سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :27

v) قديم سنڌي زبان ۾ انگن، تورن ۽ ماپن جو استعمال:

(a)  موهن جي دڙي جي مهرن پڙهڻ کان پوءِ ’فنس‘، ’روسي‘ ۽ آمريڪي ماهرن، سنڌو- ماٿر ۾ انگن جي ڳڻڻ جي سلسلي ۾، پنهنجو رايو ڏنو آهي. ڊاڪٽر آسڪوپرپولا لکي ٿو ته:

"We already know that the Proto-Dravidians of the Indus Valley were fully conversant with weights and measures. These were based on ostonary system mixed with a decimal one in contrast to the sexagesimal system of the Sumerians. The Dravidian languages even now follow a similar octonary system.

According to Soviet Scholars vertical short strokes are the numbers. They occur in combination of one to nine. The sign of inverted cup stands for ten. The numbers appear on the left side of a root or sign, the latter standing for a unit of measures. Thus the sign of four vertical strokes and the sign that represnts a human palm taken together denotes four hand ful, or four person."419

 

(b) هن کان اڳ موهن جي دڙي جي مهرن تي ڏنل نشانن، چتن، شڪلين وغيره جي پڙهڻين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پرپولا ۽ ڊاڪٽر فيئر سروس جي طرفان، دراوڙي لغات جي مدد سان مقرر ڪيل مُلهن سان گڏ، اُنهن دراوڙي مُلهن (لفظن) جا سنڌي زبان ۾ نعم البدل ڏيئي، اها دعوا ڪئي وئي آهي ته آثار قديمه ۽ علم اللسان جي ماهرن کي، مذڪوره شڪلين، چٽن ۽ نشانين جا ملهه، سنڌي ۽ لهندي (سرائڪي) زبانن جي لغات جي مدد سان مقرر ڪرڻ گهرجي.

مٿي جيڪي سنڌي مُلهه مقرر ڪيا ويا آهن، انهن جي ڊاڪٽر پرپولا جي هن راءِ سان ڀيٽ ٿي ڪجي ته اهو بلڪل واضح ٿئي ٿو ته موجوده سنڌي زبان ۾ ماپن ۽ تورن جا نالا، ليڪن جي مدد سان انگن جو تعداد ڄاڻائڻ ۽ انهن انگن جو تعداد اڄ به جاري آهي؛ 520مثال طور:

 

سنڌو تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل

ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي

ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي

موجوده سنڌي لفظ

I

وڪٽُ/ockatu

وَڪَٽُ/vakatu

one=oru/or

oru is

proto-dravidian

وَڪَٽُ/اوڪَٽُ

III

--

three= mu (n)

mu, mun

مُونِ

IIII

نال/ nal

four=nal

نال/نار

IIII

--

ettu/en

اَٺَ/اَٺون

IIII

اَٽاata

(cukke)چُڪَ 

اَٽا ماٽا، چُڪ

ڊاڪٽر هيريماٿ به سندس ڪتاب ۾ دراوڙي ٻولين ۾ رائج انگن جا مثال آهن.421 اهي انگ اُهي آهن جن جا نسڌي نعم البدل اڄ به ملن ٿا؛ مثال طور:

ڊاڪٽر هيريماٿ طرفان        موجوده سنڌي ۾ رائج انگ

ڏنل دراوڙي انگ                                              

Oru, Or                                       اُر

Ettu                                   اَٺَ

(C) اهڙيءَ طرح تور ۽ ماپ لاءِ سنڌو- ماٿر مان هٿ آيل مهرن تي اڪريل نشانن ۽ موجوده سنڌيءَ ۾ تور ۽ ماپ لاءِ ساڳيا لفظ رائج آهن؛ مثال طور:

سنڌو تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل

ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي

ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي

موجوده سنڌي لفظ

 

--

پَن (ڪَل)

Pan (kal)

پڻڪي،پاٽي422

 

ڪو

= (ko) جبل

تُڪ /تُگَ

(tuka/tuga)

ڪو/ڪوهه=جبل

دُڪو (وزن)=هڪ تولو

تَڪَ (ونز)

--

--

pan (ka)

پڻڪي، پاٽي

--

--

takadir

تڪڻي/تڪڻ=ساهمي

--

--

nuru

نور (پئسن/رقم جو)

--

--

tugu

ڌڪو/تولو

--

--

payu

پاءُ/حصو

--

--

pati

پتي (حصو)

 انهن مثالن مان مان ثابت ٿو ٿئي ته، سنڌو – ماٿر واري قديم ٻوليءَ جا ڪيترائي لفط، موجوده سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ رائج آهن، جن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها تحقيق، ٻنهي ٻولين جي گڏيل ڊڪشنريءَ يا سنڌي ٻوليءَ جي ’اشتقاقي لغات‘ ( Etymological Dictionary)  جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي.

(ح) ضمير:

 (i) ضمير متڪلم- ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب ڪلاسيڪل دراوڙي (ڪَنڙ ٻولي) ٻولين ۾، ضمير متڪلم واحد لاءِ ’آن‘  لفظ ڪم ايندو آهي. اهڙيءَ طرح ساڳي ضمير (متڪلم واحد) لاءِ ٻيو ’روپ‘ (لفظ) ’en‘ (اين) به ڪم ايندو آهي. ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:423

 

”’مان‘ ضمير، پهرين em (ايم) ٿيو آهي، ۽ پوءِ 'em' جي /m/ صوتيه بدلجي /n/ صوتيه ٿي آهي.“424

 

ڪالڊويل وڌيڪ لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي ۾ ڪم ايندڙ ضمير متڪلم واحد ’آن‘، دراوڙي 'en'سان هڪجهڙائي رکي ٿو.“425

 

ٻين لفطن ۾ هيئن چئبو ته: دراوڙي ٻولين جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪلاسيڪي ’ڪنڙ‘ ٻوليءَ ۾، رائج ضمير متڪلم واحد ’آن‘، لاڙي لهجي ۾ رائج ضمير متڪلم واحد سان، هوبهو هڪ جهڙائي رکي ٿو.

لهاذا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ دعوا قبول ڪري نٿي سگهجي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته:

’ضمير’هُو‘ ۽ ‘آءٌ‘ عربي الاصل آهن. ’آءٌ‘ خاص طرح سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ رائج آهي ۽ جيئن ته انهي ڀاڱي ۾ ديبل ۽ منصوره جي مرڪزي شهرن سبب سنڌيءَ تي عربيءَ جو گهرو اثر پيو، ته اُتي عربي ’انا‘ جو سنڌي اُچار ’آن‘ (<آنءِ<آئون) هميشه لاءِ استعمال ۾ اچي ويو.“426

 

ڪالڊويل ضمير متڪلم جمع جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”دراوڙي ٻولين ۾ ضمير متڪلم جمع نه فقط جمع صورت لاءِ ڪم آڻبو آهي، پر متڪلم واحد جي نيازي صيفي (honorific) لاءِ به ڪم ايندو آهي. لسانيات ۾ اهڙيءَ صورت کي honorific form چئبو اهي.“427

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ ضمير متڪلم جمع جو، ضمير متڪلم واحد جي ’نيازي صيفي‘ ۾ اهڙو استعمال عام آهي. هن کان اڳ ’عدد تثنيه‘ جي وضاحت لاءِ اهڙا مثال ڏنا ويا آهن؛ مثال طور:

ضمير متڪلم جمع           متڪلم واحد جو نيازي صيفو

     اسين وڃون ٿا.               آءٌ وڃان ٿو = اسين وڃون ٿا

     اسين چئون ٿا.               آءٌ چوان ٿو = اسين چئون ٿا

ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”ڏيهي ٻولين (سنڌي، مرهٽي) ۾ ضمير متڪلم جي ٻن جمع صورتن جو اهڙو استعمال ثابت ٿو ڪري ته انهن ٻولين ۾ اهو عنصر ۽ ساڳيءَ طرح دراوڙي ٻولين ۾ اهو عنصر، ڏيهي ٻولين ۽ دراوڙي ٻولين جي پراڻي رشتيداري ۽ مائٽيءَ جي ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته سنسڪرت ۾ ضمير متڪلم جي گردان ۾ عدد جمع جي اهڙن ٻن صورتن يا گردانن جو ڪو به مثال ملي نه سگهيو آهي.“428

 

ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

”صرف ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته، حالت فاعليءَ ۾ ضمير متڪلم واحد جي صورت هڪ آهي، ته حالت تفيريءَ (Oblique case) ۾ اها صورت بدلجي وڇي ٻي ٿي آهي. حالت تفيريءَ ۾ ائين به ڏٺو ويو آهي ته ضمير متڪلم جي پراڻي صورت، هاڻوڪيءَ صورت کان بلڪل مختلف آهي؛ ان جي مثال سامهون چارٽ مان ڏسي سگهجي ٿو.429


419  Asko Parpola, Dr., Daily Dawn (English), Sunday July 20, 1969.

520  ڀيرو مل آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي تا4ريخ، 1952ع

421  Hiremanth, R.C., Dr., The genesis and Growth of Dravidian, Op.Cit., PP. 166-167

422  ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ”بِراج واري زماني ۾ هتي واهَن جي وهڻ کان (1932ع) کان اڳ جڏهن موسمي واهَن جي پاڻيءَ تي هُرلا ۽ نار چڙهندا هئا ۽ جوئر ٻاجهريءَ جي پوک جام ٿيندي هئي، تڏهن اُن کي تورڻ بدران ٽوين سان ڀريندا هئا.“ ڏسو: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 78، حاشيو.

     آءٌ هت اهو عرض ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته لاڙ ۾ ڇڙيل چانور يا چانورن ۽ ٻاجهر جو اٽو، پاٽين ۽ چوٿاين جي ماپن سان ماپيو ويندو هو. اهڙيون پاٽيون، چوٿايون ۽ ٽويا اڳ اسان جي گهرن ۾ به هوندا هئا.

     تور ۾، رتي، ماسا، تولا، دُڪا، پاءُ، اڌ پاءُ، ڪچو سير، پڪو سير ۽ مڻ هوندا هئا. هڪ وزن کنڊيءَ جو به ڳڻبو هو. هڪ کنڊيءَ ۾ اَٺ مڻ هوندا هئا.

     ڳُڙ جو وزن ڍڳن جي حساب سان شمار ٿيندو هو. هڪ ڍڳي ۾ پنج مڻ يا ڳڙ جون به ماٽيون ڳڻبيون هيون.“

423  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., PP. 227, 276-277

424  Ibid, P. 277.

425  Ibid., P. 308 Aslo see Trumpp., E., Dr., P. 189

426  نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 62 ۽ 63

427  آءٌ دراصل سنسڪرت جي لفظ ’اهم‘ جي بدليل صورت آهي؛ جيئن:

 اَهَم< < اُون ۽ /هه/ حذف ٿي ويو)= آئون (آ<آ) <آئون/آءٌ

428 Caldwell, R., Dr., Op.Cit.,P.308

429  Ibid. P. 60

(ii) ضمير غائب:

(i) دراوڙي ٻولين ۾ ضمير غائب ڪونه ٿئي، پر ضمير اشاري (ويجهي ۽ ڏور) کان ضمير غائب جو ڪم وٺندا آهن.  ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به، ضمير اشاري ويجهي ۽ ڏور (هيءُ، هيءَ، هُ، هوءَ، اِهو، اُهو، هِنَ، هُنَ، هِنن ۽ هُنن) کي ضمير غائب، واحد ۽ جمع طور ڪم آڻبو آهي.430

 

هن ڏس ۾  ديوان ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ مان ضمير غائب گم ٿي ويو آهي، تنهن ڪري ’هُو،هِن‘ وغيره جي ضمير اشارو ڏور آهن، سي ڪم آڻي پورائي پيا ڪريون.“431

 

ڊاڪٽر ٽرومپ هن سلسلي ۾، پنهنجي خيال جو اظهار، هن طرح ٿو ڪري.

”سنڌيءَ ۾ ضمير غائب (واحد ۽ جمع) ڪونه ٿين، پر ان جي بدران ضمير اشارو، هي، هُوءَ، هُو ۽ هوءَ ڪم آندا ويندا آهن.“432

 

(ii) لاڙي لهجي ۾، قديم زبان (موهن جي دڙي واري) وارا ضمير اشاري (ضمير غائب طور ڪم ايندڙ) جا اهي روپ موجود آهن، جيڪي دراوڙي زبانن ۾ رائج آهن. مثال طور، دراوڙي ۽ سنڌي (لاڙي لهجي) جي ضمير اشاري جا مثال هي آهن:

دراوڙي         معياري سنڌي         لاڙي سنڌي لهجو

edha (ايڌَ)          هي                                اي

udha (اُڌ)          هي                         اِي

ih (اِهه)        433           هُو                          اوُ

ah (آهه)434

 

(iii) اهڙيءَ طرح ’سادا ڇوٽا سُرَ‘ /i/ ۽/u/ به دراوڙي ٻولين ۾ ضمير اشاري طور ڪم ايندا آهن. سنڌيءَ جي لاڙي لهجي ۾ ’اِ‘ جي بدران ’اي‘ (فاعلي حالت) ۽ ’اِن‘ (تغيري حالت ۾) ۽ ’اُ‘ جي بدران ’اوُ‘ (حالت فاعلي) ۽ ’اُن‘ (حالت تغيريءَ ۾) ضمير، ضمير اشاري طور ڪم آڻبا آهن؛ مثال طور:436  435

 

دراوڙي

معياري سنڌي

لاڙي سنڌي لهجو

i (اِ)

هي (حالت فاعلي)

اِي (حالت فاعلي)

 

هِنَ حالت تفيري)

اِنَ (حالت تفيري)

u (اُ)

هُو (حالت فاعلي)

اوُ (حالت فاعلي)

 

هُنَ (حالت تفيري)

اُنَ (حالت تفيري)

ڊاڪٽر ڪالڊويل وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:

 "There is only a partial and indistinct resemblance between the remote/a/, proximate/i/, and medial/u/, which constitute the bases of the Dravidian demonstrative, and the demonstrative which are used by the languages of Noth-India. In Bengali and Singhalese/e/ is used as a demonstrative/i/, in Marathi/ha,he, hen/; in Hindustani we find/vuh/'that',/yih/this' but in oblique cases there semblance increases; e.g:

is- ko 'to this'

/i/is used as the proximate demonstrative in the Northern Indian languages more systematically than/a/ or any corresponding vowel is used as the remote I, e-g:

 

Marathi            Hindi

ikade 'here'        idhar  'hither'

itake  'somuch'   itne     'so much'

The  Sindhi proximate is /hi/or/he/. In the Lari dilect /h/is commonly dropped, and the base is seen to be /i/, as in the Dravidian tongue. The remote in Sindhi is/ hu/or/ho/in Lar/u/or/o/"437

 ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”جيتوڻيڪ اُتر- هند  جون غير- آريائي ٻوليون، دراوڙي ٻوليون آهن، پر آريائي ٻولين سان هزارين سالن کان سندن ميل جول ۽ ميلاپ هئڻ جي ڪري آريائي ٻولين جا ڪيترائي بنيادي ڌاتو، دراوڙي ٻولين جي بنيادي ڌاتن جي جڳهه وٺي چڪا آهن.“438

 

(خ) فعل:

(1) فعل جو ڌاتو:

دراوڙي ٻولين ۾ فعل جو ڌاتو ضمير حاضر واحد جي امري صورت مان کنيو ويندو آهي. هند-آريائي ٻولين ۾ به ائين ئي ٿيندو آهي. هند آريائي ٻولين ۾ فعل جو ڌاتو حاضر واحد جي امري صورت (Imperative second person singular) آهي؛ پر دراوڙي ۽ هند-آريائي ٻولين ۾ فرق فقط هي آهي ته هند-آريائي ٻولين ۾ فعل جو ڌاتو، ڪنهن به پڇاڙي لڳائڻ (ملائڻ) کان سواءِ ئي صيفي امر جي عدد واحد ۾ استعمال ٿيندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ فعل جو ڌاتو ئي صيفي امر جي عدد واحد جي معنى ڏيندو آهي؛ مثال طور هندي ٻوليءَ ۾:

آ – ي + آ = آيا

آ – ت + آ = آتا

آ – اوُن + گ + آ = آئونگا

پر سنڌي ٻوليءَ ۾، دراوڙيءَ وانگر صيغي امر عدد واحد جي معنى، ڌاتوءَ سان پڇاڙي لڳائڻ سان ڄاڻائبي آهي.“ 439 مثال طور

 

پڙههُ + آن = پڙهان

پڙهه + اي = پڙهي

پڙهه + اِي = پڙهي

انهن مثالن ۾ ’پڙهه‘ فعل جو ڌاتو آهي ۽ /-آن،-اي ۽-اِي/پڇاڙيون آهن. اهڙيءَ طرح ٻيا مثال هي آهن:

ڌاتو          حاضر واحد جي امري صورت

آ-              آءٌ

لِک -          لِک

ڊاهه-           ڊاههِ

کا-             کاءُ

اچُ              اَچُ

(ii) فعل لازمي ۽ فعل متعدي: دراوڙي ٻولين ۾ فعل جا ٻه قسم آهن، فعل لازمي ۽ فعل متعدي. دراوڙي ٻولين جا لازمي ۽متعدي فعل، سنسڪرت جي لازمي ۽ متعدي فعلن سان سٽاءُ (structuse) ۾ فرق رکن ٿا. اهي فعل نه فقط گردانن ۽ ڦيرن ۾ فرق ڏيکارين ٿا، پر انهن جي بناوٽ (سٽاءَ) ۽ جُڙڻ (ساخت) ۾ به فرق نمايان آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:442 441 440

 

”دراوڙي ٻولين جا متعدي فعل، لازمي فعلن مان ٺهندا آهن؛ انهيءَ ڪري انهن (متعدي) فعلن کي causual verbs چئبو آهي.“443

 

سنڌي وياڪرڻ جي گهري اڀياس کان پوءِ، هيءُ ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به فعل جا ٻه قسم آهن؛ يعني فعل لازمي ۽ فعل متعدي. هن مطالعي ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڇنڊڇاڻ مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي متعدي فعلن جا اڪثر ڌاتو (roots)، لازمي فعلن جي ڌاتن (roots) مان ڦٽي نڪرن ٿا؛ مثال طور:444

 

لازمي فعلن جا ڌاتو            متعدي فعلن جا ڌاتو445

                سَڙ-                    ساڙ-

                مَر -                    مار-

                ٺَرُ-                     ٺار-

ٽَرُ-                     تار-

ڦِسُ-                   ڦيهه-

ٻَرُ-                     ٻار-

(iii) فعل متعدي بالاوسطه: (a) دراوڙي ۽ سنڌي ٻولين ۾، متعدي فعل جو هڪ قسم متعدي بالواسطه آهي. فعل متعدي بالواسطه ٺاهڻ لاءِ، دراوڙي ٻولين ۾ متعدي فعلن جي ڌاتن جي پويان 'vi' (وي) پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:

    فعل متعدي                       فعل متعدي بالواسطه

'to makde' (پَڻ)  pannu              (پَڻُ-وِي) pannu-vi

                                'to cause to make'

'to send' (اَتُپُ) annuppu             (اَڻپوِري) annup-vi

'to cause to send'

ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”دراوڙي ٻوليءَ جي حرفي سٽاءَ موجب اُهي نشانيون (particles) جيڪي فعل جي صيغي (mood) زمان، لازمي يا متعدي بالواسطه فعل، ضميري پڇاڙيون، جن جي مدد سان عدد، جنس ۽ حالت جي خبر پوندي آهي، ڌاتوُوءَ جي پويان، اهڙي باقاعدي سٽاءَ موجب ملايون وينديون آهن، جو انهيءَ ترتيب ۽ سٽاءَ ۾ ڪا به ڦير ڦار آڻي نه سگهبي آهي.“446

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ به، ساڳيءَ طرح، فعل جي بالواسطه صورت بنائڻ لاءِ اڄ به اها ئي ترتيب ۽ اها ئي سٽاءُ رائج آهي؛ مثال طور:

فعل متعديءَ جو ڌاتو  فعل متعدي بالواسطه جي صورت

لِک                    لکا + ءِ (ءِ، اِ اعراب جي لکيل صورت آهي)

                        لکا +  را + ءِ

                        لکا + را + را + ءِ

                        لکا + را + يائين

                        لکا + را + يائين + س

                        لکا + را + يو + م

                        لکا + ر + يو + مان + س

سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل متعدي بالواسطه جا بيشمار مثال ملن ٿا. انهن ۾ فعل متعديءَ جي ڌاتن جي پويان/-آ/ پڇاڙي ملائڻ سان، فعل متعدي بالواسطه جو ڌاتو ٺهي ٿو؛ مثال طور:

لازمي فعل جو ڌاتو        متعدي فعل جو ڌاتو متعدي بالواسطه فعل جو ڌاتو

سَڙ –                  ساڙ-                    ساڙا -

مَر –                   مار-                    مارا -

ٺَر –                   ٺا-                      ٺارا -

ٽَر –                   ٽار-                     ٽار -

متعدي بالواسطه فعلن جي انهن مثالن جي مطالعي مان هي نتيجو ٿو نڪري ته دراوڙي ٻولين جي متعدي بالواسطه فعلن جي پڇاڙي vi-، سنڌي ٻوليءَ جي متعدي بالواسطه فعلن جي پڇاڙي ’- آ‘ سان نسبت رکي ٿي.

ڊاڪٽر ٽرومپ، سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ فعل متعدي بالواسطه جي پڇاڙيءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

 

 "The Prakrit formed the causual either by adding the increment 'e' (Sansk:ay) or ave (sansk:apay=abe=ave).In the modern Indian Idioms only the latter increment is in use, which has been shortened to a in Sindhi, Hindustani and Bengali; the syllable ve having been dropped."447

 ممڪن آهي ته سنڌي ۽ هندستانيءَ ۾ متعدي بالواسطه جي /-آ/ پڇاڙي ديسي/ ديشج (غير-آريائي) ٻوليءَ جي نشاني هجي؛ جيئن:

         سنڌي                             هندي

فعل متعدي

فعل متعدي بالواسطه

فعل متعدي

فعل متعدي بالواسطه

لِک

لِکا

لِکها

لِکها

پڙهه

پڙها

پڙهه

پڙها

سنڌي                               هندي

فعل لازمي

فعل متعدي

فعل متعدي

بالواسطه

 

فعل لازمي

فعل متعدي

فعل متعدي

بالواسطه

 

 

 

 

 

 

 

سڙ -

سڙ-

ساڙا

 

جل-

جلا-

جلوا

 

(b) فعل متعدي ٻِٽو بالواسطه: سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ فعل متعدي بالواسطه جو هڪ قسم، متعدي ’ٻٽو بالواسطه‘ به آهي؛ جيئن:

فعل لازمي

فعل متعدي

فعل متعدي بالواسطه

فعل متعدي بالواسطه

سَڙ

ساڙ-

ساڙا-

ساڙارا-

ڊَههِ

ڊاهه-

ڊاهرا-

ڊاهرارا-

انهن مثالن مان ظاهر آهي ته، سنڌيءَ ۾ ٻٽي بالواسطه متعدي فعل لاءِ نشاني يا علامت ’-را‘ آهي.

(c) فعل متعدي دهرو ٻٽو بالواسطه: سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ فعل متعدي بالواسطه يا ٻه ٻيا به قسم آهن. اُهي آهن:

سنڌي

فعل لازمي

فعل متعدي

فعل متعدي بالواسطه

فعل متعدي ٻٽو بالواسطه

فعل متعدي دُهرو ٻٽو بالواسطه

سڙ-

ساڙ-

ساڙا-

ساڙارا-

ساڙارارا-

ڊَهه-

ڊاههِ-

 ڊاهرا-

ڊاهرارا-

ڊهرارارا-

 

لک-

لکا-

سکارا-

سکارارا-

 

هنديءَ يا اردوءَ  ۾ فعل دُهري ٻٽي بالواسطه جو ڪو به مثال نٿو ملي؛ جيئن:

هندي/ اردو

 


 

فعل لازمي

فعل متعدي

فعل متعدي بالواسطه

فعل متعدي ٻٽو بالواسطه

فعل متعدي دُهرو ٻٽو بالواسطه

مَر-

مار-

مروا-

-

-

-

لکهه-

 لکها-

لکهوا-

-

انهن مثالن مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٻٽي بالواسطه‘ فعل لاءِ ’را‘ ۽ ’دُهري ٻٽي بالواسطه‘ لاءِ- رارا- نشاني ملائي ويندي آهي، جڏهن ته هنديءَ ۾ ’فعل متعدي بالواسطه‘ لاءِ – وا- نشاني ملائبي آهي.448

پر دُهري ٻٽي بالواسطه لاءِ هنديءَ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي.

(d) دراوڙي ٻولين ۾ فعل متعدي بالواسطه جا مثال:

تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته دراوڙي ٻولين (پراڻي تامل) ۾ متعدي ٻٽي بالواسطه فعل (double causual verbs)  جا به ڪيترائي مثال ملن ٿا،جيئن سنڌيءَ ۾ هن قسم واري فعل جا مٿي مثال ڏنا ويا آهن.449

 

ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”متعدي بالواسطه فعلن جا مثال هند-يورپي ٻولين ۾ به ملن ٿا پر دراوڙي ٻولين ۽ هند يورپي ٻولين ۾ متعدي بالواسطه جي ساخت ۾ وڏو فرق آهي. دراوڙي ٻولين ۾ ڌاتن جي پويان vi- پڇاڙي ملائڻ سان، متعدي بالواسطه فعل جڙن ٿا، پر هند- يورپي  ٻولين ۾ متعدي بالواسطه فعل ٻن مفعولن- شخص ۽ ٻئي مفعول- سان لڳندا آهن؛ جيئن:450

 

"I caused him (acc:) to build the house (acc:)"451

پر ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب:

”دراوڙي ٻوليءَ ۾، متعدي بالواسطه فعل، فقط مفعول سان لڳندو آهي.“452

 

(V) سنڌي وياڪرڻ جي گهري اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ متعدي بالواسطه فعل جي ساخت يعني سٽاءَ، دراوڙي ٻولين جي متعدي بالواسطه وانگر آهي؛ مثال طور:

"Icaused him (acc:) to build the house (acc:)"

يعني ته:

مون هن کان گهر اڏايو

يا: گهر اَڏارايومانس.

(VI) هت هڪ اهڙي نقطي تي توجهه ڏيڻ جي ازحد گهڻي ضرورت آهي. اهو نقطو هي آهي ته، فارسي زبان ۾ به متعدي بالواسطه فعلن جا ڪي مثال ۽ نمونا هوبهو سنڌي ٻوليءَ جهڙا ملن ٿا؛ مثال طور:

متعدي فعل

فعل متعدي بالواسطه

کردن ’ڪرڻ‘

کرانيدن ’ڪرائڻ

رسيدن’پهچڻ‘

رسانيدن ’پهچائڻ

پريدن ’اُڏرڻ‘

پرانيدن’اڏرائڻ‘

پوشيدن’ڍڪڻ/ڪپڙا پائڻ‘

پوشانيدن’ڍڪڻ‘/’ڪپڙا پهرائڻ‘

خوردن’کائڻ‘

خورانيدن’کارائڻ‘

دويدن’ڊوڙڻ‘

داونيدن ’ڊوڙائڻ‘

پر فارسي زبان جي صرف و نحو جي وڌيڪ مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته فارسي زبان ۾، متعدي فعل جي بالواسطه صورت يعني ٻٽي بالواسطه فعل جو ڪو به مثال نٿو ملي، يعني ته فارسي زبان ۾ ’کردن‘ ۽ ’کرانيدن‘ کان پوءِ ’کرا رانيدن‘ جو صيغو ممڪن نه آهي. هن مان ثابت ٿو ٿئي ته فارسي زبان ۾ متعدي بالواسطه فعل يعني کردن< کرانيدن (فعل متعدي بالواسطه) جو صيغو آريائي زبانن وارو نه آهي، پر ممڪن آهي ته فارسي زبان ۾ ’کردن< کرانيدن‘ متعدي بالواسطه فعل واري سٽاءَ، سٿين ٻولين جي سٽاءَ جي اثر جي ڪري ٿي هجي، ڇو ته سٿين (Scythian) قوم، قديم ايراني يعني غير- آريائي قوم آهي. هن قوم (سٿين) کي ماهرن دراوڙي قوم سڏيو آهي.453

 

سنسڪرت زبان جو مشهور روسي ماهر، ’اَئوَنوف‘ (ivanov) هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:

 ”قديم آثارن مان حاصل ڪيل ڪجهه حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته ميسوپوٽيميا جا آريائي قبيلا، اُتر کان ’ڪاڪيشس‘ (Caucasus) جبلن جي رستي آيا. انهيءَ بنياد کي هن حقيقت سان به ڳنڍي سگهجي ٿو ته ان کان پوءِ واري عرصي ۾ ڪاڪيشس ۾ ’اوسيٽڪ‘ (Ossetic) زبان ڳالهائيندڙ رهندا هئا. ’اوسيٽڪ‘ هڪ ايراني زبان آهي، جيڪا ’بلئڪ سي‘ (Black sea) جي اُترين ميدانن ۾ وسندڙ، گهوڙا پاليندڙ قبيلن (Scythian) جي زبان جي تمام ويجهو آهي.“454


430  Ibid. P.60

431  ڀيرو مل آڏواڻي: حوالو ڏنل آهي، ص 314

432  Trumpp, E., Dr., Op.Cit.,P.470

434  Ibid., P.518

435  Ibid., P. 315

436  Trumpp., E., Dr., P.194

437  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P. 315

438  Ibid.

439  هيءُ نقطو ڌيان جوڳو آهي ته سنڌيءَ  ۾ ٻه فعل يعني ’ڏي ‘ ۽ ’ني‘ اهڙا آهن، جن جي پٺيان صيفي امر جي پڇاڙي ڪانه ٿي لڳائجي.

440  Caldwell, R., Dr., Op. Cit., P.342

441  Ibid.

442  Ibid.

443  Ibid.,

444  Grierson, G., Op.Cit., Vol: VIII, Part-I, P.48

445  ڊاڪٽر ٽرومپ، فعل لازميءَ مان فعل مقصديءَ جي ٺهڻ واري اصول کي صحيح طرح سان سمجهيو نه آهي. هو لکي ٿو ته:

 When a verb ends in radical r, r (ڙ) and h, preceded by a short 'a', the causual increment may be inserted in the root it self, coalescing whith the short radial 'a' to a 'a' as:

 ٻارڻ > ٻرڻ                پاڙهڻ > پڙهڻ

See Trumpp, E., Dr. Op. Cit. P. 254

446  Caldwell, R., Dr., Op.Cit.,

447  Trumpp, E., Dr., Op. Cit., P. 285

448  Trumpp, E., Dr., Op. Cit., P. 285

449  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.347

450  Ibid., P. 347

451  Caldwell, R., Dr. Op.Cit., P.347

452  Ibid., P.347

453  Pestonjee Kavajee Kanga, Op.Cit., P. 75

454  Ivanov, V.V.e. Toporov, V.N., Sanskrit, Nanka Publishing House, Central Department of Oriental Literature, Moscow, 1968, P. 16

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com