سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :2

باب ٻيو

 

ماڃرَ، ڪڪرالي ۽ کاري ۾ رَهندڙ ذاتيون

 

ماڃَر، ڪڪرالي ۽ کاري وارا حصا سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي واري سب ڊويزن سجاول، پنجن تعلقن: ميرپور بٺورو، سجاول، جاتي، شاهنبدر ۽ کاروڇاڻ تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ کارائي ڀاڱي ۾ سب ڊويزن ميرپور ساڪري جو تعلقو ڪيٽي بندر وارو علائقو پڻ اچي وڃي ٿو.

هن باب ۾ ذاتيون تعلقي وار سلسلي سان هيٺ ڏنل آهن. جيئن خبر پئجي سگهي ته ڪهڙي تعلقي ۾، ڪهڙيون ڪهڙيون قومون ۽ ذاتيون رهن ٿيون. البت تعقلي ڪيٽي بندر جي ڪجهه اهڙين ذاتين کي به ڏنو ويو آهي، جيڪي لاڳو کارائي ڀاڱن ۾ رهن ٿيون:

تعلقو ميرپور بٺورو: سنڌ ۾ قومن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: هڪ سماٽ، ٻيو بلوچ، ٽيون سيد. هن تعلقي م بلوچ قوم جون ڪل سورهن، چار آباد پنجابي، اٺ غير مسلم، هڪ پٺاڻ ۽ ٻيون سڀ سماٽ قوم جون ذاتيون آهن:

(الف) آرائين، اَبڙا، اُڍيجا، اعواڻ. (ب) بالاچَ، بِروهي، بڪَڪَ، بُڪيرا، بَهراڻِي، بِرهمڻ (هندو). (ٻ) ٻَارَچَ، ٻارَڻ، ٻئيتالَ، ٻاگهَلَ، ٻاٻَڙا، ٻانهيپوٽا، ٻوڙاڻا، ٻَٻَر، ٻيلائي. (ڀ) ڀُٽا، ڀَٽ، ڀَٽي، ڀُرڳڙي، ڀَنڀرا، ڀَنگي (هريجن) ڀيل، (هندو). (ت) تُرڪ، تيتَرِي، تماچي. (ٿ) ٿيٻا، ٿهيمَ. (ٽ) ٽَانڪَ، ٽَانڊائي، ٽَڳڙَ، ٽيمَڙا. (ٺ) ٺاراڻي (مهاڻا). (پ) پاربي، پالاري، پارِيهڙي، پَرهياڙَ، پَخالي، پٺاڻ، پَتَرا، پُسيا، پَنهور، پَلاه، پنجابِي، پونِجَاڻِي، پَلِيجَا، پِيڃَارا، پيرزدا، پير. (ج) جاڙيجا، جاداڻي، جانوري، جاڳا، جت، جَمارِي، جمالي، جَلالاڻي، جوڳي، جلباڻي، جُوڻيجا، جوکيا، جَکِيهَ، جتوئي (چ) چانڊيا، چانگَ، چانِهيا، چاڪِي، چنڊاڻي، چوهاڻ. (خ) خاصخيلي، خشڪ، خواجا. (د) دايا، دوراڻي، دَلَ، دُوها. (ڌ) ڌَماچ. (ڏ) ڏيٿا، ڏچَرَ. (ڍ) ڍومڪي (اصل ۾ ڊومڪي). (ر) رَها، رَانٽا، رند، رُوپائي، رَپَڙَ، رَهَبرَ. (ز) زَنئُور، زَنگيجا. (س) سانداڻي، ساندَ، سامِي، ساٽِي، سُرهِيهَ، سومرا، سوڍا، سيد، سَمان، سميجا، سورا، سَهَتا، سُوها، سَگِرِيه، سُورجا، سِسَر، سولنگي، سَرواڻ، سِيَالَ. (ش) شينا، شورا، شورائي، شَرَ، شِڪاري (غير مسلم)، شيخ، شيدي. (ص) صُوفي. (ع) عباسي، عمراڻي، عيسائي. (ق) قَهيري. (ڪ) ڪاٺَ، ٻانڀڻ، ڪَاريا، (غير مسلم)، ڪاتيار، ڪاٺياڙا، ڪانڌڙا، ڪوٽائي، ڪورِي، ڪَڪَاڻِي، ڪِيڙانا، ڪوڪڙي (غير مسلم)، ڪورائي، ڪَڇي، ڪَنڊراهَه، ڪلهوڙا، ڪولهي (غير مسلم) ڪَنادَ، ڪَنگهاڻِي، ڪَلانتَري. (ک) کاڙَڪَ، کارائي، کٽِي. (ڪڇي ۽ سنڌي) کَڏا، کُڏائي، کوڏِيا، کوسا، کيبَرَ، کوکَرَ، کوڙَ. (گ) گُگا، گندرا، گُوندَلَ، گوپانگ. (گهه) گَهگهڙَ، گِهراڻه. (ل) لانگا، لاکا، لاشاري، لاکاٽيا، لوڍا، لُنڊا، لُوجا، لُنڊَ، لوهاڻا (هندو) لُکياڻي، لُوهارَ. (م) ماڇي، ميمڻ، ملاح، ميرانخورَ، مغَلَ، ميربَحَر، مَنڇَر، مَڱڻهار، مَهرِي، ميگهواڙ (غير مسلم) مَڪراني، ميراسي، مَڱرِيا، مگسي، مينڌرا، مهراڻَ پوٽا، مَنڊا، (ن) ناهِيا، ناڏيهه، ناريجا، نُهڙيا، نَونارِي، نورنگ زادا، نوتڪاڻي. (و) واڻيا (هندو)، ونگرا. (هه) هاليپوٽا، هولاڻي.[1]

تعلقو سجاول: هن تعلقي ۾ رهندڙ ڪُل ٻه سو پنجويهه ذاتين مان ٻارهن بلوچ، ڇهه هندو ۽ ٻارهن هريجن، چار پنجابي هڪ پٺاڻ باقي سماٽ ذاتيون آهن:

(الف) آرائين (پنجابي) آمڙا، اَبڙا، اوٺا، اربابَ، اوڀاڙا، (مهاڻا) آگِهيمَ (مُهاڻا)، آبلاڻي، (مهاڻا)، اعواڻ (پنجابي)، اُنڙ. (ب) باندق، بروهي، بُرفَتَ، بُوبَڪَ، بَنواڻي (مُهاڻا)، بَبواڻي، بانو شاهي (هندو)، بَڊاڻي (مهاڻا)، بَڪائي (مهاڻا)، برهمڻ، بنساري (هندو)، بَهمَ. (ٻ) ٻاگَلَ، ٻارڻ، ٻاٻڙا، ٻُرڙا، ٻِجوارا، ٻوڙاڻا، ٻوڙا (مهاڻا)، ٻَڙا (هريجن). (ڀ) ڀانَ، ڀٽَ، ڀٽي، ڀُرڳڙي، ڀُٽا، ڀَنڊَ، ڀنڀرا، ڀنگي (هريجن)، ڀيل (غير مسلم). (ت) تارڙا (مهاڻا)، تِتِري (مهاڻا). (ٽ) ٽنگرَ، ٽويا، ٽانڍائي (مهاڻا)، ٽيمڙا (مهاڻا). (ٿ) ٿَهيم، ٿهيمورَ. (پ) پَنهورَ، پارهيڙي، پِتوجا، پاتڻي، پَٺاڻ، (سنڌي)، پُسِيا، پِلَيپوٽا، پيرَ، پرهياڙ، پَليجا، پونجاڻي (مهاڻا)، پارئي، پٽيلائي. (ٽ) ٽالپر، ٽويا. (ج) جمالي جَماري، جت، جتوئي، جوڻيجا، جُماڻي (مُهاڻا)، جاداڻي، جوڳي، جنگاهي، جاکرا، جَڳيا، جِسڪاڻي. (جهه) جَهنڊيلَ. (چ) چانڊيا، چانگ، چوهاڻَ، چالَڪَ، چنڊاڻي (مهاڻا)، چارڻ. (ڇ) ڇَلگرَ. (ح) حجامَ. (خ) خاصخيلي، خُواجا، خليفا، خُشڪَ، (د) داؤد (مهاڻا)، دل، دوراڻي (مهاڻا) دبائي (مهاڻا). (ڌ) ڌانڌل، ڌڙيا (مهاڻا). (ڏ) ڏاهري، ڏچَر، ڏڦائي (مهاڻا). (ڊ) ڊاڀائي (مهاڻا)، ڊاگوري (مهاڻا). (ز) زنگيجا، زيند پوريا. (س) سيد (بخاري – مٽياري)، سومرا، سهتا، سَمان، سُوها، سولنگي، سميجا، سانگي، ساندَ، سورجا، سَخيراڻي، سوڍا، سَنَڙا، سيڪڙا، سرواڻ، سَٺِيا، سانڌاڻي، سائي (مهاڻا)، سَسِيا (مهاڻا)، سورائي، سِرائي، سامي (غير مسلم). (ش) شورا، شيناَ، شيخ، شيدي (قمبراڻي)، شاعر (مهاڻا)، شڪاري (هريجن). (ع) عباسي، عمراڻي. (ق) قراليشي. (ڪ) ڪوريجا، ڪناند، ڪَهيري، ڪڇي، ڪِيڙانا، ڪانٿ، ڪِيريا، ڪنگاڻي (مهاڻا)، ڪنڊراههَ، ڪوچائي (مهاڻا)، ڪوچايا (مهاڻا)، ڪوٽي (مهاڻا) ڪانڀائي (مهاڻا)، ڪُونجڙا (مهاڻا)، ڪَهراڻي (مهاڻا)، ڪارڙا (مهاڻا)، ڪوٽائي (مهاڻا)، ڪنڍائي (مهاڻا)، ڪَلاڻي (مهاڻا)، ڪڪاڻي (مهاڻا)، ڪهيرائي (مهاڻا)، ڪولهي (غير مسلم)، ڪوڪڙي (غير مسلم)، ڪَمبُوهَه (پنجابي)، ڪاسائي، ڪنڀار. (ک) کَٽي (ڪڇي ۽ سنڌي)، کَڏا، کوڙ، کوسا، کاٿڙائي (مهاڻا). (گ) گشڪوري، گُرماڻي، گڊا، گاڏارَ، گندرا، گوگيڙا (غير مذهب)، گُوندل (پنجابي). (گهه) گهوٽا، گهوٻلا، گُهريائي، گهُوٽ، گُهمڙائي. (ڳ) ڳاڙها، ڳنڀيرِ (مهاڻا)،. (ل) لاشاري، لونيا، لُوڻيا، لوهارَ، لَنگا، لَنڍا، لڳائي (مهاڻا)، لاڻا (مهاڻا)، لُوڻائي (مهاڻا)، لَڙائي (مهاڻا)، لاڙائي (مهاڻا)، لوهاڻا (هندو). (م) ميمڻ، مڱڻهار، ملاڻا، موراجَ، مُچارا (مهاڻا)، مُنارا، مُغلَ، مُٽا، مينڌرا، ميرجت، موچي (مُسلم)، ماڇي، ميراڻي، مَنڍڙا، مَچولائي (مهاڻا)، مَلاراڻي (مهاڻا)، مَنڇري، موڙيا (مهاڻا)، ميگهواڙ، منڌرا، مڱريا. (ن) نندا (هندو)، نانگيا (مهاڻا)، ناريجا، ناهِيهَ، نظاماڻي، نوتڪاڻي، نوحاڻي. (و) واڍا، وڪِيا، وَلَڙا، ويڄَ، ولاسيا (مهاڻا)، ولهاري (مهاڻا). (هه) هولائي (مهاڻا)، هٿيار (مهاڻا)، هيلاياَ، هالا، هنڱورا، هنڱورجا.

تعلقو جاتي: تعلقي جاتيءَ ۾ رهندڙ ذاتين ۾: ٻارهن بلوچ، ويهه پنجابي هڪ عيسائي ذات ”ڪيٿولڪ“ (جيڪي پنجابي زبان ڳالهائين) چار هندو قومون ٻه پٺاڻ انهن کان سواءِ ٻيون سڀ سماٽ آهن:

(الف) آٿلا، آرائين (پنجابي، اَبڙا، اوٺا، (ب) بروهي، بَشيرَ، باگڙي (هندو)، بُوهَڙ. (ٻ) ٻُهريا، بَروچَ، ٻارڻ. (ڀ) ڀَڏالا، ڀَٽي، ڀنگي (غير مسلم). (ت) تُرڪَ. (ٿ) ٿهيمور، ٿهيمَ. (ٽ) ٽالپر، ٽوها، ٽيمڙا. (ٺ) ٺاڪرا. (پ) پاڏائي، پاهيڙي، پرهياڙَ، پنهور، پٺاڻ (سنڌي)، پٺاڻ (سرحدي)، پير. (ج) جت (تقريباً سڀ اوڙڪون)، جمالي، جتوئي، جوڻيجا. (جهه) جهانگياڻي. (چ) چانڊيا، چارڻ، چوهاڻ، چالڪا، چِيرِيا. (خ) خاصخيلي، خواجا. (د) دَرسَ. (ڌ) ڌانڌل. (ڏ) ڏَچَرَ، (ڊ) ڊُهَڙَ، (ڍ) ڍينڍڙيا (مهاڻا)، ڍيرا. (ر) راڄا، رَڇا، رند. (ز) زِيندَ پُورِيا. (س) سيد، سومرا، سيکڙا، سقميجا، سيال، سولنگي، سمان، ساند، (ش) شيخ، شڪاري (غير مسلم) شيدي. (ع) عيسائي (ڪيٿولڪ) عباسي. (ق) قاضي، قريشي. (ڪ) ڪاتيار، ڪنڀار، ڪرمتي، ڪيهر، ڪوڪڙي (هندو). (ک) کٽي (سومرا)، کِنيرا، کوسا، کوڙ، کوکر (پنجابي)، کِتري (ڪڇي کٽي). (گ) گُرماڻي، گڊا، گُجر (پنجابي). (ڳ) ڳاڙها. (گهه) گهگهيرا، گُهنا. (ل) لاکا، لوهار (سومرا)، لوڊا، لُنڊَ. (م) مالهيا، مالاڻا، مانڌريا، ميربحر، موچي (مسلم)، ميراسي، مڱڻهار، ميگهواڙ (هندو)، مُهاجَرَ، منڌرا، مَچولائي، مُنارا، ماڇي. (ن) نُهڙيا نوتيار. (و) واڍا (سومرا)، وَنگائي. (هه) هنڱورا، هنڱورجا، هندو ڀڳت. [2]

تعلقو شاهبندر: تعلقي شاهبندر ۾ ذاتين جو تعداد هڪ سو ٽيهتر آهي، جنهن مان تيرهن بلوچ قومون آهن. جيڪي سرائيڪي، براهوي ۽ بلوچي زبان ڳالهائين. جڏهن ته هن تعلقي ۾ پنج پنجابي ڳالهائڻ وارين ذاتين کان سواءِ سنڌي ۽ سرحدي پٺاڻ به رهن ٿا، انهن کان سواءِ ٻيون ذاتيون گهڻو ڪري سماٽ آهن: تعلقي جاتي ۽ کاروڇاڻ ۾ رهندڙ ”جت“ قوم جي اوڙڪن ۽ پاڙن جو ذڪر ”جتن جي ٻوليءَ“ واري باب ۾ ڪيو ويو آهي. باقي ٻين ذاتين جو ذڪر هن طرح آهي:

(الف) آٿلا، آخوند، آرئين (پنجابي)، اوٺا، اڍيجا. (ب) بُدا، بُنڙا، بُڪيرا، بوهڙ، بروهي، باگڙي (هريجن). (ٻ) ٻارڻ، ٻُگهيا، ٻاٻڙا. (ڀ) ڀائِلَ، ڀَٽَ، ڀَٽِي، ڀيل (غير مسلم)، ڀَٽِي (پنجابي)، ڀرڳڙي، ڀنگي (هريجن)، ڀَنڊَ، ڀاڏائي (مهاڻا). (ت) تارڙا، تارڙ (پنجابي). (ٿ) ٿَهيمَ، ٿيٻا (ڪڇي)، ٿُڙيا، ٿِهيمورَ. (ٽ) ٽالپر، ٽانڊيا. (پ) پارابي، پتافي، پرهياڙ، پارهيڙي، پنهور، پَنڀارَ، پنڃارا، پٺاڻ (سنڌي)، پير، پَکاڙا. (ج) جمالي، جلباڻي، جتوئي، جمالي، (سنڌي)، جوڻيجا، جَتَ، جويا، جَنڊاڙا، جَٽَ (پنجابي)، جَکَڙ (پنجابي). (جهه) جهولائي (مهاڻا). (چ) چانڊيا، چاڪي، چاوڙا، چانگ، چَراهَا، چِيما (پنجابي)، چِيريا. (ڇ) ڇَريجا، ڇڇائي (مهاڻا)، ڇَڇَر. (ح) حَجَام، حُليا. (خ) خاصخيلي، خليفا، خروٽي (پٺاڻ). (د) دَلَ، درسَ. (ڌ) ڌانڌل، ڌاڙِيا، ڌنڌَڻَ. (ڏ) ڏچر، ڏيسرا، ڏيٿا. (ڊ) ڊومڪي. (ر) راڄسي پوٽا، رَٽا، رحما، رند، رٻيسٻاري (غير مسلم). (ز) زَنگيجا، زرداري. (س) ساندَ، ساڙها، سومرا، سميجا، سمان، سهتا (ڪڇي ۽ سنڌي)، سُکَپُوريا (مهاڻا)، سرواڻ، سيد، سامي (غير مسلم)، سوڍا، سوڍائي، سَنگهارَ، سَسِيا (مهاڻا)، سمگڻ (مهاڻا)، سورها، سيالَ (پنجابي، سِيائي (ڪٿولڪ) سُليمان، خيل (پٺاڻ). (ش) شيخ، شڪاري (غير مسلم)، شورا، شيدي. (ع) عالماڻ، عباسي، عمراڻي، عيسائي (پنجابي ڳالهائين). (ڦ) ڦُلاڻي. (ق) قريشي، قادياني (پنجابي ڳالهائين). (ڪ) ڪاٺياڙا، ڪاتيار، ڪانٿ، ڪُنڀرَ، ڪوري، ڪوريجا، ڪيهر، ڪهيري، ڪونجائي (مهاڻا)، ڪڇي، ڪَناد، ڪونگائي (مهاڻا)، ڪوڪڙي (هريجن) ڪلهوڙا، ڪنڊراهه. (ک) کوڙَ، کوکر، کوکر (پنجابي)، کٽي (سنڌي ۽ ڪڇي)، کارئي (مهاڻا). (گ) گُرماڻي، گگڙ (پنجابي)، گُجر (پنجابي)، گڊا. (ل) لاشاري، لاکاٽيا، لوڊا، لَشاري، لورا، لوهاڻا (هندو) لوهار (سمان)، لغاري، لُنڊَ، لَڪَ (پنجابي). (م) ماڇي، مڱڻهار، ميمڻ، مِرگَهل، ميراسي، مَمبراڻي، ميربحر (ملاح مهاڻا)، ماڃريا (مهاڻا)، ماڃوٺي (ڪڇي)، مَنڌرا، مانڌريا، مُلان، مگسي، مَنڇرا، مهر، مهر (پنجابي) ملڪ (پنجابي). (ن) نومڙيا، نُوحاڻي، نُهڙيا، نوحاڻي (مهاڻا). (و) واهياڻي (مهاڻا)، وِگهامَ، ولاسيا، واڍيلا، وڙيچ (پنجابي)، وِرڪَ (پنجابي) وَٽُو (پنجابي). (هه) هالا، هِنڱورا. [3]

تعلقو کاروڇاڻ: هي آباديءَ جي لحاظ کان تمام ننڍو تعلقو آهي، بيراجن پوڻ ڪري هن علائقي ۾ سامونڊي اثر سبب کارو پاڻي وڌڻ لڳو، جنهن ڪري هتي روزگار جا ذريعا پڻ اڻلڀ ٿي پيا ۽ گهڻي ڀاڱي ڪافي آبادي هن علائقي کي ڇڏي ويئي آهي، تنهن هوندي به اڃا هتي تقريبا ستانوي ذاتيون رهن ٿيون، هتي ڪجهه بلوچ ذاتين کان سواءِ باقي ٻيون سڀ سماٽ ذاتيون آباد آهن. هن تعلقي جي ذاتين ۾ اُهي ذاتيون به شامل آهن، جيڪي تعلقي ڪيٽي بندر جي کاري واري علائقي ۾ رهن ٿيون:

(الف) اُترادي، اُٺا، اُٺيجا. (ب) بَڊالا، بَدراڻي (مهاڻا)، بلوچَ، باريچا (جَت)، بَگدَا. (ٻ) ٻالاڻي (مهاڻا)، لوهار. (ڀ) ڀَڙِجَ، ڀَتَڙَ، ڀائِلَ. (ت) تيلِگرَ. (پ) پارابي، پاٿاريا، پارهيڙي، پَرهِياڙ، پُونڀَر، پير. (ج) جَڳتَ (هي جَڳدا به سَڏجن)، جوڻيجا. (جهه) جَهٻِيرَ. (چ) چِيرا. (ڇ) ڇيلگَرَ، ڇولاڻي بلوچ، (خ) خاصخيلي. (د) دبائي جَتَ، دَبلا، درس، ديرائي (مهاڻا)، (ڌ) ڌانڌل، (ڊٽڙا. (ر) راڻا، رونجها، رَجيرا بلوچ، رڻائي (مهاڻا)، رَجَهڙيا. (س) سَيٺَيا، سَهتا، سَمان، سوڍاڻي جت، سومرا، سِيماڻي جت، سوڍائي (مهاڻا)، سيد، سِنيئرا، سميجا سَهگڻ، سانگهرائي (مهاڻا). (ش) شيخ، شيدي، شهبگي جت. (ع) عامر جت. (ڪ) ڪَڙمان، ڪاتيار، ڪوريجا، ڪوڏَڻَ، ڪلهوڙا. (ک) کٽي (ڪڇي ۽ سنڌي)، کاٿَڙائي (مهاڻا). (گ) گبوا، گُلڙِي، گُجڙيا (مهاڻا)، گُن، گُرياڻي، گوڙَڇَ (مهاڻا)، گُڙٻَ. (ڳ) ڳنڀيرَ. (گهه) گهوگهٽ، گهلڙا، گهوٽا. (ل) لاکٽيا، لوهار، لکيا (ونگرن جو پاڙو). (م) مغل، ميمڻ، مُرگرَ (بلوچ) منڌيئر (بلوچ) مالهيا، ميربحر، ماڇي، مانجهو واڻي (هيءُ پاڻ کي خليفا سڏائين)، مڱڻهار، مورجَهرِيا، مُنارا، مَچائي. (ن) نوتيارَ، نوڃاڻي (مهاڻا)، ناريجا، نُهڙيا. (و) واڍا، ونگرا، ونگائي جت، وِگهامَ، ولاسِيَا، وَرياهَه. (هه) هنڱورا، هالا.[4]


 


[1] . قاضي احمد کٽي وٽان مؤرخه 27 جنوري 1993ع ميرپور بٺورو ۽ غلام محمد جوهر کٽي وٽان.

[2] . تاريخ جاتي ـــ از رسول بخش تميمي.

[3] . تارخ شاهبندر (قلمي) از حافظ حبيب الله سنڌي ”ذاتين ۽ قومن وارو ضميمو“.

[4] . ذاتين بابت معلومات کاري ڇاڻ شهر ۾ هيٺين بزرگن کان ملي جن مان محمد ولد حاجي عمر کٽي، ڊاڪٽر غلام محمد کٽي، محمد عثمان کٽي، محمد رحيم شهبگي جت، مولانا محمد جُمن کٽي (صالح محمد جو پٽ) جا نالا قابِل ذڪر آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org