سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:6 

        علي مراد خان  چاڪر   مبارڪ   غلام حيدر  رستم خان  خيرو خان           ڄام ننده

 

مير محمد خان          مير صوبدار خان   مير بجر                     خدا بخش

 

جهان خان    احمد               عبدالله خان        ڄام ننده

 

          علي احمد            بهرام خان                 غلام حسين

 

                             فضل علي            غلام شاهه   غلام محمد     بجر    عبدالله

 

مير مراد علي          ڪرم علي                        غلام علي         مير فتح علي     عبدالله

 

يارمحمد  مير محمد  نصير خان  نورمحمد خان    محمد خان    صوبدار خان

 

عباس علي         حسن علي        حسين علي             شهداد المتوفي 1857

                              المتوفي 1878

بلوچن جون جيڪي به سنڌ ۾ سرداريون قائم هيون ۽ ٻيا بلوچ جيڪي سنڌ جي سرحد تي سڪونت پذير هئا، سي ٽالپرن کي پنهنجو سردار سمجھڻ لڳا. ڇاڪاڻ جو ڪلهوڙن جا سمورا فوجي عهدا ٽالپرن جي هٿ هيٺ هئا. ميان يار محمد اپر سنڌ ۾ شڪارپور ۾ ڳوٺ لکي دائودپوٽن ۽ مهرن کان کسي ورتا. بکر جي نوابن کي مجال نه هئي جو ساڻس مقابلو ڪري سگهن. آخر 18 ورهيه حڪومت ڪري سنه1131هه/1718ع ۾ هن دنيا مان وفات ڪري ويو ۽ خداآباد ۾ دفن ٿيو.

ميان نور محمد خان:

ميان نور محمد خان پنهنجي پيءُ جي گادي تي ويٺو. شروعات ۾ سندس ٻن ڀائرن غلام حسين ۽ محمد دائود ساڻس جنگيون جوٽيون، پر پوءِ ڀائرن پاڻ ۾ پرچاءُ ڪيو. ميان نور محمد دائودپوٽن کان شڪارپور ۽ خانپور هٿ ڪيا(1). اڳ لکي چڪا آهيون ته دائودپوٽن شڪارپور کسجڻ کانپوءِ صادق علي خان جي پٽ بهاول خان پهرين سنڌوندي جي اڀرندي ڪپ تي بهاولپور رياست جو پايو وڌو(2).

دهلي جي مغلن جي ڪمزوري:

اورنگزيب عالمگير اول سنه 1069هه/1707ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ مغل شهنشاهت زوال ڏانهن تڪڙا قدم کڻڻ لڳي. کانئس پوءِ بهادر شاهه جاجوجي خونريز معرڪي کان پوءِ پنهنجي ڀاءُ اعظم کي شڪست ڏئي دهلي جو تخت 64 ورهين جي ڄمار ۾ هٿ ڪيو. هن ڪُل 5 ورهيه حڪومت ڪري سنه 1124هه/1712ع ۾ وفات ڪئي. هو ”شاهه بيخبر“ جي لقب سان سڏبو هو. کانئس پوءِ پٽس جھاندار شاهه تخت تي ويٺو، جو هٺيلو ۽ عياش هو. لعل ڪار نالي هڪڙي نيچ عورت جي عشق ۾ اهڙو ڦاسي ويو، جو دنيا مافيها کان گويا بي خبر هو. بازار مان لنگهندي جنهن به خوبصورت عورت تي سندس نظر پوندي هئي تنهن تي زبردستي قبضو ڪندو هو(3). يارهن مهينا بدناموسي سان حڪومت ڪري تخت تان لاٿو ويو. سنه 1124هه/1713ع ۾ فرخ سير تخت تي ٿاڦيو ويو، جو ڪمزور طبيعت جو انسان هو. نيچ ماڻهن جي صحبت ۾ سمورو وقت گذارڻ لڳو ۽ کين وڏا عهدا ڏيڻ لڳو، توڻي جو عهدن جي اُهي سراسر نالائق هئا. سيد ڀائر سيد حسين ۽ سيد عبدالله جي وزارت تي قابض هئا، تن پهريان کيس انڌو ڪري پوءِ مارائي ڇڏيو. پوءِ شاهي خاندان جي شهزادن مان رفيع درجات کي تخت تي ٿاڦيائون. محلات جو توڻي بيروني ڪاروبار سادات ڀائرن جي قبضي هيٺ هو. ٽن مهينن کان پوءِ هن وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس وڏي ڀاءُ رفيع الدوله کي تخت تي ويهاريو ويو. دستور موجب تخت سيد ڀائرن جي قبضي هيٺ هو، جي سياه ۽ سفيد جا مالڪ هئا. ٽن مهينن کانپوءِ هن وفات ڪئي. مؤرخن جو رايو آهي ته سيدن ٻنهي ڀائرن کي زهر ڏياري پورو ڪيو هو. سنه 1131هه/1719ع ۾ محمد شاهه تخت تي ويٺو، جنهن ٽيهن سالن تائين حڪومت ڪئي. تخت تي ويهڻ مهل سندس عمر 17 سال هئي. جن مان سانده ستن سالن تائين محلات اندر نظربند هو. کيس حڪومت هلائڻ جي ڪا خبر ڪانه هئي. رستم علي تاريخ هند ۾ لکي ٿو ته ڪوڪي نالي هڪڙي فقير جي ڌيءَ تي عاشق ٿي اُن کي محلات ۾ ويهاريائين. شهنشاهه هن فقيرزادي تي ايترو فدا هو جو سرڪاري ڪاغذن تي به ڪوڪي مهرون هڻڻ لڳي. سلطنت جا وڏا وڏا امير ڪوڪيءَ معرفت شهنشاهه سان گڏجڻ لڳا. آصف جاه وزيراعظم موقعو ڏسي حيدرآباد ۾ خودمختياري حاصل ڪئي. دهلي جو تخت جنهن تي اڪبر، جھانگير، شاهجهان ۽ عالمگير جھڙن باجبروت شهنشاهن عدل ۽ حشمت سان حڪومت ڪئي هئي، تنهن تي هينئر ميراثين ۽ ناچڻين جو قبضو هو. محمد شاهه جي ٻي راڻي اڌم ٻائي به ناچڻي هئي، جا حضرت قدسيه جي لقب سان مشهور هئي. هن منجهان کيس احمد شاهه نالي پٽ هو. مغل شهنشاهت جا صوبا مرڪزي ڪمزوري ڪري هڪ ٻي پٺيان ڇڄندا ويا.

ميان نور محمد جو سنڌ تي قبضو:

محمد شاهه جي ڏينهن ۾ مغل سلطنت گهڻو ڪمزور ٿي وئي. دکن نظام الملڪ ۽ مرهٽن ۾ ورهائجي ويو. مرهٽا دکن ۾ چوٿ اوڳاڙڻ لڳا. محمد شاهه هندن کي خوش رکڻ لاءِ جزيه ڍل مٿن معاف ڪئي. جوڌپور، اڌيپور ۽ جئه پور جي راجپوت راڻن خودمختياري حاصل ڪئي. پنجاب ۾ سکن جن جماعتون منظم صورت ۾ راوي کان جمنا تائين موقعي سر ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. سعادت علي خان اوڌ جو صوبيدار خودمختيار هو، فقط نالي طور صوبيدار سڏبو هو. مرهٽا جمنا تائين مغليه علائقن کي ڦرڻ لٽڻ لڳا. سنه 1737ع ۾ باجي راءِ پيشوا نظام کي شڪست ڏيئي چمبل تائين ملڪ مرهٽا ڪنفيڊريسي هيٺ آندو. سڄي هندستان ۾ مرهٽا طاقتور هئا. دهلي جي ڪمزور وزارت بلڪل بيڪار هئي. دهلي جي دربار پاران بکر ۽ ٺٽي جا نواب حڪومت هلائيندا هئا. ڪي پنج هزار ۽ ڪي هفت هزاري رتبو رکندا هئا. مرڪزي حڪومت جي ڪمزوري ڪري منجھن ايتري طاقت ڪانه رهي هئي جو سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي وڌندڙ طاقت سان مقابلو ڪري سگهن. بلوچي سردار ڪلهوڙن جي فوج جا سپهه سالار هئا، جن جي فوجي لياقت دهلي جي دربار کان خراج تحسين وصول ڪري چڪي هئي. سنه 1147هه/1734ع ۾ ڪلهوڙن جي سپهه سالار مير شهداد خان وفات ڪئي، کيس سڪرنڊ تعلقي ۾ دفنايو ويو. سندس مقبرو قبو شهداد خان سڏجي ٿو. سندس فرزند مير بهرام خان ميان نور محمد جو سپهه سالار ۽ صلاحڪار مقرر ٿيو. سنڌ هڪ ڏورانهون علائقو هو، تنهنڪري سنه 1736ع ۾ مغل سرڪار بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جا پرڳڻا ميان نور محمد جي حوالي ڪيا. ٺٽي جو نواب صادق علي خان پويون مغل نواب هو، جنهن کان ميان جي ٻن نائبن شيخ غلام محمد ۽ شيخ عزيزالله حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون. ڪلهوڙن جي صاحبي جو ٻيو دور 1736ع ۾ شروع ٿيو. هنن دهلي کان آزادي حاصل ڪئي.

باب پنجون

 

سنڌ ۾ اوائلي مغربي سياحن جو اچڻ

 

اسين اڳ ڏيکاري چڪا آهيون ته يورپ جي اڇي چمڙي وارين قومن مان پورچوگيز پهرين قوم هئي، جيڪا سمنڊ رستي هندستان جو رستو معلوم ڪري مشرق جي اڻکٽ دولت کي لٽڻ لڳي. پورچوگيزن کان سواءِ ٻين مغربي ملڪن جا رهاڪو مغلن جي ڏينهن ۾ هندستان جي سياحت ڪرڻ لڳا. منجھانئن ڪي ڊاڪٽر، ڪي واپاري ۽ ڪي مغليه فوجن ۾ توبچي هئا. منجھانئن ڊيوريٽ باربوسا پورچوگيز هو، پيرارڊ فرينچ هو، ٽئورنير، ٿيوناٽ، برنيئر فرينچن ۽ اطالوين، پيٽروڊي لاوالي رومن، مانڊيلسلوڊئنش، مانوسي وينس، گيميلي ڪريري وغيره جي سفرنامن مان مغل شهنشاهت جي مالي، ملڪي انتظام جي خبر پئجي سگهي ٿي. جيسين مغل شهنشاهت ۾ دم خم هو، تيسين صليب جا پرستار واپاري لباس ۾ رهيا. وري جڏهن مغليه سلطنت زوال ڏانهن قدم کڻڻ لڳي ۽ مختلف صوبن جي حاڪمن خودمختياري حاصل ڪئي، تڏهن اڇي چمڙي وارين جھازران قومن هندستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي. اسان جو تعلق فقط انهن مغربي سياحن سان آهي، جن وقت بوقت سنڌ تي قدم رکيو.

ڊيوريٽ باربوسا:

عيسوي 16 صدي جي شروعات تائين يورپ جي اڇي چمڙي وارين قومن کي سنڌ متعلق بلڪل ٿوري خبر هئي. سڪندر مقدوني پهريون مغربي هو، جنهن سنڌ جا حالات خاص ماهرن جي جماعت معرفت گڏ ڪيا هئا. اهڙيءَ طرح مغربي مؤرخن مان ابوالتاريخ هيروڊوٽس المتوفي 408 ق.م پهريون مؤرخ هو، جنهن مغربين کي سنڌ ملڪ سان روشناس ڪرايو هو. هن سنڌ متعلق ايترو لکيو آهي ته سنڌ جا رهاڪو ڪانن جي جھوپڙين ۾ رهن ٿا ۽ سندن گذران مڇين ۽ پکين جي گوشت تي آهي(1). ڊيوريٽ باربوسا پهريون مغربي سياح هو، جنهن ايراني نار جي ٻيٽ هرمز کان کنڀات تائين سمنڊ رستي سفر ڪندي سنڌ متعلق هيٺيون بيان ڏنو آهي:

”سنڌ تي عربن جي حڪومت آهي، هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجن گهوڙن کي سڪل ماڇي کارائين ٿا. هتي جا  ڪانا ماڻهوءَ جي ڄنگهه جيڏا ٿلها ٿين ٿا. سنڌوندي فرات کان نڪري ايراني نار کي لتاڙي کنڀات جي کاري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي(2).“

ان ۾ شڪ ڪونهي ته ڪڇ جا بلوچ گهوڙن کي سڪل گوشت ۽ مڪران جي ڪناري وارا بلوچ سڪل مڇي کارائين ٿا. باقي سنڌونديءَ جو فرات مان نڪرڻ ۽ کنڀات جي نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ مان هن مغربي سياح جي ڪور چشمي جي خبر پئجي سگهي ٿي. مگر ايترو چئبو ته سڪندر مقدوني کانپوءِ هي ٻيو نمبر مغربي هو، جنهن سنڌ جو ذڪر اڻپورو ڏنو آهي.

ايسٽ انڊيا ڪمپني:

31- ڊسمبر 1606ع ۾ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ انگريز واپارين جي هڪڙي ڪمپني کي هندستان سان واپار ڪرڻ لاءِ پروانو ڏنو. تنهن کان اڳ 1602ع ۾ ڊچن جي ڪمپني کڙي ٿي. مٿيون تجارتي ڪمپنيون ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي نالي تي سڏجڻ لڳيون. ڊچن جزائر مشرقي ڏانهن رخ رکيو. انگريزن سنه 1611ع ۾ سورت ۾ واپار جي پهرين ڪوٺي وڌي. سنه 1580ع ۾ پورچوگيز سپين جي ماتحت ٿي ويا. سندن ٻيڙي کي انگريزن سنه 1612ع ۾ سورت وٽ شڪست ڏني. هن شڪست کانپوءِ انگريز هندستان جي سمنڊن جا مالڪ بنجي ويا. سندن واپار روزمرهه ترقي ڪرڻ لڳو. سنه 1615ع ۾ فقط ٻن جھازن جي سامان لاءِ کين 14 هزار پائونڊ مغل سلطنت کي محصول ڏيڻو پيو جن مان هڪڙي جھاز تي هڪ لک چاليهه هزار پائونڊن جو هندستاني مال ڀريل هو(3).

ائنٿني سٽارڪي ۽ سر رابرٽ شرلي:

رابرٽ شرلي ۽ ائنٿني سٽارڪي ٻه نصيب آزما انگريز هئا، جن کي شاهه عباس صفوي ايراني فوجن کي مغربي تعليم ڏيڻ تي مقرر ڪيو هو. سنه 1608ع ۾ ايران جي شهنشاهه رابرٽ شرلي کي ايران ۽ يورپ جي تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ يورپ ڏانهن روانو ڪيو. ائنٿني سٽارڪي سنه 1612ع ۾ انگريزن پاران ڊرئگن جھاز سان جاسوسي ڪرڻ لاءِ ٺٽي پهتو. ان ارادي ۾ هو ڪامياب ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو لاهري بندر وٽ پهچڻ وقت هڪڙي پوچوگيز پادري هن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. سر رابرٽ شرلي انگلينڊ جي بادشاهه جيمس پاران سرٿامس پاويل کي ايران لاءِ سفير ڪري انگريزي جھاز ايڪسيڊيشن تي جنهن جو ڪپتان والٽر پيٽن هو، ٺٽي پهتو. هن پهرين مڪران رستي کان ايران وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر بلوچن جي خوف ڪري ٺٽي کان سمنڊ رستي وڃڻ جو ارادو ڪيو(1).

ٺٽي جو مغليه نواب شرلي جي ايلچي ڪرسٽوفرينو کي مشرقي رواداري موجب عزت سان گڏيو. پورچوگيز اڳيئي ديرو ڄمائي ويٺا هئا، تنهنڪري نواب انگريزن کي وڌيڪ مال گهرائڻ لاءِ صلاح ڏني. انگريز سندن غالب حريف هئا. مگر شرلي نواب جي اجازت کان سواءِ ٻيڙين رستي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نواب جي ماڻهن کيس جھلي موٽائي آندو. مٿين اچ وڃ ۾ شرلي جا گهڻائي ماڻهو مارجي ويا. هو ٺٽي ۾ اٽڪل ٻه مهينا ترسيل هو. پوءِ آگره ڏانهن شهنشاهه جھانگير کي گڏجڻ ويو، جنهن کيس راهداري عنايت ڪئي(2). شرلي ايران پهتو. اُتي هڪڙي ايراني عورت سان شادي ڪيائين. ايران موٽڻ کان پوءِ سنه 1615ع ۾ شاهه عباس اعظم هن کي ملازمت کان برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري دلشڪستو ٿي مري ويو. سندس ايراني زال هن جي مڙهه کي روم ۾ دفنايو(3).

نڪولس وٿنگٽن:

آڪٽوبر سنه 1613ع ۾ نڪولس وٿنگٽن ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران احمد آباد کان سنڌ ۾ نير خريد ڪرڻ آيو. ننگرپارڪر کان نيرون ڪوٽ رستي ميرپور بٺورو پهتو. رستي تي بلوچ ڌاڙيلن سندس سامان ڪپڙن سميت ڦري ڇڏيو. آخر ننگر پارڪر جي هڪڙي هندو واقف ڪار واپاري کان خرچ وٺي، ڪڇ جي رڻ کي لتاڙي احمد آباد پهتو. هن جيڪي ڏٺو سو قلمبند ڪندو ويو(1).

ٿامس رو:

سنه 1615ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جيمس پهرين پاران
سر ٿامس رو آگري ۾ سفير ٿي آيو. هندستان اچڻ کان اڳ هو قسطنطنيه ۾ سفير رهي چڪو هو. مشرقي زبانن، رسمن ۽ عادتن کان واقف هو. هن جيڪي سوکڙيون پاڻ سان آنديون هيون، تن ۾ تماڪ به هو. تماڪ توڻي جو اڪبر اعظم جي زماني ۾ هندستان پهچي چڪو هو، پر اڃا سوڌو قيمتي چيز هو. يورپ ۾ سندس بنياد 1560ع ۾ پيو، جڏهن هڪڙي ڊچ واپاريءَ لزبن جي فرينچ سفير جان نڪاٽ کي سوکڙي طور ڏنو هو
(2). 24 ڊسمبر 1615ع ۾ انگريزي سفير ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي سنڌ متعلق هيٺين رپورٽ پيش ڪئي:

”مون کي پڪيءَ ريت معلوم ٿيو آهي ته سنڌوندي واپار ڪرڻ لاءِ مفيد آهي، ڇاڪاڻ جو لاهور کان سنڌ تائين آسانيءَ سان درياءَ رستي سفر ڪري سگهبو. سنڌ جي آبهوا صحت بخش آهي. نير ۽ ٻيون شيون انگلينڊ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون(3).

سرٿامس رو سنه 1616ع ۾ جهانگير سان عهدنامي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڇاڪاڻ جو مقدس جاين ڏانهن ويندڙ جھازن جي سلامتي جو ذمو انگريزي ٻيڙي کنيو هو. ڪمپني کي شاهي فرمان موجب، سنڌ، بمبئي ۽ مدراس جھڙن صوبن ۾ تجارتي بيٺڪن جي اجازت ملي. تنهن کان سواءِ واپاري ڪوٺين جي بچاءَ لاءِ پنهنجي پوليس ۽ منصفن رکڻ جي به اجازت ملي(1).

انگريزي سفير پنهنجي قوم کي لاهور ۽ سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. سورت جا انگريز ايجنٽ گهڻي عرصي کان سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ منتظر هئا. فقط کين پورچوگيزن جي رشيه دوانين کان خوف هو، جيڪي لاهري بندر ۾ گهڻي عرصي کان ديرو ڄمائي ويٺا هئا. هينئر کين آگرا جي دربار مان فرمان موجب واپار ڪرڻ جي اجازت ملي چڪي هئي. 26 اپريل سنه 1630ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني هڪڙي ديسي دلال کي سنڌ جي واپار متعلق خبرچار رکڻ لاءِ روانو ڪيو. هو ٻه ڳٺڙيون ڪپڙي جون ۽ ڪجھ نير نموني طور خريد ڪري سورت جي ايجنٽن کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي ويو(2).

وليم فريملن ۽ سندس ساٿي:

سنه 1635ع ۾ هڪڙو انگريزي جھاز ڊسڪوري نالي لاهري بندر پهتو. جهاز تي وليم فريملن، جان سپلر، رچرڊ موئلي انگريزي تجارتي وفد جا ميمبر سوار هئا. ڪمپني کين هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به پورچوگيز سان ڪو تعلق نه رکن، فقط ڪپڙي جو واپار ڪن. ڏيهي عملدارن وفد جو خير مقدم ڪيو. سندن لاءِ شهر ۾ هڪڙي عمارت حوالي ڪيائون. پنج ڏينهن آرام ڪرڻ کانپوءِ وفد ٺٽي پهتو. هنن نصرپور جي ڪپڙي خريد ڪرڻ لاءِ ڪمپني کي رپورٽ پيش ڪئي. نصرپور مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ سنڌ جو تختگاهه هو. اڳ درياءَ هتان وهندو هو. سندس اوج مٽجي چڪو هو، مگر ڪپڙي جي ڪارخانن ۽ هنرن ڪري مشهور هو. سورت جي ايجنٽن کي سنڌ سان دائمي واپار ڪرڻ جو ارادو هو، تنهنڪري وفد سنڌ جي شين کي ٻن مهينن تائين جاچي ڏٺو. نواب دولت خان به وفد کي عزت سان گڏيو هو. نير، ڪپڙو ۽ آفيم وفد کي پسند آيا. نصرپور ۾ ٽي هزار ڪوري رهندا هئا. 25 آگسٽ 1636ع ۾ ڪمپني جي ايجنٽن سنڌي شين کي پسند ڪري ٺٽي ۾ دائمي طور واپار جي ڪوٺي وجھڻ لاءِ سورت جي ڪائونسلر کي حڪم ڏنو. 16 مارچ سنه 1637ع ۾ هڪڙو ديسي دلال ٺٽي پهتو. سنڌ جا شهر واپار ڪري مشهور هئا. ديسي شين کان سواءِ شهرن جي بازارين ۾ قنڌار، ڪابل، اصفهان، تبريز، ڪشمير ۽ ملتان جون شيون به وڪامنديون هيون. سنه 1640ع ۾ فريملن، جان سپلر ٻيهر ٺٽي پهتا ۽ سنه 1652ع تائين سنڌ ۾ رهيا. فرنگي اچڻ سان لچائي ڪرڻ لڳا. اُهي سنڌ جي وچولي پرڳڻي تائين پهتا. سنه 1643ع ۾ انگريزن ڪي سوکڙيون شاهجهان ۽ دارا شڪوه کي ڏيئي مڪمل طور واپار ڪرڻ لاءِ اجازت ورتي. سندن ايجنٽ نئين فرمان موجب اپر سنڌ جي شهرن تائين پهتا(1).

سباسٽئن مانرڪ:

فري سباسٽئن مانرڪ هڪڙو پورچوگيز پادري هو. سنه 1641ع ۾ شهزادي خرم (شاهجهان) کان فرمان وٺي لاهور کان سنڌوندي رستي پهريان بکر پهتو. هتي جي باغن ميوات ۽ کاڌي جي شين جي تعريف ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته هت سال بسال خراسان کان مال جا قافلا اچن ٿا. بکر پهچڻ ۾ لاهور کان ٻيڙين وسيلي کيس 9 ڏينهن لڳا. بکر کان درياءَ رستي سيوهڻ پهتو. هت مهاڻن سندس ٻيڙين تي حملا ڪيا. وٽس بم گولا هئا، جن جي وسيلي هو بچي ويو. چئن ڏينهن کانپوءِ ٺٽي پهتو. هتي جي واپار، چمڙي ۽ ڪپڙي جي ڪارخانن جي تعريف ڪري ٿو. شهر جي رنڊين ۽ ناچڻين جا رنگ برنگي لباس ڏسي وائڙو ٿي ويو. هڪ مهينو شهر ۾ رهي، پوءِ جيسلمير رستي کان واپس موٽيو. سندس سفرنامو 43-1629ع ٻن جلدن ۾ آهي.

هينري گاري ۽ گلبرٽ هئريسن:

سنه 1647ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران ٻه انگريزي گماشتا هينري گاري ۽ گلبرٽ هئريسن ٺٽي پهتا. ديسي شيون ولائتي شين جي مقابلي ۾ سچيون ۽ قيمتي هيون. ولائتي شيون بلڪل ساديون پر نئين ڪاريگري جي نموني هئڻ ڪري هتي جي ماڻهن لاءِ عجيب ۽ غريب هيون. مثلاً گرم پشمينا، شيشي ۽ چيني جا برتن، آرسيون، واچون، گهڙيال، بارود جا هٿيار وغيره. تنهن کان سواءِ فرنگين جا ايجنٽ ڪامل عيار هئا، جنهن بندر تي لهندا هئا ته غريب خلقت ۾ پئسا ورهائيندا هئا. اها فياضي محض ان ڪري عمل پذير هئي، جيئن ديسين جو مٿن ويساهه ٿي وڃي. نون هٿيارن جي زور ڪري هندستان جي چئني ڪنڊن تي سندن ڌاڪو ڄميل هو. سنه 1662ع ۾ انگريزن پورچوگيزن کان ايراني نار واري ٻيٽ هرمز تي قبضو ڪري اصفهان ۽ دهلي جي درٻارن تائين سياسي رسوخ پيدا ڪيو هو. اڳ هتان گهوڙا دکن ڏانهن وڪري لاءِ ويندا هئا. پورچوگيزن جي قبضي ڪري مٿيون واپار صفا بند ٿي ويو هو، هينئر کلي ويو(1). واپاري لباس ۾ ملڪن مان واقفيت رکڻ ۽ موقعي سر ڳريون ٺڳيون ڪرڻ ڪمپني جي ايجنٽن جون ادنيٰ ڪارستانيون هيون. سنڌ ۾ سندن عياريءَ خلاف پهريان ڪنڊياري ۽ نصرپور جي ڪورين صداءِ احتجاج بلند ڪئي. مگر جنهن صورت ۾ ڪمپني جي ايجنٽن کي دهلي جي درٻار مان فرمان مليل هئا، تنهنڪري سنڌ جا نواب دٻاءُ ذريعي شڪايتن کي دٻائڻ لڳا. اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته ايجنٽ نه رڳو نوابن کي بلڪه سندن بيگمن کي سوکڙيون ڏيئي اڳواٽ رستا صاف رکندا هئا. مڪار فرنگي ايجنٽ سنڌ جي ڪورين کي اڳواٽ قرض ڏيئي زيربار ڪري پوءِ سندن سمورو تيار ڪيل ڪپڙو کڻندا هئا. حالانڪه اهو ڪپڙو ولائت ۾ سٺ في صدي نفعي سان وڪامندي هو. سنڌي ڪاريگر جي اڳ سکيا ستابا هئا، هينئر مغربي سرمائيدارن جي چالبازين ڪري مفلس بنجي ويا. فرنگي ايجنٽن جا واپار متعلق اهڙا پيچيده شرط هئا جو سنڌ جو ڪاريگر طبقو سندن اڳيان محتاج ۽ سندن دام فريب ۾ غلام هو. آخر مفلسن جي دٻيل آواز جو غيبي پڙاڏو ٺٽي جي سياسي حلقن تائين پهتو. نواب جعفر خان انگريزي سامان سان ڀريل ٻيڙين کي لٽي ڇڏيو. وري جڏهن قباد خان نواب ٿي آيو تڏهن فرنگين کي دم پٽڻ لاءِ فرصت نصيب ٿي.

ڪلمتين کي رعايتون:

حقيقت ۾ نواب ماحول مطابق قدم کڻندا هئا. ٻيو ته بلوچ قافلن کي لٽيندا ۽ بغاوتون ڪندا هئا. ان ڪري فوجي چوڪين تي نواب بلوچي سپاهي مقرر ڪندا هئا. اورنگزيب عالمگير پهرين لاهري کان ڀوڏيسر ڏانهن ويندڙ واپار جي قافلن جي حفاظت جو ڪم ڪلمتين جي سپرد ڪيو هو، جي حب ۽ ڪراچي جي وچ ۾ رهندا هئا. دهلي درٻار پاران سندن سردارن کي ميرپور ساڪري ۾ جاگيرن ملڻ کانسواءِ ساليانو 9600رپيا وظيفو ملڻ لڳو(1). ڏکڻ سنڌ ۾ نومڙي، جوکيا ۽ ڪلمتي ٽي قبيلا هئا، جن کي قلات جي براهوئي ڪنفيڊريسي سان همدردي هئي. بلوچ جڏهن به فساد ڪندا هئا ته مٿيان قبيلا لاڙ ۾ بغاوت ڪندا هئا. ڪلمتين جي ٻن سردارين بابراڻين ۽ بجاراڻين جا شجرا هن ريت آهن.

نومڙين کي رعايتون:

ڪلمتين کانپوءِ نومڙين کي رعايتون مليون. نومڙيا اصل راجپوت آهن. بقول مسٽر ايلس نومڙيا يا نومردي پاڻ ۾ نو ڀائر هئا، جي پنهنجي وڏي ڀاءُ ايسب خان سان راجپوتانا کان نڪري مڪران جي هڪڙي بلوچ هوت سردار وٽ مهمان ٿيا. هڪڙي ڪنهن ڳالهه تان بلوچي سردار ايسب خان جي بي عزتي ڪئي، جنهن تي ڀائرن ڪاوڙ مان سردار کي قتل ڪري حب، ملير ۽ باران ندين وارين زمينن تي قبضو ڄمائي ويٺا. نومڙين جي تمن زور ورتو. سنڌ جي رهاڪن مان شاديون ڪرڻ لڳا. پهريان مغل شهنشاهن جو ڏن ڀريندا هئا. پوءِ ٺٽي کان ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ ڏانهن ويندڙ قافلن جي حفاظت جي عيوض محصول اوڳاڙڻ جي کين اجازت ملي. نومڙي پاڻ کي بلوچ ڪنفيڊريسي ۾ شمار ڪرڻ لڳا. سندن سردار ملڪ سڏجڻ لڳا. لسٻيلي جي ڄامن ۽ ٽالپرن سان سندن مائٽي هئي. سندن شجرو هن ريت آهي:

نڪولامانوسي وينس جو رهاڪو پهريان هڪڙي انگريز امير بيلومانٽ وٽ نوڪر هو. سندس مرڻ کانپوءِ شهزادي دارا شڪوه جي توبخاني ۾ نوڪر ٿيو. سنه 1659ع ۾ بکر جي گهيري وقت موجود هو. دارا جي ٻن اميرن شيخ مصر ۽ سيف شڪن بکر جو قلعو فتح ڪيو. دارا پنهنجو خزانو حرم سميت ۽ وڏيون توبون هت خواجه بسنت ۽ عبدالرزاق جي سپرد ڪري پاڻ گجرات ڏانهن قسمت آزمائڻ لاءِ ويو. مانوسي توبخاني سان بکر ۾ هو. هو لکي ٿو ته بکر هڪڙو مضبوط قلعو هو. وچ ۾ هڪڙو برج هو، جتان درياءَ جو نظارو نظر اچي پئي سگهيو. دارا جي پٺيان خليل الله خان لاهور کان لشڪر وٺي آيو، پر قلعو فتح ڪري نه سگهيو. وري جڏهن شهزادي کي ملڪ جيوڻ گرفتار ڪيو، تڏهن دارا جي ماڻهن قلعو دشمن جي حوالي ڪيو. مانوسي جي بيان مان فقط بکر جي جنگ جي خبر پئجي سگهي ٿي. اُنهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڏڪر منهن ڪڍيو، جنهن ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني سورت جي ڪائونسلر کي سنڌ مان فقط شورو خريد ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني. وليم بيل، جان ڪاڪس ۽ سري وينر ڪمپني جي گماشتن جن سنڌ ۾ مزا ماڻي ڏٺا هئا، تن واپار کي جاري رکڻ لاءِ گهڻا ئي حيلا ڪيا، پر سنه 1662ع ۾ ڏڪر ڪري واپار صفا بند ٿي ويو.

ڪپتان اليگزينڊر هئملٽن:

ڪپتان اليگزينڊر هئملٽن اسڪاٽلينڊ جو رهاڪو، بحري ڪپتان ۽ واپاري هو. جنهن سنه 1668ع/1723ع تائين ڪيپ آوگڊ هوپ کان ڦرندو جاپان تائين ايشيائي ملڪن ۽ ٻيٽن جو سفر ڪيو. سندس سفرنامو ”نيوا ڪائونٽ آودي ايسٽ انڊيز“ سنه 1727ع ۾ ايڊنبرگ مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. سنه 1699ع ۾ هڪڙي سامان سان ڀريل جهاز سان لاهري بندر پهتو. سندس بيان آهي ته لاهري بندر ۾ هڪ سو ڪاٺ ۽ مٽي جا گهر آهن. وچ ۾ هڪڙي پٿر جي قلعي تي بلوچن کي روڪڻ لاءِ توبون رکيل آهن. هر هڪ قافلي سان ٻه ٻه سؤ سوار بلوچن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ همراهه رهن ٿا. سندس بيان آهي ته هڪڙي ڀيري پنج سؤ بلوچن جي دستي هڪڙي قافلي کي لٽيو. ٺٽو لاهري بندر کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي هو. جنهن قافلي سان هو همراهه هو، تنهن ۾ 15 سؤ اُٺ هئا. رستي تي مڪرانين حملو ڪيو، پر هئملٽن وٽ بندوقون هيون جنهن ڪري قافلو سلامتي سان ٺٽي پهتو. بلوچن جي خوف ڪري قافلي سرائون پٿرن ۽ سرن جي ديوارن جون جڙيل هيون، جن ۾ هڪ هزار مسافر جانورن ۽ گاڏين سميت اچي سگهندا هئا. سرائن کي هڪڙو دروازو هوندو هو، جنهن کي شام جو سراءِ جو عملدار بند ڪندو هو ۽ صبح جو 6 وڳي کوليندو هو. جيڪڏهن سراءِ اندر ڪا چوري ٿيندي هئي ته تيسين در ڪين کلندو هو جيسين چور مال مالڪن کي موٽائي نه ڏيندا هئا. موقعي سر بلوچ لاهري بندر کي به لٽيندا هئا. هئملٽن جو بيان آهي ته هي شهر ڊيگهه ۾ 3 ميل ۽ ويڪر ۾ ڏيڍ ميل هو. ايشيا ۾ دولتمند واپار جو شهر هو. وچ ۾ هڪڙو قلعو آهي جنهن ۾ فوجن لاءِ بئرڪون آهن. منجھس 5 هزار سوار لشڪر رهي ٿو. شهر ۾ نواب جو محلات آهي. هئملٽن پاڻ سان مالابار کان ڏهه هزار پائونڊن جو مال آندو هو. نواب حفيظ الله وٽس هڪڙو ڍڳو، پنج دنبا، ويهه ٻڪريون، ويهه ڪڪڙ، پنجاهه تتر، مٺائي ۽ ميوا مهماني طور موڪليا ۽ ملاقات لاءِ وقت مقرر ڪيائين. هئملٽن نواب کي هڪڙو پنجن پائونڊن جي قيمت جو آئينو، هڪڙي بندوق، ٻه گلٽ ڪيل پستول، هڪرو خنجر، ڪي تلوارن جا ڦر ۽ هڪڙي ٿالهي سوکڙين طور پيش ڪيا. ٺٽي جو شهر سنڌوندي جي ساڄي ڪپ تي ٽن ميلن جي مفاصلي تي الهندي طرف هو. جتان سنڌوندي اوڀرندي ۽ الهندي وارن شاخن ۾ ورهائجي ٿي اُتان چار ميل مٿڀرو هو(1).

هئملٽن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جو اوج مٽجڻ تي هو. سندس بيان موجب شهر ۾ ڪورين جو تعداد اَسي هزار هو، جي ريشم ۽ ڪپڙي جو ڌنڌو ڪندا هئا. سندس اچڻ کان ٿورو اڳ اَسي هزار ماڻهو پليگ جو شڪار ٿي ويا هئا. سورت ۽ احمدآباد کان هت ڪپرو سستو هو. ٺٽي سرڪار وٽ چار هزار ٻيڙيون رهنديون هيون. هر هڪ ٻيڙي ٽن سون ٽنن جيترو مال کڻندي هئي. منجھس مسافرن جي رهائش لاءِ ڪمرا هئا. لاهور ۽ ملتان جو ٺٽي سان واپار ٻيڙين رستي هلندو هو. هڪ هزار مڻ لاءِ لاهور کان ٺٽي تائين اڍائي سؤ رپيا ڀاڙو هو. اڳ في ٻيڙيءَ کي چار رپيا محصول ڏيڻو پوندو هو، هينئر عملدار ڇهه رپيا محصول وٺڻ لڳا. جنهن ڪري گهڻائي ملتان ۽ ٺٽي جا واپاري اپر سنڌ ڇڏي ويا. ٻيڙين وسيلي واپار ٽالپرن جي دور تائين جاري رهيو. هينري پاٽينجر حيدرآباد کان راڄي ديري ڏانهن ويندي 9 ڏينهن اندر 341 ٻيڙيون سامان سان ڀريل لنگهندي ڏٺيون هيون. ٺٽي ۽ لاهري بندرن تي هر هڪ شيءِ جي قيمت مقرر هئي. جڏهن ڪو ڌاريو مال جو جھاز لاهري تي پهچندو هو ته پريان توبون ڇوڙيندو هو. توبن جو آواز ٻڌي قاصد ٺٽي جي واپارين کي خبر ڏيندا هئا. رستي تي قافلن جي سلامتي لاءِ سوارن جو پهرو بيهجي ويندو هو. ٺٽي ۽ احمد آباد جي وچ ۾ هفتيوار ٽپال جو انتظام رکيل هو. ٺٽي کان مارواڙ پالي ۽ جيسلمير ڏانهن رستا ويندا هئا. يورپ ۽ چين سان واپار هلڻ ڪري هي شهر ملتان ۽ لاهور کان واپار ڪري وڌيڪ دولت مند هو. بصره، بندر عباس، سورت، ملبار ۽ هندستان جا واپاري رهندا هئا. سنڌونديءَ جي شاخن ڪري شهر جي ڀرسان ننڍن ٻيٽن تي واپارين جا محلات هئا. هتي جو ڪپڙو سڄي هندستان کان بهتر هو. قلمي شوري جي في مڻ قيمت ڇهه رپيا هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني سنه 1799ع تائين ٺٽي، لاهري بندر، اؤرنگ آباد ۽ شاهبندر ۾ قلمي شوري جي صاف ڪرڻ لاءِ ڪارخانا کوليا هئا(1). اورنگزيب شوري جي روانگي تي بندش وڌي هئي. سندس چوڻ هو ته فرنگي اُن مان بارود ٺاهي اُهو مسلمانن تي استعمال ڪن ٿا. سنه 1650ع ۾ فرنگي بهار مان قلمي شورو خريد ڪرڻ لڳا.

سنڌ ۽ ٺٽي جا ڪارخانا:

هئملٽن ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو، پوءِ گجرات جي رستي کان موٽي ويو. مٿئين عرصي ۾ هن سنڌ جي سڀني شين ۽ هنرن کي جاچي ڏٺو. ٺٽي جي لذيذ پلن جي تعريف ڪري ٿو. سندس بيان آهي ته لوئر سنڌ جا رهاڪو چانور ۽ مڇي تي گذران ڪن ٿا. هتان ٻيڙين رستي سڪل مڇي سنڌ جي ڳوٺن ڏانهن وڃي ٿي. مهاڻا ٻيڙين کي مڇيءَ جي چرٻي مکين ٿا. ڪراچي سمنڊ جي مڇين مارڻ جي مياڻي هئي. ميمڻ واپاري سڪل مڇي عربستان جي بندرن ۽ زنگبار ڏانهن موڪلين ٿا. سنڌ ۽ پنجاب مغليه دور ۾ چمڙي جي هنر ڪري مشهور هئا. سنڌ ۾ بهترين گهوڙن جون زينون، اُٺن جا ڪجاوا جڙندا هئا. چمڙي رڱڻ کان سواءِ گلڪاري ۽ نقاشي جو ڪم به چمڙي تي ٿيندو هو. سنڌ جون نرم چمڙي جون بستري چادرون مشهور هيون. ٺٽي جي چمڙي جا دستانا مشهور هئا. اڪثر جنگجو بلوچ خريد ڪندا هئا. هت ڪرمان جي پشم مان شالون به جڙنديون هيون. هئملٽن چمڙي جي گيهه جي دٻن جو ذڪر ڪري ٿو، جن ۾ پنجن سيرن کان وٺي ٻن مڻن تائين گيهه ماپندو هو. منجھن سڄو سال گيهه تازو رهندو هو. جيڪي به مغربي سياح آيا سي لکن ٿا ته سنڌ ۾ ميوا، مڇي ۽ چوپايو مال، گيهه اڪيچار هو. سنڌ جون کلون ۽ رڱيل چمڙو ٻاهرين ملڪن ۾ ”سنڌو“ سڏبو هو. ٺٽي جي لنگين، ڇيٽن ۽ بافتي جي يورپ کي ضرورت هئي(1). يورپين سياح ٺٽي جي ڍالن جي تعريف ڪن ٿا. هتي جا پلنگ به مشهور هئا.

سيوهڻ:

برابر هڪ صدي تائين سنڌ يورپ کي ڪپڙو پهچائڻ لڳو. سيوهڻ نير جي پيداواري جو مرڪز هو. مغليه دور هت نير اٺ آني في سير وڪامندو هو. هن شهر ۾ هڪ هزار ڪوري بافتو اڻندا هئا. بوبڪ، سيوهڻ ۽ سن کان سنه 1639ع ۾ هڪ هزار مڻ نير ٺٽي پهتو. اهو نير ايسٽ انڊيا ڪمپني خريد ڪيو. سيوهڻ جي نير جي پائونڊ جي قيمت لاهور ۾ اٺ پينس، احمدآباد ۾ 9 پينس هئي. سنه 1660ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي مٿيون نير خرچ سميت سورت ۾ ساڍا 12 پينس جي حساب سان پهچندو هو. سيوهڻ کانپوءِ گجرات ۽ آگري جو نير به سٺو هو. نير جي پيداوار کانسواءِ هالن پراڻن ۽ سيوهڻ ۾ ڪاشيءَ جو سرن تي سٺو ڪم ٿيندو هو. اهي سرون اڪثر اوليائن جي درگاهن تي لڳنديون هيون.

نصرپور:

ٺٽي کان پوءِ نصرپور، درٻيلو، ڪنڊياري، گمبٽ ۽ روهڙي ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا هئا. نصرپور ۾ 3 هزار ڪوري جوڙيون ۽ بافتو اُڻندا هئا. ٺٽي جا واپاري نصرپور ۽ درٻيلي جون جوڙيون ڏيئي لاهور مان مصري ۽ کنڊ خريد ڪندا هئا. جان سپلر سنه 1644ع ۾ ڇهه هزار تاڪيا نصرپوري بافتي جا ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ خريد ڪيا. ڇاڪاڻ جو نصرپوري تاڪيا ويڪر ۽ ڊيگهه ۾ ڪندياري جي تاڪين کان وڏا هئا. گمبٽ جو ڪپڙو سڌو ولايت ويندو هو. بکر، گمبٽ، درٻيلو، روهڙي، ڪنڊيارو، نصرپور، سيوهڻ، سن ۽ ٺٽي ۾ هنرن جا ڪارخانا هئا.

روهڙي:

سنه 1609ع ۾ روهڙي سوٽي ڪپڙي، ريشم ۽ نير جي واپار جو مرڪز هو. شاهه بيگ ارغون بکر جي قلعي مان رضوي ساداتن کي اُٿاري روهڙي ۾ زمينون ڏنيون، جنهنڪري بکر کان پوءِ روهڙي رونق ورتي. شڪارپور ۽ بکر ۾ سردي جي موسم ۾ خراسان جا قافلا ايندا هئا. چوپايو مال سنڌ ۾ گهڻو هو. عيسوي 18 صدي تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ مان چوپايو مال ٻاهر موڪليندي هئي. ڳئن ۽ مينهن جي گهڻائي جي ڪري سنڌ ۾ کير، گيهه سستو ۽ جام هو. هتي جو گيهه هندستان جي ملڪن ۾ سنڌي گيهه جي نالي سان مشهور هو. سنڌ ۾ في ڪڪڙ جي قيمت هڪ آنو ۽ في دنبي جي قيمت هڪ روپيو هئي. کنڊ، گيهه ۽ چانور اهي ٽي شيون وڌيڪ سستيون هيون(1). ناٿن ڪرو جي بيان موجب لاڙ ۾ اُٺن جي پرورش ٿيندي هئي(2). ڪمپني جا عملدار ديسي ڪارخانن جي مالڪن کي ايڊوانس (دادن) ڏئي فوجدارن ۽ ڪوٽوالن معرفت ڪم وٺندا هئا. سنڌي مهمان نواز ۽ صلح پسند هئا(3). سنه 1702- 1697ع پنجن سالن اندر ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان مان 8 لک پائونڊن جو مال ٻاهر روانو ڪيو. 18 صدي جي وچ ڌاري انگلينڊ ۾ مشينن تي ڪپڙو تيار ٿيڻ لڳو ۽ اهو هندستان ۾ اچڻ لڳو. جنهنڪري ديسي ڪپڙي جي ڪارخانن کي ڌڪ لڳو. اڳ ٺٽي جي ريشمي لنگين جو هندستان ۽ ولايت ۾ ملهه هو. هينئر انگريزي مال اچڻ ۽ رواج بدلجڻ ڪري سندن قدر گهٽجي ويو(1).

روانگي ۽ آمدني جون شيون:

نير، ڪپڙو، ريشم، لوڻ، قلمي شورو، چمڙو، مڇي، گيهه ۽ چوپايو مال سنڌ مان روانگي جون شيون هيون. انگريزي سامان مخمل، اوني ڪپڙو، کنڊ، مصالحه، ڌاتو، بمبئي کان کٿا، ريشمي ڪپڙو، مارواڙ، گجرات ۽ ملتان کان رنگ، جڙي ٻوٽيون، ميوا خشڪ ۽ تازا خراسان ۽ پنجاب کان ايندا هئا. اَپر سنڌ مان سفيد چانور ۽ گيهه لوئر سنڌ کي پهچندا هئا. لوئر سنڌ مان ڳاڙها چانور، مڇي، چمڙو ۽ هٿيار اپر سنڌ ڏانهن ويندا هئا. شڪارپور جو واپار قنڌار، خراسان ۽ بخارا سان هلندو هو.

مغلن جي ڏينهن ۾ ملڪي انتظام:

مغلن جي ڏينهن ۾ هندستان سرڪار پرڳڻن ۽ محالن ۾ ورهايل هئي. سرڪارن مٿان نواب حڪومت هلائيندا هئا. سنڌ بکر ۽ ٺٽو ٻن سرڪارن ۾ ورهايل هو. ٻئي ملتان صوبي جي ماتحت هئا. ٺٽو سرڪار پنجن حصن ۾ ورهايل هئي. 1. ٺٽو 18 محالن ۾ ورهايل هو. سندس سالياني ڍلن جي آمدني 29999991 دام هئي. 2. حاجڪان 11 محالن ۾ ورهايل هو. سالياني آمدني 11784586 دام هئي. 3. سيوهڻ 9 محالن ۾ ورهايل هو. سالياني آمدني 15546808 دام هئي. 4. نصرپور 7 محالن ۾ ورهايل هو. آمدني 7835600 دام هئي. 5. چڪرالو 8 محالن ۾ ورهايل هو. آمدني 5085048 دام هئي. بخشي (خزانچي)، صدر الصدور، منتصب وڏا عملدار هئا. سندن هيٺيان عامل، قانون گو، فوجدار، ڪوٽوال، قاضي، منصف عملدار هئا. امين، داروغا، محالڪار، چوڌري، مقادم، پٽواڙي، زميندار، قلعيدار ڪم ڪندا هئا. مغليه لشڪر چئن قسمن ۾ ورهايل هو: (1) سرڪاري (2) منصب داري (3) داخلي (4) عهدي. افغان، سيد، راجپوت ۽ بلوچ فوجن ۾ ڀرتي ٿيندا هئا. بلوچ اڪثر سرڪشي ڪندا هئا. سنه 1649ع ۾ ملتان جي نائبي جي زماني ۾ اورنگزيب بلوچ سردارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو نوحاڻين، هوتن، نومڙين ۽ جوکين کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر پوءِ نوابن کي ساڻن دوستي رکڻ کانسواءِ ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. اڪبر اعظم جي زماني کان سنڌ جي داخلي ۽ بيروني سلامتي ۽ امن امان برقرار رکڻ جو سمورو ٻوجهه بلوچي سردارن جي ڪلهن تي هو. ڪلمتي ويهه هزار سوارن سان سنڌ جي ڪوهستاني سرحد جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مامور هئا. اُتر ۾ بليدي ۽ جتوئي ارغونن جي زماني کان قنڌار تائين جنگين ۾ شرڪت ڪندا هئا. هر هڪ سردار وٽ هزار سوار فوج تيار رهندي هئي، جن کي سرڪاري بخشي پگهار ڏيندا هئا. مٿيون حڪومتي نظام انگريزن جي اچڻ تائين سنڌ ۾ رائج رهيو. بلڪ ڪي عهدا انگريزن به بحال رکيا(1). چانڊين جو زور ٽوڙڻ لاءِ ميان نورمحمد لاڙڪاڻي ۾ قلعو تعمير ڪرائي ڏهه هزار کوسا شاهه بهاري جنجڻ پنهنجي سپهه سالار جي سرڪردگي موجود رکيا هئا.

کوسن جي جاگير:

کوسن کي سون مياڻي همايون جاگير ڪري ڏنو هو. صوبه سرحد ۾ سندن سرداري قائم هئي. اپر سنڌ ۾ بکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين لُٽ مار ڪندا هئا. ميان الياس کوسن جي سردار روحل خان کي پنهنجو طرفدار ڪيو. سندس فرزند ميان نصير محمد هن کي جاگير ڏني. سنڌ جي کوسن جو شجرو هن ريت آهي:-


(1) Dr. R.Gupta: Latter Mughal History of the Punjab (1707-1793), P.11 Lahore, 1944

(1)  لاهري بندر جو منهن آهستي آهستي واريءَ سان ڀرجڻ لڳو. تنهنڪري غازي اورنگزيب 52- 1648ع ۾ ملتان جي نائبي جي زماني ۾ ڪڪرالي علائقي ۾ نئون بندر اؤرنگا آباد تعمير ڪرايو هو. هت بحرين، مسقط، کنڀات ۽ سورت جا واپاري رهندا هئا.

J.Sarkar: Aurangzeb, Vol.I, PP.114-125

(1) Postan’s Personal observation on Sindh, PP.264-65, 1843

(1) H.T. Sorely: Shah Abdul Latif of Bhit, P. 40

(2) J.Sarkar: Mughal Administration (Second Series), PP. 71-81, 1925

(3) Bombay Government records, No. XVIII, New Series Part II, P. 425, 1836

(1) J.Burnes: A vist to the court of Sindh in 1828, PP. 66-67

(1) ٽالپرن جي صاحبي ۾ لاڙڪاڻي جي قلعي ۾ چانڊين ۽ بروهين جي مقابلي لاءِ توبخانو رکيل هو. کوسا هالاڻي جي فيصلي ڪن جنگ تائين ڪلهوڙن سان وفادار رهيا. شاهه بهاري جو قبو لاڙڪاڻي ۾ آهي، ڏسو تاريخ بلوچيان، غلام رسول خان قرائي، ذڪر کوسا.

 (1) E.H.Aitken: Gazetteer of the Province of Sindh, P.107

(2) Shahmatali: History of Bahawalpur, PP.19-21, London, 1848

نوٽ: مير شهامت علي مولوي سلطان محمد جو شاگرد هو، جو مولوي محمد اسماعيل شهيد جو مريد هو. مولوي محمد اسماعيل هڪڙي ملا بغدادي جي جواب ۾ 1834ع ۾ ڪتاب تقويت الايمان اسلامي عقائد متعلق لکيو هو. مولوي سلطان محمد مٿين ڪتاب تي تذڪره الاخوان نالي ڪتاب لکيو هو. مير شهامت علي تقويت الايمان جو ڪجھ حصو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو.

Journal of the Bengal Asiatic Society, November, Vol.I, P.479, 1832 Calcutta.

(3) Sayed Mohammed Latif: A History of the Punjab, P. 185 Calucutta, 1891

(1) L.Dames: The Book of Durate Barbossa, PP. 106-107, 1918

(2) Sir.A.Lyall: The Rise & Expansion of the British Dominion in India, P.15 London, 1914.

(3) C.R. Low: Historical Background of the Royal Indian Navy, Part.I. New Delhi 1944.

(1) H.G.Rawlinson: British Begnings in western India, CHP.V. P.83 Oxford.

(2) F.C. Danuers: The Portuguese in India, Vol.I, P.508

(3) H.g. Rawluson: British Begnings in western India, P.83

(1) W.W.Foster: Early travels in India, PP.188-223

(2) Elliot: History of India, Vol.VI, PP.165-167

(3) W.W.Foster: The Embassy of Sir Thomas Roe, PP.75-76

(1) پورچوگيزن مغلن جي هڪڙي جھاز کي مڪي شريف ڏانهن ويندي، سمنڊ تي لٽيو هو. هن جهاز تي شهنشاهه جھانگير جي والده جو به سامان لٽيو ويو.

(2) W.W.Foster: The English Factories in India, 1637, P.VII, Oxford, 1906

W.H.Mareland: From Akbar to Aurangzeb, PP.114-190

هندستان اندر انگريزن جون ٻه ڪوٺيون هيون، سورت جو اثر ايراني نار تائين هو. مدراس جو اثر هنگلي ۽ مرشد آباد تائين هو.

(1) مغربي واپاري مغل شهنشاهن ۽ سندن صوبن جي نوابن کي سوغاتون ڏيئي واپار لاءِ سهولتون هٿ ڪندا هئا. سر ٿامس رو کان اڳ هاڪنس پهريون انگريزي سفير هو، جو 1607ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جيمس پهرين پاران سوغاتون کڻي آگري جي دربار ۾ پهتو هو. جھانگير هن کي شرف بازيابي بخشيو هو.

(1) آلبڪرڪ 1510ع ۾ هرمز ٻيٽ فتح ڪري قلعو تعمير ڪري پنهنجي سفير روئي گومسن کي شاهه اسماعيل صفوي جي درٻار ڏانهن روانو ڪيو هو. پورچوگيز شاهه اڳيان پهريون اهو شرط پيش ڪيو هو ته گهوڙن جو واپار بند رهي. شاهه مٿيون شرط منظور ڪيو هو. مٿين بندش ڪري بلوچن کي سخت نقصان پهتو هو.

H.Morese Stepheus: Rulers of India, Albuquerque, PP.135-137

سنه 1618ع ۾ انگريزن مڪران جي ڪناري تي جسڪ جي بندر ۾ واپاري ڪوٺي وڌي، جتان ڪرمان جي پشم ۽ ريشم خريد ڪرڻ لڳا.

(1) Historical Back graound of the Indian Navy “Jask & Ormuz” P.2

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org