سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :16

هيرا گلفڪ خط ۾ جيئن ته تصويرون ئي تصويرون هيون، ۽ ان جو جلد سهولت سان لکڻ به ممڪن نه هو، تنهنڪري ان جا ٻه قسم ڪيا ويا: هڪ ”هيراٽڪ“ رسم الخط، جو صرف مذهبي ڪمن لاءِ مخصوص هو، ۽ ٻيو ”ڊيماٽڪ“، جو عام ڪمن لاءِ استعمال ٿيندو هو. ”هيراٽڪ“ ۽ ”ڊيماٽڪ“ حروف، معنيٰ جي لحاظ کان ٻن قسمن  جا هئا، هڪڙا ’آئڊيو گرافڪ‘ (Ideographic) ۽ ٻيا ’فونڪ‘ (Phonic) اڳتي هلي ’آئڊيو گرافڪ‘ حرفن جو، هڪ حصو اهڙي قسم جي تصوير نما حرفن تي مشتمل هو، جيڪي جسم جون هوبهو اهي ئي شيون معلوم ٿي سگهيون ٿي، مثلاً تارا* وغيره؛ ٻئي حصي ۾ اهڙي قسم جا نشان رکيا ويا. جن مان صرف مشابهت  جو اظهار مقصود ٿي سگهيو ٿي. مثلاً* نشان مان مطلب رات ورتائون ٿي، يعني آسمان ۽ ان جي هيٺان تارو، ڇاڪاڻ ته تارو آسمان ۾ رات جو ئي نظر ايندو آهي.

سڀ کان اول جن ماڻهن مصري حرفن کي سکيو ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪئي، اهي اهلِ فنيشيائي هئا، ڇاڪاڻ ته هيءَ قوم مصرين سان تجارتي تعلقات رکندي هئي. تنهنڪري هي قومون هڪٻئي جي تمدن ۽ تهذيب کان واقف ٿي چڪيون هيون. هنن ئي ان کي اختيار ڪري، ان ۾ ڦيرڦار آندي.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ، اهي حروف اهل ارم کان، عبرانين ورتا. هن خط جون ٻه شاخون ٿيون: هڪ مشرقي ۽ ٻي مغربي. مشرقي شاخ جون ٻه وڌيڪ شاخون ٿيون: هڪ عرب پهتي ۽ ٻي ايران.“ (1)

هن ڏس ۾ پروفيسر محبوب علي چنا مرحوم جي ڪتاب جي اڳين صفحن ۾ دنيا جي مختلف رسم الخطن جي باري ۾ ذڪر ٿيل آهي. اها حقيقت آهي ته ٻوليون انسان سان گڏ وجود ۾ آيون، ۽ تحرير جو هنر گهڻو دير سان وجود ۾ آيو.

سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکت جي ابتدا ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي؟ يا سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين لکت، ڪهڙي قديم رسم الخط سان واسطو رکي ٿي؟ مرحوم چنا صاحب، پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي  36 تي بيان ڪيو آهي ته ”هزارين سالن وارين حالتن پٽاندر، الف- ب جي جن پنجن مکيه شاخن ترقيءَ جي راهه ورتي، اهي هيون: (1) ڪنعاني (The Cananite)، (2) فنيقي (Phoenician)، (3) آرامي (The Aramaic)، (4) جنوبي سامي (The South Semitic) ۽ (5) يوناني (The Greek). مرحوم  چنا صاحب انهن مان هر هڪ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، پڙهندڙن جو ڌيان انهن پنجن ئي رسم الخطن مان، آرامي الف_ ب ڏانهن ڇڪائجي ٿو، جنهن لاءِ مرحوم  چنا صاحب صفحي 41 تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. سندس لفظن کي پڙهندڙن جي لاءِ هوبهو دهرائجي ٿو (ڏسو صفحو 41):

”آرامي (Aramaic) قوم، آرام ملڪ يا آراميا ۽ ساڪن هئي. هي ملڪ دمشق جي اُتر- اولهه ۽ فلسطين جي اُتر ۽ اُتر- اوڀر ۾، ڀونوچ  سمنڊ کان وٺي ميسوپوٽيميا جي اڌ تي ڇانيل هو. آرامي قوم پنهنجي هم نسل متقدم قوم، ’فنيقيءَ‘ جي حروف تهجيءَ کي هئين سان لڳائي، ايشيا جي ٻين ٻولين ڏي منتقل ڪيو. اسرائيلين، آئويٽا (الف- ب) آرامين کان ڇهين صديءَ ۽ چوٿين صدي ق-م جي دوران ورتي. ان کان اڳ اسرائيلي فنيقي الف_ ب استعمال ڪندا هئا. جي_ وائل (G.Weil) ۽ جي. ايس. ڪولن (G.S Colin) جي تحقيقات جو تت مرحوم محمد شفيع ڪڍيو آهي، ان ۾ هن طرح آيل آهي ته: هن ابجدي (Alphabet) ترتيب جو ڪم از ڪم ڪنعاني الاصل (فنيقي) هئڻ يقيني آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته عبراني ۽ آراميءَ جي حروف تهجيءَ ۾ هيءَ ساڳي ترتيب قائم رکي وئي.“

مرحوم چنا صاحب جي راءِ موجب ”يهودين جي پاڪ ڪتابن ۾ جا چورس قسم جي لپي ڪتب ايندي وئي آهي، سا آرامي لپيءَ مان نڪتل آهي. شمالي عربن جي ابجدي تحرير، جنهن ۾ قرآن شريف لکيل آهي، ان آرامي ٻوليءَ تان ورتل آهي. آرمينين (روس ملڪ وارا)، ايرانين ۽ هندستانين، پنهنجا حروف تهجي، آرامي ذريعن مان حاصل ڪيا. پهلوي ۽ سنسڪرت جا خط ٻئي آرامي النسل آهن. ٽئڪسيلا جي کوٽائي ڪندي، اتان آرامي خط جا ڪتبا به هٿ آيا آهن.“

مرحوم چنا صاحب جي هن ساري بيان جو لب لباب هي آهي ته عربي ٻوليءَ لاءِ عربي ۽ سنسڪرت لاءِ ڪم آندل ديوناگري رسم الخط جو اصل نسل آرامي رسم الخط آهي.

2. برهمي رسم الخط:

ماهرن جي راءِ موجب قديم زماني ۾ موهن جي دڙي واري تحرير کان پوءِ برصغير ۾ ٻن قسمن جا رسم الخط رائج هئا. انهن مان هڪ کاٻي کان ساڄي طرف لکيو ويندو هو ۽ ٻيو، ان جي ابتڙ يعني ساڄي کان کاٻي لکيو ويندو هو. اهو برصغير جي اتر- اولهه واري خطي ۾، اٽڪل ٽين صدي ق_ م کان وٺي ٽين- چوٿين صدي عيسويءَ تائين جاري هو، انهن مان پهرين رسم الخط کي جيڪو کاٻي کان ساڄي لکيو ويندو هو، ”برهمي خط“ نالو ڏنو ويو هو. برصغير جي ودوانن جي راءِ ۾ برصغير جا سڀئي رسم الخط، برهميءَ رسم الخط مان ٺهيا آهن. (1) ٻيو رسم الخط جيڪو ساڄي کان کاٻي لکيو ويندو هو، تنهن کي ”کروشٺي“ سڏيندا هئا.

ٻولين جا ماهر، کروشٺيءَ کي ته آسانيءَ سان سامي شاخ سان ملائين ٿا ته ڇوته اهو رسم الخط، جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي، ساڄي کان کاٻي لکيو ويندو هو. مسٽر پرنسيپ (Mr. Prinsep) ۽ ٻيا ماهر هن راءِ جا هئا ته برهمي خط، گريڪ تان ورتو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو کاٻي کان ساڄي لکبو هو. (2) پر سروليئم جونز پرنسيپ جي دعويٰ کي رد ڪندي لکيو ته ”برهمي لپيءَ جو لاڳاپو سامي رسم الخط سان آهي.“ انهن رسم الخطن جو مطالعو ماهرن لاءِ دلچسپيءَ وارو بڻجي ويو. سن 1877ع ۾، ڪننگهام، اشوڪا جي ڪتبن جي باري ۾ لکيو. 1888ع ۾ جي_ ايف_ فليٽ (J.F.Fleet) گپتا دؤر جي ڪتبن تي لکيو. انهيءَ ساري مواد کي 1894ع ۾، مسٽر گوڙيشنڪر هيرانند اوجها، پنهنجي هندي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب، ”پراچين لپيمالا“ ۾ سهيڙيو آهي.

مسٽر بوهلر (Mr. Buhler) هندستان جي برهمي رسم الخط جي باري ۾ ڪافي دليلين سان لکيو آهي. هن جي راءِ موجب برهمي رسم الخط اتر- سامي (North Semitic) رسم الخط جي شاخ آهي. (1) پر، مسٽر اوجها، مسٽر بوهلر سان اختلاف راءِ رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”برهمي خط، اتر_ سامي رسم الخط جي شاخ نه آهي ۽ نه وري ڪو اهو خط، سامي خط جي اوٽ تي ٺاهيو ويو آهي.“(2)

هن ڏس ۾ ڪن ماهرن جو خيال آهي ته برهمي رسم الخط ديسي آهي ۽ وادي سنڌ ۾ مروج رسم الخط، خاص ڪري هڙپا واري رسم الخط مان جنم ورتو اٿس.(3)

ڊاڪٽر احمد حسين دانيءَ جي راءِ موجب ”برهمي رسم الخط جو اصل نسل يا بڻ بنياد اها قديم تهذيب آهي، جنهن جو برصغير پڻ حصو رهيو آهي.“ وادي سنڌ جي تصويري (Pictographic) رسم الخط ۽ آئڊيو گراف (Ideographic) خط جي ايجاد مان ڪافي ثبوت ملن ٿا، جن مان ظاهر ٿو ٿئي ته واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ مغربي ايشيا جي تهذيب جي وچ ۾ گهاٽا تعلقات قائم هئا. هند- آرين جي اچڻ سان هي رشتا ۽ تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيا. هند- آريا پڙهيل هئا يا نه، اهو هڪ الڳ سوال آهي، پر اها حقيقت آهي ته هو جن ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ هئا، اهي رسم الخط جي فن کان چڱي طرح واقف هئا، پر اهڙو ڪو ثبوت نٿو ملي جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته هند- آرين کي ڪو پنهنجو رسم الخط هو. يا هو ڪو پنهنجو رسم الخط کڻي آيا هئا. (1) جيتوڻيڪ اوجها، اهڙي ثبوت ڏيڻ ۽ تجويز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جو رايو آهي ته آريا جڏهن واديءِ سنڌ ۾ پهتا هئا تڏهن کين پنهنجو رسم الخط هو. هن هند_ آرين طرفان ڪم ايندڙ اکرن، سرن، وينجنن، وينجنن جي ميلن، مورڌني ۽ ڏندن وارن آوازن لاءِ ڪم ايندڙ اکرن جا، اپنشدن مان حوالا ڏنا آهن، پر ڊاڪٽر احمد حسين داني، اوجها جي هن راءِ کي قبول نٿو ڪري. داني صاحب جي راءِ مطابق: ”اشوڪا جي دؤر (272ق. م کان 231 ق. م تائين) کان اڳ، هندستان ۾ ديسي رسم الخط جي وجود جو ڪوبه پڪو ثبوت نٿو ملي.“(2) پر جيڪڏهن داني صاحب جي اها راءِ وزندار سمجهي وڃي ته پوءِ هي سوال ذهن تي تري ٿو اچي ته ويد ڪهڙي لپيءَ ۾ لکيا ويا هئا؟ سنسڪرت جو اوائلي ادب ڪهڙي رسم الخط ۾ لکيو ويو هو؟ تڪش شلا جا ودوان ڪهڙو رسم الخط ڪم آڻيندا هئا. ۽ پنڊت پاڻينيءَ پنهنجو وياڪرڻ ڪهڙي لپيءَ ۾ لکيو هو؟ اهي سوال تمام اهم آهن، جن جا جواب ضروري آهن.

ڪن ماهرن جي خيال موجب ويدن جا منتر، اوائلي برهمي لپيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، جنهن لپيءَ پوءِ ويا ڪرڻين جي هٿ هيٺ پختگي حاصل ڪئي، پر ڪن جو خيال آهي ته ان وقت برصغير ۾ مغربي ايشيائي رسم الخط جو ڪو نمونو استعمال ٿيندو هو.

ڊاڪٽر دانيءَ پنهنجي مذڪور ڪتاب ۾، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته برهمي رسم الخط جي اکرن ۽ هيٺين اکرن ۾ ڪانه ڪا هڪجهڙائي آهي؛ اهي اکر آهن:

ڪ     ک     گ    گهه   ڱ

چ      ڇ      ج     جهه   ڃ

ٽ      ٺ      ڊ      ڍ      ڻ

ت      ٿ      د      ڌ      ن

پ      ڦ     ب     ڀ     م

ي      ر      ل      و      هه

داني صاحب جي راءِ موجب: ”برهمي رسم الخط هندستاني وياڪرڻين جي ايجاد آهي، ۽ نه وري مٿي ڏنل الف_ ب ڪا برهمي لپيءَ مان اُسري آهي“، پر (بوهلرجي حوالي سان) هن جي چوڻ موجب اسان کي ٽي سر اَ، اِ ۽ اُ ۽ ٻاويهن وينجنن مان اوڻيهه وينجن/ ڪ، ک گ، چ، ج  ت، ٿ، د، ن، پ، ب، م، ي، ر، ل، و، س، ش  ۽ هه/ اترين سامي North Senitic) يا آرامي (Aramaic) رسم الخط ۾ ملن ٿا. هيٺ ڏنل چارٽ ۾ انهن اکرن جي هڪجهڙائي ثابت ٿئي ٿي. (1)

اترين سامي

آڳاٽي فونيشيئن (1) لپي

برهمي لپي

(Aleph) A

 

 

(Gimal) Ga

 

 

(Teth) Tha (Yod)  ya

 

 

(Lamed) la

 

 

(Pe) pa

 

 

(Shim) Sha

 

 

(Taw) Ta

 

 

(Qaph) Kha

 

 

(AyIN) E

 

 

(Zayin) Ja

 

 

ڪن ماهرن جي راءِ موجب، برهمي لپي، اترين_ سامي، خاص ڪري آرامي يا فنيقي رسم الخط مان اُسري ۽ اڳتي وڌي. (1)

ڊرنگر (Dringer) جي راءِ مطابق آرامي رسم الخط ئي برهمي رسم الخط جو اصل نسل آهي، ڇوته آرامي رسم الخط، هندستان جي سرحد تائين، ساڄي کان کاٻي طرف لکيو ويندو هو. (2)

پر ڪن ماهرن جو خيال آهي ته برهمي لپي ڏاکڻئين_ سامي رسم الخط مان ٺهي آهي. مٿي داني صاحب طرفان ڏنل چارٽ جي اڀياس کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته برهمي لپي ۽ اُترين- سامي لپيءَ جي وچ ۾ گهڻي هڪجهڙائي ڪانهي.

ڪن ماهرن جو خيال آهي ته برهمي لپي، واديءِ سنڌ  جي ودوانن جي ذهني ايجاد آهي، جن ان کي ديسي طرز تي جوڙيو هو. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر دانيءَ طرفان مٿين چارٽ ۾ شامل ڪيل اکرن جي تقابلي مطالعي ۽ گهري اڀياس مان نتيجو هي ٿو نڪري ته برهمي لپي، اُترين_ سامي لپيءَ جو هوبهو نقل نه آهي.

هن ڏس ۾ برطانيه جي جڳ مشهور تاريخدانن پروفيسر بئشم ۽ جڳ مشهور آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل جا رايا وڌيڪ وزندار ۽ حقيقتن تي مبني معلوم ٿين ٿا. پروفيسر بئشم لکي ٿو:

”ڪن ماهرن جو خيال آهي ته برهمي رسم الخط، ديسي آهي ۽ واديءِ سنڌ ۾ مروج رسم الخط مان جنم ورتو اٿس. (1)

انهيءَ سلسلي ۾ سرجان مارشل جي دعويٰ گهڻي اهميت واري آهي. هن پنهنجي تحقيقي رپورٽ ۾، Indus Script واري عنوان هيٺ لکيو آهي ته ”واديءِ سنڌ جي موهن جي دڙي وارو رسم الخط، قديم هندستان جي برهمي رسم الخط جو بڻ بنياد يعني ماخذ آهي، يعني ته برهمي رسم الخط، واديءِ سنڌ جي موهن جي دڙي واري تصويري (Pictographic) رسم الخط مان جڙيو ۽ اُسريو آهي.“ هن جو چوڻ آهي ته ”مون وڏي اعتماد سان برهمي رسم الخط جي ڪيترن ئي اکرن کي پرکيو آهي ۽ انهن جي ڀيٽ ڪئي آهي.“ (2)

سرجان مارشل جو رايو ته موهن جي دڙي واريو رسم الخط، مصر جي هيرو گلفي رسم الخط سان ملي جلي ٿو، پر صفحي 431 تي سندس راءِ مان ظاهر آهي ته موهن جي دڙي واري رسم الخط جو بنياد، فينيقي رسم الخط تي ٻڌل هو.

سرجان مارشل جي راءِ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته برهمي رسم الخط جو ڪنهن به طرح سان سڌو سنئون آرامي يا اُترين_ سامي رسم الخط سان ڪوبه واسطو ناهي.(1) پر ان (برهمي خط) جي صورت، ديسي طريقي جي آهي. جان مارشل لکي ٿو ته ”مون کي يقين آهي ته برهمي رسم الخط کي سامي رسم الخط مان جُڙيل سمجهڻ وارن جي راءِ هر طرح سان غلط آهي.“ (2)

سرجان مارشل پنهنجي هن دعويٰ جي دليل لاءِ برهمي رسم الخط ۽ موهن جي دڙي واري رسم الخط جي ڀيٽ چارٽن وسيلي ڪئي آهي. انهن چارٽن ذريعي جڏهن برهمي رسم الخط جي اکرن ۽ موهن جي دڙي واري رسم الخط وارن اکرن جي ڀيٽ ڪجي ٿي، تڏهن اهو بلڪل ظاهر ٿيو پوي ته موهن جي دڙي واري رسم الخط جي اکرن جي برهمي لپيءَ جي اکرن سان تمام گهڻي مشابهت ملي ٿي.

سرجان مارشل پنهنجي چارٽ ۾، موهن جي دڙي واري لکت ۾، اکرن جي سامهون نمبر لڳايا آهن. اهڙي طرح ٻنهي لپين جا اکر آسانيءَ سان ڀيٽي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

هٿ اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته موهن جي دڙي واري لپي، ساڄي کان کاٻي لکي ويندي هئي پر برهمي کاٻي کان ساڄي ۾ لکڻ ۾ آئي. ان جو سبب هي ٿي سگهي ٿو ته جان مارشل جي راءِ مطابق گريڪ رسم الخط، ’فنيقي‘ (Phoenician) لپيءَ مان جوڙيو ويو، پر ان جي لکت جو طرف ساڄي کان کاٻي جي بدران مقامي حالتن ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق، کاٻي کان ساڄي ڦيرايو ويو، تيئن برهمي لپيءَ جو رخ به مقامي حالتن ۽ ٻوليءَ جي صوتي ۽ اصواتي مزاج جي ڪري کاٻي کان ساڄي اختيار ڪيو ويو.(1)

 

بهرحال هي سوال به اهم آهي ته برهمي رسم الخط ڪڏهن جوڙيو ويو، ڪهڙي زماني کان مروج ٿيو؟ انهن سوالن جا جواب اڃا ملي نه سگهيا آهن. البته ايترو معلوم ٿيو آهي ته اشوڪا جا ڪتبا اوائلي برهمي لپيءَ ۾ لکيل آهن. (2) هن سلسلي ۾ پروفيسر بئشم لکي ٿو ته:

”هندستاني واپاري جيڪي ميسوپوٽيميا طرف ويا، يا جيڪي سامي واپاري هندستان طرف آيا. سي پاڻ سان هڪڙو رسم الخط کڻي آيا، جيڪو ودوانن ۽ فاضلن اختيار ڪيو، جو موريا گهراڻي جي زماني ۾ برهميءَ جي نالي سان مشهور هو ۽ اَشوڪا جي زماني (272 ق. م کان  231ق. م تائين) تائين هي خط دنيا جو هڪ سڌريل (Scientific) رسم الخط بنجي ويو هو.“ (3)

بهرحال ايترو چئي سگهجي ٿو ته برهمي رسم الخط، اشوڪا جي زماني کان ڪافي اڳ، جوڙيو ويو هوندو، جيڪو مختلف مرحلا  طي ڪري، اشوڪا جي زماني تائين سڌريل رسم الخط بنجي چڪو هو.

ماهر انهيءَ راءِ جا به آهن ته برهمي لپيءَ جو هڪڙو روپ يا هڪڙو نمونو نه هو، پر ان جا ڌار ڌار روپ ۽ نمونا هئا، جن مان هڪ نموني کي اشوڪي برهمي روپ ۽ ٻئي کي پرانتي يا صوبائي برهمي روپ سڏي سگهجي ٿو، (1) جيئن هيٺ ڏنل تفصيل مان معلوم ٿيندو.

برهمي رسم الخط جا قسم:

(i) اَشوڪي (Asokan) برهمي:

برصغير جا ابتدائي ڪتبا، ٻن رسم الخطن ۾ لکيل ملن ٿا. انهن مان هڪ برهمي رسم الخط آهي جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي ۽ ٻيو ’کروشٺي رسم الخط‘. اهي ٻئي رسم الخط ”ديوانم پيا پياد سي“ لقب واري مڱڌا يعني ڏکڻ بهار جي بادشاهه،  پنهنجن ڪتبن ۾ استعمال ڪرايا هئا. هن بادشاهه جي حڪومت جو تخت گاهه، پاتليپترا (هاڻوڪو پٽنا) هو. هن جو نالو ٻن رڪارڊن ۾ اُشوڪا ڄاڻايل آهي. هن جو واسطو موريا خاندان سان ڏيکاريل آهي، جنهن 272ق م کان 231 ق. م تائين حڪومت ڪئي. هنن ڪتبن ۾ هن جي حڪومت جون سرحدون پڻ ڄاڻايل آهن، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته هن جي حڪومت برصغير ۾ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئي. انهيءَ سڄي ايراضيءَ ۾، وادي سنڌ ۾ کروشٺي لپي ۽ باقي ايراضيءَ ۾ برهمي لپيءَ ۾ ڪتبا اُڪريل هئا. جنهن برهمي لپيءَ ۾ اهي ڪتبا لکيل ملن ٿا تنهن کي ’اشوڪي برهمي‘ سڏيو وڃي ٿو.

(ii) پرانتڪ يا صوبائي لپي:

اشوڪي برهمي لپي، ڪنهن مقصد ڪاڻ استعمال ۾ آئي هئي ۽ جنهن آخرڪار هڪ رسم الخط جي صورت اختيار ڪئي، پر اهو رسم الخط سڄي برصغير ۾ يڪسان صورت ۾ اختيار نه ڪيو ويو هو، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. اُشوڪي برهمي رسم الخط جيتوڻيڪ شاهي درٻار جي ڪاتبن ايجاد ڪيو هو، پر برصغير جي ڌار ڌار صوبن يا پرانتن ۾ ان رسم الخط کي هوبهو سرڪاري طور اختيار نه ڪيو ويو هو، پر ڌار ڌار صوبن ۾، ۽ هر صوبي جي حالتن پٽاندر، ان کي ڌار ڌار شڪل ڏئي وئي؛ البته اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته صوبائي يا پرانتي براهمي لپيءَ جا اکر، اشوڪي برهمي لپيءَ جي اکرن جي اوٽ تي جوڙيا ويا هئا؛ يعني ته اشوڪي برهمي لپي، پرانتي يا صوبائي برهمي لپيءَ کان آڳاٽي آهي، ۽ انهن جو ’اصل‘ يا ’بنياد‘ آهي.

(iii) صوبائي يا پرانتي برهمي لپيءَ کي ماهرن هيٺين چئن علاقائي صورتن ۾ ورهايو آهي:

(a) مشرقي هند: هن علائقي جو مرڪز مڱڌ هو. هن جو حدون گنگانديءَ جي ڏکڻ ۾، ڪوشاجي تائين هيون. هن جو اُتر، ڏکڻ- اولهه ڀارهٽ (Bharhut) تائين ۽ اوڀر ۾ ’بوڌَگيَ‘ (Bodhagaya) کان به اڳتي، اوڙيسا ۾ هٿيگُمٿا (Hathigmupha) تائين، ۽ گنگا نديءَ جي اتر ۾ ايوڌيا تائين پهتو. (1)

(b) اتر- اولهه هند: هن علائقي جو مرڪز ٽئڪسيلا هو. مٿرا ۽ مالوا وارين حدن ۾ دکن تائين هي علائقائي رسم الخط پکڙيو.

(c) اتر- اولهه دکن: هيءَ ايراضي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي.

(d) ڏکڻ هند: مشرقي دکن هن علائقي ۾ شامل هو. مٿي بيان ڪيل علائقن جي علاقائي لپين جي اُسرڻ ۽ انهن جي ارتقا جو مطالعو ضروري آهي.

مشرقي هند علائقي ۾ مختلف قسمن جا پنج ڪتبا لڌا ويا آهن. جيڪي دور دراز ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن. انهن مان هڪ بهار ۽ ’ناگر جوني‘ (Nagar Juni) غارن جي، ٽن ڪتبن جو سلسلو آهي. هي ڪتبا باربر غارن کان پري نه آهن. انهن ۾ اشوڪا پنهنجا ڪتبا  لکرايا هئا. هي ڪتبا اشوڪا جي پوٽي، ”ديوانم پيا دسرٿ“ جي دور حڪومت طرف نشاندهي ڪن ٿا. ڊاڪٽر دانيءَ جي راءِ موجب  اشوڪا ۽ دسرٿ جي ڪتبن ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي.

برهمي لپيءَ جو اثر پهرين صديءَ عيسويءَ کان وٺي، چوٿين صدي عيسويءَ تائين معلوم ٿئي ٿو. اَشوڪا جي وقت ۾ ته سياسي اثر هر پر هن لپيءَ جو ڦهلاءَ، سماجي ۽ مذهبي اثر جي ڪري به ٿيو. ڪُشان خاندان جي قبضي کان پوءِ، برهميءَ لپيءَ جو سياسي ۽ سماجي اثر گهٽجڻ لڳو هو. هن دور ۾ مقامي ۽ علاقائي لپيون اُسرڻ  ۽ زور وٺڻ لڳيون. جن جا اوائلي اُهڃاڻ لڳ ڀڳ پنجين صدي عيسويءَ ڌاري معلوم ٿين ٿا. (1) اهي مقامي يا علاقائي رسم الخط، انهن مختلف لپين مان اُسريا جيڪي ان زماني ۾ اثر انداز هئا. 

3. صوبائي رسم الخط:

رسم الخطن جي علم جي ماهرن ’برجز‘ (Bridges) ’فليٽ‘

 (Fleet) ’برنيل‘ (Burneil) ’بوهلر‘ (Buhler) ۽ ٻين، اُتر ڏکڻ علائقن جي رسم الخطن جي تاريخ 350 ق_ م کان بيان ڪئي آهي. ’بوهلر‘ اترين علائقن جا 9 رسم الخط ۽ ڏکڻ وارن علائقن جا 5 رسم الخط ڏسيا آهن. هن جي راءِ موجب انهن ۾ ڏاکڻو رسم الخط، مالوا، ونڌيا جي اُترين ڀاڱي ۽ راشٽرڪُوتا (Rashtrakuta) ۾ قديم ديوناگري (Proto- Nagari) رسم الخط جا نالا مشهور آهن. گجرات ۽ ڪاٺياواڙ وارا علائقا، جن جو ڏاکڻئين قسم جي رسم الخط سان گهڻو واسطو رهيو هو، تن هن رسم الخط ۾ تبديليون آنديون، ۽ هر علائقي ۾ پنهنجو پنهنجو رسم الخط اُسريو. انهن مقامي لپين ۾ اڃا به گهڻو فرق ۽ ڦير اچي ها پر ٻن خاص سببن جي ڪري اهي اثر وڌي نه سگهيا. انهن مان هڪ سبب هو، سنسڪرت جو عام استعمال. سنسڪرت علمي ۽ ادبي زبان هجڻ جي ڪري، اديب ۽ عالم، پنڊت ۽ ودوان توڙي ڪاتب هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين، بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ رڪاوٽ جي، اچي وڃي سگهيا ٿي. ٻيو سبب هو عظيم شهنشاهت جو قائم هجن. انهن ٻنهي سببن، يڪساني رسم الخط کي فروغ ڏنو. هنن سبب جي ڪري رسم الخط جو ’ڪوشامبي نمونو‘ (Koushambi Style of Writing) ٻين ۽ ٽين صدي عيسويءَ ۾ ’واديءَ گنگا‘ جي وچين علائقن ۾، ۽ ان کان به اڳتي بنگال تائين ڦهليو، جيڪو پوءِ گپتا گهراڻي جي ابتدائي دؤر ۾ به رائج رهيو، پر اڳتي هلي ڇهين ۽ ستين صدي عيسويءَ ۾ قنوج ۾ حڪومت جي اثر سبب ’ڪوشامبي لپيءَ‘ جي بدران، مغربي علائقن ۾ مروج رسم الخط ڪم اچڻ لڳو. انهن ۽ اهڙن ٻين سياسي اثرن، علاقائي ثقافتن کي جنم ڏنو، جن جو اثر وري مقامي لکيتن تي پڻ ٿيو. علاقائي ثقافتن ۽ علاقائي يا قومي حڪومتن جي بر سر اقتدار اچڻ سبب، مقامي يا علاقائي لکيتون يا لپيون، پڻ اُسريون. اهڙيون علاقائي ۽ مقامي لپيون، لڳ ڀڳ اٺين صديءَ عيسويءَ ڌاري عروج تي هيون. انهن مقامي لپين ۽ انهن جي مختلف قسمن ۽ نمونن کي، داني صاحب، آڳاٽا رسم الخط سڏيو آهي. انهن علاقائي لپين جي سڃاڻپ وسيع جاگرافيائي تقسيم جي بنياد تي نه، پر علاقائي ثقافتن جي بنياد تي ڪري سگهبي. انهن جي مطالعي لاءِ برصغير جي علاقائي تقسيم هيٺئين موجب ڪئي وئي آهي:

i. اتر هندستان: هن حصي ۾ اکرن جي صورت ۽ وچين سُرَ جي استعمال ۾ هڪجهڙائي آهي.

ii. گجرات، راجسٿان ۽ وچ هندستان: هن حصي ۾، ڏاکڻئين علائقي جي اثر گهٽجڻ سبب، اترئين علائقي جو اثر ڪجهه قدر ٿيو، پر ساڳئي وقت هن حصي ۾ هڪ ڌار رسم الخط وجود ۾ آيو.

iii. دکني لپي: هي نالو ان رسم الخط کي ڏنو ويو آهي جنهن کي بنيادي چورس نشان (Sqauare head marks) ڏنا ويندا آهن. هي رسم الخط، مالوا ۽ ڏاکڻي حڪومت ۾ عام طور استعمال ٿيندو هو.


(1) طاهر علي واءِ ايس، پروفيسر: ”رسم الخط جي تاريخ“ مقالو، سماهي مهراڻ 3_4 حيدرآباد سنڌي ادبي  بورڊ، 1966ع، ص 99.

(1) John Marshal, Mohen jo Daro and the Indus Civilization Loc Cit. P 431.

(2) James Prinsep, Essay on Indian Antiquities, ed. By E. Thomas. London. 185-8 P.42

(1) Bhuler. See Basham A. L, Op. Cit., P. 394, London, Sidgwick and Jackson. 1961. P. 394.

(2) Ojha Gaurishanka Hiranand. Bharatiya Prachina Lipimala, pp. 17-31

(3) Basham, A. L., Dr., The Wonder that was India, London, Sidgwick  and Jackson, 1961.P.394

(1) Dani Ahmed Hussain, Indian Paleography, P.12

(2) Dani Ahmed Hussain, Indian Paleography. P.12.

(1) Dani. Ahemd Hussain. Dr., Op. Cit., P.28

(1) Dani A.. Op. Cit., P.29

(2) Dani Ahmed Hussain, Op. Cit. P. 29

(1) Basham A. L., The Wonder That Was India, London. Sidgwick and  Jackson. 1961.P.394.

(2) josn Marshal. Mohen-jo- Daro and the Indus Civilization, London. Arthur Probsthin. 1931. P. 423. Vol:11.

(1) Idid. Op. Cit. Vol: 11. P. 423

(2) Ibid. Op. cit. Vol: 11 p.431

(1) John Marshal. Op. cit Vol: 11, p. 423

(2) Basham A. C. Op. cit. P.43

(3) Basham. A L., Op. cit., 396

(1) Dani Op. Cit. P.  31. Also see Basham. Op. Cit. P.396

(1) Dani. Op. Cit. P. 53

(1) Dani. Op Cit., P. 77

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com