سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :18

آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن کي ڀنڀور مان جيڪي ڳاڙها برتن مليا آهن، سي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چون ٿا ته اهي ٿانوَ ڪاري سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر واريءَ قديم تهذيب سان واسطو رکن ٿا. انهيءَ تهذيب جو زمانو هڪ صدي ق- م کان شروع ٿئي ٿو ۽ هڪ صدي عيسوي ۾ ختم ٿئي ٿو. ڪاري سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر جي قديم رهاڪن کي ’ساڪ يا سٿيا‘ سڏيو ويو آهي، ساڪ يا سٿيا قوم هڪ صدي ق_ م ڌاري قديم ايران کان هت آئي.

ماهرن جو خيال آهي ته هن واديءَ ۾، هڪ صدي عيسوي ڌاري، ’پارٿيا‘ قوم جي ماڻهن، ساڪن (سٿين) جي جاءِ والاري. هن قوم، ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو، پر سندن تهذيب يوناني هئي. ڪاري سمنڊ جي اوڀر ۾، اتر جي انهن قديم  قومن يعني سٿين ۽ پارٿين جي تهذيب ۽ ثقافت جو جيڪو سامان ڀنڀور مان لڌو ويو آهي، تنهن واديءِ سنڌ جي ثقافت جي تاريخ ۾ هڪ نئون ۽ اهم باب کوليو آهي. (1)

پر هن ڏس ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ واريءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايل مواد کان اڳتي ڪابه تحقيق ڪانه ٿي آهي. خبر نه آهي ته اسان جي ماهرن ۽ مورخن  ڀنڀور جي کوٽائيءَ واري رپورٽ کي آخري رپورٽ يا آخري تحقيق سمجهي، هن ڏس ۾ پنهنجو قلم ڇو روڪي ڇڏيو آهي ۽ اڳتي سوچڻ لاءِ ڇو نه ويچار ڪيو اٿن؟ ٿيڻ ته هيئن کپندو هو ته ڀنڀور واريءَ رپورٽ ۾، جن جن پهلوئن طرف ڊاڪٽر ايف. اي خان طرفان اشارا ڪيا ويا آهن ۽ جن جن نقطن طرف هن صاحب نشاندهي ڪئي هئي، تن تي وڌيڪ سوچ ويچار، غور ۽ فڪر ۽ تحقيق ڪئي وڃي ها. هن ڏس ۾ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن، فنون لطيفه جي ڄاڻن، فن تعميرات جي فاضلن، مختلف هنرن تي ڄاڻ رکندڙن، رياضيدانن، علم الانسان (Anthropology) جي اڪابرن ۽ لسانيات جي ماهرن ۽ مؤرخن توڙي جاگرافيءَ جي استادن کي پنهنجن پنهنجن مضمونن  جي لحاظ  کان سوچڻ گهرجي ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي.

هن وقت تائين ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل مواد تي فقط ٻن نقطن جي لحاظ کان سوچيو ويو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ کوجنا ڪري نتيجا ڪڍيا ويا آهن. انهن مان هڪ نقطو هي آهي ته اهي آثار، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر ديبل بندر جي ڦٽل شهر جا کنڊر آهن. ٻيو نقطو هي آهي ته ڀنڀور واري مسجد، برصغير جي سڀ کان پهرين مسجد آهي، جيڪا هن شهر جي فتح کان پوءِ فوراً جوڙائي وئي هئي. هن سلسلي ۾ هن عمارت وٽان حاصل ٿيل پٿر تي اڪريل ڪتبا، هن دعويٰ لاءِ آخري دليل سمجهيا وڃن ٿا. اهڙي طرح هنن آثارن مان، سنڌ ۾ اسلامي دؤر ۽ اسلام کان اڳ واري دؤر جا سڪا پڻ هٿ آيا آهن، پر انهن تي به اڃا تائين ڪا تفصيلي تحقيق ڪانه ڪئي وئي آهي.

مٿي ڄاڻايل ٻئي نقطا، ڀنڀور واريءَ تهذيب لاءِ واقعي اهم نقطا آهن، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪاري نه آهي ته جنهن جاءِ تان اهي ڪتبا لڌا ويا هئا سا ڪا مسجد نه آهي. ڪهن کي به اعتراض نه آهي ته ڪو ڀنڀور واري تهذيب تي اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جو اثر نمايان نه آهي؛ ڪوبه عالم انڪار نٿو ڪري ته هت عرب مسلمان اٺين صديءَ کان تيرهين صديءَ تائين آباد هئا. پر سوال هي آهي ته آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن، مؤرخن، علم الانسان جي فاضلن ۽ علم اللسان جي شاگردن کي اها ته چڱي طرح ڄاڻ آهي ته هن شهر جي آباد هجڻ جا ثبوت، سنڌ ۾، اسلام جي آمد کان ڪافي آڳاٽا، يعني هڪ صدي ق_ م ۾ ملن ٿا. هتان لڌل سڪا، برتن ۽ ٻيو سامان، اهڙي گواهي ڏين ٿا. هت ٻڌمت، هندومت، شو پنٿ ۽ انهن کان به اڳ جي انسانن جي آباد هجڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر ماهرن هنن آثارن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل مواد کي مختلف دؤرن ۾ ورهائڻ جي باوجود ۽ سڀني دورن کي اهميت ڏيڻ جي بدران، فقط هڪ دؤر کي وڌيڪ اهميت ڏيئي، ان جي وڌيڪ اُپٽار ڪئي ۽ واديءِ سنڌ جي تاريخ جي پهلوئن تي لکڻ ته پري رهيو، پر انهن کي ڇُهڻ به مناسب نه سمجهيو. هن ڏس ۾ماهرن  جي مراد فقط هيءَ هئي ته هت عربن جي آمد ۽ عربي تهذيب جي اثرن جا اهڃاڻ ڳولي، ثابت ڪري، انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر فضل احمد خان پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو:

”ڀنڀور جي کنڊرن تي هن وقت جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي، ان جو بنيادي مقصد آهي هن بستيءَ جي آغاز ۽ اٺين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ مسلمانن جي بودوباش جي طريقي ۽ ان دؤر جي تهذيب ۽ ثقافت جو پتو لڳائڻ (1)

واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان محبت رکندڙن کي عربي دؤر جي تهذيب ۽ تمدن، سنڌ جي معاشري ۽ معاشرتي تاريخ تي ان (اسلامي) دؤر جي اثر ۽ ڇاپ لاءِ قدر ۽ احساس آهي. تهذيبون هڪ ٻئي تي اثر ڪنديون آهن، اها هڪ مڃيل حقيقت آهي. سنڌي تهذيب تي عربي ۽ اسلامي تهذيب جي اثر کان سنڌ جو ڪوبه ماڻهو انڪار نٿو ڪري، پر ڀنڀور مان مليل سامان جي اڀياس مان ائين به ظاهر ٿئي ٿو ته هت ٻين تهذيبن جا به نشان ۽ اُهڃاڻ ملن ٿا، جن تي اڃا تائين قلم نه کنيو ويو آهي.

ڊاڪٽر فضل احمد خان جي مٿي بيان ڪيل راءِ مان اهو بلڪل واضح آهي ته سندس سامهون فقط هڪ مقصد هو ۽ اهو هو ’اٺين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ عربن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي طريقي ۽ عربي دؤر جي تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ کوجنا ڪرڻ‘. ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مان اهو چٽي طرح ظاهر آهي ته سندس دلچسپي هن قديم شهر ۾ رهندڙ ٻين قومن يا تهذيبن سان ڪانه هئي. انهيءَ سوچ جو نتيجو اهو نڪتو جو سواءِ مرحوم مسٽر عبدالغفور  ۽ شيخ خورشيد حسن جي، آرڪيالاجي کاتي جي ٻئي ڪنهن ماهر، هنن آثارن جي حوالي سان اڳتي ڪابه کوجان ڪانه ڪئي.

ڊاڪٽر فضل احمد خان جي نظريي ۽ راءِ جو ثبوت هن حوالي مان به ملي ٿو جنهن ۾ هو صاحب لکي ٿو:

”انهن کوٽاين مان هتان نه صرف هڪ وسيع ساحلي قلعبند  شهر جا آثار مليا آهن، پر هتان ان ابتدائي زماني جي فن تعمير ۽ ٻين لطيف فنن متعلق تمام گهڻيون شيون پڻ هٿ آيون  آهن. هتان مٽيءَ جي برتنن جو جيڪو وڏي ۾ وڏو تعداد هٿ آيو آهي، ان جي مدد سان محقق کي پهريون دفعو مسلمانن جي اوائلي دؤر جي برتنن جي مطالعي جو موقعو مليو آهي. اميد آهي ته هي مطالعو وڌيڪ تحقيقات لاءِ بنيادي  حيثيت رکندو(1)

ڊاڪٽر صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته:

”پنجن ڇهن جڳهين تي جيڪا گهري کوٽائي ٿي آهي، ان جي مدد سان انهن دڙن جي هر تهه جي خبر پئجي سگهي آهي. انهن هيٺين تهن کان مٿين تهن تائين، ’ساڪ  گهراڻي، ايرانين (ساسانين)، هندو، ٻڌمت ۽ اسلام جي ابتدائي ٽن دؤرن جا آثار معلوم ٿين ٿا، جيڪي پهرين صدي قبل مسيح کان وٺي تيرهين صدي عيسويءَ تائين هڪ ڊگهي زماني تي حاوي آهن(1)

هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته سٿين ۽ پارٿين، ايرانين ۽ ٻڌمت ۽ هندو دؤر واري هن قديم تهذيب متعلق اسان جا مؤرخ ۽ ماهر خاموش ڇو رهيا آهن؟ ڀنڀور واري تهذيب جي ملڪ ۾ پچار ڇو نه آهي؟ ڇا انهن جا برتن، رانديڪا، روزانه زندگيءَ جو سامان، سڪا، اُن قديم تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪجهه به نٿا بيان ڪن؟ اهو سامان پنهنجي دؤر جي معاشري ۾ معاشرتي زندگيءَ تي ڪابه روشني نٿو وجهي؟ جيڪڏهن انهيءَ سرمايي ۽ مواد جي مطالعي جي مدد سان اسان جي ملڪ جي قديم تاريخ، قديم تهذيب ۽ قديم ثقافت جي باري ۾ معلومات ملي ٿي ته پوءِ انهن جي باري ۾ اسان جا ماهر خاموش ڇو رهيا آهن ۽ انهيءَ دؤر کي اهميت ڇو نه ڏني اٿن؟

ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل سامان جي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته هن ۾ ڌار ڌار مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا. سڀ کان اهم نقطو هي آهي ته هتان مليل مواد تي جيڪي چٽ، گل، نقش، ڊزائينون ۽ جاندار جون شڪليون وغيره  آهن، انهن مان هن تهذيب جي رهاڪن، ماڻهن جي روزانه زندگيءَ، زندگيءَ جي فلسفي، سوچ، فڪر، مذهب، فن، هنرن ۽ ڪاريگرن ۾ ذوق ۽ نفسيات جي خبر پوي ٿي.

ماهرن کي اها خبر آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ٻولي، اُن ملڪ جي سماجي،  ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي؛ ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان ان قوم جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن، سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي خبر پوندي آهي. ڀنڀور جي آثارن مان مليل مواد جو مطالعو، هت رهندڙ  ماڻهن جي ذهني ارتقا، معاشي ۽ معاشرتي حيثيت، فن ۽ فنڪارانه قابليت، مذهب ۽ مذهبي اصولن وغيره جو املهه مواد سامهون آڻي ٿو، جنهن جي ڏسڻ سان علم الانسان جا ماهر هتي جي ماڻهن کي وڏي قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا.

هن ڏس ۾ مٿي بيان ڪيل نقطن ۽ هتي جي ماڻهن جي اخلاقي ۽ اقتصادي تاريخ متعلق گهڻي ۾ گهڻي ۽ مفيد معلومات انهن ٺڪرين جي ذريعي ملي ٿي، جن تي ’ڪلڪ‘ سان، اُن زماني جي ٻوليءَ جا ڪجهه اکر لکيل مليا آهن، جن کي ڊاڪٽر خان ”ProtoNagari“ اکر ٿو سڏي(1)

انهن ٺڪرين تي لکيل لفظ ثابت ڪن ٿا ته هن شهر جا ماڻهو نه فقط هڪ پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا، پر هو پنهنجي روزانه زندگيءَ ۽ وهنوار، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ به پنهنجي ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا هئا، پر هو اُها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا. انهن ٺڪرين تي لکيل اکرن مان ائين پڻ واضح ٿئي ٿو ته هن شهر جا ماڻهو، هڪ کان وڌيڪ رسم الخط لکي سگهندا هئا. هن مان اها به دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته هت رهندڙ ڌار ڌار قومن جو ڌار ڌار رسم  الخط هوندو هو. يعني لوهاڻا پنهنجو لوهاڻڪو يا لاڙي رسم الخط ڪم آڻيندا هئا، ته ٻيا هندو ارڌناگري رسم الخط ڪم آڻيندا هئا. اهڙي طرح هت ’مالوشائو‘ يا ’مالوائي‘ رسم الخط پڻ رائج هو.

 ٻولي، قومن جي زندگي، ثقافت ۽ تمدن جو آئينو آهي. سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي اها  ته خبر آهي ته انهن ٽن ٺڪرين مان هڪ، جنهن تي لوهاڻڪي (1) يا لاڙي رسم الخط ۾ ڪجهه اکر لکيل آهن، اُن ٺڪريءَ واري لکت، مون، سال 1968ع ۾ پڙهي، اُن جا نتيجا نئين زندگي رسالي ۾، مضمون جي صورت ۾ شايع ڪرايا هئا. وري اُن تي وڌيڪ اڀياس ڪري، 1979ع ۾ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطيءَ“ ۾، اُن جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو هئم. ان ٺڪريءَ تي لکيل اکرن جي پڙهڻ کان پوءِ مون جيڪي نتيجا ڪڍيا هئا، انهن کي هت دهرائڻ مناسب ٿو سمجهان. اهي نتيجا هي آهن:

(الف) ”ڀنڀور واري لکت مان هڪ يعني تصوير نمبر 10 واري لکت پڙهي وئي آهي. اُن لکت جي پڙهڻي آهي: لفظ ’بجُر هيدر‘. پهرينءَ سٽ ۾ لکيل لفظ آهي ’بُجُر‘  ۽ ٻيءَ سٽ ۾ لکيل آهي ’هيدر.‘ انهيءَ ٺڪريءَ توڙي ٻين ٺڪرين تي لکيل لفظ سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املهه نشاني آهن.

(ب) اسلام جي آمد کان اڳ، سنڌي ٻولي ديسي رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط هئا، يعني هر قوم کي پنهنجو پنهنجو رسم الخط هو. ٻولي اهائي ساڳي يعني سنڌي هئي، پر لوهاڻا ان کي پنهنجي نموني پيا لکندا هئا ته ڀاٽيا پنهنجو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا هئا.

(ت) اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي، واپاري ڏي_ وٽ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي. اُن ۾ نجوم، هيئت، رياضي، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت، روزانه استعمال جي شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لغوي خزانو موجود هو.

(ج) ’بُجر هيدر‘ لفظ، ويا ڪرڻ جي لحاظ کان توڙي نحوي نقطه نگاهه کان نهايت ئي دلچسپيءَ وارو لفظ آهي هن لفظ جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اڄ کان چوڏهن سؤ اٺاويهه سال اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي صفتي فقرن جي ساخت ۽ سٽاءَ ساڳي هئي.

ڀنڀور واريءَ لکت جي مطالعي کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته هتي لوهاڻڪو يا لاڙي رسم الخط، ارڌناگري رسم الخط ۽ مالوالي رسم الخط رائج هئا، جنهن جو ثبوت عرب سياحن جاحظ، ابن النديم ۽ البيرونيءَ جي بيان مان ملي ٿو. هن سلسلي ۾ جاحظ (864ع) لکي ٿو:

”سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گهڻو اڳتي ڏٺو، انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي (الخ).“ (1) مسودي (957ع) لکي ٿو:

”سنڌ جي زبان هندستان کان مختلف آهي. سنڌ اسلامي ملڪن سان قريب تر آهي. مهانگر يعني ولڀراءِ جي سلطنت جي تختگاهه جي ٻولي ’کڙي‘ آهي. هيءَ انهيءَ طرف  پسگردائيءَ جي زبان آهي، مگر ثقيل آهي. سامونڊي ساحل، چيمور، سوپاره ۽ ٿاڻي وغيره ساحلي شهرن جي زبان ”لاڙي“ آهي.“ (2)

ساڳيءَ طرح بشاري مقدسي (تصنيف 985) لکي ٿو:

”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي. هن سان هڪ سؤ ڳوٺ مليل آهن، هتي جا رهاڪو خياده تر هندو آهن. سمنڊ جو پاڻي طغيانيءَ جي وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو آهي. هتي جا باشندا واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالهائين ٿا.“ (3)

اهڙي طرح ابن النديم (995) جو رايو آهي:

”سنڌ جي ماڻهن جون زبانون ۽ مذهب باهم مختلف آهن، ۽ رسم الخط متعدد آهن. هن جا تقريباً ٻه سؤ رسم الخط آهن. سنڌ جي ماڻهن وٽ 9 رسم الخط رائج آهن..... الخ“ (1)

بلڪل ساڳي طرح البيروني لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾ کاري واري خطي تائين، ’مالوشائو‘ (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ’مالوالي‘ به چئبو آهي. بهمنوا (منصوره) ۾ ’سئندو‘ رسم الخط ڪم ايندو هو. لاڙي خط لاڙ ديس ۾ ڪم ايندو هو. ارڌناگري رسم الخط ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو.“ (2)

عرب سياحن جا مٿي جيڪي رايا ڏنا ويا آهن، تن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جي نه فقط ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو ويو آهي، پر انهن سفرنامن مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ان لاءِ ڪم ايندڙ لکت ۽ انهن جي ڌار ڌار نمونن بابت به پتو پوي ٿو. جاحظ، ابن النديم ۽ البيرونيءَ جي احوالن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اها روزمره جي استعمال واري ٻولي هئي. هيءَ ٻولي ماڻهن جي خيال جي اظهار جو ذريعو هئي ۽ اها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي هئي، ۽ اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته ان وقت جي ٻولي ان وقت جي تهذيب، ثقافت ۽ ان جي قدرن کي اجاگر ڪري ٿي.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ  مان مليل ٺڪرين تي لکيل اکرن جي وڌيڪ اڀياس کان پوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ابن النديم ۽ البيرونيءَ جيڪا راءِ ڏني هئي، سا سچي ۽ صحيح هئي، ان سلسلي ۾ پهرين 1968ع ۾، پوءِ 1976ع ۾ ۽ ان کان پوءِ 1979ع ۾ ۽ پوءِ 1993ع ۾ ڪڍيل نتيجن ۾ اهو عرض ڪيو ويو هو ته هتان لاڙي يا لوهاڻڪي ۽ ارڌناگري رسم الخط جا ثبوت ۽ نمونا مليا آهن.

قديم آثارن جو جڳ مشهور ماهر ڊاڪٽر داني پنهنجي ڪتاب Indian Paleography ۾، برصغير جي هندستان واري اڪثر حصن ۾ رسم الخط جي مختلف نمونن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حوالا به ڏنا آهن، جن جو ذڪر هن واري باب کان اڳ باب ۾ ڪيو ويو آهي؛ پر ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي باري ۾ شايد ڪا معلومات ملي ڪانه سگهي، جيتوڻيڪ عرب سياحن، سنڌي رسم الخط ۽ سنڌ ۾ مروج رسم الخط طرف واضح طور اشارا ڪيا هئا، ۽ انهن ۾، هندستان جي مشرقي، مغربي، اتر- اولهه، ڏکڻ وارن صوبن جي لپين جو به وستار ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر داني صاحب جو ڪتاب، صرف سنڌ جي ذڪر کان خالي آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ XVIa ۽ XVIb تختين تي ”ملوالي“ رسم الخط جا مثال ۽ حوالا ڏنا آهن، پر هن خط کي سنڌ ڳولڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي اٿن.

منهنجي خيال ۾ جنهن رسم الخط کي سرگريئرسن، ڪراچي ضلعي جو رسم الخط ٿو سڏي، سو اصل ۾ ’لاڙي يا لوهاڻو رسم الخط‘ آهي.

مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته هن کان اڳ، هڪ ٺڪريءَ تي لکيل لاڙي يا لوهاڻڪي اکرن جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، ۽ باقي رهيل ٻن ٺڪرين تي لکيل اکرن جي پڙهڻيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻي هئي. ڀنڀور سيمينار 1983ع ۾ ڀنڀور وارين انهن باقي ٻن ٺڪرين جي پڙهڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪيو ويو هو. اڳ ۾ جاحظ جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو علم رياضي، علم نجوم ۽ حسابن ۾ ڪافي اڳتي هئا. جاحظ جي هن دعويٰ جو دليل ڀنڀور مان لڌل هڪ ٺڪريءَ تي لکيل اکرن مان چٽي طرح ملي ٿو.

هن ٺڪريءَ جي اڀياس مان هڪ ته ان دؤر جي انگن لکڻ جي خبر پوي ٿي، ۽ ٻيو ته انهن انگن جي لکيل صورت مان پتو پوي ٿو ۽ ابن النديم جي راءِ جي تصديق ٿئي ٿي ته ان زماني  ۾ به سنڌ ۾ علم رياضيءَ جو عام رواج هو. ماڻهن کي انگن ۽ انهن جي ڳاڻيٽين ۽ حساب ڪتاب رکڻ جي پوري ڄاڻ هئي. هو نه فقط انگن جي سڄي صورت مان واقف هئا ۽ ان جي لکڻ جو وٽن رواج هو، پر ماپ ۽ تور ۾ به وڌيڪ آسانيءَ لاءِ، کين نه فقط انگن جي ڀاڱن ۽ جزن جي به زباني طور ڄاڻ ۽ خبر هئي، پر ان جو لکت ۾ به اظهار ڪري سگهندا هئا. ڪنهن به قوم وٽ اهڙي ترقي يافته طريقي جو هجڻ، ان قوم جي ذهانت جو ثبوت آهي. هن ٺڪريءَ (نمبر پهرين ص9) جي ٻي سٽ ۾..... دراصل سڄي لفظ جي ’لنڊي‘، ڇوٽي يا مخفف صورت آهي، جنهن جي مراد آهي ’ماپ‘، سنڌ ۾ اڄ به واپارين وٽ ائين لکڻ جو رواج آهي، هن سٽ ۾......... اکرن مان مراد آهي ’سوا هڪ پاءُ‘، سڄيءَ سٽ جي پڙهڻي ٿيندي ’ماپ سوا هڪ پاءُ‘. هن مان هي ٿو اندازو لڳائي سگهجي ته دڪاندار پنهنجي وقت بچائڻ لاءِ ڪنهن شيءِ جون، سوا هڪ هڪ پاءُ جي تور جيتريون پڙيون يا ويڙهيون اڳواٽ ئي ٻڌي، تيار ڪري رکندا هئا ته جيئن دڪاندار ۽ خريدار جو وقت ضايع نه ٿئي.

علم رياضيءَ سان دلچسپي رکندڙ ماهرن لاءِ وڌيڪ دلچسپيءَ وارو نقطو هي به آهي ته ڀنڀور جا ماڻهو ڪنهن به شيءِ جي ننڍن جزن مان به چڱي طرح واقف هئا. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سڄو، اڌ، پاءُ، ۽ منو وغيره جهڙا هڪ سڄي انگ جا جزا، ان وقت به سنڌ ۾ روزمره جي زندگيءَ ۽ واپار ۾ استعمال ٿيندا هئا.

هن لفظ کان هيٺ، ٽينءَ سٽ ۾ لکيل آهي.......... جنهن جي پڙهڻي آهي ’سوا ٻه.‘ يعني ته ڀنڀور جا رهاڪو نه فقط انگ اکر لکي سگهندا هئا، پر جزن جي ڄاڻ کان سواءِ، انهن جزن جي لکڻ جو به وٽن رواج هو؛ يعني ته هو وڏا حسابدان ۽ رياضيدان هئا، جنهن جو ذڪر جاحظ پڻ ڪيو آهي.

اهڙي نموني ساڳئي صفحي 30 تي، شڪل نمبر11 ۾ ڏنل ٺڪريءَ تي جيڪي اکر لکيل آهن تن جي پڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ٺڪريءَ جي پڙهڻيءَ مان، آءُ اڃا مطمئن  نه آهيان. اها دعويٰ نٿو ڪريان ته جيڪا پڙهڻي مون مقرر ڪئي آهي اها آخري ۽ بلڪل درست آهي، پر ماهرن جي ڌيان ۽ سوچ لاءِ، آءُ پنهنجا رايا پيش ڪريان ٿو، ۽ ٻين ماهرن کي پڻ دعوت ٿو ڏيان ته هو به هن ڏس ۾ ڪوشش ڪن. انهيءَ ٺڪريءَ تي پهرين سٽ ۾ جيڪي اکر لکيل آهن، اُهي هيٺ ڏجن ٿا:

ان جي پڙهڻي آهي: ’رمڊريها پٽ‘. ’پٽ‘ مان مراد ته ريشم آهي، پر ”رمڊريها“ ڇا آهي. ان تي سوچڻو پوندو. ممڪن آهي ته اهو ڪو ريشم جو قسم هجي.

ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي آهي: ’ڍيرو هئڊرو‘، يعني ’هئڊي رنگ جو ڍيرو‘، ۽ ٽينءَ سٽ جي پڙهڻي آهي: ’ننڍو‘.

انهن ٺڪرين جي پڙهڻيءَ مان خبر پوي ٿي، ته ان وقت ڪهڙي قسم جو ڪپڙو يا ٻيو سامان عام طور وڪامندو هو؛ ڪهڙين ڪهڙين شين جو واپار هلندو هو، ۽ سنڌي  سماج ۾ ڪهڙا ڪهڙا رنگ استعمال ٿيندا هئا. انهن ٺڪرين جي اڀياس کان پوءِ، سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ ماڻهن جي نفسيات، سندن طبيعت جي لاڙن، تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ ڪافي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. (1)

ببليو گرافي

1. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي چوٿون ڇاپو، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع

2. نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ حيدرآباد، پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي، 1993ع

3. Khan, F.A., Bhambore Excavations Revised Edition, Karachi, Department of Archacology, Government. of Pakistan, 1963.

4. ابن النديم: الفهرست، اردو ترجمه، ھندوستان عربون کي نظر ۾، جلد دوم، 1962ع

5. بشاري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفة، اردو ترجمه، ھندوستان عربون کي نظر ۾، ايضاً

6. جاحظ: رسالة فخرالسودان علي البيضان، اردو ترجمه ايضاً، 1960ع

7. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، ڏسو حوالو پهريون

8. مسعودي: مروج الذهب ومعاون الجوهر، اردو ترجمه، هندوستان عربون کي نظر ۾

9. Khan, F.A. Bhambore Excavations Revised Edition, Karachi, Department of Archacology, Gov. of Pakistan, 1963.

10. Sachau, E.C., Al_beruni’s India, London, Kegan Paul, Trench Trubner,1910.


(1) Ibid.,. PP.11 & 12

(1) Khan F. A Bhambore Excavations, Karachi. Deptt: of Archaeology. Govt of paksitan4 th, edition. 1976. P.9

(1) Khan F. A., Op. Cit, P.17

(1) Khan F. A., Op. Cit., P. 15.

(1) Khan F. A., Op. Cit P. 101

(1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، ڇاپو چوٿون حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993. ص31 ۽32

(1) جاحظ: رسالہ فخرالسودان علي البيضان، اردو، ترجمو، هندوستان عربون کي نظر ۾ اعظم ڳڙهه، دارالمصنفين، 1960ع، ص72.

(2) ابوالحسن مسودي: مروج الذهب ومعاون الجوهر اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 288_ 289.

(3) بشاري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفيه، ايضاً، ص 385_ 386

(1) ابن النديم: الفهرست، ايضاً، جلد دوم 1962ع، ص 3_4.

(2) Edward C. Sachau. Alberuni’s India. London, Kegan Paul Trench Trubner, 1910, R. 173.

(1) Khan F. A., Op. Cit. P. 15.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com