سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :24

ڪاڪو ڀيرو مل قديم سنڌ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ’ماڱر‘ (ماڃر) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا، سا پڪ ڪانهي. ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر، دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. ماڱر ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهن ڪي چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي سنڌ ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي.“330

سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي ۾، ’وسرگ صوتين‘ جي بدران ’اَوسرگ صوتيه‘ عام طور ڳالهايا ويندا آهن.“ مثال طور.331

(الف)

وسرگ صوتيه

لاڙي (اوسرگ)

وسرگ صوتيه

لاڙي (اوسرگ)

گهوڙو

گوڙو

ڊگهو

ڊگو

ڍڳو

ڊڳو

رِڍَ

رِڊَ

ڌيءَ

ديءَ

لڌو

لدو

ڀاءُ

با

ڀاڀي

بابي

ڊڀ

ڊب

جهجهو

ججو

 

 

ڳالهه

ڳال

اهڙيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لهجن جو، انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته اوسرگائي نه صرف لاڙي لهجي جي خوبي آهي پر ٿري ۽ ڪڇي لهجي کان سواءِ فراڪي، کيتراڻي، لاسي ۽ جدگالي لهجن ۾ به اها خصوصيت موجود آهي؛ مثال طور:332 

معياري

لاڙي

ڪڇي

ٿري

ڪوهستاني

فراڪي

کيتراڻي

جدگالي

چاڙهي

چاڙي

چاڙي

چاڙي

چاڙي

چاڙي

چاڙي

چاڙي

ماڻهو

ماڙو

ماڻو

ماڻو

ماڻو

ماڙو

ماڙو

ماڙو

ٻانهو

ٻانو

ٻانو

ٻانو

ٻانو

ٻانو

ٻانو

ٻانو

ڳالهه

ڳال

ڳال

ڳال

ڳال

ڳال

ڳال

ڳال

سامهون

سامون

سامين

سامون

سامون

سامون

سامون

سامون

(ب) سنڌي ٻوليءَ جي جملن ۾ به لفظن ۾، اوسرگائي موجود آهي؛ مثال طور:

معياري لهجو

شڪارپوري

لاڙي لهجو

ٿري ۽ ڪڇي لهجو

آءٌ وڃان ٿو

مان وڃان ٿو

آءٌ وڃان تو

آءٌ وڃان تو

آءٌ اچان ٿو

مان اچان ٿو

آءٌ اچان تو

آءٌ اچان تو

انهن جملن ۾ ’وڃان ٿو‘ ۽ ’چان ٿو‘ جملن ۾ لاڙي، ڪڇي ۽ ٿري لهجن ۾ ’ٿو‘ جي بدران ’تو‘ نشاني ملائي ويندي آهي. اها خصوصيت، سنڌي ٻوليءَ جي عام خصوصيت آهي.

(IV) لفظن جي آخر ۾ سُرَ جو اُچار: سنڌي، سرائڪي ۽ دراوڙي ٻولين ۾، هر مفرد لفظ جي پڇاڙيءَ ۾، ڪونه ڪو سُر ضرور اچاربو آهي (ڪم ايندو آهي) ۽ مفرد لفظ جي پڇاڙيءَ (آخر ۾)، ۾ ڪنهن نه ڪنهن وينجن جو ساڪن اُچارجڻ ممڪن نه آهي.333 سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ به اهو ساڳيو قانون آهي،334 پر آريائي ٻولين ۾ ائين نه آهي. سنسڪرت ۾ به لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ساڪن وينجن ڪم ايندا آهن،335 البت سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي هيٺين لفظن ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.

سنسڪرت      سنڌي

هتسَ               هَٿُ

مِترَ                 مِٽُ

پُتر                 پُٽ

پر سنسڪرت ۾ هن خصوصيت جا ايترا گهڻا مثال نٿا ملن، ان ڪري چئبو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها خصوصيت پنهنجي، يعني ديسي ۽ اصلوڪي آهي، جيڪا زماني جي گذري وڃڻ جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ پاڻ وٽ قائم رکي آهي ۽ آريائي ٻولين کان هن ڏس ۾ بلڪل متاثر ڪانه ٿي آهي.

(V) مرڪب وينجن آواز (clusters of consonants): هيءَ خصوصيت به توجهه گهري ٿي.

 (الف) سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻولين جي ڪنهن به لفظ جي مُنڍ ۾، يعني لفظ جي ابتدا (Initial position) ۾ ٻن يا ٽن وينجن آوازن جو گڏجي اُچارجڻ، يعني ٽيئي آواز، گڏي، اُچارڻ يعني انهن آوازن جو مرڪب اُچار، سنڌي ٻوليءَ ۾ ممڪن نه آهي، مثال طور: انگريزي ٻوليءَ جي لفظ strength جي مُنڍ ۾ [str]، ٽن آوازن [s t,r] جو مرڪب اچار آهي، يعني [str]  ٽن آوازن جو مرڪب آهي، اهڙيءَ طرح سنسڪرت ۾ /ڪرشڻ/لفظ ۾ ]ڪرش[، ٽن وينجن آوازن جو گڏيل يعني مرڪب اُچار آهي، سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻولين ۾، اهڙن ٽن وينجن آوازن جو، ڪنهن به لفظ جي مُنڍ ۾ مرڪب صورت ۾ اُچارجڻ ته ٺهيو پر اِنهن ٻولين جي ديسي/ مقامي لفظن جي مُنڍ ۾ ڪن به ٻن وينجن آوازن جو گڏجي اُچارجڻ، يعني ڪن به ٻن وينجن آوازن جو، ڪنهن لفظ جي مُنڍ ۾ مرڪب صورت ۾ اچارجڻ ممڪن نه آهي.336

اڳ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌيءَ ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪي لفظ سنسڪرت مان اُڌارا ورتا ويا آهن. انهن لفطن جي مُنڍ ۾، آيل ٻن مرڪب وينجن آوازن کي يا ته سنڌي صوتياتي نظام موجب ’سُرَ‘ جي مدد سان ٽوڙي، هر آواز کي، ڌار ڌار مفرد آواز ڪري اُچاريو ويندو آهي ۽ يا ’سَنڌيءَ‘ (assimilation) جي اصولن موجب اهڙا وينجن مرڪب آواز، نون مفرد آوازن ۾ تبديل ٿيندا آهن. (مَٽبا آهن)؛ مثال طور:

سنسڪرت

سنڌي لفظ

سنڌيءَ جي قانون موجب تبديل337

ڪُشار

کار

ڪش < ک

 

ڇار

ڪش < ڇ

ڪشير

کيرُ

ڪش < ک

ستون

ٿوڻ/ٿوڻي

ست < ٿ

دروهه

ڏوهه

در < ڏ

ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ’سنڌي‘ لکي ٿو ته:

”شڪارپور علائقي جي عوامي لهجي ۾ ڪي مرڪب وينجن بدلايا ويندا آهن؛ مثلاً:338

لفظ

اُچار

تبديل

ڏيار

ڄار

ڏيَ < ڄَ

نياڻي

ڃاڻِي

نيَه < ڃَ

نياپو

ڃاپو

نيَه < ڃ

سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾، اُن قسم جي تبديل، نه فقط لفظ جي مُنڍ ۾ آيل مرڪب وينجن آوازن جي حالت ۾ ممڪن آهي پر لفظن جي وچ ۾ به لفظ جي هر پد جي مُنڍَ ۾، اهڙي تبديلي ٿيندي آهي؛339 مثال طور: سنڌي ٻوليءَ جا هي لفظ ڏسو:

 لفظ جي وچ ۾ مُرڪب

اُچار ۾ تبديل

سنڌيءَ جي قانون موجب تبديل340

وينجن آواز

 

 

واڻياڻي

واڃاڻي

ڻيه < ڃ

ڌڻياڻي

ڌڃاڻي

ڻيه < ڃ

نِشٽَر

نِٺُر

شٽ < ٽ

ڪَستوري

کٿوري

ست < ٿ

اڪشَ

اَکُ

ڪش < ک

لَڪشمِي

لکمي

لڇمي

ڪش < ک

ڪش < ڇ

پَشچم

پَڇم

شچ < ڇ

هن ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين ۾، سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتياتي هڪجهڙائي ڏيکاريندي، اهو بيان ڪيو ويو آهي ته/ پيار، ڌيان، ٻيائي، ڏياري ۽ پريم/ لفظن ۾/ پَي، ڌيَ، ڏيَ ۽ پَر/ مرڪب وينجن جوڙن جو استعمال، سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ موجب، ڪن حلقن ۾ ته ممڪن آهي پر سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي تفصيلي اڀياس کان پوءِ اهو ثابت ٿيو آهي ته ’آوازن جا اهي مرڪب وينجن جوڙ، سنڌي ٻوليءَ تي، سنسڪرت جي صوتياتي نظام جي اثر جو نتيجو آهن. آوازن جا اهڙا مرڪب وينجن جوڙ، عام ماڻهن جي روزمره واري اچار ۾، روزمره واريءَ ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج نه آهن. عام ماڻهو پنهنجي اچار ۾، اهڙن مرڪب وينجن آوازن جي وچ ۾ ]اِ[ سُر ڪم آڻي، انهن مرڪب وينجن جوڙن کي ٻن ڌار ڌار آوازن ۾ ڀڃندا آهن، البت پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، انهن آوازن جا ’مُرڪب وينجن جوڙ‘ اچاري سگهندا آهن.

مثال طور عام ماڻهو پنهنجي روزمره واري اچار موجب اهڙن مرڪب وينجن آوازن جا اچار هن طرح ڪندا آهن.

لفظ

پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو اُچار

عام ماڻهن جو اُچار

پُريم

پريم

پِريمُ

پيارُ

پيارُ

پِيارُ

ٻيائي

ٻيائي

ٻيِائي

ڊاڪٽر ڪالڊويل جو رايو آهي ته دراوڙي ٻولين ۾ به ]اِ[، سُر ڪم آڻي، آوازن جي مرڪب جوڙڻ کي ڌار ڌار ڪيو ويندو آهي.341 هن ڏس ۾ ماريو- اي- پاءِ (Mario A. Pei) لکي ٿو ته:

”دراوڙي ٻولين جون ڪي خاص ۽ انوکيون خصوصيتون هي آهن ته اهي پنهنجن لفظن ۾، وينجنن کي مرڪب/ گڏيل اُچار (آوازن) ۾ ملائي، هڪ ئي جوڙ طور ڪم نه آڻيندا آهن، مثال طور Skr يا Str مرڪب/ گڏيل آواز“342

هن سلسلي ۾ پروفيسر محمد فاضل شيخ لکي ٿو ته:

”لڇمڻ داس مولچند پنهنجي تصنيف ’سنڌي فونولاجيءَ‘ ۾ ’صوتي مجمص‘ جا مثال ڏيندي، هيٺ ڄاڻايل لفظن جي فهرست ڏني آهي:

پيار، ڏياري، ڌيان، جياپو، نيارو، خيال، ويو343

شيخ محمد فاضل صاحب، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي راءِ تي تفصيل سان بحث ڪرڻ کان پوءِ، هن نتيجي تي پهچي ٿو ته:

”هينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته لکڻ وقت اعرابن جي ڪهڙي صورت قائم ڪجي، جيئن ’پيار‘ لفظ جي پهرين ۽ ٻي صورت ۾ پڙهندڙ تميز ڪري سگهي، منهنجي راءِ آهي ته ’پيار‘ جي ٻي صورت کي هن طرح لکجي: پِيارُ يعني ’پ‘ کي زير ڏجي ۽ ’ي‘ کي ’پ‘ سان ملائڻ لاءِ، مٿس جزّم، ڏجي. اُن کان پوءِ ي‘ جي پنهنجي اعراب ’زبر+الف (حرف علت) ملائجي.344

(ب) لفظن جي آخر ۾ مرڪب وينجن آواز: سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ جيئن لفظن جي منڍ ۾ مرڪب وينجن آوازن جو استعمال ممڪن نه آهي، تيئن ڪنهن به لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ به، مرڪب وينجن آوازن (گڏيل وينجن آوازن) جو ڪم اچڻ ممڪن نه اهي. هن حالت ۾ يا ته مرڪب (گڏيل) وينجن آوازن جي جوڙ کي سُر جي مدد سان ڌار ڌار ڪيو ويندو آهي ۽ يا ته سنڌيءَ (assimilation) جي اصولن موجب، اُن مرڪب وينجن جوڙ ۾ ڪم ايندڙ آواز، هڪ ٻئي تي اثر ڪري، ڪنهن نئين آواز ۾ تبديل ٿيندا آهن يا مٽبا آهن؛ مثال طور:345

سنسڪرت لفظ

سنڌي لفظ

تبديل

اَشسٽ

اَٺَ

شٽ < ٺ

ڀاڳيه

ڀاڳُ

گيه < ڳ

سَتيه

سَچُ

تيه < ڄ

ويديه

ويڄُ

ديهَ < ڄ

آديَ

اَڄُ

ديَه < ڄ

دراوڙي ۽ سنڌي ٻولين ۾، لفطن جي وچ وچ ۾، مرڪب وينجن آوازن جا جوڙ تڏهن اُچاري سگهبا آهن، جڏهن:346

(a) گهڻا آواز ]م، ن، ڻ، ڃ ۽ ڱ[، ڌوڪڻن آوازن ]ب، ت، ٽ، ڊ، ج ۽ ڪ[ سان گڏجي، اُهي (گهڻا آواز)، وينجنن جي اهڙي مرڪب جوڙ ۾ پهريون جُز بنجي، هيٺ ڏنل ممڪن جوڙ ٺاهيندا آهن:

م + ب = مبَ:               اَمب، سُمب

م + ٽ = مٽ:               چُمٽو

ن + ت = نتَ:        سَنت

ن + ٽ = نٽ :               گهنٽو

ڃ + ج = ڃج:        گڃجو، مڃجو

ڃ + جهه =  ڃجهه:   سَڃجها

ڱ + ڪ = ڱڪ:             اَڱڪ

ڱ + گ = گُگ:             سَڱگ، رَڱگ

وينجن جي انهن جوڙن ۾، پهريون جُز هميشه گهُڻو وينجن هوندو آهي. هڪ نقطو خاص ڌيان طلب هي آهي ته انهن مرڪز آواز کي ڪن لفظن ۾ جيئن اُچاربو آهي، تيئن ئي لکبو آهي، جيئن مٿي ڏنل لفظن مان معلوم ٿيندو.

(b) ٻه گهڻيا وينجن، مُشدد ٿي ڪم ايندا آهن؛ جيئن:

ڱڱ:   رڱ

ڃڃ:    سُڃ

ڻڻ:     کَڻّ

نن:     اَنّ، اُنّ

مم:    چَمّ، چُمّ

(c) تشديد: سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻولين ۾، ٻن پدن وارو هر اهو لفظ، جنهن جي پهرئين پد ۾ ’ڇوٽوسر‘ (short vowel) هوندو آهي، ان ڇوٽي سُرُ کان پوءِ ايندڙ هر وينجن، يعني ٻئي پد جي مُنڍ وارو هر وينجن، مُشدد ٿي ويندو آهي.348

مثال طور سنڌي ٻوليءَ صوتياتي نظام مان ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا.

بُت:    بِتّ

اَن:     اَنّ

ڀَتِ:    ڀتِ

دل:     دِلّ

البت شاعريءَ ۾ يا شعر جي ڪنهن مصرع جي ڳائڻ ۾، ڌار ڌار سببن جي ڪري، لفظن ۾ اهڙن پدن جي شدد اُچار ۾ فرق نظر ايندو آهي، پر اُن لاءِ ’جهيلار‘ (intonation) جو اثر نمايان رهيو آهي.

(ب) صرفيه جي اصولن ۾ هڪجهڙائي:

هن عنوان هيٺ اسم، اسم جي عدد، اسم جي حالتي گردانن، صفت، ضميري پڇاڙين، اسم فاعل، فعل، تڪرار، يا ٻٽن لفظن، ضميري پڇاڙين، اسم حاليه، اسم مفعول ۽ زمانن جي ٺهڻ جي هڪجهڙاين جي اصولن جا سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين مان مثال ڏيئي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي صرفيائي ساخت ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي.

(i) نالن (ماڻهن) يعني ماڻهن جي شخصي نالن جي ساخت ۾ هڪجهڙائي:

هن کان اڳ ڊاڪٽر پرسي گدواڻي صاحب جي مقالي مان سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙن بلڪ ساڳين لفظن جا مثال ڏنا ويا آهن. شخصي نالن جي تحقيق کان پوءِ، هن ڏس ۾ ڪڍيل نتيجن جي باري ۾ ڊاڪٽر پرسوگدواڻي صاحب لکي ٿو ته:

”هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم پهلوءَ، سنڌي شخصي نالن ۽ دراوڙي ٻولين جي شخصي نالن ۾ ملندڙ هڪجهڙاين جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي ۽ دراوڙي ٻولين جي ٻين ڪن پهلوئن ۾ پڻ هڪجهڙايون ملن ٿيون جن جي اڀياس لاءِ جلد ئي منهنجو ڪتاب ’سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙايون‘ ڇپجي ظاهر ٿي رهيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اوک ڊوک ڪيل آهي.“349

”هاڻ جڏهن سنڌ ۾ ڄاول پيڙهيءَ جي نالن جو اڀياس ڪجي ٿو ته انهن ۾ اهڙا پڪا اُهڃاڻ ملن ٿا، جيڪي دراوڙي نالن جي خاص سڃاڻپ وارا جز آهن. اهي اثر مؤنث ۽ مذڪر نالن تي آهن پر هيٺ فقط مذڪر نالن جي اڀياس کي پيش ڪيو ويو آهي.

اُتر ڀارت ۽ ڏکڻ ڀارت جي شخصي نالن ۾ جيڪا هڪ خاص ڳالهه آهي، اُها آهي ڏکڻ ڀارت (ڀارت جي جنهن حصي ۾ دراوڙي ٻوليون ئي ڳالهايون وينديون آهن) جي نالن ۾ گهڻو ڪري ’اَنِ‘ پڇاڙي هوندي آهي، جيئن ته اُتر ڀارت ۾ ’ڪرشڻ‘،’راَم‘ ۽ ’شوِ‘ وغيره نالا هوندا آهن ته اهي ئي نالا ڏکڻ ڀارت ۾ ’ڪرشڻن‘،’رامَن‘ ۽ ’شِوَنِ‘ هوندا آهن، ٻيو ته ٻوليءَ جي عالمن کي انهيءَ حقيقت جي خبر آهي ته ’اَنِ‘ پڇاڙي جيڪا شخصي نالن ۾ اچي ٿي اُها خاص دراوڙي خوبي آهي. ان لاءِ هت مون کي ڪنهن حوالي پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

سنڌي نالن جو به جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته ڏسبو ته اها اَن پڇاڙي اسان کي ملي ٿي. هن قسم جو اڀياس ٻن ’قسمن‘ سان ڪري سگهجي ٿو.  هڪڙو ته اُهي شخصي نالا جن ۾ - اَنِ به آهي - اَنِ کان سواءِ به آهن، مثال طور:

بنان- اَن پڇاڙيءَ وارا

اَنِ پڇاڙيءَ وار

(I) رام (ارامداس، رامچند، ام لعل، رامون مل وغيره)

رامَنِ (رامنداس، رامن مل)

(II) شام، شيام، (شامداس، شامون مل وغيره)

شامَن (شامن مل، شامنداس)

(III) شوِو، شِوُ (شوومل، شوڪمار، وغيره)

شوِن (شِونَداس، شِوَن مل وغيره

(IV) داس، داسو (داسومل وغيره)

داسَن (داسن ملن وغيره)

(V) راجو، راڄو (راڄومل وغيره)

راجن(راجن چاولا سنڌيءَ جو مشهور ليکڪ اڄڪلهه لنڊن ۾ رهي ٿو)

(VI) هيم، هيمون (هيم ناگواڻي مشهور سنڌي ناٽڪَ ڪار) هيمون مل، اڄ به مڌيه پرديش جي سنڌي ڪئمپن ۾ نالو ملي ٿو.

 

هيمَن (هيمناس ۽ هيمن مل وغيره)

(VII) پمون (پمون مل وغيره)

پَمن (پمنداس وغيره)350

مٿي ڏنل نالن ۾ ’هيم‘ سنسڪرت جي نالي ۾ هيمچندر جو سُسيل روپ (abbreviated form) آهي ۽ ’پمون‘،’پرمانند‘جو سُسيل روپ آهي. هڪ ٻي ڳالهه، جنهن خاص ڌيان لهڻو ته سنڌيءَ ۾ دراوڙيءَ نالن وانگر ’ڪرشنن‘،’گوپالن‘۽’بالاڪرشنن‘نالا نٿا ملن، پر مون کي اميد آهي ته جيڪڏهن ڀنڀور وغيره يا ٻين هنڌان اسان کي پراڻا رڪارڊ، ٽامي جا پٽ، يا ڪن مندرن يا جڳهين جا ڪي پيڙهه- پٿر ملي پون ته شايد اهي نالا به ملي پون

(ii) مٿين نالن کان سواءِ سنڌي نالن ۾ ڪيترا اهڙا نالا به آهن جن ۾-’اَن‘پڇاڙيءَ وارا ته ملن ٿا، پر – اَن پڇاڙيءَ کان سواءِ نالا نٿا ملن، اهڙن نالن مان ڪي ٿورا هيٺ پيش ڪجن ٿا، مثال طور:

سنڌي لفظ

لفظ جي معنيٰ

سنڌي نالو

ڏيوِ

ايشور، ڀڳوان

ڏيوَن (ڏيونداس، ڏيون مل وغيره)

آسَ

اُميد

 اَسَن (اَسنداس، اَسن مل وغيره)

ڀيم

مهاڀارت جو هڪڙو ڪردار، پانڊوءَ جو پٽ

 ڀيَمنُ (ڀيمن مل، ڀيمنداس وغيره

سنڌي لفظ

لفظ جي معنيٰ

سنڌي نالو

سَڀُ

ڪُل

سَڀَنُ (سَڀنداس، سڀن مل، سڀنراءِ وغيره)

ڀاوَ

ويچار

ڀاوَن (ڀاوَنداس، ڀاون مل وغيره)

جِيوُ

انسان

جيون351 (مشهور ناٽڪ ڪار جيون گرسهاڻي، جيڪو دهليءَ ۾ رهي ٿو)

مَنگهه

سنڌ ۾ هوا لاءِ گهر جي ڇتين ۾ منگهه هوندا آهن

منگهنُ(منگهن مل، منگهنداس وغيره)

دام

وشنو ڀڳوان جو هڪ نالو

دامَنُ (دامن مل، دامنداس)

نوتو

نينڍ

نوتن (نوتنداس)

 

 

نوٽ:ڪٿي ڪٿي نوتو به ملي ٿو

گيِدو

کيِسو

گيِدنُ (گيدنداس، گيدن مل، گيدنرام وغيره)

کيمو

کميا يعني معاف ڪرڻ لفظ مان ٺهيو آهي.

کيمن (کيمنداس، کيمن مل وغيره)352

(iii) ڊاڪٽر گدواڻي، ’اَسن‘ لفظ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته

”ڪجهه سال اڳ، دهليءَ جي سنڌي عالم ۽ تعليمدان مسٽر آسنداس هميراجاڻي صاحب سان شخصي ڳالهه ٻولهه ۾ ’اَسن‘ نالي تي ٿورو ويچارن جو فرق نظر آيو. هنن جو چوڻ هو ته ’اَسن‘ لفظ، سنسڪرت جي ’اَسڻ‘(ويهڻ جي گادي وغيره) لفظ مان آهي، پر منهنجي ويچار ۾ سنسڪرت لفظ ’اَسڻ‘  ته سنڌيءَ ۾ ’اَسڻ‘ ئي آهي ۽ ’اَسڻ‘ يعني ويهڻ جي گاديءَ لاءِ ’اَسڻ‘ لفظ ئي سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندو آهي نه ڪ ’اَسن‘ ان ڪري ’اَسن‘ شخصي نالو ’اَسِ+اَن‘ مان ئي مڃڻ گهرجي.“353

گدواڻي صاحب پنهنجن دليلن کي ختم ڪندي لکي ٿو ته:

”اَن پڇاڙيءَ کان سواءِ ٻي هڪ جهڙائي جيڪا سنڌي نالن ۾ ملي ٿي، اُها آهي ته ڪيترائي نالا سنڌي هندن ۾ ۽ دراوڙي هندن ۾ هڪجهڙا اڄ به ملن ٿا. اهڙن ڪن خاص نالن تي هيٺ روشني وجهجي ٿي.

(i) ڀيرومل- پيرومل نالو سنڌي هندن ۾ تمام گهڻو عام جام آهي. ڀارتي سنڌو سڀا جي پونا شاخ جو جنرل سيڪريٽري پيرومل بچاڻي آهي ۽ سندن نالو سنڌ ۾ ئي رکيو ويو هو. ساڳيءَ طرح الهاس نگر، بيراڳڙهه (ڀوپال جي سنڌي ڪئمپ) ۽ ڀارت ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي ڪئمپن جي ووٽرن جون لسٽون ڏسڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي بيهندي ته ڀيرومل سنڌي شخصي نالو چڱي انداز ۾ ملي ٿو. خاص ڪري جن جي عمر 50 سالن کان مٿي آهي.

(ii) هاڻي مزيدار حقيقت اها آهي ته تامل ناڊوءَ ۾ اڄ به اهو نالو تمام گهڻو مروج آهي. مون کي اُتي جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي. 26 جون 1986ع ۾، جڏهن مون انٽرنئشنل تامل انسٽيٽيوٽ آديار (مدراس) ۾ (سندن ئي نينڍ تي) ’سنڌي ۽ تامل ٻولين ۾ هڪجهڙايون‘ موضوع تي، ليڪچر ڏنا هئا، تڏهن اُن انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر صاحب جو نالو پڻ ڀيرومل هو. پر اها حقيقت آهي ته تامل ناڊوءَ ۾ خاص ڪري اُهي جيڪي براهمڻ نه آهن ۽ تامل ٻولي ڳالهائيندڙ آهن، انهن ۾ ڀيرومل نالو عام جام آهي، پر اِها به حقيقت آهي ته ڀارت ۾ ڄاول ڪنهن به سنڌي ٻار جو نالو پيرومل نٿو ملي“.354

(ب) اسم: هن کان اڳ وارن صفحن ۾، ڀاڱي ٻئي ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ديشي لفظن (غير-آريائي لفطن جي باقيات) جون لڙهيون ڏنيون وئيون آهن. انهن لفظن جي جائزي مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جا اسم ۽ ٻيا لفظ هڪجهڙا آهن. هاڻ هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي ڪري ۽ هڪ ٻئي سان ناتا ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ۽ سنڌي ٻوليءَ، آريائي ٻولين ( سنسڪرت، پالي ۽ فارسي) ۽ عربي ۽ ٻين ٻولين کان ايترا ته اسمي ڌاتو اُڌارا ورتا آهن جو هاڻ ديسي اسم ۽ اسمي ڌاتو، گهڻي تعداد ۾ متروڪ ٿي چڪا آهن، پر ان هوندي به سنڌي ٻوليءَ ۾، اڃا تائين ديسي لفظن جو ذخيرو ڪافي تعداد ۾ موجود آهي، جن مان ڪن کي ته سنڌي ’زبان‘ جا ماهر سڃاڻي به نه سگهيا آهن، انهن لفظن کي سنسڪرت جي بنياد جا لفظ ڪوٺيو اٿن.

(i) سنڌي ٻوليءَ جي اسمن جي جنس جو مطالعو ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ واري سٽاءَ بلڪل غير آريائي آهي، جيئن ’سنڌي معلم ڪتاب‘ ۽ ’سنڌي لنگئافون‘ لاءِ لکيل بنيادي ڪتاب مان معلوم ٿيندو. 355 سنڌيءَ ۾ جنس ٺاهڻ لاءِ لفط جي آخر ۾ آيل اعراب کي بدلائڻو پوندو آهي؛ ڪن ڪن اسمن سان مؤنث واريون پڇاڙيون ملايون وينديون آهن؛ جيئن:

مذڪر

مؤنث

مذڪر

مؤنث

مذڪر

مؤنث

ڪُڪُڙو

ڪُڪِڙِ

شينهن

شينهَڻِ

پيءُ

ماءُ

گَڏَههُ

گَڏههِ

هندو

هندواڻي

مورُ

ڊيلَ

اُٺُ

اُٺَ

شيدي

شيدياڻي

راجا

راڻي

اُٺُ

اُٺڻ

هاٿي

هاٿِڻِ

مڙس

زالَ

(ii) ڪي اسم ته سڄي جا سڄا بدلائبا آهن. اهڙا مثال فارسي زبان ۾ به ملن ٿا؛ مثال طور:356

             سنڌي                           فارسي

 

مذڪر

مؤنث

مذڪر

مؤنث

ابو

اما

اب

اَم

پٽ

ڌيءَ

پسر

دُختر

ڀاءُ

ڀيڻ

اسپ

ماديان

ناٺي

ننهن

اهو

مزال

فارسيءَ ۾ ’نَر‘ يا ’ماده‘ اڳياڙي يا پڇاڙي ملائڻ سان مؤنث اسمن مان مذڪر اسم ۽ مذڪر اسمن مان مؤنث اسم ٺاهيا ويندا آهن، پر اهڙي سٽاءَ سنڌي يا لهندي زبانن ۾ رائج ڪانهي، تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾ جنسن جي سٽاءَ ۾ ڪا به هڪجهڙائي ڪانهي؛ مثال طور.357

فارسي

مذڪر

مؤنث

نر اَهو/ اَهونر

ماده اَهو/ اَهو ماده

نربُز/بُزنر

ماده بُز / بُز ماده

نرشير/شيرنر

ماده شير/ شير ماده

پر سنڌي زبان ۾ مذڪر ۽ مؤنث جي اهڙي تبديلي اعراب جي بدلائڻ سان ڪئي ويندي آهي؛ مثال طور:358

سنڌي

مذڪر

مؤنث

گهوڙو

گهوڙي

ڇوڪرو

ڇوڪري

ڇوڪَرُ

ڇوڪَرِ

اُٺُ

اُٺِ

(ت) عدد: دراوڙي ٻولين ۾ اسم جا ٻه عدد ٿيندا آهن: عدد واحد ۽ عدد جمع؛359 پر آريائي ٻولي (سنسڪرت) جنهن مان سنڌيءَ جي اُسرڻ جي لاءِ پنڊتن جي طرفان دعوا ڪئي ويندي آهي، تنهن ۾ عدد جا ٽي روپ آهن؛ جهڙوڪ: عدد واحد، عدد تثنيه ۽ عدد جمع.360

دراوڙي ٻولين ۾، عدد تثنيه جو ڪو به مثال نٿو ملي.361 انهن ٻولين (دراوڙي) ۾، ضمير حاضر ۾ عدد جمع جي ٻن قسمن جي ڦيرن جا مثال ملن ٿا. ڪالڊويل جي لکڻ موجب ڪنهن (ضمير حاضر واحد جي صورت ۾) کي احترام طور مخاطب ٿيڻ لاءِ، اُن سان ضمير حاضر واحد ۾ نه پر، ضمير حاضر جمع جي صورت ۾، مخاطب ٿبو آهي. ڳالهائڻ جي انهيءَ صيغي کي نيازي (’امتيازي‘) صيغويا (Honorific form)  چئبو آهي.362 سنڌي ٻوليءَ ۾ به بلڪل ائين ئي آهي؛ مثال طور:

ضمير حاضر واحد جو ڦيرو

ضمير حاضر واحد جو نيازي (Honorific) ڦيرو

ادي! تون ڳالهاءِ

ادي! توهين ڳالهايو

سيٺ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

سيٺيؤ! ڪيڏانهن ٿا وڃو/سيٺيا ڪيڏانهن ٿا وڃو؟

تون ڳالهائيندين؟

توهين ڳالهائيندوَ/ توهين ڳالهائيندا؟

سنڌي ٻوليءَ ۾ ’نيازي‘/ ’امتيازي‘ (Honorific) صيغي جا مثال، ضمير متڪلم واحد ۽ متڪلم جمع، توڙي ضمير غائب واحد جي ڦيري ۾ به ملن ٿا؛ مثال طور:

ضمير متڪلم واحد

عام ڦيرو

نيازي(Honorific) ڦيرو

مان/آءٌ وڃان ٿو

مان/آءٌ ويس.

مان/آءٌ ويندس.

هي منهنجو پٽ آهي.

اسين وڃون ٿا/اسان وڃون ٿا

اسين وياسين/اسين وياسون

اسين وينداسين/اسان وينداسون

هي اسان جو پٽ آهي

متڪلم جمع

اسين وڃون ٿا.

اسين وياسين.

اسين وينداسين.

هيءُ اسان جو پٽ آهي

اسين وڃون ٿا/اسان وڃون ٿا

اسين وياسون/اسان وياسون

اسين وينداسون/اسان وينداسون

هيءُ اسان جو پٽ آهي

غائب واحد

هُو اچي ٿو

هُو ويو.

هُو ويندو.

مولوي صاحب ويو

سائين ويندو

هو اچن ٿا

هو ويا.

هو ويندا.

مولوي صاحب جن ويا

سائينءَ جن ويندا.

هن کان اڳ، ڀاڱي پهرئين ۾، سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي هڪ جهڙائيءَ جا مثال ڏيندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ قديم زماني ۾ اسم جي، ’عدد تثنيه‘ ۾ ڦرڻ (گردان) جا مثال ڏيندي، هي سوال پڇيو ويو آهي ته سنڌيءَ ۾، سنسڪرت وانگر ’سيٺ‘، ’ماڻهو‘ ۽ ’ڪيچي‘ اسمن جو، حالت ندا ۾، ٽن عددن- عدد واحد، عدد تثنيه ۽ عدد جمع جي صيفي ۾ ڦرڻ، سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي ۽ اصلي خصوصيت آهي ڇا؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ، پنهنجي انهيءَ قديم ۽ وياڪرڻ جي اصلوڪي ۽ بنيادي خصوصيت کي فقط حالت ندا جي صورت ۾ قائم ڇو رکيو، ۽ ٻين حالتن ۾ ’عدد تثنيه‘ جو گردان ختم ڇو ٿي ويو ۽ ڪيئن ٿي ويو؟ اُن کان سواءِ هي به سوال ٿو پيدا ٿئي ته حالت ندا جي صورت ۾ به، فقط انهن ٽن اسمن سان عدد تثنيه جي ڦيري جو صيغو ڇو قائم رهي سگهيو ۽ ٻين اسمن سان ڇو نه قائم رهي سگهيو؟ ڇا اهو صحيح آهي ته مذڪوره ٽن اسمن- سيٺ، ماڻهو ۽ ڪيچي- سان حالت ندا جي صورت ۾ عدد تثنيه جو ڦيرو، سنسڪرت وياڪرڻ جي اثر جو نتيجو آهي. انهن ٽن اسمن جو عدد تثنيه ۾ ڦيرو هڪ دفعو وري مثال طور:

حالت ندا

سنسڪرت

سنڌي

عدد واحد

منوشيَه!

ماڻهو!، ڪيچي! سيٺ!

عدد تثنيه

منوشيئو!

ماڻهواَئو! ڪيچئو! سيٺيؤ!

عدد جمع

منوشيا!

ماڻهوئا! ڪيچيا! سيٺيا!

هن سلسلي ۾ وڌيڪ مطالعي مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي عدد تثنيه جا مثال نه آهن. سنڌي وياڪرڻ جي لحاظ کان انهن مثالن جو جڏهن غور سان مطالعو ڪيو ويو ۽ دراوڙي ٻولين جي عدد جمع جي نيازي صيفي وارن مثالن سان ڀيٽ ڪئي وئي تڏهن اهو ثابت ٿيو ته سنڌي وياڪرڻ ۾’ماڻهواَئو‘۽’ماڻهوئا!‘’ڪيچيو!‘۽’ڪيچيا!‘۽’سيٺيئو!‘۽’سيٺييا‘ صورتون،  عدد تثنيه جي ڦيري جون صورتون نه آهن، پر اهي دراصل عدد جمع جي ڦيري جون ٻه صورتون ۽ صيغا آهن. انهن روپن جي وضاحت هيٺ ڏنل چارٽ ذريعي ڪجي ٿي:    

   عدد واحد               عدد جمع

 

 

 

ماڻهو!

ماڻهؤاَئو!

ماڻهوئا!

ڪيچي!

ڪيچيئو!

ڪيچيا!

سيٺ

سيٺيئو!

سيٺيا!

انهن مثالن ۾/ ماڻهواَئو، ڪيچيئو ۽ سيٺيئو/ صورتون/ لفظن جا روپ، حالت ندا ۾ ’نيازي‘ (Honorific) صيغي جا اصلي روپ آهن، جيڪي سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻي اصولن موجب، عدد جي ڦيري (گردان) وارن اصولن ۾ هڪ جهڙا آهن، يعني سنڌي زبان ۾ عدد جا اهي ڦيرا، دراوڙي ٻولين جي عدد جي ڦيري واري اصول سان هڪ جهڙائي ڏيکارين ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قديم اصلوڪي سٽاءَ ۽ دراوڙي ٻولين جي سٽاءَ ۽ ان سان هڪ جهڙائي ۽ لاڳاپي جا پڪا ثبوت ڏين ٿا.

(ث) حالت: (I دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻ موجب اسم جون چار حالتون آهن:363

حالت فاعلي (Nominative case)، حالت جري (Post-positional case) يا حالت تغيري (عام حالت Oblique case)، حالت اضافت ({pssessove case) ۽ حالت ندا (Vocative case). انهن مان حالت جريءَ واري دائري ۾، حالت مفعوليءَ کي به آندو ويو آهي، تنهن ڪري حالت جري ۽ حالت مفعوليءَ کي ملائي، حالت تغيري (Oblique case) سڏيو ويو آهي.

آريائي ٻولين ۾ اٺ حالتون يا حالتن جا ڦيرا بيان ڪيا ويا آهن.364

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ لکندڙن، آريائي ٻولين جي لکيل وياڪرڻن کي سامهون رکي، اُن جي آڌار تي ۽ انهن ئي نظرين جي روشنيءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ لکيو. اُنهن ڄاڻايو هو ته: ”سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل ٻولي آهي.“365انهن وياڪرڻين، سنسڪرت ٻوليءَ ۾، اسمن جي اٺن حالتن جي مثالن ۽ ڦيرن کي سامهون رکي، انهن تي سوچي ۽ اُن آڌار تي، سنڌي ٻوليءَ ۾ حالتن جي ڦيرن لاءِ به اهائي راءِ قائم ڪئي ۽ چيو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم ’اٺن حالتن‘ موجب ڦرندا آهن.“366 اُهي اٺ حالتون هي آهن:

حالت فاعلي

 (Nominative cases)

حالت مفعولي

(Accusative case)

حالت جري

(Post-positional case)

حالت اضافت

(Possessive case)

حالت ندا

(Vocative case)

حالت مڪاني

(Ablative case)

حالت اَپادان

(Oblative case)

حالت اوزاري

(Instrumental case)

دراصل سنڌي وياڪرڻ جي هن ڀاڱي يا هن موضوع تي ماهرن طرفان ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري هن طرف ڪنهن ڪڏهن سوچيو ئي آهي، ڇو ته هند يورپي (Indo-European) زبانن مان لئٽن جو مطالعو ڪندي، ان زبان جي ماهرن، لئٽن ۾ ’پنج حالتون‘ ڄاڻايون آهن. اُنهن جي بيان موجب لئٽن ٻوليءَ ۾ Ablative case (حالت مڪاني) Locative case ( حالت اَپدان) ۽ Instrumentel case (حالت اوزاري)، هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي وئيون آهن. 367 اهڙيءَ  طرح اُنهن ئي ماهرن جي راءِ ۾ گريڪ (Greek) ٻوليءَ ۾ حالت اوزاري ۽ حالت اَپادان، حالت اضافت ۾ ضم ٿي وئيون آهن.368


330  ايضا- قديم سنڌ، ص ص 67 ۽ 68

331  ايضاً: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حوالو ڏنل آهي، ص 125-130

332  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1992ع/1413هه، ص ص 33 ۽ 38 ۽ پڻ ڏسو: داد محمد بروهي، ڊاڪٽر: سبيءَ جي ٻولي، ايضاً ص 23

۽ پڻ ڏسو: شيخ محمد فاصل، پروفيسر: ماٿيلي- اُٻاوڙي جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1992ع/ 1413هه، ص ص 40، 41، ۽ 42

333 Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.79

334  Ref No. 330

335  Allen, W.S., Phonetics in Ancient India, Op.Cit.,PP.20, 39, 51 & 83

336  Buck, C.D., Comparative Grammar of Greek and Latin, University of Chicago, 1962, PP. 149, 153, 153, 156 & 157

337  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1987ع، ص ص 111 ۽ 112

338  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، حوالو ڏنل آهي، ص 41

339  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.79

340  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، حوالو ڏنل آهي، ص ص 111-113

341  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., PP. 79 & 80

342  Mario, A. Pei, The World's Chief Languages, Third Edition, London, George Allen & Unwin Ltd, P.487

343  محمد فاضل شيخ، پروفيسر، ماٿيلي- اُٻاوڙي جي ٻولي، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 46

344  محمد فاضل شيخ، پروفيسر: حوالو ڏنو ويو آهي.47

345  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 111 ۽ 112

346  Caldwell, R., Dr., Op. Cit., P.79

348  Allana, Ghulam Ali The Arabic Elements in Sindhi, M.A. Thesis, Submitted to the university of London, Printed by Maktaba-e-Dani Shwaran, Lahore, P. 51

349  پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر حوالو ڏنل آهي، ص46

 Also see: Ibid, Similarities in Sindhi and Dravidian Languages, Op.Cit.

350  پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 50 ۽ 51

351  ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي خيال موجب ’جيون‘ نالو ٿي سگهي ٿو ته سنڌي لفظ ’جيِوَن‘ يعني زندگيءَ يا حياتيءَ مان به ٺهيو هجي، پر جيئن ته ’جيون‘ مونث لفظ آهي ۽ ’جيون‘ شخصي نالو مؤنث نه آهي، پر ان ڪري ائين به ٿي سگهي ٿو ته جيو اَن مان ’جيون‘ ٺهيو هجي

352  پرسو، گدواڻي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 51

353  سنڌ ۾ سانگهڙ ضلعي ۾ سانگهڙ کان ڪجهه فاصلي تي هڪ بستي آهي، جنهن جو نالو آهي ’پيرومل‘ اها بستي انگريزن جي زماني ۾ پيرومل نالي هڪ سيٺ قائم ڪئي هئي.

354  پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنل آهي، ص 53

355  الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سندهي معلم، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع، ص 9

356  Pestonjee Kavasjee Kanga and Jamshedjee Bajanjee Kanga, Hints on the study of Persian, Bombay, 2, N.M., Tripathi Ltd., 1947, P.33

357  Ibid. P. 34

358  الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سندهي معلم، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع، ص ص 14-17

359  Caldwl, L., Dr. P. 119

360  Buck, P. Op. Cit. P. 170

361  Caldwell, R., Dr. Op. Cit., P. 119

362   Ibid. P. 119

363  Caldwell, R., Dr., Op. Cit., P.149

364  Buck, C.D., Op. Citl, P. 171

365  Trumpp, E., Dr., Op.Cit., Introduction, P.1

Also See: Bopp, F., A Comparative Grammar of the Sanskrit Zend, Greek, Latin, Lithuanian, Gothic, German and Slavonic languages, translated by Eastwick, M.R.A.S. London, Madden & Maleolm, 1845, P. 142

366 ڀيرومل آڏواڻي: حوالو ڏنل آهي، ص ص 125-127

367  Buck, C.D., Op.Cit.P.171

368  Ibid.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com