سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :17

مٿي بيان ڪيل گاٿا (ڳاهه) ۾ ڪم آندل لفظن ۾ معمولي صوتي تبديلين کان سواءِ اڄ به ڏکڻ، ڏکڻ – اوڀر ۽ اُڀرندي طرف وارن سنڌي علائقن ( ٿر ۽ پارڪر) ۾ اُهي لفظ ساڳيءَ طرح سان اُچاريا ويندا آهن. اُن گاٿا (ڳاهه) جي گهاڙيٽي ۽ شاعريءَ جو مضمون بلڪل اُهو ئي آهي جيڪو اُن ڳاهه کان صديون پوءِ ۽ اڄ کان اڍائي سؤ سال اڳ، سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1690ع – 1752ع) پنهنجي رسالي جي سُر ڪيڏاري ۾، هن بيت ۾ بيان ڪيو آهي. لطيف فرمايو آهي.

ڀڳو آءٌ نه چُئان، ماريو ته وسهان،

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، آءٌ سيڪيندي سونهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هونِس پُٺ ۾.

هاڻ جنهن گاٿا (ڳاهه) جو حوالو ڊاڪٽر محمد حسن ڏنو آهي، اها گاٿا (ڳاهه) هيءَ آهي:

ڀلا هئا جو ماريا ڀيڻ، مهارو ڪنت،

لجينج تو ويڻ سين، جو ڀڳا گهر اَنت.

هن گاٿا (ڳاهه) جي پهرينءَ مصرع ۾ ’مهارو‘ ۽ ’ڪنت‘ لفظن کان سواءِ باقي سڀ لفظ اُهي آهن، جيڪي اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن؛ پر اهو ته هر سنڌي ڳالهائيندڙ مڃيندو ته سنڌي ٻوليءَ جي ’ڍاٽڪي‘ ۽ ’پارڪري‘ لهجن ۾ ’مهارو‘ ۽ ’ڪنت‘ يعني ’ڪانڌ‘ لفظ استعمال ٿيندا آهن، بلڪ ائين به چئي سگهجي ٿو ته، شاهه صاحب جي ٻوليءَ، بيت ۾ ڪم آندل لفظن، فقرن ۽ سندس تخيل بلڪل ائين ئي آهي، جيئن ’هيمچندر‘ جي ڪتاب ۾ ڏنل گاٿا ۾ آهي. اهڙيءَ طرح هن گاٿا جي ٻيءَ مصرع ۾ ’لجينج‘ لفظ ۾ ’ج‘ صورت جو استعمال، ’ئي‘ صورت (يعنيArticle) وارو ساڳيو آهي. ’ج‘ صورت جو اهڙو استعمال، گجراتي توڙي ڪڇي ٻوليءَ ۾ عام آهي. ’ج‘ جو اهڙو استعمال، گجراتي يا ڪڇي ٻوليءَ جو اثر ڏيکاري ٿو. ٻين لفطن ۾ هينئن چئبو ته مذڪوره گاٿا (ڳاهه) اُن زماني جي سنڌي ٻوليءَ جو، اُڀرندئين لهجي جو هڪ اهم مثال آهي، جيڪا صديون اڳ، سنڌ جي اوڀر ۽ ڏکڻ – اوڀر واري علائقي ۾ رائج لهجي جي شاهدي ڏئي ٿي.

ماهرن جي راءِ موجب هيءَ گاٿا، ٻيءَ صديءَ عيسويءَ واري زماني جي چئي سگهجي ٿي.147 جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڪشان گهراڻي جي حڪومت هئي پر ڊاڪٽر چئٽرجيءَ جي راءِ ۾ اها گاٿا ستين صديءَ عيسويءَ جي آهي. هن دليل مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب، شعر و شاعريءَ جو استعمال محفلن ۽ معرڪن ۾ عيسوي سن جي شروع ٿيڻ کان به گهڻو اڳ رائج هو.

ڊاڪٽر عزيز انصاري پنهنجي Ph.D واري مقالي، بعنوان ”اردو اور راجسٿاني بوليان“ ۾ لکي ٿو ته:

”راجسٿانيءَ ٻوليءَ کي، ’هندوستاني لسانيات جو جائزو‘ ڪتاب ۾ سرگريئرسن، وسطي گروهه جي زبانن ۾ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌيءَ کي ’شمال- مغربي گروهه‘ جي زبان سڏيو اٿس، ۽ اُن جو تعلق لهندا ٻوليءَ سان بيان ڪيو اٿس، پر انهيءَ جي باوجود ڏٺو ويو آهي ته، راجسٿاني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مزاج، هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو آهي ۽ سنڌيءَ ۽ راجسٿانيءَ ۾ تمام گهڻي صوتي صرفي ۽ نحوي هڪ جهڙائي آهي؛ اها ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪانهي. سنڌ ۽ راجسٿان جو سماجي ۽ سياسي ميل جهول رهيو آهي.“148

(ج) (i) عرب سياحن جي سفرنامن ۽ تازين کوجنائن مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌ ۾ عرب حڪومت جي شروع واري زماني (712ع) ۾، بلڪ اُن کان به گهڻو اڳ سنڌي زبان عام ماڻهن جي روزمره جي وهنوار واري ۽ تجارت توڙي واپار جي استعمال ۽ دوا درمل، سُتين ڦڪين، وکرن ورن لاءِ عام طور ڪم ايندڙ ٻولي هئي. اسلامي حڪومت جي ابتدائي دور ۾ عربي ٻوليءَ سرڪاري ۽ دفتري زبان جي حيثيت ورتي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي، سنڌ جي عام ماڻهن، واپارين ۽ سگهڙن توڙي سياڻن وٽ مقبول هئي. هن دعوا جا دليل، اوائلي عرب سياحن جهڙوڪ: جاحظ149 (864ع/250هه)، يعقوبي150 (900ع/288هه)، مسعودي151 (957ع/346هه)، اصطخري 152 ۽ بشاري المقدسيءَ 153 (958ع/347هه) جي ڪتابن ۾ موجود آهي. انهن سياحن جي بيان موجب سنڌي زبان سڄيءَ سنڌ ۾ (ملتان تائين) روزمره واري ۽ وڻج واپار واري زبان هئي. انهن بيانن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي زبان عربي دور جي شروعات واري زماني ۾ به معياري ۽ روزمره جي وهنوار ۾ ڪم ايندي هئي، جا عرب واپارين کي سِکڻي پوندي هئي.154

(ii) آثار قديمه جي کوٽاين مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته، سنڌي ٻولي سنڌ ۾، اسلامي حڪومت جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي روزمره جي وهنوار، وڻج واپار ۽ درس وتدريس واري ٻولي هئي. هن ڏس ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل ثابتين، عرب سياحن جي راءِ کي سچو ثابت ڪيو آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان جيڪي ٺڪريون هٿ آيون هيون، انهن تي لکيل اکرن جي باري ۾، آثار قديمه جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايف – اي خان رايو ڏيندي لکيو هو ته:

”اهي اکر جيڪي رواجي ڪاريءَ مس سان لکيل آهن، سي ثابت ٿا ڪن ته، مٽيءَ جي برتنن جا اهي ٺڪر، ڪٿان ٻاهران هرگز گهرايا نه ويا هوندا، يعني ته اهي ديسي ئي هوندا.“155

 

انهن ٺڪرين تي لکيل اکرن جي پڙهڻي، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ (ص 150 ۽ 151) ۽ ’سنڌي صورتخطي‘ (ڇاپو چوٿون ص ص 32 ۽33) ڪتابن ۾ ڏنل آهي. انهن ٺڪرين جي پڙهڻ کان پوءِ جيڪي نتيجا ڪڍيا ويا هئا، تن جو تفصيل هڪ دفعو وري، هيٺ دُهرائجي ٿو.156

 

(I) اسلام جي سنڌ ۾ آمد کان گهڻو اڳ، سنڌي ٻولي نه فقط روزانه وهنوار ۾ ڳالهائي ويندي هئي، پر لکي پڻ ويندي هئي ۽ اُن جي لکت جا ڌار ڌار نمونا (لپيون) هوندا هئا.

(II) سنڌي ٻولي واپاري ڏي- وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي، جا ان وقت به شاهوڪار معياري ۽ وسيع ٻولي هوندي هئي. هن ٻوليءَ ۾ علم نجوم، علم هئيت، عم طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت، روزانه استعمال جي شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن ۽ دوائن وغيره جا هزارن جي تعداد ۾ لفظ ۽ نالا ڪم ايندا هئا.

(III) اُن زماني ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي بناوت جي ساخت ۽ سٽاءَ اُهائي هئي، جيڪا اڄڪلهه جي ٻوليءَ جي آهي. قاضي صاعد اندلسي (1070ع/462هه)، محقق البيرونيءَ کان چاليهه سال پوءِ پنهنجو رايو لکيو هو، تنهن جو بيان آهي ته:

”علم هندسه ۽ حساب غيار (1 کان 9 تائين انگن ڳڻڻ جو رواج)، جنهن کي ابو جعفر محمد بن موسى خوارزميءَ شرح ۽ بسط سان بيان ڪيو آهي، سنڌين کان ئي اسان تائين پهتو آهي. حسابن جو هي بلڪل مختصر ۽ آسان طريقو آهي. هن جي ترڪيب تمام عجيب آهي. هن مان سنڌ وارن جي ذهين طبَع، حسنِ ايجاد ۽ قوت اختراع جو ثبوت ملي ٿو.“157

 

سنڌ جي ماڻهن جي ذهانت ۽ علميت جي ايتري قدر ته ڌاڪ هئي جو اَلرا ۽ ڪشمير جي راجا مهروڪ، 883ع/270هه ۾، منصوره جي امير عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز هباريءَ (883ع کان 892ع) کي لکي موڪليو ته سنڌي زبان ۾ هن کي اسلامي حڪمن ۽ قانونن جو تفسير ۽ تشريح لکائي موڪلي. عبدالله، منصوره جي هڪ عراقي عالم، جو هڪ ذهني، هوشيار شخص ۽ سٺو شاعر هو، جو سنڌ ۾ نپنو ۽ وڏو ٿيو هو ۽ مختلف زبانون چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، تنهن کي راجا وٽ موڪليو. هن هڪ قصيدو ٺاهيو، جنهن ۾ اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪيائين، جن لاءِ راجا گذارش ڪئي هئي. هن عالم راجا وٽ ٽي سال رهي، سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو ترجمو ڪيو.158

 

(ح) بهرحال سنڌي زبان، سنڌ ۾ عربي دور ۾ علم ادب وارو درجو حاصل ڪري چڪي هئي ۽ سنڌ ۾ علم ادب جو چرچو عام هو، بزرگ بن شهريار جي هن بيان مان اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته، سنڌي زبان نائين صدي عيسويءَ ۾ به هر لحاظ کان ترقي يافته زبان هئي.

هن ڏس ۾ چچنامي، عرب سياحن  جي سفرنامن ۽ البيرونيءَ جي تحقيقي مواد ۾، سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، پاٺشالائن، ڇند جي قانون، شعر و شاعري، دوائن، واپاري وکرن، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قانونن توڙي سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکت جي نمونن جي باري ۾ مليل مواد جي آڌار تي اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته سومرن جي حڪومت جي شروع ٿيڻ واري زماني (1010ع) تائين پهچندي، سنڌي ٻولي هڪ وڏي معيار واري ۽ عام استعمال واري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪي هئي.

هن دليل کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو وجود يارهين صديءَ عيسويءَ کان نه، پر اُن (سنڌي ٻولي)  جو وجود ته ايامن کان وٺي قائم ۽ دائم رهندو آيو آهي ۽ هر دور ۾ قائم ۽ دائم رهندو اچي؛ البت ان جي علمي ادبي، لغوي ۽ لسانياتي تشڪيل ۾ هر دور ۾ تبديلي ايندي رهي آهي. هر دور ۾ ان جي لغات ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي.

رگ ويد، مهاڀارت، رامايڻ، ايراني، يوناني، چيني ۽ عرب سياحن توڙي مؤرخن طرفنا ڇڏيل مواد مان ايتري ئي ته معلومات ملي ٿي جو چئي سهجي ٿو ته سنڌي ٻولي، مختلف علمن جهڙوڪ: علم رياضي، علم طب، علم نجوم، علم جوتش، علم دواسازي، جانورن جي بيمارين جي علم، ڪاري علم، عمارت سازيءَ جي فن، بحريه جي ڄاڻ، جاگرافيءَ جي علم، علم ڪيميا، علم طبعي، علم التاريخ، سُتين ڦڪين جي علم، جاڙن ڦوڪن جي ڄاڻ، ٽوڻن ڦيڻن جي علم، پسارڪي وکرن جي ڄاڻ، وڻج واپار، جهازسازيءَ، وياڪرڻ جي علم، شعر و شاعريءَ ۽ ڇندوديا وغيره جي لغوي خزاني کان ته تمام مائيدار ۽ مالدار هئي.

سنڌي ٻولي، اُن زماني ۾، نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر مختلف رسم الخطن ۾ لکي پڻ ويندي هئي. هن سلسلي ۾ عرب سياحن گهڻو ۽ تفصيلي مواد ڇڏيو آهي. جاحظ (864ع) کان وٺي البيرونيءَ (1017ع-1013ع) تائين، هر سياح، هر ماهر ۽ محقق ۽ مؤرخ، سنڌي زبان جي حيثيت، ماهيت ۽ لغوي خزاني جي باري ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. هنن بيانن مان ظاهر آهي ته ديبل، منصوره ۽ ملتان جا ماڻهو عربي ۽ سنڌي ڳالهائيندا هئا. محقق البيرونيءَ ته گهڻي تفصيل سان، سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني کي لکيل صورت ۾ ڇڏيو آهي. البيروني لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻولي نه فقط روزمره جي استعمال جو ذريعو آهي، پر اِها زبان باقاعدي لکي به ويندي آهي. سنڌ ۾ هڏين تي لکڻ جو رواج ڪونهي، البت هِت وڻن جي پنن ۽ ڇوڏن تي لکڻ جو رواج گهڻو آهي.“159

 

هي ماهر (البيروني) اڳتي لکت جي فن جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”ڳالهائڻ واري ٻولي، ڳالهائيندڙن جي خيالن ٻڌندڙن تائين پهچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. انهيءَ عمل (ڳالهائڻ) کي ٿوري عرصي لاءِ جٽاءُ رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صدري علم، سيني بَسيني ياد ڪرڻ وارو طريقو ۽ تاريخي واقعا، وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي اصلي اهمت وڃائي ٿا ويهن ان ڪري انسان ذات اهم واقعن ۽ علمي ڳالهين کي محفوظ رکڻ لاءِ لکڻ جو فن ايجاد ڪيو.“ 160

 

اهڙيءَ طرح عربن جي سنڌ تي فتح وقت (712ع)، ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ هنن سنڌي زبان کي هر عمل ۾ رائج ڏٺو.

(خ) هيءَ حقيقت به توجهه طلب آهي ته عربن جي سنڌ تي فتح (712ع) کان لڳ ڀڳ ستر (70) سال اڳ، راءِ گهراڻي جي آخري زماني ۾، چيني سياح هيون شئنگ به،پنهنجيءَ رپورٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت واري حيثيت ۾ هجڻ جي باري ۾ ذڪر ڪيو آهي. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”هوان – شيانگ نالي هڪ چيني مسافر، عيسوي ستينءَ صديءَ ۾ هندستان ۾ سير ڪرڻ آيو هو، ۽ سنڌ به گهمي ويو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته، هندوستان ۾ ڪيترن ئي هنڌ مون، ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندو ڏٺو.“161

 

ڪاڪو ڀيرو مل اڳتي لکي ٿو ته:

”عام رواج هيءُ هو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهو وڻن جي پنن تي لکندا هئا ۽ اها ساک ڪي لفظ به ڀرين ٿا؛ مثالً: سنڌي پن (leaf) ۽ پنو (ڪاغذ) ساڳئي لفظ ’پرڻ‘ مان ٺهيا آهن.“162

 

لهاذا اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مٿي بيان ڪيل علمن جي سکيا جو، سنڌو- ماٿر جي وڏن وڏن شهرن ۽ بستين ۾، بندوبست هوندو هو. اُنهن علمن جي سکيا لاءِ پاٺشالائون ۽ وديااَليه به هوندا هئا، جتي شاگردن کي اهي علم پڙهايا ويندا هئا. محقق البيروني لکي ٿو ته:

”ان وقت پاٺشالائون به هونديون هيون. پاٺشالائن ۾ ٻارن لاءِ ڪاريون تختيون ڪم آڻيند اهئا، ۽ انهن (ڪارين تختين) تي لکڻ لاءِ تختين جي ڊيگهه تي لکندا هئا.“163

 

البيروني لکي ٿو ته ان زماني ۾ به هن خطي ۾ ڪتاب لکيا ويندا هئا. هو لکي ٿو ته:

”سنڌ جا ماڻهو ڪتاب کي ’پوٿي‘ (pothi) ۽ ’پُستڪ‘ چوندا هئا.“164

 

البيروني ان دور جي عالمن لاءِ لکي ٿو ته:

”اُن زماني ۾ عالمن جي عزت هوندي هئي. حڪمرانن وٽ عالمن ۽ ودوانن لاءِ قدر ۽ مانُ هوندو هو. علم نجوم، علم طب، علم طبابت ۽ علم رياضيءَ جي ودوانن جي گهڻي شهرت هوندي هئي، ڇو ته هر قدم کڻڻ وقت نجومين سان صلاح مشورو ڪيو ويندو هو.“165

 

تحقيق مان اهو پڻ معلوم ٿو ٿئي ته محقق البيرونيءَ کان به لڳ ڀڳ ٻه سؤ سال اڳ پسارڪي وکرن، دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جي نالن کي، عربي- سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ شروع ڪيو يو هو، ۽ نج سنڌي آوازن لاءِ، عربي حروفن ۾ تبديلي آڻي، سنڌي ٻوليءَ لاءِ موزون حروف ٺاهيا ويا هئا. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”ٻين ٽين صدي هجريءَ کان وٺي عرب عالمن ’علم طب‘ تي تحقيق شروع ڪئي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر باب ڪتاب لکجڻ لڳا، ۽ غالباً اهو سلسلو ٻي صديءَ هجريءَ ۾، سنڌ ۾، منصوره جي عالمن کان شروع ٿيو ۽ پوءِ بغداد تائين پهتو.“166

 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو پڻ تسليم ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي يارهين صدي عيسويءَ کان گهڻو اڳ، روزمره جي زبان طور ڪم ايندي هئي. هو لکي ٿو ته:

”ڏهين صدي عيسوي/ چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌي زبان،اُن وقت جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نه فقط ڄاتل سڃاتل هئي پر عالمن، اديبن ۽ سياڻن وٽ پنهنجو مقام ۽ معيار حاصل ڪري چڪي هئي.“167

 

انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي جي 85 ۽ 115 صفحن تي البيروني ۽ ٻين محققن طرفان اٺين صديءَ عيسويءَ جي اوائلي زماني ۾، سنڌ ۾ ڪم ايندڙ جڙين ٻوٽين جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”بيروني پنهنجي ڪتاب ’الصيدنه‘ ۾ مُني سؤ کن جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا ’سنڌيءَ‘ ۾ ڏنا آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ ’بشر‘ جي ڪتاب، ’ڪتاب تفاسير الاوديه‘ جي حوالي سان ڏنا اٿس ۽ باقي پنهنجي طرفان تحقيقي ڪري لکيا اٿس، جيئن ته اهي نالا سنڌي ٻوليءَ جي انفرادي اهميت ۽ بين الاقوامي علمي حيثيت بابت هڪ تاريخي دستاويزي حيثيت رکن ٿا.“168

 

جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي فهرست ڏيڻ کان پوءِ ( ص ص 86 کان 114 تائين) ڊاڪٽر صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا بابت پنهنجي راءِ هنن لفظن ۾ ڏني آهي:

”جڙين ٻوٽين ۽ وکرن جا مٿيان سنڌي نالا ڪم از ڪم چوٿين صدي هجري/ ڏهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اُن وقت واري سڄي علمي دنيا ۾ رائج هئا. اهي سڀ پسارڪا وکر سنڌ ۾ پڻ استعمال ٿيندا هئا، جنهن مان ان وقت هتي جي طبي ڄاڻ ۽ عملي علاج جو اندازو ٿي سگهي ٿو، انهن مان ڪي وکر اڄ تائين سنڌ جي پسارين وٽ انهن ساڳين نالن سان موجود آهن، ۽ ٻيا ڪي وکر پڻ هن وقت جي پسارڪن نالن سان معلوم ۽ موجود آهن. اهي نالا ۽ الفاظ اُن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پيشورانه طبي ۽ پسارڪي لغات جي مخصوص ذخيري تي شاهد آهن. انهن لفطن جي مطالعي مان اڄ کان هڪ هزار سال اڳ جي سنڌي لغات توڙي ٻوليءَ بابت چٽا اُهڃاڻ ڏين ٿا.“169

 

(د) حاصل مطلب ته ايتري اعلى معيار تي پهچڻ لاءِ ڪنهن به ٻوليءَ کي ٽي يا چار صديون نه، لُڪ هزارين سال لڳڻ گهرجن. جيئن ڊاڪٽر پرپولا‘ ۽ ‘ڊاڪٽر فيئر سروس‘ جي طرفان، سنڌو- لکت جي ڪن نشانين لاءِ مقرر ڪيل مُلهن (values) ۽ اُنهن جي سنڌي زبان جي نعم البدل جي تقابلي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ، سنڌو_ماٿر ۾ ’سئنڌُئي زبان‘ رائج هئي، جيڪا ان وقت به هڪ معياري زبان هئي، جنهن ۾ بي انداز ۽ لغوي خزانو موجد هو، جيڪو سنڌو _ماٿر ۾ آباد قومون، جاتيون ۽ قبيلا، پنهنجي پنهنجي روزانه ماحول ۽ سماجي وهنوار ۾ پيا ڪم آڻيندا هئا.

(i) لهاذا اهڙن پڪن ۽ پختن دليلن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت، يارهين صدي عيسويءَ کان تمام گهڻو اڳ، بلڪ ايامن کان وٺي، گجرات صوبي جي ’ڀلمال‘ شهر کان به اوڀر طرف ’نرمندا نديءَ‘ تائين سڄي سنڌو_ماٿر ۾، عيسوي سن جي شروع ٿيڻ کان ڪافي زمانو اڳ، وڏي معيار ۽ مقدار سان قائم هئي، ڇاڪاڻ ته البيروني  ته سنڌو _ماٿر ۾ يارهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي (1017ع/408هه کان 1031ع/ ...هه تائين) رهيو هو. هن ان وقت جي سنڌي عالمن کي مٿي بيان ڪيل علمن ۾ گهڻو ماهر ڏٺو. هن (البيروني) جي اچڻ واري زماني ۾، سنڌ ۾ علم ادب ۽ شعر و شاعريءَ جو سرگرميون تيز هيون. ڪيترائي بنيادي ڪتاب ۽ انهن جا عربي زبان ۾ ترجما موجود هئا. هن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ڏهين صدي عيسويءَ کان به گهڻو اڳ، سنڌي زبان ڌار ڌار علمن ۾ اوج تي پهچي چڪي هئي.

(ii) ورهاڱي کان پوءِ ويتر، ڀنڀور ۽ منصوره (برهمڻ آباد) جي کنڊرن جي کوٽائي، سنڌي ٻوليءَ جي سماج ۾ وهنوار ۽ تاريخ واري باب جي مطالعي ۾ گهڻي مددگار ثابت ٿي آهي. هنن کوٽاين مان هٿ آيل مواد، خاص ڪري مٽيءَ جي برتنن جي ڀڳل ٺڪرين تي لکيل اکر ۽ لفظ، سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جي شروع ٿيڻ (712ع) کان ڪئين صديون اڳ واري زماني ( پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ) جي ’آڳاٽي_ ناگري‘ (Proto-Nagari) نموني جا آهن. هنن کوٽاين مان مليل ثابتين، هيمچندر طرفان ڏنل گاٿا(ڳاهه) هيون – شئنگ ۽ عرب سياحن جي حق گوئيءَ جي ساک ڀري آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان جيڪي ٺڪريون هٿ آيون آهن، انهن تي لکيل اکرن جي باري ۾ آثار قديمه جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر ايف_ اي خان جو رايو آهي ته:

”اهي اکر جيڪي رواجي ڪاري مس سان لکيل آهن، سي ثابت ٿا ڪن ته، مٽيءَ جي برتنن جون اهي ٺڪريون، ٻاهران هرگز گهرايون نه وئيون هونديون، يعني ته اهي ديسي ئي هونديون.“170

 

مطلب ته هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، سنڌي ٻولي، پنهنجي حيثيت، پنهنجو معيار ۽ مقام، نه فقط برقرار رکندي آئي آهي، پر ان ۾ هر دور ۾ اضافو به ٿيندو رهيو آهي، البت ’سئنڌوَ‘ (ملڪ) جون سياسي ۽ جاگرافيائي سرحدون گهٽيون آهن.

(iii)  انهيءَ بيان کان پوءِ وڏي وثوق سان اهو چئي سگهجي ٿو ته، اها سوچ بلڪل صحيح ڪانهي ته ڪو سنڌي ٻولي، يارهين صدي عيسويءَ ڌاري پنهنجي آريائي بنياد کان ڇڄي ڌار ٿي هئي ۽ موجوده شڪل ورتي هئائين، بلڪ هيون – شئنگ، چچنامي، عرب سياحن ۽ البيرونيءَ جي ڇڏيل رڪارڊ ۾ موجود مواد جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته هيون- شئنگ، چچنامي جي لکت، عرب سياحن ۽ البيرونيءَ جي آمد واري زماني ۾، سنڌ ملڪ ۾ علم رياضي، علم طب، دواسازيءَ جي علم کان سواءِ ’سرپ وديا‘ يعني ’نانگن بلائن جي علم‘’زهر جي ڄاڻ يعني علم، ’نانگن تي منڊ پڙهڻ‘، ’هر قسم جي جادوءَ ۽ ڪاري علم‘، ’ٽوڻن ڦيڻن‘، ’سڳن ڌاڳن‘، ’منتر پڙهڻ‘، ’ڦوڪون ۽ ڦيڻا وجهڻ جي علم، جانورن جي طبابت جي علم، مهاتما گوتم ٻڌ جي جيون سان واسطو رکندر ڪهاڻين، قصن ۽ آکاڻين، منطق، اخلاقيات، فلسفي، سياست، عسڪري يعني جنگ جي فن جي ڄاڻ تي به ڪتاب موجود هئا.


147  محمد حسن ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تاريخ، ص 36

148  عزيز انصاري، ڊاڪٽر: ’اردو اور راجستهاني بوليان‘ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ مقالو، شعبه اردو، سنڌي يونيورسٽي، ص 103

149  جاحظ: رسالہ فخر السودان علي البيضان، اردو ترجمو، هندوستان عربون کي نظر ۾، جلد اول، دارالمصنفين، اعظم ڳرهه، 1960ع، ص ص 4 ۽ 5

150  يعقوبي: ايضاً، ص 145

151  ابوالحسن مسعودي: مروج الذهب و معادن الجوهر، ايضاً، ص 288 ۽ 289

152  اصطخري: المسالڪ والمالڪ، ايضاً، ص 375

153  بشاري المقدسي: احسن التقاسيم في معرفہ، ايضاً، ص ص 385 ۽ 386

154  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، 1977ع، ص 146

155 – Khan, F.A., Dr., Bhambore Excavations, Karachi, Department of Archaeology, Govt: of Pakistan, 1963, PP. 28&29

156  الانا غلام علي، ڊاڪٽر: لاڙ جي ادبي ثقافتي تارخ 1977ع، ص 151، ۽ پڻ ڏسو: سنڌي صورتخطي ڇاپو چوٿون، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص ص 32 ۽ 33

157  قاضي صاعد اندلسي: طبقات الامم، ترجمو، هندوستان عربون کي نظر ۾، جلد دوم، 1962ع، ص 44

158  بزرگ بن شهريار، عجائب الهند، اردو ترجمو، 1960ع، ص 193

159 – Sachau. C., Dr., Alberuni's India. Op. Cit. P. 229.

160  - Sachau, C., Dr., Alberuni's India, Op. Cit., P. 229

161  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، ص 404

162  ايضاً

163  - Sachau. C., Dr., Alberuni's India. Op. Cit. P. 232.

164 - Sachau. C., Dr., Alberuni's India. Op. Cit. P. 229.

165 – Ibid., P. 46

166  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 115

167  ايضاً، ص 115

168  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 85

169  ايضاً ص 115

170 – Khan, F. A., Dr. Bhambhore Excavations, revised edition, Karachi, Department of Archaeology, Govt: of Pakistan, 1963, PP. 29&30

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com