سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :21

(ث) ديسي لفظن جون لڙهيون:

(I) هيٺ ديسي لفظن جون ڪي لڙهيون به ڏجن ٿيون، جن جي اڀياس کان پوءِ ڊاڪٽر ٽرومپ کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پيئي هئي. انهن مان ڪي لفظ هي آهن:

دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ

 

موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ

سِوَ 236

 

سُئي

اَرڻِي

 

اَرڻي (ٻيلو)

نارَ 237

 

نار = پاڻي

اَڻو

 

اَڻو

وَلَ 238

 

واڙ

ڪُيلَ

 

ڪوَيل/ ڪوئل

چَمپڪ (تامل) 239

 

چَمپا

ڪَٽَ 240

 

کَٽَ

نِيلَ 241

 

نِيرُ/ نيل

ڪَلا 242

 

ڪلا = هنر

پاگُ (تامل) 243

 

ڀاڳ = پتي

شَوَ244

 

ڇَوَ

دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ

 

موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ

گُرَم  245 (تامل)

 

گهوڙو

پِڊ 246

 

پِنڊي

ڦَلَ  247

 

ڦَلُ

مَيورَ 248

 

مورُ

روپَ249

 

روپُ/ شڪل

ڪارو 250

 

ڪارو

چُرُ 251

 

چُر (گدڙ جي)

پُڊ 252

 

پُٽُ

پَڙ253

 

پَريو (پوڙهو)

مُتّ 254  (تامل)

 

موتي

ڪُٽَ255

 

ڪُٽُ (brass)

وَل (تامل)256

 

وَرُ = موڙُ

اَن، اَم 257

 

اَن = ها

پُشپَ 258

 

پُشپا (گل جو قسم)

دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ

 

موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ

پَڙَم 259

 

ڦل = ميوو

بِلَ

 

ٻِرُ

ڪُور ڪُور260

 

ڪُورُ ڪُورُ (ڪتو)

پيٽي261

 

پيتي

ڪَتَڻ262

 

ڪَتڻ

پِٽِڻ (تيليگو)263

 

پِتڻ

 پَتّ (تيليگو)264

 

پتي

ڪوسِنَ (تيلگو) 265

 

ڪُهَڻ

رَتَل (تَيليگو)266

 

رَتَل

سونمُ267

 

سون

بِجَ268

 

ٻِجُ

تِپِي 269

 

ٿڦي (Bread)

مَڻَ270

 

مَڻ

گاڊدي271

 

گڏهه

دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ

 

موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ

پُوسي (تامل)272

 

ٻلي

پِلِي (تيليگو)273

 

پوسڻي (ٻلي)

پيڻ (پيڻ (Femde)274

 

ڀيڻ

اما! (حالت ندا)275

 

اما!

اَمِي (تامل amm-ai)276

 

امي277

اَرُ (تامل)278

 

اَرُ = پيار

 مَن =  گهر (تامل)279

 

مَنَهه

ماڊُ = ڍڳو (تامل)280

 

مانڊ= هاريءَ وٽ ڍڳن جا هڪ کان وڌيڪ جوڙا جيڪي هر، نار ۽ گاڏي ۾ وهائبا آهن.

ماٽُ = بدلائڻ (تامل)281

 

 مَٽ = بدل

اَپا (تامل)282

 

اَبا

تالِي (تامل tali)283

 

تارونِ

ڪَرُ (تامل) 284

 

ڪار، ڪارو

دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ

 

موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ

اَڻي[ گاڏيءَ جي دُريءَ جو ڪوڪو (تامل)285

 

اَڻي

ڪُٽي286

 

ڪُٽيا/ ڪوٺي

تِي = باهه (تامل)287

 

تؤ

اَپن 288

 

ابا

ڦاڙ289

 

فاڙ

ميِنِ

 

مين = مڇي290

اَي (تامل)291

 

اَيل، اَئِي

 

 

 

اَتا = ماسي، ماءُ جي

 

 

ڀيڻ (تامل)292

 

اَدي = وڏي ڀيڻ

ادي= عورت (تامل)293

 

 

(ii) اهڙيءَ طرح اِٽي ڏڪر راند ۾، سنڌ ۾ (خاص ڪري لاڙ ۾) جيڪي انگ ڳڻيا ويندا آهن، اُهي دراوڙي ٻوليءَ ۾ عام آهن. انهيءَ ڪري هن راند (اِٽي ڏڪر راند) ۾، ڳڻپ لاءِ هن وقت به جيڪي انگ ڪم آڻيندا آهن، اُهي سنڌ ۾ انگن ڳڻڻ جي قديم طريقي طرف اشارو ڪن ٿا، گويا اهي انگ، انهيءَ قديم ٻوليءَ جو اهڃاڻ آهن. ٿي سگهي ٿو ته، اهي انگ، وقت گذرڻ سان گڏ، فقط اِٽي ڏڪر راند ۾ ئي محفوظ رهيا آهن ۽ ٻيءَ زندگيءَ ۾ متروڪ ٿي ويا آهن.294

 

پر اميريڪي ماهر ڊاڪٽر فيئرسروس، موهن جي دڙي جي مهرن مان ڪن مهرن ۾ ڏنل ليڪن جا اهي مُلهه مقرر ڪيا آهن، جيڪي انهن انگن طرف نشاندهي ڪن ٿا. اِهي انگ هي آهن:295

 

عدد

دراوڙي

سنڌي

عدد

دراوڙي

سنڌي

هِڪُ

اوِڪَ

وَڪٽِ

چار

نالُ (تامل)

نارُ

ٻَه

ارِنڊُ (تامل)

لئن

پنجَ

اَرُ، (تامل)

اَڃجُ =

اَرُ

ٽي

رينڊُ (تيليگو)

موُنِ

ڇَهه

اَرُ (تامل)

--

موندرَ (تامل)

 

سَتَ

اِيلُ (تامل)

اِلُ

 

مونڊُ =

 

اَٺَ

اِٽُ (تامل)

اَٺَ

موڻُ =

 

نَوَ

اوبندُ (تامل)

--

 

 

 

ڏَههَ

پَتُ

--

(ج) ڪاڪي ڀيرو مل، ڊاڪٽر ڪالڊويل جي حوالي سان، سنڌيءَ ۾ دراوڙي ٻولين جي جن لفطن جي فهرست ڏني آهي، اُهي هي آهن:296

 

مُڪت(موتي)

ڪانجهي

ڪوتمير

ڇاڏي

پڳڙي

ڪُٽيا(ڪُٽيا)

کَٽوا

اُڙدَ

ڪاٻار

ڪوٽ

ڪٽارَ

ايلاچي

ڪڙهي

ڇنار (کريل عورت)

(ح) پر سنسڪرت جي وياڪرڻين، انهن لفظن کي سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ سڏيو آهي. هن سلسلي ۾ ڪالڊويل لکي ٿو ته:

اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سنسڪرت ۾، دراوڙي ٻولين جي لفظن جو تمام وڏو تعداد موجود آهي، جيئن انگريزي ٻوليءَ ۾ برطانوي لفظن جو ذخيرو آهي، پر انهيءَ اندازي ۽ امڪان تي گهٽ توجهه ڏنو ويو آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته توجهه ئي نه ڏنو ويو آهي. جڏهن به ڪي اهڙا لفظ معلوم ٿيا جيڪي ٻنهي ٻولين يعني سنسڪرت ۽ دراوڙي ٻولين ۾ عام طور ڪم ايندي ڏٺا ويا، تڏهن ائين سمجهيو ويو ته اهي سنسڪرت جا اصلوڪا لفظ آهن، جيڪي سنسڪرت جي بنياد جا آهن.

سنسڪرت لغات جا ماهر ۽ مها وياڪرڻي اهو فرق نه رکندا هئا، جهڙوڪ دراوڙي ٻولين جي لغات ۽ وياڪرڻ جا ڄاڻو رکندا هئا. جڏهن به ڪنهن ليکڪ مقامي يا ڏيهي لفظن کي پنهنجن لکتن ۾ ڪم آندو آهي، يعني جڏهن به ڪنهن ليکڪ ائين چيو آهي ته، فلاڻا فلاڻا لفظ، فلاڻي فلاڻي خطي يا علائقي جا آهن. (جتي جو هو رهاڪو هوندو آهي)، پر جيئن ته اهي لفظ، سنسڪرت واريءَ لپيءَ ۾ تحرير ڪيا ويندا هئا، ان ڪري ائين سمجهيو ويندو هو ۽ دعوا ڪئي ويندي هئي ته اهي سنسڪرت جي لغوي خزاني سان واسطو رکن ٿا.“297

 

(خ) آريائي ٻولين ۾، آرين جي اچڻ کان اڳ واري سنڌو- ماٿر جي ٻوليءَ ۽ ديسي ٻوليءَ جي لغوي ذخيري جي باري ۾ پروفيسر گنڪووسڪي لکي ٿو ته:

”سنسڪرت ۾ داخل ٿيل، ڌارين زبانن جي لفطن جي ذخيري جو تعلق دراوڙي زبانن (جيڪي مُنڊا مان نڪتل آهن) سان آهي. انهن لفطن جو جڏهن تجزيو ڪجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته برصغير ۾ آريائي آباديءَ کان اڳ به ماڻهو آباد هوندا هئا، جن آرين جي اثر کان پوءِ، ’انڊو-آرين ڪلچر‘ Indo-Aryan Culture کي جنم ڏنو. انهن (غير- آريائي ماڻهن) جي زبانن مان اڪثريت جو واسطو، دراوڙي زبانن سان آهي؛ مثال طور.298

 

 

سنسڪرت ۾ رائج لفظ

موجوده سنڌي لفظ

ڪَرمارَ (Karmar)

لوهار

ڪٽا (Kuta)

ڪُٽيا، يعني جهوپڙي

ڦَل (Phala)

ڦل يعني ميوو

مُنڊا بنياد جا لفظ

موجوده لفظ

جالَ

ڪپڙو

کدجا (Khadga)

کڏِي

گنا (gana)

جٿو، گروهه، گهڻا

دنڊا (dunda)

ڏنڊو

ڍنڍوڀي (dundubhi)

ڍنڍوچي

 A drum, a calttle drum

 

پَٽَهه (pataha)

--

هَلَ (hala)

هَرَ

هيٺيان لفظ رگ ويد جي حوالي سان ڏنا ويا آهن. يقيناً رگ ويد جي منڊل جوڙيندڙ ودوانن اُن وقت تائين، اهي لفظ سنڌو- ماٿر ۾ رائج ٻوليءَ مان، پنهنجي روزمره جي استعمال لاءِ کنيا هجن.

رگ ويدڪ لفظ

موجوده سنڌي لفظ

رگ ويدڪ لفظ

موجوده سنڌي لفظ

وَستِي

وستي، وسندي

ديوَرَم

ڏير

 

وسي، وسئين

مانَ

ماڻِ (وزن)

پَڪوَ ڦلم

پڪل ڦل

مُنجَ

مُڃَ

چَر

چروڙي،چؤنري، چاڏي

چَڪرَ

چَڪَرو، چَڪَرُ

ڪُنب

ڪُنڀ(وڏو پيالو)

يوڪتِرَ

جوٽو (پاڃاريءَ ۾

داس

داس

 

ڍڳن کي جوٽڻ لاءِ

وِڌَويوَ

وُڌا

 

ڪم ايندڙ رسو)

ڪانچي

ڪانچ (سُٿڻ)

مامس

ماس

يوَ

جَوَ

ڪَنتَڪ

ڪنگي (ڦڻي)

سَتي

سَچُ

سَمُنڊر

سمنڊ، سمونڊ

جِهوَ

ڄِڀ

ارٿ

ارٿ

(د) ڊاڪٽر بلوچ صاحب شرٽ جي راءِ، پنهنجي ڪتاب ۾ تنقيد ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:

”سنڌي جي ’کي‘، سنسڪرت ’ڪرت‘ جي بدران دراوڙي ’ڪُو‘ سان واسطو رکيٿي. ٻن لفظن ’اَن‘ ۽ ’کان‘،’مان‘ ٿي سگهي ٿو ته ’آن‘ سنسڪرت مان نڪتل هجي. ’آن‘ يا ’ائان‘ بروهڪي ٻوليءَ ۾ موجود آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ، دراوڙي ٻولين ۾ ’آن‘ يا ’ائان‘ جا لفظ موجود هئا: آرين، ’ڪو‘ لاحقو (affix)، کانئن اڳ موجود ڏٺو، جو سندن ’اَت‘ واري ’ت‘ بدلجي ’آن‘ وارو ’ن‘ بڻيو.299

 

شرٽ جي مذڪوره راءِ تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”هن دليل جو پس منظر مغربي عالمن جو ان وقت وارو عام خيال آهي، ته سنڌي ۽ ٻيون هند- آريائي ٻوليون سنسڪرت مان بڻيون، ۽ انهيءَ ڪري انهن ٻولين جو هر لفظ ڪنهن نه ڪنهن سنسڪرت لفظ جو عڪس آهي. اهڙي خيال سببان، شرٽ پڻ ڇڪتاڻ ڪري سنڌي ’آن‘ کي سنسڪرت ’اَت‘  مان بدلجڻ جو جواز پيش ڪيو آهي، حالانڪ ٻئي طرف شرٽ ٻڌائڻ چاهي ٿو ته، ’اَن‘ سنڌ ۾ اڳ موجود هئي، مگر اها درواڙي ٻولين جي هئي، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين بروهڪي ٻولي ۾ موجود آهي. کيس غالباً اهو معلوم نه هو ته سنڌي جا ڪيترائي الفاظ بروهڪي ۾ رائج ٿي چڪا آهن.“300

 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سندس ڪتاب جي صفحي 11 تي ضمني عنوان نمبر 5 هيٺ ’سنڌيءَ جا ڪي اهڙا لفظ ڏنا آهن، جيڪي اصل ۾ دراوڙي  آهن، لکي ٿو ته:

”شرٽ چوي ٿو ته: منهنجي خيال ۾ (جيڪڏهن جانچ ڪبي ته) هيٺين سنڌي لفظن مان ’گهڻن جو‘ اصل نسل يقيني طور ’دراوڙي‘ ثابت ٿيندو.“301

 

سنڌي

دراوڙي

سنڌي

دراوڙي

پرائڻ

پيڙ

کوٽڻ

ڪوٽ

وائي

واي (= وات)

ڪرنڊي

ڪارَنڊي

ڪؤڙو

ڪارُو

ٽڙڻ

ٽيِڙاپُو

مُنڍ

مُنڊ

سُلڻ

سول

منجي

مانرِي

سوڙهو

شرَڪُ

اوڙاهه

اَڙ

ڪُڏڻ

ڪُودي

نِرَڙُ

نيڙ

اوڍڻ

اُڊَ

ڪُراڙو

ڪيِڙو

ٽڙي

ٽاڙي

پِڙُ (چنڊ جو)

پيريئه

کَٽَ

ڪَٽُ

هن راءِ تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”آخر ۾ نتيجي طور شرٽ چوي ٿو ته: جيڪڏهن سنڌي جون مٿي بيان ڪيل نحوي خصوصيتون دراصل ’دراوڙي‘ آهن ۽ پڻ پيش ڪيل لفظن جا سلسلا ساڳئي سرچشمي سان تعلق رکن ٿا، ته به ائين ڪونه چئبو ته ڪو سنڌي کي اهو سرمايو بروهڪي مان مليو، ڇاڪاڻ ته اهي نحوي ۽ لغوي خصوصيتون بروهڪي ۾ آهن ۽ ڪين..... اهو سڄو سرمايو سنڌ وارن کي مقامي طور ورثي ۾ مليو آهي، جو منهنجي خيال ۾ انهيءَ طرف رهنمائي ڪري ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌو جي وادي دراوڙي نسل جي ماڻهن جو گهر هئي.“302

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”مٿين تنقيد جي باوجود انهيءَ امڪان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته قديم دور جي مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين توڙي موجوده دور جي پاڙيسري ’بروهڪي ٻولي‘ جا ڪي الفاظ سنڌي ۾ رائج ٿي چڪا آهن.“303

 

(ذ) ڀارت جي مشهور ماهر لسانيات، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ هن سلسلي ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ’سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪ جهڙائيءَ‘ جي حوالي سان هو پنهنجي’ڪتابچي‘ ۽ مقالي ۾ هن طرح ٿو فرمائي.

”وقت بوقت سنڌي ودوانن، سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪجهه دراوڙي اثرن جي باري ۾ ڌيان پئي ڇڪايو آهي. اِنهن ۾ خاص ڪري ’ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ‘ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ۾ سنڌي اُڀپاشا(dialect) لاڙيءَ تي دراوڙي اثر (ص125)، ۾ اُن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، پر اِن ڏس ۾ وڏي ۾ وڏو عالماڻو ۽ پهريون وگيانڪ (scientific) يوگدان (contribution) آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ هن مقالي ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب پُر اثر مثالن جي مدد سان هڪ عالماڻي سَند پيش ڪئي آهي.“304

 

ڊاڪٽر گدواڻي پنهنجي موضوع تي دليل ڏيندي لکي ٿو ته:

”هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم پهلوءَ، سنڌي شخصي نالن ۽ دراوڙي ٻولين جي شخصي نالن ۾ هلندڙ هڪجهڙاين جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي ۽ دراوڙي ٻولين جي ٻين ڪن پهلوئن ۾ پڻ هڪ جهڙايون ملن ٿيون، جن ۾ اڀياس لاءِ جلد ئي منهنجو ڪتاب ’سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙايون‘ ۾ وڌيڪ اوک ڊوک ڪيل آهي.“305

 

ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي لکي ٿو ته:

”شخصي نالا ڪنهن به قوم جي ڪلچر جو هڪ اڻونڊڻو حصو هوندا آهن، شخصي نالن جو ٻوليائي لحاظ کان پڻ انيڪ پهلوئن کان ويچار ڪري سگهجي ٿو، نه فقط ايترو پر شخصي نالا ڪنهن به قوم کي ٻين قومن ۽ ٻولين جي اثرن جا اهڃاڻ پڻ ڏيندا آهن، ڇو ته جڏهن به هڪ قوم، ٻيءَ قوم جي ويجهو ايندي آهي ته پوءِ اُن جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جا اثر، ٻيءَ تي ضرور پوندا آهن، پر اڪثر ٿيندو ائين آهي ته طاقتور قوم، ڪمزور قوم تي پنهنجو اثر ڪندي آهي. سنڌي شخصي نالن جو اڀياس ڪرڻ سان، اهو سچ بلڪل سامهون ٿو اچي.

سنڌي شخصي نالن ۾ اڄ سوين نالا سنسڪرت ٻوليءَ جا آهن، جي براهمڻن ۽ ٻين سنسڪرت ڳالهائيندڙن جي اثر هيٺ ئي واهپي ۾ آندا هوندا؛ يا خود ڪيترا سنسڪرت ڳالهائيندڙ، اڄ به سنڌ جي ٻين قومن سان ملي ويا، يا هو خود وقت جي دوران پنهنجي الڳ سڃاڻپ وڃائي، خود سنڌي ٿي ويا.“306

 

ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي ساڳيءَ راءِ جي وضاحت هن طرح ٿو ڪري:

”هاڻ جڏهن سنڌ ۾ ڄاول پيڙهي جي نالن جو اڀياس ڪجي ٿو ته انهن ۾ اهڙا پڪا اُهڃاڻ ملن ٿا، جيڪي دراوڙي نالن جي خاص سڃاڻپ وارا جزا آهن.“307

 

ڊاڪٽر گدواڻي هن سلسلي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:

”ڀيرو مل نالو سنڌي هندن ۾ تمام گهڻو عام جام آهي. هاڻي مزيدار حقيقت اِها آهي ته تامل ناڊوءَ ۾ اڄ به اهو نالو تمام گهڻو مروج آهي. مون کي اُتي جو هڪ واقعو ٿو ياد اچي. 26-جون 1986ع ۾ جڏهن مون انٽرنئشنل تامل انسٽيٽيوٽ آديار (مدراس)  ۾ (سندن ئي نينڍ تي) ’سنڌي ۽ تامل ٻولين ۾ هڪجهڙايون‘  موضوع تي ليڪچر ڏنا هئا، تڏهن انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر صاحب جو نالو پڻ ڀيرومل هو. پر اها حقيقت آهي ته تامل ناڊوءَ ۾، خاص ڪري اُهي جيڪي براهمڻن نه آهن ۽ تامل ٻولي ڳالهائيندڙ  آهن، اُنهن ۾ ڀيرومل نالو عام جام آهي، پر اها به حقيقت آهي ته ڀارت ۾ ڄاول ڪنهن به سنڌي ٻار جو نالو نٿو ملي.“308

ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي لکي ٿو ته:

”سنڌي هندن جي شخصي نالن جي هڪ وڏي ۾ وڏي خوبي آهي ته هيءُ ٻن جزن جا ٺهيل هوندا آهن. پهرئين جزي وارا ته گهڻي ئي جُزا آهن پر ٻئين جزي وارا بلڪل محدود آهن، جيئن ته:

رام: پرسرام: داس: موهنداس: لعل، موهن لعل، مل:، راءِ، شامراءِ، مل، مگهن مل، مٿي ڏنل نالن ۾ رام، ڪشن، لعل، راءِ ۽ نند وغيره پهرئين جزي طور به ڪتب ايندا آهن پر ’مل‘ فقط ٻيون جُز ٿي ئي ڪم ايندو آهي. ’مل‘ لفظ طور سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه ايندو آهي، پر ’مَلههِ‘  يعني جيڪو مَلَههَ وڙهي، اُن کي چئبو آهي سنسڪرت ۾ جيڪو ’مَلَهه‘ وڙهي سگهي ان کي ’ملل‘ (Malal) چئبو آهي. سنڌين ۾ اهو نالو ڪيترو جهونو آهي، اهو چوڻ ڏکيو آهي. پر هڪ حقيقت ته ظاهر آهي ته سنسڪرت ٻوليءَ جي ساهت ۾، ويدڪ سنسڪرت ۽ ڪلاسيڪي سنسڪرت ۾ ’ملَ‘ لفظ وارا نالا نٿا ملن، يعني مهاڀارت ۽ رامايڻ ۾ اهي نالا نٿا ملن، ان ڪري اُها ته پڪ آهي ته سنسڪرت اثر ڪري اِهي نالا سنڌيءَ ۾ ڪونه آهن، ٻئي طرف تامل ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ اڄ به ’مَلاءِ‘ پڇاڙي، هندن جي شخصي نالن ۾ ملي ٿي جيئن: اَناملاءِ يا ٿيرو مَلاءِ وغيره.“309

ڊاڪٽر گدواڻي ’ولڻ‘ نالو به، دراوڙي لفظ ٿو تسليم ڪري ۽ لکي ٿو ته:


236 Pischell, R., Comparative Grammar of the Prakrit Language, Delhi, Motilal Banarasidas, 1965, P.7

237  Caldwell, R., Dr., Po. Cit., P. 458

238  Caldwell, Dr., P. 460, also see: Hiremath, R.C., Dr., Op. Cit, P.218

239  Ibid., P.464

240  Chakaravarti, C., Literary History of Ancint India, Calcutta, P.70

241   Ibid., Also see: Caldwel, R.Dr., Op.,Cit.,Introduction PP. 48 &458

242   Ibid., P.455, and also see: Hiremath:Growth of Dravidian, P.218.

243   Ibid. P. 459

244   Ibid., P. 461

245  Ibid., P.464, Also See Hiremath, P.179.

246  Ibid.

247  Ibid., PP 11 & 46

248   Hiremath, R.C., Dr., Op.Cit., P.218

249  Ibid.

250  Ibid., P. 179

251  Ibid.

252  Caldwell, R., Op. Cit., P.464

253  Ibid., P. 464

254  Ibid.

255  Ibid.

256  Ibid.

257  Ibid.

258  Ibid., Also see: Hiremath, P.218.

259  Ibid.

260  Ibid.

261  Ibid., P. 465

262  Chakarvari, Op. Cit., P.70

263  Criminal Classes in Bombay Presidency, 1908, P.144

264  Ibid., P. 145

265  Ibid.

266  Ibid.

267  Ref: 11, P. 69

268  Ibid.

269  Ibid.

270  Srimati Akshaya Kumani Devi, Op. Cit., P. 19.

271  Ref: 11. P. 468

272  Ibid., P. 485

273  Ibid., P. 486

274  Ibid., PP. 486 & 437

275  Ibid., PP. 498, also see Hiremath, P. 179

276  Ibid.

277 – سنڌي ۽ دراوڙيءَ ۾ ’اَمي‘ نيازي صيغي ۾ ڪم آڻيندا آهن.

278  Ref:25., P. 498

279  Ibid., P.507

280  Ibid. P. 130

281  Ibid., P.347

282  Ibid., PP. 48& 49

283  Ibid.

284  Caldwell, R. Op.Cit. PP. 48&49

285  Ibid. PP

286  Ibid. PP. 456

287  Ibid. PP. 48 &49

288  Hiremath., P. 179

289  Ibid.

290  - مين (min) لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر پرپولا به مڇي ڏيکاري آهي. ڏسو

 Asko Parpola, Isolation and Tentative Interpretation of a Toponym in the Harappan Inscriptian, Contributed in Colloque Du XXIX Congress Des, Orientalistes, Paris, Juillet, 1973, P.134

 سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم ’سنديلي‘ هن ڏس ۾ وڏي مدد ڪئي. لوڪ ادب ۾/ مين/ لفظ جي موجوده وقت به مڇيءَ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو. سنديلي صاحب هن ڏس ۾ ٻه بيت لکي ڏنا جن ۾ ’مين‘ لفظ جي معنيٰ مڇي ڏيکاريل آهي:

(i) دِهن مِين مُلا چئي، هس    چيٽي  جهڙي    چين

                       هُيس   شينهن          چيلهه

(ii)ڏند موتي، چپ مين، اَهو عين عجيبن جا

ڏند موتيءَ جهڙا چپ مڇيءَ جي چپن جهڙا سنها هرڻ جي اکين جهڙيون اکيون.

291  Caldwell, R., Op. Cit., PP. 48 & 49

292  Caldwell, R., Op. Cit., PP. 48 & 49

293  Ibid.

294 – اِٽي ڏڪر راند، دراصل ديسي راند آهي ۽ نه ڪِ ٻاهران آئي آهي، جيئن ڪاڪي ڀيرو مل جو به رايو آهي. ڀيرومل سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 178

295  Caldwell, R., P. 217

296 – ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌو ٻوليءَ جي تاريخ، ص ص 20 ۽ 177

297  Caldwell, R., Op. Cit., PP. 32&69

298  Gankovsky, Yu, V., The People of Pakistan Op. Cit., P. 56

299 – بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 10

300  - ايضا

301 – ايضاً، ص 11

302  بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 13

303  ايضاً ص 14

304  پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر: سنڌڪي ۽ دراوڙي شخصي نالن ۾ هڪجهڙايون ۽ مينگهواڙ شخصي نالا، مقالو، سنڌي ادب، جلد-12 نمبر-2 ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1994ع، ص ص 49-57

305  پرسو گدواڻي حوالو ڏنل آهي ص 49

306  پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنل آهي، سنڌي ادب جلد – 12، نمبر- 2، 1994ع

307  ايضاً، ص 50

308  پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: سنڌي ادب، جلد12، نمبر 2، 1994ع، ص ص 53-52

309  ايضاً، ص ص 52 ۽ 53

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com