سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :26

(IV) حالت ندا:

(i) دراوڙي ٻولين ۾ ڪنهن کي مخاطب ٿيڻ لاءِ ’اي‘ يا ’ري‘ ندائي آواز ڪم آڻبا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به حالت ندا لاءِ ’اي‘،’ڙي‘ ۽ ’اڙي‘ ندائي آواز ڪم آڻبا آهن، ڊاڪٽر ٽرومپ اهو قبول ڪيو آهي ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي ندائي آواز، دراوڙي ٻولين جا آواز آهن.398 397

 

(ii)  دراوڙي ٻولين ۾ حالت ندا لاءِ اسم جي پويان ’آ‘ پڇاڙي به ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:399

 

اسم                    حالت ندا جي پڇاڙي      ڦيرو

Kartan (ڪَرتن)                       a-              karta  (ڪرتا)

                                                 Oh! Lord

(iii) سنڌي ٻوليءَ ۾، حالت ندا جي ڦيري لاءِ، اسمن جي پويان ايندڙ اعرابن ۾ تبديليون آڻڻ لاءِ هيٺيان اصول ڪم ايندا آهن.

(a) ’اُ‘ اعراب وارن واحد اسمن جا جمع روپ، حالت ندا ۾ ڪم آڻبا آهن. انهن لفطن جي آخري پد کي، مخاطب ٿيڻ مهل، مخاطب ٿيڻ لاءِ، ڇڪي اُچار ڪيو آهي؛ يعني ’جهِيلار‘ (intonation) ۾ پوئين پد کي ڇڪي ’چڙهاءُ‘ وانگر اُچاربو آهي؛ جيئن:

واحد  اسم             حالت ندا ۾ اُچار

پُٽُ                     پُٽَ!

اَڪبرُ                   اَڪبَرَ!

(b) ’او اعراب وارا واحد اسم عام توڙي اسم خاص جا جمع روپ، حالت ندا ۾ ڪم آڻبا آهن. مخاطب ٿيڻ مهل، اهڙن لفظن جي آخري پد کي، ’جهيلار‘ (intonation) جي مدد سان ڇڪي، ’چڙهاءُ‘ طرف اُچاربو آهي؛ جيئن:

واحد اسم              حالت ندا موجب اُچار

ڇوڪرو                 ڇوڪرا!

ڇُٽو                    ڇُٽا!

(ج) صفت:

(i) هند- يورپي ٻولين جي نحوي سٽاءَ موجب، صفتون، اسم جي فوراً پٺيان، جاءِ وٺي بيهنديون آهن ۽ اسم سان گڏ، اُن (اسم) جي عدد، جنس ۽ حالت پٽاندر، گردان ڪنديون آهن. اهڙيءَ طرح سنسڪرت ۾ به، صفتون اسم سان گڏ، اُن جي عدد، جنس ۽ حالت پٽاندر ڦرنديون آهن.400

 

دراوڙي ٻولين ۾، سٿين ٻولين وانگر، صفتون ساڳئي ئي روپ ۾ رهنديون آهن ۽ بدلبيون نه آهن.   هن سلسلي ۾ ڪالڊويل جو رايو آهي ته:401

"When used separately as abstract nouns of quality which is the original and natural character of Dravidian adjectives, they are subject to all the affections of substantives, they do not admit any inflexional change, but are prefixed to the nouns which they quality"402

 

 سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي صفتون اهڙيون آهن جيڪي دراوڙي ٻولين جي صفتن وانگر، اسم يا ضمير سان عدد، جنس ۽ حالت جي صيفي ۾ گردان نه ڪنديون آهن، پر ساڳئي روپ ۾ رهنديون آهن، مثال طور:

جنس مذڪر، عدد واحد              }گهٽ ڇوڪرو

جنس مذڪر، عدد جمع              }گهٽ ڇوڪرا

جنس مؤنث،   عدد واحد              }گهٽ ڇوڪري

جنس مؤنث،   عدد جمع              }گهٽ ڇوڪريون.

سنسڪرت، فارسي ۽ ٻين هند- ايراني يا هند- آريائي ٻولين ۾، توڙي انگريزيءَ ۽ ٻين هند- يورپي ٻولين ۾، صفت هميشه موصوف کان پوءِ، اُن جي هڪدم پٺيان، جاءِ وٺندي آهي؛ جيئن: فارسي زبان ۾ ڏسو ته صفت، پنهنجي موصوف کان هڪدم پوءِ، جاءِ وٺندي آهي:

فارسي        سنڌي

گياهِ سبز               سائو گاهه

مردِ نيڪ              نيڪ مرد، سٺو ماڻهو، چڱو ماڻهو

روي زيبا               ٺاهوڪو منهن

کوهِ بلند               اوچو جبل

جيئن هنن مثالن مان معلوم ٿيندو ته سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن موجب، اُن (سنڌي ٻوليءَ) جون صفتون، پنهنجي موصوف کان فوراً اڳ، پنهنجي جاءِ وٺن ٿيون، دراوڙي ٻولين ۾ به ساڳيءَ طرح، صفتون پنهنجي موصوف (اسم) جي بلڪل اڳيان، موصوف جي پاسي (ڀر) ۾ پنهجي جاءِ وٺنديون آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾، صفتون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪڙيون اُهي (صفتون) آهن، جيڪي سنسڪرت ۽ ٻين هند- آريائي ٻولين جي صفتون وانگر، اسم سان عدد، جنس ۽ حالت پٽاندر گردان ڪنديون آهن؛ جيئن:

صفت (چڱو)

مذڪر واحد

چڱو ڇوڪرو اچي ٿو

چڱي ڇوڪري انب کاڌو

مؤنث واحد

چڱي ڇوڪري اچي ٿي

چڱيءَ ڇوڪريءَ انب کاڌو

 

مذڪر جمع

چڱا ڇوڪرا اچن ٿا

چڱن ڇوڪرن انب کاڌو

مؤنث جمع

چڱيون ڇوڪريون اچن ٿيون

چڱين ڇوڪرين انب کاڌو

اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيون اهڙيون صفتون به موجود آهن جيڪي، دراوڙي ٻولين واري نحوي اصولن وانگر اسم/ اسمن سان عدد، جنس ۽ حالت جي صيفي ۾ گردان ٿيون ڪن، پر ساڳئي روپ ۾ رهنديون آهن؛مثال طور:403

 

صفت (چٽ)

مذڪر واحد

چٽ ڇوڪرُ اچي ٿو

چٽ ڇوڪري انب کاڌو

مؤنث واحد

چٽ ڇوڪري اچي ٿي

چٽ ڇوڪريءَ انب کاڌو

 

مذڪر جمع

چٽ ڇوڪَرَ اچن ٿا

چٽ ڇوڪرن انب کاڌو

مؤنث جمع

چٽ ڇوڪريون اچن ٿيون

چٽ ڇوڪرين انب کاڌو

مٿي ڏنل ٻنهي خاڪن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته پهرئين خاڪي ۾ ڪم آندل صفت، اسم سان، سندس عدد، جنس ۽ حالت مطابق گردان ڪيو آهي، جڏهن ته ٻئي خاڪي ۾ جيڪا صفت (چَٽ) ڪم آندي وئي آهي، تنهن پنهنجي اصلوڪي، قديم ۽ ديسي نحوي اصولن موجب ساڳيءَ صورت/ روپ کي قائم رکيو آهي ۽ منجهس ڪا به تبديلي ڪانه آئي آهي؛ لهاذا پوئين مثال يعني ٻئي خاڪي مان ثابت ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ديسي صفتن، پنهنجي اصلوڪي يعني ديسي ۽ قديم خصوصيت کي قائم رکيو آهي ۽ پاڻ وٽ سانڍيو آهي ۽ انهن صفتن پاڻ کي آريائي وياڪرڻي اثرن کان بچائي ورتو آهي، پر ڪن صفتن جي بدليل صورت جي اڀياس کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون صفتون (چڱو، ڀلو وغيره)، پاڻ کي آريائي وياڪرڻ جي اثرن کان بچائي نه سگهيون آهن ۽ پنهنجي موصوف سان عدد، جنس ۽ حالت پٽاندر بدليون آهن.

(ii) صفتن جا درجا:

سڀني دراوڙي ٻولين ۾، صفتن جا درجا، هند- يورپي ٻولين وانگر، صفتن جي پٺيان پڇاڙيون ( صفت تفصيل لاءِ اتر ۽ صفت مبالغي لاءِ اتم وغيره) ملائي. ڪو نه ٺاهيا ويندا/ٺهندا آهن. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

"In all the Dravidian dialects comparision is effected not as in IE family by means of comparative or superlative particles suffixed to, and combined with, the positive form of the adjective, but by a method closely resembling that in which adjectives are compared in the Semitic languages, by the simple means which are generally used in the languages of the Scythian group. When the first of these methods is adopted, the noun of quality or adjective to be compared is placed in the nominative, and the noun or nouns with which it is to be compared are put in the locative and prefixed."405

 

مسٽر Bopp جي راءِ موجب سنسڪرت ۾ ’صفت تفضيل‘ (Comparative degree)  لاءِ، صفت جي پويان مذڪر لاءِ –tara (-فَرَ) پڇاڙي ۽ مؤنث  صفت لاءِ –tara (- تَرا) پڇاڙي ملائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ’صفت مبالغي‘ (Superlative degree) لاءِ مذڪر لاءِ –tama(-تَم) پڇاڙي ۽ مؤنث لاءِ –tama (-تَما) پڇاڙي ملائبي آهي؛ مثال طور:406

 

مذڪر واحد (M.S.)           مؤنث واحد (F.S.)

Punya-tara (پوڻيَ تَرَ)         punya-tama

(More clean)                 پوڻيَ تَمَ

ڪاڪو ڀيرو مل هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:

”سنسڪرت ۾ صفت جي درجن جي ڀيٽ لاءِ – تَرَ ۽ -تَمَ ۽ -ايس ۽ -اِشٽ  پڇاڙيون مقرر ٿيل آهن. جهڙوڪ:

’پريه‘ معنيٰ پيارو، پريتَمَ معنيٰ ٻين کان پيارو (انگريزيءَ ۾، greater) ۽ ’پريتر‘ معنيٰ سڀني کان پيارو.

سنسڪرت ۾ ’پاپي‘ معنيٰ گنهگار، ’پاپيس‘ معنيٰ ٻين کان (وڌيڪ) پاپي، ۽ ’پاپشٽ‘ معنيٰ سڀني کان (وڌيڪ) پاپي. انگريزيءَ ۾ انهيءَ ‘اِشٽ‘ پڇاڙيءَ جو اُچار، ’ايسٽ‘ (est) آهي، جهڙوڪ:  greatest سنڌيءَ ۾ ’موڳو‘- ’موڳشٽ‘، سنڌيءَ مان اهڙيون پڇاڙيون هاڻ گم ٿي وئيون آهن، تنهن ڪري کان ’کان‘ ۽ ’۾‘ حرف جر ڪم آڻي، پورائي ڪريون ٿا؛ جهڙوڪ:407

 

’چڱو‘،’ٻين کان چڱو‘ ۽ ’سڀني کان چڱو‘يا’چڱي ۾ چڱو‘. اهو دراوڙي  نمونو آهي، جو سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيو اٿئون.“408

 

 ديوان ڀيرو مل جي هن راءِ مان ظاهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ، صفتن جي ڀيٽ جي درجن جو قديم ديسي طريقو پاڻ وٽ قائم رکيو آهي ۽ هن ڏس ۾ آريائي ٻولين جي سٽاءَ جو اثر قبول نه ڪيو آهي.

ڊاڪٽر ٽرومپ، پنهنجي ڪتاب، سنڌي گرامر ۾، پنهنجي تمهيد واريءَ راءِ جي باوجود، سنڌي زبان جي وياڪرڻ جي هر حصي کي، سنسڪرت ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي روشنيءَ ۾، پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ جتي به کيس سنسڪرت جي وياڪرڻي سٽاءَ کان ٻاهر ڪا صورت يا وياڪرڻي سٽاءَ نظر آئي آهي ته اُتي هيئن چيو اٿس ته: ”سنڌي زبان مان سنسڪرت ٻوليءَ جي وياڪرڻ وارو سٽاءُ گم ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ صاحب لاءِ اهو لازمي هو ته ائين به سوچي ها ته سنڌي ٻولي جي وياڪرڻ ۾ ڪي پنهنجون انوکيون ۽ ديسي خوبيون به آهن، جيڪي هن ٻوليءَ پاڻ وٽ قائم رکيون آن، ۽ اڄ تائين اُهي خوبيون منجهس قائم ۽ موجود ملن ٿيون.

مثال طور صفتن جي درجن کي سنسڪرتي روپ (وياڪرڻي سٽاءُ) ۾ نه ڏسي ڊاڪٽر ٽرومپ رايو ڏنو آهي ته سنڌيءَ مان سنسڪرت واري وياڪرڻي سٽاءَ واريون خوبيون گم ٿي وئيون آهن، جيئن هُو لکي ٿو ته (409)

 

"The Sindhi, as well as the congnate indioms, has lost the power to form a comparative and superlative degree after the manner of Sanskrit (and Persian) by means of adjective suffixes, and it is very remarkable, that the Semitic way of making up for the degree of Comparison has been adopted. In order to express the idea of the comparative, the object or objects with which another is to be comepared, is put in the Ablative, or, which is the same. The Postposition منجهان، مان، کئون، کان and similar ones are employed, the edjective itself remaining in positive.

 حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر ٽرومپ جا لکيل اهي جملا، جن هيٺ ليڪ ڏيئي، انهن کي نمايان ڪيو ويو آهي، ظاهر ٿا ڪن ته سنڌي ٻوليءَ، صفتن جي درجن واري سٽاءَ کي، قديم زماني کان پنهنجي ئي يعني ديسي وياڪرڻي سٽاءَ موجب قائم رکيو آهي. اها سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي ٻوليءَ واري سٽاءَ آهي، جنهن ۾ بقول ڪاڪي ڀيرو مل جي ته:

”چڱو، ٻين کان چڱو ۽ سڀني کان چڱو صفتون ڪم آڻي، صفتن جا درجا ڪم آڻيندا هئا.“410

 

يا جيئن ڊاڪٽر ٽرومپ چيو آهي ته:

”صفتن جا درجا ’کان‘،’کئون‘،’مان‘ ۽ منجهان ۽ اهڙا ٻيا حرف ڪم آڻي، بيان ڪيا ويندا هئا.“411

 

لهاذا، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءَ موجب صفتن جا درجا، مقامي ۽ ديسي يعني غير- آريائي يا آرين جي اچڻ کان اڳ واري ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءَ موجب، ڪم آندا ويندا آهن، جنهن سٽاءَ يا جملن جي اهڙيءَ نحوي بناوت لاءِ ڪاڪو ڀيرو مل چوي ٿو ته:

”اهو دراوڙي نمونو آهي، جو سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيو اٿئون.“412

 

(iii) صفت شماري:

سنڌي ٻوليءَ جي عدد شماريءَ جي، جڏهن ٻين آريائي ٻولين جي عدد شماريءَ جي سٽاءَ سان ڀيٽ ٿي ڪجي تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته هڪ کان وٺي ويهن تائين انگن ڳڻڻ جو رواج، سنڌي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزيءَ ۾ هڪ جهڙو آهي؛ مثال طور:

سنڌي

سنسڪرت

فارسي

انگريزي

هِڪُ

ايڪَ eka

يک

One

ٻه

دوَ dva/dua

دو

Tow

ٽي، ٽري

ترَيَسَ trayas

سِہ

Three

چار

چَتورَس chaturas

چهار

Four

پنجَ

پَنچَ pacha

پنج

Five

ڇَههَ

شَشَ sasa

شش

Six

سَتَ

سَپت sapta

هفت

Seven

اَٺَ

اَشٽؤ astau

هشت

Eight

نَوَ

نَوَ nava

نو

Nine

ڏَههَ

دَشَ dasa

دَههَ

Ten

(IV) صفت قطاري:

البيرونيءَ جي مشهور ڪتاب، ڪتاب الهند، مان ڪي لفظ مثال طور ڏيندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سندس ڪتاب، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ‘ جي ڇاپي ٻئي ۾ لکي ٿو ته:

”مٿين مثالن مان ڏسبو ته محقق البيروني خالص سنسڪرت لفطن کان سواءِ ٻيا جيڪي عام مروج مڪاني نالا ۽ الفاظ استعمال ڪيا آهن. تن مان اڪثر موجوده سنڌيءَ سان ملن ٿا. ايڊورڊ سخاؤ، جنهن ’ڪتاب الهند‘ کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن پنهنجي مقدمي ۾، البيرونيءَ جي استعمال ڪيل مڪاني لفطن، خصوصاً ڳاڻيٽي جي انگن بابت لکيو آهي ته اُهي جنهن ٻوليءَ جا آهن، سا نسبت ٻين جديد هند- آريائي ٻولين جي، سنڌيءَ سان وڌيڪ مناسبت رکي ٿي ۽ ملي ٿي.“413

 

پر سندس ساڳئي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي کي لڳ ڀڳ نئون نالو ڏيئي، ڊاڪٽر صاحب اُن (نئين ڇاپي) ۾ لکي ٿو ته:

”انهن مڙني حوالن جي تصديق، سٺ سال کن پوءِ، محقق بيروني جي مشهور تصنيف، ’ڪتاب الهند‘ مان ٿئي ٿي، جيڪو هن ’هندن جي تهذيب ۽ ثقافت‘ بابت لکيو. هو پاڻ هن برصغير ۾ آيو هو ۽ 1017ع کان 1031ع واري عرصي ۾ پشاور کان وٺي ملتان تائين، انهيءَ موضوع بابت تحقيق ڪندو رهيو. بيروني هي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو، پر هڪ محقق جي حيثيت ۾، جابجا اصل سنسڪرت وارا الفاظ ۽ فقرا، توڙي اُن وقت ۾ رائج مقامي ٻولين جا اسم ۽ الفاظ، ڏنا آهن ۽ بعضي ڪي علائقائي معلومات پڻ درج ڪيا آهن.“414

 

انهن ٻنهي حوالن ۾ هي جملا ڌيان ڇڪائين ٿا:

پهرئين حوالي ۾ ڏنل جملا:

”ايڊورڊ سخاؤ، جنهن ڪتاب الهند کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن پنهنجي مقدمي ۾، البيرونيءَ جي استعمال ڪيل مڪاني لفظن، خصوصاً ڳاڻيٽي جي انگن بابت لکيو آهي ته اُهي جنهن ٻوليءَ جا آهن، سا نسبت ٻين جديد هند- آريائي ٻولين جي، سنڌيءَ سان وڌيڪ مناسبت رکي ٿي، ۽ ملي ٿي.“515

 

ٽئين ڇاپي ۾ ساڳي ڳالهه، ڊاڪٽر صاحب بدليل لفظن ۾ بيان ڪئي آهي. هُو لکي ٿو ته:

”بيرونيءَ هي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو، پر هڪ محقق جي حيثيت ۾ جا بجا اصل سنسڪرت وارا الفاظ ۽ فقرا توڙي ان وقت رائج مقامي ٻولين جا اسم ۽ الفاظ ڏنا آهن.“416

 

پر ٽئين ڇاپي ۾ صفحي 80 تي ڊاڪٽر صاحب ٻئي ڇاپي وارو حوالو دُهرايو آهي. انهن ٻنهي جملن جي جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته، البيرونيءَ جي آمد ۽ قيام وقت سنڌي ٻولي، روزمره جي استعمال واري، علمي، ادبي، وڻج ۽ واپار واري ٻولي هئي، جنهن جا بيشمار مثال ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾ صفحي 78 کان 80 ۽ 87 کان 441 تائين ڏنا آهن.

جن انگن (عدد قطاري) کي ڊاڪٽر ايڊورڊ سخاؤ، البيرونيءَ جي سنڌ ۾ قيام وقت سنڌ ۾ رائج مقامي ٻولين جا انگ ٿو سمجهي، اُهي هي آهن.

عدد قطاري

عدد قطاري

عدد قطاري

عدد قطاري

(البيروني)

(موجوده سنڌي)

(البيروني)

(موجوده سنڌي)

بَرقه

برک، بَرڪت

بَيه

ٻيو

تريهَ

ٽيو/ٽيون

چوتَ

چوٿو/چوٿون

پَنجيَ

پَنجون

ست

ڇَهون

ستين

سَتون

اَتين

اَٺون

نوين

نائون

دَهين

ڏهون

يارهِي

يارهو/يارهون

دواهي

ٻارهو/ٻارهون

(تروهي)/تَرهي

تيرهو/تيرهون

چودهي

چوڏهون

پنجاهي

پنجاهون417

 

 

 

اهڙيءَ طرح يارهن کان ويهن تائين انگن ڳڻڻ لاءِ ايڪا پهرين ڳڻبا آهن ۽ ڏهاڪا پوءِ ڳڻبا آهن، پر سنڌي ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾ ويهن کان پوءِ انگن ڳڻڻ جو ساڳيو طريقو، يعني سٽاءَ ساڳي رهندي آهي؛ يعني ايڪا پهرئين چئبا آهن ۽ ڏهاڪا پوءِ چئبا آهن، البت فارسيءَ ۽ ٻين هند-يورپي ۽ هند-آريائي ٻولين ۾، سٽاءَ اُن جي ابتڙ هوندي آهي، يعني انهن ٻولين ( هند-يورپي) ۾ ڏهاڪا پهرين ۽ ايڪا پوءِ ڳڻبا آهن، جڏهن ته هند آريائي ٻولين ۾ ايڪا پهرين ۽ ڏهاڪا پوءِ ڳڻبا آهن، تنهن ڪري چئبو ته سنڌي ٻوليءَ ۾، ايڪيهن کان پوءِ، انگن ڳڻڻ جي سٽاءَ، غير آريائي يعني سئنڌوُئي ٻوليءَ واري آهي؛ مثال طور:

    سنڌي                 فارسي              انگريزي

ايڪيهه/ايڪوِيهه              بيِيست ويک          Twenty one

ٻاويهه                  بيِست ودُو             Twenty two

پَنجٽيهه                       سيِهه و پنج            Thirty five 

ڊاڪٽر ٽرومپ واري سنڌي گرامر جي مطالعي مان واضح ٿو ٿئي ته هو هڪ کان ويهن تائين انگن جي سٽاءَ جي بيان جي سلسلي ۾، بلڪل واضح ڳالهه ٿو ڪري ۽ ان سٽاءَ کي سنسڪرت واري سٽاءَ سڏي ٿو، پر ايڪيهن کان پوءِ وارن انگن جي سٽاءَ جي باري ۾ هو بلڪل خاموش آهي. هو لکي ٿو ته:

"The Sindhi numeral are all derived from the Sanskrit by the medium of Prakrit. In the first nine numbers are fixed to ’دشن‘ (ten) to form the following nine numerals but in Prakrit and consequently in Sindhi (as well as in the cog nate dialects) they under go already so great changes, that the way in which they have been compounded is at the first sight scarely recognized to ڏهه  and "then to  رههَ as: Prakrit اَي اَره = Sansk' ’ايڪادش‘ eleven, Sindhi يارهن."418

 

 ڊاڪٽر ٽرومپ سندس مذڪوره ڪتاب ۾ 159 صفحي کان 21 ۽ 22 عددن (انگن) جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر انهن انگن جي سٽاءَ متعلق بلڪل خاموش رهيو آهي. اهو نٿو سمجهائي ته ’ايڪيِهه‘  انگ ۾، ’ايڪو‘ پهرين ڇو آيو ۽ ’ڏهاڪو‘ پوءِ ڇو آيو؟ ۽ اهو ڏهاڪو پوءِ ڪيئن آيو؟ ممڪن آهي ته ڊاڪٽر ٽرومپ جو انگن جي ساخت واري انهيءَ نقطي طرف توجهه ئي نه ويو هجي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي انگن جي اهڙي سٽاءَ کي آريائي ٿو چوي. سندس رايو آهي ته سنسڪرت ۾ به سنڌيءَ واري سٽاءَ موجود آهي. جيڪڏهن سنسڪرت ۾ اها سٽا موجود آهي ته پوءِ فارسيءَ ۾ موجود ڇو ڪونهي. جڏهن اها دعوا ڪئي ويندي آهي ته زند، سنسڪرت ۽ ٻين هند- يورپي زبانن ۾ هڪ جهڙائي آهي. آءٌ انهيءَ ڪري ائين چوندس ته هند- آريائي ٻولين، اها خصوصيت ’سنڌوُئي‘ ٻوليءَ تان ورتي هئي.


397  Caldwell, R.D., Op.Cit., P. 210

398  Trumpp.E., Dr., Op.Cit., P121

399  See Caldwell, 394

400  Bopp, F., Op.Cit., P.374

401  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., 53

402  Ibid.

403 Hirmath, R.C., Dr. Op. Cit. P.191

405  Caldwell, R., Dr., Op. Citl, P. 211

406  Bopp, F., Op. City., 374

407  روزمره واري انگريزيءَ ۾ ’-est‘ جو اُچار ’ايسٽ‘ نه پر اِسٽ ڪندا آهن. جيئن Greatest جو اُچار گريٽِسٽ ڪبو ۽ نه ڪِ گريٽيسٽ.

408  ڀيرو مل آڏواڻي: حوالو ڏنل آهي. ص315

(409)  Trump., E., Dr. Op. Cit., P. 156

411  Trumpp., pp. 156

412  ايضاً

413   نبي بخش خان، بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٽيون، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1980ع، ص 71

414  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ڄام شورو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، 1990ع، ص ص 78-79

515  ڏسو: حوالو 410

416  ڏسو حوالو 411، ص 79

417  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، حوالو ڏنل آهي، ص 78 ۽ پڻ ڏسو: الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، ڇاپو چوٿون، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص 82

418  Trumpp., E., Dr., Op.Cit., PP 158 & 159

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com