سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :15

”مڪتب ۾ پهرين سال کان پوءِ جڏهن ٻار لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪندو هو، تڏهن هن کي پهرين پهرين قرآن شريف سواءِ معنيٰ جي) سيکاريو ويندو هو. هن عمر ۾ ٻار جي تربيت آهستي آهستي ٿيندي هئي. جڏهن هو نون سالن جو ٿيندو هو، تڏهن هن کي مادري زبان يعني سنڌيءَ جي اڀياس لاءِ هڪ ڏاڪو اڳتي ٽپايو ويندو هو. ان لاءِ هيٺيون نصاب پڙهايو ويندو هو:

1. نور نامو هي هڪ آسان ۽ مختصر منظوم ڪتاب آهي جنهن ۾ انسان ذات جي پيدائش کان اڳ جي تاريخ بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب عبدالرحمان جو جوڙيل آهي. هن ۾ ڌار ڌار پيغمبرن جون چوڻيون ۽ اسلام جي پيغمبر ﷺجن جي مختلف حديثن کي گڏ ڪيو ويو آهي.

2. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون تصنيفون ۽ تفسير جي شروعات:

مخدوم صاحب جا ڪتاب جهڙوڪه فرائض الاسلام، وصيت نامو، ذبح شڪار عرف راحة المؤمنين، بياض هاشمي، تفسير تبارڪ، تفسير عم، زادالفقير، تهذيب الاصلاح، فتح الڪلام ۽ حيات القلوب.

3. نظم ۽ نثر ۾ آکاڻيون- جهڙوڪ: سيف الملوڪ ۽ ليليٰ مجنو وغيره سڀ کان اهم ڪتاب حڪايات الصالحين آهي، جيڪو عبدالحڪيم نالي ڪنهن عالم عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون آيل آهن، اهي هي آهن: سوانح عمريون ۽ اسلامي دؤر جي مشهور درويشن جون چوڻيون وغيره.

4. لاڏاڻو_ هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن جي وفات جو بيان آهي، هي ڪتاب ميان حبيبب الله جي ڪتاب ”حبيب سيار“ جو ترجمو آهي.

5. معراج نامو_ هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي معراج تي وڃڻ واريءَ حقيقت جو ذڪر آهي.

6. سؤ مسئلا_ هي هڪ ننڍو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن عبدالحڪيم نالي هڪ فقير، روم جي بادشاهه جي ڌيءَ سان، سؤ سالن جي جواب ڏيڻ واري شرط کٽڻ ڪري، شادي ڪئي.

حاصل مطلب ته انگريزي راڄ جي شروعات کان اڳ، سنڌي زبان نه صرف تعليمي ۽ تدريسي زبان طور ڪم ايندي هئي، نه فقط مدرسن ۾ ذريعه تعليم طور ڪم ايندي هئي پر هن زبان ۾ تمام وڏا وڏا اديب، عالم ۽ شاعر موجود هئا جن پنهنجي ڪلام ذريعي، جن پنهنجن عالمانه شهپارن ذريعي، سنڌي زبان کي علمي ۽ ادبي زبان جي مقام ۽ معيار تي پهچائي ڇڏيو هو. انهن ۾ سچل سرمست، ميان سرفراز خان، ثابت علي شاهه، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، سامي، دلپت ۽ روحل جا نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا. نه فقط ايترو پر سنڌي زبان رومز جي وهنوار کان سواءِ واپاري ڏيتي ليتيءَ واري لکت جو ذريعو پڻ هئي. خواجه، ميمڻ ۽ هندو واپاري هن زبان کي پنهنجي پنهنجي رسم الخط جي مدد سان واپاري لکپڙهه ۽ ڏي- وٺ ۾ روزانو ڪم آڻيندا هئا.

سنڌي زبان جي مٿي بيان ڪيل خوبين ۽ مقام کي انگريز حڪمرانن پڻ قبول ڪيو ۽ هن زبان کي سنڌ صوبي جي سرڪاري، علمي، ادبي ۽ ڪورٽ جي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪرڻ جو درجو ڏنو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سرجارج ڪلرڪ هڪ حڪم نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ۽ سرڪاري ٻولي بنايو وڃي. (1)

”اسان کي ملڪي ٻوليءَ (سنڌي) کي دفتري ٻولي بنائڻ گهرجي. مون کي خبر نٿي پوي ته اسان جا روينيو ۽ عدالتي کاتن جا عملدار، فارسي ۽ انگريزيءَ جهڙين  غير ملڪي ٻولين ذريعي ڪيئن ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري سگهندا هوندا. انهيءَ سلسلي ۾ سڀني سول ڪامورن کي ارڙهن مهينن جو مدو ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن. اهڙن ڪامورن کي ليفٽنيننٽ اسٽئڪ جي ڊڪشنري وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿي، جنهن جي ڇپائڻجي هُن کي اجازت ڏني وڃي.“ (2)

انگريزي دؤر ۾ سنڌي زبان لاءِ سرڪاري طور هڪ صورتخطي مقرر ٿيڻ ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي وڏو فائدو رسيو. سنڌ ۾ ڇاپخانا نڪتا، جنهنڪري سنڌي زبان ۾ رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب گهڻي تعداد ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا، جن ۾ نثر توڙي نظم جي گهڻو ڪري هر صنف اچي ٿي وئي.

هن دؤر ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن، دنيا جي بهترين تصنيفن ۽ اعليٰ معيار وارن مصنفن کي، سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، هنن انگريزيءَ، فرينچ، جرمن، روسيءَ، عربي، فارسي، ترڪيءَ، هنديءَ، بنگاليءَ، سنسڪرت، گجراتيءَ، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل اعليٰ پايه جا ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهن ۾ مهاڀارت، رامايڻ، گيتا. انجيل، زبور، توريت ۽ قرآن پاڪ جهڙن ديني، ڌرمي ۽ مقدس ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس وٺايو. دنيا جي مشهور مفڪرن، اديبن ۽ عالمن جهڙوڪه ٽالسٽاءِ، رومي، ڪاليداس، ٽئگور، حافظ شيرازي، خليل جبران، سعدي، خيام، شيڪسپيئر، ڊانٽي، والٽر اسڪاٽ، ڪانن ڊائيل، ڊڪنس، ڪارلائل، ايسن، بيڪن، ميڪاولي، ۽ ٻين عظيم مغربي ۽ مشرقي دانشورن، اديبن، عالمن، فاضلن  جا فلسفيانه خيال ۽ ويچار، ۽ ناول نويسن ۽ ڊراما نگارن جا ناول ۽ ڊراما، افسانه نگارن جا افسانا ۽ اهڙي طرح مضمون، شعر ۽ ٻيو مواد سنڌيءَ ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح پيغمبر ﷺ اسلام کان وٺي حضرت عيسيٰ عليہ السلام، حضرت موسيٰ عليہ، حضرت ابراهيم عليہ السلام توڙي ٻين پيغمبرن کان سواءِ خلفاءِ راشدين، امامن، اصحابن، ولين ۽ درويشن جا احوال به سنڌي زبان ۾ ڇپايا ويا. مطلب ته سنڌي نثر ۾ شري ڪرشن، شري رامچندر، مهاتما گوتم ٻڌ، گرو ناڪ، ڪبير، ميرا ٻائي، ابن خلدون، بو علي سينا، امام غزالي، توڙي ٻين فيلسوفن، حڪيمن، عالمن ۽ سالڪن جي حياتين جا ڪارناما پڻ ڇپايا ويا آهن.

حاصل مطلب ته انگريزي دؤر ۾ دنيا جي مشهور ٻولين ۽ نامور اديبن ۽ شاعرن جون نامور تصنيفون سنڌي زبان ۽ سنڌي  ادب جو حصو بڻجي ويون.

آزاديءَ کان پوءِ ته سنڌي زبان ۾ هيڪاري وڌيڪ ترقي آئي آهي. ۽ موجوده وقت جي ادب کي ڏسندي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ٻوليءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهي ٿي. هن زبان ۾ هر قسم، هر مضمون ۽ هر موضوع تي مواد ميسر آهي. ٻوليءَ ۾ وسعت سبب اُن جي شاعرن، اديبن، عالمن ۽ فاضلن ان کي موجوده وقت هر علم ۽ فن ۾ پنهنجي اظهار جو وسيلو بنايو آهي. موجوده وقت دنيا جي بين الاقوامي مسئلن کي به سنڌي زبان ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي شاعرن جو ڪلام، سنڌي ناول ۽ افسانا، ايشيا، يورپ، آفريڪا ۽ آمريڪا جي سڌريل ٻولين جهڙوڪه: انگريزي، جرمن، اطالوي، روسي، چيني، هندي ۽ اردو وغيره ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.

هلندڙ دؤر ۾ شاعرن ۽ اديبن مختلف موضوعن ۽ مضمونن آهر سنڌيءَ ۾ نوان نوان لفظ گهڙيا ۽ جوڙيا آهن. مختلف شعبن ۾ ماهرن فني اطلاعن کي سنڌي ويس وٺايو آهي. زراعت، اقتصاديات، علم طبعي، علم ڪيميا، علم ارضيات، علم الانسان توڙي اهڙن ٻين مضمونن جا فني اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جو روپ وٺي چڪا آهن.

انهن سڀني خوبين ۽ خصوصيتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو ماضي شاندار، حال ترقي پذير ۽ مستقبل وڌيڪ روشن نظر اچي ٿو. هن سلسلي ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي راءِ تجربي واري ۽ معلوماتي آهي. پير صاحب لکي ٿو:

”سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم اهڙي زور شور سان، اسان جي ڏسندي ڏسندي شروع ٿيو، ۽ جيڪي ڪجهه اڄ تائين ٿي چڪو آهي، سو حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته آزاد پاڪستان اندر جيترو علمي ۽ ادبي ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اوترو ٻيءَ ڪنهن به مقامي زبان ۾ ڪونه ٿيو آهي. زيور هر ڪا پائي پر ڪا زيور ٺمڪائي به ته ڏيکاري! سنڌي اهل قلم حضرات بلڪل ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. خدا کين نظر بد کان بچائي ۽ سندن هستيون ڪري. هنن ملڪ جي وڏي علمي خدمت جڏهن ميان محمد حنيف صديقي يا ڊاڪٽر دائود پوٽو يا آءٌ ڌڪا ٿاٻا کائيندا. ڪتاب ڳولهيندا، ڳنهندا، ڇپائيندا، اوڌر تي وٺندا  پئي وياسين، تڏهن اسان کي هي خواب خيال به ڪونه هو ته اسان جن پنهنجن مان ڪو اهڙو نسل پيدا ٿيندو جو سمورو اباڻو لساني، ورثو ۽ خزانو ڳولهي ڦولهي، هٿ ڪري، هميشہ لاءِ محفوظ ڪري وٺندو. اسان جي ابتدائي ڏينهن ۾ اڪثر ماڻهن کي ناٽڪي گانن جو شوق هندو هو. ڪنهن کي اها اميد هئي ته اهي ساڳيا ماڻهو، چچ نامو، معصومي، طاهري، تحفة الڪرام، بيگلار نامو ۽ مڪلي نامو، وغيره جهڙن خشڪ ڪتابن ڏانهن مڙي پوندا، يا پنهنجن زنده جاويد املهه ماڻڪ ساعرن کي ڳولهي، انهن جي ٻولي ٻولڻ لڳندا؟ شاعرن جو ذڪر ڇڙيو آهي ته منهنجي هيءَ ڳالهه ٻڌي ڇڏيو ته مان هن زماني ۾ اهڙا شاعر به ڏسان ٿو، جن جو ڪلام ڪنهن ڏينهن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام سان ڪلهو گسائيندو نظر ايندو.“

سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهي، جيئن انگريز اديبن، انگريز حڪومت جي ابتدائي دؤر کان وٺي، ان کي پڙهڻ، ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرائڻ شروع ڪئي، تيئن آزاديءَ کان اڳ يا ان کان پوءِ امريڪا، يورپ ۽ روس جي عالمن، اديبن ۽ محققن، جديد علم جي روشنيءَ ۾، ان جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. برطانيه جي لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز، فرانس جي پئرس واري سوربو يونيورسٽيءَ، امريڪا جي پينسلوانيا، ٽيڪساس ۽ هاروڊ يونيورسٽيءَ ۾ ۽ اُن کان پوءِ فنلئنڊ جي شهر هيلڪنسڪيءَ ۾ سنڌي زبان تي لسانيات جي جديد علم جا ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ جي بان (Bon) يونيورسٽيءَ جي مشهور ماهر، فاضل ڊاڪٽر ائنيمري شمل نه صرف سنڌي زبان تي مهارت رکندي هئي، پر هن لطيف ۽ سچل تي بيشمار مقالا ۽ ڪتاب لکيا. اهڙيءَ طرح اٽليءَ ۾ ڊاڪٽر تربياني، ماسڪو ۾ رايا ايگوراوا ۽ پروفيسر گنڪو وسڪي، سنڌي زبان جا ماهر ليکجن ٿا. اهي حقيقتون ۽ نقطا ثابت ٿا ڪن ته سنڌي زبان جي علمي، ادبي ۽ لسانياتي حيثيت دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪي آهي. ۽ هن زبان جو مستقبل گهڻو روشن آهي. هن ڳالهه لاءِ هي به بيان ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي زبان جي تخليقي ۽ تحقيقي ادب ۾ غير ملڪي اديبن ۽ ماهرن پڻ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آهي. بان، لنڊن، واشنگٽن، هونولولو، هارورڊ، ماسڪو، ٽوڪيو، بيجينگ، فرئنڪ فرٽ، هيلسنڪي وغيره ۾ انهن ملڪن ۽ شهرن جي اديبن ۽ شاعرن سنڌي زبان ۾ لکيل افسانن ۽ شاعري جو ترجمو ڪيو آهي.

موجوده دؤر جو افسانو، ناول، ڊرامو، مضمون، گيت توڙي نظم، دوها، وائيون، ڪافيون، ۽ غزل سنڌ ۽ سنڌي زبان جي روشن مستقبل جي بشارت ڏين ٿا. موجوده دؤر ۾ لکيل ادبي صنفون انگريزي، فرينچ، جرمن ۽ يورپ جي ٻين ترقي يافته زبانن ۾ لکيل صنفن وانگر معياري آهن. انهيءَ ڪري ايندڙ زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي روشن مستقبل لاءِ وڏيون اميدون رکي سگهجن ٿيون.

سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جون، پنهنجن بزرگن، نيڪ مردن، سياڻن ۽ سرويچن، اديبن ۽ عالمن، اُنهن جي سوچ ۽ ساڃاهه جون، سندن آسن ۽ اُميدن، سندن اُمنگن ۽ جذبن، سندن ڪوشش ۽ ڪاوشن جون ڳالهيون بيان ٿيل آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ شناسيءَ جي سلسلي ۾ سوين مضمون، مقالا ۽ نوان ڪتابڙا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهن ۾ سنڌي ادب ۾ مختلف صنفن ۾ نون موضوعن ۽ مضونن، بلند تخيل، ٻوليءَ ۾ پختگي، لفظن جي فراواني ۽ وسعت آهي. اڄ جو نثر توڙي نظم دلپسند آهي. اڄ جو پڙهندڙ اُنهن ۾ پنهنجي پسند ۽ پنهنجي دؤر ۽ ماحول جون ڳالهيون ڏسي ٿو. هر پڙهندڙ اڄ جي ادب ۾ بيان ڪيل موضوع يا مضمون، ڇيڙيل ڳالهين ۽ نڪتن کي پنهنجون ڳالهيون ۽ پنهنجا نڪتا، پنهنجي دؤر جون ڳالهيون ۽ حقيقتون، پنهنجي ماحول ۽ سماج جون ڳالهيون، پنهنجن سهيوڳين ۽ همعصر ماڻهن جون ڳالهيون سمجهي، گهڻي چاهه سان انهن کي پڙهي ٿو. اهوئي سبب  آهي جو هر طبقي ۾ هاڻ سنڌي زبان ۾ ڇپيل مواد جي مطالعي جو شوق وڌيل آهي.

هن زبان ۾ وقت جي گهرجن ۽ ضرورتن  کي سامهون رکندي، سماجي علمن ۽ ٻين موضوعن طرف ڌيان ڏنو ويو آهي. هن سلسلي ۾ علم اقتصاديات، علم سياسيات، علم تاريخ، علم سماجيات ۽ ٻين علمن تي اصلوڪن ڪتابن لکڻ ۽ ٻين زبانن ۾ ڇپيل معياري ڪتابن جي ترجمي جو ڪم جاري آهي.

سنڌ جي تاريخ تي بهترين ڪم ٿيو آهي ۽ اڃا ٿي رهيو آهي. ڪيترائي اعليٰ معيار وارا تاريخي مقالا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ٻين سائنسي علمن کان سواءِ لسانيات جي علم تي به اطمينان بخش ڪم ٿيو آهي.

حاصل مطلب ته هن وقت تائين سنڌي زبان پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪي آهي. هن ٻوليءَ ۾ نظم توڙي نثر ۾ گهڻو ڪري هر موضوع ۽ مضمونن تي لکيو ويو آهي. منجهس هر قسم جو مواد ملي ٿو. غزل، ڪافيون، نظم، گيت، وائيون، دوها ۽ بيتن کان سواءِ افسانا، ناول، ڊراما، قصا، ڪهاڻيون، سائنسي علوم، حڪمت، فلسفي، تاريخ جا جلد، شلوڪ ۽ معرفت جا بيان، لغت ۽ لسانيات، انشاءَ پردازيءَ جا شاهڪار، واپاري قبوليتون، قانوني دستاويز، هنر ۽ حرفت، تعليم ۽ تربيت، تحقيق ۽ معلومات جا تفصيل،  مطلب ته موجوده وقت سنڌي زبان ۾ هر صنف تي مواد موجود آهي ۽ هر صنف تي لکي سگهجي ٿو ۽ هر صنف تي لکجي رهيو آهي.

هن زبان ۾ جديد ادب جي روشنيءَ ۾ ماحول ۽ معاشري جو گهرو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. اديبن ۽ شاعرن حقيقت پسندانه انداز ۾ معاشرو جو اونهو اڀياس ڪري، حالات جي ترجماني ڪئي آهي. سنڌ، سنڌي زبان، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت سان جيڪي زيادتيون ٿيون آهن. انهن جي رد عمل ۾ وطن دوستي، سنڌي زبان ۽ ادب جي تحفظ ۽ بچاءَ جو جيڪو جذبو پيدا ٿيو، تن اديبن  ۽ شاعرن کي متاثر ڪيو، هنن ان سلسلي ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو ويو  آهي، جيڪو سڀ ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جي موجوده ادب ۾ ملي ٿو.

سنڌي اديبن ۽ شاعرن پرڏيهي صنفن کان سواءِ سنڌ کان ٻاهر پاڪستان جي ٻين صوبن جي لوڪ ادب وارين صنفن تي سنڌي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪلاسيڪي ادب ۾ وائي، ڪافي، دوهي ۽ سورٺي جو نه فقط موضوع ۽ مضمون بدلايو ويو آهي، پر انهن صنفن جي ’سٽاءُ‘ تي نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ عروضي بحر ۽ وزن کي ملائي، نيون هيئتون پيدا ڪيون آهن. (1) غزل جو فارسيءَ وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب ۽ لهجو ۽ ماحول مٽائي، ان کي ٺيٺ سنڌي ماحول ۽ اسلوب ڏنو ويو آهي. (2) هر صنف ۾ صنعت ترصيع ۽ صنعت مقفيٰ موجب، لفظن جو ترنم ۽ موسيقيت آندي وئي آهي. (3)

موجوده سنڌي ادب ۾، شاعريءَ جي مزاج ۾ فرق آندو ويو آهي. ٻوليءَ ۾ رس، ڀريا لفظ ڪم آڻي، ان ۾ نفاست، نزاڪت، نرملتا، ڪوملتا، رس، ڀاو، لذت ۽ لَي پيدا ڪئي وئي آهي، مہ جبين، مہ لقا ۽ ماه وش جهڙن اوپرن ۽ اُڌارن لفظن جي بدران مٺڙا، بانورا، سانورا ۽ سائين جهڙا لفظ ڪم آندا ويا آهن، جن ۾ پنهنجائپ وڌيڪ آهي. شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ مخدوم نواح وانگر موجوده دؤ‍ر جي شاعرن به تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين لاءِ مقامي ٻولي مقامي ماحول ۽ رنگ وارا لفظ ڪم آندا آهن، جنهنڪري سندن ٻولي وڌيڪ رس ڀري لڳي ٿي. مثال طور لطيف جو هي بيت ڏسو:

سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسرَ نسريا،

آن ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اڄڻ جا.

يا مخدوم نوح جو هي بيت:

پيئي جا پرڀات سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهوئا،

روئي چوي رات، ڏکي ڏکوين کي.

موجوده شاعرن پڻ مقامي ماحول ۽ منظر جي عڪاسي ديسي لفظن  ذريعي هن ريت ڪئي آهي:

ڦٽڻ لڳي آ مهندي مٺڙا، نمن جهليو آ ٻور

                ڪيسين رهندين دور

        يا:

اوسانوري

اوبانوري

سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي

ڪر خبر ڇو ٿي روئين

ڇو ٿي روئين ڇاجي ڪري

نه صرف موضوعن جي لحاظ کان سنڌي زبان، سنڌي ادب مالدار ۽ مايدار نظر اچي ٿو، پر ادبي صنفن ۽ انهن لاءِ مناسب فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان به سنڌي زبان پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪي آهي. اُسلوب بيان، ماحول جو مطالعو، حقيقت نگاري، منظرن جي عڪاسي، ٻوليءَ جو استعمال ۽ اهڙيون ٻيون خوبيون سنڌي زبان جي اعليٰ مقام ۽ معيار لاءِ پختا دليل آهن. هن سلسلي ۾ سيد حسام الدين راشديءَ بلڪل درست لکيو آهي ته:

”سنڌ جو فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اها غزل گو شاعرن جي ديوانن مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪه ڪافين، ڏوهڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان، مڻين ۽ هيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پرکي سگهجي ٿو.

سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن، هر دؤر ۾ ان دؤر جي مسئلن، طبقاتي ظلمن ۽ سماجي بي رحمين کان متاثر ٿي، ان لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هر دؤر جو ادب زماني جي سنڌ جي چشم ديد ۽ حقيقت ڀري تاريخ آهي، هر دؤر جو ادب با مقصد ادب آهي.

سنڌ جي جديد شاعرن نه فقط سنڌي شعر کي با مقصد بنايو آهي، ليڪن زبان کي جيڪي ڏاج ۽ ڏيوڻ ڏنا اٿن، سي پڻ اچرج ۾ وجهندڙ آهن.“ (1)

حاصل مطلب ته سنڌي زبان موجوده وقت تعليم ۽ تدريس، علم ۽ ادب، نشر واشاعت، اخبار، ريڊيو، ٽي- وي، فلم ۽ ٻين ذريعن لاءِ به بهترين طور ڪم اچي رهي آهي، ۽ اُن لاءِ بهترين صلاحيتون رکي ٿي. هيءَ زبان هن وقت وسيع، مالدار شاهوڪار، لغوي خزاني سان ڀرپور ٻولي آهي، جنهن ۾ ترقي يافته ٻولين وانگر گهڻو ئي خزانو موجود آهي، هن ۾ هڪ شاهوڪار، سرمائيدار ۽ مايدار ٻوليءَ وانگر لغت جو اٿاهه خزانو آهي. هن ۾ هڪ لفظ لاءِ، ساڳي معنيٰ رکندڙ ڪيترائي لفظ، ۽ هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون رکندڙ لفظ ميسر آهن. هيءَ زبان تحرير توڙي تقرير لاءِ روزمره جي ڪاروبار ۽ واپاري ڏيتي ليتيءَ لاءِ، انشاءَ پردازي، اشاعت ۽ ابلاغ جي ذريعن لاءِ، تعليم ۽ تدريس لاءِ، ۽ علم ادب لاءِ هڪ معياري زبان طور ڪم اچي رهي آهي. مطلب ته سنڌي ٻولي هاڻ دنيا جي ترقي يافته زبانن جهڙي حيثيت ۽ مقام حاصل ڪري چڪي آهي. هن وقت هن ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن، مقررن ۽ مترجمن وٽ نئون ذهن، نوان خيال، نوان جذبا، نوان امنگ، نوان لاڙا ۽ ٻوليءَ جو اکٽ خزانو موجود آهي، جيڪو هن زبان جي شاندار مستقبل جي ضمانت ڏئي ٿو.

4_ سنڌي زبان جو مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تجويزون:

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي زبان جو مستقبل روشن آهي؛ جيڪي ڪجهه ماضيءَ ۾ ٿيو آهي، يا جيڪي ڪجهه حال ۾ ڪيو ويو آهي، ان جو جڏهن پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي، ڪاڪي ڀيرومل، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي تنقيد ۽ تجزين جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪجي ٿو تڏهن محسوس ٿو ٿئي ته سنڌي زبان جو آئيندو گهڻو بهتر نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب فرمايو هو ته:

”سنڌي زبان جي بقا جو هڪ مؤثر طريقو هي آهي ته سنڌين ۾ قوت فڪر پيدا ٿئي، جيئن اهي نئين خيال ۽ نئين معنيٰ کي سنڌي زبان ۾ قلم بند ڪن، ائين ڪرڻ سان زبان جي زندگي ۽ بقا جو سوال پاڻ ئي حل ٿي سگهي ٿو.“

سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تجويزون ڏيندي لکيو آهي ته:

”شعر افساني ۽ ڊرامي کان سواءِ ٻيا به اهم موضوع آهن، جن تي نئين نسل کي فوري توجہ ڏيڻ کپي. ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽ ڊرامي جي سهاري جيئري رهي نه سگهندي. سنڌ جي تاريخ به هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان ٽريل رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف ڌيان ڏيڻ سان، سندن ادبي تخليقات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو، نوان موضوع ملندا ۽ نرالا عنوان قائم ٿيندا، ۽ پهنجن خواهه پراون جون اکيون کلي پونديون.

سيد صاحب اڳتي لکي ٿو:

هن جدوجهد ۽ هلوتاڻيءَ جي زماني ۾ اهائي قوم قائم رهي سگهندي جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، هلڻ جي ڪوشش ڪندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دؤر ۾ اها قوم جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو آبرومند مقام حاصل ڪري سگهندو، جيڪو زماني جي رفتار سان گڏوگڏ پنهنجي رفتار قائم رکندو ايندو.“ (1)

حقيقت ۾ ٻنهي بزرگن يعني علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سيد حسام الدين شاهه راشديءَ، جن ڳالهين ۽ اهم نقطن طرف اسان کي خبردار ڪيو آهي، تن تي فوراً ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ سنڌي زبانن فقط افسانوي ادب جي گهڻي ۾ گهڻي مواد پيش ڪرڻ سان ترقي  يافته زبان جي دائري ۾ داخل ٿي نه سگهندي. 1982ع ۾ مرزا مراد علي، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾، هڪ سيمينار ۾ پڙهيل مقالي ۾ اسان سڀني کي خبردار ڪيو هو. مرزا صاحب اهو چئلينج ڏنو هو ته سنڌي زبان ۾ سائني علمن تي ڪوبه نه ٿيو آهي، ڪنهن به قسم جو اهڙو مواد پيش نه ٿيو آهي جنهن کي اسين سائنسي علمن واريءَ فئڪلٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهون. مرزا صاحب اهو خدشو ظاهر ڪندي فرمايو هو ته جيڪڏهن اسان جي عالمن، استادن ۽ ليکڪن جديد فني علمن جهڙوڪه انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽر، علم طبعي، علم ڪيميا، علم ارضيات، علم حياتيات، علم طب ۽ اهڙن ٻين علمن تي سنڌي بان ۾ مواد پيش نه ڪيو ته سنڌي زبان اڳتي وڌي نه سگهندي ۽ اسان فقط شاعري ۽ افسانوي ادب تي لکيل چند ڪتابن کي زبان جي ترقي سمجهي خوش فهميءَ ۾ رهجي وينداسين. سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ سنڌيدان، انهن موضوعن جي استادن جي حيثيت ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقرر ٿيل آهن. اهو انهن سنڌيدان استادن جو فرض آهي ته پنهنجي روزمره جي مشغولين مان ڪجهه وقت هن طرف صرف ڪن ۽ مٿي بيان ڪيل علمن تي، سنڌي زبان ۾ مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکن.

سنڌي زبان  جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته هر فن جو ڄاڻو پنهنجي پنهنجي موضوع تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکي. هن سلسلي ۾ لائبريري سائنس جي استادن جو فرض آهي ته سنڌي زبان ۾ هر موضوع تي Documentation واريون رپورٽون ۽ تفصيل تيار ڪرائين. اديبن ۽ شاعرن جي ڪلام جون ڏسڻيون ۽ Concordance تيار ڪرائين.

سنڌي زبان ۾ تحقيق لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۽، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبن کي مالي مدد ڏني وڃي. سنڌي زبان ۾ ٻارن جي ادب جي فروغ لاءِ جتن ڪيا وڃن. ان کان سواءِ سنڌي زبان ۾ ديني ادب جي ترقيء  لاءِ ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي. هي ادارو نه فقط نوان ڪتاب تيار ڪرائي ڇپائي پر اڳ ڇپايل ناياب ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائڻ جو بندوبست ڪري.

سائنسي علمن تي سنڌي زبان ۾ مواد مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي ادارو قائم ڪيو وڃي. سائنس جي موضوعن تي سائنس جي اُستادن کي ڪتاب لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ همٿايو وڃي.

انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ سان سنڌي زبان جي ترقي ۽ فروغ لاءِ نوان دروازا کلي پوندا آهن ۽ هيءَ زبان ترقي ڪري ٻين ترقي يافته زبانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهندي.

ببليو گرافي

سنڌي ڪتاب:

1. الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي  ڪارج، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 978ع

2. تنوير عباسي: مقالو، جديد سندي ادب، ادبي اوسر ۾ ڇپيل

3. رسول بخش پليجو: سندي ذات هنجن، حيدرآباد، 1983ع

4. سيد حسام الدين شاهه راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ڪراچي_ حيدرآباد، انجمن تاريخ سنڌ، 1981ع

5. عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز. 1983ع

6. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: مقالو سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا، اُبتي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مزاج، سماهي مهراڻ

7. محمد ابراهيم جويو: مهاڳ، سندي ذات هنجن، 1983ع

8. مولائي شيدائي: جنت السنڌ،  حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع

9. نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: شاهه لطف الله قادريءَ جو رسالو ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1970

Sعربي ڪتاب:

علامه عبدالڪريم بن محمد سمعاني: الانساب، ليڊن 1912ع

انگريزي ڪتاب:

1. Aitken, E.H., Gazetteer of the Province of sind, Karachi, Mercantile Steam Press,  1907.

2. Burton, R.F., Sind and Races that inhabit the valley of the Indus, 1851.

3. Delacy, O’ Leary, A Short History of the fatmid Caliphate,  London, Kegan Paul, Trench & Trbner & Co., 1923.

4. Elliot, H. History of Sindh, Vol.l

5. James, C. Melvill, Scinde, a Copy of a report of Sir George Clerk, Governor of Bombay, 1848, Administration Sinde, East India House, 1854.

6. Sorley, H.T., Shah Abdul Lateef of Bhit.

باب ستون

رسم الخط جي ابتدا ۽ اوسر

 ۽ سنڌ جو قديم رسم الخط

هن کان اڳ وارن صفحن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻولي ايتري ئي قديم آهي. جيترو خود سنڌي سماج ۽ سنڌ جو معاشرو. ان جي مقابلي ۾ تحرير جي تاريخ تڏهن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن کان انسان لکڻ جو فن سکيو ۽ لکڻ شروع ڪيائين. پر اهو چوڻ ضروري آهي ته تحرير جو فن، ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، گهڻو  دير سان شروع ٿيو هوندو.

1. رسم الخط جي ابتدا:

دنيا ۾ تحرير جو فن ڪڏهن وجود ۾ آيو، ڪيئن وجود ۾ آيو، ان لاءِ ماهرن پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا آهن. عربي لسانيت جي، حيدرآباد سنڌ جي مشهور ماهر، پروفيسر طاهر عليءَ جو رايو آهي ته:

”رسم الخط جا اصل موجد اهل مصر ئي آهن، جنهن کي اهل فنيشيا، ڇنڊي ڇاڻي، سڌي رستي تي آندو. (1)

مصر وارا جيئن ته جانورن جي پوڄا ڪندا ڪندا هئا، انهيءَ ڪري انهن حيوانن جي تصويرن کي اظهار جو ذريعو بنايو. ڪن هنڌن تي جتي جانورن سان ڪم نٿي هلي سگهيو، اتي اهڙي شين جي تصوير کي پڻ اختيار ڪيو ويو، جيڪي عام طرح سان ڏسڻ ۾ اينديون هيون. اهڙيءَ طرح هنن مڪمل الف- بي بنائي، انهيءَ جو نالو ”مقدس حروف“ رکيائون. انهن ئي، انهيءَ ”مقدس حروف“ کي يوناني زبان ۾ ”هيرا گلفي“ سڏيو.


(1) Aitken. E.H. Gazetteer of the Province of Sindh. Karachi. Mereantile Steam Press. 1907,P.472.

(2) James, C. Melvill. Scinde. A Copy of a report of Sir George Clerk. Governor of Bombay. 1848. Admmistration of Sende. East India House 1854. P. 15. Paras 68 and 69 under the heading Sir George Glerks: Minutes of Seinde.

(1) تنوير عباسي: مقالو، ادبي اوسر، مرتب غلام علي الانا ۽ زيب شيخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد.

(2) عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1983ع، ص272.

(3) ايضاً

(1) سيد حسام الدين راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ڪراچي، حيدرآباد، انجمن تاريخ سنڌ 1981ع، ص ص 676 ۽ 679.

(1) سيد حسام الدين راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 681

(1) طاهر علي واءِ، ايس، پروفيسر: ”رسم الخط جي تاريخ“ مقالو، سماهي مهراڻ، 3_4، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع، ص99

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com