سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :9

صوتياتي فرق:

لس ٻيلي تي جن سنڌي حاڪمن جو قبضو رهيو، سي گهڻو ڪري لاڙي لهجو ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري لاسي لهجي ۾ لاڙي لهجي واريون سڀ خصوصيتون نظر اچن ٿيون(4). ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب: ”لس ٻيلي جي ٻولي لاڙ جي محاوري سان زياده مناسبت رکي ٿي“(5). البت لاسي لهجي ۾ ڪي انوکيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون آهن، مثال طور:

(i) ڇوٽن سرن کي اچار ۾ ڊگهو ڪندا آهن: مثلاً(1)

معياري اُچار

لاسي اُچار

نه ته

ناتي

پنهنجن مٽن مائٽن ۾

پان جي، مٽين مائٽين ۾

تنهنجي

توجي

(ii) لاڙي لهجي وانگر، لاسي لهجي ۾ به وسرگ آواز کي اوسرگ ڪري اچاريو ويندو آهي، مثال طور،

معياري اُچار

لاڙي اُچار

لاسي اُچار

ساجهر

ساجر

سانجر

ٻاجهه

ٻاج

ٻاج

(iii) ڪن لفظن ۾ ] و، ٿ، ل، ج، ذ، ۽ ش[ کي ] ٻ، ت، ي، ۽ ڇ[ ۾ بدلائي اچارين، مثال طور(2)

         

معياري اُچار

لاسي اُچار

ويهي رهه

ٻيهي رَ

ٿي

تي جاد

ياد

جات

ذات

باڇا، پاڇا

بادشاهه

ڇم

چشم

گم ڇي ويو

گم ٿي ويو

جيئرو ڇو آهي

جيئرو ٿيو آهي

هيترا سال ڇن

هيترا سال ٿين

هڪڙي ماڻهي جا ٻه پٽ هوئا

هڪڙي ماڻهوءَ جا ٻه پٽ هئا

وَ (هو‏<  و

هن

وَ کي گهاڻو چنبڙيو

هن کي گهڻو چنبڙيو

يهو (اهو  ايهو < يهو)

اِهو

يهو مان جو پٽ ڇي

اهو منهنجو پٽ اٿيئي

ڇو، ڇي

ڇا

ڇو، ڇي

ڇالاءِ

يهه جو مطلب ڇو؟

انهيءَ جو مطلب ڇا

 

اهڙيءَ طرح لاسيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ (اسم وغيره) پڻ ڪم ايندا آهن، جيڪي معياري لهجي ۾ ڪم ڪونه اچن. اهي لفظ لاسي لهجي جي لغت جي مطالعي ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ڪاڪي ڀيرو مل اهڙن لفظن جون لڙهيون لاسيءَ جا علحدا لفظ ۽ اصطلاح جي عنوان هيٺ ڏنا آهن، مثال طور(1):

معياري ٻولي

لاسي نعم البدل

جڏهن

جر

تڏهن

تر

طرف، ڏانهن

پاڏ

خرچڻ، کپائڻ

اُٻارڻ

گهڻو

گاٽو (گهاٽو)

گهرائڻ

گتائڻ (گهتائڻ)

اهڙيءَ طرح تاج محمد عباسي صاحب نئين زندگي، جولاءِ، آگسٽ، 1976ع واري پرچي ۾ پڻ اهڙي فهرست ڏني آهي(1). اهڙي هڪ لڙهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب ۾ ڏني آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب مان ڪي ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا(2).

معياري لهجو

لاسي نعم البدل

لسي، ڏڌ

است

ڪڪر

ڇمر

پيچرو

سلو

شينهن

مزار

کنوڻ

چيهه

ٻڪري

آئي

مڪران ۾ سنڌي زبان جو ڦهلاءُ

لس ٻيلي جي خطي جي بيان ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته لس ٻيلي کان سواءِ مڪران تي به سنڌ ۽ سنڌ جي حڪمرانن جو تسلط رهيو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي سنڌي قبيلا سنڌ مان واپار سانگي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري لڏي اچي مڪران ۾ آباد ٿيا. سنڌي قبيلن جي مڪران ۾ لڏ پلاڻ سبب انهيءَ ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي. سنڌي ٻوليءَ جي پکڙجڻ سبب ۽ سنڌي قبيلن جي، روزانه زندگي، وڻج واپار، سماج ۽ سماجي ڪارگذارين ۽ حڪومت ۾ اهميت سبب بلوچي ٻوليءَ تي پڻ سنڌي ٻوليءَ جو اثر ٿيو. انهيءَ جو بيان هن باب ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪيو ويو آهي.

(الف) سياسي ميل جول: مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته راءِ گهراڻي سنڌ تي 450ع کان 642ع تائين حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جي بانيءَ، راءِ ديوائج (راءِ ديوراج) کان پوءِ، راءِ سيهرس گاديءَ تي ويٺو. راءِ ديوراج جيئن مٿي چيو ويو آهي ته، پنهنجيءَ سلطنت جون حدون، اولهه طرف ڪرمان تائين ۽ اتر طرف سوات کان اڳتي ڪابل تائين وڌايون(1). هن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ، راءِ ساهسي پهرئين کان پوءِ سندس پٽ راءِ سيهرس ٻيو، تخت تي ويٺو. هن لس ٻيلي کان وٺي اڳتي مڪران تائين سمنڊ جي ڪناري وارن بندرن تائين پنهنجيءَ سرحد کي مضبوط ڪيو، ۽ انهن کي زور وٺايائين. هن اروڙ ۽ ديبل بندر کي تمام گهڻو زور وٺايو. هن جي حڪومت جون سرحدون اڀرندي طرف ڪنوج تائين، الهندي طرف مڪران تائين، اتر طرف ڪشمير تائين، اُتر – اولهه طرف قنڌار، سيستان ۽ ڪوهه سليمان جي سرحد تائين هيون(2). سندس تخت گاهه اروڙ هو.

ان وقت ايران جي بادشاهه نيمروز سنڌ تي چڙهائي ڪئي، ۽ مڪران تائين اچي رسيو هو(1). جڏهن راءِ سيهرس کي اها خبر پئي تڏهن هو پنهنجو لشڪر وٺي مغربي سرحد تي اچي پهتو. سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ راءِ سيهرس مارجي ويو(2).

راءِ سيهرس جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ راءِ ساهسي ٻيو بادشاهه بڻيو. جنهن ڏينهن سندس پيءُ پنهنجي وطن لاءِ سر ڏنو ان ڏينهن کان هن ”سنڌ آزاد سال“ شروع ڪيو، يعني هن فتح جي يادگيري لاءِ ’سنڌي سن‘ يعني ’سنڌي ڪال‘ سوڀ واري ڏينهن کان شروع ٿيو. اهو ڏينهن چوٿين مارچ 450ع هو. هن همت ۽ مردانگيءَ سان پنهنجي حڪومت کي وڌايو ۽ وسيع ڪيو. قنڌار کان وٺي ڪرمان تائين سندس حڪومت جون سرحدون هيون. انهن سرحدن جي نشانبندي ڪرائي. هن ڪرمان ۾ پنهنجو خاص لشڪر مقرر ڪيو. پنجاب کان وٺي قنڌار تائين سندس لشڪر موجود هوندو هو، جن ۾ اروڙ جا کتري اڪثريت ۾ هوندا هئا.

628ع ڌاري خسرو پرويز (591- 628ع)، ايران جي بادشاهه، ايران جو مشرقي حصو وري هٿ ڪري، پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. ان ۾ مڪران به اچي ٿي ويو(3).

راءِ ساهسي ٻئي جي وفات کان پوءِ، چچ برهمڻ 642ع ۾ ملڪ جو والي بڻيو. ملڪ ۾ هن (چچ) جي خلاف بغاوت منهن ڪڍيو. ڪافي خونريزي ٿي، جنهن ڪري ڪيترائي سنڌي ڪٽنب سنڌ مان لڏي ڌار ڌار رياستن ڏانهن هليا ويا. ڪي سئوراشٽر وڃي نڪتا، ته ڪن وڃي سوات وسايو(1). جيڪي سئوراشٽر ويا، تن نيٺ اتي حڪومت تي قبضو ڪري ورتو، ۽ اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيائون(2).

چچ پهرين ته سنڌ جي حڪومت تي مڪمل قبضو ڪيو، ۽ پوءِ 636ع ۾ اولهه طرف حملو ڪيائين. هن هنگلاج واري پاسي، مڪران ۽ ڪرمان تائين غلبو حاصل ڪيو(3). هو پاڻ ڪرمان تائين ويو، پنجپور نالي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنائين(4). اتان پوءِ ڪرمان ۾ حدون مقرر ڪري اتي نشان طور پٿر هڻايائين ۽ ڪتبو پڻ لکايائين. پوءِ توران کان ٿيندو، قنڌار پهتو(5). مير احمد يار خان انهي سلسلي ۾ فردوسيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

“According to Shahnamah of Firdousi (101 A.D.) Chach marched towards Kirman in 635-36 A.D. in order to determine the boundary line of his dominion. He over – ran the territory of Armabel (lasbella) and reaching the western extremity of Makran. he halted there and planted trees along a stream, and set up a merker inscribed with the words:

“This Was the boundary of the Hind in time of Chach, son of Silaj, son of Basabas. Now that boundary has come into ours possession”(6).

چچ جو تخت گاهه پڻ اروڙ هو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ چندرسين تخت تي ويٺو. هن بلوچستان ۾ ڪنراج کان اوريان، ۽ وندر کان پريان، هڪ قلعو اڏايو، جنهن جو نالو ”بالي ڪوٽ“ رکيائين، جتي پنهنجي لشڪر جي ڇانوڻي بنايائين، ۽ سامونڊي بندر پڻ تعمير ڪرايائين(1). اڳتي ارم بيلا يعني لس ٻيلي کي زور وٺايائين. پوءِ مڪران وارا قلعا مضبوط ڪرائي. ڪرمان تائين، پنهنجيءَ سرحد کي مضبوط ڪيائين(2). هن سمنڊ جي ڪناري وارن بندرن جي سڌاري تي گهڻو ڌيان ڏنو. ان ڪري واپار ۾ به واڌارو ٿيو، ۽ ڏيساورن مان مال گهڻي انداز ۾ اچڻ لڳو، ۽ عربستان، مصر، ايران، ميسوپوٽيميا سان واپار ۾ واڌارو آيو(3).

643ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، ان وقت مڪران وارو خطو، سنڌ جي حڪومت جي حدن ۾ هو(4).

چندرسين جي مرڻ کان پوءِ ڏاهر بادشاهه بڻيو. هن سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي واپاري رستا جوڙايا، ۽ واپار کي همٿايائين. اهي واپاري رستا، اولهه طرف ڪرمان تائين ۽ اوڀر طرف ڪنوج تائين هئا.

ڏاهر جيتوڻيڪ ڪرمان ۽ مڪران پاسي پنهنجو لشڪر بيهاريو هو، پر عربن ان تي حملو ڪري، ڪرمان ۽ مڪران جو اڌ کانئس فتح ڪيو(5). 712ع ۾ جڏهن غازي محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن به مڪران وارو علائقو انتظامي لحاظ کان سنڌ سان شامل ڪيو ويو هو(1).

(ب) وڻج واپار ۽ واپاري ناتا: مڪران وارو خطو قديم زماني کان واديءِ سنڌ ۽ وچ مشرق جي وچ ۾ واپار جو وسيلو رهيو آهي. انهيءَ ڪري مڪران واري خطي کي تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل رهي آهي. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته راءِ ديوائج (ديوراج) واري زماني کان مڪران وارو خطو سامونڊي ساحل سميت سنڌ جي حڪومت هيٺ رهيو آهي. انهيءَ ڪري واديءِ سنڌ جي ماڻهن انهيءَ پاسي سڪونت اختيار ڪري واپار تي قبضو ڪيو.

سنڌ مان هڪ طرف خشڪي رستن ذريعي واپاري قافلا ويندا هئا ته ٻئي طرف واهڻ ۽ غوراب، سامونڊي بندرن تان مال سال ڀرجي روانا ٿيندا هئا. اهو واپار مغرب ۾ عربستان ۽ ايران، اتر ۾ قنڌار، افغانستان ۾ بلخ ۽ بخارا تائين هلندو هو(1). انهيءَ ڪري واپاري منڊين، بندرن ۽ بازارن ۾ سنڌي واپارين، سندن گماشتن، منيبن ۽ منشين جي گهڻائي نظر ايندي هئي. اهڙيءَ طرح مشرق بعيد توڙي ايران کان ايندڙ يا انهن ملڪن ڏي ويندڙ ڪي اهم شاهراهون، بلوچستان جي مختلف خطن سان گڏ مڪران مان لنگهنديون هيون. ۽ سنڌ ۽ مڪران جا ناتا قديم آهن.

مذڪوره واپاري قافلن کي مڪران وچان لنگهڻو پوندو هو. انهن مان هڪ رستو خضدار، نال ۽ تربت کي ملائيندو، دريا مشڪيءَ جي ماثرين مان گذرندو، ڪولواهه ۽ ڪيچ جي وادين ۾ داخل ٿيندو هو. هڪ ٻي واٽ سوراب کان پنجگور وڃڻ واري واٽ هوندي هئي. هيءَ واٽ وچ مڪران ۽ سياهان جبلن جي وچ مان لنگهندي هئي.

سنڌ ۽ بلوچستان کي مڪران ذريعي ملائيندڙ ٽين واٽ اها آهي جيڪا مڪران ۽ لس ٻيلي کان نڪرڻ کان پوءِ، لڪي جبلن کي پار ڪري، سنڌ ۾ داخل ٿيندي آهي. مڪران جي ساحلي علائقي ۾ به هڪ اهم رستو موجود آهي، جو ايراني بلوچستان مان نڪري، انهيءَ ساحلي علائقي کي پار ڪري، سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي. قديم زماني کان اهو ئي رستو آمدرفت ۽ مواصلات، توڙي وڻج واپار ۽ فوجي حملن لاءِ هوندو هو(1). هولڊچ (Holdich) انهيءَ واٽ کان ويندي، ۽ ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”بار سان لڏيل اُٺن سان واديءِ سنڌ کان وٺي ايران تائين مڪران جي وچان مسافري ڪرڻ اسان لاءِ ممڪن هو. اسان کي واٽ تي ڪا به تڪليف نه ٿي. رستي تي پٿر سان پاڻيءَ جا ننڍا تلاءَ ٺهيل آهن. سرن سان بند ٻڌي پاڻي گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪيل آهي“(2).

هن ئي رستي کان ڪيترائي سنڌي ڪٽنب ۽ قبيلا لڏي لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ وڃي ويٺا، ۽ ڪي اڃا به اڳتي ايران طرف ويا. اهو ئي رستو آهي، جتان سنڌ جا قبيلا پنهنجين مينهين جا ڌڻ ۽ اُٺن جا وڳ ڪاهي، پهرين بلوچستان ۾ وڃي ويٺا، ۽ پوءِ ايران کي پار ڪري، اڳتي دجله ۽ فرات ندين جي ماٿريءَ ۾ وڃي آباد ٿيا(3).

ايراني نار ۽ واديءِ سنڌ جي وچ ۾ سڀ کان آسان واپاري وسيلو اهو سامونڊي رستو هو، جو سامونڊي بار بردار واهڻن، ٻيڙين ۽ غورابن جي آمدرفت لاءِ اهم وسيلو هوندو هو. انهيءَ سامونڊي رستي ذريعي سنڌ جا واپاري مال ڀري، ايراني نار عدن ۽ مصر تائين ويندا هئا، ته ٻئي طرف مشرق بعيد جي ملڪن تائين رستا هئا. اهو واپار انگريزي حڪومت جي شروعات تائين به جام هلندو هو.

واپارين جي اچ وڃ، واپاري شين جي آمدني ۽ روانگي، ۽ واپاري ڏي-وٺ، گفتگو توڙي روزانه ڪاروبار سبب سنڌي زبان جو رواج وڌيو، ۽ ٻوليءَ جي استعمال ۾ واڌارو ٿيو. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو واپاري منڊين، بندرن، شهرن، ڳوٺن ۽ ڊاٻي ڪرڻ وارين جاين تائين ڦهلاءُ ٿيو.

هن سلسلي ۾ هي نقطو غور طلب آهي ته پنهونءَ جو ڪيچ مان واپارين جي قافلي سان اچڻ، ڀنڀور ۾ واپار ۾ ساهري گهر رهڻ مان ائين ٿو ثابت ٿئي ته پنهون توڙي سندس ڀائر ۽ ٻيا ساٿي سڀ سنڌي زبان يا ڪو اُن جو لهجو ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا هوندا. انهيءَ خطي تائين سنڌي زبان سمجهي ۽ ڳالهائي ويندي هئي، يا پنهونءَ وارا جدگال قبيلن مان هئا. سنڌي زبان جي انهيءَ ڦهلاءُ ۽ اثر مان هي نتيجو نڪتو آهي ته اڄ به مڪران جا ڪيترائي قبيلا سنڌي زبان ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. هن دعوا جي دليل لاءِ ايندڙ صفحن ۾ ذڪر ڪيو ويندو.

(ت) مڪران ۾ سنڌي قبيلن جي آبادي: اها مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر مڪران ۽ بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو(1). بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت قومون (جدگاکي) گهڻي تعداد ۾ رهنديون هيون(2). جڏهن ابن حوقل مڪران پهتو هو، تڏهن يعني ڏهين صدي عيسوي ڌاري مڪران تي جتن يعني جدگالن جو قبضو هو(1)، جيڪي قديم زماني کان هن خطي ۾ رهندڙ هئا(2).

اُن زماني ۾ ڪرمان کان هيٺ، جيڪو ملڪ سنڌ جي حڪومت جي سرحد ۾ اچي ٿي ويو، اُتي جا رهاڪو سنڌي هئا، ۽ لشڪر ۾ به سنڌي جوانن جي اڪثريت هوندي هئي. انهن مان ڪي اڃا تائين بلوچستان، دشت ۽ ڪرمان واريءَ ايراضيءَ ۾ رهن ٿا، ۽ پاڻ کي جدگال سڏائين ٿا. انهن جي ٻولي سنڌي آهي، جنهن کي هو جدگالي سڏيندا آهن. سندن ٻولي جو نمونو ايندڙ صفحن ۾ ڏنو ويو آهي. اهي قبيلا هزارين سالن کان ڪرمان ۽ زاهدان جي وچ واري علائقي ۾ آباد آهن. اهي قديم زماني ۾ لس ٻيلي ۽ سنڌ مان لڏي هت اچي ويٺا(3). انهيءَ کان سواءِ هي علائقو سنڌ جي حڪومت جو سرحدي علائقو پڻ هو، ۽ هتي جيڪو سنڌي لشڪر رهندو هو، ان ۾ جدگالن جي اڪثريت هوندي هئي.

اهي جدگال سامونڊي واپار ۾ به تيز هوندا ها. اُن وقت باهو، دشتياري، ميرجاوا ۽ مهدان مشهور سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪزي هوندا هئا. هن وقت به انهن شهرن ۾ جدگال گهڻي قدر رهن ٿا.

اهڙيءَ طرح گوادر جي اُتر – اولهه طرف باهو ۽ دشتياري ضلعن ۾ جدگال گهڻي قدر رهن ٿا. ساڳيءَ طرح ڪلانچ واري ايراضيءَ ۾ پڻ جدگالن جي گهڻي آبادي آهي. جدگالن جي پاڙن مان ڪي تربت، ڪيچ ۽ پنجگور جي ماٿري، گوادر جي چوڌاري، ڪولوا ۽ پشوڪن کان اولهه طرف ايراني مڪران ۾ باهو ۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل آهن. جيتوڻيڪ اهي هاڻ بلوچن سان گڏجي مسيجي ۽ گاڏڙ ٿي ويا آهن، پر تنهن هوندي به هو پنهنجي جدگالي ٻولي قائم رکندا اچن، ۽ هزارين سالن جي گذرڻ جي باوجود هو پاڻ ۾ عام طور جدگالي ٻولي ڳالهائيندا آهن(1). مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته: پاڪستان ۾ سنڌي زبان جو دائرو ڪشمير کان ڪڇ تائين، ۽ ٿر کان وٺي مڪران جي دشت نديءَ تائين وسيع آهي(2). هن خطي جي جدگالي ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

لاڙي سنڌي

لاسي

جدگالي

آءٌ ماني کان پيو

آن ماني کيان پيو

مين ماني کائين سو

مون کي چيو ائيس

مان ک به چيائين آئي

مينک به چيائين سو

باهه وڪوڙي ويئي آئيس

ڄيرو لڳوس آئي

سڄو ڄيري ۾ سڙي ويوڇي

تنهنجو نالو ڇا آئي؟

توجو نالو ڇو، ڙي؟

توجو نالو سوئي؟

هو ويٺو آئي

هو بيٺوءِ

هو بيٺو ڇوءِ

مون کي ماري تو

مونک ماري تو

مينک ماري سو

ڪيڏان پيا وڃو

ڪيڏ تو وڃي

ڪنڏ ڪي تو وڃين

جدگالن جا پاڙا:

مڪران ايراضيءَ ۾ جدگال قبيلو هيٺين پاڙن ۾ ورهايل آهي(1)

(i) رئيس، (ii) ڪينگيزئي، (iii) مهدي زئي، (iv) بند، (v) ڪوڙڪ ۽ (vi) سنگر. منجهانئن ڪن جو وستار هيٺ ڪجي ٿو:

(i) رئيس: هيءَ شاخ لس ٻيلي جي ڄاموٽن سان پنهنجي نسبت جي دعوا ڪري ٿي(2). هيءَ شاخ پراڻي زماني کان مڪران جي اندرئين حصي ۾، ڪيچ ۽ پنجگور جي ماٿرين ۽ ساحلي خطي ۾ پشوڪن جي اولهه طرف، باهو ۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل آهي(3).

(ii) ڪينگيزئي: هيءَ شاخ پنجگور واديءَ جي عيسائي ايراضيءَ ۾ رهندي آهي(4). هيءَ شاخ لس ٻيلي جي ڄاموٽن سان نسبت جي دعوا ڪري ٿي(5). هي ماڻهو اها به دعوا ڪن ٿا ته هن شاخ جا ماڻهو انهيءَ زماني ۾ پنجگور جي وادي ۾ اچي ويٺا آهن. جنهن زماني ۾ گچڪي قبيلو پڻ اچي ويٺو هو. هي ڪيچ جي واديءَ ۽ تربت ۾ رهن ٿا. ڪيچ پنجگور جي سردارن سان مائٽيءَ جي دعوا ڪن ٿا.

(iii) سنگر: جدگال قبيلن جي هن پاڙي جا ماڻهو لس ٻيلي کان وٺي اولهه طرف ايراني سرحد تائين پکڙيل آهن. هي ماڻهو اها دعوا ڪن ٿا ته اهي اصل ۾ سنڌ ۾ رهندڙ جوکين سان واسطو رکن ٿا(6). حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو سنڌ مان لڏي پهرين قلات طرف وڃي ويٺا، جتي هو ڪافي زماني تائين رهيا، پوءِ هنن کي پندرهين صدي عسويءَ ڌاري، برهين ۽ جدگالن جي وچ ۾ ٿيل ويڙهه واري زماني ۾، مڪران ڏانهن هڪالي ڪڍيو ويو. هي ماڻهو اڪثر ڪري گهومون ۽ خانه بدوش آهن. اُٺ پالڻ (Camel breeding) جي ڪري مشهور آهن. مڪران ۾ هنن جو خاص ڌنڌو مال ڌارڻ آهي، پر ساڳئي وقت زراعت جو ڌنڌو پڻ ڪندا آهن(1). مهدي زئي هن پاڙي جي شاخ آهي. هيءَ شاخ (مهدي زئي) گوادر جي آسپاس ڪولوا ۽ ڪيچ جي ماٿريءَ ۾ گهڻو ڪري آباد آهي(2).

جدگالن کان سواءِ مڪران ۾، هن وقت جيڪي سنڌي قبيلا يا سنڌي ڳالهائيندڙ قومون آباد آهن، تن مان ڪي هي آهن:

گچڪي: هن قبيلي تي، پنجگور جي واديءَ، گچڪ جي ڪري نالو پيل آهي، جتي هي پهرين پهرين وڃي آباد ٿيا. هي قبيلو، جيتوڻيڪ تعداد ۾ گهٽ آهي، پر طاقت ۾ زور آهي. مختلف حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي قبيلو مڪران جو اصل رهاڪو نه آهي، پر ٻاهران آيل آهي. ڪي چون ٿا ته هن قبيلي جا ماڻهو جيپور، جوڌپور، مارواڙ ۽ ڄام ننگر کان آيل آهن، پر اڃا تائين اهو فيصلو ٿي نه سگهيو آهي ته هنن جو اصل وطن ڪهڙو هو(3).

بزنجا: مڪران ۾ رهندڙ بزنجا، هن خطي ۾ جهالاوان واريءَ ايراضيءَ کان آيل آهن. هي جهالاوان جي، ناڙي خطي ۾ رهندڙ ڪنهن قبيلي سان واسطو رکن ٿا. هي بلوچي ۽ سنڌي ڳالهائيندا آهن.

وردلي: هي سنڌ مان لڏي ڪلانچ ۾ وڃي ويٺا. هي واڍڪو ڌنڌو ڪندا آهن.

ميد: چچنامي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ”ديبل بندر ميدن جو مرڪز هو. عرب مؤرخن جي حوالن مان گمان نڪري ٿو ته مڪران، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪناري تي رهندڙ اهي قومون جن جو پيشوئي ڌاڙا هڻڻ ۽ ڦريون ڪرڻ هو تن مڙني کي ميد نالو سڏيو ويو آهي“(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”سنڌ جا ميد غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا ميربحر هئا. هاڻوڪو لفظ ميہ شايد ميد جي بدليل صورت هجي“(2).

هيءَ قوم ڪچي – گنداوا خطي مان لڏي اچي مڪران ۾ ويٺي. مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”سون مياڻيءَ کان وٺي گوادر بندر تائين، ميد ۽ ڪورا ٻه قومون رهن ٿيون، جن جو گذران جهاز راني ۽ مڇي مارڻ تي آهي. گوادر جي هڪڙي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته سندن اصل وطن ڪڇي هو“(3).

هن قوم جو سخي تنگاو (Sakhi Tangav) ۾ گهڻو اعتقاد آهي، جنهن جي درگاهه ڪڇيءَ جي ڍاڍر خطي ۾ آهي. ايليئٽ جي راءِ موجب ميد قوم سنڌ مان لڏي پهرين اچي، ڪڇيءَ ۾ ويٺي هئي(4). پوءِ هتان مڪران طرف لڏي ويئي. اهي ايراني نار کان وٺي ملبار تائين جهاز راني ڪندا هئا(1) بلوچستان گزيٽيئر مطابق ميد قوم هيٺين چئن شاخن ۾ ورهايل آهي(2).

(i) چل مارزئي، (ii) جلارزئي، (iii) گزبر ۽ (iv) اورماڙي يا اولماري، انهن مان چل مارزئي شاخ ميد قوم جي اهم شاخ آهي. هي شاخ پاڻ کي لاسي سڏائي. پنهنجو حسب نسب لومڙيا قوم سان ملائي ٿي، جا لس ٻيلي ۾ رهندي هئي. گزبر پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا ۽ اورماڙي پاڻ کي افغان سڏائين.

ميدن جون ڪافي رسمون ۽ رواج آفريڪا جي ماڻهن جي رسمن جهڙيون لڳن ٿيون، پر عجب جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته رسمن جي ادائگي وقت هو جيڪي گيت يا راڳ ڳائيندا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ جا آهن(3). انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته مڪران ۾ گهڻو زمانو رهڻ جي ڪري سندن رسمن تي مڪران جي رسمن جو اثر پئجي ويو آهي.

خواجا يا خوجا: هنن کي لوٽيا به چوندا آهن. هيءَ قوم صدين کان ڪڇ مان لڏي گوادر، پسني، اوماڙي ۽ خاران واري خطي ۾ اچي آباد ٿي. هي واپاري آهن.

هندو: هي گهڻو ڪري سڀ سنڌ مان لڏي اچي ويٺا آهن. ساحلي ايراضي ۽ بندرن جي ويجهو ڳوٺن ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا جهڙوڪ هزمتگر، دردز، نڪيب، لئگب، هوت ۽ بزنجا پنهنجي خاص لهجي واري سنڌي زبان ڳالهائين ٿا.

مٿئين بيان کان پوءِ هيئن چئبو ته مڪران ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ۽ اثر پراڻي زماني کان آهي. عربن جي آمد وقت مڪران وارو علائقو سنڌ جي ماتحت هو. سنڌي ان وقت به معياري ۽ وڻج واپار واري ٻولي  هئي، ۽ روزانه استعمال ۽ اظهار جو ذريعو هوندي هئي. ان ڪري ان زماني ۾ جيڪي ڳوٺ واستيون ۽ آباديون قائم ڪيون ويون. انهن مان ڪن تي نالا به سنڌي رکيا ويا(1). نه فقط اهو پر مڪران ضلعي ۾، پسني تحصيل ۾، جدگال نالي هڪ وڏي ايراضي آهي. هن سڄيءَ ايراضيءَ ۾ جدگالي ٻولي مروج آهي.

 (ث) مڪران ۾ سنڌي زبان ڳائيندڙن جو تعداد:

مڪران ضلعي ۾ عام طور چار ٻوليون مادري زبان طور ڳالهايون وينديون آهن. اهي آهن: بلوچي، جدگالي، لاسي ۽ لوري چيني يا لوڙي چيني(2). جدگالي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو آهي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. هيءَ ٻولي انهن خطن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي جتي جدگال يا سندن پاڙا ۽ شاخون آباد آهن، جدگاليءَ کان سواءِ لاسي ٻولي به هن خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جدگال قبيلا، سندن پاڙا ۽ شاخون، توڙي ٻيا ڪيترائي سنڌي (لاسي) ٻولي ڳالهائيندڙ قبيلا سڄي مڪران ۾ پکڙيل آهن. اهي ڪيچ ۽ پنجگور جي واديءَ، تربت، ڪلانچ، ڪولوا ۽ گوادر جي آسپاس آباد آهن. اهڙي طرح ايران ۾ باهو ۽ دشتياريءَ ۾ به جدگال ۽ ٻيا سنڌي گهڻا رهن ٿا.(3) جيڪي هزارين سالن جي گذرڻ جي باوجود انهيءَ حصي ۾ پنهنجي ٻولي قائم رکندا اچن.

لوري چيني (لوڙي چيني)، لورا ۽ لوري قوم جي ٻولي آهي. هيءَ ٻولي به سنڌي ٻوليءَ سان ملي جلي ٿي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته هيءَ ٻولي سنڌي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتل آهي.(1) لفظ چيني، سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”چئيني“ يعني ”چوي ئي ٿو“ مان نڪتل آهي:(2) جنهن جي معنيٰ آهي ”ٻولي“.

لورا اصل سنڌ جا رهاڪو هئا جيڪي سنڌ مان لڏي بلوچستان ۽ ايران طرف روانا ٿيا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوڇ صاحب لکي ٿو:

”لورا، لنگها ۽ مڱڻهار راڳ جا ماهر اڳواڻ هئا. اهي جڏهن ساساني درٻار ۾ پهتا ته اتي پنهنجي راڳ رس جا اهي ته منڊل مچايائون جو هنڌين ماڳين سندن مشهوري ٿي ويئي. بادشاهه پاڻ کين شوق سان گهرايو هو، انهيءَ ڪري سندن وڏي قدرداني ٿي. انهيءَ قدردانيءَ جون خبرون ٻڌي ٻيا سندن ساٿي سنڌ مان ايراني پهتا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي انهن ماهر لورن راڳيندڙن، ايران ۾ سڪونت اختيار ڪري پنهنجي مخصوص موسيقيءَ کي مروج ۽ مشهور ڪيو“.(3)

هن سلسلي ۾ اها خبر نٿي پوي ته هن خطي ۾ جدگالي، لوري چيني، لاسي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جو في سيڪڙو ڪيترو آهي؟ آدمشماريءَ جون رپورٽون انهيءَ سلسلي ۾ ڪا به مدد نه ٿيون ڪن. هن قسم جو صحيح احوال تڏهن ملي سگهندو. جڏهن سنڌي زبان ۽ ان جي لهجي جو خطي وار جائزو ورتو ويندو، يا بلوچستان جو علم الانسان (Anthropology) جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيو ويندو، يا بلوچستان ۾ رهندڙ قبيلن جي تاريخ (Ethnographical History) لکي ويندي.

بلوچي ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جو اثر

هن کان اڳ بلوچستان جي مختلف خطن جي بيان ۾ مجموعي طور بلوچستان تي سنڌ جو سياسي، سماجي، تجارتي ۽ مذهبي اثر ثابت ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ قديم زماني کان انهن ناتن هجڻ ڪري نه فقط اتي سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ٿيو آهي، ۽ نه فقط ڪن خطن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان هجڻ جي حيثيت حاصل ٿي آهي. پر ان سان لهجن يعني مغربي لهجي توڙي مشرقي لهجي تي سنڌي زبان جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي(1). اهو اثر نه فقط لفظن (اسمن، ضميرن، صفتن، فعلن ۽ ظرفن) جي اُڌاري وٺڻ جي صورت ۾ نمايان آهي(2)، پر بلوچي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاء ۽ صوتياتي نظام تي پڻ ظاهر آهي. ان ڏس ۾ ميجر ماڪلر (Major Mockler) لکي ٿو:

”بلوچي زبان جي صوتياتي نظام ۾ (ٽ، ڊ ۽ ڙ) جا آواز هندستاني ٻولين مان داخل ٿيا آهن“ (3).


(4)  ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 159.

(5)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص 156.

(1)  ايضاً، ص ص 156 ۽ 157.

(2)  ايضاً، ص ص 74-76.

(1)  ڀيرومل اڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 159.

(1)  تاج محمد عباسي: مقالو: ”سنڌي ٻوليءَ جي لاسي اُڀڀاشا“، نئين زندگي، جولاءِ – آگسٽ، 1976ع، ص ص 35-32.

(2)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص ص 82-81.

 Also See Griersan H. E. linguistic survey of India Vol. VIII, pp 62-63.

(1)  رامچند – ايس، کتري: شري هنگلاج جي ياترا، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 172.

(2)  مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، ڪراچي سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 11، ۽ پڻ ڏسو: چچنامو، 1954ع، ص 21.

Also see: Extract  from the District and states Gazetteer of Punjab (Pakistan) Vol. III Lahore Research Society of Pakistan university of Punjab. 1977- p- 378.

(1)  مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، ص 11، ۽ پڻ ڏسو چچنامو، 21

(2)  حوالو پهريون، ص 12، ۽ پڻ ڏسو چچنامو، 23.

(3)  Mir Ahmed Yar Khan Baloch, Inside Baluchistan, Op. Cit. p.54. Also seeE Baluchistan Dist. Gazetteer series, Makran and Kharan, Vol VII, Bombay, The Times Press, 1907, pp. 41-72.

(1)  رامچند – ايس کتري: شري هنگلاج جي ياترا، ص 177.

(2)  ايضاً.

(3)  چچنامو، ص 65

(4)  رامچند – ايس کتري: شري هنگلاج جي ياترا، ص 177.

(5)  ايضاً ص 177.

(6) Mir Ahmed Yar Khan, Inside Baluchistan, Op. Cit. p. 54.

(1)  حوالو چوٿون

(2)  حوالو چوٿون.

Also see: Baluchistan Gazetteer, p. 42.

(3) District Census Report of Makran District, 1961, pp. 1-14.

(4) Mir Ahmed Yar Khan, Op. Cit. P 54.

(5) District Census Report of Makran District, 1961, pp. 1-14.

(1) Ibid, pp. 1-14.

(1)  ملڪ محمد سعيد بلوچ: بلوچستان ما قبل تاريخ، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 188.

(1)  ملڪ محمد سعيد بلچ: بلوچستان مان قبل تاريخ، ص 161.

(2) Holdich, Th., The Gates of India, A historical narrative, London, 1910, p.289.

(3) Sigrid Westphal – Hellbuisch, W., The Jats of Pakistan, Duncker and Humblot, Berlin, 1964, pp.100-106.

(1) Mir Ahmed Yar Khan, Inside Baluchistan, op. cit. p. 55.

(2) District Census Report of Makran District, 1961, pp. 1-14.

Also see: Baluchistan Gazetteer, op. cit, p.63.

(1) Ibid, p.60.

(2) Ibid, p. 86.

(3) Baluchistan Gazetteer, p. 95.

(1) Ibid, p.67.

(2)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 22.

(1)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع، ص 95.

(2)  مولائي شيدائي: لکي ٿو ته رئيسياڻي ۽ شهواڻي بروهين جون شاخون آهن. ڏسو: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 52.

(3) Baluchistan Gazetteer, p.101.

(4) Ibid, p. 98.

(5) Ibid. p. 104.

(6) Baluchistan Gazetteer, p. 104.

(1)  Ibid, p. 101.

(2) Ibid.

(3) Ibid.

(1)  چچنامو، ص 438.

(2)  ڏسو چچنامو، ص 438.

Also see: District Census Report of Makran District, 1961, pp. 1-14

Also see: Baluchistan Gazetteer, p. 85.

(3)  مولائي شيدائي، جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 93.

(4) Elliot, H., History of India, Vol. I. p. 521.

(1)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ، ص 93.

(2) Baluchistan Gazetteer, p. 106.

(3) Baluchistan Gazetteer, p. 106.

(1) Ibid, p. 58.

(2)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ ۾ لوڙي چيني لفظ ڪم آندو آهي ڏسو: جنت السنڌ، ص 22.

(3) Baluchistan Gazetter, p.58.

(1) Ibid, p.76.

(2) Ibid.

(3)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز،1978ع، ص ص 7 ۽ 8

(1) George Morgestierne, Report on a Linguistic Mission to North Western India p, :5.

(2) Mockler, E., A Grammar of the Balochee Language, London, Henry S. Kings and Co, 1877, 78.

(3) Ibid.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com