سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :23

ڪُوا (Kwa) خاندان واري ايراضيءَ جي اتر طرف ’گُر‘ (Gur) شاخ واريون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. ڪامرون نار جي اوڀر طرف، ڪانگو جي اترئين سرحد تي نائجر- ڪانگور ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن.

(4) چاري- نيل (Chari-Nile) خاندان:

نيل نديءَ جي واديءَ جي مٿانهين حصي ۾، ڏکڻ ۾ ٽئنگنيڪا (Tangenyika) طرف، ۽ اولهه ۾ چاري نديءَ جي ماٿريءَ ۾، ويندي چَڊ ڍنڍ تائين، هن خاندان واريون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. ’نيلوٽڪ‘ (Nilotic) هن جي مشهور شاخ آهي. هن ۾ ’ڊنڪا‘ (Dinka)، ’نيوئر‘ (Nuer)، ’شلُوڪ‘ (Shilluk) ٻوليون شامل آهن.

(5) بانتو (Bantu) خاندان:

گني ۽ سوڊان واري خطي جي ڏکڻ ۾ ’بانتو خاندان‘ واريون اُهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪي برطانوي اقتدار کان اڳ، سواءِ ڏکڻ- اولهه ضلعن جي، آفريڪا جي باقي حصي تي ڇانيل هيو. هنن ٻولين کي بُانتو خاندان، واريون ٻوليون چئبو آهي. هن خاندان وارين ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو تعداد پنج ڪروڙ ٿيندو. انهن ٻولين مان ڪي هاڻ واپاري ۽ دفتري ضرورتون پوريون ڪن ٿيون. هن خاندان ۾ هي ٻوليون شامل آهن: سُواحلي، لُگئنڊا ۽ ڪافر.

(الف) سُواحلي (Swahili): تَنزانيا (ٽئنگنيڪا ۽ زئنزيبار جي يونين) ۽ ڪينيا ۾ سرڪاري زبان طور تسليم ڪئي وئي آهي. بانتو خاندان جي هيءَ اهم ٻولي آهي. هيءَ ٻولي سڄي اوڀر آفريڪا، بيلجن ڪانگو جي اوڀر ۾ سڀني ڀر وارن علائقن ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(ب) لُگئنڊا (Luganda): آفريڪا جي يوگئنڊا واري خطي جي، بُگئنڊا قوم جي ٻوليءَ جو نالو آهي.

’بانتو خاندان‘ جون جيڪي ٻوليون ڪانگو ۾ عام آهن، اُهي آهن: اوڀر ۾ ’ڪانگو (Congo) ٻولي؛ ڏکڻ ۾ ’ليوبا‘ (Luba) ۽ اتر طرف ’اِنگلا‘ (Ngala). اهي ٻوليون واپاري ڏي- وٺ ۽ عام گفتگو ۾ ڪم اينديون آهن.

اڳوڻي روڊيشيا جي ڏکڻ طرف، هن خاندان جون جيڪي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، اُهي هي آهن:

شونا (Shona)، نيانُجَ (Nyanja)، انهن ۾ پوئين ٻولي اڳوڻي نياسالئنڊ جي ڏکڻ ۾ قبائلي ٻولين جي لهجن مان جڙي آهي.

انهن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي قبائلي ٻوليون آهن. جيڪي قبيلن جي اهميت ۽ اثر وغيره جي ڪري ڄاتل سڃاتل هونديون آهن. اهڙيون ٻوليون آهن:

يوگئنڊا ۾ ’گانڊا‘ (Ganda)، ڪينيا ۾ ’ڪُڪويو‘ (Kikuyu) ۽ ’ڪمبا‘ (Kamba)، ٽئنگنيڪا ۾ ’ڇَگ‘ (Chaga) ۽ ’نيام وسي‘(Nyam Wasi)، روئانڊا ۽ اُروُنڊيءَ ۾ ’رؤنڊي‘(Rundi) ۽(Rwands) سابق اُتر روڊيشيا ۾ ’بيمبا‘ (Bemba)، انگولا ۽ ڪمبونڊو (Kimbundu)، ڏکڻ- اولهه آفريڪا ۾ ’هيريرو‘ (Herero)، ڏکڻ آفريڪا جي ڏکڻ سوٺو ۽ اُترئين سوٺو ۾ زُولو(zulu)، خوس (Xhosa) ۽ ’سوازي‘ (Swazi) ٻوليون ڳالهائجن ٿيون.

(فنو- اُگريئن (Fino- Ugrian) خاندان(1):

 

هن- يورپي خاندان واري خطي جي اوڀر طرف، يورئشيا ۾ هن خاندان واريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هن خاندان جون ڇهه شاخون آهن.

(1) فنش- لئپونڪ (Finish-Lapponis): ناروي، سُئيڊن ۽ فنلئنڊ جي اُتر طرف اٽڪل ٽيهه هزار ماڻهو هي ٻولي ڳالهائين ٿا.

(2) فِنِش (Finnish): هن ٻوليءَ 1544ع کان ڪتابي ٻوليءَ جي صورت ورتي آهي. ٽيهه لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هيءَ فنلئنڊ جي معيار ۽ دفتري ٻولي آهي.

(3) ايسٿونئن (Esthonian): هيءَ ايسٿونيا جي دفتري ۽ معياري ٻوليءَ آهي. فنو- اُگريئن خاندان جون چار وڌيڪ شاخون يورپي ۽ ايشيائي روس ۾ به ڪن ڪن هنڌ ڳالهايون وينديون آهن:

(الف) مور ڊوائين (Mordvine): ڏهه لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(ب) چيرمس (Cheremiss): ٽي لک پنجهتر هزار ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(ٻ) پَرميئن (Permian): هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد چار لک ويهه هزار آهي.

(ڀ) زريئن (Zyrian): ٻه لک اٺونجاهه هزار ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(ت) هنگريئن (Hangarian): هيءَ حمله آور قوم جي زبان آهي، جا نائين صدي عيسويءَ جي وچ يورپ ۾ آئي. لئٽن جي پراڻن ڪتابن ۾ هن جا ڪي ڪي لفظ ملن ٿا. هن ٻوليءَ جي قديم لکت تيرهين صديءَ ڌاري ملي ٿي. 

(7) ترڪ وتاتار يا آلٽڪ خاندان:

هي خاندان وڏي ايراضيءَ ۾، ايشيا مائنر کان وٺي، عثمانيه دور واريءَ ترڪيءَ جي فتح ڪيل خطن، ويندي يينسي (Yenisei) نديءَ تائين پکڙيل آهي. هن خاندان وارين ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ٽي ڪروڙ نوي لک آهي. هن خاندان جون مشهور شاخون آهن:

(1) ترڪي، (2) تاتاري (Tartar)، (3) ڪرگيز (Krighiz) (4) اُزبيگ (Uzbeg)، (5) آذر بائيجاني (Azerbaijani) ۽ (6) ياقوت.

انهن مان آذر بائيجاني ٻولي، اُتر ايران ۽ ڪاڪيشس ۾ به ڳالهائي ويندي آهي. ياقوت شاخ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 2 لک آهي. هيءَ ٻولي سائيبريا واري خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

يارهين صدي عيسويءَ کان هن زبان ۾ عربي لفظ داخل ٿيڻ لڳا. چوڏهين صديءَ ۾، لاطيني ۽ فارسي لفظن جو ذخيرو داخل ٿيو.

ڪن ماهرن جو خيال آهي ته ترڪ و تاتار خاندان، منگول، مانچُو (Manchu) ۽ تُنگيز (Tunguz) جو مائٽ ٿئي . ڪن جو اڃا هي به خيال آهي ته اهي جملي ٻوليون، فِنو- اُگريئن ۽ سموييدي (Samoyed) يعني يورال- آلٽِڪ (Ural- Altaic) جون مائٽ ٿين (2). (1)

 

(8) منگول خاندان (Mangol):

هن خاندان واريون ٻوليون ترڪ و تاتار خاندان واريءَ ايراضيءَ جي اوڀر طرف منگوليا ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، پر منگول خاندان جي قديم خانه بدوش عادت سبب، منگول قبيلا، ايشيا جي مختلف هنڌن تي پکڙيل نظر اچن ٿا. انهن مان ڪي ايشيا، ته ڪي يورپي رشيا ۾ به نظر اچن ٿا. هن زمان جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ٽيهه لک ٿيندو. هن جا قديم اُهڃاڻ، لکت ۾ چنگيز خان جي قوت ڌاري تيرهين صدي ۾ ملن ٿا.

(9) مانچو ۽ تنگز (Manchu & Tunguz) خاندان:

منگوليا جي اتر واري خطي ۾ هن خاندان واريون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. اهي ٻوليون ’ياقوت‘ زبان کي، ترڪ و تاتار خاندنا وارين ٻين ٻولين کان، ڌار ڪن ٿيون.

تُنگُز ٻوليون، سائبيريا واري ايراضيءَ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد ستر هزار کن ٿيندو. ’مانچو‘ ٻولين جي ڳالهائيندڙن جي تعداد جو پورو پڪو انگ ڏيئي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته چين ۾ اڪثر مانچو قبيلا چيني ٻولي ڳالهائين ٿا. ’مانچو‘ علمي ۽ ادبي  زبان آهي، ۽ 1647ع کان ڇاپي هيٺ آئي آهي. 

(10) ڪاڪيشي خاندان:

هن خاندان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون شامل آهن؛ اهي آهن:

(1) ڏاکڻي ڪاڪيشي: هن ۾ جورجيئين(Georgian)۽ منگريليئن(Mingrelian)  ٻوليون اچي وڃن ٿيون. جورجيئن ٻوليءَ ۾ تمام اهم ۽ قديم علم ادب ملي ٿو.

(2) اُترين ڪاڪيشي: هن ۾ ’آبخاشيئن‘(Abkhasian)

’آور‘(Aver) ’چيچن‘(Chechen)  ۽ ’ڪابارديئن‘(Kabardian) ٻوليون شامل آهن.

(ii) هند چيني يا هند تبتي (Indo-Chinese or sino- Tibetan)

هن خاندان جي ٻولين جون ٽي مکيه شاخون آهن. اڀرندي ايشيا ۾ وڏي ايراضيءَ ۾ هن خاندان جون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. مکيه شاخون هي آهن:

(1) چيني (Chinese)، (2) ڪيانگسي تائي (Tai) ۽ (3) تبت و برمن (Tibeto-Burman)

(1) چيني: اٽڪل چاليهه ڪروڙ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هيءَ زبان هند چينيءَ جي ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏي شاخ آهي، ۽ چين جي اترئين اڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي چئن شاخن ۾ ورهايل آهي؛ اُهي آهن:

(الف) مَندَرن (Mandarin): هن شاخ ۾ هيٺيون ٻوليون شامل آهن:

1. اترين چيني: هيءَ بيجنگ واري ايراضيءَ جي ٻولي آهي.

2. مڌيه چيني: هيءَ نينڪنگ خطي جي ٻولي آهي.

3. اُلهندي چيني: الُهندي خطي جي ٻولي آهي.

4. وچ ساحلي شاخ: هن ۾ شانگهائي، نگپو ۽ هاگڪو جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون.

(ب) ڏاکڻي چيني شاخ: هن ۾ ’فُوچو‘ (Foochow)  آموئي‘ (Amoy)، ’سوئتو‘، ’ڪَئنٽيز‘ (Cantonesce) ۽ ’هڪا‘ (Hakka) ٻوليون اچي وڃن ٿيون. هن جي قديم لکت 2000 ق. م ۾ ملي ٿي.

(2) ڪيانگسي/ تائي (Tai): ٿائيلئنڊ جي، ٿائي، يا سيامي ٻولي، هن شاخ سان واسطو رکي ٿي. اٽڪل ستر لک ماڻهو هي زبان ڳالهائين ٿا.

(3) تبت و برمن: هندستان، برما ۽ بنگلاديش جي پهاڙي علائقن ۾ هن ٻوليءَ جا لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. هيءَ شاخ هيٺين ٻولين تي مشتمل آهي، اُهي آهن:

(الف) تبتي: هيءَ نه فقط تبت جي ٻولي آهي پر برما جي  سرحدي علائقي جي بالتستان خطي ۾ بالتي ۽ هنزا ۾ بروشڪي لهجن ۾ ڳالهائي ويندي آهي. هن ٻوليءَ جا اوائلي اهڃاڻ نائين صدي عيسويءَ ڌاري ملن ٿا.

(ب) برمي: هيءَ برما جي ٻولي آهي. اٽڪل اسي لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائيندا آهن.

(ٻ) بوڊو- ناگا: ڪُڪي چن (Kuki-Chin) تبت و برمن جون شاخون آهن. برما، بگلاديش ۽ هندستان جي پهاڙي علائقن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون.

(12) هائپر بوريئن خاندان:

هن خاندان واريون ٻوليون ايشيا جي بلڪل اترينءَ ڪنڊ ۾ ڳالهايون وينديون آهن، هن خاندان واريون ٻوليون هي آهن:

1. چڪچي (Chukchee): ڏهه هزار ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(2) ڪوريئڪ (Coryak): اٽڪل هڪ هزار ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(3) ڪمچدل (Kamchadal): اٽڪل هڪ هزار ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

انهن کان سواءِ اوڀر ايشيا جون ٻيون به ڪيتريون ئي ٻوليون آهن، جن جي خانداني نسبت جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. انهن مان ڪي هي آهن:

(1) گلياڪ (Gilyak): سکالين ٻيٽن جي اُتر ۾، آمور (Amur) نديءَ جي منهن واري خطي ۾ ڳالهائبي آهي.

(2) آئنو (Ainu): هيءَ ٻولي جاپان ۾ اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ڳالهائيندا آهن.

(13) جاپاني خاندان:

هن خاندان جون ٻه شاخون مکيه آهن: (الف) جاپاني ۽ (ب) ڪوريئن.

(الف) جاپاني: جپان جي ٻولي آهي. پنج ڪروڙ ۽ سٺ لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هن جا قديم اهڃاڻ اٺين صديءَ ڌاري ملن ٿا.

(ب) ڪوريئن: ڪوريا جي ٻولي آهي. هن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد هڪ ڪروڙ ستر لک آهي.

(14) دراوڙي خاندان: Dravidian Family

برصغير پاڪ و هند ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. هند- آريائي ٻولين واري خطي جي ڏکڻ ۾، دراوڙي خاندان واريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هن خاندان ۾ هيٺيون ٻوليون شامل آهن:

(1) تامل: ڏکڻ- اولهه هند ۾ ڪرناٽڪ يعني اُلهندي گهاٽن جي هيٺاهن ميدانن کان وٺي، ڪيپ ڪامورن ۽ ڏکڻ هندستان جي جبلن جي وچين قطار، بينگال جي اُپسمنڊ تائين (گهاٽن جي اولهه طرف ۽ ٽراونڪور جي ڏکڻ واري حصي ۾) ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي سري لنڪا جي اتر ۽ اتر- اولهه ۾ به ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ پراڻي ۾ پراڻي ٻولي آهي. اٽڪل هڪ ڪروڙ اسي لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(2) ملايالم: ڏکڻ هند ۾ ڳالهائي ويندي آهي. تامل کان پوءِ هن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد گهڻي ۾ گهڻو آهي. هيءَ ٻولي ملبار جي ڪناري تي ڳالهائي ويندي آهي.

(3) ڪنڙ: تامل ٻوليءَ واري خطي جي اتر طرف ڳالهائبي آهي. هيءَ ٻولي ميسور واري ايراضيءَ ۾ ڳالهائبي آهي. اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هن جي پراڻي لکت پنجين صدي عيسويءَ کان ملي ٿي.

(4) تيليگو: ڏکڻ- اوڀر هند جي زبان آهي. ڪل ٻه ڪروڙ چاليهه لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. بينگال اُپٻيٽ جي ڪناري، نظام جي رياست ۽ ناگپور واري ايراضيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(5) بروهڪي: هيءَ ٻولي بلوچستان جي جابلو علائقي ۽ سنڌ ۾ بروهي قوم جي زبان آهي. هيءَ ٻولي آرين ۽ ايرانين جي آمد کان اڳ، برصغير ۾ دراوڙ حڪومت جي يادگار آهي. هيءَ ٻولي 174000 ماڻهو ڳالهائين ٿا.

اهڙيءَ طرح ’گوند‘ (Gond) ’ڀيل‘ (Bhil) ’ڪول‘ (Kol) ۽ ’باگڙي‘ به دراوڙي خاندان جون ٻوليون آهن. 

(15) آسٽرو- ايشياٽڪ خاندان:

آسٽريليا کنڊ جا رهاڪو ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيندا آهن، جن کي هن نالي سان سڏيندا آهن. هن خاندان ۾ هيٺيون ٻوليون خاص طور شامل آهن. اهي ٻوليون ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۾ به ڳالهايون وينديون آهن:

1. ’مُنڊا‘ (Munda): هن شاخ واريون ٻوليون هندستان ۾ هماليه جبل جي ڏاکڻئين ڪَرَ ۽ وچ هندستان ۾ ڇوٽا ناگپور واري خطي ۾ ڳالهائبيون آهن. اٽڪل 000، 00، 30 لک ماڻهو اهي ٻوليون ڳالهائين ٿا. سنٿالي ٻولي هن جي هڪ اهم ۽ مشهور شاخ آهي.

2. کَاسي (khasi): هي ٻوليءَ آسام ۾ کاسي قبيلي جا ماڻهو ڳالهائيندا آهن.

3. مان: هيءَ شاخ ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۾ نڪوبار ٻيٽن سميت، ۽ ملايا اپٻيٽ جي ڪن ضلعن ۽ برما جي ڏکڻ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. هن ٻوليءَ جا قديم اُهڃاڻ ڪمپيو(-) جيئن (Cambodian) ٻوليءَ ۾، ستينءَ صديءَ ۾ ملن ٿا.


(1) ’ماريوپاءِ‘ هن خاندان کي اَرئَلڪ (Uralic) خاندان سڏبو آهي، ڏسو: 31P. Marip A. Per. پر بلومفيلڊ ۽ گليسن، فنو- اُگرو خاندان سڏيو آهي، ڏسو: 463. P،Cit  Bloomfield, OP.

(1) Mario Per, Op. Cit. p.31.

Also See: Gleason, H.E., Op. Cit., P. 463.

(2)  ماريوپاءِ، انهن کي يورال- آلٽڪ جي سري هيٺ بيان ڪيو آهي، ڏسو: 30. Mario Per, Op. Cit. PP. 30

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com