سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:2 

باب ٻيون

اسلام جون هندستان تي ڪاهون

 

ﷴ رسول الله ﷺ جو معجزو شق القمر ڪئليڪٽ ملبار جي سامري (زئمورن) ۽ قنوج جي راجي ڀوڄ ڏٺو. زئمورن تخت ۽ تاج ولي عهد کي سپرد ڪري مڪي ڏانهن روانو ٿيو. پر يمن پهچي هن وفات ڪئي. راجا ڀوڄ نجومين کان معجزي جو احوال پڇيو، جن اسلام جي پيغمبر جي ظهور جو هن کي احوال ڏنو(1). حضرت عمر ؓ جي خلافت جي زماني ۾ اسلامي حڪومت جون حدون سنڌ سان لاڳو ٿي ويون. عربن کي پنهنجن جھازن جي سلامتي لاءِ هندستان جي بندرن جي ضرورت پيش ٿي. سنه 15هه/636ع ۾ بحرين جي عامل جي حڪم سان عربي ٻيڙي بمبئيءَ جي ويجھو ٿاڻي ۽ ڀڙوچ جي بندرن تي ڪاهون ڪيون. هي پهريون حملو هو. ساڳي وقت هڪڙي عرب مغيره سنڌ جي بندر ديبل تي ڪاهه ڪئي. حضرت عثمان ذوالنورين ؓ جي زماني ۾ عربن جي هڪڙي بحري دستي مٿين بندرن تائين چڪر هنيو. سنه 39هه/660ع ۾ هڪڙو عرب امير البحر حضرت علي ؓ جي زماني ۾ مٿين بندرن جي نگراني ڪرڻ لڳو. مگر سنه 42هه/663ع ۾ دشمنن هٿان شهيد ٿي ويو. سنه 44هه/665ع ۾ امير معاويه ؓ مهلب نالي هڪڙي سردار کي سنڌ جي سرحد جي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو(2).

دمشق ۽ الور جي سياسي تعلقات ۾ ڪشيدگي:

چچ کانپوءِ پٽس ڏاهر سنڌ جو راجا ٿيو. هن اسلام جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ جاٽن جو هڪڙو لشڪر ڪسريٰ يزدگرد جي مدد لاءِ موڪليو هو. تنهن کانپوءِ سنه 86هه/705ع ۾ وليد بن عبدالملڪ دمشق جي تخت تي ويٺو. سندس پاران عراق جو حاڪم حجاج بن يوسف ثقفي مشرقي علائقن مٿان نائب مقرر ٿيو(1). سندس پاران محمد بن هارون مڪراني کي مڪران جو عامل مقرر ڪيو. علافين جو هڪڙو دستو عمان کان نڪري مڪران ۾ حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ لڳا. پوءِ سنه 85هه/705ع ۾ پنج سؤ علافي مڪران کان ڀڄي وڃي ڏاهر وٽ پناهه ورتي، جن کي هن پنهنجن فوجن ۾ نوڪر رکيو. مٿين بيروني سازشن ڪرڻ کانسواءِ اندروني طور سنڌ جي برهمڻ حڪومت گهڻو ڪمزور هئي. (1) سنڌ جا راجا برهمڻ هئا، مگر سندن رعايا لوهاڻا، لاکا، سمه، سهته، ڀاٽي وغيره ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا. يادو خاندان جا شهزادا جي شاهي خاندان مان هئا، وڏا جاگيردار ۽ عهديدار هئا. مثلاً اگهم لوهاڻو برهمڻ آباد جو والي هو. سمه سيوهڻ ۾ جاگيردار هئا. برهمڻ آباد جي تبخاني نووهار جو پروهت ٻڌ راکو هو. اُهي نجومي هئا. رعايا کي منجھن عقيدو هو. خود چچ سندن معتقد هو. (2) نجومت تي اعتبار آڻي ڏاهر جيڪي قدم کنيا تن ڪري شاهي خاندان ۾ ڦيٽاڙو پئجي چڪو هو. سمينه کي قدرتي طور عربن سان همدردي هئي. ڇاڪاڻ جو اسين اڳيئي لکي چڪا آهيون ته سڄي هندوستان اندر برهمڻن ۽ ٻڌ وارن جي پاڻ ۾ جنگ لڳل هئي. اگهم لوهاڻي هڪ سال تائين چچ جو مقابلو ڪيو هو. هن کي قنوج جي راجا مدد ڏني هئي. (3) ايرانين جي شڪست کانپوءِ گهڻائي مجوسي سنڌ ۾ رهڻ لڳا اُهي سنڌ جي راجا کي عربن خلاف ڀڙڪائيندا رهيا. (4) علافين جا سردار محمد ۽ معاويه ڏاهر پاران وقت بوقت مڪران تي ڪاهون ڪندا رهيا. پنجن سالن جي ويڙهه کان پوءِ معاويه بن حرث علافي محمد بن هارون هٿان مارجي ويو. (5) ديبل، سومناٿ ۽ ڪڇ جي بندرن تي بحري قزاق رهندا هئا، جي عربن جي ٻيڙن کي راجائن پاران لٽيندا هئا. سنه 424هه البيروني جي زماني تائين سمنڊ تي لٽ مار جاري هئي(2)!

سرانديپ جهازن جو    لُٽجڻ:

سرانديپ ۽ ملابار ۾ عربن بيٺڪون وجھي اُتي جي عورتن سان شاديون ڪيون هيون. ملابار جي بندرن تي نسطوري عيسائي ۽ يهودي به رهندا هئا. سرانديپ جي راجائن عهد فاروقي ۾ هڪڙو وند اسلام جي تحقيقات لاءِ مڪي روانو ڪيو هو. هنيئر ڪن عرب واپارين سرانديپ ۾ انتقال ڪيو، جن جي بيوه عورتن ۽ ٻارن کي راجا اٺن جھازن ۾ چاڙهي عراق ڏانهن روانو ڪيو. ديبل وٽ بحري قزاقن جھاز کي لٽي زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو. حجاج ڏاهر کي انباري ۾ لکيو، پر هن جواب ڏنو ته قزاق سندس حڪم کان ٻاهر آهن. ڏاهر جي جواب حجاج کي مشتعل ڪيو هن ديبل تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دمشق کان اجازت گهري(1) پهريون گهم ونڊيل مجالي جي هٿ هيٺ چار هزار لشڪر ديبل تي چاڙهي مڪو پر ڏاهر جي پٽ جئي سيه هٿان وڙهندي شهيد ٿيو(2).

بحري ڊاڪو ڪير هئا؟

سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۾ لکيل ناهي ته بحري ڊاڪو ڪير هئا. عرب انهن کي ۽ ”بوراج“ سڏيندا هئا. اُهي ڪڙڪ ۽ ميڊ هئا. ميڊن جو وڏو تعداد بلوچ هو. عيسوي سن کان 9 صديون اڳ وچ ڌاري ميڊ قوم اَشور جي طاقتور سلطنت جو تختو الٽائي ميڊيا جي حڪومت جو پايو وڌو هو. سندن تختگاهه ايڪباتانا (همدان) هو. مٿيون شهر پهريان دارا لٽيو هو، جتان سترهن لکن پائونڊن جو سون هٿ لڳو. تنهن کانپوءِ سڪندر مقدوني ۽ سيليوڪس هن شهر کي لٽيو هو. ائنٽي گونس کي هن شهر مان نو لک پنجھتر هزار پائونڊن جو سون هٿ لڳو هو(1). ميڊ ٽن قبيلن ۾ ورهايل هو. 1. ميڊ شمسيه 2. صحرائي بدوي 3. ميڊ عرب. سنه 600 ق.م سندن عروج رهيو. پوءِ يونانين جي ڪاهن ڪري ميڊيا جي سلطنت ناس ٿي ويئي. رالنسن جو بيان آهي ته ساڻن اَرمني به بلوچستان ۾ آيا، جن اَرمن بيل (ارمائيل) شهر جو بنياد وڌو. گوادر جي ڪتبن مان پتو پوي ٿو ته اُهي ڪڇي کان اُتر سنڌ ۾ مڪران ۾ وارد ٿيا. سندن بزرگ سخي ٿنگو جو مزار هن وقت ڍاڍر جي ويجهو آهي(2). مڪران جي ڪناري تي هنن ماهيگيري جو پيشو اختيار ڪيو. اُهي سنڌ ۽ گجرات جي راجائن جي بحري فوجن ۾ نوڪر هئا ۽ سمنڊن تي ڦرلٽ ڪندا هئا. مشهور محقق ڊي گوئجي لکي ٿو ته ايشيا ۾ بهترين ملاحن جو نمونو آهي(3). هنن سڪندر مقدوني جي ٻيڙي کي بلوچستان جي ٻيٽ استولا تي ناس ڪيو هو. هن وقت به مڪران جي ڪناري تي ماهيگيري جو پيسو ڪن ٿا. سندن 4 پاڙا آهن. 1. چل مار زئيءَ 2. جالارزئي 3. گزبر 4. اُرماڙي. منجھانئن چل مارزئي پاڻ کي لاسي سڏائين ٿا. جالارزئي ۽ گزبر بلوچ سڏائين ٿا ۽ اُرماڙي افغان سڏائين ٿا. اُهي رفاعي بزرگ احمد ڪبير ؒ جا مريد آهن(4).

سنڌ کي بلوچن جي مدد:

عام طرح سنڌ جي تاريخن ۾ بلوچن جو ذڪر ڪلهوڙن جي صاحبي جي زماني کان شروع ٿئي ٿو، جا وڏي غلطي آهي. بلوچستان جا رهاڪو بلوچ جن ۾ براهوئي به شامل آهن، هڪڙي صحرائي قوم آهي، جنهن جي سڄي عمر دشت پيمائي ڪندي گذري ٿي. اُهي سردي ۾ بلوچستان جي سرد برفاني هوائن کان بچڻ لاءِ سنڌ ڏانهن هجرت ڪن ٿا ۽ بهار جي موسم ۾ موٽي وطن ورن ٿا. مٿين لڏپلاڻ جو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي. اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته جن جن قومن سنڌ ۾ تمدن جو بنياد وڌو تن جو لنگهه سنڌ ڏانهن ويندي بلوچستان کان ٿيو، جنهن جا دروازا بولان ۽ مولادرا ويندي مڪران جو رستو سنڌ جي ميدان جي سامهون آهن. انهن رستن کان ميڊ، ڪلداني، مصري، بابلي، فنيقي ۽ عرب قومن هن ملڪ تي ڪاهون ڪيون. يوناني فاتح به مڪران جي ڪناري واري رستن کان مغرب ڏانهن ويندي لنگهيو هو. نيرن ڪوٽ جي سمنيه سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف کي لکيو. هن پنهنجي سترهن سالن جي نوجوان ناٺي محمد بن قاسم بن ابي عقيل شيراز جي والي کي ڇهه هزار عراقي فوج جنهن مٿان حزيمه مغيره سپهه سالار هو. ڇهه هزار شامي فوج جن مٿان ابوالاسود جھم بن ظهر سپهه سالار هو. هڪڙو بحري دستو شامي امير البحر جعوبه جي سرڪردگي هيٺ سمنڊ رستي روانو ڪيو، جنهن وٽ قلعه شڪن آلات منجينق هيون. وڏي منجنيق جو نالو عروسڪ هو. منجنيق اصل لاطيني لفظ منجويل تان نڪتل آهي. ڊاڪٽر سپرنگر جو بيان آهي ته رسول الله ﷺ طائف جي گهيري وقت ڪتب فرمايون هيون. عرب، چنيائي ۽ يورپين قومون هن فن مان واقف هيون(1).

بلوچن جون عربن سان جنگيون:

ميڊ ۽ بلوچ اڳ پنهنجي آزاديءَ لاءِ عربن سان هميشه لڙندا هئا. خلافت راشده توڻي اُموي دور ۾ مڪران جو علائقو فسادن ڪري مشهور هو. بلوچ جڏهن فساد ڪندا هئا ته اُن جو اثر سيستان، خراسان ۽ ڪرمان تي پوندو هو. ڪيترائي اُموي جرنيل بلوچن هٿان مارجي ويا هئا، بعض بلوچن ۽ ميڊن جو تعداد اڌ لک کي پهچندو هو. مڪران جي خطري ڪري عرب شاعرن اشعار جوڙيا هئا، جن کي علامه بلاذري نقل ڪيو آهي. اعشي همداني جا ٻه قصيدا هت ڏجن ٿا: منجهان مڪران جي طبعي ڪيفيت جي خبر پئجي سگهي ٿي(2).

وانــــــــــــت تسيرالي مکران    فقد شجط الورود المصدر

ولم تک حاجتي مکران   والا العزو فيها ولا المتجر

ترجمو: او اعشي! تون مڪران ڏانهن وڃين ٿو، وطن ۽ فرودگاه ۾ وڏو فاصلو پئجي ويو! او مڪران! مون کي تنهنجي ڪا ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تو ۾ نه جهاد آهي نه واپار.“

وحدتت عنها ولهم لاتها             مخازلت من ذکرها اوضر

بــــــان الکثير بــهـــا جـالعٌ                و ان القليل بــــهـا سعــورٌ

ترجمو: مون اڳ مڪران ڪونه ڏٺو هو، مگر اُن جو احوال ٻڌو هو، سندس ذڪر وقت پري پڄندو هئس. ڇاڪاڻ ته هڪڙو ماڻهن ۾ بک آهي ٻيو ڪي هنڌ خطرناڪ آهن.“

سڀني کان دلچسپ شعر مڪران نسبت سنان ابي سلمه جو آهي جو ميجر سائيڪس پنهنجي ڪتاب ”ڏهه هزار ميل ايران ۾“ ڏنو آهي. امير معاويه جي ڏينهن ۾ زياد بن ابيه پهرين درجي جو سياستدان هو، هن بلوچستان ۾ مارشل لا جاري ڪيو هو. اها هئي مڪران ۽ بلوچن جي حالت جڏهن فاتح سنڌ مڪران پهتو. مگر محمد بن هارون وڏو ديندار هو. فتح سنڌ جي تحريڪ کي هن اهڙو زور وٺرايو جو ٽي هزار ميڊ ۽ بلوچ اسلامي لشڪر ۾ جهاد جي شوق سان شريڪ ٿيا(1).

علي شير قانع ٺٽوي

مير علي شير قانع ٺٽوي المتوفي سنه 1203هه سنڌ جو جاويد مؤرخ آهي. سنڌ وارن تي سڀ کان وڏو احسان سندس تاريخ ”تحفة الڪرام“ ٽن دفترن ۾ آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها تاريخ مختصر نه هجي ها ته پوءِ ڪجهه به نه هجي ها. انهي تاريخ مان اسين قديم سنڌ کي ڏسي سگهون ٿا. پوءِ جا جيڪي به مؤرخ هن وقت تائين ٿي گذريا آهن، سي هن تاريخ تان روشني وٺندا اچن ٿا. بلڪ سنڌ هسٽاريڪل جنرل جا ڊگري يافته نامهء نگار جيڪي يورپين  تحقيق ۽ تنقيد جا دلداده آهن، سي هن نسخي کي بطور سَنَدَ جي ڪتب آڻين ٿا. مگر ايتري شهرت هوندي به تحفة الڪرام جا بعض بيان بلڪل قياسي ۽ غلط آهن. مثال لاءِ دفتر ٽين ۾ لکي ٿو ته محمد بن هارون مڪراني بن ابان بن عبدالرحيم بن اميرحمزهؓ بلوچن ۽ جتن جو مورث اعليٰ هو(1).

سيد الشهدا حمزه ؓ بن عبدالمطلب کي ٽي حرم هئا. 1. بنت المله 2. خوله بنت قيس 3. سلمه بنت عميس. جن مان ٽي پٽ ابويعلي، عامر، عماره هئا. پويان ٻه بي اولاد مري ويا. ابويعلي کي اولاد هو، مگر سمورا ٻاروتڻ ۾ مري ويا. سلمه بنت عميس مان هڪڙي نياڻي امامه نالي هئي. جنهن جي پرورش جو ڪم آنحضرتؐ، حضرت جعفر طيار ؓ جي اهليه جي سپرد ڪيو هو، جا ڇوڪريءَ جي حقيقي چاچي هئي. حضرت علي ڪرم الله وجھ ساڻس نڪاح ڪرڻ لاءِ بارگاهه رسالت ۾ درخواست پيش ڪئي هئي. مگر حضور پاڪ منظور ڪانه ڪئي. فرمايائون ته حمزه ؓ منهنجو رضائي ڀاءُ هو. هن بيان مان صاف معلوم آهي ته سيد الشهدا جي اولاد جو سلسلو شروعات ۾ منقطع ٿي ويو هو(2). جاٽ يا جت هڪڙي ڌار قوم آهي. بلوچ عربي النسل قوم آهي ۽ جاٽ وچ ايشيا جي قوم آهي، جنهن جو وجود 1400 ق.م تاريخن ۾ نظر اچي ٿو. بلوچن وانگر هيءَ قوم به جنگجو هئي، جنهن کي عرب ”زط“ (جت) ۽ بلوچ جدگال سڏين ٿا. ترمذي باب الامثال ۾ بيان آهي ته حضور پاڪ ﷺ جي صحبت ۾ عبدالله بن مسعود صحابي هڪڙي خاص شڪل واري جماعت ڏٺي هئي، جا جتن وانگر هئي. يوم القادسيہ جي جنگ کان پوءِ فضا جو رخ بدليل ڏسي هنن بلوچن سان گڏجي اسلام اختيار ڪيو. اسلام سندن عزت ڪئي ۽ جاٽ به وفادار ٿي رهيا. بقول طبري جنگ جمل وقت بصره جو خزانو حضرت عليؓ سندن نگراني ۾ رکيو هو. بلاذري اڳتي هلي لکي ٿو ته امير معاويهؓ ۽ وليد بن عبدالملڪ رومن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ جاٽن جا دستا شام جي ڪناري ۽ اناطاڪيه ۾ آباد ڪرايا هئا(1). البته بلوچ جتن مان شاديون ڪن ٿا. رند ۽ لاشار جي ٽيهن سالن واري باهمي ويڙهه جو سبب گوهر جتڻي هئي(2). بلوچن جو وجود بلوچستان ۽ ايراني ۾ هزارها ورهين کان نظر اچي ٿو. ابوالتاريخ هيروڊوٽس بلوچستان جي قديم قومن جا نالا ڏنا آهن. استرابو جو بيان آهي ته گيد روش (بلوچ) قوم جي ڪري مڪران تي گدروشيا نالو پيو. فردوسي شاهنامه ۾ نوشيروان جي زماني ۾ بلوچن جي بغاوت جو ذڪر ڏنو آهي. سندس ابيات راءِ بهادر هيتورام سي.آءِ.اي پنهنجي تاريخ ۾ نقل ڪيا آهن(3). بلوچن جي قدامت لاءِ براهوين جي زبان ڪردگالي ڪافي شاهدي آهي، جنهن ۾ بعض دراوڙي الفاظ شامل آهن. سندن قديم وطن بلوچستان ۾ هيلمند ندي تي برويا Biroea هو. سندن ٻيا قبيلا ناهروئي Narohi سڏبا هئا(4).

علي شير قانع غلطي جو سبب:

ڪنهن قوم جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ مؤرخ قومي قصيدن کان به روشني وٺن ٿا. بلوچ قوم وٽ سندن تاريخ ڪانه هئي. پر سندن قومي قصيدا شاعرن جي سينن ۾ ايام جاهليت وانگر محفوظ رهندا اچن ٿا. بلوچن ۾ رند جا قبيلا ممتاز شمار ٿين ٿا. منجهن ڊومڪي قبيلو شاعرانه مذاق ڪري عرب جي امراء القيس جيترو رتبو رکي ٿو. ڊومڪين جو بلوچن جي علم الانساب متعلق قصيده جو دفتر- شعر جي نالي سان مشهور آهي. هر هڪ بلوچ کي برزبان ياد آهي، ڇاڪاڻ جو سندن قومي ترانو آهي. بلوچ هن قصيدي تي فخر ڪن ٿا. اُهو قصيدو هن ريت آهي:-

 

شکرالحمد گذران پادشاه ملک وتهي

يک وتهه کهوشٽي مہ ملکا درجهان خاک گِل،

مامريدون ياعلي اي دين ايمان ثبتين

حمزه اولاد بلوچي صوب درگاه گرين،

از حلبا  پهاز کهايون  گو  يزيد  اجهيڙوين

کل بلا بهنپور نياما شهر سيستان منزلين. الخ

 

مؤرخن جڏهن بلوچن جي حسب ۽ نسب جي ڳولا ڪئي، تڏهن مٿيون علم الانساب جو قصدو کين بلوچن جي زباني سند طور هٿ لڳو. 19هين صدي تائين جيڪي به مشرقي توڻي مغربي مؤرخ ٿي گذريا، تن دفتر- شعر تان روشني ورتي. ڪپتان ليچ (Leech) هن قصيدي کي سنه 1840ع ۾ جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ۾ شايع ڪرايو. تنهن کان پوءِ به ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيندو رهيو. مسٽر ايل ڊيمس پنهنجي ڪتاب ”بلوچ شاعري“ (Baloch Poetry) جي منڍ ۾ ڏنو آهي. حالانڪ مٿيون شعر غلط آهي ڇاڪاڻ جو اسين ثابت ڪري چڪا آهيون ته امير حمزهؓ جو اولاد ڪونه هو. 19صدي جي آخر ۾ دفتر- شعر جي غلطين کان دنيا پهريون ڀيرو واقف ٿي جڏهن راءِ بهادر هيتورام پوليٽيڪل کاتي مان نڪري ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. تاريخ بلوچستان سان هن کي دلچسپي هئي. سندس پهرين تاريخ ”بلوچي نامہ“ جي عنوان سان اُردوءَ ۾ سنه 1881ع ۾ لاهور مان شايع ٿي، مسٽر جي.ايم.سي ڊوئي هن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري سنه 1885ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪيو. هيتورام کي ستت پنهنجي غلطي جو پتو لڳي ويو. 25- سيپٽمبر 1899ع ۾ کيس شوران جي رند سردار وٽان رندن جو شجرو هٿ لڳو، جنهن کي هن گنج آبه جي قاضي عبدالحق بن قاضي نصرالله خان کان نقل ڪرائي سنه 1907ع واري پنهنجي تاريخ جي ايڊيشن ۾ نقل ڪيو، جو هِت ڏجي ٿو:

مير جلال خان جو پورو شجرو جنهن ۾ سندس پونيئرن جا نالا ڏنل آهن، سي حڪومت هند سرڪاري رڪارڊ لاءِ ”ڪتاب فرنٽيئر ائنڊ اوورسيز ايڪسپڊيشنس فرام انڊيا“ جلد پهرين ۾ سنه 1910ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪرايو(1). مٿين غلطين ڪري نه رڳو سنڌ جون تاريخون غلط آهن، بلڪ سنڌ گورنمينٽ وقت بوقت بلوچن متعلق شجرا سرڪاري رڪارڊ لاءِ تيار ڪرايا، سي به قياسي هئڻ ڪري غلط آهن. مثال لاءِ سنه 1891ع ۾ خانبهادر صادق علي شير علي خان انصاري سنڌ آفيشل رڪارڊ لاءِ مسلمان قومن جي جيڪا فهرست گڏ ڪئي، تنهن رپورٽ ۾ بلوچن جو شجرو هن ريت ڏيکاريل آهي(2):-

سنڌ جي راجائن جي ڏينهن ۾ ديول (ديبل) مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. ابن حوقل جي بيان موجب سمنڊ تي هو. اصطخري هن کي مهراڻ جي الهندي ڪپ تي ڏيکاري ٿو. شريف ادريسي جي بيان موجب سمنڊ جي ڇوڙ کان 6 ميل الهندي طرف هو. مسعودي هن کي سمنڊ کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي لکي ٿو. ميجر جنرل هيگ جي خيال موجب سنڌو جي ڊيلٽا تي الهندي طرف هو. تاريخ طاهري جو مصنف سنه 1606ع ۾ ٺٽي آيو، سو لکي ٿو ته ديبل ٺٽي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ هو. انگريزي ايران جو سفير سر رابرٽ شرلي سنه 1613ع ۾ جھازن رستي هڪ ڏينهن جي مسافري ڪرڻ بعد ٺٽي پهتو هو. ميجر راورٽي 17هين صدي ۾ لکي ٿو ته ديبل پير پٺي کان بگهاڙ جي ڇوڙ وٽ هو. ٺٽي کان 15 ميلن جي مفاصلي تي هو. بشاري مقدسي سنه 375هه ۾ لکي ٿو ته ديبل جي چؤگرد هڪ سؤ ڳوٺ آهن، جن ۾ هندو واپاري رهن ٿا. شهر جي وچ ۾ هڪڙو مندر هو، جنهن جي گنبذ مٿان پتل جي هڪڙي گهوڙي سوار جو بت هو. فاتح عربن منجنيق سان بت کي ڀڳو، جنهن کانپوءِ شهر وارن آڻ مڃي. بقول ابن اثير عربن جو شهر تي ٽي ڏينهن گهيرو رهيو.(1)

عربن ديبل ۾ بيٺڪون قائم ڪيون. علم ۽ عرفان جا چشما هن شهر مان نڪتا. علامه سمعاني المتوفي 562هه ڪتاب الانساب ۾ انهن محدثن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هن شهر ۾ ٿي گذريا. ڪتاب ۾ شهر جو نالو ديبلي ڏنل آهي. عرب واپارين جون هن شهر ۾ ڪوٺيون. شهر جي ديوارن سان سمنڊ جون موجون ٽڪرنديون هيون. هن مردم خيز شهر جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنه 280هه خليفي معتمد عباسي جي زماني ۾ زلزلي ڪري اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو شهر جي ديوارن هيٺ دٻجي مري ويا.(2) سنه 1567ع کان پوءِ ديبل جو نشان هميشه لاءِ مٽجي ويو. سنه 1333ع ۾ شيخ ابن بطوطا اندلسي جن ڏينهن ۾ سنڌ پهتو اُنهن ڏينهن ۾ لاهري بندر جي شهرت هئي.(3) جو سنڌو ندي جي ڇوڙ وٽ اڀرندي ڪپ تي هو. ڪرنل سر ٿامس هالڊچ جو بيان آهي ته ارمائيل (لسٻيلي) کان ٻه رستا ديبل ڏانهن ويندا هئا. هڪڙو لياري ۽ سون مياڻي کان بدولڪ کان ٿيندو منابار (منگهي پير) وٽ ختم ٿيندو هو. ٻيو رستو اٿل ۽ پٻ کان نڪري پهرين رستي سان منگهي پير وٽ گڏبو هو. ٻنهي رستن کان ويندڙن کي پٻ جبل، حب ندي، ملير نئين ۽ گهاري کي ٽپڻو پوندو هو. ڪرنل موصوف مڪران جي قديم نقشي ۾ اُنهن رستن جا نشان ڏيکاريا آهن، جن تان يوناني ۽ عرب فاتح لنگهيا هئا.(1)

الور ۽ ملتان:

عرب فاتحن جي سنڌ تي ڪاهه سنه 89هه/708ع کان شروع ٿي سنه 96هه/715ع تائين ختم ٿي. ديبل کانپوءِ نيرون ڪوٽ، سيوهڻ، برهمڻ آباد، الور اسلامي پرچم هيٺ اچي ويا. اسلامي فوجون ملتان ۽ قنوج تائين پهتيون. نيرون ڪوٽ جي راجا ڀنڊ ڪرڪن رند جي سردار شاهه بوق وٽ مڪران ۾ اچي پناهه ورتي.(2) سنه 94هه/712ع ۾ الور جنگ ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو. سنڌ عربن، بلوچن جي مدد سان فتح ڪئي. هن مهم ۾ فاتحن کي بيشمار، سون، چاندي، جواهر، غلام ۽ ٻانهيون هٿ لڳيون. حجاج بن يوسف هن مهم ۾ دمشق جي خزاني مان سٺ هزار درهم خرچ ڪيا هئا. عربن کي مال غنيمت ۾ تيرهن ڪروڙ پنجھتر لک روپين جو مال هٿ لڳو.(3)

ملڪي انتظام:

فاتح سنڌ هندو جاگيردارن جون رياستون بحال رکيون. مندرن جي خرچ لاءِ پروهتن کي جاگيرون عنايت ڪيون. دولتمند طبقي وارن کي ساليانو 48 درهم، وچين طبقي وارن کي 24 درهم ۽ هيٺين طبقي وارن کي 12 درهم ڍل بطور جزيه ادا ڪرڻي پئي. نو مسلم، زالون، ٻار ۽ نادار مٿين ڍل کان آجا هئا. عربي لشڪر ۾ قريش، بنوڪلب، بنو تميم، بنو اسد، يمن ۽ حجاز جا سپاهي هئا، جن کي سليمان بن عبدالملڪ تخت تي ويهڻ کانپوءِ سنڌ ۽ مڪران ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. عربن مڪران ۽ سنڌ جي عورتن سان شاديون ڪيون. اهڙي انتظام موجب ملتان کان وٺي سمنڊ تائين عربن ۽ بلوچن جون مستقل طور سنڌ ۾ بيٺڪون قائم ٿي ويون. سنڌ باب الاسلام بنجي ويو. سنڌ جو واپار قافلن رستي خراسان ۽ عراق تائين هلڻ لڳو. عربن ملڪي ڪاروبار هندن جي سپرد ڪيو. عربن کي ساليانو 24 لک رپيا سنڌ مان اُپت هئي.(1)

عربي رياستون:

عربن دمشق ۽ بغداد جي خليفن جي هٿ هيٺ سنڌ تي ڪل هڪ سؤ ويهه ورهيه حڪومت ڪئي. چاليهه ورهيه بني اميه خاندان جي خليفن جا عامل سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا ۽ اسي ورهيه عباسي خليفن جا گورنر. تنهن کانپوءِ به ٻه سؤ ورهيه عرب ئي سنڌ جا حڪم هئا. عباسي خليفن جو آخري گورنر عمر بن عبدالعزيز هباري سنه 240هه هو، جنهن جي نالي تي خليفي متوڪل باالله سنڌ جي گورنري جي سند ڏياري موڪليائين.

منصورھ:

عربن جي زماني ۾ ديبل، برهمڻ آباد، نيرون ڪوٽ وڏا شهر هئا. انهن شهرن ۾ غازي محمد بن قاسم مسجدون تعمير ڪرايون هيون. تنهن کانپوءِ عربن بيضاء، منصوره ۽ محفوظه جا شهر تعمير ڪرايا. مٿيان شهر فوجي ۽ سياسي مصلحت ڪري عربن کي تعمير ڪرڻا پيا. مثال لاءِ بنو اميه دور جي آخر ۾ جڏهن سنڌين عربن خلاف قدم کنيو، تڏهن عرب حاڪم حڪم بن عوانه قلبي عربن جي حفاظت لاءِ محفوظه درياءَ جي ڪناري تي تعمير ڪرايو. حڪم سان عمرو بن محمد بن قاسم بهادر سپاهي ساڻ هو، جنهن برهمڻ آباد کان ٻن فرسخ جي مفاصلي تي منصوره جو شهر سنه 110هه ۾ تعمير ڪرايو، جيئن بلاذري المتوفي 279هه جو بيان آهي.(2) تنهن کانپوءِ هجري ٽين صدي جي وچ ڌاري معتصم بالله عباسي جي زماني ۾ سنڌ جي والي عمر ابن موسيٰ بن يحيٰ بن خالد برمڪي بيضاء نالي شهر تعمير ڪرايو، مگر بقا ۽ شهرت منصوره کي قدرت نصيب ڪئي. ابن حوقل جي نقشي ۾ توڻي اصطخري جي بيان موجب هي شهر مهراڻ جي هڪڙي ٻيٽ تي هو. دشمن جي اوچتن حملن کان محفوظ هو. علامه ابوالفضل آئين اڪبري ۾ غلطي سان منصوره جو هنڌ بکر ٻيٽ ڏيکاريو آهي.(1) منصوره ڊيگهه ۾ هڪ ميل ۽ ويڪر ۾ هڪ ميل هو. هن تختگاهه شهر جون جايون ڪاٺ جون ۽ جامع مسجد عمان جي نموني تي پٿر جي هئي. شهر کي چار دروازا 1. باب البحر 2. باب طوران 3. باب سندان 4. باب ملتان(2) هئا. هن رياست جون حدون ديبل کان الور تائين هيون. اٽڪل ٽي لک ڳوٺ منجهس هئا. هتي جي عرب حاڪم وٽ هاٿين جا رٿ ۽ پيادل سپاهي هئا. اهل علم ڪري فضل جو مرڪز هو. چؤطرف سرسبزي ۽ باغات ڪري رونق وارو شهر هو. بشاري مقدسي ديبل، زندريح، ڪدار، مايل، بتلي، بانيه، سدوسان، صيمور، سوباره ۽ الور هن رياست ۾ مکيه ڳوٺن جا نالا ڏيکاريا آهن.(3) منصوره جي قريشي حاڪم جي فوجي قوت چاليهه هزار هئي.

ملتان:

ملتان تي سلطان محمود غزنوي جي ڪاهه تائين برابر عربن جي حڪومت رهي. ٽين صدي هجري جي وچ ڌاري ملتان خودمختيار رياست جي صورت اختيار ڪئي. اڳ منصوره جي ماتحت هو. قنوج جو سنڌوندي تي هو، سندس ماتحت هو. اٽڪل هڪ لک ڳوٺ هن رياست اندر هئا.(4) سام بن لوئي جو اولاد حڪومت ڪندو هو، جي اسماعيلي فرقي مان هئا. هن شهر ۾ آفتاب پرستي جو وڏو مندر هو، جنهن مان هتي جي عرب امير کي گهڻي آمدني هئي. هي شهر منصوره کان اڌ جيترو هو. هت محمد بن قاسم هڪڙي مسجد جوڙائي هئي، جا جلم بن شيبان قرمطي بند ڪرائي هئي ۽ بت خانو به ڊهرائي ڇڏيو هو. هتي جا امير به هاٿين تي سواري ڪندا هئا.

توران:

عربن جهالاوان تي طوران نالو رکيو هو. بشاري مقدسي جنهن 375هه ۾ هن رياست جي تختگاهه قزدار (خضدار) جو ذڪر ڏنو آهي، جنهن ماتحت ڪي ڳوٺ هئا. ابن حوقل سنه 367هه ۾ هن شهر کي ڏٺو هو. حاڪم جو نالو معين بن احمد هو. قزدار ٻن حصن ۾ ورهايل هو. شهر جي وچ ۾ هڪڙي ترائي هئي. هڪڙي پاسي حاڪم جو محلات هو ۽ ٻي پاسي سوداگرن جون جايون هيون، جنهن کي بودين سڏيندا هئا. پهرين حصي ۾ قلعو به هو. قزدار ننڍڙو شهر هو، پر خراسان، مڪران، فارس ۽ هندستان جي وچ ۾ هئڻ ڪري واپار جو مرڪز هو(1). سنه 375هه ۾ سلطان سبڪتگين هن رياست تي قبضو ڪيو هو.(2) ڪيڪانان به هن رياست جو نالو هو.

مڪران:

هن رياست جو والي عيسيٰ بن معدان هو. منجھس ڪنزپور، جنهن کي عربن قنزبون نالو ڏنو، هاڻوڪي شهر پنجگور ڀرسان سندس ڦٽل نشان موجود آهن. وسعت ۾ ملتان جيڏو هو. (ڏسو مڪران گزيٽئر)

مشڪي:

جھالاوان ۽ مڪران جي وچ ۾ وڏي رياست هئي. سندس حاڪم مظاهر بن رجاء هو.

ويهند:

هندستان جي پراڻن شهرن مان هو. هيءَ رياست به سنڌ جي گنڌارا نالي سڏبي هئي، جنهن جو تختگاهه ويهند سنڌونديءَ تي هو. جنهن کي ونسينٽ اي سمٿ اوهند لکي ٿو. هت مسلمانن جي آبادي هئي. سنه 393هه ۾ سلطان محمود غزنوي پشاور فتح ڪرڻ کانپوءِ مٿس قبضو ڪيو هو. بعض لکن ٿا ته هتي جو راجا هندو هو(1).

عرب دور ۾ سنڌ جا علماءِ:

علامه سمعاني ڪتاب الانساب ۾ ديبل جي علمائن جا نالا ڏنا آهن. اموي زماني کان سنڌ ۾ نج اسلامي اصولن ۽ شرعي احڪامن موجب حڪومت قائم رهي. اسلام کان جيڪي ٻڌ وارن ۽ برهمڻن ۾ جھيڙا هئا، سي اختلاف مٽجي ويا. عرب حاڪمن سنڌ وارن جي مذهب ۾ ڪابه دست اندازي ڪانه ڪئي. بني عباس دور تائين ماليات جو انتظام ۽ حساب ڪتاب برهمڻن جي هٿ ۾ رهيو. هندن سان وڏيون رعايتون ٿيون. خليفي عمر بن عبدالعزيز ؓ جي زماني ۾ گهڻن هندن اسلام اختيار ڪري پاڻ تي عربي نالا رکيا.(2) سنڌي جيڪي قيد ٿي عرب ۾ اقليت حاصل ڪئي، تن فاتح قوم وانگر وڏا علمي ۽ سياسي مرتبه حاصل ڪيا. هنن اسلامي علوم ۽ فنون ۾ ڪمال حاصل ڪيو ۽ وڏا وڏا علماءِ سندن مسند درس مان فيضياب ٿيا. علامه سمعاني اوائلي صدين جي سنڌي فاضل محدثن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي عرب ۾ السندي جي لقب سان مشهور ٿيا. شيخ ابوبڪر اسرائفيني جي جداعليٰ جو لقب السندي هو. ابن عبدويه رازي جو اولاد جد اعليٰ جي نسبت ڪري السندي سڏجڻ لڳو. مشهور راوي ابو معشر بن عبدالرحمان پنهنجي وطن ڪري ”السندي“ ۽ جاءِ قيام ڪري مدني سڏجي ٿو. علم حديث، فن مغازي ۽ فقه جو ماهر ٿي گذريو. جامع ترمذي، ابن حجر جي ڪتاب ”تهذيب التهذيب“ ذهبي، ”تذڪرت الحفاظ“ ۾ سندس اُستادن ۽ شيخن جا نالا ڏنا آهن. امام سفيان سوري سندس شاگردن مان هو. سندس تصنيفات مان ”ڪتاب المغازي“ مشهور آهي.(3) سنه 170هه ۾ هن وفات ڪئي. خليفه مهدي سندس جنازي نماز پڙهائي. بغداد جي ”مقبره ڪبير“ ۾ سنڌ جو فخر دفن ٿيو. سندس لائق فرزند ابو عبدالملڪ محمد پنهنجي زمانه ۾ زبردست عالمن مان هڪ هو. مهدي کيس مدينه مان بغداد گهرايو هو. ابو حاتم بن محمد ادريس رازي، محمد بن ليث جوهري، ابويعلي موصلي کانئس حديثون روايتون ڪيون آهن. سنه 244هه ۾ وفات ڪيائين(1).

شيخ الاسلام عبدالرحمان بن عمرو امام اوزاعي، انهن ائمه اسلام مان آهي، جي فقه جي هڪ مذهب جا باني آهن. شام، اندلس ۾ وڏي عرصي تائين سندس پيروڪارن جو ڪثير تعداد رهيو. امام صاحب 88هه ۾ ڄائو، ۽ 156هه ۾ وفات ڪري ويو. علامه ذهبي ۽ حافظ ابن حجر عسقلاني هن کي سنڌي شمار ڪن ٿا. امام مالڪ سندس شاگردن مان هو. سندس شيخن مان امام زهري، يحيٰ بن ڪثير ۽ فتاده وغيره ان کان روايتون ڪيون. امام اوزاعي جي رتبي لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته حديث جا چار امام آهن. اوزاعي، مالڪ، ثوري ۽ حماد بن زيد. امام اعظمؒ جو همعصر هو(2). حافظ ابومحمد خلف بن سالم سندي المتوفي 231هه آل مهلب جو غلام هو. مشهور حافظن مان هو. حافظ ابن حجر کيس ”السندي البغدادي الحافظ“ لکيو آهي. امام احمد بن حنبلؒ سندن شاگردن مان هو(3). ابونصر فتح بن عبدالله سنڌي فقيه ۽ متڪلم جو لقب پاتائين. ابومحمد منصوري دائودي منصوره جو قاضي هو. حنفي فقه جو امام هو. سندس حلقه درس مان گهڻن فيض پاتو. سندس تصنيفات جو تعداد گهڻو آهي(4).

شعراء ڪرام:

ابوالعطا سندي عرب جي قادرالڪلام شاعر جو پهرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. ابوعطا جو سنڌي نالو افلح ۽ سندس پيءُ جو نالو يسار هو. بني اميه جو غلام ٿي آيو. پوءِ منصور عباسي جي زماني ۾ وفات ڪيائين. ابو تمام پنهنجي مشهور ڪتاب الحماسه ۾ کيس جاءِ ڏني آهي. اموي ۽ عباسي درٻارن جو شاعر ٿي گذريو. سندس شمار محضرمي شاعرن ۾ آهي. قصيدو پڙهندو هو ته مجلس وجد ۾ اچي ويندي هئي. نصر بن يسار اموي سندس وڏو قدران هو(1). هجري 4 صدي ۾ شاعر ابو ضلع منصوري سنڌي مشهور شاعر ٿي گذريو. هن سنڌ جو پهريون وطني ترانو تصنيف ڪيو. سندس پهريان ابيات هن ريت آهن:-

لقد انکر اصحابي وما ذالک بالا مثل
اذا ما مدح الهندو سهم الهند في المتقل
(2).
 

تعلقات:

سنه 86هه/705ع ۾ خراسان جي سپهه سالار قتيبه بن مسلم بلخ فتح ڪرڻ کان پوءِ اُتي جي مشهور مندر نوبهار جي متولي برمڪ جنهن جي نسب جو سلسلو ايرانين جي روايتن موجب گستاشپ جي وزير جاماسپ تائين پهچندو هو. تن اسلام اختيار ڪيو. يحيٰ بن خالد برمڪي جو عباسي دور جو مشهور وزير ٿي گذريو، تنهن جي ڪوشش سان سنڌ جا ويد ۽ هندو طبيب عراق گهرايا ويا. اُتي جي دارالحڪمت ۽ دارالتراجم جي وڏن عهدن تي مقرر ڪيا ويا. هارون الرشيد ۽ مامون کي علمي تجسس جو شوق هو. تنهن کانسواءِ برمڪي خاندان جي خاوندن کي علم ۽ حڪمت سان گهڻي دلچسپي هئي، ۽ پنهنجي لياقت ۽ فياضي ڪري مشهور هئا(3). جاحظ المتوفي سنه 255هه مشهور انشاپرداز ۾ فلاسافر هو، سو پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته سنڌ جا هندو جوتش (نجوم)، حساب، بت تراشي ۽ طب ۾ ماهر هئا. يعقوبي جو سياح ۽ فاضل مؤرخ هو، سو لکي ٿو ته هندن جي نجومت مان ايرانين ۽ يونانين به فائدو پرايو(1). الغرض منصور، هارون ۽ برامڪه جي قدردانين ۽ فياضن ڪري سوين پنڊت بغداد پهتا، جن نجوم، هيئت، طب، ادب ۽ اخلاق تي گهڻائي ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪيا. جاحظ سندن نالا بهله (بجي ڪر)، فلبرفل (ڪلپ راءِ)، باکر، ڏاهر، زنڪل، راجه، آريڪل ۽ ٻيا نالا ڏنا آهن. جن مان گهڻن اسلام اختيار ڪيو هو. منڪه کي هارون الرشيد خاص طور گهرايو هو ۽ دارالترجمه ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ تي مامور هو(2). منڪه جو پٽ صالح علم طب ۾ هارون الرشيد جي درٻاري طبيب مشهور يوناني عيسائي حڪيم جبرئيل نجتيشوع کان به گوءِ کڻي ويو هو. ابن ڌن برمڪين جي شفاخاني مٿان افسر اعليٰ هو. پروفيسر زخاؤ سندس نالو ڌنوتري ڏيکاريو آهي. ڪتاب ”ارقام هنديه“ هندن جي حساب جو ڪتاب، جنهن کي مامون جي درٻاري منجم الخوارزمي 840ع ۾ درست ڪيو، سو اندلس جي رستي يورپ پهتو. ابن نديم ڪتاب کي سنڌي مان ترجمو ڪيو. اندلس ۾ مٿيون ڪتاب ”حساب الغبار“ سڏجڻ لڳو. خوارزمي کانپوءِ علي بن المقنع نسوي 980ع- 1040 حساب تي هڪڙو ڪتاب ”المقنع في الحساب الهندي“ لکيو. سنه 154هه/770ع ۾ سنڌ مان جيڪو وفد بغداد پهتو، تنهن نجوم ۽ هيئت جو سنسڪرت ڪتاب ”برهمسپت سڌانت“ ساڻ کڻي ويو. هي ڪتاب آريا ڀٽ جو لکيل هو تنهنڪري سندس عربي ترجمي تي ارجبد نالو رکيو ويو. سنسڪرت جي ٻي ڪتاب ”کنڊا کڊيڪ“ جو ٻن عربي شاگردن ابراهيم فزاري ۽ يعقوب بن طارق ٻنهي عربي طرز تي ترجمو ڪيو. عربن هندن جي جڳن تي ”سني السند هند“ ۽ ”ايام السند هند“ نالا رکيا. مگر ابتدائي عرب هيئت دانن ۾ سڌانت جو گهڻو رواج پيو. چوٿين صدي هجري ۾ سڌانت اسپين پهتو، جت خوارزمي جي زيچ سند هند صغير جو مسلمه بن احمد مجريطي سنه 398هه/1007ع ۾ خلاصو لکيو.(1) تنهن کانپوءِ اسپين جي ٻي هڪڙي عالم ابوالقاسم اصبغ المتوفي 429هه سنه 1035ع ۾ سڌانت جي اصول تي وڏي زيچ تيار ڪئي.(2) موسيٰ خوارزمي جو ڪتاب ”الجبروالمقابله“ 1831ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو.

خليفي موفق بالله به هجري ٽين صدي ۾ دوائن جي تحقيقات لاءِ ڪي ماهر سنڌ ڏانهن روانا ڪيا هئا. معتقد سنه 279هه ۾ احمد بن خفي ديلمي کي علم حساب ۽ اصطرلاب جي تحقيقات لاءِ هندستان ڏانهن موڪليو هو. سندس ڏينهن ۾ شوال سنه 280هه جڏهن ديبل ۾ چنڊ گرهڻ لڳو ۽ زلزلي ڪري ڏيڍ لک ماڻهو مئا، تڏهن نجومين هڪدم خليفي کي خبر ڏني هئي.(3) طب جي هندي ڪتاب ”ششرت، جنهن کي عرب ”سسرو“ سڏين ٿا، سو خالد برمڪي جي حڪم سان ترجمو ٿيو. پوءِ عبدالله بن علي عربي تان فارسي ۾ ترجمو ڪيو.(4) يعقوبي هڪڙي ندان جو ذڪر ڏئي ٿو. جنهن ۾ جڙي ٻوٽين جو ذڪر ڏنل هو، تنهن کي پنڊت منڪه سليمان بن اسحاق لاءِ عربي ۾ ترجمو ڪيو. پنڊت ستيا ورمن جي ڪتاب جو به بيروني ذڪر ڏنو آهي. شاناق (چاڻڪيه) پنڊت جو ڪتاب جانورن جي بيماري متعلق ترجمو ڪيو ويو. (5) ڪنڪه پنڊت جو ڪتاب جوتش متعلق منصور جي زماني ۾ ترجمو ٿيو. (6) ابن نديم هن پنڊت جي چئن ڪتابن جا نالا ڏنا آهن. 1. ڪتاب النمودار في الاعمار، عمر متعلق 2. اسرار المواليد، ڄم متعلق 3. ڪتاب القرانات الڪبير، شگون بازي متعلق 4. ڪتاب القرانات الصغير، هي ڪتاب طب متعلق آهي. تنهن کان سواءِ ٻيا ڪتاب جهڙوڪ ”ڪتاب في الحداث العالم والدور في القرآن“ دنيا جي واقعات ۽ ستارن جي چڪر نسبت. فن موسيقي تي ڪتاب نافر جو اندلس پهتو. ابو صالح بن شعيب مهاڀارت جو عربي ۾ ترجمو ڪيو، تنهن کانپوءِ ابوالحسن علي جبلي جو شاهان ديلمي جي ڪتب خاني جو مهتمم هو، 417هه ٻيهر ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪيو. (1) وياگهر جو ڪتاب ”ادب الملڪ“ هٿيارن جي جاچ متعلق ۽ سلطنت جي طريقن متعلق ابو صالح بن شعيب عربي ۾ ترجمو ڪيو. جابر بن حيان علم ڪيميا تي ڪتاب ترجمو ڪيو. ”ڪتاب حدود منطق الهند“ هندي منطق ۽ فلسفي متعلق ترجمو ٿيو. هندي بلاغت تي به يحيٰ بن خالد برمڪي ڪتاب ترجمو ڪرايا هئا.(2)

قرآن جو هندي ترجمو:

اڄ کان سوا هزار ورهيه اڳ الور جي راجا مهروگ منصوره جي حاڪم امير عبدالله بن عمر کي لکيو ته ڪو اهڙو عالم وٽس روانو ڪري جو اسلام جو مذهب سمجھائي سگهي. امير هڪڙي عالم کي جو مختلف زبانن جو ڄاڻو هو، راجا ڏانهن موڪليو. هن ٽن سالن جي عرصي ۾ قرآن پاڪ جو هندي ۾ ترجمو ڪيو. (3)

تهذيب:

سنڌ ۾ عربن جي زماني ۾ گڏيل تهذيب هئي. سنڌي عراق جي پوشاڪ پائيندا هئا ۽ عرب امير هندو راجائن وانگر هاٿين تي سواري ڪندا هئا.

زبان:

عربي زبان سرڪاري زبان هئي. جيئن انگريزن جي حڪومت اندر انگريزي دفتري زبان هئي، تنهنڪري عوام کي حڪمران قوم جي زبان سکڻ لازمي هو. ديبل، منصوره، بکر ۽ ٻين شهرن ۾ جامع مسجدن سان لڳ مدرسا هئا جن ۾ علماءِ ڪرام تعليم ڏيندا هئا. عرب علماءِ مختلف زبانن کان واقف هئا. سنڌي زبان جو وجود قائم هو، اها گهرو زبان هئي. مسعودي جو سنه 303هه ۾ هندستان آيو هو، سو لکي ٿو ته سنڌ جي زبان هندستان جي زبانن کان ڌار هئي. مڪران ۾ بلوچي ۽ گجرات ۾ لاڙي زبان جو ذڪر ڏئي ٿو. ابن نديم ڪتاب الفهرست ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ ٻه خط رائج هئا. (1) ابو الريحان البيروني جو محمود غزنوي جو معاصر هو، سو هندستان جي زبانن جي باري ۾ لکي ٿو ته ڪشمير، بنارس ۽ مده ديش ۾ سڌماترڪ زبان جاري هئي. مالوه ۾ ناگري، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ لاڙي، بنگال ۾ گوڙي، ڪڇ، گجرات ۽ سنڌ ۾ ڀاتيه زبانون رائج هيون. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ملواري خط رائج هو. (2) امير خسرو جو ستين صدي ۾ ٿي گذريو، سو سنڌي زبان جو ذڪر ڪري ٿو. سنڌي جي وجود هوندي به سوين عربي لفظ سنڌي زبان ۾ اهڙيءَ ريت پيوست ٿي ويا آهن، جو لساني ماهر کان سواءِ ٻي ڪنهن کي هن وقت انهن لفظن جي عربي هئڻ جي خبر پئجي نه ٿي سگهي. سنڌي خط عربي ۾ بدلجي ويو. سنڌي زبان فصاحت ۽ بلاغت ۾ ترقي ڪئي. عربي مذهبي زبان هئڻ ڪري سنڌي پڙهڻ لڳا.


(1)  الڪامل: ابن اثير، جلد 4، ص. 258

(2) تاريخ الخلفاءِ: سيوطي، ص 380، ڪلڪتو

(3) عجائب الاسفاءَ: جلد 2، ذڪر لاهري، اُردو ترجمو لاهور

(1) Sir T.H. Holdich: The Gates of India, Sketch Maps of Medival Makran

(2) A.W. Hughes: Baluchistan, Baloch Border Tribes, P. 114, London, 1877

(3) تاريخ هندستان: شمس العلماء مولوي ذڪاءَ الله، جلد: 1، ص 246، علي ڳڙهه

(1) عرب ۽ هند جا تعلقات: ص 201-202

(2) فتوح البلدان: بلاذري، ص 444، لنڊن

(1) آئين اڪبري: ابوالفضل، جلد 2، ص 160، نولڪشور لکنؤ

(2) احسن التقاسيم في معرفة الاقاليم: بشاري مقدسي، ص 279، لنڊن 1906ع

سندان جي شهر کي بني سامه جي غلام فضل بن ماهان مامون جي ڏينهن ۾ فتح ڪري جامع مسجد تعمير ڪرائي.

(3) مروج الذهب: سموذي، جلد: 1، ص 379، احسن التقاسيم، ص 479

(4) تقويم البلدان: ابوالفدا، ص 350، پيرس

(1) معجم البلدان: ياقوت، جلد 7، ص 78، مصر

(2) فرشتا: جلد 1، ص 19، نولڪشور

(1) زين الاخبار: گرديزي، ص 66، برلن- تقويم البلدان: ابوالفدا، ص 357

V.A Smith: The Early History of India, Vol. I, P. 345

(2) فتوح البلدان: بلاذري، ص 446، يعقوبي، جلد 2، ص 262

(3) سيرة النبي: شبلي نعماني، جلد 1، ص 22

(1) ڪتاب الانساب: سمعاني، ص 314، تذڪرة الحفاظ، جلد 1، ص 212، خطيب بغدادي، جلد: 13، ص 427

(2) ڪتاب الانساب: سمعاني، ص 314، خطيب بغدادي، جلد 3، ص 326

(3) تذڪرة الحفاظ، جلد 1، ص 160، تهذيب التهذيب، جلد 6، ص 238

(4) احسن التقاسيم، ص 481

(1) ڪتاب الاغاتي جلد: 16، ص 78 کان 84، شرح ديوان الحماسه، جلد: 2، ص 30

(2) آثار البلادة قزويني، ص 85

(3) ڪتاب الفهرست: ابن نديم، ص 345، ليپزنگ 1871ع

(1) تاريخ ابن واضع يعقوبي جلد: 2، ص 105، لنڊن

(2) ابن ابي اصيبعه: تاريخ الاطباءِ، جلد: 2، ص. 33 مصر

(1) قفطي ص 178، مصر. هجري ٽين صدي ۾ البيروني السند هند الصغير جي تصحيح ڪئي.

(2) طبقات الامم: قاضي صائد اندلسي، ص. 50. فاتح العلوم: محمد خوارزمي ص. 202 ليڊن. اسپين جي هڪڙي يهودي فاضل ابراهيم بن عرا عبراني زبان ۾ سڌانت جي بعض اصولن تي زيچ تيار ڪيو، جو يورپ وارن وٽ پهتو.

(3)  تاريخ الخلفا: سيوطي، ص. 380 ڪلڪتو. اجر زلزلو، ”ارد بيل“ آيو. اردبيل کي غلطيءَ مان ديبل ڪيو ويو. (نبي بخش)

(4)  ابن نديم: ڪتاب الفهرست، ص. 303

(5)  مفاتح العلوم: خوارزمي، ص. 181

(6)  عيون الاطباءِ في طبقات الاطباءِ: ابن ابي اصبيعه، جلد: 2، ص. 33 مصر

(1)  ايلٽ: تاريخ هند، جلد: 1، ص. 100

(2) جاحظ: ڪتاب البيان و التبين، جلد: 1، ص. 40 مصر

(3) عجائب الهند: بزرگ بن شهريار، ص. 4 لنڊن

(1) مروج الذهب: مسعودي جلد: 1، ص. 162- ڪتاب الفهرست: ابن نديم، ص. 24 مصر

(2) ڪتاب الهند: البيروني، ص. 182، ابوالفضل آئين اڪبري ۾ سنڌي، بلوچي، پشتو زبانن کي ڌار شمار ڪري ٿو.

(1) Frontier & Overseas Expeditions from India, Part. I, P. 32, Calcutta, 1910

(2) K.B. Sadiq Ali Sher Ali Khan Ansari: Muslman Raees found in Sindh Baluchistan & Afghanistan, 1901

(1) آئينه حقيقت نما: سيد اڪبر بجنور

(2) عرب ۽ هند جا تعلقات: سيد سليمان ندوي، ص 13-14

(1) حجاج بن يوسف وڏو ظالم هو. هن 3 لک مسلمان مارايا هئا. اُموي دور ۾ وڏو سياستدان ٿي گذريو. ڏسو مشاهير اسلام: قاضي سليمان، ذڪر حجاج بن يوسف.

نوٽ: جسڪ مڪرانات جو مکيه بندر هو. سنڌ، مڪران ۾ تجارتي ڪوٺين وجهڻ کان اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپني ايراني نار جي واپار کي لٽڻ لاءِ ڪوٺي وڌي هئي. هينئر سندس اوج گهٽيل آهي.

(2) ڪتاب الهند: البيروني، ص 102، لنڊن

نوٽ:- سنڌ جي بحري قزاقن جي خوف کان حيره ۽ اُبلہ جي بندرن کي قلعا ڏنل هئا.

(1) فتوح البلدان: بلاذري، ص 435 آهي. پورچوگيزن مٿس سيلائو نالو رکيو، عربن سرانديپ مٿس نالو رکيو. انگريزن مٿس سيلان نالو رکيو.

The Cambridge History of India, Vol. I, CH, P. XXV, P. 606, Cambridge, 1920

نوٽ: سنه 1901ع واري هندستان جي آدمشماري موجب سنڌ ۾ بلوچن جو ڪُل تعداد 542000 هو. رندن جو تعداد هڪ لک ستر هزار هو. باقي ٻيون بلوچ قومون هيون.

(2) سرانديپ جو اصل نالو پالي زبان ۾ سنهالاديپا آهي

(1) The Cambridge History of India, Vol. I, CHP. XXVI, P. 606, Cambridge, 1923

A.J. Grant: Herodotus, Vol.I, P. 60, Census of India 1901 Vol. IX, Sindh tribes cattl. XIII of Bombay.

(2)  H.Elliot: History of India, Vol. I, P. 521

(3) M.J. DE Degoeje: Memoires D’ Historic at DE geographic orientales, No. 3, 1903

سندن خوف ڪري حيره جي بندر کي قلعو ڏنل هو.

(4) R.Hughes Buller: Gazetteer of Makran, Meds, Bombay, 1906

نوٽ: ميڊ جهازرانن جي مدد سان فارسين جا پنج قبيلا سمنڊ رستي گجرات پهتا هئا.

(1) H.Elliot: History of India, Vol III, PP. 75-78

(2) تاريخ اسلام: عبدالرحمان شوق، جلد 3، ص 517، لاهور

(1) Sir T.H.Holdich: The Gates of India, CHP. VIII, P. 293, London, 1910

(1) ڏسو تحفة الڪرام: مير علي شير قانع، دفتر 3، ذڪر جت ۽ بلوچ، مطبع ناصري بمبئي، فارسي.

(2)  سيرت ابن هشام، اسدالغابه، صحيح بخاري، طبقات ابن سعد، جلد 3، ص 7

(1) عرب ۽ هند جا تعلقات: سيد سليمان ندوي، ص. 11-12

(2) L.Dames: Popular Poetry of the Balochs, Herioe Balochs, Londn, 1907

(3) تاريخ بلوچستان: راءِ بهادر هيتورام، لاهور، 1907ع

(4) Dames Bray: The Brahwi Language, Part I, introduction, Caluclta, 1909

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org