سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :13

ڙوئِي = پَکي وارو (پکڙوئِي پير يعني پَکي يا ڇپريءَ وارو پير تپي يارو لنڊ تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ آهي)

پَڻبو = لَٺ جهڙي اڻ گهڙيل ڪاٺي.

پَهُلو پير = هلڪو پير، آواز نه ڪندڙ قدم (پَهُلا پَهُلا پير ڏيڻ = جهلي جهلي قدم رکڻ)

پير تي آ = ساڳئي هنڌ موٽي اچ، ساڳي اوڙ تي موٽ (هر ۾ وهندڙ ڏاند کي هاريءَ جي هڪل)

جَلوَٽ = ڪاوڙ ۽ غصي جا جذبا.

ڄائو پارو = سخت ٿڌ، جنهن ۾ پاڻي ڄَمي پوندو آهي.

جيهڪِي ٽِپَهري = ٽپهري جون پويون گهڙيون.

جُهل جُهلان = وَڳَ، حملي لاءِ چتاءُ، حملي جو سانباهو.

جهُلِي = اڪيلي ڏاند کي نار ۾ جوٽڻ لاءِ هڪ ڳاري وارِي پاڃاري.

چُت سيڪ = کوهه ٽُٻندڙ ڪاريگر جو مددگار، جو فقط ٽوٻي وانگر باهه تي پُٺي سيڪيندو رهي، ننڍڙو ٽوٻو.

چَٽو = ڀاڪر (گاهه جو چَٽو يا ڀاڪر).

چِتاوو = چتاءُ، خبر، اطلاع، سُڌ.

چَٽو هڻڻ = ڪبڊي راند ۾ ڀاڪر وجهڻ جهلڻ، دوڦو ٻڌڻ، اڳ ٻڌڻ، اڳ ٻَڌِي ڳالهه پڇڻ.

چَنبي جهلڻ = ڪُتي جو اچي هٿ ۾ چڪ وجهڻ.

چُوتَڙِي پيرا = پيرن جا نشان جي اچڻ واري طرف ڏانهن ڳولجن.

چُوچِڙ = چِچِڙُ، ڳوئِڙُ.

چوچَن = کاڌي پيتي جا مزا.

چَوسَلو = کٽ، کٽولو (چئن سَليل يا سوراخ ڪيل پاين مان ٺهيل شيءِ)

چَوسَلو آ = کَٽَ جو قسم (ڇو ته کٽ تي لاش کڄندو آهي)

چَوسَلي تي هٿ آ = کَٽَ جو قسم.

چَوطاق ڪِرَڻ = پُٺيءَ ڀَر ڪِرڻ، اهڙي نموني ڪرڻ جو چارئي عضوا (ٻه ٽنگون ٻه ٻانهون) هڪڙي ئِي وقت اچي ڌرتيءَ تي لڳن.

چُوڻِي = چُونڊو (ڦٽين وغيره جو)، چُونڊِي

ڇاوُٺِي ڇا واڻِي؟ = ڪهڙا حال آهن؟ ڇا وهيو واپريو آهي؟ ڪهڙي خبر آهي؟

ڇَپيت = ڇيت، ڪاٺيءَ جو سنهو ذرو

ڇِڊ (ڇِڊر) = بِرُ، ٽهندڙ، ماڻهن کان پري ڀڄندڙ.

ڇِڊوڙا (ڇِڊروڙا) = ڇاپاڪو، رت جي خرابيءَ سبب بدن تي ٿيل دَٻَڪ يا ڳاڙها نشان.

ڇِڙتَل = ڳئون يا ڏاند جنهن جا جوان ٿيڻ جي باوجود اٺن بجاءِ ڇهه ڏند هجن.

ڇُڙِتَل = ڇُڙت، چالاڪ، بي لغام

ڇُلڪَڻ = لبريز ٿيڻ، ڀريل ٿانءَ جو ڪنارن کان هارجڻ.

ڇَلڪڻو = ڦوڦينڊو، ڦَلوسِڻو، ڇِلڻو.

ڇُلڪَڻو = ڇُلڪَندَڙ. جيڪو پورِءَ طره بند نه ٿئي.

ڃَل ڇَلان = تمام گهڻو پاڻي، ٻوڏ جهڙو پاڻي.

ڇوٽ پائو = ننڍين ٽنگن وارو (ڇوٽ پائو ٻَڪر وغيره)

حال ڌاڳا = فقيري ويس، فقيري لباس، فقيري لوازمات

حيثِي = مَٽ، ثانِي، ساڳيءَ حيثيت وارو.

دارِي = پالنا، تات سانڀ، سنڀال، خدمت: کير آهن دارِيءَ جا يعني دارِي ڪبي ته مال کير ججهو ڏيندو.

دانهوڙِي = دانهن کڻي آيل، فريادي

دَرجواب = جواب، سوال جو جواب

دَس = طرف، ڏِس، مُلڪ، ڏيهه.

دِم = ڏيڪا، دِڳ، ڪاڙهيل لسيءَ مان نڪتل ڦوڳ.

دوھ چنڊو = بنهه بيڪار، صفا چنڊو.

دوناڙڻ = دُون يا دوناڙ سان ڌڪ هڻن.

دِهِي = نظر، ڏسڻ واري پُتلِي.

ڏاڪي ڇُو = جُهمر جو قسم، جنهن  ۾ ڪاٺ جي ڏونڪن سان کيڏڻ وقت، ڏونڪو ڏونڪي تي هڻي ”ڇُوڇُو“ جو آواز ڪڍبو آهي.

ڏاندارُون = خون جي خرابيءَ سبب چمڙيءَ جي اندران پيدا ٿيل ڦوڙو، جو پيشانيءَ تي اڀرندو آهي.

ڏاوَڻ وَنڊَرا = شاديءَ جا ساٺ سَوَڻُ، هن ساٺ ۾ گهوٽ کي کاري تي چاڙهي، سندس اُڀي ڪيل هٿ جي آڱوٺي کي ريشمي تندن سان ڏاوڻ وانگر ونگيو ويندو آهي (ڏاوڻ ڏائڻ جي رسم)

ڏٻِاهه = پيچش، سُورِي ٻاهي ۾ نڪرندڙ لڳ لڳ دار مادو.

ڏوگهڻ = هڪ ئي وقت ڳيت ڏيئي ڇڏڻ، گهڻو پيئڻ.

ڏيڪا = دِڳ، دِم، ڪاڙهيل لسي جا چاڻا

ڊِرٻ = ڍڳ، ڍير، گهڻو تعداد.

ڊُڊ ڳالهائڻ = خراب ڳالهائڻ، بدتميزيءَ سان ڳالهائڻ.

ڊُڍرو = دُڍو، اندر جو پليد، منافق، ٺڳ

ڊُروڪِل = سنهڙو، صفا لاچار.

ڊَرڳڻ = مار ڏيڻ، ڪُٽَڻُ

ڊِريِهه = ڍڳ، نونر، گهڻو تعداد

ڍَروڳل = ڍايل، ڍراول، ڍارول، ڍَوڪيل

ڍوڍر = ٽاڪڙو ڪانءُ، وڏو ڪانءُ

ڍووو = ڍويو، تحفو، شادي جي موقعي تي ڪاسبين طرفان ڏنل سامان، جنهن جي عوض شادي وارو انعام طور ڪجهه رقم ڏيندو آهي.

رامجهول، رامجهولا = ڪنن جو زيور

رَپڙي زمين + سخت زمين، جا تمام گهٽ پاڻي چُهي.

رِنگهڻ = مينهن جو آواز، ڪُڻڪڻ

رِنگهاٽ + رِنگهه، روڄ راڙو، ڪُرڪو،ڪنجهڪو.

رَهچِنجِڻ = دلپسند اوزار، ڪوڏر وغيره (تازو شادي ڪيل ماڻهو کي ڀائرن ڪوڏر جي ڪم ڏانهن سڏيو، زال کي چيائين ته ”رن رَهه چِنجِڻ کڻي ڏي ته ڀائرن جو ڀاءُ ۽ شريڪن جو شريڪ ٿيان“. ڪوڏر کيس گهڻو ٿڪائي وڌو، ڀائرن ٻئي ڏينهن جڏهن ساڳئي ڪم ڏانهن سڏ ڪيو، تڏهن زال کي چيائين ته ”رَن بُڪين- ٽوڙ کڻي ڏي ته ڀائرن جو مُنهن ڪارو ڪيان“)

رِيهَٽ = رڙ، ريهاٽ، ڪيڪڙاٽ، ٻاڪار.

زَرڙاٽ = زوردار آواز سان تکو نڪري وڃڻ.

ساک = ڇهن مهينن جو عرصو (سال ۾ ٻه ساکون ٿين ٿيون، گهڻو ڪري وَهُو ڏاندن جي عمر ڪٿڻ لاءِ اهو لفظ ڪم ايندو آهي: ”جنهن جي ساکن جوسَهِي تنهن جا ڏند ڇا ڏسبا“). ويساهه، اعتبار: ”تن گهرن جون ڪيهُون (ڪهڙيون) ساکان، ويچن ٻير تي کاون ڊاکان.“

سال، سالهه = ڪکن ڪانن سان ڍڪيل لهوارِيءَ ڇِت وارو ڪمرو.

ساءِ وارا = دوستيءَ وارا، دوست، تعلقدار.

سانوين سَٽي، سانوين سَٽِي = مال جي بدلي مال وٺڻ، جنهن ۾ اُتر (وڌيڪ رقم) ڏيڻو نه پوي.

سبب = جِن ڀوتن جو پاڇو.

سَڀائِي = عورت جو نالو، چڱي وڻندر، جنهن کي چڱوڀانئجي

سَردَر = دروازي جي مٿان، ڀت جي بار روڪڻ لاءِ رکيل ڪاٺ.

سِرميل = گهوٽ ۽ ۽ ڪنوار کي آمهون سامهون ويهاري، ست ڀيرا سندن مٿا ٽڪرائڻ، شادي.

سِرو = ڌاند يا مينهن وغيره جو وڍيل سر

سَروبَدر = مال جي بدلي مال، جنهن ۾ اُتر ڏيڻو نه پوي.

سَرِيون = ڪاٺ جون پٽيون، جي ڦيٿي جي ٿاپي ۽ ونگين کي پاڻ ۾ ملائي رکنديون آهن.

سُنڀو = لوهه ۾ سوراخ ڪرڻ جو اوزار.

سَندَڪ = سنگت

سَنگ مِصري= سنگ واري مصري، ڳنڍي واري مصري.

سوُٽَرڻ ڦاهِي = اهڙِي ڳنڍ جا ڇڪڻ سان ازخود بند ٿي وڃي.

سُوٽِي = دُن

سيئوُ پاڻي = درياءُ جو پاڻي.

شاخ = چُهنبيارو ڏند، ڪُتي جو ڏند.

شُترو = بي محابو، بي احساس، بي حس، پنهنجي مطلب جو (گهڻو اڳ هندن جا ڪي فقير، پاڻ سان مختصر سامان کنيو، اڄ هن شهر ۾ سڀان هُن شهر ۾، ايئن ئي پيا هلندا هئا. ڪنهن جي مُراد پهچي يا ڪو عزيز مري وڃي، ٻنهي حالتن ۾ ان کان پنج پئسا روڪ ۽ پتاشن جو شربت وٺندا هئا، تنهن ڪري چئبو هو ته ”ڪوئِي مَري، ڪوئي جِيوي، شُترا گهول پتاسي پيوي“)

شَڪل نه وَجهه = نه شڪل نه شبيهه.

شلول = پُور، ريچڪ

شَلولِي = پُورالو، پنهنجو خيال وارو.

شَمَدڻ = شبن، نِمي، ماڪ

شوُڪَڻ = نانگ جو ڪاوڙ مان ڦوڪا ڏيڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com