سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :2

پبلشر نوٽ

مولانا عبيدالله سنڌيءَ لکيو آهي ته، ”ست ٻوليون آسماني آهن، جن ۾ صحيفا ۽ ڪتاب نازل ٿيا آهن. ڌرتيءَ جون باقي زبانون انهن ستن زبانن مان نڪتل آهن. انهن ستن زبانن ۾ عربي ۽ عبراني سان گڏ سنڌي ٻولي به هڪ آهي.“

”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ سنڌ جي نامياري عالم ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نادر تحقيقي ڪاوش آهي، جنهن ۾ هن انساني تهذيب جي ابتدائي ورثي مان هڪ اهم مورث قوم جي ٻوليءَ جي روٽس کي ڳولهڻ جي عالماڻي ڪوشش ڪئي آهي. تهذيبي دور ۾ پير پائڻ جي بنهه پهرين دور جي قومن ۾ سنڌي قوم جو ڳاڻاٽو عالم آشڪار آهي ۽ ان جو منبع موئن جو دڙو ليکيو ويو آهي.

مولانا ابو الڪلام آزاد موئن جي دڙي جي مذهب بابت لکيو آهي ته ”اتان جا رهاڪو توحيد پرست هئا. اهي پنهنجي لاثاني، بي مثل ۽ اڪيلي خدا کي لفظ ’اون‘ جي نالي سان سڏيندا هئا.“

موئن جي دڙي جي انهن توحيد پرست ماڻهن ڏانهن جيڪو به پيغمبر آيو ته، ان کي آسماني صحيفا پنهنجي ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ مليا. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ٻڌائيندي ڊاڪٽر الانا پڻ هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت واضح راءِ ڏني آهي ته، سنڌي ٻولي سنسڪرت سميت هندستان جي ڪنهن به ٻوليءَ مان ڄائي ڪونهي. بلڪ مولانا سنڌي چواڻي هندستان جون ٻيون ٻوليون سنڌيءَ مان ڄاول آهن. سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ پڻ انهيءَ راءِ جو آهي.

بهرحال هي ڪتاب پنهنجي موضوع تي هڪ باقائدي عالماڻي تحقيق آهي، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي پارکوئن ۽ محققن کي پڪ سان وڏي رهنمائي ملندي.

نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيدمي

ٻئي ڇاپي جو مهاڳ

’سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد‘ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو هو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، ’سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد‘ جي باري ۾، ماهرن جي ويچارن جي اميد هُيم ڇاڪاڻ ته ڪنهن به موضوع تي ڪنهن ڪتاب، مضمون يا مقالي جي ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ، پرهندڙن کي اهو حق ٿو پهچي ته هو ان ڪتاب، مضمون يا مقالي تي پنهنجي راءِ ڏين؛ کين راءِ ڏيڻ کان ڪنهن به قسم جي جهل پل ڪانه هوندي آهي، البت راءِ ڏيندڙ نقاد کي اخلاقي حدن کان هيٺ لهڻو نه آهي.

منهنجي هن ڪتاب جي باري ۾ ڪيترن ئي سڄڻن پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪيو هو، انهن ۾ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، پروفيسر ڊي- ڪي منشاراماڻيءَ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا نالا ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن. انهن مان پروفيسر جتوئيءَ، پنهنجي ڪتاب ’ويرون ۽ لهرون‘ ۾، صفحي 154 کان وٺي 172 تائين، ”غلام علي الانا“ جي ڪتاب سنڌي  ٻوليءَ جو بڻ بنياد تي تبصرو“ واري سري هيٺ، هن ڪتب کي هڪ بيڪار ۽ ظني خيالن سان ڀريل ڪتاب سڏيو، ۽ هن ڪتاب کي غلطين جو ڀنڊار سمجهيو. (1)

 

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سماهي مهراڻ 1/1991ع ۾، پنهنجي ڏنل انٽرويو ۾، هن ڪتاب ۾ ڏنل منهنجن راين ۽ نظرين تي چٿرون ڪيون هيون ۽ ٽوڪزني ڪئي هئي، جنهن جو مون مهراڻ رسالي جي 4/1992ع نمبر ۾، هڪ هڪ پئرا تي وضاحت سان جواب ڏنو هو. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جو اهو انٽرويو، ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ صاحب ٽنڊي آدم ۾ ورتو هو.

منهنجي جواب جي ڇپجڻ کان لڳ ڀڳ هڪ سال پوءِ، ڏهين آڪٽوبر، 1993ع تي ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، مون کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ فرمايو هئائون ته:

”ڪجهه ڏينهن ٿيا ته ’مهراڻ‘ جو 1992ع جو چوٿون نمبر ڪنهن دوست وٽ ڏٺم. مون وٽ گذريل ٽن سالن جا مهراڻ جا نمبر پهتل نه آهن، ان ڪري معلوم نه اٿم ته انهن ۾ اوهان جا توڙي ٻين جا ڪهڙا ڪهڙا تحقيقي مقالا ۽ ادبي بحث شامل ٿيل آهن. مٿي ذڪر ڪيل پرچو به اتفاق سان واٽ ويندي نظر اچي ويو. انهيءَ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو محاورو...‘ سري وارو اوهان جو مقالو پڙهڻ لاءِ مليو. محسوس ٿيو ته مهراڻ ۾ جيڪا منهنجي انٽرويو ڇپي هئي، اُن اوهان کي گهڻو ڏکويو آهي.“(2)

 

آءٌ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کي سندس انهيءَ خط جو جواب ڏيئي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ (جون 1993ع)، مون سنڌ يونيورسٽيءَ جي سربراهه جي واڳ سنڀالي هئي. يونيورسٽيءَ جي ماحول کي منهن ڏيڻ کان سواءِ، ٻين ڪن اهم مصروفيتن جي ڪري، علمي ۽ ادبي خط جو جواب، علمي ۽ ادبي زبان ۾ لکڻ جي سگهه ساري نه سگهيس، اُن کان سواءِ ڊاڪٽر جيٽلي سان منهنجا ويهن سالن کان دوستيءَ ۽ ڀائپيءَ جا ناتا ۽ اهڙا ٻنڌڻ رهيا آهن، جو اُنهن ۾ اڳي کان وڌيڪ مضبوطي قائم رکڻ لاءِ، اهڙن لفظن ۽ فقرن جي چونڊ ڪرڻ ٿي چاهيم جيڪي جيٽلي صاحب کي اهو وشواس ڏيارين ته هن نئين منصب جي ڪري منهنجو مٿو ڪونه ڦريو آهي، جيئن اڪثر ٿيندو آهي. جڏهن جواب لکڻ لاءِ تيار ٿيس ته جيٽلي صاحب جو خط مون وٽان هيٺ مٿي ٿي ويو، ۽ ڳولهڻ جي باوجود هٿ اچي نه سگهيو.

26 جولاءِ، 1995ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان، انهيءَ عهدي تان استعفيٰ ڏيڻ کان پوءِ، پاڻ کي پنهنجي لائبرريءَ ۾، پنهنجي تحقيقي مواد جي لکڻ ۾ مشغول رکڻ لاءِ ويٺس ۽ لکڻ پڙهڻ شروع ڪيم. هونئن ته چوندا آهن ته: ”پروفيسر ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي.“ آءٌ به پنهنجن فائيلن ۾ گڏ ڪيل مواد ۽ نوٽس کي ڌار ڌار ڪرڻ ويٺس.

1974ع ۾ ڇپيل ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ تي نئين سر نظر وجهڻ لاءِ جيڪو مواد فائيلن ۾ گڏ ڪري رکيو هئم، اهو ٻاهر ڪڍيم، ۽ گذريل 25/26 سالن جي عرصي دوران، هن سلسلي ۾ ڪيتروئي نئون ڇپيل مواد پڻ هٿ ڪيو هئم. منهنجي سامهون ڪئين نئيون ڳالهيون ۽ نوان نقطا به هئا. انهن کي به هن ڪتاب جي مواد ۾ شامل ڪرڻ ٿي چاهيم. انهيءَ مواد مان ڊاڪٽر جيٽلي صاحب وارو اهو خط پڻ هٿ آيو، جيڪو هن صاحب ڏهين آڪٽوبر 1993ع تي مون کي لکيو هو.

ڊاڪٽر جيٽلي ۽ ٻين سڄڻن کي شايد اها خبر هوندي ته ادبي بحث مباحثن ۽ اختلا في راءِ رکڻ تي آءٌ هرگز ناراض نه ٿيندو آهيان.  ڊاڪٽر جيٽلي جي انٽرويو ۾، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب  طرفان اٿاريل سوالن جا مون تنقيدي انداز ۾ جواب اُن ڪري ڏنا هئا جو اُن انٽرويو ۾ ڊاڪٽر صاحب (جيٽلي) مون تي ۽ ٻين صاحبن تي چٿرون ڪيون هيون. تنقيد ۾ چٿرون ڪرڻ يا ٽوڪزني ڪرڻ روا نه آهي. مثال طور، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کان پڇيل هڪ سوال ۽ ڊاڪٽر صاحب طرفان ڏنل جواب وارا لفظ هوبهو نقل ڪري هيٺ ڏجن ٿا.

”سوال – معاف ڪجو، ڇا اسان جا سنڌ وارا عالم به ان ڳالهه کي مڃن ٿا؟

جواب – ها مڃن ٿا ته اها آريائي ٻولي آهي. ڊاڪٽر بلوچ، سراج الحق، علي نواز جتوئي، الانا، سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي آهي ته موجوده سنڌيءَ جو روپ آريائي آهي. (کِلندي).(3)

 

 هن جواب واري جملي جي آخر ۾ ڏنگين ۾ ڏنل لفظ- کلندي- چٿر طور  ڪم آندو ويو آهي. مون پنهنجي جواب ۾ (مهراڻ 1992ع نمبر-4) ۾ صفحي 108 تي عرض ڪيو هو ته:

”ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي خدمت ۾ گذارش آهي ته، منهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ مان، يا اُن کان پوءِ ويندي 1991ع تائين ڇپيل منهنجن ڪتابن ۽ مقالن مان، توڙي سراج الحق جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ مان، يا سراج جي ڪنهن به مقالي مان اهو ثابت ڪري ته اسان ٻنهي اهو قبول ڪيو آهي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جو روپ آريائي آهي. اها راءِ جيٽلي صاحب جي پنهنجي آهي، نه ڪِ منهنجي يا سراج صاحب جي.“ (4)

مون اڳتي، پنهنجي مقالي ۾ ساڳئي صفحي تي، اسان تي ڪيل ٺٺوليءَ جي نشاندهي، هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:

”عجيب ڳالهه وري هيءَ آهي ته انٽرويو وٺندڙ صاحب، جنهن هن ساري انٽرويو ۾ نشانو مون کي ۽ سراج صاحب کي ئي بنايو آهي، تنهن جيٽلي صاحب کان مليل مٿئين جواب تي وري هي سوال پڇي، چٿر ڪندي، پنهنجي طرفان تبصرو ڪيو ۽ سوال پڇيو ته:

سوال: اها به سٺي ڳالهه آهي ته پنهنجن نظرين تان هٿ کڻي ويا پر مان عرض ڪيان ته موجوده سنڌ جا عالم، دراوڙي زبانن جا (Dialects) تامل، تيليگو، ڪنڙي وغيره ڄاڻن به ڪونه ٿا، ان جو پاڻ اظهار به ڪيو اٿن، پر پوءِ به اهو نظريو رکن ٿا ته، اها دراوڙي آهي، پر اها سٺي ڳالهه آهي جو هاڻي هٿ کڻي ويا آهن، اها ڳالهه مڃي اٿن.“(5)

 

هاڻ خبر نه آهي ته اهي چٿرون ڊاڪٽر جيٽلي، پنهنجي انٽرويو ۾ پاڻ ڪيون آهن يا ڊاڪٽر جيٽلي جي پاڇي ۾ لڪي، ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ پنهنجو ’شوق‘ پورو ڪيو آهي. پڙهندڙن مان جيڪي سڄڻ ڊاڪٽر جيٽلي سان مليا هوندا، اهي سڀ مون سان هن راءِ ۾ اتفاق ڪندا ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هڪ نهايت ئي وزندار، ڳريءَ دل وارو، قداور ۽ گنڀير توڙي ساڀيا طبيعت رکندڙ ڏاهو ۽ ودوان آهي. هلڪڙائپ ۽ ڇڇورپائيءَ جهڙيون خصلتون، هن ودوان جي طبيعت ۾ هجڻ ناممڪن آهن، پر مهراڻ ۾ ڇپيل انٽرويو مان هلڪڙائپ ظاهر ٿئي ٿي. انٽرويو پڙهڻ سان محسوس ٿو ٿئي ته ڪي ڪي جواب غير ذميدارانه آهن. اهي تضاد سان ڀريل آهن خود جيٽلي صاحب، مون ڏانهن لکيل سندس خط ۾، سندس انهيءَ انٽرويو م سڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ جو اظهار ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”حقيقت ۾ ٽنڊي آدم وڃڻ جو پروگرام اتفاق سان بڻيو، جو ڀاءُ عبدالله ورياه برهمڻ آباد جا کنڊر ڏيکارڻ جي نينڊ ڏني. اُنهن جي ڏسڻ جي تمنا گهڻن سالن کان وٺي هئي. مون عبدالله ورياهه سان ۽ داڪٽر نواز علي ’شوق‘ سان ذڪر ڪيو ته، ڊاڪٽر الانا به اُن موقعي تي گڏ هجن ها ته ساڻن ڪِن ادبي ۽ لساني مسئلن تي بحث ڪري سگهجي ها. ويچارن جي ڏي وٺ سان ممڪن آهي ته ڪن ڳالهين تي نئين روشني ملي سگهي ها. خير! اُن موقعي تي اوهان سان اڪيلائيءَ ۾ ويهي روح-رچنديون ڪرڻ جو وجهه، گهڻو چاهيندي پڻ ملي نه سگهيو.“(6)

 

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ساڳئي خط ۾ اڳتي فرمائي ٿو ته:

”انٽرويو قلم بند ڪري ڇپائڻ کان اڳ جيڪڏهن مون کي هڪ دفعو ڏيکارين ها ته اُن ۾ ڪيترن هنڌ تي سڌارا واڌارا ڪري سگهان ها. شايع ٿيل انٽرويو پڙهڻ بعد مون کي محسوس ٿيو ته ڪن سوالن جي جوابن کي وڌيڪ تفصيل سان ۽ چٽيءَ طرح پيش ڪرڻ جي ضرورت هئي. گفتگوءَ دوران سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد وغيره مسئلن تي محدود وقت جي اندر مان تفصيل سان سمجهاڻي پيش ڪري نه سگهيو آهيان، جيڪڏهن توهين حاضر هجو ها ته پوءِ ويچارن جي وڌيڪ ڏي وٺ ڪري سگهجي ها.“

ڊاڪٽر جيٽلي، پنهنجي ساڳئي خط ۾ لکيو هو ته:

”اوهان ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته سنسڪرت ۾ ويهن کان پوءِ انگن جي بناوت ۾ پهرين ڏهاڪا ۽ پوءِ انگ اچن ٿا (جيئن انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ سٽاءُ آهي). ڪو به سنسڪرت گرامر کڻي جاچيو ته انهن ۾ انگن جو سرشتو ساڳيو سنڌيءَ وانگر آهي.“

 جيٽلي صاحب خود مڃي ٿو ته فارسيءَ ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ صوتياتي ۽ وياڪرڻي هڪجهڙائي ڪانهي، جيڪڏهن سنسڪرت ۽ فارسي زبانن جي وچ ۾ صوتياتي ۽ وياڪرڻي هڪجهڙائي ڪانهي ته پوءِ چئبو ته انهن زبانن جو ’بڻ بنياد‘  به ساڳيو ڪونهي. اهو ته هڪ وڏو بحث آهي، جڏهن ته سرگريئرسن به سنسڪرت کي، پراڪرت جي اُڌيچيه شاخ جي سڌاريل ۽ سنواريل صورت ٿو ڪوٺي. ٻيا ماهر وري سنسڪرت کي تڪش- شلا وٽ، درياءَ جي ٻيءَ ڀر، ساڄي ڪناري تي، تنؤل خطي ۾ رائج ٻولي، تنؤليءَ جو سڌاريل ۽ سنواريل روپ ٿا سمجهن، جنهن کي ’پنڊت پاڻينيءَ‘ ۽ تڪش-شلا وديا اَليه جي ٻين ودوانن، 400 ق-م ڌاري اهو روپ ڏنو هو.


(1)  علي نواز جتوئي، پروفيسر: ويرون ۽ لهرون (مضمون ۽ مقالا) حيدرآباد، سنڌ سڌار اڪيڊمي، 1993ع، ص ص 154-172

(2)  جيٽلي صاحب وارو اهو خط مون وٽ موجود آهي.

    اسين ٻئي دوست 2-12-1997ع تي، ممبئي يونيورسٽيءَ واري سيمينار جي موقعي تي مليا هئاسين ۽ ٻه ڏينهن، صبح کان شام تائين گڏ هئاسين، ۽ خوب ڪچهريون ڪيونسين. ڊاڪٽر جيٽلي هڪ مهان ۽ قداور ودوان آهي.

(3)  جيٽلي ڊاڪٽر: سماهي مهراڻ 1991ع، نمبر پهريون، ص 185

(4)  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سماهي مهراڻ، 1992ع، نمبر4، ص 108

(5)  مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر: سماهي مهراڻ، 1991ع، نمبر پهريون، ص

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com