سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :12

سرائڪي لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ مٿي منشي عبدالرحمان صاحب جي ڪتاب مان حوالو ڏيئي بيان ڪيو ويو آهي ته هن جي راءِ موجب: ”سرائڪي سنڌ جي سردارن جي زبان هئي، ۽ جا ڏکڻ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي“(1). منشي صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”سنڌ جا ماڻهو ملتاني زبان کي سرائڪي زبان سڏيندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي سردارن جي زبان: گويا ملتاني زبان سنڌ جي اردوءِ معليٰ آهي“(2). منشي صاحب جي انهن ٻنهي راين ۾ اختلاف ظاهر آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.

ملتاني ٻوليءَ جي ٻئي ماهر ظامي صاحب سرائڪي لفظ جي 1962ع ۾ هڪڙي معنيٰ ڪڍي آهي ته 1970ع ۾ ٻي معنيٰ ڪڍي آهي. 1962ع ۾ سرائڪي لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي هو لکي ٿو:

”سنڌ ۾ بهاولپوري – ملتانيءَ کي سرائڪي چوندا آهن. سنڌي چوندا آهن ته سنڌ ۾ ست زبانون مروج آهن، ۽ سنڌي انهن ۾ اصل بنياد جي حيثيت ٿي رکي. هت هي معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌ ۾ بهاولپوري – ملتانيءَ کي سرائڪي ڇو ٿا ڪوٺين، ۽ سرائڪي جو مطلب ڇا آهي؟ ديسي ۽ پرديسي محققن هن سوال جو جواب ڏيڻ کان خاموشي اختيار ڪئي آهي. ليڪن معلوم ٿيو آهي ته بهاولپوري – ملتانيءَ جو اصل ۽ ابتدائي نالو سري رام پور رکيو ويو هو، انهي ڪري سري رامپور شهر جي زبان، سري رامپوريءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويئي. پر انهيءَ لفظ جي ڊيگهه کي روزمره واري زبان ۾ گهٽائي سري رامپوريءَ جي بدران پهرين سري ڪي ۽ پوءِ ’سرائڪي‘ چوڻ لڳا“(1).

ظامي صاحب 1970ع ۾ پنهنجي هن راءِ تي نظرثاني ڪري، پنهنجي ڪتاب ’سرائڪي زبان ڪا ارتقا‘ ۾ لکي ٿو:

”شري يا سري، سنسڪرت ۾ هنديءَ ۾ سردار، عالم، فاضل ۽ دانشمند وغيره جي معنيٰ ۾ مستعمل آهن. انهيءَ اعتبار کان هيءَ زبان ’سري‘ مان ’سري ڪي‘ ۽ پوءِ ’سرائڪي‘ بني. ملتان ۽ اتي جي اصلي باشندن کي، هند ۽ سنڌ جي سڀني ماڻهن تي اوليت حاصل هئي، انهيءَ ڪري ان جي زبان کي به سردارن ۽ دانشمندن جي زبان چوندا هئا، ۽ ڳالهائيندڙن جي خوبين سبب ’سرائڪي‘ مشهور ٿي(2).

ملتان ۽ اتي جي رهاڪن کي هند ۽ سنڌ جي سڀني ماڻهن تي اوليت ڪهڙي سبب حاصل هئي، ڪيئن حاصل هئي، انهيءَ دعوا جو طامي صاحب ڪوبه دليل ڪونه ڏنو آهي.

اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جو تخت گاهه اروڙ هو ۽ نه ڪه ملتان. اروڙ ۾ وقت جو بادشاهه، اُنجا امير ۽ وزير رهندا هئا. ملتان سنڌ جي عظيم مملڪت جو هڪ صوبائي تخت گاهه هو، تنهنڪري اوليت صوبائي تخت گاهه کي مليل هوندي يا مرڪزي حڪومت جي تخت گاهه کي؟ اوليت اُن شهر کي مليل هوندي جتي بادشاهه رهندو هوندو، جتي ٻين ملڪن جا سفير، امير ۽ حاڪم وغيره ايندا ۽ رهندا هوندا. دراصل ملتان کي جيڪا حيثيت حاصل هئي، سا سنڌ جي هڪ صوبائي شهر جي هئي. ان وقت ملتان شهر کي سنڌ کان ڌار هجڻ جو اصل تصور ئي نٿي ڪيو ويو.

اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ملتان معنيٰ سنڌ ۽ ملتاني معنيٰ سنڌي، اهو ئي سبب آهي جو شيخ صدرالدين جهڙو بزرگ ۽ ولي الله پاڻ کي ’سنڌي‘ سڏائيندو هو.

علامه عتيق فڪري، سرائڪي نالي جي بڻ بنياد جي معنيٰ ۽ مفهوم جي سلسلي ۾ لکي ٿو:

”سرائڪي يعني ’سارايڪي‘ يعني هڪ حقيقت، گويا حقيقت جي بيان جي زبان، يا هڪ حقيقت يا وحدت علم ۽ عرفان جي زبان“(1).

فڪري صاحب ٻئي هنڌ لفظ اشتقاق جي باري ۾ بيان ٿو ڪري:

”سراڪنو نه فقط عربن کي سڏيو ويندو هو، پر هن نالي سان عام مسلمانن کي چيو ويندو هو. ابن بطوطه جي زماني ۾ ساڪنو يا ساراقينوس نالو مسلمانن ۽ عربن تي جاري هو. سنڌ وارن، مسلمانن سردارن کي انهيءَ نالي سان سڏيو. انهن جي گڏيل زبان کي ’سراڪنو‘، ’سراڪين‘ يا ’سراڪ‘ جي صورت ۾ ’يائي نسبتيءَ‘ سان ’سرائڪي‘ چيو هجي، سنڌي هن کي سرائين جي زبان چوندا آهن(2)“.

عبدالحميد راشد صاحب سرائڪيءَ کي سنڌ جي رئيسن ۽ نوابن جي ٻولي سڏڻ کي هڪ مفروضو ٿو ڪوٺي. هو لکي ٿو:

”هڪ مفروضو هي به آهي ته هيءَ زبان سنڌي اميرن جي محلات جي زبان هئي، ۽ امير ئي هيءَ زبان ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري هن جو نالو سرائڪي پئجي ويو“(1).

هو اڳتي لکي ٿو:

”بهاولپور ۾ اڄ کان چند سال اڳ هن زبان کي رياستي يا بهاولپوري سڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ملتان ۾ ملتاني ۽ ديره جات ۾ ديروي“(2).

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۾ رئيسن ۽ نوابن جو تصور مغليه دؤر کان پوءِ شروع ٿيو. ان کان اڳ سومرن ۽ سمن جون حڪومتون مقامي ماڻهن جون حڪومتون هيون(3). انهن مقامي حاڪمن جي ٻولي سنڌي هئي، جا سڄي ملڪ (راڄ) جي عام ٻولي هئي، جنهنجا ڌار ڌار لهجا ضرور هوندا هئا، پر رئيسن ۽ اميرن جي ٻولي ڌار ۽ رعيت يعني عام ماڻهن جي ٻولي ڌار هجڻ وارو تصور سنڌ ۾ مغلن جي نوابن جي اچڻ کان اڳ قائم نه هو. اهو تصور درباري ماڻهن ۽ برهمڻڪي ذهن رکندڙن جي ايجاد آهي، جن سنسڪرت کي اُتم ٿي سمجهيو، ۽ پراڪرت کي عام ماڻهن جي ٻولي ٿي سمجهيو. سنڌ ۾ مغلن جي اچڻ کان پوءِ فارسيءَ زور ورتو ۽ ’فارسي گهوڙي چاڙهه سين‘ وارو پهاڪو انهي دعوا جو دليل آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن سنسڪرت جو پاڙون عوام ۾ کپجي نه سگهيون. تيئن سوين سالن جي گذرڻ جي باوجود فارسي ٻولي دربار تائين محدود رهي ۽ عوامي زبان بنجي نه سگهي، جنهن ڪري سنڌي زبان جون پاڙون سدائين عوام جي سينن ۾ کتل رهيون.

منشي صاحب جي وصف ته: ”سنڌ جا ماڻهو ملتاني زبان کي سرائڪي زبان سڏين ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي ’سردارن جي زبان‘ ۽ ظامي صاحب جي مٿي ڏيل راين مان اهو واضح ٿئي ٿو ته هي ٻئي بزرگ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۽ ماحول کان گهٽ واقف آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا مؤرخ ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ سرائي قوم جي ماڻهن جي سلسلي ۾ ٻه معنائون ملن ٿيون: هڪ معنيٰ موجب سرائي معنيٰ سنڌ جي اُترئين خطي جا ماڻهو(1)، ۽ ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪمن جو غير بلوچ سردار يا معتبر(2).

سنڌ ۾ ڪلهوڙا حاڪمن پنهنجن ڪن خادمن، حاضريءَ جي ڪن غير بلوچ معتبر ماڻهن کي، سندن نمڪ حلالي ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جي ڪري جاگيرون ڏنيون ۽ کين سرائيءَ جو لقب پڻ ڏنو. جنهن جي معنيٰ آهي ”معتبر“(3).

سرائڪيءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ ۾ سنڌ جي طبعي جاگرافي ۽ طبعي ڀاڱا پڻ مدد ڪن ٿا. ماهر سنڌ جي طبعي ڀاڱن کي پنجن حصن ۾ ورهايو آهي:

(i) سرو يا اُڀو، (ii) وچولو، (iii) لاڙ، (iv) ريگستان، ۽ (v) ڪوهستان. اهي ته ٿيا هاڻوڪي سنڌ جا طبععي ڀاڱا، جن ۾ هڪ ڀاڱي کي ’سرو‘ چون ٿا. جاگرافيءَ جي لغت موجب ”سرو معنيٰ اُترين حد يا اترئين ڇيڙي وارو حصو، ۽ لاڙ معنيٰ هيٺيون حصو، جو سمنڊ سان ٿو ملي“(1). گريئرسن لکي ٿو:

”سرو معنيٰ اُتريون حصو، يعني سنڌونديءَ وارو اهو حصو جنهن ۾ مغربي پنجاب وارو لهندا زبان وارو حصو پڻ اچي وڃي ٿو“

ڀيرومل جو رايو آهي ته ”سرِ معنيٰ ’مٿو‘ ۽ ’سرو‘ معنيٰ مٿ يا مٿيون ڀاڱو. سنڌ جو اُتر وارو پاسو، سنڌ جو توڙي سنڌونديءَ جي وهڪ جو مٿيون ڀاڱو آهي. انهن ٻنهي سببن ڪري اهو ’سرو‘ سڏجي ٿو“(2).

سنڌي زبان جي لهجن تي پڻ جاگرافيائي حد بندين جي لحاظ کان نالا رکيل آهن، اُهو لهجو جيڪو اُتر سنڌ يعني سري واريءَ ايراضيءَ ۾ ڳالهائبو آهي، تنهن کي ’سرائڪي لهجو‘ سڏيو ويو، ۽ اهو لهجو جيڪو لاڙ ۾ مروج آهي، تنهن تي لاڙي کمجو نالو رکيو ويو. گريئرسن پڻ اها ئي معنيٰ ٿو ڪڍي ۽ لکي ٿو ”سرو، لفظ مان سرائڪي ٻولي نالو نڪتو، يعني اها ٻولي، جيڪا سري واريءَ ايراضيءَ ۾ ڳالهائبي آهي“(3)

گريئرسن سري لاءِ ٻيو لفظ ’اُڀو‘ ڪم آندو آهي. ’اُڀي‘ جي نسبت سان، هن خطي واري لهجي جو نالو ’اُڀيجي‘ (ٻولي) ڪم آندو اٿس، يعني اُها ٻولي جيڪا اُڀي واري خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي(4)

گريئرسن وڌيڪ لکي ٿو:

”سرائڪيءَ مان ٻه مفهوم نڪرن ٿا. هڪ اهو ته سرائڪي معنيٰ سري جي سنڌي ٻولي، ٻيو مفهوم ته سرائڪي معنيٰ اُتر سنڌ (هاڻوڪي سنڌ) يا سري ۾ مستعمل لهندا زبان(1)“.

”اُتر سنڌ ۾ سرائڪيءَ لاءِ اهي ٻئي معنائون ڪڍيون وينديون آهن(2). انهيءَ ڪري هو جڏهن سنڌ جي سرائڪيءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته ان کي سرائڪي – سنڌي ٿو سڏي، ۽ جڏهن لهندا جو ذڪر ٿو ڪري ته اُن کي سرائڪي – لهندا ٿو سڏي“(3)

ڪاڪي ڀيرومل انهيءَ مونجهاري کي وڌيڪ آسان بنايو آهي. هو سنڌ جي موجوده اُترئين لهجي کي سريلي يا اُترادي سنڌي ٿو سڏي(4). انهيءَ ڪري، اُترادي سنڌي، ۽ سرائڪي ٻه ڌار ڌار لهجا سمجهڻ گهرجن.

هاڻ جيڪڏهن ظامي صاحب يا منشي صاحب جي راءِ وزندار سمجهي، سرائڪي معنيٰ سنڌ جي سردارن جي ٻولي تسليم ڪجي ته پوءِ لاڙي ٻوليءَ کي ڪهڙي درجي وارن جي ٻولي ڪوٺجي؟ لاڙيءَ مان ڪهڙي مراد وٺجي؟ تنهن ڪري جاگرافيائيءَ لغت موجب سري ۾ مروج لهجي يا ٻوليءَ کي سري واري ٻولي يا سريلي ٻولي يا سرائڪي ٻولي چوڻ گهرجي.

هن سلسلي ۾ گريئرسن بيان ڪيو آهي ته: ”اٽر سنڌ يا بالاءِ سنڌ جو مقامي نالو ’سرو‘ آهي. هن خطي ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، سا سنڌيءَ جو هڪ نمونو آهي، ۽ اُن زبان کي سرائڪي، يا سري واري، سڏيو ويندو آهي“(5).

ڀيرومل لکي ٿو:

”سرائڪي ٻولي معنيٰ سنڌ توڙي سنڌونديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي. سنڌ جو سرو  يا اُتر وارو ڀاڱو (جيڪب آباد طرف) ٻروچڪو ملڪ آهي، تنهن ڪري اها ٻروچڪي به سڏجي ٿي. سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي ’اُڀي جي ٻولي‘، پنجاب جو ڏاکڻو ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين اُڀو سڏجي ٿو. اُڀو معنيٰ مٿيون پاسو (درياءَ جي وهڪ جو)، ان جو ضد آهي ’لَمو‘، جنهن جي معنيٰ آهي ڏاکڻو يا هيٺيون ڀاڱو. اڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن. اها اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کان ڪجهه قدر ڦريل آهي“(1).

هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ’سنڌي اردو لغت‘ ۾ سرائڪي لفظ جي معنيٰ هن طرح ڏني آهي:

”سرائڪي معنيٰ سنڌ جي اترئين خطي يعني ’سري‘ جي زبان بهاولپور ۽ ديري غازي خان جي زبان، ملتاني، لهندا، هندڪو“(2)

سرائڪي زبان جو مبلغ سيد نور علي ضامن حسيني پنهنجي تازي تصنيف ’معارف سرائڪي‘ ۾ لکي ٿو:

”سرائڪي لفظ ’سرو‘ مان نڪتو آهي، يعني درياءَ سنڌ جي سري واري زبان، سرائڪي ۽ سنڌيءَ جو ماءُ – ڌيءَ وارو تعلق، هن ڳالهه مان ظاهر آهي. سنڌي زبان جي لفظ ’سرو‘ کي سرائڪيءَ ۾ ’سرا‘ چوندا آهن“(1).

مٿئين بحث کان پوءِ هي نتيجو ٿو نڪري ته سرائڪيءَ جي معنيٰ نوابن، سردارن يا رئيسن جي ٻولي نه، پر سنڌ جي اترئين حصي جي ٻولي آهي. قديم زماني ۾ سنڌ جو اتريون حصو، جنهن ۾ ملتاني صوبو اچي ٿي ويو، ان ايراضيءَ جي ماڻهن کي سرائي، ۽ انهن جي لهجي يا ٻوليءَ کي سنڌ ملڪ جي باقي هيٺئين حصي وارا ’سري جو لهجو‘ يا سرائين جي ٻولي يعني ’سرائڪي‘ چوندا هئا. ’ڪي‘ پڇاڙي سنڌي زبان جي وياڪرڻ ۾ اڄ به رائج آهي، جيئن: جتن جي ٻوليءَ کي ’جتڪي‘ چئبو آهي: اهڙيءَ طرح ’ميمڻڪي‘، ’خواجڪي‘، ’رهموڪي بازار‘، وغيره نالا اڄ به مروج آهن. انهيءَ لحاظ سان سرائڪي ٻولي سنڌ ملڪ جي زبان، سنڌيءَ جو هڪ اُتريون لهجو آهي.

هن ڏس ۾ محترم احسن واگها صاحب جي راءِ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ضروري آهي. هو لکي ٿو:

“The Popular Supposition hat Siraiki is the name given by the Sindhis to the language of the people of `Sera` (North) is falsified by the fact that the term is not a Sindhi word gramatically. It  the term was invented in Sindhi, it would have been `Sirai` because in Sindhi, the `Ki` of Hindi converted into `Ji`.”(2)

مسٽر واگها اڳتي لکي ٿو:

“It is also possible that the term `Siraiki` belongs to Siraiki language is self. The Suffix `Ki` or `akki` is used in Siraiki to make the proper noun of a language with reference to its speakers, such as `Balochki` for the language of Balochies and `Pathanki` for the language of Pathans.”(1)

ايتري ساري بحث مباحثي کان پوءِ هيءَ دعوا ڪري سگهجي ٿي ته قديم سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي حيثيت ائين هئي جيئن لس ٻيلي ۾ لاسي ٻوليءَ جي، ڪڇ ۾ ڪڇيءَ جي، مڪران خطي ۾ جدگاليءَ جي، راڄڪوٽ، جهونا ڳڙهه، ڪتياڻا، ڌوراجي، ڀانٽوا، پوربندر، ماناوادر، مورويءَ ۾ ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙيءَ جي. البت جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته هر لهجي اندر ذيلي شاخون يعني محاورا (Idiolects) ٿيندا آهن، جن کي خطي وار ڌار ڌار نالن سان سڃاتو ويندو آهي. جيئن ته سنڌي زبان جي هاڻوڪي اترادي لهجي ۾ شڪارپوري محاورو يا شڪارپوري ٻولي، ميل وارو محاورو يا ميل واري ٻولي، تهڙيءَ طرح لاڙ ۾ ٺٽئي محاورو يا ٺٽئي ٻولي: مانڌر وارو محاورو يا مانڌر واري ٻولي: وارو مهاورو يا جاتيءَ جي ٻولي، ماڃر وارو محاورو يا مڃري ٻولي وغيره. ساڳيءَ طرح سرائڪي جو اهو محاورو جيڪو ملتان ۾ مروج هو. ان کي ملتاني سڏيو ويو جيڪو بهاولپور ۾ ڳالهايو ٿي ويو تنهن کي بهاولپوري يا رياستي ٻولي سڏيو ويو ۽ جيڪا ٻولي بلوچستان ۾ کيتران خطي ۾ ڳالهائي ٿي ويئي، تنهن کي ’کيترائي‘ ٻولي سڏيو ويو.

سنڌ ۾ ’سرائڪيءَ‘ جو خطي وار نالو انهيءَ ڪري رواج ۾ آيو، جو اها ٻولي سنڌ جي اترئين علائقي کان لڏي آيلن جي ٻولي هئي، جيڪي ڌار ڌار دؤرن ۾ ڪناري تائين ڦهلجي ويا هئا، جيتوڻيڪ هنن جا مختلف گروه جتي به آباد ٿيا اتي پنهنجي پنهنجي تر واري محاوري ۾ ڳالهائيندا هئا، پر سنڌ ۾ انهن جي محاورن کي هڪ نالو ڏنو ويو، جو هاڻ مشهور ٿي چڪو آهي ۽ زير بحث آهي.

(و) سرائڪي زبان جو بڻ بڻياد:- هاڻ ڏسڻ گهرجي ته سرائڪي ٻولي، جا قديم سنڌي زبان جو هڪ لهجو آهي، تنهن، لاسي ۽ ڪڇيءَ وانگر پنهنجي انفرادي حيثيت ڪڏهن حاصل ڪئي؟(1).

ظامي صاحب 1962ع ۾ لکيو هو ته بهاولپوري – ملتاني – ملتاني ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهرو تعلق آهي، ته وري 1970ع ۾ دعويٰ ڪيائين ته سرائڪي زبان هڪ خودمختيار ۽ الڳ زبان آهي. هن ڏس ۾ هن ديوان ڀيرومل جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ مان جيڪي حوالا نقل ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنا آهن، تن تي گهڻي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي(2). مثال طور ڪاڪي ڀيرومل سنٿالي ۽ ڪولاري ٻولين مان حوالا ۽ مثال ڏيئي، انهن جي سنڌي زبان سان ڀيٽ ڪئي آهي. ديوان ڀيرو مل لکي ٿو:

”اسان جا هاري ناري ۽ ٻيا اڻپڙهيل ماڻهو اڪثر ويهون ويهون ڪري ڳڻيندا آهن. اهي پنجاهه بدران چون اڍائي ڪوڙيون ۽ سٺ بدران چون ٽي ڪوڙيون يا ٽي ويهون“(1).

ڀيرو مل جي لکيل انهن ساڳين لفظن ۽ جملن کي ظامي صاحب نقل ڪري، انهن کي سرائڪيءَ لاءِ ڪم آڻيندي لکي ٿو:

”سنٿالي، ڪولاري ۽ منڊا قوم جا ماڻهو ابتدا ۾ جڏهن کين انگ ڳڻڻ ڪونه ايندا هئا، تڏهن ڪنهن شي جو تعداد، هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جي تعداد سان ظاهر ڪندا هئا. مثال طور هڪ هٿ جون پنج آڱريون ته ٻنهي هٿن جي آڱرين کي ڏهه ڳڻيندا هئا. جيڪڏهن پندرهن جو عدد سمجهائڻو هوندو هون ته پهرين ٻنهي هٿن جون ڏهه آڱريون ۽ پوءِ هڪ هٿ جون پنج آڱريون ڏيکاري پندرهن جو عدد ظاهر ڪندا هئا. جيڪڏهن ويهن جو عدد ظاهر ڪرڻو هوندو هون ته هٿن ۽ پيرن جون آڱريون ڏيکاريندا هئا. اهڙيءَ طرح ويهن جي عدد کي پنهنجي زبان ۾ ”ڪوڙي“ چوندا هئا. ويهن کان مٿي عدد جو انهن وٽ ڪوبه تصور ڪونه هو، تنهن ڪري حساب ڪتاب ڪوڙين ۾ رکندا هئا، يعني هڪ ڪوڙي، ٻه ڪوڙيون، ٽي ڪوڙيون، يا ويهه، ٻه ويهون، ٽي ويهون ۽ چار ويهون وغيره. سرائڪي زبان جي سڀني ڳوٺاڻن علائقن ۾ اڄ به ويهن جي حساب سان ليکو ڪيو ويندو آهي“(2).

هاڻ پڙهندڙ خود فيصلو ڪن ته ڀيرو مل جي ڪتاب ۾ سنڌي زبان لاءِ ڏنل ساڳين خوبين کا ظامي صاحب نقل ڪري سرائڪي ٻوليءَ جون خوبيون ڪري بيان ڪيو آهي، ۽ دعويٰ ڪئي اٿس ته: ”سرائڪي زبان، پاڪستان جي سڀني زبانن کان قديم آهي“. هن، ديوان ڀيرومل جون سنڌي زبان جي سلسلي ۾ بيان ڪيل سڀ خوبيون، ڀيرومل جي ڪتاب تان نقل ڪري، سرائڪيءَ ٻوليءَ ڏانهن منسوب ڪيون آهن، اها دعويٰ ڪئي اٿس ته سرائڪي زبان پاڪستاني زبانن جي ماءُ آهي.

سوال ٿو پيدا ٿئي ته طامي صاحب 1962ع ۾ جنهن ٻوليءَ کي بهاولپوري – ملتاني جي نالي سان سڏيو هو، تنهن جو نالو 1970ع ۾ سرائڪي زبان ڪهڙي سبب ڪري رکيائين، جڏهن ته سرائڪي نالو سنڌ ۾ زمانن کان رائج هو.

ظامي صاحب ٽئڪسيلا جي تهذيب واريءَ ٻوليءَ کي سرائڪي ٻولي ٿو سڏي، ۽ بهاولپور، ملتان، رحيم يار خان، مظفر ڳڙهه، ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جي سرائڪي ٻوليءَ جي لهجن کي، ٽئڪسالي سرائڪي ٿو ڪوٺي(1). ظامي صاحب اڃا به اڳتي وڌي، موهن جي دڙي جي تهذيب جي ڌڻي جي ٻوليءَ کي به سرائڪي ٻولي ٿو سڏي. هو لکي ٿو:

”هڪ ڳالهه غور طلب آهي ته واديءِ سنڌ جڏهن سمنڊ کان آجي ٿي ۽ زمين جي صورت ۾ وجود ۾ آئي، تڏهن سڀ کان پهرين آسٽريليا جا گونڊ، ڀيل، ڪول ۽ سنٿال قبيلا هٿ اچي آباد ٿيا، ۽ انهن جي زبان هڪ ارتقائي زبان جي حيثيت سان هت شروع ٿي يا انهن جي آمد کان گهڻو اڳ هن واديءَ ۾ انسان آباد هو. زبان کان سواءِ معيشيت ۽ معاشرت ۾ به ٻاهران آيلن کان صدها سال اڳ ارتقا جون منزلون طي ڪري چڪو هو(2).

بهرحال واديءِ سنڌ جي رهاڪن جي به ڪا زبان هئي، يا ٻاهران آيلن جي زبان رفتي رفتي وڌي، ترقي ڪئي، ۽ هر زماني ۾ ترقي پذير رهي.

ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي قديم ترين زبان، پنهنجي قديم ترين ڳالهائيندڙن سان گڏ، واديءِ سنڌ ۾ جنم وٺي، شروع ٿي هجي، ۽ پوءِ ان بتدريج ترقيءَ جا مرحلا طي ڪيا هجن، ۽ پوءِ ممڪن آهي ته سنٿالي زبان ترقيءَ جون ابتدائي منزلون پنهنجي وطن ۾ ئي طئي ڪرڻ کان پوءِ، واديءِ سنڌ ۾ پهتي هجي.

سنٿالن ۽ ڪولن جي، واديءِ سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کان اٺ هزار سال ق- م ۾، دراوڙ فاتحن جي حيثيت ۾ آيا. هي ماڻهو اڳوڻن رهاڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مهذب ۽ طاقتور هئا“(1).

ظامي صاحب اڳتي لکي ٿو:

”واديءِ سنڌ ۾ آرين جي حملي سبب هتي قديم باشنده، دراوڙ، شڪست کائڻ کان پوءِ، سڀ جو سڀ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا، اهو صحيح نه آهي، پر حقيقت هيئن ٿي سگهي ٿي ته آرين جڏهن هندستان تي حملو ڪيو، تڏهن قديم باشندن جو ڪجهه تعداد چئن ئي پاسن ڏانهن ڀڄي ويو، پر ڪجهه تعداد پنهنجي آبائي وطن ۾ ئي رهيو. انهن پنهنجي تهذيب ۽ زبان کي سيني سان سانڍيو“(2).

هن سلسلي ۾ راقم جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ کي به ڏسڻ ضروري آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

”ڪنهن زماني ۾ هي نظريو عام هوندو هو ته آرين جي اچڻ وقت سنڌو ماٿري جون قديم قومون خوف ۽ هراس وچان ڪي ڏکڻ طرف ڀڄي وئيون، ته ڪي اوڀر طرف هليون وئيون. اهو نظريو هرگز قبول ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته آرين جي اچڻ وقت سڀني ماڻهن جو ملڪ ڇڏي وڃڻ، ۽ ڪنهن جو هن ملڪ ۾ نه رهڻ، ممڪن نه آهي. سنڌ تي حملا سدائين ٿيندا رهيا آهن. حمله آور قومون سنڌ ۾ هر دؤر  ۾ اينديون رهيون آهن، پر، ديسي ماڻهو سڀ جا سڀ ڪڏهن به ملڪ ڇڏي ڀڄي ڪونه ويا آهن. فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي فتح وقت سنڌ جا ڪي لوهاڻا ڪٽنب، سنڌ ڇڏي اوڀر طرف وارين رياستن – بيڪانير، جيسلمير، جيپور ۽ جوڌرپور ۾ وڃي ويٺا، پر سندن اڪثريت سنڌ ۾ ئي رهي، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ باقي پنهنجي هندو ڌرم تي ئي قائم رهيا(1).

اهڙيءَ  طرح آرين جي اچڻ وقت به ڪي ڪٽنب بيشڪ هي ملڪ ڇڏي ويا هوندا، پر آباديءَ جي وڏي حصي آرين جي آڻ مڃي هوندي، ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ رهڻ پسند ڪيو هوندو. جيڪڏهن سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا هجن ها ته پوءِ سنڌ ۾ بروهي قوم جو وجود ئي نه هجي ها. سنڌ ۾ بروهين، اوڏن، ڀاگڙين، ڪولن، مهاڻن ۽ ٻين قديم قومن جو وجود ثابت ٿو ڪري ته سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ڪونه ويا هئا. انهيءَ ڪري قديم ديسي ماڻهن آرين جي تسلط جي باوجود، پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڪاروبار هلايو هوندو. سندن روزانه زندگيءَ م، سندن ماحول اندر سندن ئي ٻولي – قديم سنڌ جي ٻولي – چالو رهي هوندي، جا کين سندن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي هئي، البت هيءَ ڳالهه قبول ڪري سگهجي ٿي ته انهن قديم ديسي باشندن جي ٻوليءَ تي آهستي هتي آرين جي ٻوليءَ جو اثر ضرور ٿيو هوندو. حاڪمن جي ٻولي هئڻ ڪري، محڪوم ماڻهن يعني قديم رهاڪن، آرين جي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ اُڌارا ورتا هوندا، پر ائين ناممڪن آهي ته انهن قديم ماڻهن پنهنجي سڌريل ۽ مهذب ٻوليءَ کي ڇڏي ڏنو هوندو“(2).

ظامي صاحب جي خيال موجب موهن جي دڙي جي قديم تهذيب جي ٻولي سرائڪي هئي ۽ هو سرائڪي کي قديم دراوڙي ٿو ليکي.

هو لکي ٿو:

”موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، انهن تي جيڪي لفظ لکيل آهن، انهن جون شڪليون ۽ انهن تي نڪتل نقش، دکني ۽ ملتاني حرفن سان ملن ٿا، انهيءَ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مهرن جو رسم الخط تقريباً دکني ۽ ملتاني رسم الخط جي سڌاريل شڪل آهي، سرائڪي يا قديم دراوڙي زبان ۽ ان مان پيدا ٿيل ٻيون زبانون جهڙوڪ تامل، تيليگو وغيره بروهي ۽ هند جي اُترين بهاڙي ٻولين جي رشتيداريءَ جي کوجنا جي ضرورت آهي“(1).

ظامي صاحب سرائڪيءَ کي موهن جي دڙي جي رهاڪن جي ٻولي سڏيندي وڌيڪ لکي ٿو:

”هيءَ حقيقت آهي ته آرين جو مقابلو ڪري سگهندڙ داوڙ پنهنجي اصلي وطن، ستن دريائن ۾ تقريباً پنج سو سالن، يا ان کان ڪجهه گهٽ عرصي تائين حمله آورن جو مقابلو ڪندا رهيا. هي ماڻهو ڊگهي عرصي تائين هڪ درياءَ کان ٻئي درياءَ جي ڪناري تي رهي، دشمنن سان مقابلو ڪندا رهيا، ۽ آخرڪار دکن، گجرات ۾ مدارس وغيره جي علائقن ڏانهن ڀڄي ويا.

هڪڙا اُهي ماڻهو به هئا، جن پنهنجي ماترڀوميءَ مان ڀڄي وڃڻ نٿي چاهيو، اُهي پنهنجي آبائي وطن يعني واديءِ سنڌ ۾ آرين جا محڪوم يا غلام بنجي رهي پيا. انهن کي اڇوت، شودر، داس، دسيو ۽ اناس وغيره جا لقب ڏنا ويا. انهن جي باوجود انهن پنهنجو وطن نه ڇڏيو، ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي قديم ترين ۽ متمدن ترين زبان (سرائڪي) کي به پنهنجي سيني سان سانڍيو“(1).

سيد نور علي ضامن حسيني صاحب ته واديءِ سنڌ يعني موهن جي دڙي ۽ هڙپا تهذيب واري حصي کي سرائڪيءَ جو وطن ٿو سڏي، هو لکي ٿو:

”هن وقت هڙپا ۽ موهن جو دڙو اُن جي حدن کان ذرا ٻاهر آهن، مگر هجن يا نه هجن، سرائڪي زبان جو پنج هزار سال اڳ جي تهذيب ۽ واديءِ سنڌ سان ڪو گهرو تعلق ضرور هو. راءِ سهاسيءَ جي عزيزن مان ملتان جو حاڪم بجهراءِ جو ڀائٽيو هو. سڪندر اعظم جي زماني ۾ به هڙپا جي هيءَ قوم برهمڻ ڳڙهه کان وٺي ملتان تائين آباد هئي. يقيناً انهن قبيلن جي زبان هڪ هوندي، اها سرائڪي ئي هوندي“(2).ساڳئي ڪتاب ۾ صفحي 83 تي لکي ٿو:

”واديءِ سنڌ جي زبان اڃا تائين زير تحقيق آهي. مليل مهرن واريءِ ٻوليءَ جي باري ۾ تازو سوئيڊن جي ماهرن، هن زبان متعلق پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. ممڪن آهي ته هيءَ حقيقت سرائڪي زبان جي قدامت جو ثبوت پيش ڪري“(3)

تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ جا ماهر انهيءَ راءِ جا آهن آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌو ماٿر ۾ دراوڙ قوم جو غلبو هو. هن ڏس ۾ روسي ماهر پروفيسر Gankovsky لکي ٿو:

”ادب ۾ گهڻي وقت کان وٺي اهو اندازو لڳايو پئي ويو ته پاڪ- هند ننڍي کنڊ جي اتر – اولهه واري حصي ۾ انڊو – يورپي قومن جي اچڻ کان اڳ واري دؤر ۾ يعني مسيح جي اچڻ کان اڳ هزار سالن جي وچ واري عرصي کان به اڳ، انهيءَ علائقي ۾ دراوڙ ڪٽنبن جي زبان يا زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هئا. اهو به ممڪن آهي ته دراوڙ ڳالهائيندڙ آدمشماري، انهيءَ علائقي جي اتر – اولهه ۽ ان کان اولهه جي وڏي ايراضيءَ تي قابض هئي“(1).

ڊاڪٽر ڪالڊويل به آرين جي اچڻ کان اڳ جي، برصغير جي ٻولين کي غير آريائي، ديسي ۽ مقامي ٻوليون ٿو سڏي، هو لکي ٿو:

”ديسي ٻولين ۽ سنسڪرت جي وياڪرڻي سٽاءُ جي ڀيٽ ڪرڻ سان آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اهي مقامي ٻوليون غير آريائي آهن، ۽ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چئي سگهجي ٿو ته اُتر – هند جي ٻولين جو ويا ڪرڻ دراوڙي ٻولين جي ويا ڪرڻ سان هڪجهڙائي رکي ٿو“(2).

ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ کي جديد تحقيق ۽ جديد کوجنا جي روشنيءَ ۾ نئين سر پرکڻ کان پوءِ، سنڌي ۽ مکيه دراوڙي ٻولين (تامل، تيليگو ۽ ڪنڙ) جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ جي تقابلي مطالعي کان پوءِ، اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته: ”سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ ۽ ڊاڪٽر ڪالڊويل پڻ حوالا ڏنا آهن(1)“. هن ڏس ۾ ڪوپن هيگن جي انسٽيٽيوٽ آف ايشين اسٽڊيز جي ماهر ڊاڪٽرن پارپولا لاءِ سيميوئل پار پولا توڙي روسي  ۽ امريڪي عالمن ڪمپوٽرن ذريعي موهن جي دڙي جي قديم لکت کي پڙهڻ ۾ ڪجهه قدر ڪاميابي حاصل ڪري، هن راز کي سلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ماهرن اها دعوا ڪئي آهي ته  موهن جي دڙي واري ٻولي دراوڙي ٻولين جي ماءُ (Parent Language) آهي، جنهن مان اهي (دراوڙي) ٻوليون اُسريون آهن(2).

فنلئنڊ جي ماهرن موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي جن خصوصيتن جو جائزو ورتو آهي، اُنهن ۾ اعرابون، جنس، عدد ۽ حالتن جو ذڪر خاص طور ڪيل آهي.

ڊاڪٽر ڪالڊويل ڪافي زمانو اڳ انهيءَ ڏس ۾ لکيو هو:

”دراوڙي ٻولي (تامل) ۾ حالت جريءَ جي ڦيري لاءِ اسم يا ضمير جي پويان ’ڪ‘ (Ku) حرف جر ملائبو آهي(3). تيليگو ۾ حرف جر جا ٻه روپ يعني ’ڪ‘ (ku) ۽ ’ڪي‘ (ki) آهن. حرف جر جي انهن ٻنهي روپن جو مدار انهن جي اڳيان ايندڙ سر (vowel) تي آهي(4).

ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو:

”هند – يورپي ٻولين جي ڪنهن شاخ ۾ `ku` يا `ki` سان مشابهت رکندڙ حرف جر نٿو ملي، البت هنديءَ ۾ ’ڪو‘ (ko)، بنگلا ۾ ”ڪي“ (Ke)، ۽ سنڌي ۾ ’کي‘ (Khe)،(1). دراوڙي حرف جر ’ڪ‘ (ku) سان هڪجهڙائي رکن ٿا(2). دراوڙي ٻولين ۾ هندي، بنگلا ۽ سنڌي ٻولين ۾ اهڙي هڪجهڙائيءَ مان ٿابت ٿو ٿئي ته دراوڙي ٻولين ۽ ڏيهي ٻولين ۾ ڪا ويجهي مائٽي آهي(3).

دراوڙي زبانن جي جڳ مشهور ماهر ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙائي آهي، پر ظامي صاحب دراوڙي ٻولين کي قديم سرائڪي زبان ٿو سڏي.

هن سڄي بحث مان نتيجو ٿو نڪري ته:

آرين جي اچڻ کان اڳ برصغير ۾ دراوڙي ٻوليون چالو هيون، اهڙيءَ طرح سنڌو ماٿر ۾ به دراوڙي زبانن جو چالامان هو.

موهن جي دڙي واري قديم ٻولي دراوڙي زبانن جي ماءُ آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ ۾ هڪجهڙائي آهي.

موهن جي دڙي واري ٻولي، قديم سنڌو ماٿر جي ٻولي هئي، جنهن کي ’سئنڌو‘ ٻولي چئي سگهجي ٿو.

قديم سنڌ جي ٻولي، موهن جي دڙي واري قديم سنڌي ٻولي (سئنڌو) هئي، جنهن تي پهرين آرين جي ٻولين جو اثر ٿيو، پوءِ داردي، پوءِ ايراني سرحد وارين ٻولين جو اثر ٿيو، پوءِ سنسڪرت جو، پوءِ پاليءَ جو، پوءِ ايراني، يوناني ۽ عربي وغيره جو.

مختلف ٻولين جي اثر ڪري قديم سنڌي زبان جو لغوي خزانو گاڏڙ بنجي ويو، پر ان جو صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ساڳيو ئي رهيو.

قديم سنڌ جي ٻولي ڪا غير آريائي ٻولي هئي، جنهن جون پاڙون موهن جي دڙي واريءَ تهذيب ۾ کتل هيون، ۽ جيڪا موهن جي دڙي واريءَ قديم سئنڌو< سئنڌوي< سنڌويءَ مان روپ بدلائيندي، ”سنڌي“ سڏجڻ لڳي.

 موهن جي دڙي واري قديم ٻولي ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويئي: هڪ سئنڌو ۽ ٻي دراوڙي، سئنڌو اڳتي ٻن شاخن ۾ تقسيم ٿي. هڪ سنڌوي ۽ ٻي لهندي. سرائڪي لهندويءَ جي هڪ اهم شاخ طور ڪم اچڻ لڳي(1).

مٿين نتيجن مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته قديم سنڌو ماٿر ۾، سماجي، ثقافتي، تهذيبي، تمدني ۽ لساني هڪ جهڙائي هئي. سنڌو ماٿر جي ڪا هڪ زبان هئي، جنهن جو نالو غالباً ”سئنڌو“ ٻولي هو. لهندويءَ جا مکيه لهجا ڪشميري، سرائڪي، ملتاني، ميانوالي، ديري والي، رياستي (بهاولپوري)، اُڀيجي ۽ ٻين محاورن ۾ ڳالهائي ويندي هئي، پر قديم سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ اُن کي اُترادين جي ٻولي، سرائين جي ٻولي ۽ سرائڪي ٻولي سڏيو ويندو هو. اِهو ئي سبب آهي جو ديوان ڀيرو مل کي ٻولين جو مطالعو ڪندي موجوده ڪشميري، لهندا، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ گهڻيون ئي صرفي ۽ نحوي هڪجهڙايون نظر آيون(1). ديوان ڀيرومل ضميري پڇاڙين جو مثال ڏيندي لکي ٿو:

”اهي پڇاڙيون انهن ٻولين کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ (هندوي، اردو وغيره) ۾ ڪينهن، پر ايراني ٻولين ۾ آهن“(2).

’سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد‘ ڪتاب ۾ واضح دليلن سان اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته برصغير جي ڪا به ٻولي سڌيءَ طرح يا ان سڌيءَ طرح سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل ڪانهي، پر سنسڪرت ته خود هڪ پراڪرت لهجي جو سڌاريل سنواريل روپ آهي، يعني سنسڪرت بنيادي ٻولي نه آهي، پر سنسڪرت خود ابتدائي پراڪرت جي هڪ لهجي جو سڌاريل سنواريل روپ آهي“(3). مذڪور ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد) ۾ اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته آرين هن ماٿر جي اصلوڪي زبان کي پراڪرت سڏيو، پر پراڪرت جون هڪ کان به وڌيڪ شاخون يا لهجا هئا. هر هڪ لهجي کي به صوبائي نالي سان پراڪرت سڏيو ويندو هو. ماهرن ان وقت انهن پراڪرتن کي ٽن گروهن ۾ تقسيم ڪيو. اهو گروهه يا اهي پراڪرتون جيڪي اولهه واري حصي يعني قديم سنڌ (ديبل کان ڪشمير) ۾ چالو هيون، انهن کي گڏي ”اُڌيچيه“ نالو ڏنائون، يعني اُتر – اولهه وارو لهجو، اهو گروهه جيڪو وچ هندستان ۾ مروج هو، ان کي ”مڌيه ديشيه“ گروهه يا لهجو سڏيائون، ۽ اهڙيءَ طرح هندستان جي اوڀر حصي ۾ مروج لهجي کي ”پراچيه“ سڏيائون. انهيءَ دعوا کي سامهون رکي، اُيچيه پراڪرت کي هيٺين ٽن لهجن ۾ ورهايو ويو:

اُڌيچيه

 

                ڇاندس      تڪسالي پئشاچي      

انهن مان پئشاچي لهجي مان جيڪي ٻوليون اُسريون، اُهي هيون: شِينا، درادي، ڪافرستاني ۽ ڪوهستاني. شري جيرامداس دولترام جي راءِ موجب اُڀي واريءَ ٻولي جو واسطو اُڌيچيه سان هو. هن جون حدون اروڙ کان مٿي، ڪشمير جي قديم اورينءَ سرحد تائين هيون. هن جي راءِ موجب اهو لهجو، جو اروڙ کان هيٺ مروج هو، هڪ طرف ڪرمان تائين، ٻئي طرف ديبل تائين ۽ ٽئين دطرف ڪڇ تائين ڦهليل هو. اهو لهجو جاگرافيائي لحاظ کان ”ڪڇي“ ”لاسي“ ۽ جدگالي شاخن ۾ ورهايل هو.

مون اڳي هيءَ راءِ ڏني هئي ته: هر لهجي ۾ فرق وڌندو ويو، ۽ اهو فرق محاورن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، ۽ هر محاوري تي خطي وار نالو پيو ۽ اڳتي هلي اُڀي وارو لهجو هيٺين مقامي ٻولين يا محاورن جي نالن سان يعني ميانوالي، ديري والي، ۽ کيتراني سڏيو ويو. جڏهن ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڪيترائي قبيلا ديري غازي خان ۽ ٻين اُترين علائقن کان لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺا، تڏهن سنڌ وارن انهن جي ٻوليءَ کي خطيوار نالن جي پڍيان ’سرائين جي ٻولي‘، ’سري وارن جي ٻولي‘ يا ’سرائڪي ٻولي‘ سڏيو“، ڀيرومل لکي ٿو:

”صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رهاڪو هڪ ٻئي سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آيا آهن، ۽ خود ڪشمير وارو پاسو پنجاب سميت، ڪيترو وقت سنڌ جي حڪومت هيٺ هو، تنهن ڪري سنڌيءَ جو انهن ٻولين سان جهجهو ناتو ٿيو آهي. اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اُتر ڏي اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻوليءَ جو نمونو اختيار ڪندي، بهاولپوري ڏي به اهو ئي بيک ڌاريندي، ملتاني ٻوليءَ سان وڃي گڏي آهي، ۽ ملتاني، لاهور ۽ امرتسر طرف، اڻلکيءَ طرح ڦرندي ڦرندي، وڃي پنجابيءَ سان گڏي آهي، جنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته سرائڪي ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آهي، جا سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ پنجابي ٻولي اتر ڏي ڪشميريءَ سان وڃي گڏي آهي.

انهيءَ ريت سنڌ کان ڪشمير تائين ٻولين جو پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان ڳنڍيو پيو آهي“(1).

هن سڄي بحث مان نتيجو ٿو نڪري ته موجوده سنڌي ۽ سرائڪي زبانون، بنيادي طرح هڪ ئي زبان جا ٻه لهجا آهن، يعني انهن ٻنهي زبانن جو بڻ بنياد ڪا هڪ قديم ٻولي آهي، جا ڪا قديم سنڌي يا سئنڌوي زبان هئي، جا اڳتي هلي ڌار ڌار لهجن ۾ ورهائجي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي. سيد نور علي ضامن حسينيءَ جي لفظن ۾ سرائڪي ۽ سنڌيءَ جو ماءُ ڌيءَ وارو تعلق آهي.(1) اها هڪجهڙائي صوتي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي روپن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم سگهجي ٿي. اهڙا ثبوت ضامن صاحب پنهنجي ٻنهي ڪتابن ۾ ڏنا آهن. هو 1962ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ لکي ٿو:

”بهاولپوري زبان جي صوتياتي تشڪيل سنڌي حرفن سان ملي ٿي، ۽ حضرت راضي ملتانيءَ سنڌي زبان جي حروف تهجيءَ ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ڪري، انهن کي بهاولپوري – ملتانيءَ لاءِ ڪم آندو“(2).

هو اڳتي لکي ٿو:

.سنڌي زبان سان هن زبان (بهاولپوري – ملتاني) جو قديم زماني کان اصولي اشتراڪ ۽ تعلق رهيو آهي، ۽ اهو تعلق ۽ اشتراڪ اڄ به قائم آهي“(3).

عتيق فڪري صاحب پڻ ساڳي ڳالهه ٿو ڪري، هو لکي ٿو:

”ملتاني ۽ سنڌي ۾ صوتي هڪجهڙائي آهي“(4).

ائين پڻ چئي سگهجي ٿو ته موجوده سنڌي ۽ موجوده سرائڪي هڪ ئي قديم سماجي، ثقافتي لساني گروهه جون ٻه شاخون آهن.

عتيق فڪري صاحب هن سلسلي ۾ فرمائي ٿو:

”برصغير ۾ ديسي زبانون جيڪي ٿوري اختلاف جي باوجود ويدڪ زبان تي چڱيءَ طرح موثر ثابت ٿيون، انهن سڀني ۾ زياده موثر سنڌ ۽ ملتان جي علائقي جي زبان هئي، جا لهجي جي اختلاف ۽ چند لفظن جي ڦير گهير جي سبب کان ٻن نالن سان منسوب ٿيڻ لڳي، ۽ اڳتي هلي اُن ۾ نمايان فرق پيدا ٿيو“(1).

سرائڪي ٻولي، ڪنهن زماني ۾ قديم سنڌ جي اُترئين حصي ۾ قديم سنڌي زبان جو هڪ مروج لهجو هو، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي م سرائڪي ٻولي سڏيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو عرب سياحن سرائڪي زبان کي سنڌي زبان سڏيو(2).

ضامي پنهنجي ڪتاب ’سرائڪي ڪا ارتقا‘ ۾ صفحي 69 کان 87 تائين سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي جيڪا ڀيٽ ڪئي آهي، تنهن مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته سنڌي زبان ڪا سرائڪي زبان جي شآخ آهي، پر هن ڀيٽ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته موجوده سنڌي ۽ سرائڪي، ڪنهن هڪ ئي قديم زبان جون شاخون آهن، بلڪل ائين جيئن ڪڇي ۽ لاسي اُن جا لهجا آهن لهجا، البته جيئن ڪڇيءَ تي گجراتي زبان جو اثر ٿيو، ۽ جيئن لاسي تي بلوچيءَ جو اثر ٿيو، پر انهيءَ جي باوجود اُهي ٻوليون، سنڌي زبان جا لهجا مڃيا ويا آهن(3)، تهڙيءَ طرح سرائڪيءَ تي ڪجهه قدر مشرقي پنجابيءَ جو اثر ٿيو، پر اُن جي مشرقي پنجابيءَ سان ڪا به خانداني نسبت ڪانهي: مثلاً،

سنڌي فعل            سرائڪي فعل

کاڌو                    کاڌا

چکيو                  چکيا

پاتو                    پاتا

انهيءَ ٿوري تبديليءَ کان سواءِ، باقي سنڌي ۽ سرائڪي ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي، مثال طور صوتي روپ، مصدر بنائڻ جون واٽون، امر ٺاهڻ جا اصول، اسم فاعل جوڙڻ جا قانون، اسم مفعل ۽ اسم حاليه جي ٺاهڻ جا قائدا، سرائڪي توڙي سنڌيءَ ۾ هوبهو هڪ جهڙا آهن. جيئن هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿيندو:

(الف) صوتي هڪجهڙايون: (i) سنڌي ۾ ڪي خاص آواز (چوسڻا يا چوسڪاري وارا) آهن، جيڪي سواءِ سرائڪيءَ جي، برصغير جي ٻيءَ ڪنهن به زبان ۾ موجود نه آهن مثلاً:

 

سنڌي                  سرائڪي(1)

ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ         ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ

(ii) سنڌيءَ جي اترادي لهجي ۾ ”ٽ“ ”ٽر“ ۽ ”ڊ“ ”ڊر“ صوتيا آهن. لاڙي لهجي ۾ ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ صوتيا مروج نه آهن، پر سرائڪيءَ ۾ ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ صوتيا موجود آهن. جيئن:

 

معياري سنڌي

اترادي سنڌي

سرائڪي

چنڊ

چنڊر

چندر

پٽ

پٽر

پتر

        (ب) مصدر: سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ مصدر جي علامت ’ڻ‘ آهي، مثال طور(2)

سنڌي

سرائڪي

سنڌي

سرائڪي

لکڻ

لکڻ

سڻڻ

سڻڻ

پڙهڻ

پڙهڻ

چڙهڻ

چڙهڻ

(ت) اسم فاعل: سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ اسم فاعل ٺاهڻ جو قانون ساڳيو آهي، مثال طور:

سنڌي

سرائڪي(1)

مارڻ وارو

مارڻ والا

لکڻ وارو

لکڻ والا

هنن مثالن ۾ ’وارو‘ ۽ ’والا‘ ۾ ’ل‘ متبادل آواز آهن. ’ل‘ ۽ ’ر‘ جي تبديليءَ جا اهڙا ٻيا به مثال موجود آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ’او‘ ۽ ’آ‘ سر به متبادل آهن.

(ث) عدد جمع: اُترادي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ واحد اسم مان جمع اسم ٺاهڻ جو قانون پڻ ساڳيو آهي، مثال طور:

معياري سنڌي

اترادي سنڌي

سرائڪي

کٽون

کٽان

کٽان

ڳنگهون

ڄنگهان

ڄنگهان

سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي انهيءَ ڀيٽ مان حاصل ٿيل نتيجن کي سامهون رکي اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته صوتياتي، صرفي ۽ نحوي اصولن ۽ سٽاءَ موجب سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي: ڪا به زبان هڪ ٻئي کان برتر ڪانهي: ڪا به زبان هڪٻئي کان اُتم ۽ اعليٰ ڪانهي: پر ٻئي زبانون قديم زماني ۾ هڪ ئي زبان هيون: يعني ساڳيءَ زبان جون ٻه شاخون هيون: يعني ٻئي هڪ ئي قديم زبان ’سئنڌويءَ جا لهجا آهن، جن مان موجوده سرائڪي، قديم سنڌ جي اترئين حصي ۾، عوام ۾ وڌي ويجهي ۽ موجوده سنڌي اروڙ کان وٺي هيٺئين حصي ۾ ترقي ڪئي. اهي زبانون هڪ ئي سماجي ۽ ثقافتي گروهه جون زبانون آهن. ماڻهن جي رهڻي لهڻي، لباس، طبيعتون پڻ هڪجهڙيون آهن. سندن روزانه زندگي ۽ رسمون رواج هڪجهڙا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪاڪي ڀيرومل جيڪي خصوصيتون سنڌي لاءِ يا سنڌ جي ماڻهن لاءِ گڏ ڪيون، اُهي ئي ضامن صاحب، ڀيرومل جي ڪتاب مان کڻي، سرائڪي ڳالهائيندڙن لاءِ مثال طور پيش ڪيون آهن. ضامي صاحب لکي ٿو:

”بهاولپور، ملتان ۽ سنڌ جا ماڻهو لباس به هڪجهڙو پائيندا هئا، مثال طور هڪ ٿانَ جو وڏو پٽڪو ٻڌندا هئا، وڏن وڏن وارن کي پٽڪن ۾ ويڙهي بند ڪندا هئا، گول قسم جا ڊگها ڪڙتا پائيندا هئا ۽ سوڙهي پانچي واري هڪ ٿان جي شلوار پائيندا هئا. سندن لباس ۾ اڄ به گهڻو فرق ڪونهي. سلام دعا ۽ ميل ملاقات جو طريقو به ساڳيو اٿن.

سرسري ملاقات ۾ ٿورو جهڪي، مٿي تي هٿ رکي سلام ڪندا هئا، پر خاص ملاقات ۾ ڀاڪر پائي ملندا هئا. دير تائين ادا يا چاچا خبرون چارون ٻڌاءِ، ۽ خوش خير عافيت ڊگهي ڪندا آهن“(1).

ظامي صاحب اهو پڻ قبول ڪيو آهي ته سنڌي زبان جو، بهاولپوري- ملتاني (سرائڪي) تي گهڻو اثر رهيو آهي. هو لکي ٿو:

”اهي زبانون (سنڌي- بهاولپوري- ملتاني) هڪ ٻئي جي بلڪل قريب آهن، جنوب مغرب ۾ بهاولپوري- ملتانيءَ جون سرحدون سنڌي زبان جي اتر ۽ اُتر- اوڀر وارين سرحدن سان ملن ٿيون، بلڪ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. ٻين طرفن کان هن زبان جون حدون پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ ماڙيچڪي يا ماڙيءَ سان ملن ٿيون، ليڪن انهن زبانن جو اثر بهاولپوري-ملتانيءَ تي صرف حدن جي ويجهي هجڻ سبب آهي. انهن جو زبان جي مرڪزيت تي ڪو به اثر ڪونهي.ان جي برعڪس سنڌي زبان، بهاولپوري ۽ ملتانيءَ تي مڪمل طور حاوي آهي، ۽ اها زبان سنڌ ۾ سرائڪيءَ جي نالي سان مشهور آهي“(1).

ٻنهي زبانن جي اشتراڪ کي جاچڻ لاءِ ماهين جيڪي اصول مقرر ڪيا آهن، انهن کي سامهون رکي بهاولپوري- ملتاني ۽ سنڌي زبانن جو جائزو ورتو وڃي ته انهن زبانن ۾ وسيع اتحاد ۽ اشتراڪ نظر اچي ٿو، ۽ اسين آسانيءَ سان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته انهن ٻنهي زبانن جو ماخذ لازماً هڪ آهي، ۽ اهي ٻئي هڪ ئي ماءُ جون ڌيئر آهن.

هن سلسلي ۾ محترم عتيق فڪريءَ جو رايو آهي ته:

”سنڌ ۽ ملتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت، تمدني زندگيءَ جون روزمره جون شيون ۽ انهن کان سواءِ قديم مذهبي عقيدن وغيره مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هي ٻئي علائقا پنهنجي روايتن جي ڪري هڪ تهذيبي يڪرنگي ۽ هم آهنگي رکندا هئا، قديم ترين آثار هن ڳالهه جي شهادت ڏين ٿا ته هڙپه، سنڌ توڙي ملتان ۾ هڪ خاص مرڪزي رابطو هو، يعني سنڌ جا ماڻهو هڪ زماني تائين ملتان ۾ ياترا لاءِ ايندا هئا، هنن جي نظر ۾ ملتان هڪ مقدس شهر هو“(2).

عبدالحميد راشد صاهب پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿو:

”هيءَ (سرائڪي) هڪ قديم زبان آهي. لفظن جي ذخيري، شتگي، فصاحت ۽ بلاغت جي ڪري هيءَ زبان ڪنهن ٻيءَ قديم زبان کان گهٽ نه آهي. مسلمانن جي برصغير ۾ آمد کان پوءِ هن تي عربي ۽ فارسيءَ اثر ڪيو. موجوده لساني اعتبار کان هيءَ زبان سنڌي سان وڌيڪ نسبت رکي ٿي“(1).

سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي ڀيٽ مان حاصل ٿيل نتيجن کي سامهون رکي اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته صوتياتي، صرفي ۽ نحوي اصولن ۽ سٽاءَ موجب سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي. ٻئي زبانون قديم زماني ۾ هڪ ئي زبان هيون، پر اڄ سرائڪي زبان جي حيثيت ائين آهي جيئن ڪڇ واري خطي ۾ ڪڇيءَ جي آهي. جيئن ڪڇي لهجي سياسي طرح هڪ ڌار ۽ الڳ زبان سمجهن ٿا، تيئن سرائڪي قديم اُتر سنڌ ۾ عوام ۾ وڌي ۽ ويجهي، ۽ موجوده سنڌي زبان اروڙ کان وٺي يعني قديم سنڌ ۾ ترقي ڪئي.

سرائڪي خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ:

مٿي سماجي، سياسي ۽ مذهبي ناتن جو ذڪر ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلهوڙن ۽ ميرن جي راڄ تائين سنڌ جو سرائڪي خطي ۾ سبزل ڪوٽ تائين، اثر رهيو. ملتان سان مذهبي رشتا رهيا. انهيءَ ڪري خانپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد تائين موجوده سنڌي زبان جو اثر رهيو. اڄ به هيءَ زبان انهيءَ ايراضيءَ ۾ ثانوي زبان طور ڳالهائي ويندي آهي.

انهيءَ خطي ۾ ڪيترن ئي شاعرن سرائڪيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ پڻ شاعري ڪئي، ايتري قدر جو خواجه فريد جهڙي بزرگ سرائڪي سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ گهڻو ئي ڪلام چيو آهي ۽ اسماعيلي داعي ۾ پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبيرالدين جو گهڻو ئي سنڌي ڪلام (گنان) موجود آهي.

سر گريئرسن ۽ ڊاڪٽر سورلي طرفان برصغير جي ٺاهيل لساني نقشي ۾ سنڌي زبان جون حدون سرائڪي خطي ۾ اوڀر طرف ڏيکاريون ويون آهن.

سما سردار، صوفي بزرگ غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي درگاه جا مريد هئا. سمن سردارن توڙي سنڌ جي عام ماڻهن سان روحاني تعلق کان سواءِ ڄام سمي بهاولپور وارو ڀاڱو فتح ڪري سنڌ جي حڪومت سان ملائي ڇڏيو.

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته باهمي شادين، سماجي ناتن، سياسي رشتن، مذهبي ۽ روحاني لاڙن سبب سنڌ جا ماڻهو هر سال اترئين حصي ۾ ويندا رهيا آهن. واپاري ۽ تجارتي ناتا به قائم رهيا آهن. انهيءَ ڪري سنڌي زبان کي بهاولپور کان مٿي هڪ طرف اُچ تائين ڦهلجڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. ته ٻئي طرف ديره غازي خان تائين سنڌي زبان جو چالان رهيو. انهيءَ کان سواءِ هر دؤر ۾ قديم زماني کان روزگار جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ ۾ ايندا ويندا رهيا آهن، پر انهن جو ناتو پنهنجي خطي سان رهيو آهي. انهيءَ ڪري به سنڌي زبان جو اُنهيءَ ايراضيءَ م اثر رهيو آهي. سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي وڌيڪ اڀياس لاءِ ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب پڙهڻ گهرجي.

حاصل مطلب ته سنڌي زبان نه فقط ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، بلوچستان ۽ راجسٿان ۾ پنهنجي پکيڙ وڌائي، پر قديم سنڌ جي ملتاني صوبي ۾ پڻ سنڌي زبان پنهنجو اثر قائم رکيو، جو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.

 

ببليو گرافي

سنڌي ڪتاب

الله بچايو يار محمد سمون: سير ڪوهستان، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع.

الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع.

ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

علي ڪوفي: چچنامو، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ 1954ع.

گل حسن ڪربلائي: مهراڻ جون موجون ۾ مضمون ”ٽالپر حڪمرانن جا علمي ڪارناما“، ايڊٽ ڪيل سيد حسام الدين شاهه راشدي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس.

مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي- اردو لغت، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

اردو ڪتاب

ابن خردازبه:  المسالک و المالک اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم گڙه، دارالمصنفين، 1960ع.

اصطخري: المسالک و المالک اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم گڙه، دارالمصنفين، 1960ع.

اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اول، لاهور مرکزي اردو بورڊ، 1971.

سيد سليمان ندوي: عرب و هند کي تعلقات، اشاعت دوم، کراچي، کريم سنز پبليشرز، 1971ع.

ظفر ندوي: تاريخ سنده اعظم گڙه، مطبع معارف، 1947ع.

عبدالحميد عتيق فڪري: العتيق العتيق، بهاولپور، سرائڪي ادبي مجلس، 1971ع.

مسعودي: عروج الذهب و معاون الجوهر، اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، 1960ع.

منهاج سراج: طبقات ناصري، جلد اول، مترجمه غلام رسول مهر، لاهور، مرکزي اردو بورڊ، 1975ع.

منشي عبدالرحمان: آئينه ملتان، ملتان مکتبه اشرف المعارف، 1973ع.

سرائڪي ڪتاب

عبدالحميد راشد: مقالو:“ سرائکي زبان کا ايک جائزه“ ماهنامه قومي زبان، انجمن ترقيء اردو، پاڪستان، مئي، 1976ع.

محمد بشير احمد ظامي: بهاولپوري – ملتاني، بهاولپور، عبدالعزيز مڪ، پرنسپال گورنمينٽ ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، نومبر 1962ع.

محمد بشير احمد ظامي بهاولپوري: عهد هائي قيام مين سرائکي ادب کا ارتقا، بهاولپور، مرکز سرائکي زبان تي ادب، حبيب کالوني، 1970ع.

نور علي ضامن حسيني سيد: معارف سرائکي، احمد پور شرقيه، مصطفيٰ شاهه اڪيڊمي، 1972ع.

انگريزي ڪتاب

Bloomfield, L., Language, George Allen Unwin Ltd., 1961.

Burnes, A., Visit to the Court of Sind, Edinburgh, Robert Cadet, 1831.

Gankovsky, yu., The Peoples of Pakistan, Lahore, Peoples publishing House, U.S.S.R., Academy of Science Dravary, 26 Shahrah-e-Quaid-i-Azam.

Grierson, G., Linguistic Survey of India, Vol: VIII. Par I, Calutta, Superintendent Government Printing, India, 1919.

Rev. Robert Calswell, A Comparative- Grammar of the Dravidian or South Indian Family of Languages, London, Triber & Co., Ludgate Hill, 1875.

Sachau Al-Beruni’s India, Vol. I, Lahore, Government of Pakistan, 1962.

Extracts from the District & States Gazetteers of Punjab. (Pakistan), Vol.II, Lahore, Research Society of Pakistan, University of Punjab, 1977.

Imperial Gazetteer of India, Vol. I.

Wagha Ahsan, The Siraiki language Its Growth and Development, M. Phil thesis, Sulintted at the Area Study Centre, (Central Asia), University of Peshawar, 1986.


(1)  منشي عبدالرحمان آئينه ملتان، ص 288.

(2)  ايضاً.

(1)  محمد بشير احمد ظامي: بهاولپوري – ملتاني، ص ص 33- 32.

(2)  ايضاً: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص 45.

(1)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 103.

(2)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 114

(1)  عبدالحميد راشد: مقالو ”سرائکي زبان ڪا ايک جائزه“، ماهنامه قومي زبان، انجمن ترقيءِ اردو، پاڪستان، مئي 1976ع ص 38.

(2)  ايضاً.

(3)  ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت (1521ع- 1555ع) جي زماني ۾ به اهڙوو راڄ ڪونه هو.

(1)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي – اردو لغت، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 554.

(2)  ايضاً.

(3)  ايضاً، ص 554.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 121.

(2)  ڏسو حوالو پهريون، ص 96.

(3)  Ref: 2, Vol: VIII, p. 140.

(4)  Grierson, H., “Linguistic Survey of India”, Vol: VIII, pp. 9 & 140.

(1) Grierson, H., “Linguistic Survey of India”, Vol: VIII, pp. 9 & 140.

(2) Ibid,

(3) Ibid.

(4)  ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 96.

(5) Ref: 1.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 82.

(2)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر؛ سنڌي – اردو لغت، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 554.

(1)  سيد نور علي ضامن حسيني: معارف سرائڪي، احمدپور شرقيه، مصطفيٰ شاهه اڪيڊمي، 1972ع، ص 40.

(2) Ahsan, Wagha, The Siraiki Language Its Growth and Development. M. Phil thesis, Sulintted at the Area Study Centre, (Central Asia), University of Peshawar, 1986, pp. 8-9.

(1) Ahsan, Wagha, op. Cit, pp. 8-9.

(1)  هن سلسلي ۾ مون پنهنجي زير ترتيب ڪتاب Origin & Growth of Sindhi Language ۾ سنڌي ۽ سرائڪيءَ کي هڪ ئي خاندان مان ڦٽي نڪتل ٻوليون سڏيو آهي جن جو بڻ بنياد ساڳيو يعني سئنڌو ٻولي آهي.

(2)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص ص 130 ۽ 131.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ، 1959ع، ص ص 13- 12.

(2)  ظامي: سرائڪي زبان کا ارتقا، ص 131.

پڻ ڏسو ڀيرو مل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 96.

(1)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ي 21

(2)  ايضاً، ص 133.

(1) ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ي 70.

(2)  ايضاً، 155.

(1)  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع، ص 42.

(2)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ي 156.

(1)  ايضاً، ص 156.

(1)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ي 157.

(2)  سيد نور علي ضامن حسيني: حوالو ڏنو ويو آهي. 38 ۽ 83.

(3)  ايضاً، ص 83.

(1) Gankovsky, Yu., The People of Pakistan, Lahore, Peoples Publishing House, U.S.S.R., Academy of Sciences, Dravary, 26, Shahrah – Quaid – Azam, p.33.

(2) Rev. Rboert Caldwell, A Comparative Grammar of the Dravidian or South Indian Family of Languages, London, Trubner & Co., Ludgate Hill, 1875, Introduction, p.64.

(1) Rev. Robert Caldell, op. cit., pp. 79 & 176.

(2) Ibid. p. 149.

(3) Ibid. p. 176

(4) Ibid. p. 149

(1)  سنڌيءَ جي ڪڇي لهجي ۾ ’کي‘ نه، پر ان کي ’ڪي‘ ڪري اُچارين.

(2) Rev. Robert Caldwell, op. cit., p. 149.

(3) Ibid.

(1)  هن سلسلي ۾ مون پنهنجي زير ترتيب ڪتاب: Origin & Growth of Sindhi Language ۾ مثالن سان بحث ڪيو آهي.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 87.

(2)  ايضاً، ص 88.

(3)  الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ص 6-8

(1)  ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ص 85.

(1)  سيد نور علي ضامن حسيني: معارف سرائڪي، ص 40

(2)  ضامي: بهاولپوري – ملتاني، ص 55.

(3)  ايضاً، ص 120.

(4)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 74.

(1)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 82.

(2)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص 48.

(3)  Grierson, H.I. Linguisttic Survey of India, Vol: VIII, pp. 140, 158, 183.

(1)  البت گجراتيءَ ۾ ”ٻ“ جو آواز موجود آهي، پر اهو آواز ان زبان ۾ صوتيه طور استعمال نٿو ٿئي.

(2)  ظامي: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص 73.

۽ پڻ ڏسو: بهاولپوري- ملتاني، ص 93، ۽ وڌيڪ ڏسو: ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 86

(1)  ايضاً.

(1)  ظامي: بهاولپوري – ملتاني، ص ص 117- 118.

(1)  ايضاً، س س 86- 85.

(2)  علامه عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص.

(1)  عبدالحميد راشد: مقالو: سرائڪي زبان ڪا ايک جائزه، ماهنامه ”قومي زبان“، انجمن ترقي ۽ اردو پاڪستان. مئي. 1976ع، ص 38.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com