سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :15

حاصل مطلب ته سنڌو-ماٿر واري شهنشاهت، ڌار ڌار ملڪن جي سرحدن ۾ ورهايل هئي. اهي ملڪ هي هئا: ڪيڪيه ديش، سنڌو ديش ۽ سؤوير ديش، ڪشمير، داردستان، جيسلمير، مارواڙ، ميواڙ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ اڳتي هلي اهي ملڪ هڪ ئي ملڪ/ ديش جي نالي، يعني ’سئنڌُوَ ديش‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳا، البت ان ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ ۾ گهٽتائي اچي وئي. 

4- سئنڌُوَ ديش جا رهواسي (لوڪ اصلوڪا رهاڪو) ڪهڙي نالي سان سڏبا هئا؟:

(الف) محققن، سئنڌوَ ديش جي اصلوڪن رهاڪن ۽ سندن نسلن توڙي جاتين جا نالا به ڏنا آهن، ۽ اُن ڏس ۾ پنهنجا رايا پڻ ڏنا اٿن. هن قديم ملڪ جي رهواسين کي رگ ويد ۾، عام طور ڪهڙي نالي سان سڏيو ويو آهي، تنهن جي باري ۾ ائبٽ صاحب پنهنجو رايو ڏيندي لکيو آهي ته:

”جيمس ٽاڊ جي خيال موجب ’سنڌو‘، دراصل ’تاتاري‘ يا ’سٿڪ‘ (Scythic) ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ان درياءَ لاءِ ڪم آندو ويو هو، جيڪو هن ملڪ (سنڌوءَ) جي وچان وهندو هو. سنسڪرت زبان ۾ اهو نالو (سنڌو) ڪم اچڻ لڳو. يونانين، ’سنڌو‘ لفظ کي ’اِنڊوس‘ 'Indus' ۽ 'Indos' جي اچار ۾ استعمال ڪيو، يعني ’يونانين‘ سنڌو درياءَ کي ’انڊوس‘ (Indos) سڏيو، ۽ ان جي ماٿر ۾ رهندڙ ماڻهن کي ’اِنڊوئي‘ (Indoi) سڏيائون.

ايراني ٻولين جي ڳالهائيندڙن، ’سنڌُوءَ‘ کي ’هندو‘ سڏيو، يعني ]س[ کي ]هه[ ۾ بدلايائون.“87

 

ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته، ’سنڌو‘ ملڪ جي رهاڪن کي ’سنڌُوئي‘ سڏيو ويندو هو، جيڪو اڳتي هلي پهرين ’سئنڌُئي‘، پوءِ سئنڌي ۽ پوءِ ’سنڌي‘ ٿي ويو.

(ب) هن سلسلي ۾ ڪاڪي ڀيرو مل جي راءِ به پيش ڪجي ٿي. هُو لکي ٿو ته:

”قديم ايرانين وٽان، قديم يونانين کي، هندستان جي سُڌ پيئي. سڪندر اعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا، تن سنڌو-ماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو ’سندو‘ (هندو)، پر اُچار ڦيرائي ڪيائون ’اِنڊوُ- اِنڊوئي‘ (Indoi)؛ نديءَ کي سڏيائون ’انڊوُس‘ (Indos) ۽ سڄي ملڪ کي سڏيائون ’اِنڊيڪا‘ (Indica) ۽ ’اِنڊڪوس‘ (Indicos)“.88

 

ديوان ڀيرو مل اڳتي لکي ٿو ته:

”خود سنسڪرت ساهت ۾، ’سنڌو‘ لفظ جي ڪيترن هنڌ معنى آهي: ’سنڌونديءَ وارو ملڪ‘، ۽ ’سنڌو‘ يا ’سئنڌُوَ‘ لفط جي معنى آهي، ’سنڌ ملڪ جا رهاڪو‘“،89

 

ڪاڪو ڀيرو مل سندس ساڳئي ڪتاب (قديم سنڌ) جي صفحي 46 تي لکي ٿو ته:

”رگ ويد واري زماني ۾، آڳاٽا آريه لوڪ، سنڌونديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري، والاري ويٺا هئا، تنهن ڪري ايرانين سڀني هنڌن جي رهاڪن کي گڏي ’سنڌو‘ سڏيو، پر اچار ڦيرائي ڪيائون ’هندو‘، ڇو جو ايراني لوڪ، عام طور ]س[ کي ڦيرائي ]هه[ ڪندا هئا. انهيءَ ريت ’هندو‘  لفظ جي معنى ٿي ’سنڌونديءَ‘ جي ڪناري تي رهندڙ“. 90

 

ساڳئي ڪتاب ۾، ساڳئي صفحي تي، هيٺ حاشئي ۾ ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”’هندو‘ لفظ لاءِ، قديم اويستا ۾ ڪم آندل لفظ ’هِندَوَ‘ (Hendava) آهي ۽ سنسڪرت ۾ ان کي سَئنڌَوَ (Saindhava) چوندا هئا، جنهن جي معنى آهي: سنڌوءَ جي ڪناري تي رهندر لوڪ“.91

 

(ت) انهن مثالن ۽ دليلن مان اهو ڀليءَ ڀت ثابت ٿو ٿئي ته رگ ويد واري زماني ۾، سنڌو-ماٿر جي قديم لوڪن (رهواسين) کي ’سَئنڌَوَ‘ (Saindhava) جي نالي سان سڏيندا هئا، جنهن جي مراد هئي: سنڌوءَ جي ڪناري يا ’سنڌو-ماٿر ۾ رهندڙ لوڪ‘.

آرين، هنن لوڪن (سنڌو-ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن) کي انهيءَ نالي (سَنئنڌَوَ) سان ڪوٺيو ۽ سندن ٻوليءَ کي ’سَئنڌوَ‘/ ’سِئنڌوُئي‘ سڏيائون. هونئن به ته سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب ’سنڌو‘ لفظ جي صفتي صورت ’سِنڌوُئي‘/ سئنڌوُئي ٿيندي.92

 

اها صورت (سنڌوُئي) اڳتي هلي پهرين ’سِنڌُئي‘ بڻي هوندي ۽ پوءِ ’سنڌي‘بڻجي وئي ۽ وچ واري سُر ]’اوُ‘[ کي ]اُ[ سُرَ ۾ تبديل ڪيو ويو.

’سئنڌُوَ‘ يا سئنڌئي لفظ صفت آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ موجوده وقت به اهڙين ضفتن جي صورتن جا ڪئين مثال ملن ٿا؛ مثال طور:

اسم

صفت

اسم

صفت

ماهه رُو

ماروئي/مارُئي

سما/سمه

سما/سمه ساموئي

دادوُ

دادوئي/دادُئي

لاڙ

لاڙائي/ لاڙي

ٺٽو

ٺٽائي/ ٺئٽي

تڙ

تڙائي

ٽنڊو

ٽنڊائي/ٽنڊَئي

کُڏ

کُڏائي

ڏندو

ڏندائي/ڏندَئي

جهرڪ

جهرڪائي

جهنڊو

جهنڊائي/جهنڊئي

سن

سنائي

کارو

کارائي

ڀِٽَ

ڀِٽائي

ساڪرو

ساڪرائي

ڀيِن

ڀيانئي

سونڊا

سونڊائي

بُلڙي

بلڙائي

هالا

هالائي

 

 

اهڙيءَ طرح ’سنڌو‘ لفط جي صفتي صورت ٿيندي سِنڌوُئي/’سِنڌُئي‘، جا اڳتي هلي ’سنڌي‘ بڻجي وئي آهي.

انهن مثالن مان اهو ثابت ٿيو ته، سنڌو-ماٿر ۽ قديم ’سنڌو‘ ملڪ جي اصلوڪن رهاڪن کي سنڌوُئي/ سِنڌُئي ۽ سئنڌَوَ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيڪو اڳتي هلي ’سنڌي‘ ٿي ويو.

5- سَئنڌُئي/سئنڌُوَ لوڪن جي ٻوليءَ کي سئنڌَو/ سئنڌُئي سڏيو ويندو هو:

 اڳ ۾ چيو ويو آهي ته آرين، سنڌو- ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن لاءِ سئنڌُئي/ سئنڌُوَ نالو ڪم آندو، ۽ انهيءَ نالي پٺيان انهن لوڪن جي ٻوليءَ کي به سئنڌُئي/ سئنڌُوَ سڏيائون. هن دعوا جو وڏي ۾ وڏو ثبوت، اڳتي هلي گهڻو پوءِ ساڳيو ئي نالو محقق البيرونيءَ جي تحقيق ’ڪتاب الهند‘۾، ڪم اندل آهي، جنهن ۾ محقق البيرونيءَ برهمڻ آباد ۾، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ رسم الخط کي ’سئنڌُوَ‘ جي نالي سان رڪارڊ ڪيو آهي. البيروني لکي ٿو ته:

”ڏکڻ سنڌ ۾ کاري واري خطي تائين ’مالوَشائؤ‘ (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ’مالواڙي‘ به چئبو آهي؛ ’بهمنوا‘ (المنصوره) ۾ ’سئنڌُوَ‘ رسم الخط ڪم ايندو هو؛ ’لاڙي خط‘ ’لاڙ ديس‘ ۾ ڪم ايندو هو؛ ’ارڌناگري رسم الخط‘ ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو.“93

 

هن مثال مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سئنڌُوَ ملڪ جي ٻوليءَ کي پهرين ’سئنڌُئي‘ ۽ پوءِ ’سئنڌُو‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن جي اُچار ۾ اڳتي هلي ڦيرو آيو ۽ اهو نالو پهرين ’سئنڌُئي‘ ٿيو ۽ پوءِ بدلجي ’سنڌي‘ ٿيو.

ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، پنهنجي مقالي ۾ ماهرن جي حوالي سان، سنڌوُ- سؤوير ديش کي ’سئنڌُوَس‘ ۽ اتي جي رهواسين کي به ’سئنڌِوَس‘ سڏيو آهي. ڊاڪٽر خوبچونداڻي لکي ٿو ته:

”موجوده وقت سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو رڪارڊ موجود ڪونهي، البت ’ڀَرتسيءَ‘ پنهنجو ڪتاب، ’ناٽيشاستر‘، جيڪو هن ٻينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ لکيو هو، ان ڪتاب ۾ هن ’سنڌو- سؤوير ديش‘ جي ماڻهن جي معاشري ۾ رائج ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ٻوليءَ جا حوالا به ڏنا اٿس. اهڙيءَ طرح ’سئنڌَوَسَ‘ جي ٻوليءَ کي ’اُڌَيوتن‘ (Udayotana پنهنجي ڪتاب،’ڪُوَلَيَمالا‘ ( Kuvalaymala)، جيڪو هن 779ع ۾ لکيو هو، تنهن ۾ ’ديش ڀاشائن‘ مان ’سئنڌَوَس‘ جي ڀاشا کي خاص اهميت ڏني هئي.“94

 

محترم عين الحق فريد ڪوٽيءَ جو خيال آهي ته:

”اڄ کان اٽڪل ساڍا ٽي هزار سال اڳ، جڏهن آريا قبيلا سنڌو-ماٿر ۾ آيا تڏهن سنڌو- تهذيب جي رهاڪن جي زبانن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. ڪڏهن انهن زبانن کي هنن ’ناگ باني‘ جي نالي سان سڏيو ته ڪڏهن وري انهن زبانن کي هنن ’اَسر ڀاشا‘ جو نالو ڏنو. ڪڏهن انهن کي ’مليڇ ڀاشا‘  يعني ’ناپاڪ زبان‘ سڏيو. اڳتي هلي، آرين سندن زبان جي مقابلي ۾ هتي جي مقامي زبانن کي ’ديساجا‘ يعني ديسي زبانون ٿي ڪوٺيو، يعني هنن پنهنجي آريائي زبانن کي غير ملڪي زبان ٿي تسليم ڪيو.

اڃا به اڳتي هلي، مقامي زبانن کي، سنسڪرت جي مقابلي ۾ فطري زبانون يعني پراڪرت يعني خود رو زبان ۽ اپڀرنش يعني بگڙيل زبانون سڏيو.“95

 

عين الحق فريد ڪوٽي صاحب اپڀرنش ٻولين کي سنسڪرت جي شاخ نه پرديسي زبانون ٿو ڪوٺي، هو لکي ٿو ته:

”اپڀرنش يا ديسي ٻوليون، اهي ٻوليون آهن جيڪي بنيادي طور سنسڪرت سان اختلاف رکن ٿيون، جيئن دراوڙي زبانون (ماليالم، تامل، تيليگو، ڪنڙ ۽ براهوئي وغيره) يا مُنڊا، مُنڊاري، سنٿالي ۽ ڀيلي وغيره؛ يا پشاچي ٻوليون جهڙوڪ، پنجابي، سنڌي، ڪشميري، هريانوي ۽ اردو جيڪا پنجابيءَ مان نڪتي آهي؛ يا داردا (پشتو، بلتي، شينا ۽ ڪافرستان جون مختلف زبانون.)“96

 

(الف) رگ ويد جي حوالي سان، سنڌو-ماٿر ۾ رهندڙ قديم قومن جا نالا:

(i) سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ قديم قومن ۽ جاتين جا نالا رگ ويد ۾ به ڏنل آهن، جيڪي هن سلسلي ۾ لکيل صورت ۾ مليل قديم ترين رڪارڊ آهن. اِهي سڀ غير-آريائي جاتيون هيون. انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

(i) داسَ، (ii) دَسيو (iii)پڻي (iv) اَشوُرَ/اَهير (v) شوُدر (vi) ميد/ مهاڻا (vii) اوڏ (viii)  ڪولَ (ix)  جهانگلي(x)  ڀيل ۽ (xi) باگڙي وغيره. انهن سڀني جاتين کي، ملڪ جي حوالي سان سنڌو/سئنڌوُ/سئَنڌُو<سئنڌُئي/ ۽ سنڌي سڏيو ويو هوندو. جيتوڻيڪ اُنهن جاتين جا ڌنڌا ۽ ڪرتون، سندن عقيدا ۽ ريتيون ۽ رسمون الڳ الڳ هونديون هيون، پر سندن ٻولي ساڳي هوندي هئي؛ البت سندن جاتيوار ٻوليون يا انهن جا جاتيوار محاورا ضرور الڳ الڳ هوندا، يعني ته جيڪو لهجو ’پڻي‘ يعني ٻيڙياتا يا واپاري (واڻيا) ڪم آڻيندا هوندا، اهو لهجو ’داسن‘ ’اَهيرن‘ يا اَشورن جي لهجي ۾ لغوي لحاظ کان، فرق رکندو هوندو، لهاذا ٻوليءَ جي جاتيوار محاوري ۽ لهجي ۾ سندن ماحول جي لحاظ کان فرق ضرور هوندو.

اڳ ۾ چيو ويو آهي ته ’سئنڌئي‘ (سنڌي) لفظ مان مراد آهي سنڌو- ماٿر جا رهاڪو. ’سنڌو‘ لفظ جي اها صفتي صورت آهي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.

رگ ويد کان پوءِ چچنامي ۾ به سنڌ جي ذاتين ۽ نسلن جا بيشمار نالا ملن ٿا.  اهڙيءَ طرح هن ڏس ۾ البيرونيءَ به ڪافي نالا ڏنا آهن؛ مثال طور:

(I) چچنامي ۾ ڏنل ذاتين جا نالا:

لوهاڻا، لاکا، سمه، جوکيا، ڪاڪا، ٻُڌ، سهتا، ميد، نڪامره (نڱامره) هالا، ڀاٽيا، ڀٽي، جَت، چنا، ٺَڪُرَ ۽ اَگهم وغيره.

(II) البيرونيءَ جي تحقيق ۾ ذاتين جا ڏنل نالا:

ٻُڌ، مليڇ، پشاچ، اَشوُرَ، کتري، شُودرَ، برهمڻ، ويشيه، وَهيلَڪَ (واهيلا)، وَڌَ(وَڌا)، واڻ (وائين)، اَڀيرَ، پَهلَوَ، گندارَ، يَوَنَ، سِنڌو، ساڪَ، مَلا، ڪوڍار، ڪُليندا ۽ جهنگلَ.


87  Abot, J., Op. Cit., P.23.

88  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، حوالو ڏنل آهي، ص 47

89  ايضاً، ص 47

90  ايضاً ص 46

91  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، ص 46

92 ’سنڌُئي‘ مرتب لفظ آهي، سنڌي وياڪرڻ موجب هن قسم جي ترڪيب وارا ڪيترائي لفظ چچنامي ۾ به ملن ٿا.

93  Sachau, Edward, C., Dr., Alberuni’s India, Kegan Paul Trench, Trubner, London, 1910, P. 1973

94  Kubchandani Lachman, Dr., Dahin Sadia men Sindhi Mahabharata-jo Arabi maqulu (An Arabic Version of the 10th century

Sindhi Mahabharata)- Sindhi translation of S.K. Chatterji (1958)- with comments, Karachi, 49-66 (Bombay- May 1959)

95  عين الحق فريد کوڻي: حوالو ڏنل آهي، ص 54

96  ايضاً، ص 78

- سَئنڌئي لوڪ (سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو) ڪهڙي نسل سان واسطو رکندا هئا؟

(الف) علم اللسان ۽ آثار قديمه جا گهڻو ڪري سڀ ماهر هن راءِ تي متفق آهن ته آرين جي، سنڌو-ماٿر ۾ اچڻ کان اڳ، هت (سنڌو- ماٿر ۾) دراوڙ قومون آباد هيون. اهي قومون دراوڙي ٻولي ڳالهائينديون هيون.98 97

 

مشهور روسي عالم، پروفيسر گنڪووسڪي (Gankovsky)، پنهنجيءَ تحقيق ۾ لکي ٿو ته:

”ادب ۾ گهڻي وقت کان وٺي اهو اندازو لڳايو پئي ويو آهي ته هند- پاڪ ننڍي کنڊ جي اُتر- اولهه واري حصي ۾ (I.A.) I.E کان اڳ واري دور، يعني مسيح جي اچڻ کان اڳين هزار سالن جي وچ واري عرصي کان به پهرين، هن علائقي ۾ دراوڙي نسل جي زبان (زبانون) ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هئا. اهو به ممڪن آهي ته دراوڙي ڳالهائيندڙ آبادي، انهيءَ علائقي جي اُتر- اولهه ۽ اُن کان به اولهه طرف وڏي ايراضيءَ تي قابض هئي.“ 99

 

پروفيسر سنتي ڪمار چئٽرجي لکي ٿو ته:

”سنڌو-ماٿر جا قديم رهاڪو آفريڪي (Negrito tribes) قبيلا هئا. اُنهن کان پوءِ اَسٽرڪ قبيلا (Austric tribes)، انڊو-چائنا کان آيا. اُنهن کان پوءِ مغرب کان دراوڙ قبيلا آيا، دراوڙن کان پوءِ اُتر- اوڀر کان آريا آيا ۽ اُتر کان تبت-و-چيني قبيلا آيا، مطلب ته جڏهن آريا هن ملڪ ۾ آيا تڏهن هن ملڪ ۾ انسان ذات جي آبادي هئي. هتي اعلى تهذيب وارا قبيلا رهندا هئا.“100

 

ساڳئي سلسلي ۾ پروفيسر بئشم جي راءِ به وڏو وزن ٿي رکي. هُو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:

”اهي ماڻهو ڪير هئا، جيڪي هن عظيم تهذيب  جا معمار هئا؟ ڪن مصنفن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي آريا هئا، يعني اُهي ماڻهو جن رگ ويد مرتب ڪيو هو، پر اها راءِ صحيح نٿي لڳي. سنڌو- ماٿر جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل کوپڙين جي باقيات جي تجزئي مان ثابت ٿيو آهي ته هڙپا جا ڪي ماڻهو، ڊگهي مٿي، ننڍي ۽ سنهي نڪ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي رهاڪن واري وضح قطع جا هئا. اهي ماڻهو قديم وچ- مشرق ۽ مصر جي علائقي ۾ رهندا هئا، ۽ جيڪي اڄ جي هندي(برصغير پاڪ-هند) آباديءَ جي اهم عنصر کي تشڪيل ڏيئي رهيا هئا.“101

 

1963ع ۾ پاڻيءَ جي جهاز (ايشيا) ۾، لنڊن کان واپس ايندي، سئيز واهه مان جهاز کي اُڪرڻ جي ڪري، جهاز جي ڪمپنيءَ طرفان، اسان کي بسن ۾ وهاري، قاهره پهچايو ويو، سئيز واهه جي ڪناري تان بسن ۾ سفر ڪندي، اسان سئيز واهه جي ڪناري تي، ڌار ڌار تڙن تي، ڪن عورتن کي ڪپڙا ڌوئندي ۽ برتن مليندي ڏٺو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهي عورتون، اُن قوم سان واسطو رکن ٿيون جيڪا هتي جي اصلي مصري قوم سان واسطو نٿي رکي ۽ نه ئي وري هنن کي عرب ئي مڃيو وڃي ٿو؛ يعني ته هنن عورتن جو واسطو ڪنهن غير-مقامي قوم سان هو. انهن عورتن جي لباس ۽ شڪل شبيهه مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته اهي عورتون جت قوم مان هيون، جيڪا هزارين سال اڳ سنڌ مان لڏي، بلوچستان، ايران، عراق تائين پهتي هئي؛ ممڪن آهي ته ڀونچ سمنڊ وارو نسل، سنڌو- ماٿر مان لڏي آيل ماڻهن جو هجي، جيئن ڪن عالمن جو رايو آهي ته، پڻي، جت، جپسي ۽ ٻيون قومون سنڌو-ماٿر مان لڏي ايران، عراق، لبنان ۽ اولهه وارن خطن ۾ وڃي آباد ٿيون هيون.

پروفيسر بئشم اڳتي لکي ٿو ته:

”هڪ ٻيو عنصر قديم- آسٽريلوي نما (Australoid) نسل جو هو. هن قسم جا ماڻهو، موجوده برصغير جي ڪجهه وحشي پهاڙي قبيلن مان آهن.

هڪ واحد کوپڙي، منگولي نموني جي به ملي آهي، جيڪا الپائن جبلن جي ماڻهن جي وضح جي ننڍي مٿي وارن ماڻهن جهڙي آهي. ڪنجهي مان ٺهيل رقاصه عورت جي مورتي يقيناً آسٽريلوي نما نسل جي آهي. هن بيان مان اهو ثابت ٿيو ته موجوده اُتر- اولهه وارو علائقو بيشمار نسلن جو گڏيل مقام رهيو آهي.

البت موجوده ڏکڻ هندستان ۾ ڀونوچ سمنڊ واري ۽ آسٽريلوي نما نسل جو امتزاج معلوم ٿئي ٿو. هڙاپا تهذيب جا ٻه نمايان ۽ وڏا نسلي خدوخال، اُن کان علاوه هڙاپا تهذيب جي مذهب جون بيشمار هڪجهڙايون، هندومت اُنهن جي مزاجي عنصرن سان ملن جهلن ٿيون، جيڪي بالخصوص دراوڙي علائقن ۾ مقبول آهن. بلوچستان جي پهاڙي علائقن ۾، جتي ’نل‘ ۽ ’زوب‘ تهذيب ۽ تمدن وارا ماڻهو ننڍا ننڍا ڳوٺ اَڏي، اُنهن ۾ رهندا هئا، بروهي قبيلا جيتوڻيڪ ايراني زبان جي اثر هيٺ رهيا آهن، تنهن هوندي به اُهي (بروهي) جيڪا زبان ڳالهائين ٿا، اُها دراوڙي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تصديق سان هيءَ راءِ ڏني وئي آهي ته هڙپا تهذيب وارا ماڻهو دراوڙ هئا؛ ۽ فادر هيراس، جهڙو ماهر، جيڪو سَندَ جو درجو رکي ٿو، ۽ جنهن انهن جي تحرير کي پڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، اُن هيءَ دعوا ڪئي آهي ته هنن (هڙاپا جي رهاڪن) جي زبان، تامل زبان جي هڪ ابتدائي صورت آهي.“102

 

(ب) ڊاڪٽر پرڀولا جي خيال موجب به، سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو دراوڙ هئا، هو لکي ٿو ته:

”آريا جيتوڻيڪ، هر لحاظ کان تعداد ۾ ٿورا هئا، پر هنن پنهنجي فوجي طاقت جي مدد سان، دراوڙن کي مات ڪيو. انهن (آرين) پوءِ دراوڙن مان شاديون ڪيون ۽ دراوڙن، سندن فاتحن جي ٻوليءَ کي رواج ۾ آندو، ان ڪري سندن سياسي طاقت، سندن تهذيب ۽ تمدن جي پکڙجڻ ۽ ڦهلاءَ جو ذريعو بڻي. هنن (دراوڙن) جي ٻوليءَ، سنسڪرت تي گهرا اثر ڇڏيا، جيڪي سنسڪرت جي وينجنن جي ’مرڪب يعني گڏيل ميلن‘  ‘mrdhravac(Clusters) ۾ نمايان آهن.

ٻئي طرف آرين، دراوڙي تهذيب يعني سنڌو- تهذيب جي ڌرم مان گهڻوئي ڪجهه، پنهنجيءَ تهذيب ۾ شامل ڪيو.103

 

(ت) سنڌو- ماٿر جي قديم رهاڪن، قومن ۽ جاتين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجو رايو ڏيندي لکي ٿو ته:

”سنڌ جي قبيلن جي نسب نامن بابت ڪنهن وقت ڪي نهايت ضروري سوال سامهون ايندا آهن، جن جي پڪن پختن جوابن لاءِ وڏي تحقيق جي ضرورت اهي. هڪ اهم سوال اهو ڪڍيو ويندو آهي ته، سنڌ جا قديم ۾ قديم باشندا ڪهڙا هئا. هڪ تاريخي حوالي موجب، سنڌ جون قديم قومون ٽري هيون.

’موميد‘،’تاڪيا‘۽’پانيا‘،’موميد‘ ته ’ميد‘ يا ’ميهه‘ آهن، يعني ’مهاڻا‘ آهن. ’تاڪيا‘ غالباً، 6-7 صدي عيسويءَ کان اڳ، سنڌ ڇڏي پنجاب طرف هليا ويا، جتي اڳ ۾ سندن گهڻائي هئي. ’پانيا‘ بابت پوري پڪ نه آهي ته اهو نالو ڪهڙيءَ قوم جو آهي. نتيجي طور چونداسين ته صحيح معنيٰ ۾، سنڌ جا قديم باشندا مهاڻا آهن، جن کي اسلامي دور ۾، ’ميربحر‘ واري مانائتي نالي سان سڏيو ويو.“105  104

 

(ث) سنڌو ماٿر جي قديم، قبيلي مان هڪ يعني ’پانيا‘ يعني ’پڻيءَ‘ جي باري ۾ ڊاڪٽر هيريماٿ لکي ٿو ته:

”’پانيا‘ يعني ’پڻيا‘ يعني ’پَڻي‘ (Pani) قوم ’پَڻين‘ کي ’فَني‘ (Fani) يا ’فَنيقي‘ پڻ سڏيو ويو آهي. ’پَڻي‘ دراصل سنڌو-ماٿر جا قديم رهاڪو هئا، جن کي ’فني‘ (Fani) سڏيو ويو.“106

 

اهڙيءَ طرح سنڌو-ماٿر جي قديم رهاڪن ’پَڻين‘ جي باري ۾ ’مسٽر ڊيمس‘ (Dames) جو خيال آهي ته:

”’فَني‘ (Fani) ممڪن آهي ته اصل ۾ ’پَڻي‘ (Pani) هجن. ’پَڻي‘ لفط پهرين بدلجي ’بَينا‘ (Banya) ٿيو ۽ پوءِ اهو لفظ بدلجي ’واڻيا‘ (Vanya) ٿيو آهي.“107

 

(ج) پڻي قوم يا جاتيءَ جي باري ۾، پنجاب (پاڪستان) جو مشهور عالم محترم شريف ڪُنجاهي صاحب لکي ٿو ته:

”رگ ويد ۾، سنڌو-ماٿر جي هڪ قديم قوم ’پڻيءَ‘ جو به ذڪر ملي ٿو. هيءَ هڪ ٻيڙياتن، واپارين ۽ وڻجارن جي قوم هئي، جيڪا پنهنجن ٻيڙين ۾ واپار، وکر ۽ وَڙ ڀري/ کڻي، ڏکڻ- اوڀر (South-East) وارن ملڪ ڏانهن ويندي هئي ۽ اُتي وڻج ۽ واپار جو ڪاروبار ڪندي هئي. ممڪن آهي ته رگ ويد وارا ’پڻي ۽ فنلئنڊ وارا فن‘ (Fin)، ساڳيءَ جاتيءَ وارا ماڻهو هجن. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ’پڻي‘’بنيا‘هڪ ئي نسل يا جاتيءَ وارا ماڻهو آهن. ’بنيا‘ يعني ’هٽائي‘ جن ماڻهن کي اڄوڪي دور ۾ ’هٽائي‘ چئبو آهي، سي ئي سنڌو-تهذيب واري زماني ۾ ’وڻجارا‘ (سامونڊي واپاري) هوندا هئا.“109 108

 

(ح) ڪاڪي ڀيرومل به پڻي قوم جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ بحث ڪيو آهي. هُو لکي ٿو ته:

 ”رگ ويد ۾ ڪيترن ئي هنڌ، ’پڻي‘ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’وڻجارا‘ يعني ’وڻج ڪندڙ‘ يا ’واپاري‘. انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي، ’پَڻ‘ معني ’سودو ڪرڻ‘، ’ڳنهڻ‘ وغيره. رگ ويد جي منڊل ڇهين، سُوڪت 51، رچا 14 ۾ هنن کي بگهڙن وانگر هٻڇي سڏيو ويو آهي، ڇو جو هو ڏاڍا پڪا، سودي ۾ مروت نه ڪندڙ، رڳو پنهنجي سُود يا نفعي جي ڳالهه ڳڻيندا هئا.

اهي پڻي (واپاري)  اصل آريا هئا يا دراوڙ، يا کڻي فرض ڪجي ته اصل دراوڙ هئا، ۽ پوءِ آرين سان مٽي مائٽي ڳنڍڻ ڪري ’آريه‘ سڏجڻ ۾ آيا، ته به هن جهجهو ڌيان لهڻو، جو سنڌو- ماٿر جا اوائلي واپاري اهي هئا.

رگ ويد ۾ اهي ’پڻي لوڪ‘،’وَڻڪ‘ به سڏيا ويا آهن. هن مان ظاهر آهي ته، رگ ويد واري زماني جا ’پَڻي‘،’پَڻڪَ‘ ۽ ’وَڻڪ‘ اُهي آهن جيڪي هن وقت ’واڻيا‘ (وڻج ڪندڙ) ۽ ’ڀائيبند‘ سڏجن ٿا، ۽ اڄ تائين ’وَئشن‘ جي دفعي ۾ ليکجن ٿا.“110

 

ڪاڪو ڀيرو مل ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي حقيقتون يورپي توڙي ڏيهي عالمن ويدڪ ساهت مان ڳولهي ظاهر ڪيون آهن، تن پٽاندر ڄاڻائجي ٿو ته، رگ ويد واري زماني ۾ ئي، سنڌو ماٿر جا ’پڻي‘ (وڻجارا) جهازن ۾ مال کڻي، سمنڊ جهاڳي، ڏيساورن ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا.“ (رگ ويد، منڊل پهريون، سوڪت 48. رچا 3)“.111

 

مسٽر ڪولن ماسيڪا جو رايو آهي ته:

”هر هڪ ماهر اهو مڃيو آهي ته آرين جي اچڻ وقت برصغير، انسان ذات جي آباديءَ کان خالي يعني ويران نه هو، پر سنڌو-ماٿر ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قبيلا موجود هئا، جن مان ڪن جي باقيات اڄ به موجود آهي. اهي قبيلا هڙپا تهذيب جا ڌڻي هئا. اها تهذيب اڄ به سڌريل تهذيب مڃي ويندي آهي.“112

 

محترم تاج محمد صحرائيءُ ’پڻين‘،/’پڻي‘ قوم جي اصل نسل جي باري ۾ وڏي تحقيق ڪري هڪ مقالو لکيو آهي. ان مقالي ۾ هو لکي ٿو ته:

”فينقي (Phoenicians) قوم، دراصل سنڌو- تهذيب جا قديم رهاڪو ’پَڻي‘ آهن، جن کي پوءِ ’بَنيا‘ ۽ ’واڻيا‘ سڏيو ويو. هيءَ قوم، ان زماني ۾، واپار سانگي اولهه طرف(موجوده لبنان ۾) به رهندي هئي، جتي ’فينقي‘ (Phoenician) جي نالي سان مشهور ٿي.“113

 

(د) پنجابي زبان ۽ ادب جي مشهور عالم، محترم آصف خان، سنڌو- ماٿر جي قديم قومن ۽ جاتين جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ’پنجابي بولي دا پچهوڪڙ‘ ۾ تفصيل سان لکيو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ هو لکي ٿو ته:

”آرين جي اچڻ کان اڳ، پنجاب ۾ گهٽ وڌ پنچ نسلي گروهه آباد هئا. آرين جي اچڻ وقت هيءَ سرزمين سکڻي يعني خالي ڪانه هئي. هت غير-آريائي لوڪ آباد هئا. انهن جا پنهنجا قلعا به هوندا هئا. انهن مان هڪ غير آريائي قبيلو/قوم، ’اَسر‘ نالي هئي. ’اَسرن‘ کي آرين شيطان قبيلو سڏيو. هنن (اَسر) جي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجو مذهب هو.

ٻيو قبيلو، ’پڻي لوڪن‘ جو هو. رگ ويد ۾ هن قبيلي جي ماڻهن کي ’لالچي‘ سڏيو ويو آهي. هي ماڻهو ناکئا به هوندا هئا ۽ ٻيڙن (واهڻن) تي مال ڀري، ڏيساور ۾ واپار ڪندا هئا. انهن جي واهڻن کي سڙهه به هوندا هئا. ’پڻي لوڪ‘ حاڪم ٽولي سان تعلق نه رکندا هئا. انهن جو ڌنڌو، واپار ڪرڻ هوندو هو. هي ماڻهو دستڪار به هوندا هئا. پڻي لوڪ، نيٺ واڻين (هٽ واڻين) جي روپ ۾ آريه سماج جو هڪ حصو بڻجي ويا، ڇو ته اهي (پڻي) واپاري ۽ سرمائيدار هوندا هئا. سرمائيدار طبقو لڙائي ۽ جهڳڙي کان پرهيز ڪندو هو. انهن لوڪن کي ٻاهرين ملڪن ۾ فني/فنيقي (Phoenician) سڏيو ويندو هو.

’پڻي لوڪ‘، سنڌو- ماٿر کان، فرات نديءَ تائين ۽ پري پري ملڪن  ۾ پنهنجا ٻيڙا ڪاهي ويندا هئا. هو ڪپڙي جو واپار به ڪندا هئا. هڪ پاسي سنڌو- ماٿر جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان ڪپڙي جا ثبوت مليا آهن ته ٻئي پاسي بابل ۾، ڪپڙي کي ’سِندڻ‘ سڏيو ويندو هو. ڪپڙي جو اهو قسم يعني ’سندڻ‘، سنڌو- ماٿر ۾ اُڻيو ويندو هو، جيڪو بابل ۽ ميسوپوٽيميا طرف، ’پڻي لوڪ‘ کڻي ويندا هئا.“114

 

(ر) سنڌو- ماٿر جي قديم لوڪن ۾، ’مهاڻن‘ کي به شمار ڪيو ويندو آهي، جيئن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿي ڏنل راءِ مان ظاهر آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، مهاڻن کي، سنڌو-ماٿر جي قديم قوم سڏيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”موهن جي دڙي جي رهاڪن مان ڪي هاري هوندا هئا، جيڪي هارپ ۽ کيتيءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا ته ڪي وري ناکوئا ۽ مهاڻا هوندا هئا.“115


97 – Grierson, G., Lingustic survery of India, Vol: I, 1927, P. 130

98 – Mario A. Pei, The World’s Chief Languages, third adition, London, George Allen and Unwin Ltd., P. 485

99 – Gankkovsky, Yu, V., The peoples of Pakistan, Lahore, Peoples publishing House, U.S.S.R., Academy of Sciences, Dravary, 26, Shahrah-e-Quaid-e-Azam, P. 33

100 – Chatterji, S.K., Dr., Op. Cit

101 – Basham, A.L., Dr., Wonder that was India, London, Sidgwick and Jackson, 1961, P.24

102 – Basham, A.L., Dr., Op. Cit. P.24

103  Asko Parpola, Indus Script Decipherment, 1970, P. 12

104  تاڪيا شايد موجوده پنجاب جي ’ٽِڪا‘ نالي قوم هجي، جا وڏي تعداد ۾ پنجاب ۾ رهندي آهي.(مصنف)

105  بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: مقالو: سنڌ جا قبيلا ۽ سنڌ جا نسب ناما، سماهي مهراڻ، 2-1/1992ع، سنڌي ادبي بورڊ ص 174

106 – Hiremath, R.C., Dr., Genesis & Growth of Dravidian Lingusitics, Drarivdian Lingusitic Association, Trivandrum, 1984, P.53

107 – Dames, M.L., The Balochistan Race, a monograph, published in JRAS, Vol:IV, London, 1904, P.245

108  ’بنيا‘ لفط سنڌي ٻوليءَ واري ساڳئي- لفظ ’واڻيا‘ جو بدليل اُچار آهي. هن لفط ۾ ]ب[ بدلجي]و[ ٿيو آهي ۽ ]ن[ بدلجي ]ڻ[ ٿيو آهي. ائين ممڪن آهي ته ’پڻيا‘ لفط بدلجي پهرين ’واڻيا‘ ٿيو هجي ۽ پوءِ ’واڻيا‘ بدلجي ’بنيا‘ ٿيو هجي.

109 – Sharif Kunjahi, Panjab-Scandinavian Language Contact, Gujrat (Pakistan)- Chenab Academy, 61 Mazhar Colony, 199, P.18

110  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، ص ص 360، 361 ۽ 325

111 – ايضاً، ص 365

112 – Collin Masica, Op, Cit. PP. 39 & 40.

113  تاج محمد صحرائي: پڻي لوڪ- رگ ويد جي دور جا سنڌي وڻجارا- ناکُئا، مقالو، حيدرآباد سنڌ، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ، 1996ع، ص ص 3-30.

114  آصف خان: پنجابي بولي دا پچهوڪڙ، لاهور، پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ، 1996ع، ص ص 50، 66، 69، 74، 75 ۽ 76

115 – Caldwell, R., Dr: A Comparative Grammar of the Dravidian or. South Indian Family of Languages, London, Trubnar & Co., Ludgate Hill, 1875, Introduction, PP. 58-59

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com