سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :7

پروفيسر فاريادي واسڪونسلو (Faria de Vasconcellos) پڻ پنهنجي بيلجيم جي اسڪول جي احوال (ڪتاب A New School in Belgium) ۾ لکيو آهي ته انهن سمورن مضمونن جي تعليم ۾ عملي مشغلن ۽ شاگردن جي ذاتي ڪوششن کي نمايان اهميت ڏيڻ گهرجي. ان اسڪول ۾ شاگرد جڏهن تاريخ جو مطالعو ڪندا آهن ته اهي پاڻ ان جي حاصلات ۾ جسماني جدوجهد ۽ ذهني ڪوششن کان ڪم وٺندا آهن ۽ جيترو ٿي سگهي ڪنهن ڳالهه کي استاد کان ٻڌي يا ڪتاب ۾ پڙهي غور ۽ تنقيد کانسواءِ قبول نه ڪندا آهن. مٿين درجن ۾ خاص طور تي اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته شاگردن لاءِ اهڙا موقعا مهيا ڪيا وڃن جو هو پاڻ پنهنجي فڪر ۽ عمل جي سگهه ۽ اجتهاد کان ڪم وٺي سگهن ۽ استاد کين هر ڪم لاءِ هڪ ٺهيل ٺڪيل رستي تي نه هلائي، جنهن تي هو سوچ سمجهه ۽ پنهنجي دماغ تي زور ڏيڻ کانسواءِ هلندا رهن. انهيءَ خيال کان متاثر ٿي ۽ شاگردن کي تاريخ جي اڀياس ۾ فعالي حيثيت سان شامل ڪرڻ لاءِ پروفيسر ڪيٽنگ (Keatinge) (آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تڏهوڪي تعليم جي پروفيسر) پنهنجو Source Method مرتب ڪيو آهي. (جنهن تي هن تفصيلي بحث پنهنجي ڪتاب Teaching of History ۾ ڪيو آهي) جنهن جو بنيادي اصول هي آهي ته اسڪول ۾ شاگردن کي هڪ حد تائين تاريخدان بڻجڻ جو موقعو ڏنو وڃي يعني انهن لاءِ تقريباً اهڙيون حالتون مهيا ڪيون وڃن جن ۾ مؤرخ تاريخ کي ترتيب ڏيندو آهي.

عام طور تي اسڪولن ۾ هيئن ٿيندو آهي ته شاگرد معمولي درجي جي گهٽ علم رکندڙ استادن جي درسي ڪتابن کي پڙهي نه رڳو تاريخي ڄاڻ حاصل ڪندا آهن بلڪه انهن جي راءِ ۽ خيالن ۽ تڪراري مسئلن ۾ انهن جي فيصلن کي به تسليم ڪندا آهن. ظاهر آهي ته ان طريقي سان تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان انهن ۾ نه ڪا بصيرت پيدا ٿي سگهي ٿي، نه راءِ جي آزادي ۽ نه ذهني تربيت. تنهنڪري ڪيٽنگ جي تجويز جنهن تي هن عمل ڪري ڏٺو آهي هيءَ آهي ته کين اکين ڏٺل حالتن جي ليکڪن ۽ مستند مصنفن جا بيان مطالعي لاءِ ڏجن ۽ عام طور تي هڪ ئي واقعي بابت مختلف هم عصر مؤرخن جي راءِ ٻڌائي وڃي. ان سموري تاريخي مواد تي (جيڪو شاگردن آڏو رکيو ويندو آهي) سوال ٺاهيا ويندا آهن جن جو جواب ڏيڻ انهن جو ڪم هوندو آهي. جيڪڏهن اهي سوال سوچي سمجهي پڇيا وڃن ته انهن جو صحيح جواب ڏيڻ لاءِ کين پنهنجي سمجهه ۽ فيصلي جي قوت کان ڪم وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي. مختلف مؤرخن جي ذاتي خوبين ۽ ڪمزورين ۽ انهن جي لاڳاپن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. انهن جي تعصب يا پاسخاطريءَ جي سببن کي سمجهڻ، قياس، جي خلاف ڳالهين کي رد ڪرڻ، جيستائين ٿي سگهي پنهنجو پاڻ کي گذريل دور جي ماڻهن جو هم خيال بڻائي انهن جي نقطه نظر سان معاملن کي جاچڻ، اهي سمورا مطالبا شاگرد کي ذهني جدوجهد ۽ غور فڪر تي مجبور ڪندا آهن. متضاد ۽ مختلف بيانن مان حقيقي ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ کيس هڪ حد تائين ساڳي ڇنڊڇاڻ ۽ ڳولها ڦولها ڪرڻي پوندي آهي، جنهن کان هڪ انصاف پسند مورخ ڪم وٺندو آهي. پر هيءَ مشابهت تمام محدود هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ظاهر آهي ته هڪ نوجوان ۽ ناتجربيڪار شاگرد هڪ مستند مورخ وانگر ڪم نٿو ڪري سگهي. هو گذريل زمانن جي زندگيءَ ۽ ماڻهن جي خيالن ۽ جذبن ۽ انهن جي عمل جي محرڪن کي چڱي طرح سمجهڻ جي صلاحيت نٿو رکي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ نفسيات جو نظري علم۽ عملي تجربو گهربل آهي جيڪو کيس نه هوندو آهي. هو ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ انهن اڻ سهيڙيل ذريعن کان به فائدو نٿو وٺي سگهي جيڪي هڪ مؤرخ لاءِ ڪارائتا هوندا آهن. مثال طور پراڻيون عمارتون، سڪا، ڪتبا، وغيره پر انهن سمورن نقصن ۽ ڪوتاهين باوجود ان علمي طريقي جي بدولت شاگرد کي تاريخ جي تدوين جي ڏکئي ڪم جو جيڪو تجربو حاصل ٿيندو آهي اهو ذهني ۽ اخلاقي تربيت جي لحاظ کان تمام اهم آهي. هڪ پاسي ته کيس ثبوتن ۽ روايتن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جي عادت پوندي آهي ۽ سندس طبيعت ۾ ڌيرج ۽ احتياط جو مادو ۽ معاملن کي تورڻ تڪڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي ۽ ٻئي پاسي (شرط آهي ته استاد صحيح طور تي رهنمائي ڪري) پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ مبالغي، تعصب، هروڀرو طرفداري ۽ غلط بيانيءَ کي ترڪ ڪري سچائيءَ جو احترام ڪرڻ سکندو آهي جيڪو اخلاقي ڪردار جو هڪ نهايت قابل قدر عنصر آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته اسڪول ۾ تاريخ جي تعليم سموري انهيءَ اصول تي نٿي ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته وقت ۽ وسيلن جي محدود هئڻ کانسواءِ تاريخ جا ڪيترائي باب اهڙا پڻ آهن جن ۾ هي طريقو استعمال نٿو ٿي سگهي. پر جديد اسڪول کي پنهنجي اصل اصول جي بنياد تي ان طريقي سان ۽ ان قسم جي سمورن فعالي طريقن مان (جيڪي تعليم ۾ جان وجهندا آهن) جيترو ٿي سگهي ضرور فائدو وٺڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح ڪنهن حد تائين تاريخ جي مطالعي ۾ پڻ هڪ علمي ۽ عملي ”مشغلي“ جهڙو شان پيدا ٿي پوندو ۽ شاگرد پاڻ پنهنجي ذاتي جدوجهد ۽ ذهني ڪوشش ذريعي علم حاصل ڪندا.

ڊرائنگ: خوديءَ جي اظهار جو موقعو

ان اصول جي وضاحت لاءِ اسان هڪ ٻئي درسي مضمون کي وٺون ٿا، جنهن جو مقصد علم حاصل ڪرڻ نه پر هڪ لاڀائتو هنر سکڻ آهي جنهن جي ذريعي ٻارن جي خوديءَ کي اظهار جو موقعو ملندو آهي ۽ کين خوشي ٿيندي آهي، يعني ڊرائنگ، اسڪول ۾ جيترا هنر سيکاريا ويندا آهن توڙي انهن جو تعلق لطيف فنن سان هجي يا دستڪاريءَ سان سڀني تي ٿوري گهڻي مٽا سٽا سان اهي ئي اصول لاڳو ٿيندا آهن جيڪي اسان ڊرائنگ جي سلسلي ۾ ٻڌائينداسين. ڊرائنگ جي تعليم جي رواجي طريقو اسڪولن ۾ هي رهيو آهي ته پهريائين ٻارن کي ٻن ٽن ليڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍي سؤليون شڪليون ڪڍڻ جي مشق ڪرائي ويندي آهي، پوءِ آهستي آهستي وڌيڪ ڏکيون شڪليون ٺاهيندا آهن. هر قدم تي استاد جي هيءَ خواهش هوندي آهي ته هو هڪ خاص مشق کي ايترو ته وري وري ڪرائي جو ٻار ان ۾ ماهر بڻجي وڃي ۽ ان کي سولائيءَ ۽ صفائي سان ٺاهي سگهي. ظاهري طرح اهو طريقو معقول لڳي ٿو ۽ ان رواجي اصول مطابق آهي ته تعليم ۾ ڏاڪي بڏاڪي ترقي ۽ منطقي ترتيب کي پش نظر رکڻ گهرجي. پر ٻارن جي نفسيات جي حوالي سان ان تي غور ڪجي ته اهو سراسر غلط آهي ڇاڪاڻ ته ان طريقي تي عمل ڪرڻ جو نتيجو هي نڪرندو آهي جو کين ڊرائنگ سان اهو ذوق پيدا نه ٿيندو آهي جيڪو ٿيڻ گهرجي. ٻارن تعليم ۾ ڊرائنگ (۽ ٻين اهڙن مضمونن) جي اهميت هيءَ آهي ته ان ۾ انهن جذبن ۽ خيالن جي اظهار جو موقعو ملندو آهي ۽ اهو اظهار هڪ ڏسڻ ۾ ايندڙ ۽ سهڻي شڪل ۾ ٿيندو آهي. هر ٻار ۾ فطرت جي طرف کان تعمير ۽ خوديءَ جي اظهار جو جذبو رکيل هوندو آهي. ۽ اسڪول جو فرض هيءَ آهي ته اهو ان جذبي جي نشونما ۽ تربيت ڪري، اهو انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن ٻار کي شروع کان وٺي آزاديءَ سان پنهنجي لاڙن جي اظهار جو موقعو ملي ته هو ڪاغذ تي رنگن يا پينسل جي مدد سان پنهنجي تاثرات کي ظاهر ڪندو آهي. شروع ۾ اهو اظهار تمام ڇڙواڳ ۽ بي ڍنگو هوندو آهي پر هوريان هوريان ان آزاد شغل ۾ کيس پنهنجي آڱرين جي حرڪت ۽ ڊرائنگ جي اوزارن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڊرائنگ کي آزاد ۽ وندرائيندڙ مشغلي بدران (جنهن ۾ ٻار کي پنهنجي اندرين ڪيفيتن کي خارجي شڪل ۾ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي) رڳي بي روح تقليد ۽ مشق تائين محدود رکيو وڃي ته هو ڊرائنگ کي هرگز خوديءَ جي اظهار جو اثرائتو وسيلو نه بڻائي سگهندا جيتوڻيڪ کين ڪن شين جي صحيح شڪلين ٺاهڻ ۾ پوري مهارت ڇونه حاصل ٿي وڃي. هو انهن شڪلين کي جن جي کين مشق آهي ٺاهي سگهندا پر انهن ۾ جدت ۽ انفرادي ذوق جي ڪابه جهلڪ نه هوندي. هو شين کي ڏسي انهن جا سٺا نقل ٺاهي سگهندا پر کين ان فن سان ايتري دلچسپي ۽ شوق نه هوندو جو هو اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ به ان کي پنهنجي واندڪائيءَ جي وندر بڻائين.

تنهنڪري جديد اسڪول ڊرائنگ جي تعليم ۾ پڻ انفرادي ڪوشش ۽ اظهار جي آزاديءَ جو قدر ڪري ٿو ۽ سمورن ٻارن کي هڪ ئي سانچي ۾ پلٽڻ کان پرهيز ڪندو آهي. ٻارن جي تعليم ۾ سڀ کان پهرين ضرورت آهي کين همت افزائيءَ جي، سندن شوق ۽ تجسس کي اڀارڻ جي، کين خوديءَ جي اظهار جو آزاديءَ سان موقعو ڏيڻ جي ۽ سندن طبعي لاڙي کي سندن رهنما بڻائڻ جي ته جيئن منجهن جيڪي تخليقي جذبا ۽ صلاحيتون آهن اهي زور شور سان ڪم ڪرڻ لڳن. بقول ڊاڪٽر بيلارڊ (Ballard) جي ته ننڍن ٻارن جي تعليم ۾ ”ڇانگ بدران ريج ڏيڻ“ جي ضرورت آهي. ٻارن جي اظهار جي طريقي ۾ نظم ضبط پيدا ڪرڻ ۽ عمل جي صحيح هئڻ تي اصرار ڪرڻ جو مناسب وقت اهو آهي جڏهن انهن جي شوق کي پر لڳي چڪا هجن ۽ هو سواءِ ڪنهن خارجي دٻاءَ جي، پنهنجي خوشيءَ سان رنگن ۽ شڪلين سان کيڏڻ شروع ڪن ۽ پاڻ ئي هي محسوس ڪن ته هن راند کي وڌيڪ بامقصد ۽ لاڀائتو بنائڻ لاءِ استاد جي هدايت ۽ پنهنجي صلاحيتن کي تربيت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن شروع کان ئي اسان عمل جي صحيح هئڻ خاطر يا وقت جي بچت جو خيال ڪري يا ڏيکاءُ وارا نتيجا جلد کان جلد حاصل ڪرڻ لاءِ رسمي مشق ۽ دهرائڻ تي زور ڏينداسين ته ٻارن جو اهو تخليقي جذبو ڪومائجي ويندو جيڪو هر قسم جي آرٽ لاءِ محرڪ جو ڪم ڏيندو آهي ۽ انساني شخصيت جو هڪ نهايت قيمتي عنصر آهي.

ذهني تربيت ۽ اؤسر جو هي نظريو جيڪو اسان هن باب ۾ پيش ڪيو آهي ان جو خلاصو هيءُ آهي ته ذهني تربيت ڪن مخصوص علمي مشقن ذريعي نٿي ٿي سگهي. ٻار جي دماغ ۾ اهڙيون متفرق ۽ بي ربط قوتون نه هونديون آهن جن جي تربيت خاص مضمونن ذريعي ڪئي وڃي. سندس جبلتن کي نشونما ڏيڻ ۽ انهن کي مرتب ڪري ذهانت کي سجاڳ ۽ عمل تي آماده ڪرڻ جو فقط اهو ئي طريقو آهي ته کين مختلف علمي ۽ عملي مشغلن ۾ لڳايو وڃي جن جي تڪميل دوران سندن پيچيده مسئلن ۽ ڏکيائين سان پالو پوي ۽ ڪنهن مقصد کي آڏو رکي کين پنهنجي قوتن (صلاحيتن)، وسيلن ۽ ذريعن کي منظم ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي.

ذهني تربيت لاءِ ذهني ڪوشش ۽ جدوجهد اڻٽر آهي. جيڪڏهن نصاب رڳو منطق جي لحاظ کان مرتب ڪيل سبقن جو مجموعو هوندو ۽ تعليم جي طريقي ۾ تجربي، فعاليت ۽ عمل کي اهميت نه ڏني ويندي ته شاگردن جي دماغي تربيت هرگز نه ٿي سگهندي. ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي شاگرد غير معمولي يادگيري ۽ حافظي جي مدد سان تمام گهڻي معلومات حاصل ڪري وٺن ۽ انهن ۾ هڪ قسم جي ”علميت“ جو شان نظر اچڻ لڳي، پر اها ذهني سجاڳي جيڪا کين معاملن کي سمجهڻ ماحول مان لاڀ پرائڻ ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، جيڪا علم کي عمل ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي ۽ حاصل ڪيل ڄاڻ جو واهپو سيکاريندي آهي تيستائين پيدا نه ٿيندي جيستائين اسان اسڪولن جي سموري ڪارونهوار کي انهن اصولن تي ٻيهر مرتب نه ڪنداسين جن جي تشريح اسان هن باب ۾ ڪئي آهي. علم جو خزانو جيستائين عمل جي سرچشمي مان اٻري موجن ڀريو درياءُ نٿو بڻجي تيستائين زندگيءَ جي پوک کي سيراب نٿو ڪري سگهي. دماغ کي خشڪ معلومات جو ذخيرو بڻائڻ جو نالو تعليم ناهي. بقول غالب

رگون مين دوڙنـﻶ پهرنـﻶ کـﻶ هم نهين قائل

جو آنکهہ هي سـﻶ نہ ڻپکا تو پهر لهو کيا هـﻶ؟


 

 

باب چوٿون

 

 

 

جسماني

تربيت

جديد تعليم اسڪولن ۾ جيڪي مختلف تبديليون آنديون آهن انهن ۾ هڪ نهايت اهم تبديلي جسماني تربيت جي نظريي جي آهي. هاڻي اها ڳالهه ٻيهر مڃي وئي آهي ته انسان جي مڪمل تربيت تيستائين ممڪن ناهي جيستائين سندس جسم جي مناسب سار سنڀال ۽ نشونما جو بندوبست نه ڪيو وڃي ۽ کيس ذهني ۽ روحاني عملن لاءِ هڪ چست خادم ۽ مفيد آله ڪار نه بڻايو وڃي. اسان ”ٻيهر“ جو لفظ تنهنڪري استعمال ڪيو آهي ته تقريباً سمورا ملڪ ۽ سموريون تهذيبون هڪ اهڙي دؤر مان گذري چڪيون آهن جڏهن جسم جي اهميت پوريءَ طرح محسوس ڪئي ويندي هئي ۽ ان جي سار سنڀال جو باقاعدي بندوبست هوندو هو.

جسماني تربيت جو تهذيبي پسمنظر

قديم يوناني تعليم ۾ جسماني تربيت کي اها ئي اهميت حاصل هئي جيڪا عقلي ۽ اخلاقي تربيت کي. جمناسٽڪ (جسماني ورزش) ۽ موسيقي يوناني تعليمي نظام جا ٻه اهم ترين عنصر شمار ٿيندا هئا. يونانين جو عقيدو هيو ته جيستائين جسم جي مڪمل ۽ هم آهنگ نشونما نه ٿيندي انساني ڪردار ۾ پختگي نه ٿي اچي سگهي. ارسطوءَ جو هي نظريو هو ته انسان جي شخصيت هڪ مڪمل وحدت آهي جنهن جا ٻه پهلو آهن:- جسم ۽ دماغ ۽ انهن ٻنهي جي تربيت هم آهنگ ٿيڻ گهرجي. تنهنڪري ئي يونانين جسماني تربيت کي پڻ هڪ لطيف فن بڻائي ڇڏيو هو ۽ انهن جي نظر ۾ هڪ مريض يا ڪمزور يا بي ڍنگو ماڻهو به ايترو ئي ذليل هيو جيترو هڪ جاهل ۽ بيوقوف ماڻهو! قديم روم ۾ به جسماني تربيت جي اهميت تسليم ڪئي ويندي هئي پر رومين وٽ، خاص ملڪي حالتن جي ڪري ان جو مقصد ڪجهه ٻيو ٿي ويو هو يعني اها عام انساني تربيت جو جزو نه سمجهي ويندي هئي بلڪه اها تندرست شهرين کي ڪامياب ۽ جنگجو سپاهي بنائڻ جو ذريعو بڻجي وئي هئي. قديم هندو تهذيب ۾ هڪ حد تائين جسماني تربيت جي ضرورت جو احساس موجود هيو تنهنڪري کترين لاءِ جسماني ۽ فوجي ورزش لازمي قرار ڏني وئي هئي. انهن وٽ سوسائٽي مختلف طبقن ۾ ورهايل هئي ۽ هر هڪ طبقي لاءِ جدا تربيت تجويز ڪئي وئي هئي يعني برهمڻن لاءِ مذهبي ۽ ذهني کترين لاءِ جسماني ۽ فوجي تربيت ۽ وئشن لاءِ ڪاروباري. ان نظام تعليم ۾ جيڪڏهن وضاحت سان نه ته ضمني طور جسم ۽ دماغ کي هڪٻئي جي ابتڙ تسليم ڪيو ويو آهي جنهن کي موجوده نظام تعليم رد ڪري ڇڏيو آهي. وچين دؤر ۾ جڏهن يورپ ۾ جاگيرداري نظام جو زور هيو تڏهن اتي پڻ ان قسم جي ورڇ رائج هئي. هڪ طرف ته روحاني رياضت ڪندڙ راهبن جي تعليم هئي جنهن ۾ نه رڳو جسماني تربيت کي نظر انداز ڪيو ويندو هو بلڪه جسماني خواهشن ۽ ضرورتن کي پڻ دٻائڻ جي ڪوشش ٿيندي هئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اصولي طرح مڪمل ڌيان دماغي ۽ روحاني تربيت تي ڏنو ويندو هو، ٻئي طرف جنگجو سورمائن جي تعليم هئي جنهن ۾ ذهني تربيت کي تقريباً بلڪل نظر انداز ڪري سمورو وقت جسماني تربيت ۽ فوجي ورزش تي خرچ ٿيندو هو. اسلامي تهذيب ۾ شروع کان وٺي جسماني تربيت جي اهميت هڪ مڃيل اصول سمجهيو ويو. پهرين ته اسلام جي واڌ ويجهه هڪ اهڙي مخالف ماحول ۾ ٿي هئي جو مسلمانن کي شروع کان ئي پنهنجي زندگيءَ جي بقا لاءِ جنگ جهيڙو ڪرڻو پيو، جنهن ڪري کين جنگي شين کان واقف ٿيڻ ۽ پنهنجي جسماني طاقت کي قائم رکڻ ضروري هيو، ٻيو ته مذهب جي حيثيت سان پڻ اسلام روح ۽ جسم جي تضاد جو قائل ناهي بلڪه ٻنهي کي هڪٻئي جو ڀاڱي ڀائيوار سمجهي ٿو، تنهنڪري جيستائين اسلامي تهذيب جي عروج جو دؤر رهيو، مسلمانن ڪڏهن به جسماني تربيت کي حقير ۽ ذليل نه سمجهيو، البت جڏهن زوال جو دؤر آيو ۽ تعليم تنگ ذهن مذهبين جي هٿ ۾ اچي وئي ته ان جسم ۽ روح جي پراڻي ابتڙ واري نظريي کي ٻيهر زنده ڪيو ۽ ماڻهن کي هيءَ تعليم ڏني ته کين جسم طرف ڌيان نه ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو نفساني خواهشن جو گهر آهي ۽ روحاني ترقيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ آهي، پر ان جي باوجود هندستان جي ابتدائي مسلم دؤور ۾ صحتمند ورزشون ۽ رانديون مثال طور ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، تلوار بازي ۽ نيزي بازي خوشيءَ سان کيڏيون وينديون هيون ۽ جزوي طور اڃا پڻ رائج آهن، پر زوالپڻي جي دور ۾ درٻارين ۽ اميرن ۽ انهن جي پوئواريءَ ۾ عام ماڻهن به مرداڻيون رانديون ڇڏي ڪڪڙ ۽ تتربازي، پتنگ بازي ۽ ڳوٽ بازي کي محبوب مشغلو ۽ راند بڻائي ڇڏيو. وري جڏهن انگريزي تعليم اسان جي ملڪ ۾ رائج ٿي ته ان وقت صورتحال هيءَ هئي ته مذهبي جماعتن ۽ عالمن تعليم کي رڳو مذهبي علمن تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ جسماني تربيت جي پاسي کان هو نه رڳو بي پرواهه بلڪه ان جا مخالف هئا ۽ عام طور تي مردانه ورزشن ۽ راندين جو رواج ختم ٿي چڪو هو ۽ انهن کي فضوليات ۽ لهو لعب جو درجو ڏنو ويو هو جيڪو پڌري زوال پسنديءَ جي نشاني آهي. ان جو نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو نڪرڻ گهرجي ها. يعني ماڻهن خاص طور تي شهري ماڻهن جي صحت ۽ جسماني حالت خراب ٿيڻ شروع ٿي ۽ ان جو ڪو بروقت تدارڪ نه ٿي سگهيو.

مغربي ملڪن ۾ پڻ ڪن حالتن ڪري ارڙهين صديءَ ۾ ساڳي صورتحال پيش آئي هئي ۽ عام ماڻهن جي جسماني صحت  تمام خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي. جيڪڏهن ان خرابيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب اپاءَ نه ورتا وڃن ها ته اتان جي حالت اسان جي ملڪ کان به بدتر ٿئي ها. اسان لاءِ انهن حالتن جو مطالعو فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان اسانجي پنهنجن مسئلن تي پڻ روشني پوي ٿي. انگلستان ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صنعت ۽ حرفت جي نظام شروع ۾ عوام جي زندگيءَ تي تمام انقلابي اثر وڌو هو، جنهن ڪري اڪثر ماڻهن زراعت ۽ پوکي راهي ڇڏي ڪري ڪارخانن ۽ صنعت ۽ حرفت جي وڏن وڏن مرڪزن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. صفائي ۽ آبهوا جي لحاظ کان انهن لاءِ هي ماحول نهايت هاڃيڪار هيو ۽ ان ۾ سندن تندرستي ڪنهن طرح قائم نه پئي رهي سگهي. کليل هوا ۽ فطرت جي صحت افزا ماحول ۾ ڪم ڪرڻ بدران هو سڄو ڏينهن ۽ ڪڏهن سڄي رات سوڙهن ۽ اونداهن گهرن ۽ ڪوٺڙين ۾ بند رهندا هئا. ڪم جي نوعيت پڻ اهڙي هئي جيڪا انهن جي جسماني، صحت، اعصاب ۽ نظر بلڪه سندن دماغي صحت لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿيندي هئي. ۽ گڏوگڏ عورتون ۽ ٻار پڻ ان مصيبت ۾ مبتلا هئا ۽ اهڙيءَ ريت نئين نسل جي صحت خراب ٿيندي ويندي هئي. ان انقلاب جو هڪ نتيجو هي پڻ نڪتو ته ماڻهو ٻهراڙين ۽ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ رهڻ بدران صنعتي علائقن ۾ اچي رهيا ۽ اتي آباديءَ جي ايتري ته گهڻائي ٿي جو رهڻ لاءِ مناسب گهر نه پئي مليا. ان جو اثر عام صحت ۽ اخلاقي حالت تي تمام خراب پيو. بقول ڪرشن سٽائنر (Kershensteiner)  جي:

”هن زماني ۾ شهرن ۾ هزارين، لکين ماڻهو نه رڳو فطرت جي پراسرار زندگيءَ کان اڻ ڄاڻ ۽ بي تعلق رهن ٿا بلڪه سندن جسماني صحت، طاقت ۽ اخلاقي ضابطي جي سگهه پڻ ضايع ٿي وڃي ٿي.“

شروعات ۾ ماڻهو صنعت ۽ حرفت جي نئين بلندين ۽ مادي ترقيءَ جي دٻدٻي ۽ جادوئي اثر ۾ ايتري قدر مبتلا هئا جو انهن ان جي تباهه ڪندڙ نتيجن جي بلڪل پرواهه نه ڪئي، پر هوريان هوريان ان جا مجموعي اثر وڌيا جو ماڻهن کي ان ڏانهن ڌيان ڏيڻو پيو. خاص طور تي جنهن زماني ۾ فوجي حڪمران بوئرن سان جنگ لاءِ والينٽيئر ڀرتي ڪري رهيا هئا ته کين هي اندازو ٿيو ته قوم جي صحت ۽ جسماني طاقت بلڪل تباهه ٿي وئي آهي. ان صديءَ جي شروعات ۾ هڪ شاهي ڪميشن مقرر ڪئي وئي جنهن جو ڪم هي هيو ته اها جسماني تربيت جي مسئلي تي غور ڪري پنهنجون تجويزون پيش ڪري. ان ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي صحت ۽ طاقت قائم رکڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي جسماني تربيت جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ ٻارن جي طبعي چڪاس ۽ علاج جو بندوبست پڻ نهايت ضروري آهي.

طبي چڪاس جو انتظام ڪرڻ سان هڪ هي فائدو ٿيو ته انگلستان جي اسڪولن ۾ هينئر اهي بيماريون نه ٿيون ڏسجن جيڪي اڳ ٻارن ۾ گهڻيون هيون ۽ انهن جي جسماني ۽ دماغي تربيت ۾ رڪاوٽ بڻيل هونديون هيون مثال طور اک، ڪن، نڪ ۽ ڳلي جون بيماريون. پهريائين ته عام حالت ۽ ماحول جي درستيءَ سبب هي بيماريون پيدا ئي گهٽ ٿينديون آهن ۽ جيڪڏهن ٿينديون به آهن ته انهن ڏانهن تڪڙو ڌيان ڏنو ويندو آهي، پر تعليمي عملدارن رڳو ان طبي بندوبست تي قناعت نه ڪئي بلڪه اڳواٽ احتياط کي علاج کان بهتر سمجهيو ۽ ڪيترائي اهڙا وسيلا اختيار ڪيا جن جي ذريعي ٻارن جي صحت بهتر ٿي سگهي ۽ سندن جسماني نشونما ۾ ڪي رڪاوٽون نه پئجي وڃن. تنهنڪري هوريان هوريان اسڪولن جي نظام ۾ صحت جي حفاظت جو بندوبست شامل ڪيو ويو. ملڪ ۾ هنڌين ماڳين ٻارن جا صحت گهر قائم ڪيا ويا. غريب شاگردن جي کاڌي خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو. راندين ۽ ورزشن لاءِ ميدان مهيا ڪيا ويا. ننڍن ٻارن لاءِ تربيت گاهه ۽ مريضن لاءِ کليل هوا وارا اسڪول قائم ڪيا ويا جن ۾ دستڪاري، ورزش ۽ صحت بخش مشغلن کي ڪتابي تعليم جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي.

ان ترقيءَ ۾ فقط اسڪولن جو نه پر صحت جي حفاظت وارن حڪومتي قانونن ۽ ڪارخانن وغيره جي ماحول جي درستيءَ جو پڻ عمل دخل آهي. پر ان ۾ شڪ ناهي ته اسڪولن ۾ علمي ۽ عملي تعليم جي اثر، راندين تي زور ڏيڻ ۽ ٻارن کي کليل هوا ۾ رکڻ سبب ۽ جسماني مرضن ۽ ڪمزورين جي مناسب سار سنڀال ۽ روڪ ٿام جي ڪري انگريزن باوجود صنعت ۽ حرفت جي ناساز ماحول جي پنهنجي قوم جي جسماني حالت کي نه رڳو سنڀالي ورتو آهي بلڪه ان ۾ لڳاتار ترقي پڻ ٿي رهي آهي ۽ ساڳيو حال ٻين ترقي يافته ملڪن جو آهي جن جسماني تربيت جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان لاءِ مناسب اپاءَ ۽ ذريعا اختيار ڪيا آهن.

جسماني تربيت جي ضرورت

پر هن دور ۾ جڏهن ٻين ملڪن ۾ لڳاتار ترقي ٿي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ ماڻهن جي صحت بد کان بدتر ٿي رهي آهي، ان پاسي نه پبلڪ جوڳو ڌيان ڏنو آهي ۽ نه حڪومت. ان ڪري ئي ان شديد خطري جي تدارڪ جو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو آهي. اسان جي آڏو ڪنهن تعليمي ڪميشن جي تحقيقات جا نتيجا ۽ انگ اکر موجود نه آهن جن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي سگهي ته قوم جي جسماني حالت ڇا آهي، پر تجربي ۽ مشاهدي جي ثابتي ۽ باخبر ماڻهن جي راءِ ان بابت ايتري قدر چٽي آهي جو اسان کي انگن اکرن جي ضرورت ناهي. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ صنعت ۽ حرفت جا هاڃيڪار نتيجا ايتري حد تائين ظاهر نه ٿيا آهن جيترا مغرب ۾ ٿيا هئا ۽ اسان وٽ اڃا به ملڪ جي اڪثر آبادي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ رهي ٿي ۽ پوکي راهيءَ ۾ رڌل آهي، پر قومي صحت جو زوال لڳاتار جاري آهي. ٻهراڙين جي صحت جي خرابيءَ جو سبب گهڻو ڪري انهن جي جهالت ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي طريقي جي گندگي آهي، جنهن ڪري منجهن روزانو بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ ٻارن جي صحت عام طور تي خراب رهي ٿي. پر شهرين ۽ عام طور تعليم يافته طبقي جي صحت جي خرابيءَ جي ذميداري اسڪولن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي. عام طور تي جيڪي شاگرد هاءِ اسڪول يا ڪاليج مان فارغ ٿي نڪرن ٿا انهن جي صحت بلڪل خراب ٿي ويندي آهي. پيلو رنگ، اندر ٿي ويل اکيون، وقت کان اڳ ضعيفيءَ جا آثار، بدن ۾ رت جي کوٽ، پست همتي، اداسي ۽ محنت ۽ هٿ سان ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ، زندگيءَ جي مقابلن ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڍرائي اهي سموريون ڳالهيون روزانو اسان جي مشاهدي ۾ اچن ٿيون. جسماني نشونما جي معطل ٿي وڃڻ سان قومي ڪردار ۽ ذهانت تي جيڪو تباهه ڪندڙ اثر پيو آهي ان جو پورو اندازو لڳائڻ تمام ڏکيو آهي. جنهن ڪري برداشت ۽ زندگيءَ جي سگهه (جنهن کي برٽنڊرسل انساني ڪردار جو لازمي جزو قرار ڏئي ٿو) اسان جي قوم ۾ تمام گهٽجي وئي آهي ۽ اسان جي قوم ۾ اها صلاحيت ناهي رهي ته هو وڏن وڏن ڪمن کي همت ۽ حوصلي سان ڪن ۽ کين راهه ۾ جيڪي ڏکيائون پيش اچن انهن کي خوش دليءَ ۾ ڦڙتيءَ سان برداشت ڪن. موجوده زندگي سمجهه ۽ جفاڪشي گهري ٿي ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ لاءِ حوصلو ۽ مستقبل مزاجي شرط آهي. انهن سمورين وصفن جي تربيت جو هڪ اهم جزو جسماني نشونما ۽ صحت آهي. جيڪڏهن ماڻهن جي صحت عام طور تي خراب هوندي يا انهن ۾ جسماني سگهه نه هوندي ته هو ڏکيائين جو مقابلو نه ڪري سگهندا ۽ انهن جي آڏو همت هاري ويهندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو پنهنجي قوت اراديءَ کي ايتري قدر مضبوط ۽ پنهنجي عزم کي ايتريقدر اٽل بڻائي جو جسماني ڪمزوريءَ جي باوجود به پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهي، پر ائين فقط خاص صورتن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. عام ماڻهن لاءِ جسماني تربيت اڻٽر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com