سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:13 

باب اٺون

مير مراد علي خان ”امير الدوله بهادر“

مير مراد علي خان جو گادي تي ويهڻ:

16 جمادي الثاني سنه 1244هه/1828ع ۾ ڀاءُ جي وفات کان پوءِ شاهه مراد علي خان امير الدوله بهادر گادي تي ويٺو. پهرين چؤياري جو پويون فرمانروا هو. هن سياڻپ سان حڪومت هلائي. بلوچي سردارن کي اتحاد ۾ منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. رنجيت سنگهه، ڪڇ ۽ مارواڙ جي راجائن، مسقط جي امام، بيگلر بيگي قلات، ايران جي قاچار فتح علي شاهه سان سندس دوستاڻا لاڳاپا هئا. شاهه قارچار کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو، پر مير  نامدار پيرسني ڪري منظور نه ڪيو. سندس ڏينهن ۾ هيڪر وري شاهه شجاع وٽس مهمان ٿي لٿو. مير صاحب شڪارپور شهر جي آمدني معزول بادشاهه کي بطور مهماني ڏيئي اُماڻيو.

ٽالپري سڪو رائج ڪرڻ:

سنڌ هينئر ڪابل کان بلڪل آزاد هئي، ان ڪري مير مراد علي خان امير الدوله بهادر پنهنجو سڪو رائج ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ضرب خانو جاري ڪرايو ۽ حڪم ڏنو ته شاهي خزاني ۾ جيڪا به چاندي ۽ سون گڏ ٿيل آهي، سو رعايا جي ملڪيت آهي منجهانئس رپيا ۽ اشرفيون تيار ڪجن. مٿيون ڪم وقت جي ڪاريگر اوستي فتح محمد خان جي سپرد ڪيو ويو، جنهن رپيا ۽ اشرفيون تيار ڪيون. ٽالپري رپئي جي قيمت ڪمپني جي ڏهن آنن جيتري هئي، ان ڪري ماڻهو گهڻو ڪري ڪمپني جا رپيا پسند ڪندا هئا. سنڌ ۾ اطالوي ۽ پرتگالي اشرفيون به چالو هيون(1). امير الدوله بهادر جي زماني ۾ سنڌ ۾ پهريون دفعو ٽالپري سڪو رائج ٿيو(2).

بلوچن خلاف سپريم گورنمينٽ کي شڪايت:

کوسن جون ڪاروايون ڪڇ جي سرحد تي دستور موجب چالو رهنديون آيون. انگريز 25 لشڪرن سان مظاهرا ڪرڻ لڳا. سنه 1832ع ۾ کوسن پالنپور جي هڪڙي سيٺ کي اسلام ڪوٽ وٽ ڦريو. ساڳي سال بلوچن رحمڪي بازار کي لُٽيو. کوسن سان واگهيلا به شامل هئا. ڀڄ جي انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر هڪڙي پاسي ٽالپرن کي شڪايت ڪئي، ٻي پاسي 7- مئي 1832ع ۾ ڪلڪتي جي سپريم ڪورٽ کي رپورٽ ڪئي. گورنر جنرل اجمير جي انگريز ريزيڊنٽ کي جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ حڪم ڏنو. ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اهو مطلب هو ته مارواڙ جا راجا انگريزن کي کوسن سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏجي مدد ڪن. انگريزن جي خاص مرضي هئي ته سنڌ تي ڪاهه ڪن. مير مراد علي خان امير الدوله بهادر سڀني بلوچ سردارن کي فوجون گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. رئيسن ۽ جاگيردارن جي رتبن ۾ اضافو ڪيو ۽ ڪن کي سندون ۽ پروانا لکي ڏنا. کوسن جا واقعا ماڻڪاڻي سرڪار جي حدن ۾ ٿي گذريا. مير ٺاري خان کي ٽي فرزند مير غلام الله، مير غلام حيدر، مير علي مراد هئا، جن مان پويون سندس وفات کان پوءِ گادي تي ويٺو. هو وڏو فياض هو، ان ڪري سخي جي لقب سان سڏبو هو. مير علي مراد خان ماڻڪاڻي به بلوچي رئيسن ۽ شاهي خاندان وارن ٽالپرن کي جاگيرون ڏنيون. فوجي استحڪام کان پوءِ امير الدوله بهادر درٻاري مدبرن مان سيد باقر شاهه کي ڀُڄ ڏانهن ايلچي ڪري روانو ڪيو، جنهن انگريز ريزيڊنٽ کي پڪ ڏني ته ٽالپر اميرن جو کوسن جي ڦُرلُٽ سان ڪو واسطو ڪونهي. مٿين تصدين کان پوءِ برٽش ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽينجر ڪپتان رابرٽ ۽ ڪرنل لچ فيلڊ کي فوجون ڏيئي کوسن جي گرفتاري لاءِ روانو ڪيو. ڪمپني جا ايجنٽ ڪنهن به ملڪ نسبت جيڪا رپورٽ پيش ڪندا هئا ته، ڪمپني سرڪار سندن رپورٽن کي وزن ڏيندي هئي. اهڙن ايجنٽن مان ڪرنل پاٽينجر، سر هارڊ فورڊ جونس،
سر گوراوزلي، ايلفنسٽن، لارڊ منٽو، ڪرنل جيمس ٽاڊ، سر جان مالڪوم نام ڪٽيا ايجنٽ ٿي گذريا. ان وقت سرجان مالڪوم بمبئي جو گورنر هو ۽ ڪرنل هينري پاٽينجر سندس پاران ڀڄ ۾ ريزيڊنٽ هو. انڪري ضروري هو ته گورنر جنرل سندس رپورٽن موجب جوڳو قدم کڻي
(1). 20- آڪٽوبر تي پوني جو لشڪر بمبئي کان روانو ٿيو. ٿرپارڪر کي خطرو هو، ان ڪري ٽالپرن جي بي آرامي پکڙجي وئي. امير الدوله بهادر منشي سيد رحمت الله سان بلوچي سردارن کي هم رڪاب ڪري ٿرپارڪر ڏانهن موڪليو. ٿرپارڪر جي سياسي حلقن ۾ مختيارڪار سردار غلام شاهه لغاري کي حڪم مليو ته بلوچي وفد سان گڏجي حالتن کي جاچي درٻار کي رپورٽ پيش ڪري. مگر گورنر جنرل کي اچڻ سان پنڊارين سان مقابلو ڪرڻو پيو، ان ڪري سنڌ جي سرحد تي انگريز فوجي نمائش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه قدم کڻي نه سگهيا. في الحال کوسن جو سوال اتي ختم ٿي ويو، پر هو ڦُرلُٽ ڪرڻ کان هرگز باز نه رهيا(2).

سيد احمد بريلوي جو سکن خلاف جهاد:

ايسٽ انڊيا ڪمپني جي راڄ ۾ انگريزن جي پاليسي هندستان اندر مسلمانن جي خلاف هئي. سنه 1803ع ۾ لارڊ ليڪ جي فوجن اسلامي سلطنت جي مرڪز دهلي تي قبضو ڪيو. مغل شهنشاهه فقط نالي طور شهنشاهه هو. پر ڪمپني جي دفتري زبان فارسي هئي ۽ سلطنت جي کاتن جو ڪاروبار گذريل مغليه نظام حڪومت وانگر هلي رهيو هو. انگريزن نئين مغربي تهذيب جو بنياد وڌو. هندن ان کي منظور ڪيو، ان ڪري عهدا هندن کي ملڻ لڳا. ڪمپني جي ڪورٽ جي ڊائريڪٽرن انگريز عملدارن کي هندستان اندر هدايت ڪئي ته عربي زبان بدران سنسڪرت کي ترقي ڏيارين. نوبت ايتريقدر پهتي جو مسلمانن کي پنهنجي مذهب ۽ اسلامي تهذيب جي حفاظت ڪرڻ جو خيال جاڳيو. اسلامي سلطنت جي اقبال کي مٽندو ڏسي، مغربي تهذيب جي سيلاب کي روڪڻ لاءِ شاهه ولي الله دهلوي سنه 1735ع ۾ ڪتاب ”حجت البلاغه“ معرفت مسلمانن کي سجاڳ ڪيو. تنهن کان پوءِ 1737ع ۾ شاهه صاحب قرآن شريف جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. بلڪ شاهه صاحب هندستان کي ”دارالحرب“ جنگ جو ميدان سڏڻ لڳو(1). سندس ٻن فرزندن شاهه عبدالعزيز (المتوفي 1824ع) ۾ شاهه رفيع الدين (1749ع-1818ع) ۽ شاهه عبدالقادر (1753ع-1815ع) قرآن شريف جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. منجهانئس شاهه عبدالقادر جو ترجمو سندن مريدن مان سيد عبدالله 1829ع ۾ هوگلي مان شايع ڪرايو. ائين چوڻ درست ٿيندو ته انگريزن جي اچڻ کان پوءِ پهريون دفعو هندستان جا مسلمان قرآن شريف جي ترجمي کان واقف ٿيا. شاهه عبدالعزيز ”ترغيب محمديه“ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن کي وهابي تحريڪ سڏين ٿا. بلڪ شمس الهند شاهه عبدالعزيز فتويٰ ۾ ڏيکاريو ته انگريزي زبان سکڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪوبه مسلمان انگريزي تهذيب اختيار ڪندو ته ڪافر سڏبو. 19هين صدي جي شروعات ۾ هندستان جا مسلمان پنهنجي سياسي زوال کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ بيدار ٿيڻ لڳا. اسين اڳ ڏيکاري چڪا آهيون ته مٿين تحريڪ ڪري سنڌ ۾ پهريون دفعو مٽيارين جي مخدوم عزيزالله (المتوفي 1272هه) ۾ قرآن شريف جو پهريون سنڌي ترجمو تيار ڪيو، جيڪو ڪيترائي دفعا بمبئي ۾ ڇپجي سنڌ وارن لاءِ بيحد برڪت ۽ خير جو باعث بڻيو. رنجيت سنگهه جي ڏينهن ۾ پنجاب اندر سکن جيڪي مسلمانن تي ظلم ڪيا، تن جي خلاف شاهه عبدالعزيز جي ٻن مريدن سيد احمد بريلوي ۽ شاهه اسماعيل شهيد جهاد جو اعلان ڪيو.

سنڌ جي حُرن جو جهاد ۾ حصو وٺڻ:

سنه 1824ع ۾ سيد بريلوي حيدرآباد سنڌ پهتو. سيد صبغت الله شاهه کيس حُرن جو دستو امداد طور ڏنو. ڇاڪاڻ جو بنگال کان وٺي ياغستان تائين جهاد جو مسلمانن جهنڊو بلند ڪيو هو. سنڌ کان بولان رستي سيد احمد ياغستان پهتو ۽ 23- جون 1830ع ۾ هن سکن کان پشاور فتح ڪيو. پر پوءِ مريدن جي سازش ڪري پنهنجي خليفي اسماعيل سميت مئي 1831ع ۾ سکن سان وڙهندي شهيد ٿيو(1).

بيروني واقعات ۽ لارڊ وليم بنيٽڪ جي پاليسي:

انگلينڊ ايران سان معاهدو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪابه مغربي طاقت روس تي دٻاءُ وجهي ايران تي حملو ڪندي ته انگريز ايران جي مدد ڪندا. سنه 1826ع ۾ روس ايران تي ڪاهه ڪئي. انگلينڊ ڪابه مدد ڪانه ڏني، ڇاڪاڻ جو يونان جي مسئلي سبب انگلينڊ ۽ روس ترڪي خلاف پاڻ ۾ ٻٽ هئا. برطانوي وزير خارجه لارڊ ڪئننگ شاهه ايران کي ٿوري رقم ڏيئي پرچاڻي ڪئي. سنه 1828ع ۾ ايران شڪست کاڌي، روس جو ايران تي اثر پوڻ لڳو. سنڌ اهڙو ملڪ هو، جنهن تي قدم ڄمائڻ سان انگريز پنجاب، ڪابل ۽ ايران تي چڪاس رکي ٿي سگهيا. لارڊ وليم بنيٽڪ جي پاليسي گذريل گورنر جنرلن وانگر لُٽ مار هئي. مڪالي سندس باري ۾ لکي ٿو ته هن کي هندستانين جي سڌاري جو گهڻو خيال هو. ان ۾ شڪ ڪونهي ته هو هندستان جي حالتن کان واقف هو.گورنر جنرل ٿيڻ کان اڳ مدراس جو گورنر هو. انگريزن وانگر افغان، مغل فرمانروا به ڌاريا هئا، مگر انهن هندستان کي وطن جوڙي هن ملڪ جي خاڪ ۽ خون سان گڏجي ويا. هندستان جي دولت هن ملڪ ۾ خرچ ٿيڻ لڳي. سندن مقابلي ۾ هندستان کي انگريزن پنهنجو وطن ڪين جوڙيو. منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين اُهي ڌاريا ٿي رهڻ لڳا. هن ملڪ جي دولت تي انگلينڊ جا ڪٽنب پلجڻ لڳا. عيسائي پادرين جي ذليل لٽريچر ڪري مسلمان نالان هئا. نئين چارٽر ملڻ ڪري فرنگي واپارين هندستان جي وڏن شهرن ۾ دڪان کوليا هئا، جتان هندستان جو دولتمند طبقو بيئر، ولائتي شراب خريد ڪندي سندن قرضن هيٺ پيڙجي رهيا هئا. شيشي، چيني جا برتن، شمعدان، وڍ ڪٽ ۽ بارود جو سامان نيون شيون هيون، جن جا هندستاني خريدار هئا. جيئن ظاهري اهي شيون هندستانين لاءِ عجيب ۽ غريب هيون، تيئن باطني طور سازشون ۽ ٺڳيون ڪرڻ انگريز واپارين جو شيوو هو. مثال لاءِ پامر ۽ ڪمپني جو مالڪ لارڊ هيسٽنگس جو مائٽ هو. سندس دڪان حيدرآباد دکن ۾ هو، خود نظام جهڙو حاڪم سندس مقروض هو. انگريزي علائقن ۾ پوليس ۽ فوج جو انتظام هو، مگر ڳرين ڍلن ڪري رعايا پريشان هئي. فوجي عملدارن جي نظر  ۾ هندستان جا نواب ۽ راجا دولتمند هئا، تن کي لُٽڻ لاءِ اهي هر وقت ساڻن جنگيون ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڇاڪاڻ جو جڏهن انگريز فوج ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ڪندي هئي ته لُٽ مار مان انگريزي توڻي ديسي سپاهين کي حصو ملندو هو. اهڙي لُٽ مار کي پرائيزمني سڏيندا هئا. مدراس کاتي جي ديسي سپاهين جو ماهوار پگهار ساڍا ست رپيا ۽ بنگال جي سپاهين کي ساڍا پنج رپيا ماهوار پگهار ملندو هو. کين سال ۾ هڪڙو بنات جو ڪوٽ ۽ ٽن سالن کان پوءِ هڪڙي پتلون ملندي هئي. ان ڪري سپاهين جون ڊريسون بلڪل پراڻيون هيون. ديسي فوجن ۾ اڪثر مدراسي، مرهٽا، بنگالي، اوڌ ۽ يوپي جا پوربي ۽ اُتر اولهه هندستان جون قومون ڀرتي ٿينديون هيون. هڪڙو جهوني ۾ جهونو ديسي سپاهي صوبيدار يا ميجر صوبيدار جي عهدي کان مٿي هرگز چڙهي ڪين سگهندو هو. فقط ڦرلٽ ڪرڻ جي لالچ ڪري اهي بدنصيب ڪمپني جي فوجن ۾ ڀرتي ٿيندا هئا. بمبئي ۽ مدراس جي ديسي سپاهين کي ناتال جي موقعي تي ٿورا گهڻا تحفا ملندا هئا، مگر بنگال جا سپاهي اهڙين نوازشن کان محروم هئا. پراڻا فوجي انگريز عملدار ديسي سپاهين سان عزت سان پيش ايندا هئا. نوان عملدار جيڪي ولايت کان بدلي ٿي ايندا هئا، تن جي ديسي سپاهين سان هلت نهايت انسان سوز هئي. غصي وقت اُهي ديسي سپاهين تي درندن وانگر حملا ڪندا هئا. شريف هندستانين کي هر وقت منجھانئن خوف رهندو هو. مثال لاءِ 30 آڪٽوبر 1824ع ۾ بنگال جي ديسي فوجن کي جھاز رستي برما جي جنگ تي وڃڻ لاءِ حڪم هو. حالانڪه بدنصيب سپاهين کي ڏيڍ مهيني کان پگهار ڪين مليو هو. سندن ٻچا بک مري رهيا هئا. سر ائڊورڊ پئگٽ نئون ڪمانڊر ان چيف بلڪل شوخ طبع فرنگي هو. سپاهين پگهار لاءِ گهُر ڪئي. فقط ان قصور ڪري ڪمانڊر کي اهڙو غصو لڳو جو هن بي هٿيار سپاهين کي بارڪپور ڇانوڻي ۾ پريڊ لاءِ حڪم ڏنو، جڏهن هو سڌا سنوان ٿي بيٺا ته پٺيان انگريزي سولجرن مٿن توبن سان باهه وسائي، غريب سپاهي بدحواسي جي عالم ۾ ڀر واري ندي ۾ ٽپي پيا مگر سمورا سولجرن جي گولين جو شڪار ٿي ويا. وري جيڪي منجھانئن سلامت بچيا، تن کي سولي تي لٽڪايو ويو(1). انگريز سولجرن کي کاڌو، ڪپڙو ۽ پگهار چڱو ملندو هو، تنهن هوندي به هميشه کٽل رهندا هئا. پنهنجا هٿيار ۽ سامان وڪڻي گذر ڪندا هئا. نيلا جا دڪان شهرن ۾ سندن اچڻ ڪري کُليا. مغليه دور ۾ فحاشي ۽ بدمعاشي جي اڏن کي شهرن ۾ اجازت ڪانه هئي. اڪثر شهرن کان ٻاهر هوندا هئا. سولجرن ڪري هندستان جي هر هڪ شهر ۾ فحاشي جا اڏا کلي ويا،  جنهن ڪري طرحين طرحين وچڙندڙ بيمارين هندستان ۾ منهن ڪڍيو.

ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ايجنٽ جيڪي نوابن جي درٻارن ۾ رهندا هئا، سي گهڻو ڪري فوجي عملدار هئا. اهي ڪوشش ڪري غلط رپورٽون سپريم ڪائونسل کي پيش ڪندا هئا، جيئن جنگيون لڳن ۽ فوجي عملدارن کي لٽ مار مان حصا ملڻ، اهي مکيه سبب هئا جو هندستانين کي طرحين طرحين تڪليفون ڏيئي بلوه لاءِ انگريز عملدار آماده ڪري رهيا هئا. انعام جي قيمت ۾ گورنر جنرل به حصيدار هئا. مثال لاءِ لارڊ هيسٽنگس جي ڏينهن ۾ ڪمپني سرڪار ڏيوالپڻي جو شڪار هئي ک پر چئن جنگين ڪرڻ کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني کيس لکن پائونڊن جي جاگير عطا ڪئي. سنه 1826ع ۾ انگريزي فوجن ڀرتپور جهڙي مضبوط قلعي کي ڏهه هزار بارود جي پائونڊن جي وزن سان سرنگهه وسيلي ڪيرائي راجا دروجن سال کي شڪست ڏني. انگريزن کي بيشمار زر ۽ جواهر هٿ لڳا، جن مان 48 لک رپيا پرائيز مني طور فوجن ۾ ورهايا ويا. ڪمانڊر ان چيف ڪومبر ميئر کي اٺ لک رپيا انعام جو حصو مليو(1). لارڊ وليم بينٽڪ جي ڏينهن ۾ ڪرگ فتح ٿيڻ وقت هر هڪ انگريز ڪرنل کي 25 هزار، ليفٽننٽ ڪرنل کي 15 هزار، ميجرن کي ڏهه هزار ۽ في ڪپتان کي 5 هزار رپيا انعام طور مليا هئا(2).حالانڪه اُتي جي راجا ٽيپو سلطان سان جنگين ڪرڻ وقت انگريزن کي مدد ڏني هئي. ڪمپني سرڪار ساڻس جيڪو دوستاڻو معاهدو ڪيو هو، تنهن ۾ ڏيکاريل هو ته جيسين زمين، آسمان، سج، چنڊ موجود آهن، تيسين انگريز ساڻس دوست ٿي رهندا.

ايسٽ انڊيا ڪمپني جا عملدار غدار هئا:

راجا جو قصور فقط هي هو جو ڪرگ جو ملڪ زرخيز هو، آبهوا ٿورن لاءِ مفيد هئي. مٿيون ڳالهيون ٽالپر تاريخ سان ڪو واسطو نه ٿيون رکن، مگر اسان جي بيان ڪرڻ جو مطلب هن ريت آهي ته جيڪي طالب علم ميرن جي راڄ کي ناقص سمجھن ٿا، سي ان زماني جي ڪمپني جي راڄ ۽ سندس فرعون دماغ عملدارن جي بي وفائي ۽ فرعونيت کان واقف ٿين ۽ کين خبر پئي ته ڪيئن انگريزن دغا ۽ فريب سان هندستان جا علائقا فتح ڪيا هئا ۽ نوابن ۽ راجائن سان ڪهڙا پير کنيا هئا. مغل شهنشاهه وٽ قلعه معليٰ ۾ فقط ڪاٺ جو طائوسي تخت وڃي رهيو هو، کيس جيڪي انگريزن پاران وظيفو ملندو هو، سو سندس گذران لاءِ ناڪافي هو. هن لنڊن جي سرڪار ڏانهن راجا راءِ موهن کي پنهنجي پاران وڪيل ڪري موڪليو هو ته سندس فريادن کان لنڊن سرڪار واقف رهي. اهڙيءَ طرح اوڌ جي نوابن جو زرخيز ملڪ ۽ خزانو ڪمپني جي عملدارن جي اکين تي بار وانگر هئا. کانئن تنگ ٿي لکنؤ درٻار ڊوبوئس نالي هڪڙي فرينچ کي بطور وڪيل جي لنڊن ڏانهن روانو ڪيو هو ته ڪمپني جي ظلمن ۽ واعدي خلافين کان لنڊن سرڪار کي واقف ڪري. ڇاڪاڻ جو ديسي نوابن ۽ راجائن وٽ جيڪي پوليٽيڪل ايجنٽ رهندا هئا، سي سڌا سنوان گورنمينٽ سيڪريٽري جي ماتحت هئا. کين ديسي رياستن جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جا اختيار مليل هئا. هو جيڪي فيصلا ڪندا هئا، حڪومت سواءِ باز پرس ڪرڻ جي سندن فيصلن کي منظور ڪندي هئي. مغل شهنشاهه جي وظيفي کي گهٽائي آل تيمور جي بي عزتي ڪئي ويئي. پيشوا برهمڻ جي حويلي کي بدنام ڪيو ويو. جھانسي جي گادي جو سوال، جئه پور ۽ اڌيپوري جي نااتفاقي مان فائدو وٺي جوڌپور سرڪار تي دٻاءُ وجھي سانڀر جي قيمتي ڍنڍ تي انگريزن جو قبضو ڪرڻ، ڪڇ جي جاڙيجن جون زمينون کسي کين مفلس ڪرڻ چند مثال آهن. جن مان ريزيڊنٽن جي ناانصافين ۽ غدارين جو آساني سان پتو پئجي سگهي ٿو. هندستان جي حڪمران طبقي کي وٺي ويندي غريب ڪڙمي طبقي تائين سڀ انگريزي راڄ کان تنگ هئا، مگر بيوس هئا. ڇاڪاڻ جو انگريزن وٽ اعليٰ قسم جا هٿيار هئا.

انڊس نيوي گيشن ڪمپني:

ايم. ايلفنسٽن 1819ع کان 1827ع تائين بمبئي جو گورنر رهيو. سندس ڏينهن ۾ هندي وڏي سمنڊ، عربي سمنڊ، ايراني نار، بحيره قلزم تائين اڳ جيڪي بحري ڌاڙيل عرب لٽ مار ڪندا هئا، تن بمبئي ٻيڙي کان شڪست کاڌي. انگريزي ٻيڙي جو سڪو سمنڊن مٿان جاري ٿي ويو(1). لارڊ وليم بينٽڪ جي زماني ۾ چٽگانگ کان ويندي ڪراچي تائين ڪمپني سرڪار جو سڪو جاري ٿي ويو. ايتري بحري ۽ بري سطوت ۽ جبروت اڳيان پنجاب، قلات يا سنڌ جي ٽالپر حڪومتن کي ڪهڙي مجال هئي جو مقابلو ڪري سگهن. مٿيون حڪومتون انگريزن جي نظر ۾ دراني سلطنت جا ڇڳل حصا هئا. خود رنجيت سنگهه جنهن وٽ اسي هزار تربيت يافته خالصا فوج هئي تنهن جو چوڻ هو ته پيشوا جي ٽي لک سوار فوجن کي انگريزن شڪست ڏني ته ٻيو ڪير هندستان اندر سندن مقابلو ڪري سگهندو. ٽالپر حڪومت ته ايلفنسٽن جي بيان موجب ڪمپني جي عملدارن لاءِ هڪڙي سياسي مشغولي هئي. وچ هندستان مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن رجوع ٿيو. هن سنڌو ندي تي واپار ڪرڻ لاءِ ”دي نيويگيشن آو انڊس“ جي نالي سان هڪڙي جهاز ران ڪمپني تيار ڪرڻ جو خيال هو. اها ڪمپني حقيقت ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ سياسي موت جي سزا جي گهنٽي هئي. مٿين تحريڪ جو باني موئرڪرافٽ نالي هڪڙو انگريز هو، جنهن سنڌوندي وارن ملڪن جي ڪشمير ۽ هماليه جبل تائين سياحت ڪئي هئي. هن لارڊ وليم بينٽڪ کي پڪ ڏني هئي ته سنڌو درياءَ جهاز راني ڪرڻ لاءِ مفيد آهي(1). گورنر جنرل ارادو ڪيو ته جنهن ندي تان سڪندر مقدوني لنگهيو هو سو رستو واپار لاءِ کليل رهي. پنجاب جي خالصا سرڪار يا سنڌ جا ٽالپر جيڪڏهن رڪاوٽون وجھن ته انهن کي هر ڪنهن حيلي سان هٽائجي. سندس نظر ۾ واديء سنڌ واديء گنگا کان وڌيڪ دولتمند هئي. بمبئي جي گورنر سر جان مالڪوم به ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن ڪمپني سرڪار کي اتر اولهه کان خطرو محسوس ٿيو ته ان حالت ۾ انگريزن کي سنڌو درياءَ تي لازمي طور قبضو ڪرڻو پوندو. مٿين تحريڪ ظاهري واپار ڪرڻ لاءِ کڙي ڪئي ويئي هئي، پر انگريزن جي خاص مراد هئي ته سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ سنڌو درياءَ کي جاچي ڏسجي ۽ سندس سروي ڪئي وڃي.

انگريزن جو سنڌوندي تي سفر ڪرڻ:

سر جان مالڪوم ڪلڪتي جي سپريم گورنمينٽ کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنهن ۾ هن ڏيکاريو ته جيڪڏهن اسين سنڌوندي تي جهاز راني ڪنداسون ته پڪ بلوچ امير اعتراض اٿاريندا. انباري ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ اسان کي فوجي اپاءُ وٺڻا پوندا. وڌيڪ هن ڏيکاريو ته بلوچي امير ڌاريا آهن. سندن ظلمن ڪري رعايا کانئن تنگ آهي. جيڪڏهن اسين ٿوري ڪوشش وٺنداسون ته گهڻائي سنڌ جا رئيس اسان جو طرف وٺندا. حيدرآباد جو قلعو ايترو مضبوط ڪين آهي جو اسان جي توبخاني جي آتش بازي کي روڪي سگهي. مٿيون مسودو جڏهن سپريم گورنمينٽ کي پهتو تڏهن ڪمپني سرڪار سنڌو درياءَ جي سروي ڪرڻ جي سوال کي کنيو. مگر سوال هو ته ڪهڙي بهاني سان درياءَ تي سفر ڪجي. ڇاڪاڻ جو هندستان جي نوابن ۽ راجائن جي مقابلي ۾ ٽالپر مير معاهدي جي شرطن تي بلڪل سختي سان پابند هئا. سر چارلس ميٽڪاف جو گورنر جنرل ڪائونسل جو ميمبر هو، تنهن مٿئين سوال جي مخالفت ڪندي آڪٽوبر 1830ع ۾ چيو ته ”جيڪڏهن اسين سروي ڪنداسون ته پڪ ڪامياب ٿينداسون، مگر ٽالپر مير اسان جي حڪومت تي ويساهه رکڻ بدران دشمن ٿي بيهندا. هندستان جي ڏيهي حڪمرانن ۾ اسان جو نالو اڳيئي بدنام ٿي چڪو آهي. هينئر جيڪڏهن سنڌوندي تي جھاز راني ڪنداسون يا سنڌ تي قبضو ڪنداسون ته دنيا کي پڪ ٿي ويندي ته انگريز دغا باز آهن.“ لارڊ وليم بينٽڪ ڪٽر عيسائي هو، تنهن ميٽڪاف جي صلاح يا صاف گوئي جي ڪا پرواهه ڪانه هئي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته رنجيت سنگهه ويهن ورهين کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ارادا ڪري رهيو هو. پر هينئر پيرسن هو، کيس ايتري مجال ڪين هئي جو ڪمپني سان ڦٽائي سگهي. شراب نوشي ڪري سندس صحت ڪمزور ٿي چڪي هئي. گورنر جنرل ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي بورڊ کي لکيو هو ته واپار جي بهاني سان سنڌوندي جي ٻنهي ڪپن تي فوجون لاهجن. جيڪڏهن بلوچي امير اعتراض ڪن ته کين جواب ڏجي ته واپار جي ڪوٺين جي سلامتي لاءِ فوجن جو رکڻ ضروري آهي. سنه 1831ع ۾ ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي بورڊ جي صدر لارڊ ايلن برو گورنر جنرل کي سنڌ جي طبعي حالتن جاچڻ ۽ سنڌوندي جي ماپ وٺڻ لاءِ اجازت ڏني(1). سنه 1828ع ۾ جڏهن لارڊ ائمهرسٽ ولائت ڏانهن وڃڻ لڳو، تڏهن رنجيت سنگهه انگلينڊ جي بادشاهه ڏانهن هڪڙو ڪشميري شال جو تنبو سوکڙي طور روانو ڪيو هو. فرنگي جيڪي سنڌوندي جي ماپ وٺڻ لاءِ منتظر هئا، تن کي اهڙو بهانو هٿ لڳو جنهن کي ٽالپر مير به رد ڪري نه سگهيا. هن خيال ڪيو ته انگلينڊ جي بادشاهه جارج چوٿين پاران سوکڙيون سنڌ رستي رنجيت سنگهه ڏانهن روانيون ڪجن. هنن ڇا ڪيو جو هڪڙي چؤچاڪي گهوڙي گاڏي جيڪا لارڊ منٽو
سر جان مالڪوم کي سوکڙي طور ڏني هئي ۽ ڪي انگريز گهوڙا پنجاب ڏانهن موڪلڻ جو ارادو ڪيو. ڪڇ جي انگريزي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽينجر صلاح ڏني ته جيڪڏهن خشڪي رستي گهوڙي گاڏي رواني ڪبي ته ڀڄي پوندي ان ڪري درياءَ رستي موڪلڻ کپن. ڪمپني سرڪار اليگزينڊر برنس کي سوغاتن
 نيڻ لاءِ ايلچي مقرر ڪيو(2).

اليگزينڊر برنس:

اليگزينڊر برنس جي وفد ۾ مسٽر جي.ڊي.ليڪي ۽ محمد علي نالي ٻه سرويئر، ٻه ڊاڪٽر هڪڙو جيرارڊ انگريز ٻيو هڪڙو ديسي حڪيم، منشي موهن لعل ڪشميري جنهن دهلي ۾ تعليم ورتي هئي ۽ ٻيا ڪي نوڪر هئا. کانئس اڳ راجپوتانا جي انگريزي ريزيڊنٽ ڪرنل جيمس ٽاڊ سنه 11-1810ع ۾ شيخ ابو البرڪات ۽ مداري لعل نالي ٻه ڇاڙتا سنڌ جي طبعي حالت کي جاچڻ لاءِ روانا ڪيا هئا، جن سمورو احوال پيش ڪيو هو. هينئر فقط سنڌوندي جي ماپ جو ڪم اليگزينڊر برنس جي سپرد ڪيو ويو. 21 جنوري سنه 1831ع ۾ فرنگي وفد ڪڇ جي بندر مانڊوي کان روانو ٿي، 28- جنوري سنڌوندي جي ڇوڙ وٽ جهاز ذريعي پهتو. برنس خط ذريعي ٽالپري نائب کي پنهنجي ارادي کان واقف ڪيو. ٽالپر اميرن کي ڪمپني سرڪار جي ارادن جي پوري خبر هئي. مگر جنهن صورت ۾ انگريزن جو مير صاحبن سان ڦٽائڻ جو ارادو هو، ان ڪري جڏهن به ڪو سندن پاران وفد يا وڪيل سنڌ ڏانهن ايندو هو ته اجازت وٺڻ بغير ايندو هو. اڳ اجازت وٺي پوءِ ايندا هئا. هن دفعي وفد سان موهن لعل منشي ٻه رتيون ڪسر هو(1). جنهن صورت ۾ برنس اجازت ڪانه ورتي هئي، ان ڪري بلوچي مسلح سپاهي سندس جھازن تي ڪاهي ويا ۽ سندس صندوقن کي کولي ڏٺو. بلوچن کي شڪ هو ته صندوقن ۾ انگريز سولجر لڪل آهن(2). هنن وفد کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. مير صاحبن کي پڪ ٿي ته سنڌوندي جي ماپ وٺڻ کان پوءِ انگريز ضرور سنڌ تي ڪاهه ڪندا(3). اي برنس سمورو احوال ڪرنل پاٽينجر کي لکي موڪليو. قضا سان اهڙو طوفان لڳو جو سندس ٻيڙين کي نقصان پهتو، هو موٽي مانڊوي ڏانهن ويو. ڪرنل پاٽينجر مير صاحبن ڏانهن ڌمڪي ڀريل خط لکيو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته جيڪڏهن مير مخالفت ڪندا ته انگريزن سان سندن کلي طرح سان دشمني پئجي ويندي. ائين به ڏيکاريل هو ته سندن آزادي کسجي ويندي(1).

رنجيت سنگهه جي ٽالپرن کي ڌمڪي:

هڪڙي پاسي انگريز ريزيڊنٽ مير صاحبن کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ۽ ٻئي پاسي لارڊ وليم بنيٽڪ جي اشاري تي لڌياني جو انگريز ريزيڊنٽ ڪپتان ويڊ رنجيت سنگهه جي وزير فقير عزيزالدين جا ڪَن ميرن خلاف ڀرڻ لڳو. وزير جي چوڻ تي رنجيت سنگهه پنهنجي ديره غازي خان جي سپهه سالار جنرل وينٽورا کي سنڌ جي سرحد تي فوجي مظاهرن ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ ميرن جي ايلچي کي دٻائڻ لڳو. مير مراد علي خان امير الدوله بهادر پاڻ سياستدان هو، گورنر جنرل جي ڌمڪين مان فرنگين جي مقصد کي سمجھي ويو. فرنگين جي مرضي هن دفعي جنگ ڪرڻ لاءِ ڪانه هئي. فقط سنڌوندي جي ماپ وٺڻ ۽ ملڪ کي جاچي ڏسڻ سندن خاص مراد هئي. امير الدوله بهادر سمجھي ويو ته جيڪڏهن انگريز سنڌوندي جي ماپ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته پوءِ سنڌ فتح ڪرڻ هنن لاءِ آسان ٿي پوندو. مٿئين خيال موجب مير صاحب بمبئي جي گورنر کي لکيو ته سنڌوندي جو رستو خطرناڪ آهي، بهتر ائين ٿيندو ته تحفن کي خشڪي رستي کان روانو ڪجي. رنجيت سنگهه جي ڌمڪين جي جواب ۾ مير صاحبن لکيو ته انگريز صندوقن ۾ اشرفيون ڀري سيد احمد بريلوي ڏانهن روانيون ڪري رهيا آهن، جيڪو هن وقت ڪنور نهال سنگهه سان جنگين ۾ رڌل هو. جيڪڏهن خالصا سرڪار انگريزن سان جنگ ڪندي ته ٽالپر هڪ لک جرار بلوچي لشڪر سان خالصن جي مدد ڪندا(2). ايترين تسلين ڏيندي به خالصا فوج سنڌ جي سرحد تي مظاهرا ڪرڻ لڳي، ان ڪري مجبوري جي حالت ۾ امير الدوله بهادر اليگزينڊر برنس کي لنگهڻ لاءِ اجازت ڏني.

 

الگزينڊر   برنس کي دعوتون ڏيڻ:

12- اپريل سنه 1831ع ۾ فرنگين جا جهاز ٺٽي پهتا. انهن ڏينهن ۾ ٺٽي جو اوج مٽجي چڪو هو. برنس ٻن مهينن تائين ٺٽي ۾ ترسيل هو ڇاڪاڻ جو سنڌوندي جي ڇوڙ کان وٺي ٺٽي تائين پاڻي جي ماپ وٺڻ ۾ رڌل هو. امير الدوله بهادر منڍ کان وٺي فرنگين کي اجازت ڏيڻ جي خلاف هو، مگر شهزادي گردون مدار مير نصير خان جي سفارش ڪرڻ ڪري اجازت ڏني هئي، ان ڪري وفد جي مهماني ڪرڻ به دوستيءَ ڪري لازمي امر هو. برنس جا جهاز ٺٽي کان روانا ٿيا، تڏهن هڪڙي سيد پڪاري چيو ”افسوس! اڄ فرنگي درياءَ جي رستي کان واقف ٿيا، هاڻ سنڌ بلوچي اميرن هٿان نڪري ويئي(1).“ حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ وفد شهزادي مير نصير خان معرفت امير الدوله بهادر سان ملاقات ڪئي. اي. برنس ڪمپني سرڪار پاران هڪڙي بندوق، ڪي هٿيارن جا چمڙي جا پٽا، هڪڙي سوني واچ، هڪڙو ديوارگير گهڙيال، ٻن قسمن جون دوربينيون، ڪي بلوري شمعدان، انگريزي گرم ڪپڙن جا ٿان، دنيا ۽ هندستان جا نقشا جن ۾ انگريزي شهنشاهت ۽ آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سلطنت جون حدون ڏيکاريل هيون. امير الدوله بهادر برنس کي 15 سؤ رپيا نقد ڏنا. شهزادي نصير خان پنهنجي دمشقي آبدار ترار برنس کي ڏيندي فرمايو ”هي سڀ منهنجن ڪوششن جو نتيجو آهي.“

مير سهراب خان جي وفات:

23- اپريل وفد حيدرآباد کان روانو ٿيو. پهرين مئي سهراباڻي سرڪار جي سرحد سيوهڻ وٽ پهتو. سنه 1811ع ۾ مير سهراب خان جيئري پنهنجي حڪومت پنهنجي وڏي پٽ مير رستم خان حوالي ڪري باقي عمر جا ڏهاڙا ڪوٽڏيجي (احمد آباد) ۾ عبادت الاهي ۾ گذارڻ لڳو. کيس آخر عمر ۾ سنه 1815ع ۾ هڪڙو پٽ مير علي مراد خان ڄائو. جولاءِ سنه 1830ع ۾ خيرپور واري محلات جي دريءَ مان ڪرندي مير سهراب خان وفات ڪئي. هي واقعو تاريخ ۾ ”طشت از بام افتاد“ موجب 1246هه ڏنل آهي. مرڻ مهل پنهنجي ننڍي پٽ جي ٻانهن پنهنجي پٽ مير مبارڪ خان جي حوالي ڪري ويو. تخت ۽ تاج حوالي ڪرڻ ۽ وفات جي وچ واري زماني ۾ 18- مئي 1829ع ۾ جيئري حڪومت چئن حصن ۾ ورهائي چئن پٽن کي ڏئي ويو. حڪومت جي سالياني آمدني 2039000 لک رپيا هئي، جيڪا سموري پٽن ۾ ورهائي ويو. مير رستم خان پنهنجن ٻن ڀائرن مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان جي ملڪيت جنهن جي سالياني آمدني 350000 رپيا هئي، ڦٻائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. ڀائرن جي سازش کي مير علي مراد خان دل ۾ سانڍڻ لڳو(1). اليگزينڊر برنس کي آڌر ڀاءُ ڏيڻ لاءِ مير رستم خان پنهنجي درٻاري مدبر محمد گوهر خان کي کنڊ، گيهه، تماڪ، آفيم ۽ دنبا ڏيئي سيوهڻ روانو ڪيو. وفد ٽي ڏينهن سيوهڻ ۾ آرام ڪرڻ کان پوءِ خيرپور ڏانهن روانو ٿيو. مير رستم خان جي وزير فتح محمد خان غوري وفد جو استقبال ڪيو(2). ٽالپرن جي شاهاڻي دسترخوان، لوازمن ۽ مهمان نوازي کي ڏسي فرنگي وفد جا ميمبر جن جو تعداد ڏيڍ سؤ هو، سانده ٽي هفتا ٽڪي پيا. کين روزانو دنبا ۽ ٻيو خوراڪ جو سامان ملندو هو. تنهن کانسواءِ روزانو شاهي بورچي خاني مان 2 ويلا 72 ڍاڪوئن سون ۽ چاندي ۾ مختلف قسمن جا طعام ملندا هئا، مربن، چٽڻين ۽ معطر شربتن جو ذڪر ڪهڙو. اليگزينڊر برنس مير صاحب جي خدمت ۾ هڪڙو پستول ٻڌڻ جو پٽو، هڪڙي واچ، هڪڙي دوربيني، سوغاتن طور پيش ڪيا. مير صاحب وفد جي صدر کي هڪ هزار رپيا نقد، ٻه خنجر، ٻه طلائي تراريون ۽ سنڌ جا ڪي نفيس ڪپڙا تحفن طور ڏنا. اليگزينڊر برنس بلوچي مهمان نوازي جي ناقابل فراموش يادگيري دل ۾ سانڍي روانو ٿيو. پوئين موڪلاڻي جو انتظام شهداداڻي سرڪار پاران نواب ولي محمد خان لغاري شڪارپور کان اچي ڪيو. نواب صاحب چار سؤ بلوچي سوارن سان برنس کي گڏيو. بکر جي قلعي ۾ ايراني غاليچن جا فرش وڇائجي ويا، مهمانن کي پلنگن تي ويهاريو ويو. ناچڻين جي هڪڙي ٽولي حاضري ڏني، جن ۾ ڪي زهرو ۽ ڪي مشتريون هيون. رقص ۽ سرود جي ترنم خيز نغمن کان وڌيڪ سندن غمزا خونريز هئا. ايترين مهمان نوازين ۽ مروتن سان پيش اچڻ کان پوءِ به فرنگي وفد جي غدار صدر ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي جيڪا رپورٽ سنڌ متعلق پيش ڪئي، تنهن ۾ هن ڏيکاريو ته ”ٽالپر امير ڌاريا آهن، سندن ظلمن ڪري رعايا نالان آهي. سنڌوندي جهاز راني ڪرڻ لاءِ موزون آهي.“ جولاءِ 1831ع ۾ وفد بهاولپور پهتو. بعد 18- جولاءِ برنس تحفا رنجيت سنگهه کي لاهور ڪمپني جي خط سميت پيش ڪيا. رنجيت سنگهه دوستي جي پاسداري ڪرڻ ڪري ظاهري سردارن اڳيان تحفن جي سکڻي ساراهه ڪئي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته انگلينڊ جا گهوڙا هڪ جدا جنس مان هئا، پر مهاراجا جي ڪڙهه ۾ کانئن بهترين گهوڙا موجود هئا.

انگريزن جو ٽالپرن سان چوٿون عهدنامو:

انگريز هينئر بهانن جي تلاش ۾ هئا. مير صاحبن کي طرحين طرحين بهانن سان اڳرايون ڪري تنگ ڪرڻ لڳا، جيئن بلوچ جنگ لاءِ آماده ٿين. اڳ لکي چڪا آهيون ته فتح علي شاهه قاچار مير اميرالدوله بهادر کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو هو، پر مير صاحب پيرسني ڪري منظور ڪين ڪيو هو. مسئلو ختم ٿي چڪو هو. انباري ۾ برطانوي سفير مقيم تهران انگريزن کي رپورٽ ڪئي ته ٻن اسلامي حڪومتن کي رشتي جي بهاني سان گڏائڻ ۾ اندروني روس جو هٿ آهي. هن بهاني مان اها مراد هئي ته ميرن کي مجبور ڪري سنڌوندي کي جهاز راني ڪرڻ لاءِ کليل رکجي. گورنر جنرل برطانوي سفير جي رپورٽ کي وزن ڏيندي ڀُڄ جي برٽش ريزيڊنٽ کي لکيو ته روس، ايران ۽ سنڌ کي مائٽي جي ناتي سان ڳنڍي ايران رستي کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڊسمبر 1831ع ۾ ڪرنل هينري پاٽينجر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن ڀيري فرنگين جي وفد ۾ 4 سؤ ميمبر هئا. مثال لاءِ پاٽينجر سان پي.سي سڪاٽ، ڊبليو پاٽينجر، ليفٽيننٽ جي.مورس، اي.پي ڊيلهوسٽ، سرويئر ماپ وٺڻ لاءِ هو، اي.سنڪلرنائب سرجن مکيه ميمبر هئا. جنوري 1832ع ۾ وفد لکپت جي بندر تي پهتو. ٽالپر ميرن ائين ڄاتو ته کوسا ڪڇ جي سرحد تي ڦُرون ڪن ٿا، ان ڪري فرنگي ٿرپارڪر کي جاچڻ لاءِ اچن ٿا. فرنگين رستي تي بلڙي ۾ شاهه ڪريمؒ جي مقبري کي ڏٺو(1). 18- ذوالقعد 1247هه/20- اپريل 1832ع ۾ فرنگي وفد حيدرآباد شهر کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي ڪئمپ هنئي. 28- جنوري مقربان بارگاهه مان محمد خان لغاري، مير دوست علي خان ٽالپر وفد کي عزت ۽ احترام سان درٻار ۾ وٺي آيا. وفد جا ميمبر ميمر صاحبن جي لباس ۽ هٿيارن جي جواهرن کي ڏسي وائڙا ٿي ويا. ملاقات ويهن منٽن تائين هلي، پوءِ ميمبر موٽي ڪئمپ ڏانهن ويا. شاهي دسترخوان تان هر روز ميمبرن کي ڏيڍ سؤ ٿالهيون طعامن سان پهچنديون هيون. قسمين قسمين ڪابلي ميون ۽ روح افزا شربتن سان مهمانن جي ضيافت ٿيڻ لڳي. فرنگي ايلچي ڪي جھالدار شمعدان، شيشي جو سامان، آئينا، واچون، بندوقون سوکڙين طور پيش ڪيون. امير الدوله بهادر کي ستن هزارن رپين جا تحفا مليا. مير صاحب واچن ۽ گهڙيالن وٺڻ تي اعتراض ڪيو. ڇاڪاڻ جو ننڍا شهزادا واچون جلد ڀڃي ڇڏيندا هئا، جن جي مرمت تي گهڻو خرچ لڳندو هو. مير نور محمد خان کي ساڍا پنج سؤ رپين جون سوکڙيون مليون. جاتي جي صوبيدار حيدر خان لغاري کي 192 روپين جو سامان مليو. نواب ولي محمد خان کي به 192 رپين جو سامان مليو. فرنگي وفد پاران مير صاحبن ۽ بلوچي سردارن کي جملي 8037 هزار رپين جون سوغاتون مليون. عهدنامي جا شرط طئي ڪرڻ لاءِ ٽالپر ميرن پاران سيد آغا اسماعيل شاهه، سيد ذوالفقار شاهه، سيد زين العابدين، احمد خان لغاري، منشي خوشيرام مقرر ٿيا. هيٺيان شرط هئا:

1.            ٻئي حڪومتون هڪ ٻي کي حقارت سان ڏسڻ بدران هڪ ٻي جي بچاءُ لاءِ ذميوار رهنديون.

2.           برٽش سرڪار عرض ڪري ٿي ته ٽالپر مير هندستان جي واپارين کي سنڌ اندر ۽ سنڌوندي تان مال آڻڻ ۽ نيڻ جي اجازت ڏيندا، ڪوبه سوداگر پاڻ سان جنگي سامان نه آڻيندو ۽ نه وري جنگي جھاز ندي تان لنگهندا. ڪوبه انگريز واپاري سنڌ ۾ گهر جوڙي نه ويهندو.

3.           جيڪڏهن ڪوبه ڌاريو سوداگر سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيندو ته پهريان انگريزن کان اجازت وٺندو. انگريز ان قسم جون خبرون حيدرآباد درٻار کي پهچائيندا. مٿيون ڪم ڪڇ جي ريزيڊنٽ جي نگراني هيٺ رهندو.

4.           ٻئي حڪومتون واپاري شين متعلق محصول جا اگهه مقرر ڪنديون(1).

هن موقعي تي مير نور محمد خان جي پٽ مير شهداد خان جي پٽ جي شادي هئي. سهراباڻي سرڪار پاران مير مبارڪ خان شادي تي آيل هو. پاٽينجر سان اي. برنس مهمان نوازيءَ جون جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون، سي پاٽينجر جي دل تي تازيون هيون، هن مير رستم خان سان ملاقات ڪرڻ جو شوق ظاهر ڪيو. مير صاحب سندس ارادي کي شڪي نظر سان ڏسڻ لڳا، کين خوف هو متان فرنگي چالباز شڪارپور تي نه قبضو ڪن. 21 فيبروري تي پاٽينجر حيدرآباد کان روانو ٿيو. 21 مارچ تي خيرپور پهتو. وزير فتح محمد خان غوري، گوهر علي خان، ديوان دلپتراءِ، ديوان لکيمچند ۽ ٻين درٻار جي مدبرن وفد جو استقبال ڪيو. 11 اپريل تائين وفد خيرپور ۾ رهيل هو. هر شام جو ناچ ۽ سرود جون محفلون قائم رهيون. پاٽينجر مير رستم خان کي 7670 رپين جا تحفا ڏنا، جن ۾ شمعدان، بندوقون، پستول ۽ آئينا هئا. 777 رپين جون سوکڙيون مير مبارڪ خان کي مليون. ٽي سؤ رپين جو سامان فتح محمد خان غوري کي مليو. جملي 8747 هزار رپين جو سامان خيرپوري ميرن ۽ سردارن کي مليو. مير صاحبن ڪي گهوڙا، سوني سنجن سان اُٺ، شڪاري ڪتا، ڪشميري ڪپڙي جا ٿان ۽ جوهردار ترار وفد کي سوکڙين طور ڏنا(1). 16 اپريل تي وفد خيرپور کان حيدرآباد پهتو. واٽ تي مير صاحبن جا بازدار طرحين طرحين پکي شڪار ڪندا ميمبرن کي کارائيندا هليا. 11 مئي قافلو سلامتي سان لکپت پهتو.

امير الدوله بهادر جي وفات:

ميرن هن ڀيري جيڪو عهدنامو ڪيو هو، تنهن ۾ ماڻڪاڻي ۽ سهراباڻي حڪومتون ٻڌل هيون. ڇاڪاڻ جو انگريزن کي خبر هئي ته جسونت راءِ هولڪر مير ٺاري خان ڏانهن ايلچي موڪليو هو. ان کانسواءِ ٽين مرهٽا ويڙهه وقت مرهٽا سردارن اسلامي دنيا جي حاڪمن ڏانهن امداد لاءِ ايلچي روانا ڪيا هئا. مير ٺاري خان سنه 1829ع ۾ وفات ڪئي هئي(2). مقربان خاص مان نواب ولي محمد خان لغاري وفات ڪري ويو. هن مير مراد علي خان امير الدوله بهادر جي نالي تي هڪڙو حڪمت جو ڪتاب تصنيف ڪيو هو. سندس پٽ احمد خان کوکرن جي سردار بهادر خان جي هڪڙي ناچڻي کي لاهور ڏانهن ڀڄائي ويو، ان ڪري کوکرن ۾ عام ناراضپو پئجي ويو. نواب ولي محمد خان معزز ماڻهن کي ساڻ ڪري کوکرن کان معافي گهري ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ کوکرن کي ڏيئي پٽ جي خطا معاف ڪرائي هئي. افسوس جو کوکرن وير وٺڻ لاءِ خفيه طور نواب جي ڌيءَ کي مارائي ڇڏيو. 6 جمادي الثاني 1249هه/ 1833ع ۾ مير مراد علي خان اميرالدوله بهادر فاني جھان کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. پٺيان چار فرزند مير نور محمد خان، مير محمد نصير خان، مير مير محمد خان، مير يار محمد خان ڇڏي ويو. مير يار محمد خان ”فريئر نامه“ تصنيف ڪيو هو.

 

مير نورمحمد خان ”ثريا جاه بهادر“

ٻي چؤياري:

امير الدوله بهادر جي وفات کان پوءِ سمورا بلوچي امير ۽ سردار حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا. حڪومت کي چئن حصن ۾ ورهائي هر هڪ پٽ کي ڌار ڌار حصو ڏنو. مير نور محمد خان جيڪو سڀني ۾ سياڻو، هر دلعزيز ۽ نيڪ سيرت هو تنهن کي گاديءَ تي ويهاريائون. هو پنهنجي ڀاءُ مير محمد نصير خان ۽ پنهنجن ٻن سؤٽن مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان جي صلاح ۽ مشوري سان حڪومت هلائڻ لڳو. اها ٻي چؤياري هئي، جيڪا ڏهن ورهين تائين قائم رهي. پهرين چؤياري جو زمانو ٽالپرن جي صاحبي جي ارتقا جو زمانو هو. پوئين چؤياري جو زمانو تنزل جو دؤر هو. ٽالپري اقبال جو آفتاب مير نور محمد خان ثريا جاه بهادر جي تخت نشيني وقت نصف النهار کان لنگهي چڪو هو. سهراباڻي سرڪار اڳيئي حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي. ماڻڪاڻين مان مير علي مراد علي خان ست سال حڪومت هلائي سنه 1836ع ۾ وفات ڪئي. سندس مرڻ کان پوءِ ماڻڪاڻي سرڪار سندس پٽن مير شير محمد خان، مير شاهه محمد خان، مير خان محمد خان ۾ ورهائجي ويئي. ٽالپري حڪومت جيڪا اڳ ٽن حصن ۾ ورهايل هئي، سا هينئر ننڍن حصن ۾ ورهائجي وئي.

سنڌ متعلق انگريزن ۽ سکن جا ارادا:

سنڌوندي جي اولهندي وارن ڪناري جي علائقن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ انگريزن رنجيت سنگهه کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو. سنه 1809ع واري امرتسر جي معاهدي ۾ مٿيون فيصلو ٿي چڪو هو. مير محراب خان ثاني بيگلر بيگي قلات جھالاوان بزنجو قبيلي سان جنگ ۾ رڌل هو ۽ سندس ڀاءُ عظيم خان مڪران جي سازشن کي دٻائڻ ۾ رڌل هو. رنجيت سنگهه موقعو ڏسي هرند- داجل ۽ ڄامپور جو علائقو جيڪو قلات جي ماتحت هو ڦٻائي ورتو(1). مگر ديره جات جا بلوچ موقعي سر سکن سان لڙندا رهيا. جنرل وينٽورا گهڻي وقت تائين ديره غازي خان ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو پر آمدني کان وڌيڪ خالصا سرڪار کي فوجي خرچ برداشت ڪرڻو پيو. بلوچي قبيلن کان ڍلن اوڳاڙڻ وقت خالصا سرڪار کي وڌيڪ فوجون رکڻيون پونديون هيون، ان ڪري تنگ ٿي رنجيت سنگهه مٿيون علائقو بهاولپور جي نواب کي مقاطعي تي ڏيئي ڇڏيو هو(2). مير نور محمد خان ثريا جاه بهادر کي انگريزن جي ارادي جي خبر هئي. ٽالپرن گڏجي ڪابل جي امير دوست محمد خان ڏي پنهنجو ايلچي موڪليو ته جيڪڏهن امير ٽالپرن کي انگريزن جي چنبي کان آزاد ڪرائيندو ته 12 لک رپيا ساليانو دستور موجب ڪابل سرڪار کي ڀريندا. مگر دوست محمد خان کي رنجيت سنگهه ۽ سکن مان خطرو هو، جيڪي انگريزن سان هينئر ٻٽ هئا. هن انگريزن سان وڙهڻ لاءِ نيپال ۽ سنڌيا راجائن ڏانهن پنهنجا سفير موڪليا هئا ته سڀئي گڏجي انگريزن تي ڪاهه ڪن. مگر جنڪوجي سنڌيا ڪابل جي ٻن ايلچين کي گرفتار ڪري انگريزي ريزيڊنٽ جي حوالي ڪيو(3).

لارڊ وليم بينٽڪ جي رنجيت سنگهه سان ملاقات:

سنه 1828ع ۾ انگلينڊ وڃڻ وقت لارڊ ائمهرسٽ رنجيت سنگهه سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. انباري ۾ هندستان جي ڪمانڊر ان چيف ڪومبر ميئر شمله مان لاهور درٻار کي خط لکيو هو مگر راجا ملاقات کي ڪنهن بهاني سان ٽاري ڇڏيو هو. رنجيت سنگهه پوئين عمر ۾ عياش هو. سندس سياست جا اڳوڻا ڪارناما هينئر افسانو بڻجي چڪا هئا. سنه 1831ع جي پڇاڙي ڌاري لارڊ وليم بينٽڪ مهاراجا سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو ڪيو. روپڙ وٽ ٻنهي حڪمرانن جي ملاقات ٿي. لارڊ وليم بينٽڪ حاضر جواب ۽ چرچائي هو. رنجيت سنگهه سان مغروري سان مليو. ڇاڪاڻ جو لڌيانه جي انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ڪپتان ويد کي رنجيت سنگهه جي وزير فقير عزيزالدين پڪ ڏني هئي ته راجا هرگز انگريزن سان نه لڙندو. فقير عزيزالدين ۽ سندس مائٽ انگريزن سان خفيه طور ٻٽ هئا، ڇاڪاڻ ته سکن سان انگريزن جي جنگين وقت گوبند ڳڙهه جي مضبوط قلعي کي انگريزن جي حوالي ڪرڻ سان فقير عزيزالدين جي مائٽن جي سازش کان دنيا واقف ٿي. گورنر جنرل جي ملاقات نسبت هڪڙي فرينچ ايم جيڪمانٽ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن پئرس جيڪو خط موڪليو هو، تنهن ۾ هن ڏيکاريو هو ته ملاقات جو مکيه سبب هو ته رنجيت سنگهه معلوم ڪري ته انگريزن لاءِ پنجاب فتح ڪرڻ بلڪل آسان ڪم آهي(1). 22 مارچ سنه 1832ع ۾ لنڊن جي دارالعوام پاران جيڪا چونڊ ڪاميٽي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪارواين کي جاچڻ لاءِ مقرر ٿي هئي، تنهن اڳيان ڪپتان ميڪان سنڌ ۽ پنجاب متعلق جيڪو بيان ڏنو هو سو هن ريت هو:

”هندستان اندر برٽش حڪومت کي پنهنجين حدن کي سنڌوندي تائين پهچائڻ ۾ گهڻو فائدو پهچندو، سنڌوندي جي ڊيلٽا تي فوجن لاهڻ کان پوءِ اسين آساني سان سنڌ جي اُتر وارين ٽڪرين تائين پهچي سگهنداسون. هت اسان کي فوج رکڻي پوندي، ڇاڪاڻ جو جبلن جا دڙا هتان شروع ٿين ٿا. اسان جي باقاعده فوجن کي سنڌوندي وٽان لنگهڻ وقت ڪا تڪليف پيش نه ايندي. پنجاب جي سوال کي في الحال ملتوي ڪجي رڳو سنڌ تائين قناعت ڪجي. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ اڳيئي گهڻو ملڪ آهي، ٻيو ته رنجيت سنگهه معاهدي تي سختي سان پابند آهي. هو ستلج پريان ڪين نهاري ٿو نه وري اسين اولهه طرف نهاريون ٿا. رنجيت سنگهه وٽ ڪشمير، ملتان، پشاور زرخيز ۽ مردم خيز علائقا آهن. سندس خالصا لشڪر تربيت يافته آهي، جيڪو هندستان ۾ پهريون نمبر آهي، پر انگريز لشڪر کان گهٽ درجي تي آهي. سک هن وقت افغانن، بلوچن جھڙن ڪٽر مسلمانن کي منهن ڏيئي بيٺا آهن. اهڙي حالت ۾ سکن سان جنگ ڪرڻ وقت اسان کي ٽن طاقتن سان مقابلو ڪرڻو پوندو(1).“

مٿين بيان جي مدنظر ڪجھ مؤرخ انگريزن جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کي سکن سان جنگين ڪرڻ جو باب اولين شمار ڪن ٿا(2).

(1) R. Hughes Buller: Makran Gazetteer, Currency, Bombay, 1906

(2) سنه 1942ع ۾ مير محمد ٽالپر ماڻڪاڻي جي خزاني ۾ مون هڪڙو ٽالپري رپيو ڏٺو، جنهن ۾ هڪڙي طرف کان ضرب سنڌ ٻي پاسي سلاطين جهان عبارت لکيل هئي. اهو رپيو سائيز ۾ انگريزي پاؤلي جيترو هو.

(1) سرجان مالڪوم پهريان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوجن ۾ ميجر هو. پوءِ گورنر جنرل پاران وچ هندستان جي مختلف رياستن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ ٿي رهيو. ايران ڏانهن ايلچي ٿي ويو. سرائڊورڊ برائون وانگر فارسي زبان جو اديب هو. 1827ع ۾ ايلفنسٽن جي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بمبئي جو گورنر مقرر ٿيو. 1830ع ۾ ولايت ڏانهن ويو. سندس تاريخ ايران مشهور آهي. 5- آڪٽوبر 1832ع ۾ مير مراد علي خان سردار غلام حيدر بجراڻي معرفت ڪي کوسا گرفتار ڪرائي انگريزن جي حوالي ڪيا.

(2) Pre Munity Records of the Commisinors in Sindh “Sindh Mission” P. 288

(1) شاهه ولي الله جي قرآن جي فارسي ترجمي کان سواءِ ڪتاب ”ازالة الخلفا“ مشهور آهي.

(1) سيد احمد بريلوي 1786ع ۾ راءِ بريلي ۾ پيدا ٿيو. پهريان پنڊارين سان شامل ٿيو، پوءِ امير خان پٺاڻ جي فوجن ۾ ننڍو عملدار هو. تنهن کان پوءِ شاهه عبدالعزيز جو مريد ٿيو. 1822ع ۾ مڪي وڃي عبدالوهاب نجدي جي وهابي تحريڪ مان واقف ٿيو. وري جڏهن شاهه عبدالعزيز ۽ شاهه عبدالحي پنهنجي فتويٰ ۾ هندستان کي ”دارالحرب“ ظاهر ڪيو، تڏهن سکن خلاف سيد احمد بريلوي ۽ شاهه اسماعيل شهيد جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو. سندن مقصد هو ته انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍجي. نثار علي چاندپوري انگريزن خلاف بنگال ۾ جهاد شروع ڪيو. 1831ع ۾ هن انگريزن سان جنگيون جوٽيون، آخر وڙهندي شهيد ٿيو. انگريز وهابي تحريڪ کي خطرو سمجهي ان کي دٻائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي.

Aspects of Shah Ismail Shahid, PP. 63-84, Lohore, 1943

(1)  سنه 1832ع ۾ هندستان جي ڪمانڊر ان چيف سر جئسپر نڪولس لندن جي دارالعوام جي سليڪٽ ڪاميٽي اڳيان هندستاني سپاهين جي تعريف ڪندي تقرير ۾ ڄاڻايو هو ته هندستاني سپاهي وفادار هئڻ ڪري هر وقت عملدارن جي حڪم مڃڻ لاءِ منتظر رهن ٿا. ديسي پنج سو سپاهي هڪ هزار انگريز سولجرن جي مٽ آهن، ڇاڪاڻ جو جفاڪش ۽ محنتي آهن.

Sir.J.W.Kaye: History of Sepoy war, Vol.I, P.268 London, 1870

(1) Journal of the Asiatic Society of Bangal, May, 1836, P.33 Calcutta

(2) J.C.Marsham: Abridgment of the History of India, P.356

(1)J.C.Cotton: Rulers of India, M.Elphinstone, PP.169-170 Oxford, 1892

(1) Moorcraft: Travels in the Punjab, Kashmir, etc, Vol.II, P.338 London, 1851

(1)  اليگزينڊر برنس ڊاڪٽر جيمس برنس جو ڀاءُ هو. ڪو وقت هندستان جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي دفتر ۾ ڪم ڪري چڪو هو. هينئر ڪڇ جي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽينجر جو نائب هو. سندس ابتدا کان اها مرضي هئي ته ڪو اهڙو ڪم ڪجي جيئن هندستان جي انگريزي تاريخ ۾ سندس نالو روشن رهي. هن 1828ع ۾ سنڌوندي جي ماپ وٺڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي. پر لارڊ وليم بنيٽڪ اها رد ڪئي هئي، ڇاڪاڻ جو ان زماني ۾ فرنگين وٽ بهانو ڪونه هو. هنيئر کيس بمبئي حڪومت جي چيف سيڪريٽري پاران خفيه خط وڃڻ لاءِ پهتو، هن خوشي سان قبول ڪيو. پنجاب جي سفر کان پوءِ هن گهوڙن جي واپاري جي لباس ۾ ڪابل، بخارا ۽ تاتار تائين سفر ڪيو. سندس سفرنامو ٽن جلدن ۾ 1834ع ۾ لندن مان شايع ٿيو. ڪابل جي پهرين جنگ کان پوءِ انگريز لشڪر سان ڪابل ۾ رهڻ لڳو جتي پٺاڻن هٿان مارجي ويو.

Burner Alexander: Travels in to Bukhara, Vol.I, P.4 London, 1834

(2) J.w.Kaye: lives of Indian, Officers, Vol.II, PP.224-25 London, 1851

(1)  موهن لعل ڪشميريءَ دهلي ۾ تعليم ورتي هئي. انگريزن جو ڇاڙتو هو. هن پنجاب، افغانستان، ترڪستان، بلخ، بخارا، هرات، انگلينڊ ۽ جرمني تائين سياحت ڪئي هئي. سندس سفرنامو 1846ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هو مؤرخ هو، سندس ڪتاب امير دوست محمد خان جي سوانح عمري مشهور آهي. پهرين ڪابل جنگ کان پوءِ مئڪناٽن انگريزي سفير مقيم ڪابل جو مير منشي ٿي رهيو. ڪابل جي انقلاب وقت موجود هو. تازو ڊاڪٽر هريرام گپتا موهن لعل جي سوانح عمري ۽ سندس ڪارنامن تي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو شايع ٿي چڪو آهي.

(2) C.Masson: Narrative of Various journey in Baluchistan, Afghanistan & the Punjab (1826 to 1838) Vol.II, P.9 London, 1842

(3) J.W.Kaye: Lives of Indian Officers, Vol.II, P.228

(1) H.T.Prinsep: The Origin of the Sikh Power in the Punjab, P.156 Clcutta, 1834

(2) جن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جيمس برنس حيدرآباد آيو هو، انهن ڏينهن ۾ لاهور درٻار ميرن سان دوستانه معاهدي لاءِ ڳالهيون چوريون هيون. انڪري مير مراد علي خان هن دفعي فرنگين جي ارادي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ رنجيت سنگهه کي هڪ لک فوج سان مدد ڏيڻ لاءِ چوائي موڪليو، پر رنجيت سنگهه انگريزن هيٺ دٻيل هو. (ڏسو جيمس برنس جو سفرنامو)

(1) A.Burunes: Troucls in to Bokhara, Vol. II, P. 25

P.N.Khera: British Policy towards Sindh & Thoruton: History of British India, Vol. II, P. 26, London

(1) History of Alienations of the Province of Sindh, Vol. II, PP. 139-48

(2) فتح محمد خان غوري افغانستان جي مشهور غوري خاندان جو فرد هو. سندس والد معلم هو. فتح محمد وطن ڇڏي اُچ شريف جي هڪڙي پير جو مريد ٿيو. پوءِ بهاول خان نواب دائودپوٽي وٽ نوڪر بيٺو ۽ تجربي حاصل ڪرڻ کانپوءِ نواب جو سپهه سالار مقرر ٿيو. نواب سعادت خان جي ڏينهن ۾ وزير ٿيو. پوءِ ڪنهن نااتفاقي سبب نوڪري ڇڏي ملتان جي نواب مظفر خان وٽ نوڪر بيٺو. ملتان تي خالصن جي قبضي کان پوءِ لاهور ويو. اُتان ديره غازي خان جي رستي خيرپور پهتو. مير سهراب خان جو وزير ٿيو.  (عبرت ڪده سنڌ: سيد محمد ضامن ڪنتوري، ص 59-257، مطبع شمسي حيدرآباد دکن، 1903ع)

(1) شاهه عبدالڪريم (المتوفي سنه 1032هه/1622ع) جو مفصل احوال ”بيان العارفين“ ۾ ڏنل آهي، جيڪو ميان محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽوي 1038هه ۾ شاهه ڪريمؒ جي وفات کان پوءِ ڇهه ورهيه تصنيف ڪيو. سنڌ جي مشهور اوليائن مان ڳڻيو وڃي ٿو. سنڌ جو سرتاج شاعر شاهه عبداللطيفؒ سندس پشت مان پيدا ٿيو. شاهه عبداللطيف، سيد حبيب الله شاهه جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، سيد جمال شاهه جو پڙپوٽو هو ۽ سيد جمال شاهه عبدالڪريم جو ٽيون فرزند هو. شاهه ڪريمؒ جو قبو شاهه عبداللطيف اڏرايو هو.

شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي، جلد 1، مقدمه، ص 31-32، تحفة الڪرام، جلد 3

(1) Del Hoste: Memoris on Sindh, 1832

(1) P.N.Khera: British Forward Policy Towards Sindh.

W.Pottinger Memories on Sindh, 1832

(2)  تاريخ سنڌ: مرزا قليچ بيگ، جلد: 2، ص 2. 242

(1) A.W.Hughes: Blauchistan, CHP.VII, P.196 London, 1877

(2)  تاريخ بلوچيان: سردار غلام رسول خان قرائي، ذڪر بلوچن جون سکن سان جنگيون.

(3) J.B.Malleson: A Historical Sketch of the Native states of Inida, P.165 London, 1875

(1) M.Jacqxemonts: Letters from India, Vol.II, P.3

(1) Baron Charles, Hugel: Travels in Kashmir & Punjab, P.334 London, 1845  

(2) J.Daney Cuningham: A History of the Sikhs, CHP.VII, London, 1853

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org