِ حيدرآباد علم ۽ فنون جو مرڪز بنجي ويو. شاهه فتح علي قاچار سان مير صاحب جا دوستاڻه لاڳاپا هئا. ٻئي فرمانروا هڪ ٻئي ڏانهن ايلچين معرفت بيش بها سوغاتون وقت بوقت روانيون ڪندا هئا.

سنڌ جا ميرزا:

سنڌ ۾ ميرزائن جو ميرن کان اڳ نسل قائم هو. اهي مغل هئا. سمن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ مغلن جو محلو قائم ٿيو هو. وري جڏهن نصرپور کي ميرزا شاهه حسين ارغون تختگاهه مقرر ڪيو، تڏهن ميرزا سنڌ ۾ پکڙجي ويا. ميرن جي صاحبي ۾ جن مرزائن حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪئي، سي جارجيا جا هئا. آقا محمد خان قاچار جي ڏينهن ۾ جارجيا جي عيسائي حاڪم هرڪيولس زار روس جي چرچ تي ايران جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. پر ايراني لشڪر کان شڪست کائي ڀڄي ويو هو. کانئس پوءِ پٽس گرجين زار روس پال جي مدد سان ايران سان جنگ شروع ڪئي. گهڻي خونريزي کانپوءِ جارجيا جو علائقو روس جي قبضي هيٺ اچي ويو. هن جنگ ۾ ايرانين گهڻائي جارجين قيد ڪيا هئا، جيڪي تبريز ۽ اصفهان جي شهرن ۾ وڪامڻ لڳا. اُهي نهايت حَسين هئا. مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر کي حرم ۾ چار ديرا هئا، مگر بي اولاد هو. ٽالپري سرڪار اڳيئي ايراني حڪومت کي اطلاع ڏيئي ڇڏيو هو ته ڪو خوبصورت غلام هٿ ڪري روانو ڪري، ڇاڪاڻ جو مير صاحب کي گود ورتل پٽ جي ضرورت هئي(1). امير نامدار جو ايلچي آخوند اسماعيل جو 18هين صدي جي آخر ۾ ايراني وزير حاجي ابراهيم وٽ مهمان هو، تنهن وزير وٽ مرزا خسرو بيگ نالي هڪڙو خوبصورت ڇوڪرو ڏٺو. خسرو بيگ ۽ مرزا همايون ٻئي جارجيا جي حاڪم گرجين جا پٽ هئا. همايون جي عمر 9 سال ۽ خسرو بيگ جي 7 سال هئي. کين ايراني سپاهين شاهي محلات جي باغ ۾ گرفتار ڪري آندو هو. همايون ڪنهن بيماري سبب مري ويو. ننڍي پٽ خسرو کي وزير حاجي ابراهيم خريد ڪيو هو جيڪو سندس حرم ۾ ناز نخرن سان پلجي رهيو هو. آخوند اسماعيل ڇوڪري کي خانداني لحاظ ڪري پسند ڪري ايراني درٻار کي درخواست ڪئي. حاجي ابراهيم کي حڪم مليو ته هڪدم ڇوڪري کي ٽالپرن جي سفير حوالي ڪري. خسرو بيگ ٽالپرن جي درٻار ۾ پهتو. مير نامدار هڪڙي فرمان موجب هن کي گود ورتل پٽ تسليم ڪيو. مگر وطن مالوف جي ياد ۾ هر وقت غمگين رهندو هو. ڇوڪري جي مونجھ کي ميٽڻ لاءِ مير صاحب سنڌ جي واپارين کي حڪم ڏنو ته ڪو به اهڙو ڇوڪرو ڏسن هڪدم خريد ڪن. ٿورن ڏينهن اندر واپاري ٻه ٻيا ڇوڪرا فريدون بيگ ۽ قربان نالي خريد ڪري آيا. سندن صحبت ڪري مرزا خسرو بيگ جي دل سرچجي ويئي. رڪن الدوله بهادر سندس تربيت لاءِ آخوند اسماعيل کي مقرر ڪيو. مرزا پنهنجي اخلاق ۽ عادتن ڪري ايران ۽ سنڌ وارن کي هڪ جهڙو پيارو هو. انباري ۾ آخوند صاحب بيان ڪري ٿو ته جڏهن هو مرزا کي ايراني وزير جي حويلي مان وٺي نڪتو هو، تڏهن سڄي حرم اندر ماتم ڪنعان مچي ويو هو. مرزائن جي خاندان ٽالپري دسترخوان تي رهي گهڻي ترقي ڪئي ۽ وڏي رتبي کي پهتا. مثال لاءِ مرزا خسرو بيگ شباب جي منزل کي پهچڻ شرط باب السلام جي وزارت اعظميٰ جو دسترخوان سنڀالي ورتو. مرزائن جي پونئيرن مان شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب ۽ تاريخ جي جيڪا خدمت ڪئي تنهن کان ڪوبه ماڻهو انڪار ڪري نه سگهندو. هو شاعر، مؤرخ، ڊرامه نويس ۽ صوفي درويش ٿي گذريو.

شاهه شجاع جي ڪابل مان ڀاڄ:

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ تاريخ سنڌ جلد 2 ۾ لکي ٿو ته، شاهه شجاع ڪابل کان معزولي جي حالت ۾ سنه 1814ع ۾ حيدرآباد پهتو. خبر نه ٿي پوي ته مرزا صاحب اهو بيان ڪهڙي تاريخ تان ورتو آهي. حقيقت هن ريت آهي ته، افغانستان ۾ سدوزئي شهزادن جي اڻبڻت ڪري سڄي ملڪ ۾ فساد پئجي ويو. بارڪزئي سردار زور هئا، پر اڃا کلي طرح پنهنجي بادشاهي جو اعلان ڪري نه پئي سگهيا. شاهه شجاع ڪابل کان ڀڄي پهريان ڪشمير ۾ ڪجھ وقت قسمت آزمائڻ لڳو. اُتان شڪست کائڻ کانپوءِ ڪجھ وقت رنجيت سنگهه وٽ مهمان رهيو. رنجيت سنگهه کان ڪوه نور ۽ جواهر ڦرائي سنه 1818ع ۾ ٿٻيٽ رستي کان لڌيانه پهچي انگريزن جي وظيفي تي گذران ڪرڻ لڳو. دراني سلطنت جو افغانستان ۾ خاتمو ٿيو. بارڪزئي (محمد زئي) خاندان مان امير دوست محمد خان ڪابل جي تخت تي ويٺو(1).

سنه 1817ع ۾ رنجيت سنگهه مٺڻ ڪوٽ ۽ سنه 1818ع ۾ ملتان تي قبضو ڪيو. سنه 1810ع ۾ ساهيوال جي رند سرادر فتح خان رنجيت سنگهه کان شڪست کاڌي. قصور جي افغان سردار قطب الدين جي شڪست کانپوءِ گکڙن، چٻن، ٽواڻن (Tiwana)، جھنگ، ليئهيا، چنوٽ جي سيالن، انواڻن، کوکرن ۽ کتڙن مسلمانن کي مجال نه هئي، جو مسجدن ۾ اذان ڏيئي سگهن. سمورا خالصا سرڪار جي ماتحت هئا(1). فقط ديره جات جا بلوچ خالصن کان سلسليوار جنگين جي ڪري مذهبي طور آزاد هئا(2). سنه 1823ع ۾ ديره جات جو سمورو علائقو سنڌوندي جو ساڄو ڪنارو سنڌ جي سرحد تائين پشاور ۽ ڪشمير سميت رنجيت سنگهه جي قبضي هيٺ اچي ويو. سنه 1830ع ۾ خالصن هرند ۽ داجل جا براهوئي علائقا ڦٻائي ورتا. رنجيت سنگهه وٽ اسي هزار مضبوط ولائتي قواعد سکيل فوج ۽ 376 توبون هيون.

شاهه شجاع جو باڪرزئين هٿان ٻيهر شڪست کائڻ:

شاهه شجاع جي شڪست 34-1833ع جا حالات مسٽر جي. ائٽڪنسن گڏ ڪري 20 مارچ 1839ع ۾ لنڊن پارليامينٽ اڳيان پيش ڪيا هئا، جن ۾ ڏيکاريل هو ته شاهه شجاع لڌيانه ۾ پهچڻ کانپوءِ ٻه چار سؤ هندستاني سپاهي ڀاڙي تي ڀرتي ڪيا هئا، جن کي هڪڙي انگريز ڪئپميل تعليم ڏني هئي، اُهي ساڻ ڪري بهاولپور جي رستي کان شڪارپور پهتو. ٽالپر ميرن کيس مدد ڏني. پوءِ ٽيهه هزار فوجن سان شال پهتو. هت قافلا ڦري مال گڏ ڪرڻ لڳو. قنڌار تي ڪوهان دل، مهر دل ۽ رحيم خان بارڪزئي سردار حڪومت ڪندا هئا. شجاع قنڌار تي ڪاهه ڪئي، مٿيان سردار قلعي ۾ وڃي لڪا. ان وچ ۾ دوست محمد خان ڪابل کان لشڪر وٺي قنڌار پهتو. شجاع ۾ هڪ ته همت ڪانه هئي ۽ ٻيو سندس پنهنجن رفيقن سان برتاءُ سٺو نه هو، ان ڪري گهڻا کيس ڇڏي ڀڄي ويا. هو قنڌار کان شڪست کائي چند محافظن سان لش جي قلعي ۾ لڪو جتان فره پهتو. کيس هرات مان مدد ملڻ جو آسرو هو، پر اُتان نااميد ٿي سيستان جي صحرا کي لتاڙي قلات جي خان محراب خان ثاني وٽ پهتو جنهن کيس حيدرآباد پهچايو(3).

شاهه شجاع ٽنڊي ابراهيم آغا وٽ ڦليلي جي ڪپ تي بي سروساماني جي حالت ۾ پهتو. شهر جي ڪوٽوال فقيري خدمتگار جي پٽ علي بخش درٻار کي خبر ڏني. مير رڪن الدوله بهادر مهماني طور معزول بادشاهه ڏانهن شاهي تنبو، ڪناتون ۽ ٻيو سامان موڪليو. ٽن ڏينهن تائين آرام ڪري شجاع شڪارپور پهتو. ڪابل کان عظيم خان جي چرچ تي ايوب خان سنڌ تي ڪاهي آيو. مير صاحبن کيس اڳواٽ 12 لک رپيا ڏيئي موٽائي ڪڍيو. سنڌ ۾ ڪابلي سڪي جي رائج ڪرڻ لاءِ ساڻس معاهدو ڪيو. شجاع هٿ ٺوڪيندو لڌيانه پهتو.

رنجيت سنگهه ۽ ٽالپر:

سنه 1809ع ۾ معاهده امرتسر کان پوءِ رنجيت سنگهه کي پڪ هئي ته انگريز سندس حڪومت اندر دخل ڪين ڏيندا. سنه 1806ع ۾ ملتان فتح ڪرڻ کان اڳ اُتي جي نواب مظفر خان انگريزن جي ماتحت رهڻ لاءِ انگريزن کي درخواست ڪئي هئي، پر انگريزن سندس درخواست تي ڪو ڌيان ڪين ڏنو هو(1). ڇاڪاڻ جو ڪمپني سرڪار جي نظر ۾ سنڌ ڪارائتو ملڪ هو. ڪشمير کان ستلج ۽ مٺڻ ڪوٽ تائين سڄو پنجاب خالصا سرڪار جي قبضي ۾ هو. رنجيت سنگهه اڳيان سنڌ جو لانگاهه بنجي چڪو هو. ٽالپرن جو انگريزن سان دوستانه معاهدو ٿي چڪو هو، مگر سنڌي پُرامن آبادگار فرنگي گورن کي شڪي نظر سان ڏسي رهيا هئا. سنه 1812ع ۾ هڪڙي انگريز مسٽر جي.مئڪين ٽوش پنهنجي اخبار ۾ ڏيکاريو هو ته سنڌ جي هڪڙي هندو واپاري درياني مل ٽالپر ميرن کي صاف چئي ڏنو هو ته انگريز جيڪي واپار جي بهاني سان دوستانه عهدناما ڪري رهيا آهن، سي اول توڻي آخر سنڌ تي قبضو ڪندا. انگريز جن نيپولين بونا پارٽ جي جنگين جي زماني ۾ يورپ ۾ پاڻي وانگر پنهنجو خزانو هاريو هو، سي پنهنجن صنعتي شين کي هندستان ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ منتظر هئا، جيئن ديسي هنرن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي. فرنگين جي اچڻ کان اڳ هندستان آسودو ۽ مالدار ملڪ هو. انگلينڊ جو هينئر قرضي هو، تنهن کي مٿين رقم هندستان مان ڪنهن به صورت ۾ وصول ڪرڻي هئي. ڪمپني جا عملدار ٺڳ ۽ رشوت خور هئا. ڪمپني جي حدن اندر رشوتن جي بازار گرم هئي(1). ملتان فتح ٿيڻ کان پوءِ ڪنور نونهال سنگهه ۽ ديوان سانوڻ مل مٺڻ ڪوٽ ۾ توبخانو ۽ خالصا لشڪر گڏ ڪرڻ لڳا. ديره جات جي بلوچن کي جڏهن به وجهه ملندو هو، سکن سان مقابلي ڪرڻ کان ڪين گُسندا  هئا قرائي، لُنڊ، بوزدار، گورچاڻي، نوتڪاڻي، مزاري، براهوئي، بگٽي، بليدي، سمورا پاڻ ۾ يڪمشت هئا. فقط لغارين جو سردار جنهن کي ڪجهه بلوچي سردارن سان عداوت هئي. سو خالصا سرڪار جو طرفدار هو(2). کوسن بابت سر ائڊورڊس جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ اهڙو ڪوبه کوسو نه لڀندو، جنهن سزا ڪاٽي نه هجي(3). ٽالپر ميرن جا رنجيت سنگهه سان دوستانه لاڳاپا هئا، هر سال ميرن جا ايلچي بيش بها سوغاتون خالصا درٻار کي پهچائيندا هئا. مگر هينئر رنجيت سنگهه هيءَ گهر ڪئي ته جيڪي 12 لک رپيا ٽالپر ڪابل سرڪار کي ساليانو ڀرين ٿا سو خالصا سرڪار کي ڀرين. حقيقت ۾ ميرن ايوب خان کي موٽائڻ وقت مٿين رقم ڪانه ڏني هئي، فقط دلاسو ڏيئي ڪڍيو هو. سنڌ جي سرحد تي خالصا لشڪر جي فوجي نمائشن ڪري حيدرآباد جي مرڪزي سرڪار جي سياسي حلقن ۾ بي آرامي پئجي ويئي. مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر بلوچي سردارن کي لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. پر مير مراد علي خان جيڪو هن وقت وزير خارجه هو، تنهن چيو ته جنهن صورت ۾ پنجاب ۽ ملتان جا افغان توڻي ديره جات جا بلوچ سردار رنجيت سنگهه کان شڪست کائي چڪا آهن، ان صورت ۾ بهتر ائين ٿيندو ته انگريزن معرفت خالصا سرڪار سان صلح ڪجي. رڪن الدوله بهادر مٿين راءِ قبول ڪئي، حڪم ڏنائين ته هڪڙو ايلچي بمبئي ڏانهن روانو ڪجي ۽ شڪارپور ڏانهن فوجون روانيون ڪجن. سيد آغا اسماعيل شاهه جو وقت جو فيضي هو، سو سڙهه سانباهي بمبئي ڏانهن روانو ٿي ويو. ٻي پاسي مير ڪرم علي خان ٽيهه هزار سوارن ۽ پيادن سان جن وٽ توبخانو به هو، شڪارپور وٺي ويو. خيرپور وٽ مير سهراب خان لشڪر سميت ساڻس گڏيو. سيد اسماعيل شاهه به پوري وقت تي بمبئي پهتو. گورنر مائونٽ سٽيورٽ کيس عزت سان گڏيو، سندس خرچ لاءِ روزانو ٽيهه رپيا مقرر ڪيائين. گورنر احوال وٺڻ کان پوءِ هڪڙو خلاصو خط گورنر جنرل ڏانهن ڪلڪتي روانو ڪيو. شگون نيڪ ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ جو لڌياني جي برٽش ايجنٽ ڪپتان ويڊ رنجيت سنگهه کي اطلاع ڏنو ته ٽالپر مير انگريزن جا دوست آهن، انڪري خالصا لشڪر کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو خيال دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. جيسين خالصا لشڪر سنڌ تي ڪاهه ڪري تنهن کان اڳ مزارين ملتان تي ڪاهون شروع ڪيون. ڪنور نونهال سنگهه ديوان سانوڻ مل معرفت ٽالپرن ڏانهن هڪڙو تسلي بخش خط روانو ڪيو، تنهن کان پوءِ ٽالپرن جي لشڪر شڪارپور خالي ڪيو. رنجيت سنگهه پوءِ به گهڻو وقت سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ وجهه ڳولڻ لڳو، مگر انگريز فولادي چنبي کي مضبوط ڏسي مٿيون ارمان دل جو دل ۾ سانڍي هن دنيا مان نااميدي جي حالت ۾ موڪلائي ويو.

مارڪس آو هيسٽنگس جي پاليسي:

سنه 1814ع جي شروعات ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن لارڊ منٽو کي ولائت گهرائي ورتو. سندس ڏينهن ۾ برٽش حڪومت هندستان اندر ڪو واڌارو نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ جو هندستان اچڻ وقت ڪمپني جي فوجن ۽ خزاني جي حالت ڪمزور ٿي چڪي هئي، ان ڪري ڊائريڪٽرن کيس جنگين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. هو 6 ورهيه هندستان ۾ رهيو. سندس ڏينهن ۾ عيسائي مشنرين جا پادري زوريءَ هندستانين کي عيسائي بنائڻ لڳا. سندن اڳرائين کي لارڊ منٽو ٻنجو ڏنو(1). ايسٽ انڊيا ڪمپني جا فرعون دماغ عملدار جن کي اڳ وڏا وڏا لوازما ڀتا ملندا هئا، سي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي عدالت لارڊ منٽو جي ڏينهن ۾ بند ڪري ڇڏيا. جنهن تي مغرور عملدارن مسلي پٽم، سرنگاپٽم ۽ حيدرآباد جي ڇانوڻين ۾ کلي طرح بغاوت ڪئي. اهڙي موقعي تي جيڪڏهن خالصا ستلج ٽپي پون ها ۽ هولڪر ۽ سنڌيا سکن سان گڏجي بنديل کنڊ رستي کان بنگال تي ڪاهه ڪن ها ته جيڪر فرنگين جو هندستان ۾ خاتمو ٿي وڃي ها(1). سنه 1813ع جي آخر ۾ مارڪس آوهيسٽنگس جيڪو سنه 14- 1812ع ۾ آمريڪا سان جنگ ڪرڻ وقت شڪست کائي موٽيو هو ۽ انگريزن بحر اوقيانوس پريان آمريڪن هٿان ملڪ وڃايو هو، تن هندستان جهڙي دولتمند ملڪ ۾ هڪ عظيم الشان شهنشاهت جو بنياد وڌو هو. انگلينڊ پنهنجي بحري قوت ڪري يورپ ۾ پهريون نمبر طاقت هئي. گورنر جنرل کي فوجي اختياريون به مليل هيون، ان ڪري هندستان ۾ ڪار مختيار هو. سندس ڏينهن ۾ ڪمپني کي واپار ڪرڻ لاءِ نئون چارٽر (اختيارنامو) مليو. 

ڪمپني کي نئون چارٽر مليو:

ولائت جا واپاري هندستان ۾ وارد ٿيا ته هندستان کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي، جن کي نيڪال ڪري ديسين جي دولت لٽجي(2). لارڊ هيسٽنگس جو خاص پروگرام هو ته ديسي نوابن ۽ راجائن کي دٻائي برطانوي اقتدار هيٺ آڻجي ۽ شهنشاهت جي حدن کي وڌائجي. هن اچڻ شرط گورکن سان هٿ اٽڪايو، جنهن مهم لاءِ کيس ڏوڪڙن جي سخت ضرورت هئي. سندس اشاري تي لکنؤ جي برٽش ايجنٽ ميجر بيلي اوڌ جي نواب غازي الدين حيدر سان مفت ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي. نواب گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي، جنهن تي لارڊ هيسٽنگس پاڻ لکنؤ ويو ۽ نواب کان اڍائي ڪروڙ رپيا قرض وٺي نيپال سان جنگ شروع ڪئي. انگريزي ايجنٽ ڌارين زبانن جا ماهر هئا. مثال لاءِ سر جان مالڪوم فارسي زبان جو اديب هو. ميجر بيلي مشاعرن وقت لکنؤ جي نوابن جي محلفن ۾ شريڪ ٿيندو هو(1). جنرل آڪٽرلوني دهلي جو ريزيڊنٽ مشرقي معاشرت مان ايتريقدر واقف هو، جو ڪنهن به رياست اندر فساد وجهڻ هن لاءِ ادنيٰ ڪم هو(2). انگريزي ايجنٽ رياستن مان واقف ٿيڻ کان پوءِ نوابن ۽ راجائن جي خانگي معاملن ۾ دست اندازي ڪندا هئا. وري هندستان مان ايتري دولت گڏ ڪري ولائت موٽندا هئا، جو اُتي شاهاڻي زندگي بسر ڪرڻ ڪري ”نواب“ جي لقب سان سڏبا هئا. سندن دولت کي ڏسي گهڻائي انگريز قسمت آزمائڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ۽ دولت لُٽڻ لاءِ هندستان اچڻ لڳا.

ايسٽ انڊيا ڪمپني جون حدون سنڌ سان لاڳو ٿي ويون:

انگريز وچ هندستان کان جيسين غير واقف هئا، تيسين سنڌ جي سوال کي بقول پاٽنجر هنن ملتوي ڪري ڇڏيو هو. اڳ انگريز سنڌ جي ميرن سان دوستي رکڻ لاءِ خواهان هئا. دراني سلطنت جي زوال کان پوءِ رنجيت سنگهه اهڙو زور ورتو، جو سندس خوف کان ٽالپرن کي انگريزن سان دوستي رکڻ لاءِ ضرورت پيش ٿي. ايلفنسٽن ڪابل کان انگريزن کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اشارو ڏنو هو، مگر سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ، پنڊاري ۽ راجپوتن رستي روڪ ڪئي هئي. نربدا کان ستلج تائين ملڪ ويندي بنديل کنڊ تائين پنڊارين لٽ مار ڪري تاراج ڪيو هو. سنه 1806ع کان ڪرنل جيمس ٽاڊ وچ هندستان ۽ راجپوتانا جي سروي ڪرڻ ۾ رڌل هو. سنه 1815ع ۾ هن ميواڙ، مارواڙ، جيسلمير، ڪوٽا ۽ بوندي جو نقشو تيار ڪيو. مٿيون نقشو اهڙو ڪارگر ثابت ٿيو، جو لارڊ هيسٽنگس کي مٿين ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ گهڻي آساني ٿي. سنه 1802ع ۾ بڙوده جو گائڪواڙ جنهن جي سالياني آمدني اٺ لک پائونڊ هئي، سو سسٽم سبسيڊائري جا شرط منظور ڪري چڪو هو. سنه 1818ع ۾ پنڊاري شڪست کائي زير ٿيا. نواب امير خان کي ٿونڪ جي انگريزن رياست ڏني. باقي راجپوت رياستون جيڪي مرهٽا سردارن کي ڍلون ڀرينديون هيون، تن جي بدقسمتي سان پاڻ ۾ جنگ شروع ٿي. اڌيپور جي مهاراڻي ڀيم سنگهه ثاني جي دختر ڪشن ڪماري نهايت حسين هئي، جيڪا مهاراڻا ڀيم سنگهه  جوڌپور سان منڱيل هئي. 1804ع ۾ ڀيم سنگهه جي مرڻ کان پوءِ مان سنگهه جوڌپور جي گادي تي ويٺو ۽ ڪشن ڪماري جي ٻانهن گهرڻ لڳو. اڌيپور جي راجا پنهنجي ڌيءَ جي شادي جئه پور جي والي جڳت سنگهه سان ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جنهن ڪري راجپوتانا ۾ باهمي جنگ ڪري آفت مچي وئي(1). نوبت ايتريقدر پهتي جو اڌيپور جي بزدل مهاراڻه پنهنجي 16 سالن جي حَسين ۽ جميله دختر کي زهر ڏياري مارائي ڇڏيو. هن بدترين واقعي راجپوتن تي تباهي برپا ڪئي. جنوري 1818ع ۾ جوڌپور جي راجا مان سنگهه جي ٻن ايلچين بشن رام وياس ۽ اڀي رام وياس گورنر جنرل جي ايلچي فليوس مٽيڪاف سان عهدنامو ڪيو. اڳ جوڌپور سنڌيا کي ڍل ڀريندو هو، سا بند ٿي وئي. اپريل ۾ جئه پور جي راجا جڳت سنگهه پاران راول پياري مٽيڪاف سان عهدنامو ڪيو. ڊسمبر ۾ جيسلمير جي راول مولراج پاران دولت سنگهه ٺڪر انگريز ايلچي سان عهدنامو ڪيو. راجپوتانا مٿان انگريز حفاظت ڪرڻ لڳا، سنڌيا کي هٿ کڻڻو پيو. ڪرنل جيمس ٽاڊ راجپوتانا رياستن مٿان سنه 1823ع تائين ريزيڊنٽ ٿي رهيو(2). انگريزن ڪڇ جي کنگهار کي ٽالپر مير خوف ڏياري دٻاءُ وجهڻ لڳا(1). سنه 1818ع ۾ پنڊارين ۽ مرهٽن کي شڪستن ڏيڻ کان پوءِ لارڊ هسٽنگس اعلان ڪيو ته هندستان اندر برٽش حڪومت جون حدون سنڌوندي تائين آهن(2).

کوسن جي ڪـــڇ تي ڪاهه:

کوسن جا راڄ ٿرپارڪر کانسواءِ هانسي، حصار، رنگ محل، اڀور، بنجارا، سوڍل، مانڪ کوڙ، ڪلڌيراني ۽ بيڪانير تائين هئا. جئه پور، اڌيپور ۽ پنڊارين جي فوجن ۾ شامل هئا. ڪاٺياواڙ جو انتظام ڪرنل والڪر سنه 1805ع ۾ ڪري چڪو هو. هينئر ڪڇ جو وارو هو. لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ سنه 1816ع ۾ ڪرنل ايسٽ ڪڇ تي ڪاهه ڪئي، انگريزن جو قبضو ڄمي ويو. برٽش حڪومت جون حدون ڏکڻ کان به سنڌ سان لاڳو ٿي ويون. کوسا جيڪي ڳوٺ ۽ قافلا ڦريندا هئا، تن دستور موجب ڪڇ تي ڪاهون شروع ڪيون. ليفٽيننٽ برڪلي هڪڙي لشڪر سان کوسن تي ڪاهه ڪئي. ٻئي پاسي بلوچن لونا جو شهر لُٽيو جو ڀُڄ کان پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي هو. انگريز عملدارن جي مرضي هئي ته سنڌ تي ڪاهه ڪجي، مگر بنگال جي سپريم گورنمينٽ اڃا کين اهڙي اجازت ڪانه ڏني هئي. ان ڪري کوسن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ لکپڙهه ميرن سان ڪرڻ لڳا(3). انگريزن جي مرضي هئي ته جنهن صورت ۾ سندن حدون ڪڇ تائين پهتيون آهن، ان صورت ۾ ميرن سان نئون عهدنامو ڪجي. ليفٽيننٽ ڪرنل سٽئنهوپ کوسن کي ڪڇ مان لوڌي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو. باب الاسلام (سنڌ) جي اسلامي حڪومت جي حالت چراغ سحري وانگر هئي. بمبئي حڪومت ٽالپرن کان فوجي خرچ لاءِ گهر ڪئي، بلڪ اهو به چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مير خرچ ڀري نه ڏيندا ته انگريز سنڌ تي ڪاهه ڪندا. ميرن، کوسن کي روڪڻ لاءِ انجام ڏنو. ان هوندي به انگريزن هڪڙو وفد حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو جنهن ۾ ڪپتان سئڊليئر، ڊبليو- سائمن، ڊاڪٽر هال، ميجر ووڊ هائوس ميمبر هئا.

انگريزن جو ميرن سان ٽيون عهدنامو:

رڪن الدوله وفد کي حيدرآٻاد ۾ عزت سان شرف باريابي بخشيو. 9- نومبر 1816ع ۾ ٽيون عهدنامو ٿيو جنهن ۾ هيٺيان شرط هئا(1):-

1.      ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار ۽ ٽالپري سرڪار جا پاڻ ۾ دوستانه لاڳاپا دائمي طور رهندا.

2.     ٻئي حڪومتون وڪيلن معرفت فيصلا ڪنديون.

3.     ٽالپر مير ڪنهن به آمريڪن يا ٻئي ڪنهن مغربي کي سنڌ اندر رهڻ ڪين ڏيندا، جيڪڏهن ڪو ڌاريو دخل ڏيندو ته ٻئي ڌريون ان کي پنهنجن حدن کان ٻاهر لوڌي ڪڍنديون. جيڪڏهن ڪو مغربي سنڌ اندر فساد ڪندو ته شهر جي ڪوٽوال کي سزا ڏيڻ جو حق رهندو.

4.     ٽالپر امير کوسن ۽ ٻين بلوچن کي انگريزي حدن اندر حملن ڪرڻ ۽ ڇيڙڇاڙ ڪرڻ کان روڪيندا.

مٿيون عهدنامو ٽالپرن پاران آغا سيد اسماعيل شاهه صفر المظفر سنه 1236هه/10- فيبروري 1821ع ۾ بمبئي جي گورنر مائونٽ سٽيورٽ ايلفنسٽن سان قطعي طور ڪيو. ڪلڪتي جي سپريم گورنمينٽ معاهدي جي تصديق ڪئي. انگريزن جي آمريڪا سان سنه 1812ع کان 1814ع تائين جنگ لڳل رهي. گهڻائي انگريز نوڪرين کان ڀڳل پاڻ کي آمريڪن سڏائي ديسي راجائن ۽ نوابن وٽ نوڪريون ڪرڻ لڳا. حقيقت ۾ اُهي انگريزن کي جاسوسي جو ڪم ڏيڻ لڳا.

ڪڇ ۾ کوسن جو ٻيو ڀيرو فساد:

سنه 1824ع ۾ دهلي کان وٺي حيدرآباد دکن تائين هر هڪ ضلعي ۾ فساد پيا. انگريزن ڪڇ جي راءِ ڀرمل کي گاديءَ تان لاهي سندس صغير پُٽ کي تخت تي ٿاڦيو. مائونٽ سٽيورٽ ايلفنسٽن بمبئي جو گورنر سنه 1819ع ۽ 1820ع ۾ ٻه ڀيرا ڪڇ جي دوري تي ويو هو. پوئين ڀيري اٽڪل 2 سؤ جاڙيجن سردارن جن جي راءِ سان مائٽي هئي، تن گورنر کي پنهنجي مفلسي متعلق شڪايت ڪئي. کوسن جي موجودگي ڪري ڪڇ جي سرحد تي فساد جاري هئا(1). جاڙيجا سردار جن کان انگريزن زمينون کسيون هيون، تن ٽالپر ميرن کان مدد گهري. سنه 1825ع ۾ کوسن ڪڇ جي سرحد ٽپي ڀڄ تي ڪاهه ڪئي. کوسن ۽ جاڙيجن انگريزي ريزيڊنٽ کان راءِ ڀرمل کي ٻيهر تخت تي ويهارڻ لاءِ گهُر ڪئي. جاڙيجن وٽ 3 هزار بلوچ لشڪر هو. انگريزن وٽ جيڪو لشڪر هو، سو فقط ڀڄ جي بچاءُ لاءِ هو. جاڙيجن بلوچن جي مدد سان هبئي ٽڪرين وٽ پهچي بلاري جي قلعي تي قبضو ڪيو. ڀڄ ڏانهن ويندڙ جيڪي به رستا هئا، سي رڪجي ويا ويا. ڪپتان والٽر هڪڙو فوجي دستو قلعو آجو ڪرائڻ لاءِ روانو ڪيو، پر فسادين هٿان شڪست کائي موٽيو. هن معرڪي ۾ جاڙيجن جا گهڻائي سردار مارجي ويا. ٻي حملي ۾ فسادين شڪست کاڌي وٽن جيڪو لٽ مار جو مال هو سو به انگريزن هٿ ڪيو. جاڙيجن ٽيون ڀيرو بلوچن ۽ عربن جي مدد سان انجار تي حملو ڪيو. هن ڀيري شڪست کائي پهريان ڪائمل ٽڪرين ۾ لڪا پوءِ ڪڇ جي رڻ ڏانهن ڀڳا. ٽالپر اميرن سندن مدد لاءِ هڪڙو لشڪر روانو ڪيو. 20 سيپٽمبر 1825ع ۾ بمبئي ۽ کيرا کان وڏو لشڪر ڪرنل ايم. نيپئر جي اڳواڻي هيٺ پهتو. جنهن ۾ 5 ريجمينٽون ۽ هڪ ڪمپني پيادن جي توبخاني سميت هئي. انگريز لشڪر جي پهچڻ کان پوءِ بلوچي لشڪر سنڌ ڏانهن موٽي آيو(2). کوسن جي ڪاهن ڪري انگريزن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ جيئن پوءِ تيئن ڪشيدگي پيدا ٿي.

ڊاڪٽر جيمس برنس جو حيدرآباد اچڻ:

سنه 1827ع ۾ مير مراد علي خان بيمار ٿي پيو، ديسي حڪيمن گهڻائي علاج ڪيا، پر چاق ڪين ٿيو. ٽالپرن جي ڀڄ جي ايلچي ديوان گوپالداس اُتي جي انگريز ريزيڊنٽ معرفت بمبئي جي گورنر کي هڪڙي انگريز ڊاڪٽر کي حيدرآباد رواني ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. 25 آڪٽوبر سنه 1827ع ۾ ڪڇ جي انگريز ريزيڊنٽ جو ڊاڪٽر جيمس برنس ميرن جي وڪيل سان گڏجي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو(1). ساڻس پوني فوج جا ڪي سپاهي، ڪي بحري ۽ فوجي عملدار ڪڇ جي راءِ جو هڪڙو دستو ساڻس همراهه هئا. جاتي جي نائب حيدر خان لغاري ۽ بهادر خان ٻن اعليٰ عملدارن انگريزي ڊاڪٽر جو استقبال ڪيو. ٽالپر سرڪار پاران پنجاهه اُٺن جو قافلو سامان سان ڀريل قافلي سان همراهه ٿيو. جتي به منزل ڪيائين، اُتي طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي معطر شربت وغيره پيئندو رهيو. مير صاحبن جا بازدار طرحين طرحين پکين جو واٽ تي شڪار ڪندا فرنگي ڊاڪٽر جي دل وندرائيندا هليا ۽ قسمين قسمين گوشتن سان سندس ضيافت ڪندا هليا. حيدرآباد کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي پهچڻ بعد شهزادي مير محمد خان ٺوڙهي ۽ ڪپتان موسيٰ خان ڊاڪٽر جو استقبال ڪري شهر تائين ساڻس همرڪاب رهيا. شهر ۾ وارد ٿيڻ کانپوءِ وزير آغا اسماعيل شاهه ۽ نواب ولي محمد خان لغاري 10 نومبر سنه 1827ع ۾ سندس استقبال ڪيو ۽ وزير جي اوطاق تي مهمان ٿي لٿو. سندس ضيافت لاءِ صبح جو هر روز 12 رڪابيون سونيون چاندي جون طرحين طرحين لذيذ طعامن جو سونن ورقن سان ڊاڪٽر کي شاهي دسترخوان تان فقط نيرن لاءِ ملنديون هيون. نوڪرن کي جدا کاڌو ملندو هو. هندو سپاهين کي ڪچو سيڌو ملندو هو. مير مراد علي خان جيڪو پنجن مهينن کان صاحب فراش هو، سو ڊاڪٽر جي دوا سان ڏهن ڏينهن اندر چاڪ ٿي ويو. ان کانپوءِ به ٽن مهينن تائين فرنگي ڊاڪٽر شاهي دسترخوان تي بطور مهمان ٿي رهيو. مير صاحبن کي مٿس اعتبار هو، ان ڪري درٻار جي هر هڪ شيءِ کي ڏسڻ ۽ شهزادن سان ملاقاتن ڪرڻ جو کيس چڱو موقعو مليو. 21 جنوري سنه 1828ع ۾ شاهي بيش بها سوغاتون وٺي شاهي ٻيڙي تي سوار ٿي 28 جنوري تي ڪڇ پهتو. هت پهچڻ کان پوءِ هن انگريزي ريزيڊنٽ ميجر پاٽنجر سان ميرن جي گهڻي تعريف ڪئي. جنهن هڪ خط ذريعي مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر جو شڪريو ادا ڪيو.

شهزادي مير صوبدار خان جي بغاوت:

مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جي ديرن جي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سنڀال ڪندا هئا. مير غلام علي خان جي فرزند شهزادي مير محمد خان کي چاچن معقول جاگير ۽ جائداد ڏني هئي. شهزادو مير صوبدار خان جيڪو هينئر 25 سالن جو هو، تنهن چاچن کان زيورن ۽ ملڪيت لاءِ گهر ڪئي. جيسين مير صاحب فيصلو ڪن تنهن کان اڳ شهزادو پنهنجي اتاليق هوش محمد حبشي کي ساڻ ڪري شڪار جي بهاني سان لاڙ ڏانهن نڪري ويو. اُتي پنهنجي منشي پرتاب راءِ معرفت جواهر وڪڻي اٺ هزار لشڪر گڏ ڪري چاچن خلاف بغاوت کڙي ڪئي. مير رڪن الدوله بهادر مير مراد علي خان کي ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. مير صاحب وڃڻ شرط ناڻي جي ڳوٿرين جا منهن پٽي باغين جا وات بند ڪيا. شهزادي وٽ اٺ هزار سپاهين مان فقط 12 سو وڃي بچيا. سندس ملڪيت ۽ جاگير کيس ڏني وئي. معاملو خير ۽ خوبي سان حل ٿي ويو(1).

مرزا خسرو بيگ جي گورنر سان ملاقات:

مرزا خسرو بيگ جيڪو هن وقت ويهن ورهين جو هو، سندس مدبري ۽ لياقت کي ڏسي مير رڪن الدوله بهادر وزارت جو قلمدان سپرد ڪيو هو. حڪومت جا اندروني توڻي خارجي معاملا سندس صلاح ۽ مشوري سان هلڻ لڳا. انگريزن گذريل ڪڇ جي فسادن کي روڪڻ ۾ جيڪو خرچ ڪيو هو، ان جي ٽالپرن کان گهر ڪرڻ لڳا. ان کان سواءِ جيسلمير جي ڪن رهاڪن حيدرآباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي، جنهن تي رياستن اعتراض اٿاريو هو. ڪڇ جي سرحد تي کوسن جي ڪارواين کي روڪڻ لاءِ انگريزن سرحد تي فوجي چوڪيون ويهاريون هيون. مٿين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مرزا خسرو بيگ بمبئي جي گورنر ايلفنسٽن کي روبرو گڏجڻ لاءِ روانو ٿيو. 9 ڏينهن جي سمنڊ جي مسافري کانپوءِ بمبئي پهتو. آخوند محمد بقا ۽ محمد عابد ٺٽوي جيڪي درٻار جا مدبر هئا، ساڻس گڏ هئا. بمبئي پهچڻ وقت انگريزن 24 توبن سان ٽالپرن جي سفير جي سلامتي ورتي ۽ ٻن هزار سولجرن هٿيار پيش ڪيا. چئن گهوڙن واري گاڏي ۾ مائوئٽ سٽيوئرٽ ايلفنسٽن مرزا کي پنهنجي ساڄي پاسي کان ويهاري وٺي هليو ۽ هڪڙو عاليشان بنگلو وفد جي رهائش لاءِ مقرر ڪيائين(1). هي ساڳيو ايلفنسٽن هو جنهن ڪابل کان انگريزن کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لکي موڪليو هو(2). سنڌ متعلق سندس چوڻ هو ته انگريزن لاءِ ايشيا ۾ سياسي مشغولي آهي. مرزا خسرو بيگ انگريزي طرز معاشرت کان بلڪل بي خبر هو. هڪڙي ڀيري ناچ جي موقعي تي ناڻي جون ٿيلهيون کڻي پنهنجن ٻن رفيقن سان ناچ گهر ڏانهن ويو. جڏهن گورنر جي زال جي ناچ جو وارو آيو، تڏهن مرزا جي اشاري تي آخوند هڪ هزار روپين جي ڳوٿري مئڊم تان گهور ڪئي. سمورا انگريز اها روبڪار ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. گورنر مرزا کي چيو ته اسان مغربين ۾ اها رسم ڪانهي. ميرزا حاضر جوابي ۾ لاثاني هو، هن چيو ته اسان مشرقين ۾ اها رسم آهي. ٻي ڀيري مرزا وري رپيا گهور ڪيا. بمبئي جي شهر ۾ انهن ڏينهن ۾ هندستان جي ٻين شهرن جي مقابلي ۾ مهانگائي هئي. شهر ۾ هوٽلون ڪين هيون. اسپلانڊ وٽ ماڻهو تنبن ۾ رهندا هئا(3). مرزا صاحب بمبئي ۾ ٽن ڏينهن تائين گورنر جو مهمان رهيو. انگريزن جيڪا ستر هزار رپين لاءِ گهر ڪئي هئي سا رد ٿي، پر هن سفر ۾ مرزا هڪ لک رپيا خرچ ڪيا. ڊاڪٽر جيمس برنس جو بيان آهي ته ٽالپرن جي درٻار ۾ مرزا جو وڏو اثر رسوخ هو. ٽالپر مير سندس صلاح ۽ مشوري تي هلندا هئا. هو وڏي هلنديءَ وارو شخص هو.

عمرڪوٽ تي ٽالپرن جو قبضو:

عمرڪوٽ ٽالپرن هيڪر جوڌپور جي راجا کان فتح ڪيو هو، پر ٻيهر راجپوتن قبضو ڪيو هو. ضلعي جي سالياني اُپت 23 هزار رپيا هئي(1). مير سهراب خان جي ڀاءُ مير غلام محمد  خان اڳ عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪئي هئي، پر راجپوتن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. مير سهراب خان کي اُن ڏينهن کان ڀاءُ جي وير وٺڻ لاءِ عمرڪوٽ فتح ڪرڻ جو ارادو هو. هينئر مير سهراب خان رڪن الدوله بهادر کي پنهنجي ارادي کان واقف ڪيو. مير ذي الشان پنهنجن ٻن سپهه سالارن مان نواب طاهر ۽ نواب ولي محمد خان لغاري کي لشڪر ڏيئي عمرڪوٽ ڏانهن روانو ڪيو. مير سهراب خان جو سپهه سالار سيد گولي شاهه به فوجن سميت ساڻن گڏيو. جوڌپور جي راجا امير خان روهيلي کي روهيلن ۽ راجپوتن جي لشڪر سان عمرڪوٽ ڏانهن روانو ڪيو. مير ڪرم علي خان شاعري مذاق رکندڙ هو. هن هڪڙي خط ۾ هڪڙي فارسي ۾ رباعي لکي موڪلي. خط مٿس اثر ڪيو، هن عمرڪوٽ وڃڻ کان انڪار ڪيو. راجا جي ٻن سپهه سالارن راجپوت لشڪر سان قلعي مان ويهي مقابلو ڪيو. نواب طاهر خان جيڪو خدمتگاري جي پيشي کان فوجي لياقت ۽ تجربي ڪري فتح سبزل ڪوٽ کان پوءِ نوابي جي رتبي کي پهتو هو، تنهن قلعي جي بنياد ۾ سرنگ هڻائي بارود ساڙايو جنهن ڪري قلعي جي ديوار ڪري پئي. ٽالپرن جي فوج اندر داخل ٿي. گهڻائي راجپوت مارجي ويا ۽ ڪي گرفتار ٿيا، باقي ڀڄي ويا. عمرڪوٽ تي ٽالپرن جو قبضو ٿي ويو(2). تاريخ وقائع راجسٿان ۾ لکيل آهي ته جوڌپور جي راجا 1807ع ۾ عمرڪوٽ تي قبصو ڪيو هو. ٽالپرن سنه 1813ع ۾ مٿس قبضو ڪيو. سنه 1835ع ۾ انگريزن ۽ جوڌپور جي راجا جي وچ ۾ ٻيو عهدنامو ٿيو، جنهن موجب راجا انگريز لشڪر پاڻ وٽ رکڻ جي عيوض هڪ لک 15 هزار رپيا انگريزن کي ڏيڻا ڪيا ۽ اهو به شرط پيش ڪيو ته انگريز عمرڪوٽ ٽالپرن کان کسي عمرڪوٽ جوڌپور جي حوالي ڪندا. ساڳي طرح جيسلمير جي مهاراول گج سنگهه به انگريزن کان شاهه ڳڙهه، گرسيا ۽ ڪوٽڙه قلعن لاءِ گهر ڪئي، جيڪي سهراباڻي سرڪار جيسلمير کان فتح ڪيا هئا. راول انگريزن سان واعدو ڪيو ته انگريزن جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ وقت هو، کين لشڪر لاءِ اُٺن جي مدد ڪندو.

شڪارپور تي ٽالپرن جو قبضو:

سنه 1747ع ۾ نادر شاهه جي پڄاڻي کان پوءِ سکر، بکر، شڪارپور دراني سلطنت جي ماتحت هئا. دراني سلطنت پاران شڪارپور ۾ نائب حڪومت هلائيندا هئا، وٽن 17 سؤ سوار فوج ۽ 143 توبون حفاظت لاءِ موجود رهنديون هيون. درانين جي خاتمي کان پوءِ بيگلربيگي قلات، ٽالپر، بهاولپور خودمختياري حاصل ڪئي. ڪشمير، ملتان ۽ ديره جات جا علائقا پشاور سميت رنجيت سنگهه ڦٻائي ورتا. شڪارپور جو دولتمند شهر واپار جو مرڪز هو، تنهن کي هر وقت خالصا فوج کان خطرو رهندو هو. ان ڪري امير رڪن الدوله بهادر بلوچي سردارن ۽ رئيسن کان فوجون وٺي، ڪن کي نقد ناڻو ڏيئي هڪڙو جرار بلوچي لشڪر سپهه سالار نواب ولي محمد خان لغاري ساڻ ڪري شڪارپور پهتو. مير مراد علي خان ۽ مير رستم خان به فوجن سميت شڪارپور پهتا. شڪارپور تي ان وقت نواب منصور خان حڪومت ڪندو هو، جيڪو 35هون نواب هو. نواب ولي محمد خان جمع خان بارڪزئي معرفت منصور خان کي شهر خالي ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليو. منصور خان مقابلي جو تاب جھلي نه سگهيو. شهر جي اٺن دروازن جون چاٻيون ٽالپرن جي سپهه سالار کي حوالي ڪري شهر کان نڪري ويو. ٽالپر اميرن جي هيءَ پوئين فتح هئي(1). نواب ولي محمد خان کي سندس سياسي حڪمت عملي جي عيوض امير رڪن الدوله بهادر 3 هزار اشرفيون انعام ڏنيون. مير صاحبن شڪارپور شهر جي انتظام لاءِ ٻه ڪچهريون مقرر ڪيون. شهداداڻي سرڪار پاران سيد ڪاظم شاهه نائب مقرر ٿيو. شهر جي سالياني اُپت جي ستن حصن مان چئن حصن جي رقم 54 هزار رپيا شهداداڻي سرڪار کي ملڻ لڳا. باقي ٽن حصن جي رقم چاليهه هزار رپيا سهراباڻي سرڪار کي ملڻ لڳا. هي واقعو سنه 1244هه/1824ع ۾ ٿيو. امير رڪن الدوله بهادر ۽ مير سهراب خان جو زمانو ٽالپرن جي دور جي اوج جو زمانو هو.

انگريزن جي طاقت اڳيان سنڌ جي حيثيت:

لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ هندستان خاص ڪري دکن ۾ انگريزن خلاف نفرت پکڙيل هئي. گورنر جنرل وٽ ايلفنسٽن ۽ سر جان مالڪوم ٻه زبردست ڇاڙتا هئا، جن مرهٽا سردارن جي پيشوا سان ڦيٽاڙو وجهي سنه 1818ع ۾ ٻي مرهٽا ويڙهه ۾ پيشوا جي مسند جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو. سنه 1819ع ۾ ٽين مرهٽا ويڙهه ۾ مرهٽا سردارن هولڪر، ڀونسلي، گائڪواڙ انگريزن جي آڻ مڃي. سنڌيا جنهن جو ڏؤنڪو اڳ دهلي ۽ ڪابل تائين ٻڌجڻ ۾ آيو تنهن کي انگريزن جھڪائي ڇڏيو. وچ هندستان جا شاداب علائقا ڪمپني سرڪار جي قبضي هيٺ اچي ويا. لارڊ هيسٽنگس ٺڳين ۽ هٿيارن جي زور تي پنجاهه هزار چورس ميل ملڪ ڪمپني سان لاڳو ڪيو. اهڙين حالتن پٽاندڙ سنڌ فتح ڪرڻ انگريزن لاءِ بلڪل آسان ڪم هو. کوسن جي سازش جي بهاني سان گورنر جنرل جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي مرضي هئي، مگر ميٽڪاف جي چوڻ تي ٽري ويو. کوسن ڪڇ تي جيڪي حملا ڪيا هئا، تن جو مکيه سبب هن ريت هو جو ڪڇين سنڌي واپارين ۽ حاجين جي قافلن کي بمبئي ڏانهن ويندي ڪڇ جي سرحد تي لٽيو هو(1). ٽالپر اميرن کي سموري خبر هئي. هو انگريزن جي قوت کان واقف هئا، ان ڪري معاهدي جي شرطن تي پابند هئا. جيئن انگريزن کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ وجھ نه ملي. ايلفنسٽن ۽ مالڪوم کي اُميد هئي ته سندن سياسي چالبازين جو ڪمپني قدر ڪري کين گورنر جنرل جو عهدو ڏيندي مگر اُهي پنهنجن ارادن ۾ ناڪام ۽ نامراد رهجي ويا. سندن اشڪ شوئي لاءِ ڪمپني کين گورنري جو عهدو ڏنو. ايترين فتحن هوندي به انگريز عملدارن هندستان ۾ سڌارن ڪرڻ بدران پنهنجا کيسا ڀريا. انگلينڊ کي به هنن فائدا ڏنا. ڳرين ڍلن مڙهڻ کان سواءِ هندستان جي هنرن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سفيد فام درندن هر طرح حيلا هلايا. هندستان جي رهاڪن جي مقابلي ۾ سنڌ جا آبادگار ميرن جي صاحبي اندر امن امان ۽ آسودگي سان زندگي بسر ڪري رهيا هئا.

لارڊ ائمهرسٽ جي پاليسي:

مارڪس آوهيسٽنگس کانپوءِ لارڊ ائمهرسٽ 1823ع کان 1828ع تائين هندستان جو گورنر جنرل ٿي رهيو. سندس ڏينهن ۾ برما جي پهرين ويڙهه لڳي. ڪمپني جا 13 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي ويا، پر فائدو ذري جيترو به نه پهتو. کٽل ڪمپني جي خزانن کي ڀرڻ لاءِ گورنر جنرل ڏيهي حڪمرانن کان زوري ڳرن قرضن ڏيڻ لاءِ گهر ڪرڻ لڳو. اوڌ جا نواب جن جو وجود دراني ڪاهن ۽ سنڌيا جي مقابلي لاءِ اڳ انگريزن لاءِ مفيد هو، هينئر بيڪار ٿي چڪو هو. پنجاب تي رنجيت سنگهه جي حڪومت هئي، وچ ايشيا جي فاتحن لاءِ هينئر اٽڪ ٽپڻ مشڪل هو. گورنر جنرل کي گهر ڪرڻ سان اوڌ جي نواب ڏهه لک پائونڊ قرض ۾ پهرين قسط ڏني ۽ ٻن سالن جي مدي اندر پنج لک پائوندن وڌيڪ ڏيڻ لاءِ هن انجام ڪيو. ناگپور جي ڀونسلي کي پنج لک پائونڊ ڏيڻا پيا. بنارس جي راجا کي ويهه هزار پائونڊ ڏيڻا پيا، بلڪه معزول پيشوا جو ڪمپني جي ٽڪرن تي پلجي رهيو هو، تنهن کي قرض ڏيڻ لاءِ وظيفي جي رقم مان بچت ڪرڻي پيئي. مٿين رقمن گڏ ڪرڻ جو سبب محض هي هو جو وائيسراءِ جي برما جي جنگ لڳڻ ڪري ولائت ۾ گهڻي بي عزتي ٿي هئي. مٿين بدنامي جي داغ کي مٽائڻ لاءِ گورنر جنرل ڏيهي نوابن ۽ راجائن جي ڳنڍ ڪپڻ لڳو(1). سنه 1848ع ۾ لارڊ ائمهرسٽ ولائت ڏانهن روانو ٿيو. برما جي جنگين ڪري کيس سنڌ ڏانهن رجوع ٿيڻ کان فرصت ڪانه ملي هئي ان ڪري سنڌ جو سوال نئين گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽڪ جي حوالي ڪري ويو، جيڪو 1835ع تائين گورنر جنرل رهيو.

مير ڪرم علي خان جي وفات:

سنه 1244هه/1828ع ۾ مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر ڪجھ ڏينهن بيمار رهي وفات ڪري ويو. سندس عاليشان مقبرو حيدرآباد شهر لڳ آهي ۽ مشرقي عمارت سازي جو نمونو آهي. وفات مهل پنهنجي پياري وزير مرزا خسرو بيگ کي وصيت ڪري ويو ته سندس سواري جي گهوڙي ”آزاد“ کي ماري ڇڏي ۽ سندس ترار کي حرم جي ڏيڍي تي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي. مير رڪن الدوله بهادر پنهنجي وقت جو سخن دان شاعر ٿي گذريو. سندس تخلص ڪرم هو. سندس فارسي غزلن جي مجموعي کي عبدالله خان قنڌاري سنه 1245ع ۾ مرتب ڪري مٿس ”ديوان ڪرم“ نالو رکيو. مير صاحب جي وقت ۾ سيد ثابت علي شاهه شاعر هو.

(1) B.D.Basu: Rise of the Christian Power in India, Vol.V, P. 160

(2) سنه 1695ع ۾ رحيم خان اوڙيسا جي هڪڙي افغان فسادي هوگلي کي لٽيو، جنهنڪري بنگال جي مغل نواب فرنگي واپارين کي پنهنجي بچاءَ لاءِ قلعن تعمير ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني. ڊچن چنشورا ۾ فرينچن چندر نگر ۾ انگريزن ڪلڪتي جو پايو وجهي اُتي فورٽ وليم قلعو تعمير ڪيو. شمله کان اڳ گورنر جنرلن جو صدر مقام فورٽ وليم قلعو هو.

(1) Kalichbeg Furedunbeg: History of Sindh, Vol.II, P.212

(1) J.Malcolm: History of Persia, Vol.II, P.213-214

(1)  امير دوست محمد خان سنه جلوس 1259هه، شير علي خان 1279هه، محمد افضل خان 1283هه، محمد اعظم خان 1285هه، شير علي خان ٻيهر 1296هه، محمد يعقوب خان 1297هه، عبدالرحمان خان 1319هه، حبيب الله 1337هه، امان الله خان 1347هه، حبيب الله (بچه سقه) 1348هه، محمد نادر شاهه

(1) Sir Lepell Griffin: Rulers of India Ranjit Singh, PP.200-6

(2) J.Wood: A Journey to the source of the River Oxus, CHP IV, PP.47-48

(3) H.H.Wilson: The History of British India, Vol.III, CHP.VII, PP.276-277 London

C.Masson: Narative of Various Journeys in Baluchistan, Afghanistan & the Punjab from 1826 to 1838, Vol,II. London, 1842

چارلس ماسن صاف ڏيکاريو آهي ته شاهه شجاع ۾ وڙهڻ جي همت ڪانه هئي.

(1) Sir Lepell Griffin: Rulers of India, “Ranjit Singh”, PP. 183-87

(1) B.D. Basu: Rise of the Christin Power in India, Vol. IV, P. 100

(2) تاريخ بلوچيان: سردار غلام رسول خان قرائي، ذڪر لغاري

(3) Frontier & Eoverseas expedition from India “Edward’s derajat”, Calcutta, 1910

(1) Lord Minto in India, from 1807-1814, P. 62, London, 1880

(1) B.D.Basu: Rise of Christian Power in India, Vol. IV, P. 93

(2) نوٽ: انگريزن جهڙي مهذب قوم جي حڪمراني جي دؤر ۾ هندستان جهڙو دولتمند ملڪ ڪنگال ٿيندو ويو. تنهن جي ابتدا لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن کان شروع ٿي، جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني کي واپار ڪرڻ لاءِ نئون چارٽر مليو هو. ٻي عالمگير جنگ جي زماني ۾ بنگال جو قحط انگريزن جي تاريخ ۾ نه مٽجندڙ داغ آهي.

(1) آب حيات: شمس العلماء مولانا محمد حسين آزاد، ذڪر ميراَنشاءِ، لاهور

تاريخ ادب اردو: رام بابو سڪسينا، ذڪر غازي الدين حيدر، نولڪشور، لکنؤ

(2) جنرل آڪٽرلوني پنجاهه ورهيه ڪمپني جي سول ۽ فوجي کاتن ۾ نوڪري ڪري چڱو نالو ڪڍيو هو. بدقسمتي سان لارڊ امهرسٽ جي ڏينهن ۾ جڏهن انگريز پهرين برما ويڙهه ۾ رڌل هئا، هن ڀرتپور سان سازش ڪري جنگ ڇيڙي. لارڊ امهرسٽ مٿس ناراض ٿي کانئس استعيفا لاءِ گهُر ڪئي. جيڪا هن 1825ع ۾ پيش ڪئي. سندس ايتري بيعزتي ٿي، جو ٻن مهينن اندر دلشڪستو ٿي هو ميرٺ ۾ مري ويو.

J.C.Marsham: Abridgment of the History of India, P. 354, London, 1893

(1) وقائع راجسٿان: مولوي نجم الغني، جلد پهريون، ص 206-217

(2) ڪرنل جيمس ٽاڊ 17 ورهين جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ ڀرتي ٿي هندستان آيو. وڏو چالاڪ هو، 1823ع تائين راجپوت رياستن مٿان برٽش ريزيڊنٽ ٿي رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي وطن اسڪاٽلينڊ ڏانهن ويو، جتي 1835ع ۾ مري ويو. سندس تاريخ راجسٿان جا ٻه ضخيم جلد مشهور آهن. هن وچ هندستان ۽ راجپوتانا جو نقشو 1815ع ۾ تيار ڪيو هو.

J.Tod: The Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, Appindix, PP. 729-37

(1) Malcolm: A Memoirs of Central India, Vol. I, P. 315, London, 1832

(2) J.E. Marsham: Abridgment of the History of India, P. 335

(3) H.H.Wilson: The History of British India, Vol. II, CHP. XI, PP. 315-16

(1) Dr. J.Burnes: A Narrative of a visit to the Court of Sindh, P. 194

Sir.J.Malcolm: The Political History of India, Vol. I, P. 548, London, 1926

(1) J.S.Cotton: Rulers of India, M.Elphinstone PP.169-70 oxford, 1892

(2) H.H.Wilson: The History of India, Vol.II, CHP.V, PP.123-24

(1)  نوٽ: ڊاڪٽر جيمس برنس اليگزينڊر برنس جو ڀاءُ هو. هن ٽالپرن جي درٻار ۾ جيڪي ڏٺو، سو قلمبند ڪندو ويو. سندس سفرنامو سنه 1831ع ۾ ايڊنبرگ مان شايع ٿيو.

(1) Kalichbeg Furedunbeg: History of Sindh, Vol.II, PP.218-19

(1) J.Burnes: A Narrative of a visit to the court of Sindh, P.110

(2)  مائونٽ سٽيوئرٽ ايلفنسٽن ڪمپني جو تجربيڪار عملدار هو. ديسي زبانن کان واقف هئڻ ڪري لارد ويلزلي گهڻو پسند هو. پهريان پوني جي انگريزي ريزيڊنٽ ڪرنل ڪلوز جو نائب مقرر ٿيو. وري جڏهن ڪلوز حيدرآباد دکن جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن ايلفنسٽن پيشوابا جي راءِ جي درٻار ۾ ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. سنه 1802ع ۾ ڪابل ڏانهن سفير ٿي ويو. 1819ع کان 1827ع تائين بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن هندستان جي تاريخ لکي.

(3) J.Douglas: Bombay & Western India, P.187 London, 1893

(1) Dr.H.R Gupta: Letter Moghal History of the Punjab, P.272

(2)  امير خان پٺاڻ جو پيءُ طالع خان اصل بُنير جي علائقي جو پٺاڻ هو. محمد شاهه جي ڏينهن ۾ هندستان ۾ آيو هو ۽ نواب محمد علي خان روهيلي وٽ نوڪر ٿيو. جڏهن محمد شاهه روهيل نواب تي ڪاهه ڪئي، تڏهن طالع خان جان بچائي سنڀل پهتو؛ جتي هن انتقال ڪيو. سندس پٽ محمد حيات خان کي نواب علي محمد خان روهيلي جي سپهه سالار ڊونڊي خان نوڪر رکيو. ڊونڊي خان جي مرڻ کان پوءِ حيات خان زمينداري پيشه ٿي گذران ڪرڻ لڳو. سنه 1182هه/1764ع ۾ هن وفات ڪئي. سندس پٽ امير خان پهريان غلام قادر روهيلي جي فوجن ۾ نوڪر ٿيو بعد ۾ 1806ع ۾ جسونت راءِ هولڪر جو سپهه سالار مقرر ٿيو. نربدا کان وٺي ستلج تائين راجپوتانا سميت فوج ڪشي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لڳو. مرهٽن جي شڪست کان پوءِ نومبر 1817ع ۾ هن انگريزن جي آڻ مڃي، کيس ٽونڪ جي رياست انگريزن کان ملي. 1250هه/1834 ۾ هن وفات ڪئي.

وقائع راجسٿان: مولوي نجم الغني، جلد: 2، ذڪر ٽونڪ، شاهنامه سنڌ، ص. 90

(1) شڪارپور شهر کي لکي، هزاري، هاٿي، خانپوري، ڪرن، واڳڻو، سيوي، نوشره نالي اٺ دروازا هئا.

Kalichbeg Furedunbeg: History of Sindh, Vol.II, P.220

(1) J.W.Kaye: selection  from the Pepers of Lord Metealfe, 1819-1820, PP.46-48

(1) Ludlow. Jhon Malcolm: History of British India, London, 1859

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org